”هنه، مغربي پاڪستان جي گاديءَ جو هنڌ لاهور –
پرديس – سنڌ جي گادي لاهور – پنهنجي شهر کان ٻاهر
سڀ پرديس آهي. سنڌ جون هوائون، سنڌ جا ريگستان سنڌ
جو سمنڊ، سنڌ جا جبل ۽ سنڌ جي سنڌو ندي، جنهن جي
هنج مان دنيا جي قديم ۽ عظيم سڀيتا ڦٽي نڪتي ۽
وڌي، ويجهي اوج ماڻيائين پر وري جڏهن ڪاوڙ ۾ آئي
ته ڦٽائي کنڊهر ڪري ڇڏيائين.‘ هن سوچيو، ’هي مون
کي ڇا ٿيندو پيو وڃي. آءٌ نسيم ڇو پئي ٿيندي وڃان؟
مون ته اقتصاديات پڙهي آهي.ويلٿ آف نيشنس پڙهي
آهي. مرڪنٽلسٽ ۽ پزيوڪريٽس پڙهائيندي آهيان. لينڊ،
ليبر، ڪئپيٽل، آرگنائيزيشن فڙهائڻو اٿم، بسڪوٽن ۽
بک جا مثال ڏيئي ڊمينشنگ يوٽيلٽي پڙهائڻو آهيم.
ٻين ڳالهين سان منهنجو ڪهڙو واسطو؟‘ هن پاسيواري
بستري ڏانهن ڏٺو جنهن مان اڃا ڦسڪا اچي رهيا هئا.
وري پاسو ورايائين. ’ڪمال آهي.هر هنڌ ٽڪيٽ! ميوزيم
۾ ٽڪيٽ مسجد جي مناري تي چڙهڻ جي ٽڪيٽ، جهانگير جي
مقبري ۾ وڄو يا شالامار باغ ۾، پر ٽڪيٽ هر هنڌ
ضروري آهي.واهه جي ڪمائي اٿن، تڏهن ته هر ڪو ڪڇو
پايو گرز ڪلهي تي کنيو پهلوان سڏائيندو وتي.
پهلوان لسي هائوس پهلوان پان هائوس – ڀلا هنن جي
چهرن تي مرڪ نه هوندي ته ٻيو ڪنهن جي چهري تي
هوندي؟ اسان جي وڏيرن ۽ پيرن، قيرن جي سجاده نشينن
جا چهرا البته هنن جهڙا ئي آهن – ڌوڙ وڃي پائن،
آءٌ هي ڇا پئي سوچيان!‘ هن تنگ ٿي وري سوچڻ شروع
ڪيو. ’هي اقبال کي وري ڪهڙو ريچڪ آيو آهي.اڳي ته
ڪڏهن ائين ڪو نه ڪيو اٿس – ڇا ٿي ويو اٿس؟ بس، ها
عشق جي باهه – شل نه ڪا ڇوڪري کڻي ڏسي يا ڳالهائي.
هي مرد سڌرڻ جا ناهن.‘ هن مرڪي ڏنو. ’آءٌ شئي ئي
اهڙي آهيان. ڪيئن نسيم هان،‘ هن ڄڻ نسيم کان سوال
ڪيو. تصور ئي تصور ۾ هن نسيم کي ڏٺو پر نسيم جي ڀر
۾ هي ڪير هو، جيڪو مرڪي مرڪي ڳالهائي رهيو هو.
’افضل‘ هوءَ خيال ئي خيال ۾ ڇرڪي ويئي. ’تو وٽ ته
آءٌ هوندي هئس نسيم – هي افضل تو وٽ ڇو ويٺو آهي؟
هي ٽي مهينا ڪڏهن پورا ٿيندا؟ ڪاليج وارا مون کي
ڇو گهرائي نٿا وٺن–‘ هن جي دل ٿي ته روئي ڏي.
”ڪيون ابهي تڪ جاگ رهي هو، گهر ياد آ رها هوگا بي
چاري ڪو. اتني بهولي بهالي معصوم ڪو اڪيلا هي بهيج
ديا.“ گل بانو سوڙ مان منهن ڪڍي چيو ’ادهر آجائو.“
رعنا هن کي پٺي ڏئي، سوڙ منهن تائين ڇڪي رڳو نڪ
جيتري جاءِ ڇڏي ڏني. ”بيهودي.“ هن آهستي چيو ۽ هنڌ
۾ اندر ئي اندر قميص کي ٺيڪ ڪيائين! ’اقبال ٽڪرايو
ته سهي پر پوءِ حالت خراب هئس؟‘ هن سوچيو. ’هي مرد
ايڏا ڪمزور ڇو ٿا ٿين؟ آخر آءٌ به ته انسان آهيان.
مون سان ڪنهن به مرد جا تعلقات ڪو نه رهيا آهن.
پوءِ مري وئي آهيان ڇا؟ مايون مردن تي پيون مرن،
مرد ماين تي پيا مرن هنه‘ هن وري سوچيو، ’افضل بنا
ڪنهن هٻڪ جي مون کي پنهنجي منزل چئي ڇڏيو. ظاهر ۾
ته ڏسو، ڪڏهن ڪنهن سان ڪو نه ڳالهائيندو آهي،
اڪيلو اڪيلو رڳو لک پڙهه ۾ لڳو پيو هوندو آهي.پر
ڪمال آهي، اهڙي ماڻهوءَ مونکي پهرئين دفعي ئي ڏاڍي
پنهنجائپ سان منزل چئي ڇڏيو. ماءُ جو غم سهي
ويو.هاڻ خبر ناهي ڇا ڪندو هوندو؟ روز اسان جي گهر
ايندو هوندو.سڀني سان ڳالهيون ڪندو هوندو. هو ضرور
منهنجي باري ۾ به ڳالهائيندا هوندا.ادي گاريون
ڏيندي هوندي ته مئي پاڻ وڃي عيش پئي ڪري. هنه –
عيش – رڳو گرم هنڌ ۽ ٽن وقتن جي ماني به ڪو عيش
آهي؟ عيش ته پنهنجن جي قربت ۾ آهي. عيش ته اديءَ
جي دڙڪن ۾ آهي.امان! تون ته مون کي ياد ڪندي
هوندينءَ؟ بابا توهان کان اچي ڪن ۾ پڇندو هوندو ته
’رعنا ڪڏهن ايندي؟‘ خبر ناهي اختر کي پئسن جي
ضرورت نه هجي – رشيده حق ته پنهنجو ڄمائيندي آهي.
باقي پئسو ڏوڪڙ، حرام جو ڪڏهن اڌارو ٽڪو به ڏي –‘
هن جي نظرن جي آڏو سڄي گهر جو نقشو اچي ويو. هن
ڏٺو ته سڀ ستا پيا هئا. صرف نسيم جي ڪمري جي بتي
ٻري پئي. هوءَ پنهنجي ميز تي ويهي لکي رهي
هئي.سندس نگاهون پني تي کتل هيون. هٿ پني تي هلي
رهيا هئا ۽ سندس ساهه تڪڙا ٿيندا پئي ويا. هن کي
ائين لڳو ڄڻ هوءَ نسيم جي ڀر ۾ وڃي بيٺي هجي. هن
جي پٺيءَ تي هٿ رکيو هجيس ۽ هن ڏانهن ڏسي مرڪي ڏنو
هجي. هن کي نسيم جي خوبصورت اکين ۾ ڏسڻ سان ائين
لڳوڄڻ هوءَ اوجاڳيل هئي. پر کيس ڏسي هن جو وجود
مرڪڻ لڳو هجي. ائين ڏسندي ڏسندي هن کي ننڊ کڻي
ويئي.
صبح ساڻ ئي هن جي اک کلي وئي. رات جو پوريءَ طرح
ننڊ نه اچڻ جي ڪري هن کي نڙيءَ ۾ هلڪي تلخي جو
احساس ٿي رهيو هو. مٿو به ڳرو ڳرو پئي لڳس.پر
اڄوڪي ڏينهن تي گروپ ڊسڪشن ٿيڻو هو، جنهن تي سندس
سڄي تربيت جي نتيجي جو دارومدار هئو. سيءَ ۾ هن
جي دل نه ٿي چاهيو ته هنڌ ان نڪري. هڪ دفعو ته
خيال ڪيائين ته ڌوڙ وڃي پائي ٽريننگ. پر دل جو سور
دل ۾ رکي جيئن تيئن تياري ڪري وڃي هال ۾ پهتي. هن
کي اهو ڏسي حيرت ٿي ته هال ۾ کانئس اڳ به ڪو ويٺو
هو. هن جي دل جي ڪنهن ڪنڊ مان رحم جو هلڪو جذبو
اڀريو.
اقبال کي اڪيلو ويٺل ڏسي خبر ناهي ڇو رعنا کي هو
ان ٻار جيان لڳو، جيڪو ڪنهن حرڪت تان دڙڪو کائي
ڏکوئجي چپ ٿي ويهي رهيو هجي ۽ انتظار ڪندو هجي ته
جيئن ڪو اچي کيس پرچائي – هن به چاهيو ته وڃي
اقبال کي تسلي ڏي پر چپ چاپ وڃي ويهي رهي.
اقبال پهرين ته بت بنيو ويٺو رهيو. پر پوءِ اٿي هن
ڏانهن آيو.”ڪالهه شايد گهڻو واڪ ڪيو اٿو؟“ هن
پنهنجن خيالن جي تصديق ڪرڻ ٿي گهري.
”ڪالهه! ڪيڏي مهل؟“ هن آهستي پڇيو.
”شام جو!“ اقبال وراڻيو. هن جي لهجي مان شڪايت
بکي رهي هئي.
”ڪنهن چيو؟“ هن آهستي چيو.هن چاهيو ٿي ته اقبال جي
غلط فهمي دور ڪري.
”آءٌ آيوهوس.“ اقبال آهستي ائين چيوجيئن سندس ڪا
چوري پڪڙجي پئي هجي. ڪالهوڪن جملن کان پوءِ هن
پنهنجي ۽ رعنا جي وچ ۾ ڪي ويڇا پوندي محسوس ڪيا
هئا. رعنا جي هڪ ئي جملي جيڪا پٿرائين ديوار کڙي
ڪري ڇڏي هئي، تنهن هن کان همت ئي کسي وڌي هئي.
”مون ڏٺو هو.“ رعنا چيو. اهو جملو ٻڌي اقبال جي دل
هڪ دفعو ته ڌڙڪڻ ڀلجي ويئي.
’جي هن ڏٺو پئي ته معنيٰ مون سان گڏ نه ٿي هلڻ
چاهيائين. چوڪيدار کي ئي روڪي ڇڏيو هئائين!‘ هن کي
اکين اڳيان اوندهه ٿيندي پئي وئي.
رعنا انتظار ڪيو ته هو ڪجهه چوي پر هو چپ رهيو.
”آءٌ لان جي پرئين ڀر بيٺي هوس، تو ڏٺو ئي ڪو نه!“
هن جي ان جملي اقبال ۾ ڄڻ وري ساهه وجهي ڇڏيو– هن
جي ڪنن ۾ عجيب عجيب آواز اچڻ لڳا. اکين آڏو رنگن
جو سيلاب اچي ويو. سڄو وجود عجيب خوشبو سان ڀرجي
ويس. هن جي دل چاهيو ته زور سان ٽهڪ ڏي، خوشيءَ
مان رڙيون ڪري ۽ ڊوڙي ٻاهر نڪري وڃي، جهمر وجهي.
سندس جذبن جا رنگ سندس چهري تي ڳاڙهن گلابن جيان
کڙي بيٺا هئا.
”اڄ لنچ منهنجي پاران.“ اقبال کان خوشيءَ وچان ٻيو
ڪجهه نه اڪليو.
”وري ٻه ويلا بک!“ رعنا چرچي طور چيو.
”ڪاٽيندس.“ هن ڏاڍي فدويانه انداز ۾ چيو ۽ رعنا
کان کل نڪري ويئي. هو به کلڻ لڳو. ”آءٌ سڄي رات
جاڳيو آهيان.“هن چيو.
”ها،ڏاڍو سيءُ هو.“ رعنا ڳالهه جو رخ بدلايو.
”نه نه، سيءُ ڪو نه هو.“ اقبال چيو. هن ڏٺو ته هو
جيڪي ڪجهه چوڻ چاهي ٿو اهو نه ٿو چئي سگهي، تڏهن
ڳالهه کي موڙ ڏنائين، ”شاگردن ۾وري بي چيني پيدا
ٿي آهي. سو ان ڪري فڪر ۾ ننڊ ڪو نه آئي.“
”حيدرآباد جي ڪا خاص خبر؟“ ٻين لفظن ۾ رعنا اهو ٿي
پڇڻ چاهيو، ته ڪٿي وري افضل لٺين جي ور ته ڪو نه
چڙهي ويو.
”نه نه، اڃان ته بيان بازيون شروع ٿيون آهن.“
اقبال چيو، ”اڳ خبر اٿئي ته افضل ڌڪجي پيو هو.
ويچاري جي امڙ به گذاري وئي. آءُ ڳوٺ ويو هوس پر
ساڻس ملاقات ڪو نه ٿي. ڏاڍو مصروف هو. ڏکويل، مٿان
ذات برادريءَ جو خيال رکڻ، آئي وئي جي پرگهور، وري
مون کي به ترت موٽڻو هو. هاڻ ويندو سانس اطمينان
سان ملڻ.“ اقبال يڪساهيءَ چئي ويو.
”هتي ته اڃا ڪو ڪو نه آيو آهي؟“ رعنا پڇيو. هن
وڌيڪ تفصيل ۾ وڃڻ نه ٿي چاهيو. ”اڄ ڊسڪشن آهي نه!“
”شايد پاڻ سوير اچي ويا آهيون.“ اقبال واچ ۾ ڏسندي
چيو. ”سومر کان ته پاڻ کي مري وغيره جي سير لاءِ
ٿا وٺي هلن ۽ پوءِ“ اقبال ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي.
”ها ٽريننگ مان ٿڪا آهن. آهي به ڇا؟ فائدو ڪهڙو؟
رڳو سرڪاري پئسو خراب ڪيو اٿئون ٻيو ڇا. هاڻ ته
جلدي گهر وڃون.“ رعنا آهستي چيو. سکيا وٺندڙن جا
ننڍا ننڍا جٿا ڪلاس ۾ گهڙڻ لڳا.
لاهور کان راولپنڊيءَ تائين بس ۾ سفر ڏاڍو سٺو
ڪٽيو. رعنا ۽ اقبال اڳيان پويان سيٽن تي ويٺا هئا.
علائقو ٻنهي لاءِ نئون هو. گجرات، جهلم،
گوجرانواله گوجر خان. . . . . لاهيون ۽ چاڙهيون،
جابلو ور وڪڙ، پوٺوهارجي ٽنگر زمين. سڄي زمين اهڙي
پئي لڳي جهڙي سِرُن جي بٺن جي اردگرد هوندي آهي.
رعنا هر هر مُڙي هن سان پئي ڳالهايو. هو پنهنجو
پاڻ کي ٻين کان تمام مٿي محسوس ڪري رهيو هو. هنن
جو ڌيان پنهنجين ڳالهين ۾ هو.
رعنا سوچيو پئي ته ’نسيم هن سفر ۾ هجي ها ته ڪيڏو
نه مزو اچي ها. وٺي اچانس ها، کڻي ڪجهه پئسا
پنهنجا خرچ ڪرڻا پون ها نه. . .. ‘
هن کي وري پنهنجو اڳوڻو هوائي جهاز وارو سفر ياد
آيو. ’ڪيڏو نه ڀوائتو تجربو هو. هاڻ ته کلي ٿي
ڳالهه ڪجي، پر ان وقت دل ٿي چاهيو ته ڪو گڏ هجي ته
هن کي ڀاڪر پائي سڏڪا ڀرجن. ڪير هجي! ڪاش افضل گڏ
هجي ها،‘ هن وري ڪنڌ کي ڌوڻ ڏني. ’هي افضل آخر هر
وقت ڇو ٿو ياد اچي!‘
”افضل جو خيال هو ته گرمين ۾ مريءَ ۾ اچي رهجي.“
اقبال افضل جو ذڪر ڪري رهيو هو. ”واقعي گرميءَ ۾
ڏاڍو مزو اچي ها.“
’افضل، افضل، هر طرف، ٻاهر به ۽ دل ۾ به . . . .
ماڻهو ڪيئن ڪنهن جي وجود کي ٽپي هن جي دل ۾ پهچي
ٿو وڃي!‘ رعنا رستي تي ساوڪ سان ڀريل ميدان ڏسندي
سوچيو، ’اکين جون ڳڙکيون هجن يا لفظن جون پليون.‘
”سڄو پنجاب باغ آهي.“ اقبال به ساڳيو منظر ڏسي
چيو. پر رعنا ڪو به جواب ڪو نه ڏنو.
”ڪڏهن پهچنداسين!؟“ رعنا هٿ جي پُٺ سان اوٻاسيءَ
کي چپن تي ئي روڪيندي چيو.
”ڇو، بيزار ٿي پيا آهيو؟“ اقبال چيو.
”ها،دل ٿي چوي ته دريءَ مان ٽپوڏيان.“ رعنا چيو.
’ته تنهنجي دل به ڪجهه چوندي آهي؟‘ اقبال حيراني
وچان دل ۾چيو ۽ وري زور سان چيائين. ”دل رڳو
اهڙيون ڳالهيون چوندي اٿوَ ڇا؟“ وري دل ۾ چيائين
’دل نه ٿي ڪو تخريبڪار ٿيو، رڳو ٽوڙ ڦوڙ.‘
رعنا ڪڇي پڇي ڪو نه، صرف نهار ڏنائين. هن جي نظرن
جي تيک کي نه سهندي اقبال دريءَ کان ٻاهر ڏسڻ لڳو
۽ بند شيشن مان ٽپي ايندڙ سيءَ جو ڇهاءُ محسوس ڪرڻ
لڳو.
”هن سيءَ ۾ مريءَ ڪيئن هلبو؟“ رعنا چيو.
”برف بازي ڏسنداسين.“ اقبال وراڻيو.
”اها فلمن ۾ مزو ٿي ڏي.هتي ته ڏند ئي نٿا بيهن.“
رعنا هڪ لمحي لاءِ ڪنبندي چيو.
”خاص ڪري مشرقي پاڪستان وارا ڇا ڪندا؟“ هن پويان
نهاريو. کيس رات وارو منظر ياد اچي ويو ۽ ڏندن ۾
ڪرڪر محسوس ٿيڻ لڳس.
”ٽئڪسيلا ته هلبو نه!“ اقبال پڇيو.
”مون کان ڇو ٿو پڇين، رشيد صاحب کان پڇ.“ رعنا
وراڻيو. رشيد صاحب هنن جو انسٽرڪٽر هو ۽ اهو ئي هن
ٽرپ جو انچارج هو. ڏاڍيون خوبصورت ڳالهيون ڪرڻ
وارو. رعنا تي خاص نظر هئس. ڪوشش ڪري هن کان گهڻا
سوال پڇندو هو. هن کي گهڻو ئي انارڪلي ۾ چاٽ کائڻ
لاءِچيو هئائين پر رعنا جي سرد رويي کي ڏسي چپ ٿي
ويو هو. تڏهن به هو رعنا تي خاص ڌيان ڏيندو هو.
ڪڏهن ڪڏهن اهو چوندو هئس ته هو کيس تمام مٿانهون
ڏسڻ چاهي ٿو. هن ساڻس اسڪالرشپ جي باري ۾ به
ڳالهايو هو، تنهن ڪري اقبال کي ڏٺو ڪو نه وڻندو
هو. هو ڊرائيور جي ڀرواري سيٽ تي ويٺو هو.
”جيڏانهن وڻين تيڏانهن هلن.“ اقبال چيو.
”آءٌ ٿي پڇانس.“ رعنا شرارتي انداز ۾ ڄڻ ته اٿندي
چيو. هن کي خبر هئي ته اقبال رشيد صاحب کان خار
کائيندو آهي. واقعي اقبال تي ساڳيو ردعمل ٿيو.
هن هڪدم چيو، ”نه نه ڪا ضرورت ناهي.“ ان وقت بس
راولپنڊيءَ جي سنسان ۽ سرد شهر ۾ داخل ٿي، جتي هنن
کي رات گذارڻي هئي.
راولپنڊيءَ ۾ هنن کي رهڻ لاءِ ريسٽ هائوس مليو
هو.اتي مردن ۽ عورتن لاءِ جدا ڪمرا هئا. هڪ وڏي
ڪمري ۾ غاليچي تي هنڌ کي پکيڙي ڪجهه دير ته رعنا
ساڻي ٿي ڪري پيئي هئي. ايڏو سيءُ سندس ڳوٺ ۾ به ڪو
نه ٿيندو هو، جيڪو سنڌو نديءَ جي ڪناري تي ڪچي جي
علائقي ۾ هو. جتي سرد هوائون پاڻ سان گڏ چيڪي مٽي
۽ سائي گاهه جي مهڪ به اڏائينديون وتنديون هيون.
سندن گهر جي اڱڻ ۾ بيٺل نم جي پنن تي صبح جو ماڪ
ڦڙا هيرن جيان جڙيل نظر ايندا هئا ۽ پاٽ ۾ پيل
پاڻيءَ جي مٿان برف جو هلڪو تهه ڄاري وانگر مرڪندو
نظر ايندو هو ۽ سندس ناني چوندي هئي، ’رات پارو
پيو آهي.‘ پر تڏهن به سيءُ اهڙو ڪونه هوندو هو،
جهڙو هتي هو. هتي ته لاهور کان به وڌيڪ سيءُ هو.
هن کي وري ڳوٺ ياد آيو. وات مان دونهان ڪڍندي جڏهن
هوءَ صبح ساڻ هٽ تان شيءِ شڪل وٺڻ نڪرندي هئي ته
سرد مٽيءَ جا تهه سندس اگهاڙن پيرن تي ڪتڪتايون
ڪرڻ لڳندا هئا. پر رڳن ۾ رت ائين ڪو نه ڄمڻ لڳندو
هو، جهڙو هتي لڳي رهيو هوس. هن کي ان وقت بڇان لڳي
هئي.جڏهن لاهور مان روانو ٿيڻ کان اڳ گلبانو سندس
سامهون ئي ڪپڙا لاٿا هئا ۽ پينٽيز کي ٽنگن تي
چاڙهيو هوائين. پر هاڻ هن کي محسوس ٿي رهيو هو
ته ڪپڙن جي اندران ٻيو ڪجهه هئڻ به ضروري آهي. هن
کي پنهنجا ننڍپڻ جا اهي ضدي ۽ سرڪش ڏينهن ياد اچي
ويا. ان وقت ماڻس کيس ڪٽي ڪٽي ساڻي ٿي پوندي هئي،
پر هن کي موچڙن جي ڪا به پرواهه ڪا نه هوندي هئي.
تڏهن رشيده کيس بچائيندي هئي. هوءَ ته ائين سلوار
قميص ۾ اسڪول ويندي هئي. هن انهن خيالن کي ذهن مان
ڪڍڻ ٿي چاهيو. خبر ناهي ڇو کيس پنهنجي ماضيءَ ۾ ڪا
دلچسپي نظر ڪونه ايندي هئي يا پنهنجي اندر ماضيءَ
۾جهاتي وجهڻ جي همت ڪا نه ٿي ڏٺائين. ’مون کي
مستقبل ٺاهڻو آهي،‘ هوءَ پنهنجي منهن چوندي هئي.
پنهنجو، پنهنجي گهر جو، نسيم جو، اختر جو مستقبل،
پر ڪهڙي خبر!،
ڳوٺ ۾ هن جي ڪا به خوشگوار ياد دفن ٿيل ڪو نه هئي.
البته ڪي تلخيون هيون،جن کي هن ياد ڪرڻ نه ٿي
چاهيو. هلڪي هلڪي غربت، پيءُ جي ماستري ۽ ها – ڀيڻ
جي ناڪام جواني، هن کي سڀ ڪجهه ياد هو. پر
چاهيائين ٿي ته اهو ياد نه ڪري، وساري ڇڏي. ئين
دنيا وسائي، غربت ڪو نه ٿي وڻيس. غربت سان چڙ هئس،
ڇو جو هن غربت کي اکيون اکين ۾ وجهي ڏٺو هو. کيس
خبرهئي ته غربت جيئري جاڳندي حقيقت آهي. جيڪا
انسان کي قابل رحم بڻايو وجهي ۽ رحم جا جذبا هن جي
آڏو بي معنيٰ هئا. هوءَ اهڙي ماڻهوءَ کي ته برداشت
ڪري ٿي سگهي جيڪو ساڻس نفرت ڪندو هجي پر اهڙي
ماڻهوءَ جو خيال به برداشت نه ٿي ڪري سگهي. جنهن ۾
شڪ هجيس ته سندس حالت تي رحم کائيندو هوندو. تڏهن
ئي ته پيءُ جي پينشن کانپوءِ هن ڏينهن رات هڪ ڪري
محنتون ڪري، ڏکيا ۽ مشڪل مرحلا طئه ڪري رکي سڪي
کائي، پنهنجو مان قائم ڪيو هو. جيڪو گهر مسواڙ تي
ورتو هئائون سو آخر خريد ڪيائين ۽ نسيم توڙي اختر
جي پڙهائيءَ جا بار به کنيا هئائين.آهستي آهستي هن
کي معاشري ۾ پنهنجو مقام ملي رهيو هو. نسيم جي
اديب بنجڻ جي ڪري ادبي حلقن ۾ به سندس ڪافي عزت
ٿيندي هئي. پر هن اڃا به اڳتي وڌڻ ٿي چاهيو. تنهن
ڪري هن ڳوٺ واري زندگيءَ ڏانهن مڙي به ڏسڻ ڪو نه
ٿي چاهيو. هن ڳوٺ جو سيءُ به ياد ڪرڻ نه ٿي چاهيو.
’اَسين آهيون ڳوٺن جا ۽ مري دفن به اتي ٿينداسين.‘
هن سوچيو. ’زندگي ان لاءِ ٿا گذاريون ته جيئن هڪ
ڏينهن زمين ۾ پورجون. اچون ماءُ جي پيٽ مان، وڄون
زمين جي پيٽ ۾‘ هن سوچيو.
”گهومني چلنا هي“. بنگالڻ پڇيو.
”نهين.“ هن هنڌ مان ئي جواب ڏنو.
”يه تو اپني اُس ڪي ساتهه جائي گي.“ هن ساڙ وچان
چيو ۽ ٻاهر نڪري وئي. ’رنن کي رڳو پنهنجن يارن جي
لڳي پئي آهي‘ رعنا سوچيو ’زندگيءَ ۾ٻيا به گهڻا ئي
ڪم آهن، گهڻيون ئي ڳالهيون آهن، اسان کي پنهنجن
خوابن جي ساڀيان ته پاڻ ئي ٺاهڻي آهي.حيدرآباد جي
آبهوا.‘ هن کي وري گهر ياد اچي ويو. ’آءٌ اڄ واقعي
هوم سڪ پئي محسوس ڪريان. باقي ٿورا ڏينهن اچي بچيا
آهن. فاصلو به هڪ طرح ڏسجي ته ڪو خاص ڪونهي. پر وس
ڪونهي. هن وري سوچيو، ’ڪي اکين آڏو ڏور،ڪي ڏور به
اوڏا سپرين،واهه لطيف، سڀني جي دل جي ڳالهه ڪري
ويو آهين.‘ هن کي پنهنجين سوچن تي حيراني ٿيڻ
لڳي،’آءٌ اڳي ته ڪڏهن ايترو ۽ ائين ڪو نه سوچيندي
هئس، شايد وطن کان پري رهي، ماڻهو وڌيڪ حساس ٿي
ويندو آهي. جيئن چوندا آهن. محبوب کان پري رهي
ماڻهو شاعر ٿي ويندو آهي. آءٌ شاعر پئي ٿيان ڇا؟
منهنجو محبوب ڪير آهي؟’ هن پنهنجي منهن کليڏنو.
’آءٌ ڪنهن جي منزل آهيان ڇا؟ يا اديب اهو جملو به
ائين چئي ڇڏيو. آءٌ هروڀرو پئي خوش ٿيان. ڇا هن جي
منزل بنجڻ ۾ خوشي آهي؟ خبر ناهي ڇا آهي! اقبال
منهن ئي ڪو نه ڏيکاريو. شام سمجهي ويهي رهيو، پر
اڃا ته شام جا چار مس ٿيا آهنٰ سياري ۾ هنڌ ۾
اڪيلو سمهڻ ۾ مزو ئي نه ٿو اچي. ٻيو ڀلا ڪير ايندو
هنڌ ۾ سمهڻ.‘ هن پاسو ورايو. جنهن پاسي ستي پئي
هئي اهو ته گرم هو پر هنڌ جو ٻيو پاسو ٿڌو ٿيو پيو
هو.
در تي کڙڪو ٿيو. ريسٽ هائوس جو پٺاڻ اٽينڊنٽ هٿ ۾
ٻن راڊن وارو هيٽر کنيو بيٺو هو.هوءَ قميص ٺيڪ
ڪندي اٿي ويٺي.اٽينڊنٽ جيڪو نوجوان به هو ۽
خوبصورت به، نگاهون جهڪائي هيٽر جو پلڳ لڳائي، آن
ڪري آهستگي سان ٻاهر نڪري ويو.
ڪيڏو نه معصوم آهي. هن جون به ڀيڻون هونديون، ماءُ
هوندي، پيءُ هوندو. ڪو هن جي به ڪا حيثيت آهي ۽ هت
ڪجهه به ناهي. اقتصادي بدحالي، خاندان جي عزت ۽
نالو، سڀ ٻئي نمبر تي آهن.‘ هن جي سوچ ڦيرو کاڌو ۽
هيٽر جي گرميءَ کي سوڙ جي هيٺان محسوس ڪندي هن جي
جسم کي سڪون ملڻ لڳو.
هو مريءَ پهتا ته برفباري شروع ٿي چُڪي هئي. |