”ٿينڪ يو.“ رعنا آهستي چيو. پر هن ڄڻ اهو ٻڌو ئي
ڪونه ۽ اڳتي وڌي ويو. رعنا کي باهه وٺي ويئي. هن
پنهنجي ڏاڍي بي عزتي محسوس ڪئي. هن کي ائين لڳو ڄڻ
ڪنهن کيس ڀريءَ بازار ۾ چماٽ هڻي ڪڍي هجي. هن
هيڏانهن هوڏانهن نهاريو – هر ڪو تيز تيز قدم کڻندو
وڃي رهيو هو. ڪو به ڏانهس ڪونه ڏسي رهيو هئو. ڪنهن
کي به سندس پرواهه ڪو نه هئي.سڀ ڳالهيون خواب
هيون. ايندڙ ويندڙ سندس جيڪي به تعريفون ڪندا هئا
اهي ڪوڙ هيون ۽ هوءَ انهن تعريف ڪندڙن کي جنهن
حقارت سان ڏسندي هئي ۽ سمجهندي هئي ته اهي ماڻهو
جتيءَ جي نوڪ تي رکڻ جهڙا آهن، سا سندس خوش فهمي
هئي. هوءَ ته پڻ ان قابل هئي جو ڪاليج جي اسٽاف ۾
حسين ترين ڇوڪري هئڻ جي باوجود به کيس ائين
نظرانداز ڪيو وڃي! سندس غرور ۽ هٺ ڄڻ ته ڪوڙ
هئو،ٺاهه هئو. هن جي خوبصورتي ۾ ڪا اهڙي شئي نه
هئي جيڪا هڪ خاموش قسم جي اڪيلائي پسند شخص کي
متاثر ڪري سگهي.
افضل جي هڪ اڌ ڪهاڻي رعنا پڙهي هئي. ٿي سگهي ٿو ته
بي ڌيانيءَ وچان هڪ اڌ ڊراما ريڊيو تان به ٻڌو
هجيس. پر هن کي اها خبر ڪونه هئي ته ذاتي زندگيءَ
۾ هو اهڙي بي رخي به ڏيکاري سگهي ٿو. ’پوءِ هن
پلئه کي در مان ڇو ڇڏايو؟‘ هن سوچيو، ’آخر هو آهي
ڪهڙي شئي. ڇا تي گهمنڊ اٿس؟. شڪل صورت به ڪا اهڙي
خاص ته ڪو نه اٿس. هن کي همٿ ڪيئن ٿي جو منهنجي
پلئه ۾ هٿ وڌائين! پر آءٌ ڪري پوان ها ته . . . .‘
رعنا جيئن جيئن سوچيو پئي تيئن سندس من ۾ مونجهارو
پئي پيدا ٿيو. هن کي پنهنجي اندر ۾ شڪست جو احساس
اڀرندو محسوس ٿيو. هن اڳ ڪڏهن ڪنهن جي پرواهه ڪونه
ڪئي هئي. جڏهن ليڊي ڪيرولين لئمب‘ ڏٺي هئائين تڏهن
ليڊي لئمب جي طرفان ان وقت جي غريب شخص، (جيڪو بعد
۾ ڊيوڪ آف ويلنگٽن ٿي ويو ۽ نيپولن کي شڪست ڏيڻ جي
ڪري انگلينڊ جو هيرو بنجي ويو ۽ ليڊي لئمب کي
پنهنجي مڙس جي خاطر هن جي آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻا پيا)
جي حسن جي خيرات گهرڻ تي ٽوڪ هڻڻ واري انداز کي
ڏاڍو پسند ڪيو هئائين، پر لارڊ بائرن جي لاپرواهه
۽ لا تعلقي واري انداز جي آڏو هن جي جهڪڻ کي پسند
نه ڪيو هئائين. هميشہ ائين چوندي هئي، ’مردن کي
رکجي جتيءَ جي نوڪ تي.‘
رعنا جي هنن خيالن تي نه صرف ساهڙيون سرتيون ناراض
هونديون هيون پر سڀ ائين چوندا هئا ته زندگي آخر
ڪنهن ساٿيءَ سان ئي گذارڻي آهي پوءِ جيڪڏهن
ساٿيءَ لاءِ دل ۾ عزت نه هوندي ته ڪم ڪيئن هلندو.
ليڪن سونهن جا پنهنجا طريقا آهن. اها سونهن، جنهن
لاءِ هن کي هميشہ رشيده جا طعنا تنڪا ٻڌڻا پوندا
هئا، پر هوءَ ان تي به فخر محسوس ڪندي هئي، سا اڄ
کيس ڏاڍي تلخ لڳي رهي هئي.
هن ڳيت ڏيئي تلخيءَ جي احساس کي نڙيءَ کان هيٺ ڪرڻ
چاهيو پر ائين لڳس ڄڻ ڪا شيءِ سندس نڙيءَ ۾ اٽڪي
پئي هجي. سندس پيشانيءَ تي پگهر اچي ويو هو. هن
پنهنجي بي عزتيءَ جو بدلو وٺڻ ٿي چاهيو ۽ جذبات
کان بيوس ٿي افضل جي ڪمري ڏانهن هلي ويئي. ’هن کي
اهڙي سيکت ڏينديس جو ياد ڪندو.‘ هوءَ سوچيندي پئي
وئي. ’پر جيڪڏهن هو منهنجي بي عزتي ڪري وجهي ته!‘
سندس رفتار ڪجهه ڍري ٿي وئي. ’مون کي هن ڏانهن نه
وڃڻ کپي.‘ هن سوچيو. ’هي ته سڌو سنئون شڪست جو
اظهار آهي. هو ته ڪڏهن به مون وٽ ڪو نه آيو آهي.
اديب هوندو ته پنهجي لاءِ – ٻيا سڀ اچيو مون وٽ
وهن، ڳالهيون ڪن. مون کي خوش ڪرڻ لاءِ جتن ڪن.
ڪلاڪن جا ڪلاڪ مون سان ڳالهائڻ لاءِ انتظار ڪن.پر
هي ته ڪڏهن لڙي به ڪونه آيو آهي – مون کي هن وٽ نه
وڃڻ گهرجي.‘ هوءَ سوچيندي سوچيندي افضل جي ڪمري جي
در تائين پهچي ويئي هئي ۽ کيس حيرت تڏهن ٿي جڏهن
افضل کي پنهنجي آڏو در تي بيٺل ڏٺائين.
هڪ دفعو ته سندس ڪاوڙ ۽ جوش ڪافور ٿي ويو. سمجهه ۾
ئي نه اچيس ته ڇا ڪري. ويتر افضل جي مرڪندڙ چهري
هن جي شڪست جي احساس کي وڌيڪ گهرو ڪري وڌو.
”اچ نه، ٻاهر ڇو بيٺي آهين.“ افضل ڏاڍي پنهنجائپ
وچان چئي رهيو هو. هوءَ افضل جي رويي تي حيران ٿي
ويئي. هي اهو ئي شخص هو جيڪو صبح جو لاتعلق بلڪه
بيگانو ٿي لڳو. پر هينئر سندس چهري مان پراڻي
سڃاڻپ جا اهڃاڻ پئي نظر آيا.
’ڇو. ڪا ناراضگي آهي ڇا؟“ افضل چيو ۽ رعنا جي وات
مان هڪ اکر به نه نڪتو. هوءَ هلي وڃي ڪرسيءَ تي
ويٺي.افضل به وڌي اچي سندس ڀر ۾ پيل ڪرسيءَ تي
ويٺو. ’مونکي سڏائي وٺين ها.‘ افضل چئي رهيو هو.
هن ڪو به جواب نه ڏنو. هن ان وقت افضل ۾ هڪ عجيب
تبديلي محسوس ڪئي هئي. ڄڻ ته هو کيس نه ڏسي رهيو
هجي، پر سندس اندر ۾ جهاتي پائي روح جي گهراين
تائين ڏسي رهيو هجي.
”تون ڏاڍي سهڻي آهين رعنا.“ افضل جي لفظن هن کي
ڇرڪائي ڇڏيو. هن اهي لفظ پهرين به ٻڌا هئا ۽ ٻڌندي
آئي هئي پر افضل جي لهجي ۾ ڪا اهڙي ڳالهه ضرور هئي
جنهن سندس ڪنن جي پاپڙين کي ڳاڙهو ڪري ڇڏيو. هوءَ
واقعي شرمائجي ويئي. شايد افضل اهو محسوس نه ڪيو.
هن ڏاڍي صافگوئيءَ صاف دليءَ سان پنهنجي اندر کي
هن جي سامهون کڻي رکيو – هو اڃا به ڪجهه چئي رهيو
هئو رعنا جي ڪنن ۾ ڄڻ ته پري کان ڪي آواز اچي رهيا
هئا.
”رعنا، ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو منزل کي به پويان ڇڏي
ويندا آهن. مون کي به پنهنجي منزل جي ڳولا هئي پر
اها خبر نه هئم ته منزل منهنجي ايترو ويجهو آهي.“
رعنا کي اوڏي مهل اهو محسوس ٿيو ڄڻ ته سندس دماغ
۾ڪو وڏو طوفان اچي ويو هجي، جنهن ۾ مختلف رنگ،
خوشبوءِ ۽ موسيقيءَ جو شور شامل ٿي ويو هجي. هن کي
پنهنجي سيني ۾ دل جي جڳهه تي ڪتڪتاڙيءَ جو احساس
ٿيو.، ٽنگون ڏڪڻ لڳس. چاهيائين ٿي ته ڪجهه چوي پر
چئي نه سگهي. هن جي من اندر آواز ايترا ته وڌي ويا
جو ان جي گوڙ ۾ سندس آواز ڄڻ ته گهٽجي ويو.
زندگيءَ ۾ پهريون دفعو هن جي دماغ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو
۽ هوءَ تيز تيز قدمن سان سهڪندي واپس پنهنجي ڪمري
۾ پهتي. سندس سڄي جسم ۾ هڪ سٺو سور ٿي رهيو هئو.
هن جي دل ۾ آيو ته ڊوڙي وڃي افضل وٽ ويهي ۽ ٻڌي
ته هو اڃا ڇا ٿو چوڻ چاهي. هن جي لهجي ۾ سچائيءَ
جي جيڪا خوشبو هئي تنهن هن جي روح کي واسي ڇڏيو
هئو.
”ڇو مئڊم، اڄ ڪاليج وڃڻو ناهي ڇا؟“ نسيم ننڊ مان
اٿي چُڪي هئي ۽ ڪر موڙيندي هن جي ڀر ۾ وڃي بيٺي
هئي.
”هي رات وري ڇا لکيو اٿئي؟“ رعنا خيالن جي دنيا
مان واپس ايندي چيو.
”ناول“ نسيم هن کي ڳراٽڙي پائيندي چيو.
”ڇو اچي ڇتي ٿي آهين. رڳو ناول ۽ ڪهاڻيون ڪڏهن
پادر پوندءِ ته پاڻهي توبهه ڪندينءَ“ رعنا موٽ ۾
هن جا ٻئي ڳل چمندي ڪوڙي ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو.
حالانڪه هن جي ذهن تي هن وقت افضل جو واسو هو،
جيڪو پاڻ هڪ بهترين ليکڪ هئو. هن چاهيو ته نسيم
سان افضل جي معاملي ۾ گفتگو ڪري، پر چپ رهي.هونئن
ته هو اهڙيون ڳالهيون هڪ ٻئي کان ڪونه لڪائينديون
هيون ليڪن اڄ خبر ناهي ته ڪهڙي ڳالهه هن جي چپن تي
تالو هڻي ڇڏيو هئو.
”تون اسڪول ڪونه ٿي وڃين؟“ رعنا هن کان پڇيو. نسيم
به اسڪول ۾ نوڪري ڪندي هئي.
”نه اڄ شام جو ناول نگار افضل سان شام پيا ملهائن،
مونکي به ڳالهائڻ لاءِ چيو اٿن. پر ڇا ڳالهائجي؟
سچ چئبو ته جهيڙو ٿيندو.“ نسيم ته چئي ڏنو پر رعنا
جو سڄو وجود لڏي ويو. افضل جو نالو هن جي ذهن ۾ به
هو. نسيم جي واتان اهو عجيب پئي لڳو. هن حيرانيءَ
وچان نسيم ڏانهن ڏٺو جيڪا لاپرواهيءَ سان ميز تي
پيل پنن جي ڍڳ کي اٿلائي پٿلائي ڏسي رهي هئي. ’ته
هوءَ شام جو افضل سان ملندي!‘ رعنا پنهنجي خيال تي
ئي ڪاوڙجي پئي. هوءَ اٿي کڙي ٿي.نسيم هن ڏانهن
ڪنڊائتين اکين سان ڏٺو وري آئيني تي نظر وڌائين.
وکريل وار، ننڊاکڙيون اکيون ۽ بي ترتيب ڪپڙا. ته
به اهڙو ڪيرهئو جيڪو کيس هڪ دفعو ڏسڻ ان پوءِ وري
ڏسڻ جي سڌ نه ڪري. هن ٻاهر ويندڙ رعنا جي ڊيل جيان
لچڪندڙ بت کي ڏٺو ’رعنا سهڻي ڪي آئون،‘ هن دل ۾
چيو پوءِ ڏسڻي آڱر کڻي پنهنجي سيني تي رکيائين،
وري مرڪي زور سان چيائين ”نه. . . . . رعنا.“
رعنا هڪ دفعو مڙي هن ڏانهن ڏٺو ۽ هن کي ڏسڻي آڱر
سان پاڻ ڏانهن اشارو ڪندي ڏسي چيائين، ”بدتميز.“
نسيم اهو ٻڌي سيني تي هڪ هٿ رکي، هڪ ٻانهن ڊگهيري
جهڪي کيس سلام ڪيو. ڄڻ چوندي هجي، ’هيءَ بندي
ڪنهن قابل آهي.‘ پوءِ ٻنهي جو گڏيل ٽهڪ فضا ۾
گونج ڪري گم ٿي ويو.
ٽهڪ جي آواز رشيده جي تن من ۾ باهه ٻاري ڇڏي. هوءَ
ريڊيو سلون تان پراڻا هندوستاني گانا ٻڌي رهي
هئي. انهيءَ وقت دوران هوءَ چاهيندي هئي ته ڪو به
اکر ڪنين نه پويس. ’پر هي ڇوريون ڇتيون ٿي پيون
آهن. جواني ڇا آئي اٿن هوش مان ئي نڪري ويون آهن.‘
هن سوڙ ۾ لڪل پنهنجي لهندڙ وجود کي ڏٺو، پنهنجي
سونهن جي سرد ڪرڻن جو ڇهاءُ محسوس ڪيائين ۽ ڪئين
ورهيه اڳ آيل ان ويل جو ويچار ڪيائين جنهن ۾ خوشين
سندس دل جي دروازي تي دستڪ ڏني هئي. هن اها ٻڌي،
سندس ڪنن جون پاپڙيون به ڳاڙهيون ٿيون.شرمائي ڪنڌ
به جهڪايائين پر پيءُ جي خانداني هٺ ۽ هوڏ جو شڪار
ٿي، جڏهن اهو وقت وڃايائين ته برف ٿي وئي ۽ برف
مان باهه. هاڻ ان باهه جو سيڪ نه صرف پاڻ پر سندس
پيءُ، ماءُ، ٻئي ڀيڻون ۽ اڪيلو ڀاءُ به محسوس ڪري
رهيا هئا. هن جي هر ڳالهه مان سڙيل وجود جي بوءِ
ايندي هئي. پهرين ته ماءُ پيءُ منهن اٽڪائيندا هئس
پر پوءِ هو به خاموش ٿي ويا. پوڙها به ٿي ويا
هئا.پيءُ پينشن تي به لهي چُڪو هو. وقت هنن تان
لنگهي چڪو هئو، ٻيو ته نظر به جهڪي ٿي چُڪي هئن.
تنهن ڪري رشيده جي ڪاوڙ کي ڪو به جواب ڪو نه ملندو
هئو. هوءَ ڪاوڙ ڪندي هئي، ڇڙٻون ڏيندي هئي ۽ جواب
۾کيس ڪير به ڪجهه ڪو نه چوندو هئو. هوءَ چاهيندي
هئي ته ڪير کيس جواب ڏي، ڪجهه چوي ته جيئن هوءَ
جهيڙو ڪري دل جي باهه ڪڍي. پر نه . . . . ڪو به هن
سان منهن اٽڪائڻ لاءِ تيار ڪو نه هئو. هر ڪنهن کي
پنهنجا مسئلا هئا. تنهن ڪري ڪن ٽار ڪيو پيا هلندا
هئا.
”ڪو چانهه چڪو آهي يا اهو به منهنجي نصيب ۾
ڪونهي.“ هن رڙ ڪئي. هوءَ هر جملي ۾ پنهنجي نصيب جو
روئڻ ضرور ڪڍندي هئي. هڪ دفعي جي بدنصيبي هن جي
زندگيءَ کي وڻ ويڙهيءَ وانگر وڪوڙي وئي هئي، تنهن
ڪري هوءَ خوشيءَ جي لمحن مان به بدنصيبيءَ جا
اهڃاڻ تلاش ڪري وٺندي هئي.
”اچي ٿي چانهه به، اٿ هٿ منهن ته ڌو. . . .“ ماءُ
هنڌ مان چيو، ”ڪرڻو ڇا اٿئي؟“
”هاڻ تون ته ماٺ ڪر.“ رشيده نانگ وانگر ڦوڪو ڏنو ۽
ماءُ سوڙ ۾ ساهه کڻڻ به في الحال بند ڪري ڇڏيو.
”بوائل بيدو ڪٿي آهي؟“ رشيده جي آواز جو ڏنڊو نوڪر
تي وسي رهيو هو.
”انڌا کڻ پنهنجي چانهه.“ ڪوپ جو ڦٿڪي سان ڪري ڀور
ڀور ٿيڻ جو آواز آيو.
”انڌي ته پاڻ اچي ٿي آهي.“ ماءُ آهستي پنهنجي منهن
چيو. ڏيون ها مئيءَ کي مڙس ته اڄ قيامت ڪاري نه
ڪري ها.
”وري ڪهڙي ڀڻ ڀڻ لڳائي اٿئي؟“ رشيده رڙ ڪئي.
”ڪجهه ڪونهي امان، سي پيو پويم.“ ماءُ چيو.
”اڃا به سيءُ ڪو نه پونديءِ. . . . جواني اٿئي
نه!“ رشيده جا نفرت سان ڀريل جملا هن جي پوڙهن ڪنن
۾ شيهو پلٽائي رهيا هئا.
”امان مان ڪاليج پئي وڃان.“ رعنا جو آواز آيو.
”ڇو نسيم اسڪول ڪونه ٿي وڃي؟“ ماءُ پڇيو.
”سڀني جو فڪر تو کي آهي.“ رشيده چيو.
”نه امان، هن کي فنڪشن ۾ وڃڻو آهي.“ رعنا چيو ۽ در
مان تڪڙي نڪري ويئي.
”انهيءَ کي به روڪيو نه ته خبر پوي. ڪمائو پٽ آهن
نه، ڪير چوندن. . . . ذليل.“ رشيده جو بي لغام
آواز ايندو رهيو.
”اختر . . . . ابا اٿ. دير ٿي وئي آهي.“ ماءُ
پنهنجي ڀر واري کٽ تي ستل اختر کي اٿاريو، جيڪو
مئٽرڪ جو شاگرد هو ۽ سندس زندگيءَ ۾ ڪو به ڏينهن
اهڙو نه آيو هئو جو هو صبح جو آرام سان ننڊ مان
اٿيو هجي.
”امان اختر اسڪول نه ٿو وڃي ڇا؟“ نسيم وارن ۾ برش
ڏيندي اندر آئي.
”وري اها پڏڻ آئي آهي.“ رشيده زور سان چيو. هوءَ
نه چاهيندي هئي ته اختر کي ڪير به ڪجهه چوي. اختر
کي هوءَ پنهنجي ملڪيت سمجهندي هئي. پنهنجي مرضيءَ
سان ڪپڙا پارائيندي هئي، پنهنجي پسندجي ماني
کارائيندي هوس ۽ پنهنجي پسند جون فلمون ڏيکاريندي
هئس. پر جيڪڏهن هو ڪا به ڳالهه نه مڃيندو هو ته
پوءِ ڪنن مان دونهان ڪڍي ڇڏيندي هئس. هن جو آواز
ٻڌي اختر ٽپ ڏئي اٿيو ۽ نسيم ڏانهن ڏسي ڪنن تي
آڱريون رکندو ورانڊي ۾ نڪري ويو. نسيم ماءُ کي هنڌ
۾ ڪنبندو ڇڏي واپس پنهنجي ڪمري ۾ هلي وئي.
”منهنجو اهو ايمان آهي ته حقيقي خوشيون صرف تڏهن
حاصل ٿي سگهن ٿيون، جڏهن اسين سڀ خوش هجون،
پنهنجين خوشين ۾ هڪ ٻئي کي شريڪ ڪريون، ننڍيون
ننڍيون حقيقتون ئي وڏن واقعن جو بنياد بنجنديون
آهن. اهي ئي زندگيءَ جي طويل ٿڪائيندڙ سفر ۾ مختلف
فاصلن تي ننڍڙن ساون ۽ شاداب نخلستانن جي حيثيت
رکن ٿيون. آءٌ انهن حقيقتن جي تلاش ۾ آهيان“. افضل
پنو اٿلايو.
سڄو هال خاموشيءَ سان افضل جي تقرير ٻڌي رهيو هو.
ايتري ته خاموشي هئي جو پنو اٿلائڻ جو آواز به چٽو
ٻڌڻ ۾ ٿي آيو. اسٽيج تي مهمان خصوصي پنهنجي آڏو
رکيل اڇي پني تي ڪجهه لکي رهيو هو ۽ تقرير به ٻڌي
رهيو هو. هال جي ڪنڊ ۾ هال جو انچارج سگريٽ جا تيز
تيز سوٽا هڻي رهيو هو. هن کي افضل جي تقرير ختم
ٿيڻ جو انتظار هو. هو ادبي ميڙن کان ڊڄندو هو. ڇو
جو اديب ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون ڳالهيون ڪري ويندا هئا
جو هو ڪافي ڏينهن تائين پنهنجن آفيسرن کي پيو جواب
ڏيندو هو.اڄ به ڪن نوجوان اديبن ته تمام سخت
ڳالهيون ڪيون هيون. اهڙيون ڳالهيون جن ۾ ماحول
توڙي سماج جي مختلف طبقن تي سخت تنقيد ڪيل هئي.
البته افضل جو رويو ماٺو هئو.هو زندگيءَ جي مثبت
پهلوئن تي ڳالهائي رهيو هو. هن جي لهجي ۾ اهڙي
چشمي جهڙي رواني هئي، جنهن جو مٺو پاڻي پٿريلي
زمين تي ور وڪڙ ڏئي پنهنجو سفر پورو ڪندو هجي.
نسيم وات تي هٿ رکي اوٻاسيءَ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي.
افضل جون ڳالهيون هن کي بور ڪري رهيون هيون. هن جي
آڏو زندگيءَ جون حقيقتون ايڏيون حسين نه هيون، نه
ئي ڪو زندگي ايڏي اهم هئي، جنهن لاءِ ايڏي جاکوڙ
ڪئي وڃي. هن لاءِ زندگي هڪ اهڙي ڪڙي پاڻيءَ مثل
هئي، جيڪو پيئڻو به ضرور هئو ۽ ان جي ڪوڙاڻ به
پنهنجي جاءِ تي هئي. هن کي افضل جي ڳالهين مان
اميد پرستيءَ جي بوءِ اچي رهي هئي. رومانس جي
خوشبوءِ اچي رهي هئي. جڏهن ته هوءَ پاڻ باهه جو هڪ
ٻرندڙ گولو هئي.سندس اندر ۾ آتش فشان هئو، جيڪو
اڃا ڦاٽو ڪونه هئو، ٽهڪي رهيو هو. ان جو دونهون
البت سندس ڪهاڻين، شعرن ۽ ناولن مان نظر ايندو هو.
تڏهن ئي ته نوجوان طبقو هن جي لکڻين کي پسند ڪندو
هو. هن جا شعر سياسي جلسن ۾ پڙهيا ويندا هئا. هن
جي ڪهاڻين مان مزدور جي پگهر جي بوءِ ايندي هئي ۽
هن جا شعر چيڪي مٽيءَ مان جڙيل هوندا هئا.
افضل تقرير ختم ڪري، تاڙين جي ڦهڪن ۾، اسٽيج تان
هيٺ لهي آيو ۽ چوڌاري مڙي ويل ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي
آٽو گراف ڏيڻ لڳو. حالانڪه کيس واپس اسٽيج تي
پنهنجي ڪرسيءَ تي ئي وهڻ کپندو هو،پر هن جي ان قدم
جي ڪري فنڪشن جو روح ختم ٿي ويو. سڀ اٿي بيهي
رهيا. ڪافي ماڻهو نسيم کي به ڦري آيا ۽ هن به آٽو
گراف ڏيڻ شروع ڪيا، پر کيس عجيب قسم جي مونجهه جو
احساس ٿي رهيو هو.
”نسيم، تو ڪجهه نه ڳالهايو؟“ سندس ساهيڙي ۽ شاعره
ياسمين کانئس پڇيو. ڇو جو کيس خبر هئي ته نسيم کي
به ڳالهائڻ لاءِ چيو ويو هو.
”ڪنهن سان ڪونه ڳالهايم؟“ نسيم بي ڌيانيءَ وچان
پڇيو. هن جا هٿ تيزيءَ سان آٽو گراف ڏيڻ ۾ مصروف
هئا.
”اڙي، آءٌ چوان ٿي ته افضل جي باري ۾ ڇو ڪونه
ڳالهايئي.“ ياسمين کٿ ٿيندي چيو.
”چڱو جو نه ڳالهايم.“ نسيم مختصر جواب ڏنو.
”ڇو،سڙي وئينءَ؟“ ياسمين چيو.
”اونهون، هن جون راهون اسان جي راهن کان جدا آهن.“
نسيم ڏند ڀڪوڙيندي چيو ۽ هڪ ٿڌو ساهه ڀريائين.
”هلو نسيم، ڪو نئون ڪتاب ڪهاڻي، ناول، شعر وغيره
وغيره.“ ماڊرن پبليڪيشن جو انچارج سليم بيٺو هو.
”ناول رات پورو ڪيو اٿم.“ نسيم هن ڏانهن نهارڻ
کانسواءِ چيو.
”جلدي ڪريو، ڏيو. . . . ڪٿي آهي؟“ سليم ڏاڍي
اشتياق مان چيو.
”گهر آهي، کڻي وڃجئو.“ نسيم چيو.
”نسيم جي ڪهاڻي، خاموشيءَ تي گهڻا ڏينهن ٿاڻي ۾
بند هئين؟“ ياسمين کلندي پڇيو.
”ٻه ڏينهن.“ سليم سنجيدگيءَ مان چيو.
”اها هئي ڏهن صفحن جي، ناول هوندو ٽن سون صفحن جو،
هاڻ حساب تون پاڻ هڻ.“ ياسمين چيو ۽ نسيم به کلي
ڏنو.
”اسان عمر قيد قبولڻ لاءِ تيار آهيون.“ سليم
سنجيدگيءَ مان چيو. نسيم ڪنڌ مٿي کڻي ڪجهه اهڙي
طريقي سان هن ڏانهن ڏٺو جو هو پريشان ٿي هيڏانهن
هوڏانهن ڏسڻ لڳو.
”قيد جو شوق اٿوَ ته سڌو سنئون ڪو خون ڇو نٿا
ڪريو. دنيا ۾ گهڻائي ماڻهو اهڙا پيا آهن جن جو نه
هجڻ وڌيڪ بهتر آهي.“ ياسمين چيو ۽ سليم کلي ڏنو.
”پوءِ ته پهرين تنهنجو خاتمو آڻيان. هر هنڌ بڪ بڪ
۾ لڳي پئي آهين.“ هن چيو.
افضل آتو گرافن مان واندو ٿي، سليم ڏانهن مڙيو، پر
نسيم کي ڏسي چڻ ته پنڊ پهڻ ٿي ويو، ”اڙي نسيم. . .
. . ته ڇا. . . . . “
”ها. . . . ها، نسيم آهي. “ ياسمين چيو. ”۽ آءٌ به
آهيان.“
”نسيم ۽ منهنجي فنڪشن ۾. منهنجا ڀاڳ!“ افضل ويجهو
ايندي چيو.
”يار هاڻ اسان سان به ڳالهاءِ“ سليم شڪايت وچان
چيو پر افضل ڄڻ ڪجهه به نه ٻڌو. ”توهان جون لکڻيون
ڏاڍيون . . . .ڇا چوان اکر ڪونه ٿو اڪلي.“ هو
منجهي پيو. ڄڻ ته سندس حافظي تان سڀ لفظ ميسارجي
ويا هجن.
”مسٽر افضل، مونکي فلرٽ قسم جا ماڻهو پسند ڪونهن.
خاص ڪري فلرٽ اديب.“ نسيم بيزاريءَ مان چيو. افضل
جو منهن لهي ويو. هن کي اهڙي لهجي جي اميد ڪو نه
هئي. کيس نسيم جون لکڻيون ڏاڍيون وڻنديون هيون.هن
نسيم جون تصويرون به ڏٺيون هيون. کيس نسيم سان هڪ
قسم جي عقيدت هئي. کيس نسيم جي ڪهاڻين جو تلخ ۽
تکو انداز ڏاڍو وڻندو هئو. حالاڪه هنجي خيال
مطابق نسيم اهڙن اديبن مان هئي، جن کي اڃا وقت جو
واءُ نه لڳو هو. زندگيءَ جي حقيقتن سان واسطو ڪو
نه پيل اٿس. جيڪي ڏسي ٿي، اهو منجهس ردعمل ٿو پيدا
ڪري ۽ ان جو نتيجو اهي ڪڙيون ڪساريون پر حقيقتن تي
ٻڌل ڪهاڻيون آهن.‘ تڏهن به نسيم جي بي باڪيءَ کان
هو هڪ طرح مرعوب هو. پر هن کان اڳ نسيم سان ملاقات
ٿيل ڪونه هئس.
”ڪهڙي سوچ ۾ پئجي وئين؟“ سليم هن کي ڇرڪائي وڌو.
”ڌڪ سيڪيندو هوندو.“ ياسمين کلي چيو.
”مون ڌڪ ڪونه هنيو، جيڪي محسوس ڪيم چيم.“
نسيم آٽو گراف ڏيڻ مان بيزار ٿيندي چيو.
”ٻيلي تنگ ٿي آهين آتو گراف مان ۽ اچي ويو منهن ۾
هي مسڪين.“ سليم کلي چيو. پر افضل کي اها ڳالهه نه
وڻي. هن نه ٿي چاهيو ته کيس گفتگو جو نشانو بڻايو
وڃي.
”اوڪي سليم، وري ملنداسين.“ هن چيو.
”جڏهن ڦٽندا سرخ گلاب تڏهن ٿيندا پورا خواب.“
ياسمين کلي چيو.
”اسين جتي هونداسين، ات ڳاڙها ته ڇا، رنگبرنگي گل
ٽڙي پونيدا.“ افضل چوندو هليو وي.
نسيم کي افضل جو جملو ڏاو وڻيو. پر هن جي ڪنڌ کڻڻ
تائين افضل ڪافي پري هليو ويو هو ۽ پنهنجن پرستارن
جي هجوم ۾ گم ٿي چڪو هو. هن ٿڌوساهه ڀريو.
”اهڙو ٿڌو ساهه ٿورو سوير ڀرين ها ته ويچارو افضل
به خوش ٿي وڃي ها.“ ياسمين ڪوڙو افسوس ظاهر ڪندي
چيو.
”ڀلا هلڻو آهي يا اڃا ترسبو؟“ سليم پڇيو.
”هلو.“ نسيم هلڻ شروع ڪيو،ڪافي نوجوان ڇوڪرا ۽
ڇوڪريون اڃا آٽو گراف بڪ کنيو بيٺا هئا، پر هن
ٽارڻ واري انداز ۾ ڏسي رفتار تيز ڪئي. هال مان
نڪري نسيم فٽ پاٿ تي هلڻ شروع ڪيو.
”نسيم آءٌ ته سليم سان گڏ ٿي وڃان، تون ظاهر آهي
ته پرائي گاڏيءَ ۾ ڪا نه چڙهندينءَ.“ ياسمين ٽوڪ
واري انداز ۾ چيو. نسيم هن ڏانهن نهاريو ۽ اڳتي
وڌي وئي. هن کي ذهن ۾ ڪي سوال گردش ڪري رهيا هئا.
هي پهريون دفعو هو جو ايترو جلدي هڪ ناول پورو ڪرڻ
کان پوءِ ٻيو ڪجهه لکڻ لاءِ دل ۾ سور ۽ آڱرين ۾
تڙپ پيدا ٿي هئس. هوءَ گرم شال کي ٺيڪ ڪندي ذهن ۾
ايندڙ خيالات جي وهڪري کي محسوس ڪندي گهر ڏانهن
وڌڻ لڳي، جيڪو ٿوري ئي فاصلي تي هو.
افضل جو موڊ ڪجهه خراب ٿي ويو هو. ان ڪري نه ته
ڪو نسيم فنڪشن ۾ هن سان چڱيءَ طرح پيش ڪونه آئي
هئي، بلڪه ان ڪري جو هن کي نسيم سان خيالن جي ڏي
وٺ جو خاص موقعو ڪونه مليو هو. هن جي ڪيتري عرصي
کان اها خواهش هئي ته همعصر اديبن سان ملاقات ڪري،
هنن کان دل جون ڳالهيون پڇجن، ڪجهه بحث مباحثو
ڪجي. ڪا خيالن جي ڏي وٺ ڪجي. ڇو جو خود هن جي ذهن
۾ ڪيترا اهڙا سوال هئا، جن جا جواب هن وٽ ڪونه
هئا. هن جو ذهن ۽ هن جون لکڻيون مسلسل انهن سوالن
جا جواب تلاش ڪرڻ جون ڪوششون ڪندا رهندا هئا.
زندگي ۽ موت جو فلسفو هن لاءِ هڪ ڳوڙهو راز هئو.
ڪڏهن ڪڏهن ته هو سوچيندو هو ته آخر زندگيءَ لاءِ
هيڏي جاکوڙ ڇو ڪجي! جڏهن ته موت ئي ان جي انتها
آهي. هر رستو، هر گهٽي ۽ هر پيچرو زندگيءَ کي
پنهنجي پڄاڻيءَ ڏانهن گهليندو ٿو وڃي. جيڪڏهن اها
ئي پڄاڻي آهي، اها ئي منزل آهي، ته پوءِ زندگي
ڪهڙي به نموني گذارجي، ڪهڙو فرق ٿو پوي؟ اهو ڇو
ضروري آهي ته راتين جون ننڊون ۽ ڏينهن جا آرام
ڦٽائي هو لکندو رهي. ٻين جي لاءِ پنهنجو سک
ڦٽائيندو رهي. شايد اهو موت جو خوف ئي هو، جيڪو هن
کان رومانوي ڪهاڻيون۽ دلڪش داستان لکارائيندو هو.
هو ڪوشش ڪري ڳوڙهن ۽ آهن وارن مسئلن کي هٿ ۾ نه
کڻندو هو ۽ پنهنجو پاڻ کي اهو چئي مطئن ڪندو هو ته
هو زندگيءَ جي چڱين ڳالهين کي قلمند ڪري پيو ۽
انسان کي هن ڏکويل ماحول مان ڪڍي چند گهڙين لاءِ
هڪ اهڙي ماحول ۾ وٺي ٿو وڃي، جتي هو آرام ۽ سک جو
ساهه کڻي سگهي ٿو ۽ زندگي جي چڱي رخ مان لطف حاصل
ڪري سگهي ٿو- تنهن ڪري هن جا ناول، هن جون ڪهاڻيون
۽ شعر رومان پسند شخصن پرائمري ماسترن، تپيدارن ۽
زندگيءَ کان فرار حاصل ڪندڙن لاءِ وڏي دلچسپي
رکندا هئا.
اهي سڀ ڳالهيون، سڀ مسئلا افضل چاهيندو هو ته ٻين
اديبن سان به ڪري. هو چاهيندو هو ته سندس ويچار
ٻين تي ڪهڙا اثر وجهن ٿا، تن جي کيس ڄاڻ ٿئي. هو
صرف عام پڙهندڙن جي پسند ناپسند مان مطئن نه هو.
هن کي همعصر اديبن جي راءِ جي ضرورت هئي، فنڪشن ۾
به هن کي ڪو خاص مزو ڪونه آيو هو- ڪنهن جي به
مضمون هن کي مطمئن ڪونه ڪيو. ان ڪري جو ڪنهن به
مڃيل اديب ڪو مقالو يا مضمون ڪو نه پڙهيو هو، بلڪه
شاگردن ۽ عام پڙهندڙن پنهنجا مضمون ۽ رايا پيش ڪيا
هئا، يا رڳو تعريف ڪئي هئائون.انهن جي راءِ جو هو
دل سان احترام ڪندو هو، ليڪن هن کي پنهنجن همعصرن
۽ ساٿين جي راءِ جي سخت ضرورت هئي. تڏهن ته هو
نسيم کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو هو. |