هن جي دل ۾ نسيم جي لکڻين لاءِ ڏاڍي عزت هوندي
هئي. هن کي نسيم جو بي باڪ انداز وڻندو هو. پر
ڪڏهن ڪڏهن هن کي ان ۾ اهو جوش نظر ايندو هو، جيڪو
نسيم کي هڪ ري ايڪشنري جي حد تي لاهي ايندو هو.
تڏهن به کيس اها خبر هئي ته اهڙيون ڪهاڻيون ۽ ناول
لکندڙ وٽ ٻين ليکڪن لاءِ به ڪا راءِ ضرور هوندي
آهي. هن جي اڳ نسيم سان ڪڏهن ملاقات ڪا نه ٿي هئي،
پر ساڻس هن ملاقات کان پوءِ کيس ائين ٿي لڳو، ڄڻ
وري هن سان ڪڏهن ملاقات ٿيڻ جو ڪو امڪان به ڪونه
هو.
گهر پهچي افضل سڌو وڃي پنهنجي ڪمري ۾ ڪرسيءَ تي
ويٺو. ته ڇا هن جون ڪهاڻيون واقعي بور آهن، يا هو
واقعي فلرٽ آهي؟ هن ته ڪا فلرٽ ڳالهه ڪا نه ڪئي.
هن ته ڪڏهن فلرٽ ڪرڻ جو ڪو نه سوچيو آهي.هن ته
هميشه دل جي ڳالهه کي زبان تائين پئي آندو آهي.اها
ئي ته هن جي واحد خوبي هئي، جنهن تي خود کيس به
ناز هئو ته هن ڪڏهن به پنهنجي دل جي ڳالهه ڪونه
لڪائي هئي. تڏهن ئي ته هن ڪالهه ڪاليج جي نڪ، رعنا
کي منهن تي ئي چيو هو ته ”رعنا، ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو
منزل جي ڳولا ۾ منزل کي به پويان ڇڏي ويندا آهن.
مون کي به پنهنجي منزل جي ڳولا هئي. پر اها خبر نه
هئم منزل منهنجي ايترو ويجهو آهي.“ اهي لفظ ٻڌي
رعنا جهڙي بي ڌڙڪ ۽ بي باڪ ڇوڪري ڪيئن نه شرم کان
گلابي ٿي وئي هئي!
افضل کي پنهجن لفظن جي اهميت ۽ قوت جو پورو اندازو
هو. هن کي ماڻهن جي ٺوٺ چهرن تي مرڪ جي لالي پکيڙڻ
۾ ڪمال حاصل هو. ان ڳالهه ۾ هو مشهور ناول نگاروي-
ايس نيپال کي مڃيندو هو، جيڪو چوندو هو ته مزاح ۽
زنده دلي زندگيءَ جا اڻ ٽر عنصر آهن. چاهي ڪيترو
دکدائڪ واقعو ڇو نه بيان ڪيو وڃي تڏهن به ان مان
مزاح جو پهلو حاصل ڪري سگهجي ٿو. اهو ئي ڪم ته هو
به ڪندو رهندو هو.
رعنا هن اڄ به ڏٺي هئي. هوءَ کيس ڏسڻ بنا ئي هلي
وئي هئي. پر هن ڏٺو پئي، هن جي اندر جي فنڪار ڏٺو
پئي ته رعنا جو سڄو وجود اکيون بنجي هن ڏانهن ڏسي
رهيو هو. هن کي ڪئين دفعا رعنا جون نگاهون پنهنجن
قدمن سان وچڙنديون محسوس ٿيون ۽ هو ڪرندي ڪرندي
بچيو هو. هن کي خبر هئي ته خود سندس ڪردار هڪٻئي
سان ڪهڙو ورتاءُ ڪندا هئا. رعنا به بلڪل ائين ڪري
رهي هئي. هن جو هر قدم چئي رهيو هو ته هو کيس سڏ
ڇونه ٿو ڪري، پاڻ سان گڏ هلڻ جو ڇو نه ٿو چوي؛ پر
افضل چاهيندي به هن ڏانهن نه وڌيو. هو چپڙي ڪري
پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو. هونئن ته هو شام واري
فنڪشن لاءِ تقرير لکي رهيو هو، پر سندس ڌيان رعنا
۾ رڌل هئو. شايد رعنا اهڙي هستي هئي، جنهن جا طور
طريقا هن کي وڻندا هئا. هن جو سدائين مغرور انداز
۾ کلڻ، هر ڳالهه کي هلڪي انداز ۾ وٺڻ هن کي ڏاڍو
وڻندو هو. پر هڪ ڳالهه جي ڪري هو ڪڏهن به وڌي رعنا
سان ڪو نه مليو هو. اها ڳالهه هئي هن جي ذاتي انا.
هن نه ٿي چاهيو ته صرف ڪنهن چڱي سنگت حاصل ڪرڻ جي
خاطر هو به انهن ناڪام عاشقن جي صف ۾ شامل ٿي وڃي،
جيڪي رعنا جون جهڙڪيون ۽ ٽوڪون ٻڌڻ کانپوءِ به با
ادب با ملاحظه هن جي ڀرون جي هڪ اشاري جا منتظر
ورانڊن ۾ پيا اول پتڻ ٿيندا هئا. سڄو وقت ائين ئي
گذري ويو هو. واپسيءَ تي هن کي رعنا نظر ئي ڪو نه
آئي هئي.
ڪرسيءَ تي ويٺي ويٺي هن کي ننڊ جو جهوٽو آيو.
’ماني کان يا نه.‘ هن سوچيو، پر ’هينئر ڇا هوندو؟‘
اڪيلي زندگيءَ جو احساس کيس ورائي ويو. هن کي به
گهر هو، ماءُ هئي، پيءُ، چاچا ۽ ماما هئا پڦيون
هيون، پر اهي سڀ ڳوٺ ۾ هئا. جتي سک هو، سانت هئي.
ليڪن هت، هت اڪيلو هو، پاڻ ۽ پنهنجا خيال – قلم هن
جو ساٿي هو پر ڪڏهن ڪڏهن ماڻهوءَ کي قلم کان به
وڌيڪ ڪن قرب ڀريل لفظن جي ضرورت ٿيندي آهي.
اوسيئڙي ۾ ويٺل اوجاڳيل اکين جي احساس جي ضرورت
ٿيندي آهي. هن جي ماءُ ته ماني پچائيندي، هن جي
نالي واري ماني ئي جدا ڪري رکندي هئي ۽ هڻ، هتي هو
هوٽل ۾ پڪل ماني کائيندو هو، جنهن تي ڪنهن جو به
نالو ڪو نه ٿيندو آهي، ڪو به پئسا ڏئي ڪا به ماني
وٺي سگهي ٿو.
نالي ته هن جي ڇوڪري به هئي. حميده سندس ننڍپڻ جي
ساٿي هئي. سهڻي، سلڇڻي ۽ خاموش – پر افضل هن جي
باري ۾ ڪجهه به سوچڻ نه چاهيندو هو. ڇو؟ ڇو جو
پوءِ هوءَ کيس ڏاڍي ياد ايندي هئي. هو بي چئن ٿي
ويندو هو. تنهن ڪري هو حميده جي باري ۾ ڪجهه به نه
سوچيندو هو.
هو ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ کٽ جي پيرانديءَ رکيل ويڙهيل
هنڌ کي ٽيڪ ڏئي ليٽي پيو – وڌندڙ سيءَ هن جي جسم ۾
ڏڪڻي پيد ڪري وڌي هئي. هن چاهيو ته ڪو کيس چانهه
جو گرم گرم ڪوپ پياري – گرم گرم ڪوپ چانهه جو –
سوچيو ۽ زور سان ٽهڪ نڪري ويس. ’ڪيڏيون ته معصوم
تمنائون آهن اسان جون.‘ هن دل ۾چيو ۽ ڪر موڙي هڪ
وڏو ٿڌو ساهه ڀريائين.
جمع جو ڏينهن هو. افضل گرم گرم هنڌ ۾ اڌ ننڊ ۽ اڌ
جاڳ جا خواب ڏسي رهيو هو. هن کي خوابن سان پيار
هو. خوابن جي جادوءَ هن جي وجود تي قبضو ڪري ورتو
هو. هن سان خوابن جيڪا مهرباني ڪئي هئي، سا اها
هئي ته هن کي هميشه سندس پسند جا خواب نظر ايندا
هئا. هو سوچيندو هو ته جي خواب نه هجن ها ته هو
زندهه ڪيئن رهي ها! خواب، جيڪي هو جيئري جاڳندي
زندگيءَ جيان ڏسندو هو. شايد هن جي تخيل جي قوت
تيز هئي. ايتري تيز جو پنهنجي گهرج مطابق هر منظر
۽ هر چهرو پنهنجي مرضيءَ جي حالت ۽ ڪيفيت ۾ ڏسي
سگهندو هو.
رات جو هو خواب ۾ نسيم سان بحث ڪندو رهيو هو. نسيم
کي زندگيءَ جي خوبصورت پهلوءَ جي باري ۾ سمجهاڻيون
ڏيندو رهيو هو ۽ نسيم چپ چاپ پنهنجي هٿ جي پٺيءَ
تي کاڏي رکيو، هن جون ڳالهيون ٻڌند رهي هئي. هن دل
ڀري نسيم سان ڳالهيون ڪيون هيون. هو مر سوفو ڪليس،
ارسٽافنس ۽ يوريپائيڊس کان وٺي، ڪاليداس، ٽئگور،
مارلو، بن جانس، اياز ۽ امر جليل سميت سمورن ادبي
شخصيتن تي ڳالهايو هئائين. ٻوليءَ جي جادوءَ تي
ڳالهيون ڪيون هئائين. پنهنجو سمورو مطالعو ڪڍي هن
جي آڏو پيش ڪيو هئائين ۽ هوءَ ٻڌندي رهي هئي. چپ
چاپ، مرڪندڙ نگاهن سان ڏانهس تڪيندي رهي هئي.
فجر نماز جي ٻانگ هميشه جيان هنکي سندس خوابن جي
دنيا مان واپس آندو هو. پر عام ڏينهن جي ابتڙ هو
هنڌ ۾ ئي ليٽيو رهيو ۽ سندس ذهن ۾ ڪئين خيال
صورتون وٺي ايندا رهيا. انهن مان ڪي صاف طور نظر
پئي آيا ته ڪن ۾ اهڙي جهر جهر ٿي نظر آئي جهڙي ٽي
– ويءَ جي ائنٽينا ڦرڻ جي ڪري، ٽي – وي سيٽ تي نظر
ايندي آهي. انهن جهڪن منظرن ۾ رعنا جو چهرو به
شامل هو، جيڪو ڳنڀيرتا جو نقاب پايو هن جي روح ۾
ليئا پائي رهيو هو. هن ڪوشش ڪري اهو چاهيو ته رعنا
کي مرڪندو ڏسي. پر رعنا جو عڪس بغاوت ڪري بيٺو.
هوءَ خاموشيءَ سان ڏانهس گهوريندي رهي. سندس
زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو خواب ۾ ڪنهن چهري سندس مرضي
مڃڻ کان ناڪار ڪئي.
ڪنهن ڪنهن مهل هن کي ڪي اهڙا منظر نظر پئي آيا،
جيڪي هو سمجهي ڪو نه پئي سگهيو. ڪنهن مهل خاموش
رات ۾ ڪنهن جيت جو آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيس، وري نسيم
جو چهرو آيو ٿي ۽ لنگهي ٿي ويو – ڪنهن مهل ڳوٺ ۾
اوڏڪين ڀتين واري جاءِ جي ويڪري اڱڻ ۾ رنگ ڦٽل
جنڊيءَ جي کٽ تي ويٺل ماءُ ٿي نظر آيس. هن جي
نگاهن ۾ اوسيئڙو نظر ٿي آيس – رکي رکي هن کي ڌنڌ ۾
ويڙهيل هڪ منظر ٿي ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو هن اڳ ڪڏهن به
ڪو نه ڏٺو هو. هن کي گهرجي اڱڻ ۾ کٽ تي ڪو ليٽيل
پئي نظر آيو. اڇي ڪفن ۾ ويڙهيل خاموش چهرو جنهن تي
سڪون پئي نظر آيو. ڪيترائي اجنبي چهرا ان جي
چوڌاري بيٺا هئا، پر هن کي ڏسندڙن ۾ هڪ اهڙو چهرو
به نظر اچي رهيو هو، جنهن تي نظر پوندي ئي هو ڇرڪي
ويو ۽ چڱيءَ طرح اکيون کولي ڪمري ۾ سرڪي ايندڙ
سويري کي ڏسڻ لڳو. هي ڇا؟ رعنا اتي ڇو هئي؟ اهو
خواب ڪهڙو هو؟ هو ته سندس پسند جو خواب ڪو نه هو.
”کير وارو.“ در تي ٺڪاءُ ٿيو ۽ کير واري هوڪو ڏنو.
هن اٿي ميز تي رکيل گلاس کنيو ۽ در کولي کير واري
کان کير ورتائين. کير وارو سائيڪل کڙڪائيندو وڌي
اڳتي هليو ويو.
”ابا، مون چانهه ٺاهي آهي، پيئندين؟“ مائي ڦاپو
پنهنجي گهر جي در مان بيٺي چيو.
”ها ماسي – ڏي.“ افضل چيو. هن کي مائي ڦاپوءَ جي
خودداري ڏاڍي وڻندي هئي. هوءَ به کيس پٽن وانگر
ڀائيندي هئي ۽ افضل هن جي مدد به ڪندو رهندو هو.
امير ته ڪو پاڻ به ڪو نه هو پر مڇي مانيءَ وارو
هو. ٻه چار ڏوڪڙ گهران به ملي ويندا هئس ۽ ڪاليج
۾ ليڪچراريءَ کان سواءِ لکڻين مان به ڪافي پئسا
ڪڍي وٺندو هو. مائي ڦاپو منجهند جو سندس گهر ۾ اچي
ڇنڊ ڦوڪ ڪندي هئي ۽ ماني ٺاهي ويندي هئس. هو به ان
جي موٽ ۾ سندس مدد ڪندو رهندو هو.
”ابا، هاڻ کڻي شادي ڪر.“ مائي ڦاپوءَ چانهه جو
پيالو هن جي سامهون رکندي چيو.
”اهو بار امان تي آهي ماسي.“افضل مختصر جواب ڏنو ۽
هن به وڌيڪ ڳالهه ڪو نه ڪئي.
”ڏاڍي بک لڳي اٿم!“ هن چيو. مائي ڦاپو جيڪا ڪنهن
خيال ۾ ٻڏل هئي سا بنان ڪو جواب ڏيڻ جي بورچيخاني
ڏانهن وڃڻ لڳي.
افضل مٿي تي ٽوال ويڙهي اڱڻ ۾ لڳل گينڊيءَ تي
ٽنگيل آئيني جي اڳيان وڃي بيٺو.
’هي اهو افضل آهي، جيڪو مشهور اديب آهي. هزارين
ماڻهو هن کي چاهن ٿا، هن جو احترام ٿا ڪن. جلسن،
ادبي ميڙن ۽ محفلن ۾ فوٽو گرافر هن جي اڳيان پٺيان
ٿا ڦرن. آٽو گراف وٺندڙ راهون ٿا روڪيو بيهن.
ڪيتريون اکيون جنهن کي ياد ڪري اوجاڳن جون عادي ٿي
چڪيون آهن. واهه واهه ۽ تاڙين جا ڦهڪا هر هنڌ هن
جو استقبال ٿا ڪن. پر مائي ڦاپو هن کي شاديءَ جون
صلاحون ٿي ڏي. رعنا هن وٽ اچي خاموش ٿي ٿي وڃي ۽
نسيم هن کي فلرٽ ٿي ڪوٺي.‘ هن سوچيو ۽ پوءِ ٽهڪ
ڏيندي زور سان چيائين، ”واهه سائين، شاهه صاحب سچ
چيو آهي،پلئه پايو سچ، آڇيندي لڄ مران. اڄ کان
افضل خان تون فلرٽ آهين ته تنهنجا خيال به فلرٽ.“
وري ٽهڪ ڏئي زور سان چيائين، ”منهنجي قبر جو ڪتبو
– هتي افضل نالي هڪ فلرٽ اديب دفن آهي.“
اڃا ڀنڀرڪو ئي هئو ته نسيم جي اک کلي وئي. خبر
ناهي ڇو سڄي رات ننڊ هن سان لڪ لڪوٽي راند ڪندي
رهي هئي. هن جو سڄو جسم ڏکي رهيو هو. اندر ۾ ڪا
آنڌ مانڌ هوس، جيڪا هن جي سمجهه کان ٻاهر هئي. هن
کي اهڙا موقعا ته ياد هئا، جڏهن هن تي اُداسيءَ جا
دورا پئجي ويندا هئا ۽ دل هر ڳالهه، هر شئي مان
کٽي ٿي ويندي هئس، پر هن قسم جي حالت اڳ ڪڏهن به
ڪو نه ٿي هئس. هن جي اها ڪيفيت ايتري ته وڌي وئي
جو هو پنهنجي هنڌ مان اٿي ٻئي ڪمري ۾ رعنا جي سوڙ
۾ وڃي گهڙي ۽ ڳراٽڙي وجهي سمهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي.
رعنا صرف اون جو هلڪو آواز ڪيو ۽ ڇڪي کڻي پنهنجي
سيني سان لڳايائينس.
”رعنا رعنا.“ نسيم آهستي چيو. ڄڻ ته ائين ڀڻ ڀڻ
ڪندي هجي.
رعنا هن جو ڪنڌ ڇڪي پنهنجي سيني سان لڳايو ۽ وري
ڪنڌ مٿي ڪري ٻنهي ڳلن تي چميون ڏنائينس. نسيم سوڙ
۾ اندر رعنا جي ننڊاکڙيل اکين ۾ ڏٺو۽ ڀيڻ جي پيار
جي احساس سان سندس دل ڀرجي آئي.
”رعنا – رعنا“ هن وري آهستي چيو.
”ڪهڙا ڦسڪا لڳايا اٿو؟“ رشيده جا باهه سان ڀريل
لفظ ڪمري ۾ گونجار ڪرڻ لڳا،”جمع جي ڏينهن به آرام
ڪرڻ ڪو نه ٿا ڏين. انڌيون ٻه اکر وڌيڪ ڇا پڙهي
پيون آهن، دماغ ئي آسمان تي پهچي ويو اٿن.“
نسيم هن جا ڪڙڪا ٻڌي رعنا سان چنبڙي وئي ۽ رعنا
محسو ڪيو ته دنيا جهان کي ڪنبائڻ واري نسيم جي دل
هڪ ننڍڙي ٻار جي دل جيان تيز تيز ڌڙڪي رهي هئي.
”ننڊ ته منهنجي نصيب ۾ ڪانهي. آءٌ ته آهيان ئي بد
نصيب.“ رشيده جو آواز مسلسل پئي آيو.
”هاڻ ته کڻي ماٺ ڪر.“ ماڻس سوڙ جي اندر ڀڻڪو ڪيو.
”تون ته ماٺ ڪر – عمر به ڪا عمر ٿيندي آهي. هاڻ ته
ڇڏيو جان.“ رشيده هن ڏانهن منهن ڪندي چيو.
”اڙي ڪو چانهه جو ڪوپ ملندو. . . . ماني ته وڃي ٿا
هوٽل تي کائون. ننڊ به ڪا ننڊ آهي،سڄي رات گذري
وئي پر هنن جي ننڊ نه وئي.“ پيءُ ورانڊي مان بڙبڙ
ڪندي چيو.
”هن جي ته خدا ننڊ ڦٽائي آهي.“ رشيده رخ بدلايو.
رعنا نسيم جي پٺي ٺپري اٿي.”شايد نوڪر ڪو نه
آيوآهي.“ هن چيو.
”تنهنڪري تون نوڪري ڪر.“ نسيم تلخ لهجي ۾ آهستي
چيو. رعنا سوڙ کڻي هن کي ڳل ۾ هلڪي چهنڊڙي
هنئي.نسيم جي اها ادا کيس ڏاڍي وڻندي هئي. حالانڪه
بزدل هوءَ پاڻ به ڪا نه هئي پر مصلحت پسند ضرور
هئي. وڏي ڳالهه ته ماءُ پيءُ سان پيار هئس. هوءَ
نه چاهيندي هئي ته سندس ضد يا ڪاوڙ جي ڪري پوڙها
ماءُ ۽ پيءُ تڪليف ڪاٽين. جڏهن ته نسيم ڪاوڙ جو
اظهار ڪري وجهندي هئي ۽ ان خيال جي هئي ته هر
ماڻهو پنهنجي عمر مان فائدو وٺي ٿو ۽ هر ماڻهو
پنهنجي لاءِ جيئي ٿو - ۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي لاءِ
نه ٿا جيئن اهي ڄڻ ته پراين گناهن جا صليب پنهنجن
ڪلهن تي کڻي ٿا هلن. هن کي ان حد تائين قربانيون
ڏيڻ جو ڪو شوق ڪو نه هو. باقي قلم رستي هوءَ هر
ڳالهه ڪري ويندي هئي ۽ چوندي هئي ته ان جي ڪري
جيڪا تڪليف اچي، اها سهجي. ڇو جو اها اجتماعي
فائدي جي لاءِ هوندي. باقي انفرادي قربانيون ڏيڻ
جو هن کي ڪو شوق ڪونه هو.
”منهنجي لاءِ بيدو به بوائل ڪجانءِ“ رشيده رڙ ڪئي.
”منهنجي لاءِ به پٽ.“ ماءُ آهستي چيو.
”هر ڳالهه ۾ پنگوري بيٺي آهي. پنهنجي ڳالهه ته
ڪرڻ ئي ڪو نه اچيس.“ رشيده تيزيءَ مان چيو.
”اختر . . . . او اختر.“ هن اختر کي سڏ ڪيو. جيڪو
نوجوانيءَ جي ننڊ ۾ گم هو. هن ڪو به جواب ڪو نه
ڏنو.
”وري ان کي ڇو ٿي اٿارين؟، ماءُ چئي ڏنو ۽ رشيده
جي ڪنهن زهر ڀريل جملي جو انتظار ڪرڻ لڳي. پر هن
طرف خاموشي ڇانئجي وئي هئي.
در تي گهنٽي وڄڻ جو آواز ٿيو، وري در کلڻ جو آواز
ٿيو.
”نسيم . . . . سليم آيو آهي.“ رعنا جو آواز آيو.
”صبح ساڻ اچيو بيهن.“ رشيده ڀڻڪي.
نسيم ٽپ ڏئي هنڌ مان نڪتي ۽ ٽوال سان منهن مهٽيندي
پنهنجي ڪمري ڏانهن ڀڳي. هن کي يقين هو ته سليم صبح
ساڻ ايندو ۽ هن اڃا لکيل پنن تي نمبر ئي ڪو نه
هنيا هئا. ٻاهر رعنا سليم سان ڳالهائي رهي
هئي.سليم هن کان سڀني جي طبيعت پڇي رهيو هو ۽
راتوڪي فنڪشن جي روئداد ٻڌائي رهيو هو.
”نسيم افضل سان ڏاڍو تکو ڳالهايو، هن جي جملي رعنا
جي دل جي ڌڙڪڻ تيز ڪري ڇڏي. هن خود چاهيو ٿي ته
کيس ڪنهن ريت ڪالهوڪي فنڪشن جي خبر پوي پر هن نسيم
کان پڇڻ نه ٿي چاهيو. خبر ناهي ته ڇو هوءَ ڪالهه
افضل سان ملي به ڪو نه سگهي هئي. حالانڪه سندس دل
چاهيو ٿي ته هو پاڻ وٽس اچي. پر هو نه آيو. وري ڪن
دوست ليڊي ٽيچرس کي بزار مان خريداري ڪرڻي هئي سي
کيس زوريءَ وٺي ويون هيون.
افضل به وڏو اديب آهي، شايد هن اهو دل ۾ ڪيو
هوندو.“ سليم چئي رهيو هو.
”ادا، نسيم جا ڪم نسيم ڄاڻي.“ رعنا چئي رهي هئي.
هن کي رڌڻي ۾ چانهه جي ديڳڙيءَ جو ڍڪ ٻاڦ جي زور
تي ٿڙڪندو ٻڌڻ ۾ پئي آيو.
”هي وٺو ڪتاب – صفحا پاڻ هڻجوس.“ نسيم پنا
سنڀاليندي ڪمري مان نڪتي. هن سليم ڏانهن ڏٺو به ڪو
نه.
”مون صفحن تي نمبر هڻي ڇڏيا هئا. ”رعنا هٿ ڇنڊيندي
رڌڻي ۾ ويندي چيو.
”تو کان ته چڱو هئو ته مس رعنا رائٽر هجي ها.“
سليم پنا وٺندي چيو.
”هينئر به دسترخوان ۽ ڪشيده ڪاريءَ تي ڪتاب لکرائي
سگهين ٿو.“ نسيم اهڙين نگاهن سان بورچيخاني مان
نظر ايندڙ رعنا ڏانهن ڏسي چيو، ڄڻ چوڻ چاهيندي هجي
ته سڄي جواني ائين ئي ويندءِ. موٽ ۾ رعنا هن ڏانهن
جن پيار ڀريل نگاهن سان ڏٺو، تنهن هن جي رڳ رڳ ۾
خوشيءَ جي لهر ڊوڙائي ڇڏي.
”آئون وڃان!“ سليم چيو.
”اچڻ جو ته ڪو نه پڇيو هوئي.“ نسيم وراڻيو.
”هتان لنگهيس پئي، سوچيم ته ناول کنيو وڃان. اڄ ئي
پريس ۾ ڏيندس. ويهه ٽيهه جو اڇو پنو ته ملي ئي ڪو
نه ٿو ارڻهن ٽيويهه به وڃي چوٽ چڙهيو آهي. آءٌ
ڀانيان ته جلدي سڀ پنو خريد ڪري ڇڏيان نه ته
هروڀرو قيمت به وڌائڻي پوندي.“ ته سليم تيز تيز
ڳالهايو پئي.
”ائين ئي هوندو.“ نسيم چيو. وري دل ۾ چيائين، ’سڄي
عمر ڪوڙ ڳالهائيندي گذري ويندي ڪڏهن ته ماڻهو سچ
به ڳالهائي:
”چانهه پي وڃو.“ رعنا چانهه جو ڪوپ هن کي هٿ ۾
ڏيندي چيو.
”چانهه پئي ٺهي يا ڪو پلاءُ پيو ٺهي!“ رشيده رڙ
ڪئي ۽ رعنا ٽري ۾ چانهه ۽ بوائل بيدو کڻي ڪمري ۾
هلي ويئي.
”ڀلا ٻيو ڇا پئي لکين؟“ سليم پڇيو.
”سوچيان ٿي ته اهڙن ماڻهن جي ڪهاڻي لکان، جيڪي
اندر ۾ ڪجهه آهن۽ ٻاهر ڪجهه. جيڪي ڊپ وچان پنهنجو
پاڻ سان به سچ ڪو نه ٿا ڳالهائن ۽ آخر ائين ئي
خالي هٿين، خالي ذهن هن دنيا مان هليا ويندا. سندن
وجود مان هن ڌرتيءَ ۽ ڪائنات کي ڪو به فائدو رسڻو
ناهي. شايد هو صرف ها ۾ ها ملائڻ لاءِ پيدا ٿيا
آهن، ڪنفرمسٽ.
سليم تڪڙو تڪڙو گرم چانهه جا ڍڪ ڀرڻ لڳو.
افضل هوٽل ۾ هڪ ڪنڊائتي ميز تي چپ چاپ ويٺو هو.
اڄوڪو سڄو ڏينهن هن لاءِ قيد تنهائيءَ مثل گذريو
هو. وٽس ڪو آيو ڪو نه ۽ پاڻ ڪنهن ڏانهن وڃڻ ڪو نه
ٿي چاهيائين. هن جي دل چاهيو پئي ته اڄ ڪو ساڻس
اچي ڳالهائي. وٽس اچي ويهي. خوابن ۾ نه پر حقيقت ۾
- ڪو سندس ڳالهيون ٻڌي ۽ پاڻ ڪجهه ٻڌائي – هو
ماڻهن جي ميڙ ۾ پنهنجو پاڻ کي اڪيلو ۽ غير محفوظ
سمجهي رهيو هو. هن کي ڳوٺ جون محفلون ياد اچي
رهيون هيون. ترونجن جا باغ، هيرڻ جا وڻ، ڪڻڪ جون
پوکون، سرنهن جا گل، پاڻيءَ سان ٽمٽار واٽر ڪورس،
پسيل ٻنا، زمين جي ڪک مان ڦٽندڙ ساوا سلا ۽ ڇوڪرن
۽ ڇوڪرين جا ولر. گنديون واٽر ڪورس جي ڀر ۾ ٺهي
ويل پاڻيءَ جي دٻن ۾ وجهي ننڍيون ننڍيون مڇيون
ڦاسائڻ، گليل سان ڳيرن ۽ ڪبوترن کي چٽڻ، ڪوڙڪن ۾
بلبليون ڦاسائڻ، چيڪي مٽي ۽ سائي گاهه جي خوشبو.
ڊوڙ ۽ ڊڪ، هل ۽ هنگاما ۽ حميده سان هر وقت جو ساٿ.
معصوم ساديون ڳوٺاڻيون ڳالهيون ڏندن سان ڇلي ڪمند
چوسڻ، ڪاٺين جي باهه تي ٺهيل چانهه، نيرن تي ڳڙ
سان ڀريل مکڻ ۾ ٻڏل بسريون. هن جو ذهن سڄو ڏينهن
مصروف رهيو هو. اڪيلائي جو احساس شديد کان شديد تر
ٿيندو پئي ويو. ’جي ڪاليج کليل هجي ها ته آءٌ پاڻ
وڃي رعنا سان ملان ها.‘ هو سوچي رهيو هو.
”هلو افضل!“ سليم هن کي خيالن جي هجوم مان ڪڍي
وڌو.
”ويهه سليم.“ هن ٿڌو ساهه ڀريندي چيو.
”ٻاهر ته مينهن شروع ٿي ويو آهي.“ سليم ڪوٽ کي
مضبوطي سان جهليندي چيو.
”ته ڇا ٿيو – موسم آهي.“ افضل چيو.
”تون ته سائين آهين اديب، جون جولاءِ جون لڪون ۽
ڊسمبر جنوريءَ جا سيءَ، تنهنجي لاءِ ته تجربا آهن،
پر اسان غير اديب رهڙجو وڃون.“ سليم ڪوڙي ڪاوڙ
وچان چيو.
”تون به ته ادب گر آهين – تنهجو وجود نه هجي ته
اسين ڪيڏانهن وڃون.“ افضل هن جي هٿ ۾ ڪاغذن جو
بنڊل ڏسي چيو.
”نسيم جو نئون ناول آهي.، سليم اطلاع ڏنو.
”جلدي ڇاپ.“ افضل چيس.
”پر منهنجو خيال آهي ته تون هن تي پيش لفظ لک.“
سليم پنا هن ڏانهن وڌايا.
”نسيم کان پڇيواٿئي؟“ افضل پڇيو.
”آءٌ ٻڌل ڪو نه آهيان – هوءَ جيڪي ڪجهه لکي ٿي،
اهو آءُ جيئن جو تيئن رسڪ کڻي شايع ڪريان ٿو –
باقي ٻيو سڀ ذمو منهنجو آهي. هوءَ ڪجهه به نه
چوندي.“ سليم جواب ڏنو.
”تڏهن به پڇڻ بهتر آهي.“ افضل بچاءُ جو رستو ڳولڻ
چاهيو.
”تون مسودو ته پڙهه، آءٌ پڇي وٺندس.“ سليم پنا هن
جي حوالي ڪيا. افضل اهي سيري پنهنجي ڀر ۾ رکيا.
”ڇا پيئندين؟“ افضل پڇيو.
”ڪجهه به نه. توسان ملڻو هو. گهر ڪو نه ملئين،
سمجهيم ته هتي هوندين.“ سليم چيو، ”هي مسودو اڄ
ئي مليو اٿم؟“
”يعني!“ افضل پڇيو.
”اڄ صبح جو ويس نسيم وٽ، وٺي آيومانس.“ سليم
ٻڌايو.
”ڪر خبر ٻيو ڇاپيو ٿئي؟،افضل پڇيو.
”رازجي ڳالهه . . . . حقيقتون هميشه ساڳيون ٿيون
رهن رڳو تاريخ مٽائڻ جي ضرورت آهي، بلڪل ائين جو
جيڪڏهن ايڊيٽوريل لکڻ لاءِ ڪو موضوع نه هجي ته
هٿيارن جي ڊوڙ يا انساني حقن تي مضمون هڪيو تڪيو
تيار ملي ويندو.“سليم کلندي چيو.
”اڙي ها، چڱو جو ياد ڏياريئي، مون کي شام جو هڪ
اخبار ۾ نيوز ايڊيٽر جي آڇ ٿي آهي، وڃان؟“ افضل
پڇيو.
”واهه، ڇو نه؛ وقت به چڱو گذري ويندو، واقفيت
وڌندي، معلومات وڌندي، هڪ نئون ڌنڌو سکي ويندين ۽
. . . . پئسا به ملندا.“ سليم چيو. ”پر هي مسودو
ڪڏهن ٿو ڏين؟“
”جلدي.“ افضل اٿندي چيو.
”ڪيڏانهن! ٻاهر ته مينهن پيو پوي.“ سليم هن کي
ڪرسيءَ تان اٿندو ڏسي چيو.
”تڏهن ته ٻاهرٿو وڃان اهڙي موسم ڪڏهن ته ايندي
آهي.“ افضل ڪاغذ ڪوٽ جي اندر لڪائيندي چيو ۽
ڪائونٽر تي پئسا ڏئي ٻاهر هليو ويو. سليم هن کي
ڏسندو رهيو.
رعنا قميص جو ڪالر نئين سر ٺاهي رهي هئي. اختر کي
بازاري قميصن جا ڪڙڪ ڪالر ڪو نه وڻندا هئا. ”اهي
اڱڻ منهنجي لاڏل جا وسندا.“ هوءَ گڏوگڏ جهونگاري
به رهي هئي.
”آپا، قميص ٺهي؟“ اختر ٻاهران اڱڻ تان رڙ ڪئي.
”ٺهي پئي.“ نسيم ڪنهن ڪنڊ مان جواب ڏنس.
”پهرين راڻي پنهنجا ڪم ڪندي هوندي.“ رشيده جو آواز
به آيو.
”اڃا اٽو به ڪو نه ڳوهيو اٿو، ماني ڪڏهن ملندي؟“
پيءُ مجسم سوال ٿيو بيٺو هو.
”هر وقت ڦاٽ ڦاٽان. هڪ منٽ به سک ڪو نه اٿن، شل سک
ڦٽين.“ رشيده ڀڻڪندي چيو.
”امان، ڏئي ڇڏ زهر هڪ دفعو ته ڳالهه ئي پوري ٿئي.
انهيءَ ڏينهن لاءِ ته ڄڻيا هواسين نه!“ ماءُ
احتجاج ڪيو. هو اڱڻ ۾ پيل کٽ تي اس ۾ پنهنجا لڱ
سيڪي رهي هئي.
”تون ته چپ ڪر. ڏاڍو ڪمال ڪيو اٿئي اسان کي ڄڻي _
وڏي مهرباني ڪئي اٿئي.“ رشيده رڙ ڪري چيو ۽ هوءَ
ڀڻڪندي سلوار جي پانئچن ۾ پير لڪائڻ لڳي.
”امان، تون به هڪ منٽ ته ماٺ ڪندي ڪر.“ نسيم ماءُ
کي سمجهايو.
”منهنجي قميص.“ اختر وري رڙ ڪئي.
”اجها، اچي وئي بس.“ رعنا قميص کڻي ٻاهر آئي –
ماءُ هن جي وکريل وارن ۽ سيني تي جوانيءَ جي چٽن
آثارن کي ڏسي سوچيو، ’سامايل ڇوڪريون به مائٽ لاءِ
عذاب آهن.‘ هن کي پنهنجي جواني پئي ياد آئي، جيڪا
خبر ناهي ڪيڏي مهل آئي ۽ ڪيڏي مهل هلي وئي. صرف
اڇا وار، گهنجيل چهرو، نٻل جسم ۽ سنڌن جو سور
پنهنجي پويان ڇڏي وئي. آلين ڪاٺين کي سڪل ڇيڻي جي
باهه سان ڦوڪون ڏيندي ڏيندي اکين مان ايترو پاڻي
نڪري ويو هوس جو هاڻ ته اکيون به ڄڻ خشڪ ٿي ويون
هوس. رشيده جي تيز زبان جا چهڪ سهندي سهندي جسم به
ڄڻ نئود جو ٿي ويو هوس. هن جو آخر ڏوهه ڪهڙو هو؟
ها، هن رشيده کي پسند جي شادي ڪرڻ ڪو نه ڏني هئي
نه . . . . بس ايترو ڏوهه – هن انڪار ڪندي اهو ڪو
نه سوچيو هو ته ڪو رشيده تي ايترو اثر ٿيندو. هن
ته بلڪل ائين ڪيو هو جيئن سندس ماءُ ساڻس ڪيو هو.
هن اهي ڳالهيون ياد ڪرڻ نه ٿي چاهيون، پر اهو ٿي
سمجهيائين ته ازل کان ائين ٿيندو آيو آهي ته پوءِ
جي هن به ائين ڪيو ته ڇا ٿي پيو؟ هن کي رشيده لاءِ
پنهنجي پسند جي ور جي تلاش هئي. پر ڳوٺ ڇڏي شهر ۾
اچي رهڻ کانپوءِ زندگيءَ جي وڌيل بارن ۽ ٻوجهن جو
احساس ڪري کيس اڻ لکي طرح ائين محسوس ٿيو ته
جيڪڏهن اهي ڌيئر، پٽ بنجي سندس ساٿ ڏين ته هوند
اختر زندگيءَ ۾ وڏي حيثيت ماڻيندو. نه ته شايد هن
کي ڪنهن گئريج ۾ مستري ٿي سڄي عمر گريس ۽ موبل آئل
جي ڌپ ۾ پانن، اسڪريو ڊرائيورن ۽ پيچ ڪشن سان راند
ڪندي گذارڻي پوي.
هاڻ ته جواني رشيده جي پيشانيءَ تي پير رکي موٽ
کائي چڪي هئي. جتي اڇن وارن جو جهڳٽو ان جو واضح
نشان هو. پيشانيءَ کان پوءِ سينڌ ۾ سفيد وارن جو
وڌندڙ تعداد هن کي جوانيءَ کان اڃا به پري گهلي
رهيو هو ۽ طبيعت جي ڪوڙاڻ ته هن کي زندگيءَ کان به
پري ڪري ڇڏيو هو. بس جي خوش هوندي هئي ته اهو به
صرف پنهنجي منهن – گهر ۾، ماءُ ۽ پيءُ سان نفرت ۽
ڀيڻن سان هڪ نه محسوس ٿيندڙ حسد؛ احساس ڪمتريءَ جو
شڪار.
”امان ٽماٽا ته آهن ئي ڪو نه.“ رعنا رڌڻي مان رڙ
ڪئي. نوڪر اڃا غائب هو.
”ڪالهه ڀاڄيءَ وارو در تي آيو هو پر . . . .
رعنا.“ ماءُ ڪا ڳالهه ياد ڪندي چيو.
”هون.“ رعنا رڌڻي مان ڪنڌ ڪڍيو.
”ڪالهه ٽپالي تنهنجي لاءِ ڪو خط ڏئي ويو هو.“
ماءُ چيو.
”خط، ڪٿي آهي؟“ رعنا پڇيو.
”تنهنجي سيرانديءَ رکي ڇڏيو هوم.“ ماءُ چيو.
”اڙي رعنا، تعليمي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ملي
اٿئي.“ نسيم اندران ايندي چيو. هن جي هٿ ۾ کليل
سرڪاري لفافو هو.
”ڪٿي؟“ ماءُ پڇيو.
”لاهور ۾.“ نسيم چيو. رعنا ڪنڌ کڻي رڌڻي ۾ ڪيو. هن
کي خبر هئي ته ڇا جواب ملندو. انڪار ٿيندو. تنهن
ڪري هن اکيون چورائڻ ٿي چاهيون.
”ايڏانهن وري ڪير ويندو؟“ رشيده تيزيءَ مان چيو
سندس لهجي مان ائين لڳي رهيو هو، ڄڻ چوندي هجي ته
آءُ هجان ها ته ڪا ڳالهه به هئي.
”رعنا ويندي ٻيو وري ڪير ويندو.“نسيم حيرت مان
چيو.
”نه امان، نياڻي ڌيءَ کي آءُ ته ڪو نه ڇڏيندس
اڪيلو.“ ماءُ چيو ۽ رشيده ڏانهن ڏٺائين، جنهن جي
منهن مان اطمينان ئي نظر آيو.ماءُ کي به اهو ڏسي
ڪجهه اطمينان ٿيو.
”نياڻي نوڪري ڪرڻ ڀلي وڃي، ته هي به ته نوڪري جو
حصو آهي.، نسيم وراڻي ڏني. ماءُ ڪو به جواب ڪو نه
ڏنو. رعنا جا ڪن جواب جو انتظار ڪندا رهيا. مس مس
هن جي دل جي مراد پوري ٿي هئي. هن زندگيءَ ۾ جيڪو
مقام حاصل ڪرڻ ٿي چاهيو شايد هي ان جو پهريون ڏاڪو
ثابت ٿئي. اتي ڪيترن استادن ۽ تعليمي ماهرن سان
ملڻ جو موقعو ملندو. شايد ڪو فائدو ٿي پوي.
”داغ سڙڻ جي ڌپ پئي اچي.“ رشيده چيو۽ کٽ تان ٽپ
ڏئي رڌڻي ڏانهن ڀڳي. رعنا ڪنبي وئي.
”رعنا، آءٌ تنهنجي سيٽ بڪ ڪرائي ٿي ڇڏيان.
سڀاڻي ئي وڃڻو اٿئي. پرينهن کان ڪانفرنس شروع آهي
– تون ڪپڙا ڪڍي وٺ.“ نسيم يڪساهي چئي وئي. هن کي
اهو ڊپ هو ته شايد وري ڪو اگرو اکر ڪنين پوندو. پر
سڀ خاموش رهيا. رعنا ڪافي لڪائڻ جي باوجود اکين
مان ظاهر ٿيندڙ خوشيءَ جي اها چمڪ لڪائي نه ٿي
سگهي جيڪا موتين جيان جهرڪندي نظر اچي رهي هئي.
”اختر کي ساڻ وٺيو وڃج.“ رشيده صرف پنهنجي ڳالهه
رکڻ خاطر چيو.
”۽ هزار رپيا هڙان خرچ ڪج.، نسيم به زور سان
چيو.”سڄو جهان پيو وڃي، مائي رعنا کي ڪو کڻي
ويندو.“
هن تيزيءَ سان چيو ۽ دل ۾ چيائين ’ڪاش ڪو رعنا کي
کڻي وڃي.“ وري ڪنهن به ڪو نه ڪڇيو.
رعنا چلهه جي مٿان بيٺي تصور ئي تصور ۾ پنهنجي
گهمڻ جو پروگرام ٺاهڻ لڳي وئي.
صبح جو بس ۾ افضل هيڏانهن هوڏانهن نگاهون ڦيرايون.
کيس ڪا گهٽتائي نظر آئي. پهرين نظر ۾ هو سمجهي ڪو
نه سگهيو ته ڪهڙي شئي گهٽ آهي! هن کي ائين لڳو ڄڻ
ڪنهن ديوار تي لڳل فريم مان ڪا تصوير غائب ٿي وئي
هجي. هي انوکو احساس هن کي ڪئين دفعا اڳ به ٿي چڪو
هو. هڪ دفعو جڏهن هو پڦيءَ جي مرڻ تي ڳوٺ ويو هو،
تڏهن هن جي خالي کٽ کي وڏي ڪمري جي دروازي وٽ پيل
ڏسي، هن کي ساڳيو احساس ٿيو هو ۽ هن سوچيو هو،
انسان ڪن نظارن کي ڏسڻ جو ايترو ته عادي ٿي ويندو
آهي، جو هو غير شعوري طور تي انهن نظارن کي جيئن
جو تيئن ڏسڻ چاهيندو آهي.هو سوچيندو هو ته انسان
جڏهن ڪنهن خاص ماحول يا فرد جي قربت جو عادي بنجي
ٿو وڃي ته پوءِ آخر ڪيئن ان کي ڇڏي ٿو سگهي! هن
پاڻ ته اهڙي ڪنهن به شئي کي ڇڏي ڏيڻ جو تصور به ڪو
نه ڪيو هو. هو نه اهو سوچيندو هو ته سندس حياتي ۽
سک سندس ماءُ، پيءُ، مٽن مائٽن ۽ دوستن يارن سان
گڏ آهن. هو انهن مان ڪنهن کي گهٽ ڏسڻ جو روادار نه
هو. هن جيڪي ڪجهه به چاهيو ٿي، جيڪي خوشيون ۽
سوڀون ماڻن چاهيائين ٿي، تن جو تصور ڪرڻ وقت اهي
سڀ چهرا سندس سامهون هوندا هئا. ’انهن کانسواءِ
ڪهڙا سک!‘ هو سوچيندو هو. بس ۾ هن کي رعنا جي کوٽ
محسوس ٿي رهي هئي.
’خبر ناهي اڄ ڇو ڪو نه آئي آهي.‘ هو سوچي رهيو هو.
شايد طبيعت ٺيڪ نه آهيس – يا ڪو ڪم هوندس. شايد
دير سان اچي! هو رعنا جوئي سوچي رهيو هو ته پلئه
ڪيئن بس جي در ۾ اٽڪي پيو هوس. جي پيرن هيٺان
اچيس ها ته ڌڪو کائي ها. هن بس جي دريءَ مان ٻاهر
ڏٺو. رستي جي ڀرسان بيٺل برساتي پاڻيءَجي مٿاڇري
تي روس جي برفاني علائقن مان آيل اڇا ۽ ڪارا پکي
ننڍڙن ٽٻڪن جيان لڳي رهيا هئا. انهن دٻن جي
سينواريل ڪنارن وٽ هلڪي هوا جا جهوٽا پاڻيءَ ۾
هلڪيون لهرون پيدا ڪري رهيا هئا. سامهون مينهن جو
ڌڻ رستو پار ڪري پاڻيءَ ۾ لهي رهيو هو. ’خبر ناهي
ڇو ڪو نه آئي آهي؟‘ هن سوچيو.
”افضل صاحب ڪهڙن خيالن ۾ آهيو؟‘هن جو ساٿي اشفاق
هن کان پڇي رهيو هو.
”ڪا خاص ڳالهه ناهي.“ افضل چيو.
”هن جو ڪم ئي سوچڻ آهي.“ هڪ ٻئي استاد چيو.
”نه سائين، افضل رڳو سوچيندو ڪونهي، عمل به
ڪندوآهي.“ ڪنهن چيو.
افضل هنن جملن کان تمام پري پهچي چڪو هو. هن جو
ذهن نسيم جي ناول ۾ الجهي ويو هو. سليم کان مليل
مسودو هن رات جو ويهي پڙهيو هو ۽ سڄي رات گذري وئي
هوس. هن ان ناول جي ڪهاڻيءَ تي نسيم سان گفتگو ڪرڻ
ٿي گهري. هن کي ڪهاڻيءَ ۾ پيش ڪيل اهڙن واقعن ۽
ڪردارن تي اعتراض هو، جيڪي انقلاب جو نه بلڪ ردعمل
جو شڪار هوا. اهڙي ڪهاڻي نوجوانن جا جذبات ته بيشڪ
اڀاري سگهي ٿي، ليڪن ان مان ذهنن ۾ پختگي ۽ اصلاح
جو ڪو پهلو ڪو نه ٿي نڪتو. شايد اهو ناول اڳتي هلي
ادب جي تاريخ ۾ نعري بازي جي عنوان هيٺ شامل ڪيو
وڃي. ’رعنا شايد دير سان ايندي.‘ هن ان سيٽ ڏانهن
ڏٺو، جتي رعنا ويهندي هئي ۽ هن وقت اتي هڪ ڀريل
جسم جي عورت ويڪري ۽ کليل سيني واري قميص پايو
ويٺي هئي. هن ان عورت کي ڪو نه سڃاتو ته ڪهڙي
سبجيڪٽ جي استاد آهي.
’سليم خبر ناهي ايندو يا نه؟‘ هو سوچڻ لڳو. اوچتو
بس کي زوردار بريڪ لڳو. اڳيان اوچتو هڪ ٽرڪ خراب
ٿي بيهي رهي هئي. ڊرائيور ٽرن ڪاٽيو ۽ بس وري هلڻ
شروع ڪيو. ’هوءَ ايندي ضرور.‘ سندس ذهن تسلي ڏئي
رهيو هو. ’نسيم جيڪڏهن ڪاليج ۾ اچي ته هوند
ڳالهائڻ ڏاڍو سؤلو ٿي پوي. هروڀرو وڏيرن ۽
زميندارن جي ظلم ۽ سرمائيدارن جي نفسيات تي پئي
مٿو هڻي. زندگيءَ جون ٻيون حقيقتون به ته آهن،
جيڪي پڻ ڏاڍيون مزيدار ۽ وڻندڙ آهن. مثال طور،
رعنا‘ – هن پنهنجي منهن کلي ڏنو – بس ڪاليج جي
احاطي ۾ داخل ٿي.
سليم ڪار جو دروازو کوليو سامهون بيٺو هو. هن کي
بس مان لهندو ڏسي مرڪي هٿ لوڏيائين.
”ڇو اڄ ننڊ ڪو نه آئي اٿئي ڇا؟“ افضل کلي چيو.
”نه يار، آءٌ هي ناول هڪدم ڇاپڻ ٿو گهران.“ سليم
وراڻيو.
”هن ۾ ته يار گڙٻڙ آهي.، افضل چيو ۽ هن جو هٿ پڪڙي
ورانڊي مان ٿيندو پنهنجي ڪمري ڏانهن وڌيو.
”گڙٻڙ؟“ سليم حيران ٿي چيو، ”اهو اکر وري نه
چئجاءِ – جي نسيم جي ڪن تي پيو ته مسودو ڦاڙي
دريءَ مان ڦٽو ڪري ڇڏيندي.“
سليم هيڏنهن هوڏانهن ڏسندي چيو، ڄڻ ڊپ هجيس ته
نسيم اتي ئي ڪٿي موجود هئي.
”ادا، اها ڳالهه نسيم جي ڪنن تي پوڻ گهرجي. تون
پاڻ سوچ آخر هيءَ ڇوڪري چاهي ڇا ٿي؟ پنهنجو پاڻ کي
انقلابي ڪوٺي، هوءَ اهڙيون شيون پئي لکي جيڪي اسان
جي نوجوانن ۾ اجايو جوش پيون پيدا ڪن. آخر اسان
اديبن تي سماج طرفان ڪجهه فرض ۽ پابنديون به ته
آهن – ڪو اخلاقي قانون به ته آهي. اجائي نعري
بازي، ٻڌڻ ۾ دلڪش ته لڳي ٿي، پر ان جا نتيجا ڇا
نڪرندا؟ بيشڪ ون يونٽ توڙائڻي آهي. ٻيون ڳالهيون
به آهن، پر دنيا هاڻ ڏاڍي ترقي ڪري چُڪي آهي. هاڻ
مسئلن کي محدود ڪرڻ نه ٿو ٺهي. تون پاڻ ڏس، انسان
چنڊ تائين پهچڻ جا سانباها پيو ڪري. خلا کي فتح
ڪري چڪو آهي، سمنڊن جي تهن ۾ ۽ برفاني ڇپن جي
هيٺان بستيون وسائي چڪو آهي. اسان کي ايترو محدود
به نه ٿيڻ گهرجي.“ افضل جوش وچان چيو.
”يار. اهي ڳالهيون ڪر انهن سان جيڪي سمجهن. مون کي
مسودو ڏي ته آءٌ ڏيان پريس ۾.“ سليم تنگ ٿيندي
چيو.” باقي ها، جي تون چاهين ته پوءِ شام جو هلون
نسيم ڏانهن.“ هن چيو.
”جيڪڏهن تون ڊڄين نه ته هلون.“ افضل چيو. سندس ذهن
رعناجي باري ۾ سوچي رهيو هو. ’خبر ناهي ايندي به
ڪي نه.‘
”ته پوءِ شام جو مسودو به کڻي هلون؟“ هن پڇيو.
”نه، مسودو مون آندو آهي، کڻي وڃ. شام جو ائين ئي
ملي اينداسين.، افضل هن کي ناول جو مسودو ڏيندي
چيو.
”اوڪي، شام جو آءٌ تو کي وٺيو ويندس،“ اسلم اٿندي
چيو.
”ويهه، چانهه ته پي وڃ“ افضل چيو.
”نه يار نه.. . . “ سليم وڌيڪ جواب ڪو نه ڏنو ۽
تڪڙو هليو ويو.
”بيوقوف – پڪ عشق ۾ انڌو آهي.“ افضل سوچيو ۽
پنهنجي منهن مرڪي ڏنائين.
هن کان ويٺو نه ٿيو. اٿي ٻاهر ورانڊي ۾ نڪري بيٺو۽
سامهون لان ۾ ٽرندڙ گلن جي ڪونڊين جي قطارن وٽ
بيٺل ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي جهڳٽن کي ڏسڻ لڳو، جيڪي
بظاهر ڪتاب پڙهڻ ۾ مصروف پئي لڳا، پر چور نگاهن
سان هڪ ٻئي ڏانهن ڏسي رهيا هئا. هن سيءَکان بچڻ
لاءِ هٿ پينٽ جي کيسن ۾ وجهي ڇڏيا ۽ اهو چاهڻ جي
باوجود به ته اس ۾ وڃي سياري جي سج جو مٺو سيڪ
محسوس ڪري، ورانڊي ۾ ئي بيٺو رهيو، جتي تيز سردي
سندس رت ۾ گردش ڪرڻ لڳي هئي. ’خبر ناهي رعنا ڇو ڪو
نه آئي!‘ هن جون نگاهون لان جي پرئين ڀر رعنا جي
ڪمري ڏانهن کڄي ويون، جتي رعنا ڪو نه هئي. ’ڪونه
ڪو ضرور هوندو، پر رعنا ڪونهي.‘ هن ڪنڌ هيٺ ڪري
سوچيو ۽ واپس ڪمري ۾ اچي ويٺو.
”سر اڄ ڪلاس ڪونه وٺندا ڇا؟، هڪ سانوري ڇوڪري
کانئس پڇي رهي هئي.
”اڄ ڪلاس ٿيندو ڇا؟، هن تعجب وچان پڇيو. ڇوڪري
حيرانيءَ وچان ڏانهس ڏسڻ لڳي.
”ڇو سر؟“ هن پڇيو.
”نه نه . . . . ڪا ڳالهه ناهي، هلو ڪلاس ۾ . . .
.“ افضل ڪمري مان حاضريءَ جو رجسٽر کڻي اُٿيو ۽
ڇوڪريءَ جي پويان هلندو ڪلاس ڏانهن وڌڻ لڳو.
افضل جو اخبار ۾ پهريون ڏينهن هو. هي ماحول هن
لاءِ بلڪل نئون هو. ٽيليپرنٽر جي لڳاتار ٽر . . .
. ٽر . . . . ٽيليفون جي هر هر وڄندڙ گهنٽي،
ڪمپازيٽرن جي اچ وڃ، پرنٽنگ مشين جو ڌٻڙاٽ ڪندڙ
اواز، پرنٽنگ انڪ، مشيني تيلن ۽ پني جي گڏوچڙ
بوءِ، مسلسل وڄندڙ ريڊيو جنهن تان ڪنهن مهل
پاڪستاني ريڊيو ته ڪنهن مهل آل انڊيا، بي بي سي ۽
وائيس آف آمريڪا مان ايندڙ خبرون ٿي آيون، جيڪي هن
جلدي جلدي پني تي پئي لاٿيون ۽ اي – پي – پي
رائٽر، پارس ۽ نيو چائنا نيوز ايجنسيءَ جي،
ٽيليپرنٽر تان ايندڙ خبرن جي روشنيءَ ۾، انهن کي
اخباري زبان ۾ لکي، مناسب سرا ڏئي ڪمپازيٽرن جي
حوالي پئي ڪيون. فل پيج هيڊنگ لاءِ هن ته ڪراچيءَ
جي هڪ مل جي مزدورن جي قبضي ٽوڙائڻ واري خبر کي
چونڊيو هو پر انفرميشن کاتي طرفان آيل هڪ حڪم ۾
اها خبر روڪي ويئي هئي ۽ انهيءَ جي بدران مغربي
پاڪستان جي گورنر جي ماهانه تقرير کي اخبار جي سري
واري خبر طور هلائڻ لاءِ چيو ويو هو.
افضل ڏاو حيران ٿي ويو. هن ته سمجهيو هو ته اخبار
۾ لکڻ سان سندس ضمير جا ڪي بار هلڪا ٿيندا. هو
عوام کي ملڪي ۽ غير ملڪي حالات کان باخبر رکي
سگهندو. بري ۽ ڀلي جي تميز ڪرائي سگهندو. جديد
لاڙن ۽ نون نظرين جو تعارف ڪرائي سگهندو. |