”سائين، ميٽر گهرجي.“ بخش علي ڪمپازيٽر پنهنجي
هيبتناڪ ڊيل ڊول ۽ مڇن سميت بيٺو هو.
”اڇا ڪيترو ميٽر گهرجي.“ اسسٽنٽ پڇيو.
”اڃا ته گهڻو ئي، ٻه اڍائي ڪالم ته هجن.“ بخش
عليءَ چيو.
”ڪمال ٿو ڪرين، مون ته سمجهيو هو ته ڪالم اڌ بچي
پوندو. هيترا سارا پروف ڏٺا اٿم.“ صديق چيو. هو هن
اخبارجو پراڻو ڪارڪن هو.
”هڪ ٻه خبر لکي ٿو وٺان.“ افضل چيو.
”نه سائين، هي ٺڳي ٿا ڪن – آءٌ ميٽر ڏسي ٿو اچان.“
صديق چيو.
”ڀلا ٻه چار اسٽڪون ڏيو.“ بخش عليءَ هٿيار ڦٽا
ڪندي چيو.
”ڇا جون ٻه چار اسٽڪون، ميٽر ته بچڻ گهرجي. هل ته
آءُ ٿو ڏسان.“ صديق اٿيو.
”بابا، ٺهيو ڀلا.“ بخش علي واپس هليو ويو.
”مون سمجهو ڪونه.“ افضل پين ميز تي رکي آڱرين مان
ٺڪاءُ ڪڍندي چيو.
”اڙي سائين، هي چاهين ٿا ته هينئر ئي وڌيڪ خبرون
هلائي باقي وقت آرام ڪن. هي فورمين ٿيندا ئي چور
مئن آهن. آءٌ ٿو ڏسان، ڪٿي ميڪ اپ ۾ ڪارو منهن نه
ڪري ڇڏين.“ صديق اندر ڪمپوزنگ روم ۾ هليو ويو.
’رعنا خبر ناهي ڇو نه آئي.‘ افضل سوچ ۾ پئجي ويو.
”اڙي“ ، هن کان رڙ نڪري ويئي. شام جو هن سليم سان
گڏ نسيم وٽ وڃڻ جو واعدو ڪيو هو. پر هن کي ته ياد
ئي ڪو نه رهيو هو ته ڪو کيس اخبار ۾ نوڪريءَ تي
وڃڻو آهي. هن هڪدم فون تي سليم جو نمبر گهمايو.
”هيلو سليم.“ هن سليم جو آواز ٻڌندي چيو ۽ جواب ۾
سليم جيڪي چيس سو خاموشيءَ سان ٻڌندو رهيو ۽ جڏهن
مس هن ماٺ ڪئي تڏهن چيائين؛
”يار ڇا ڪريان، مون کان ته ڳالهه ئي وسري وئي هئي،
ته ڪو اڄ مون کي اخبار ۾ جوائن ڪرڻو آهي!“ هن
صفائي پيش ڪئي. هتان وري هڪ تيز جواب مليس.
”ڀلا وري جڏهن چوين؛ صبح جو ڪو وقت رک. هتان ته
صرف سومر جي ڏينهن آف مليو اٿم.
”سر، لاهور ويندڙ فلائيٽ کي ڪريش لينڊنگ ڪرڻي پئي
آهي.، صديق اي –پي–پي جي ٽيليپرنٽر تان ڦاڙيل پنو
هٿ ۾ کنيو بيٺو هو.
”ڇا – ڇا، ڪريش لينڊنگ . . . . . يار سليم وري ٿو
ڳالهايان.“ هن تڪڙ ۾ فون رکي ڇڏيو، ”ڏي ڏسان . . .
.ڪو جاني نقصان ته ڪو نه ٿيو آهي؟ هيءَ خبر ضرور
هلندي – پئسينجر لسٽ ته ڏي. – هن هڪ ئي ساهه ۾
ڪيتريون ڳالهيون ڪري ورتيون. اي – پي – پي تان
پئسينجر لسٽ اچي چڪي هئي. خبر ۾ اهو هو ته جهاز
لينڊ ڪرڻ مهل ڦيٿا نه کلڻ سبب وري اڏايو ويو ۽ تيل
ختم ڪرڻ بعد ڪريش لينڊنگ ڪرائي ويئي، جنهن ۾ ڪن
مسافرن کي هلڪا ڌڪ رسيا. انهن کي اسپتال اماڻيو
ويو. وڌيڪ حادثي کان بچاءُ ٿي ويو. مسافرن ۾ . .
. هو نالا پڙهندو ويو. رعنا گل محمد . . . هن جي
هٿ مان پنو ڪري پيو. اکين اڳيان اوندهه اچي ويس ۽
پيٽ ۾ مروڙ ٿيڻ لڳس. ان وقت ريڊيو به پنهنجي
پروگرام کي روڪي اها خبر ڏني . . . . ’ڇا ٿيو؟ خبر
ناهي رعنا ته زخمي ڪا نه ٿي آهي؟ پر هيءَ ڪا ٻي
رعنا به ٿي سگهي ٿي.‘ هن کي يقين نه پيو اچي. هو
سوچڻ لڳو ته ڪٿان اها خبر ڪري – هن کي رعنا جي گهر
جي به خبر ڪا نه هئي، صرف اها گهٽي ڏٺي هئائين،
جتان هوءَ ايندي هئي. پر اها ڳالهه به ڪا نه ٿي
ٺهي ته هو ان گهٽيءَ مان وڃي پڇا ڪري. اڃا هو انهن
خيالن ۾ هو ته اوچتو فون جي گهنٽي وڳي. هو ڇرڪي
ويو. ميز جي سامهون بخش علي ڪمپازيٽر خبر لاءِ
بيٺو هو. خبر جي جلد ضرورت هئي نه ته اخبار ليٽ ٿي
سگهي ٿي ۽ ظاهر آهي ته پوءِ ڳوٺن ڏانهن نه ٿي پهچي
سگهي.
هن فون کنيو. ”جهاز جي خبر سچ آهي؟“ هتان زنانو
آواز آيو. هن کي آواز ڄاتل سڃاتل لڳو پر ان مهل
ذهن ۾ نه آيس ته ڪير هوندو.
”ها.“ هن جواب ڏنو.
”توهان وٽ مسافرن جي لسٽ آهي؟ ڪو زخمي يا. . . . “
پڇيو ويو.
”نه سڀ ٺيڪ آهن – چند معمولي طرح زخمي ٿيا آهن“ هن
چيو.
”رعنا جو نالو آهي؟“ هتان آواز آيو ۽ هن جي دل وري
ٻڏڻ لڳي.
”ها – هوءَ ٺيڪ آهي.“ هن ائين ئي چئي ڇڏيو. شايد
اها سندس دل جي خواهش هئي.
”الله.“ هتان تيز آواز آيو ۽ فون بند ٿي ويو. هن
گهڻو ئي هلو . . . .هلو. . . . ڪيو پر فون ته بند
ٿي چڪو هو.
هاڻ ڇا ڪريان، ڇا واقعي هيءَ رعنا آهي! پر ڇو وئي
آهي لاهور!“ هن کي ڪانفرنس جي باري ۾ ڪا ڄاڻ ڪا نه
هئي، تنهنڪري منجهيو ويٺو رهيو.
”سائين خير!“ بخش عليءَ پڇيو.
”ها.“ هن يڪدم خبر ٺاهڻ شروع ڪئي. دل ۾ آيس ته لکي
ڇڏي ته رعنا به هن جهاز ۾ سوار هئي، پر رڪجي ويو.
”ڌوڙ پئي اٿن، هاڻ ڦيٿا ئي نٿا کلن.“ صديق خبر ڏسي
ڪاوڙ وچان چيو ۽ وري مشين روم ڏانهن ويو.
اخبار جي ميڪ اپ ٿيڻ کان وٺي مشين تي فارم چاڙهائي
مشين پروف ڏسي افضل واندو ٿيو. رات جا ٻارنهن ٿيا
هئا. طبيعت ڳري ٿي پئي هوس. هن ٻه چار دفعا لاهور
ايئرپورٽ اٿارٽيز لاءِ ڪال بڪ ڪرائي هئي پر موسم
خراب هئڻ ڪري لائين ڪو نه پئي ملي. هڪ موقعو مليو
هوس ته اهو فون ڪرڻ واري جي تڪڙ ڪري هٿان وڃائي
ويٺو. ’خبر ناهي ڪير هئي؟‘ هن سوچيو. ’ٿورو ته
ترسي ها ته پڇي وٺانس ها.‘
”سائين آخري خبر به اچي ويئي. هاڪي ٽورنامينٽ جي
آهي.“ صديق خبر هٿ ۾ کنيو بيٺو هو. ٻارهين بجي
آخري خبر ايندي هئي ۽ پوءِ ٽيليپرنٽر بند ٿي ويندو
هو.
افضل اٿي کڙو ٿيو. هن کي وقت گذرڻ جو احساس ئي ڪو
نه رهيو هو. هڪ ته ڪم ئي اهڙو هوس جو وقت ڪو نه ٿي
مليس، مٿان هي جهاز وارو حادثو هن کي اڳيون سڀ
ڳالهيون وسري ويون هيون.
”سائين شام جو 6 بجي ايندا ڪريو.ٻارهين تائين ڪم
ختم ڪم ته ڏهين بجي ئي ختم ٿي ويندو آهي، پر
ٻارهين تائين وهڻ ضروري آهي. اڳ به ظهور صاحب
هوندو هو. سورات جو ڏهين بجي هليو ويندو هو. هڪ
دفعي ٻارهين بجي خبر آئي ته صدر ڪنيڊي گوليءَ جو
بک ٿي ويو – ۽ خبر ڏيڻ وارو ڪير ڪو نه هو. مون کي
انگريزي اچي پوري ساري، ڪينيڊي سمجهه ۾ ڪو نه آيم
لکي ڇڏيم ته صدر کي گولي لڳي. ٻئي ڏينهن حاجي صاحب
وڃي لاڪ اپ ۾ پهتو.
(حاجي صاحب اخبار جو مالڪ هو.)
ڳالهه ٻڌي افضل کان کل نڪري ويئي. هن کي حاجي صاحب
ئي نوڪريءَ ۾ رکيو هو. ڏسڻ ۾ هو ڏاڍو سادو سودو
ماڻهو ٿي لڳو پر سندس ڪارناما ٻڌي افضل کي ڏاڍو
مزو پئي آيو. هن جي گهر جي گهٽي اچي وئي هئي.
”چڱو.“ هن چيو.
”وري سڀاڻي.“ صديق چيو ۽ روانو ٿي ويو.
’خبر ناهي رعنا جو ڇا ٿيو؟ نيشنل پيپر ته صبح جو
ضرور تفصيلي خبرون ڏيندا. نه ته ڪاليج مان پڇي
وٺندس.‘ هن جو ذهن منجهندو ويو ۽ انهيءَ حالت ۾ هو
گهر ۾ داخل ٿيو.
زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو افضل کي تمام عجيب و غريب
قسم جا خواب نظر آيا هئا. ڪنهن ڪنهن مهل هن کي
ائين محسوس ٿي رهيو هو، ڄڻ ته هو مٿي تمام مٿي
فضا۾ بلند ٿي رهيو هجي ۽ اوچتو سندس زور ٽٽي پيو
هجي ۽ پوءِ هو مسلسل ڪرندو ئي رهيو. سندس وجود ۾
عجيب سيسراٽ پيدا ٿي رهيا هئا. سڄو جسم پگهر سان
ڀرجي ويو هوس. دماغ ۾ عجيب آواز اچي رهيا هئس. –
ڪنهن مهل وري سندس ساهه منجهڻ لڳو ٿي ۽ ائين ٿي
محسوس ٿيس ڄڻ ته ڪو سندس منهن تي وهاڻو رکي سندس
ساهه گهٽي رهيو هجي ۽ ڪنهن مهل ائين ٿي لڳس ڄڻ ته
پاڻ پرنٽنگ مشين تي ڪري پيو هجي ۽ ان جا وزني رولا
سندس جسم کي چيڀاٽڻ لاءِ وڌي رهيا هجن.
سڄي رات اڌ ننڊ ۽ جاڳ جي لڪ لڪوٽيءَ ۾ گذاري صبح
جو هو اٿيو ته جسم ٿڪ کان چور چور هوس. ائين لڳس
ڄڻ ته سوين ميل پيادل سفر ڪري موٽيو هجي. اٿندي ئي
هن ڊوڙي وڃي ٻاهرين دروازي جي وٿيءَ مان تازي
اخبار کنئي، جيڪا اخبار وارو صبح ساڻ اڇلائي ويندو
هو. هن جون نظرون هوائي جهاز واري واقعي کي تلاش
ڪري رهيون هيون.پر هن کي عجب تڏهن لڳو جڏهن هن کي
اها خبر نهايت غير اهم نموني سان اخبار جي هڪ ڪنڊ
۾ پيل نظر آئي. سا به صرف ايتري ته ڦيٿا نه کلڻ جي
ڪري لاهور جي ايئرپورٽ تي هڪ هوائي جهاز کي ڪريش
لينڊنگ ڪرڻي پيئ، جنهن ۾ ٻه مسافر ڦٽجي پيا. پر
اهي به ملم پٽيءَ کان پوءِ اسپتال مان فارغ ڪيا
ويا. تنهن کان پوءِ پائلٽ جي ڦڙتي ۽ هوائي ڪمپنيءَ
جي تعريف ڪيل هئي.
”رعنا جو ڇا ٿيو؟“ افضل اخبار کان سوال ڪري رهيو
هو. هن کي پڪ هئي ته قومي اخبارن ۾ ڪجهه وڌيڪ
تفصيلي خبر هوندي. ايتري خبر ته هن پاڻ به اخبار ۾
ڏني هئي. ’فون ڪنهن ڪيو هو‘ پنهنجو نالو به نه
ٻڌايائين.‘ هن سوچيو پئي. ’آواز ته سڃاتل ٿي لڳو –
خبر ناهي . . . . رعنا جي ڀيڻ هوندي يا ڪا دوست.
اڄ ڪاليج مان ته خبر پوندي‘– هن اخبار ڦٽي ڪئي ۽
تيزيءَ سان ڪاليج لاءِ تيار ٿيڻ لڳو ۽ جلدي تيار
ٿي ويو.
”ابا چانهه.“ مائي ڦاپوءَ هن جي اڳيان چانهه جو
ڪوپ رکيو ۽ هو تيزيءَ وچان گرم گرم چانهه جا ڍڪ
ڀرڻ لڳو.
”ابا، ڪيڏانهن جلدي وڃڻو اٿئي ڇا؟“ مائي ڦاپوءَ
حيران ٿيندي پڇيو.
”ڪاليج.، افضل هڪ وڌيڪ گرم ڍڪ ڀريندي چيو.
”پر ابا، اڃا ته ساڍا ست ٿيا آهن. تنهنجي بس ته
ساڍين اٺين ايندي آهي،“ مائي ڦاپو ڀت ۾ ٽنگيل
گهڙيال ڏانهن ڏسندي چيو.
”هان . . . ها ها . . . “ افضل گهڙيال ڏنهن ڏٺو.
کيس ڪاوڙ آئي ته گهڙيال ايترو سست ڇو پيو هلي.هن
چاهيو ٿي ته هو جلد کان جلد ڪاليج پهچي ته جيئن
کيس رعنا جي باري ۾ معلومات ملي، پر هتي وقت هو جو
گذريو ئي ڪو نه ٿي. مائي ڦاپو هن ڏانهن اهڙين
نگاهن سان ڏٺو جيڪي ظاهر ظهور چئي رهيون هيون ته
ابا شادي ڪر. . . . شادي.
افضل چانهه پي ٻاهر نڪتو ”منجهند جو آءٌ ماني ٻاهر
کائيندس.“ هن زور سان مائي ڦاپوءَ کي چيو.
”ابا، کائجئين ضرور.“ مائي ڦاپوءَ غير يقيني انداز
۾ هن ڏانهن ڏسندي آهستي چيو. هن جي تجربيڪار دماغ
سمجهي ورتو هو ته ڇوڪري جو ڪٿي نينهن اڙيو آهي.
عشق ۾ بک۽ اڃ جو احساس ختم ٿيندي ڪڏهن هن به محسوس
ڪيو هو. جڏهن اڃا وقت جا قدم هن جي هانؤ تي مڱ نه
ڏري سگهيا هئا. ٻالپڻي جي حدن مان نڪري جڏهن هن
جوانيءَ ۾ قدم رکيو هو ته پاڙي جا ڪئين جوڌا سندس
اَک جي هڪ اشاري ۽ چيلهه جي هڪ لوڏ تي لوهي نلڪيون
کڻي هڪٻئي جا مٿا ڦاڙڻ لاءِ تيار ٿي ويندا هئا. پر
هن پسند ڪيو هو بچائي ٽانگي واري کي، جنهن ڪاوڙ ۾
نلڪي هڻي خود سندس مٿو ڦاڙي وڌو هو. هن پيشانيءَ
تي هٿ هڻي ان زخم کي محسوس ڪيو، جنهن جو نشان هن
جو عمر ڀر جو ساٿي بڻجي ويو هو. بچايو هن کي ڇڏي
ٻئي جهان هليو ويو هو، پر اهو نشان هميشه لاءِ
سندس پيشانيءَ تي رهجي ويو هو.
”چريو ڇوڪرو هن عمر ۾ هن کي ساٿي جي ضرورت آهي،
جنهن سان آهستي آهستي سس ڦس ڪري سگهجي، دل جي
ڳالهه ڪري سگهجي، من جون مرادون پوريون ڪري سگهجن،
هيءَ عمر ڪا اڪيلي هنڌ ۾ سمهڻ جي آهي.‘ ڦاپو
پنهنجي منهن مرڪي ڏنو ۽ پوءِ ڪنڌ کي هڪ ڌون ڏئي
افضل جو هنڌ ويڙهڻ ۾ لڳي ويئي.
افضل رستي تي پسار ڪندو رهيو. بس اڃا ڪو نه پهتي
هئي. اسٽاپ تي ٻيا ڪيترا استاد اچي بيٺا هئا. هن
چاهيو ٿي ته هنن مان ڪنهن سان اها ڳالهه ڪڍي پر
وري چپ ٿي ويو. هن جي ڪنهن سان به ايتري ڊيگهه ڪا
نه هئي. هينئر هن کي ڪنهن اهڙي دوست جي تلاش هئي،
جنهن سان دل جي ڳالهه ڪري سگهي. پنهنجي اندر ۾
اٿندڙ طوفان جو اظهار ڪري سگهي – هو اهي ڳالهيون
سليم سان به ڪري سگهيو ٿي، پر سليم پيٽ جو تمام
هلڪو هو. هو ڏاڍي نيڪ نيتيءَ سان هر ڳالهه هر هنڌ
ڪري وهندو هو.تنهن کان پوءِ هن جي صلاح به اعتماد
جوڳي ڪو نه هئي. هن جي زبان ڦرڻي گهرڻي هئي. هو
ڪڏهن هڪ ڳالهه ڪندو هو ته ڪڏهن ٻي. بس پبلشر سٺو
هو ۽ مشهور هو ته سندس سڄو ڌيان نسيم ۾ آهي ۽ هن
جي ڪري ئي پبلشنگ جو ڌنڌو هلائي پيو. جڏهن ته اها
ڳالهه طئي هئي ته سنڌ ۾ ڇپائيءَ جو ڪم سراسر ڪوئلن
جو ڪاروبار هو، جنهن ۾ هٿ به ڪارو منهن به.
’بس ڏاڍي دير ڪئي آهي.‘ هن پنهنجي منهن چيو ’اڃا
پنج منٽ آهن.‘ هن سوچيو، ’نه بس دير ڪٿي ڪئي آهي.
اها ته پنهنجي وقت تي ايندي.‘
”سائين هتي بيٺا آهيو؟“ صديق هن جي سامهون بيٺو
هو.
”بس جي انتظار ۾ آهيان، تون ٻڌاءِ“ هن پڇيس.
”اڄ منهنجو اور ٽائيم آهي.،صديق وراڻيو.
”۽ شام جو؟“ فضل پڇيو.
”هوندس.“ صديق چيو.
پريان بس منهن ڪڍيو. افضل تيزيءَ سان اڳتي وڌيو.
هن صديق سان معذرت به نه ڪئي ۽ بس اڃا بيٺي ئي مس
ته چڙهي ويو. هن جي نظرن هيڏانهن هوڏانهن ڏٺوپر
اهو چهرو ڪونه هو، جيڪو هن ڏسڻ چاهيو ٿي. هن کي
پنهنجي ان احساس تي سخت حيرت ٿي رهي هئي. هن ته
ڪڏهن به ان پهلوءَ ڏانهن سوچيو ئي ڪو نه هو. هو ته
پنهنجين لکڻين ۾ ئي گم هوندو هو ۽ چوندو هو ته
سندس تخليق ڪيل ڪردار کيس ٻاهرين دنيا ۾ نظر ايندڙ
ڪردارن کان وڌيڪ خوبصورت ٿا لڳن. ٻين اکرن ۾ هو دل
جي دنيا ۾ مگن هو ۽ ڪڏهن ڪاليج جي ڪاريڊور ۾ هلندي
هيڏانهن هوڏانهن به ڪو نه ڏٺو هئائين. هن ڪڏهن
انهن ڇوڪرين ڏانهن به ڪو نه ڏٺو هو جيڪي ساڻس ملڻ
لاءِ آتو گراف جو بهانو وٺي اچي سندس ڪمري ۾
ويهنديون هيون. نه ڪو هن ڪڏهن اڳ رعنا کي ئي چتائي
ڏٺو هو. ها، البته رعنا جي سونهن جا اطلاع ۽ سندس
سخت دليءَ جا بيان ٻڌي چڪو هو. کيس اها خبر ڪو نه
هئي ته ڪو هو پاڻ هن جو اسير ٿي ويندو. حالانڪه هن
جو ڪنهن سان به ڪو واعدو ڪيل ڪو نه هو.
حميده هن جي ننڍپڻ جي ساٿي هئي.هن جي راهه ۾ اکيون
وڇائيندي هئي. سندس ماءُ جي لاڏلي هئي، پر . . .
هن اڃا حميده کي به ڪڏهن کليءَ طرح ڪجهه ڪو نه چيو
هو.ها، البته رعنا کي اهو جملو بنا ڪنهن سوچ سمجهه
جي چئي ويٺو هو. هن ته اهو چوڻ ٿي چاهيو، ته پاڻ
جهڙي قسم جي دوست جي تلاش ۾ هو، اهو رعنا جي روپ ۾
موجود هو. پر کيس اهوڏسي حيرت لڳي ته هن جملي رعنا
جو رنگ بدلائي ڇڏيو هو. هن جي نگاهن جي اها بي
باڪي الاهي ڪيڏانهن وئي هئي، جيڪا سڄي ڪاليج ۾
مشهور هئي. ان هڪ لمحي ۾ هن رعنا جي اندر جي
ڪنواريءَ کي سندس ڪنن جي پاپڙين ۽ ڳلن جي گلابي
رنگ مان جهاتيون پائيندي ڏسي ورتو هو. ’پر هوءَ
وري ڇو ڪو نه آئي.‘ هن سوچيو. ’خبر ناهي ڇو لاهور
وئي آهي.‘ هن دل ۾چيو. پر ائين لڳس ڄڻ سندس اهو
آواز ٻين به ٻڌي ورتو هجي. هن چوريءَ واري انداز ۾
هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، پر هر ڪو پنهنجي ڳالهين
۾ گم هو. هن ڏانهن ڪو به ڪو نه ڏسي رهيو هو.
’رات اهو آواز ڪنهن جو هو!‘ هن جي ذهن ۾ سوال
اُڀري رهيا هئا.
’ڪو ٻڌل آواز ٿي لڳو. ائين ته ڪونهي ته هاڻ هر
عورت جو آواز مون کي ٻڌل ٿو لڳي.‘ هن پنهنجي منهن
کلي ڏنو. ’مائي ڦاپو به عجيب آهي. چوي ٿي ته شادي
ڪريان! پر ڪنهن سان؟‘ هن پنهنجو پاڻ کان سوال ڪيو.
هن تصور ۾ ڏٺو ته رعنا جهاز مان لهي پئي. هو ڊوڙي
سندس آجيان لاءِ اڳتي وڌي ٿو. هو کيس ڏسي ٿورو
رڪجي ٿي پوءِ ڊوڙي سندس ڳچيءَ ۾ ٻانهون ٿي وجهي
ڇڏي. هو چند لمحا ته گم ٿي ويو – بس ڪاليج جي
احاطي جي ٻاهران ئي رڪجي ويئي هئي.
شاگردن جو وڏو ميڙ هو، جن کي ڪاريون پٽيون ٻڌل
هيون. ٻئي طرف پوليس جي هڪ ٽرڪ بيٺل هئي.
ان تي شيم شيم جا نعرا شروع ٿي ويا.
”اسان کي هيٺ لهڻ گهرجي.“ افضل چيو.
”ته پوءِ لهه نه – ڪير ٿو ٻرندڙ باهه ۾ ٽپو ڏي.“
ڪريم صاحب چيو. هو فلاسافيءَ جو استاد هو ۽ تازو
يورپ مان آيو هو، ان ڪري گهڻو وقت پتلون جي ڪريز
ٺيڪ ڪرڻ ۾ گذرندو هوس.
افضل هي چوندو هيٺ لٿو، ”اسان جواهو فرض آهي ته
پنهنجي شاگردن جي صحيح رهنمائي ڪريون. هو جوش ۾
آهن. توهان لهو يا نه مان ضرور لهندس.“
”ها سائين، ليڊريءَ جو شوق به پورو ڪري ڏس.“
ڪريم چيو ۽ ٻين ڏانهن نهاريائين پر سڀني جا منهن
لٿا پيا هئا.
افضل ڪجهه ڏينهن کان پوءِ جڏهن وري ڪاليج ۾ آيو ته
هن جو شاندار استقبال ڪيو ويو. شاگرد هن جي لاءِ
هار کڻي آيا هئا ۽ استاد پرنسپال جي سربراهيءَ ۾
موجود هئا. اهي استادککا وکا ٿي ٿيا جن پرپٺ افضل
جي خلاف ڳالهايو هو. پرنسپال سڀني کي هڪ هنڌ گڏ
ڪري چيو. ”افضل پنهنجو فرض پورو ڪيو آهي ۽ ان جو
نتيجواهو نڪتو آهي جو شاگردن هن جي چوڻ تي
اسٽرائيڪ ختم ڪري ڇڏي.“ هن استادن کي اهو به چيو
هو.
”توهان استادن جو ڪم رڳو ڪلاس ۾ وڃي پڙهائڻ نه پر
تعليمي ماحول کي سڌارڻ به آهي. جيستائين توهين
پنهنجين ذميدارين کان ڀڄندا رهيا، تيسين هي ماحول
نه سڌرندو. افضل مبارڪ جي لائق آهي.“ هن جا اهي
جملا افضل لاءِ هڪ نئون پيغام هئا. هن سوچيو ته هن
جون سموريون لکڻيون اوستائين اڪارت آهن، جيستائين
هو ان تي عمل نٿو ڪري سگهي يا ٻين کي عمل جي ترغيب
نه ٿو ڏئي سگهي. هن کي پنهنجي اهميت جي لذت ته هاڻ
محسوس ٿي هئي، جڏهن هن هڪ اهڙو ڪم ڪيو هو جو هن جو
ضمير مطمئن هو.
افضل جون نگاهون ڪنهن کي ڳولي رهيون هيون.پٿر
بازيءَ جو شڪارٿي ٽي ڏينهن اسپتال گذارڻ هن لاءِ
صرف ان ڪري ڏکيا ٿي پيا هئا، جو هن کي رعنا جي
باري ۾ هورا کورا هئي. هن اهو اطلاع پنهنجي گهر
وارن ڏانهن به ڪو نه موڪليو هو، حالانڪه سليم چيو
هو ته هو اهڙو اطلاع سندس گهر وارن کي ڏي. پر هن
نه ٿي چاهيو ته هو هروڀرو پريشان ٿين. پر هن کي
اها خبر ڪو نه هئي ته سندس اخبار سان واسطو هجڻ
ڪري اخبارن ۾ ممڻ مچي ويو آهي. خاص ڪري ويج بورڊ
اوارڊ جا ستايل صحافي ته آتا ويٺا هئا ته ڪجهه
ٿئي. هنن افضل جي زخمجڻ کي هڪ سوچيل سمجهيل سازش
ڪوٺيو ۽ اهو نه صرف استادن جي عظيم پيشي ليڪن
صحافت تي به سڌو سنئون حملو ڪوٺيائون. هنن به اڄ
شام جو پريس ڪلب ۾ افضل جي مان ۾ دعوت جو انتظام
ڪيو هو – پر افضل جون نگاهون ڪنهن کي ڳولينديون
رهيون:
رعنا ڪو نه هئي. ٻيا سڀ هئا. چڻ ته ڪير ڪو نه هو.
’هي مون کي ڇا ٿي ويو آهي.‘ مائي ڦاپو سچ ته نه ٿي
چوي؟ پر ان جو انجام ڇا ٿيندو؟‘ هن سوچيو.
پرنسپال جي ڪمري ۾ هو ڇاچئي رهيا هئا ۽ پاڻ ڇا چئي
رهيو هو، سو هن ڪو نه ٻڌو نه سمجهيائين.هو ائين گم
سم هو جيئن ناول لکڻ يا ڪو شعر نازل ٿيڻ مهل هوندو
هو. جڏهن هو صرف اندر جا آواز ٻڌندو هو. ٻاهر جا
آواز ۽ رنگ مٿس ڪو اثر ڪونه ڪندا هئا:
محفل مان اٿي هو پنهنجي ڪمري ۾ آيو جتي ڪيربه ڪو
نه هو. اڪيلي ڪرسي هئي، جنهن تي هو ويهي رهيو. بي
رنگ ماحول، هوا ۽ روشنيءَ کان پري. قبر هئي، ڪمرو
نه هو.هو اڪيلو هو، بيحد اڪيلو. هن جي دل ۾ڪجهه
لکڻ جي آرزو پيداٿي، ڪجهه خلقڻ جي چاهت جنم وٺڻ
لڳي.ڪنهن جي ياد جو گيت يا نوحو، مرثيو، زندگيءَ ۾
اڪيلائيءَ جي جهنم کي ڀوڳڻ وارن لاءِ همدردي. نرم
هٿ ۽ گرم ساهه جو ڇهاءُ محسوس ڪرڻ جي چاهت، جنهن
۾ زندگي هجي، زندگيءَ جو احساس هجي. ٻيا سڀ احساس
گم ٿي ويا. . . . ختم ٿي ويا. ميز تي پيل اڇي پني
تي ڪئين تصويرون خودبخود ٺهنديون ۽ ڊهنديون ويون.
هن جي هٿن قلم نه کنيو. هن بال پين ڏانهن هٿ
وڌايو. بال پين هن کي چٻوڙو ڏنو. ’رعنا.‘ هن جي دل
مان آواز آيو ۽ اکين اڳيان ترورا اچي ويس، ڪنڌ
جهڪي وڃي ميز سان لڳس.
رات جا ٻارنهن ٿيا هئا. نسيم جي هٿ ۾ ڪو ناول هو،
جنهن کي هوءَ هر هر پڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي پر
دل ڪا نه ٿي لڳس. ٻه چار صفحا پڙهي اکر صفحن تان
گم ٿيندا ٿي لڳس. هن اوٻاسي ڏئي ناول کي کڻي ڦٽو
ڪيو ۽ ڪمري مان نڪري ٻاهر آئي. هن کي سامهون رشيده
نظر آئي، جيڪا ٻاهرين در جي اوٽ مان جهاتي پائي
ٻاهر ڏسي رهي هئي. پر هن کي ڏسي در بند ڪري ائين
منهن ڦيرائي اندر ڪمري ۾ هلي وئي، ڄڻ ته هوءَ ائين
ئي ٻاهر ڏسي رهي هئي. ’اڙي ادي، سڌي سنئين چوين ڇو
نه ٿي ته رعنا جو انتظار اٿئي، ڪيستائين هر ڳالهه
لڪائيندينءَ! ڪيستائين پنهنجو پاڻ سان ڪوڙ
ڳالهائيندينءَ.‘ هن دل ۾ سوچيو.
هن کي به رعنا جي اچڻ جو انتظار هو. جيئن هوءَ
لاهور وئي هئي، تيئن صرف هڪ خط لکيو هئائين. جنهن
۾ هن جهاز واروواقعو به لکيو هو ۽ بس – جهاز واري
خبر هنن جا هوش اڏائي ڇڏيا هئا. هوءَ ته اهڙي
پريشان ٿي هئي جو ڀر واري هوٽل تي هلي ويئي هئي
فون ڪرڻ. اخبار جي آفيس ۾ فون ڪري جڏهن اها پڪ ڪئي
هئائين ته حادثي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي،
تڏهن سڪون آيو هوس ۽ سوچيو هئائين، ’عام حالت ۾
آءٌ هن هوٽل ۾ ڪڏهن نه وڃان ها، پر تڪليف ۽ مصيبت
۾ ماڻهو جيڪي ڪجهه ڪري ٿو تنهن لاءِ سوچڻ جو موقعو
ئي ڪو نه ٿو ملي!‘
اڄ رعنا کي اچڻو هو. هو سڀ سندس انتظار ڪري رهيا
هئا. ماءُ پنهنجي سوڙ ۾ ته رشيده لاتعلقي ظاهر
ڪندي گهمندي ڦرندي ۽ هوءَ وقت گذارڻ لاءِ ناولن جو
سهارو وٺي رهي هئي. اختر به پڇا ڪري ڪري سمهي رهيو
هو، سندس سڄو ڌيان در تي هو جتي هن هڪ خاص قسم جو
کڙڪو ٻڌڻ چاهيو ٿي، اهو کڙڪو جيڪو رعنا ڪندي هئي.
افضل کي ايڏي همت ڪيئن ٿي؟‘ نسيم سوچي رهي هئي. اڄ
شام جو تلڪ چاڙهيءَ تي هن کي ياسمين ملي هئي، جنهن
ٻڌايو هوس ته اديبن طرفان افضل جي دعوت ڪئي پئي
وڃي. خبرون ته هوءَ اخبارن ۾ پڙهي چڪي هئي. ’ٿي
سگهي ٿو ته هن شهرت جو سولو طريقو يعني اخباري
خبرن جي سرخي کي پنهنجي انا جي تسڪين جو ذريعو
بنائڻ چاهيو هجي.‘ هن سوچيو هو. ’نه ته جيڪو ماڻهو
پنهنجين لکڻين ۾ ايڏو محتاط هجي، سو سڌو سنئون
ٻرندڙ باهه ۾ ڪيئن ٽپ ڏيندو، ليڪن ڪهڙي خبر‘ ؛ هن
وري سوچيو. ’ٿي سگهي ٿو ته هن ۾ اوچتو اهڙا جذبا
پيدا ٿيا هجن. انساني زندگيءَ ۾ ڪجهه گهڙيون
اهڙيون به اينديون آهن، جڏهن هو ڪي ترت ۽ اهم
فيصلا ڪري وجهندو آهي. جيڪي هن جي زندگيءَ جي رخ
کي ئي بدلائي ڇڏيندا آهن ۽ هو اهڙي هنڌ پهچي ويندو
آهي، جتان موٽڻ محال هوندو آهي.‘ ياسمين هن کي اهو
به ٻڌايو هو ته افضل ڪاليج ۾ بيهوش ٿي ويو هو.
شايد مٿي ۾ لڳل ڌڪ جو اثر اڃا هوس. ’آءٌ افضل جي
شهرت ۽ ناموس مان سڙان ٿي؟‘ هن سوچيو. ’نه!‘ هن
جي ذهن جواب ڏنو هو، ڇو جو هوءَ ڪنهن سنڌي ليکڪ جي
ناموس ۽ شهرت مان سڙڻ جو سوچي به ڪو نه ٿي سگهي.
هن کي ته سنڌ جي ذري ذري سان پيار هو. سنڌ جي
ماڻهو توڙي مٽيءَ سان الفت هوس ۽ افضل به سنڌ جو
ليکڪ هو. اهڙي ٻوليءَ جو ليکڪ جنهن ۾ لکڻ مان ڪجهه
به حاصل ڪو نه ٿي ٿي سگهيو.
هن ڀت ۾ لڳل گهڙيال تي نظر وڌي ۽ ڌر تي ٺڪاءُ ٿيو.
سڄو گهر هڪدم ڄڻ ته ننڊ مان اٿي کڙو ٿيو. اختر
سڀني کان پهرين در تي وڃي پهتو. رعنا هٿ ۾ بيگ
کنيو هڪ مورت جيان اڌ کليل در ۾ بيٺي هئي. ’هفتي ۾
ڄڻ اجنبي بنجي ويئي آهي.‘ نسيم دل ۾ چيو ۽ ڊوڙي
وڃي چنبڙيس. هن کي ڀاڪر پائي سندس دل کي سڪون ملي
ويو. هن هڪ اکر به ڪو نه ڪڇيو نه ئي رعنا ڪجهه
چيو.هن ورانڊي ۾ کٽ تان لهي جتي ڳوليندڙ پيءُ کي
ڀاڪر پاتو ۽ ڊوڙي وڃي ماءُ کي چنبڙي – هن رشيده جي
کٽ ڏانهن ڏٺو.
”ايڏي دير سان گهر آئي آهين؟“ رشيده هن کي ايندو
ڏسي سوڙ ۾ منهن لڪائيندي چيو. هوءَ اهو ظاهر ڪري
رهي هئي ڄڻ کيس سندس اچڻ جي ڪا تانگهه ڪا نه هئي.
”اڃا گهر ۾ گهڙي آهي، ساهه ته کڻڻ ڏينس.“ ماءُ هن
جي وارن تي هٿ ڦيريندي چيو، ”ڪمزور ٿي ويئي آهين؟
تنهنجي جهاز جي خبر ته امان هوش مان ڪڍي ڇڏيو.“
”نه امان – آءٌ ته ست پائونڊ وڌي آهيان.“ رعنا کلي
چيو.
”ستن پائونڊن جو ڪوٽ پاتو هوندءِ.“ نسيم کلي چيو.
”ڏاڍي ٿڪجي پئي آهيان – جهاز ته ستين بجي ڇڏيو
باقي ريل جو سفر به توبهه آهي.“ رعنا اختر کي ڀاڪر
وجهندي چيو.
”ته هاڻي آرام ڪر.“ ماءُ چيو.
”ها بتي وسايو ته هن بدنصيب کي به ڪا ننڊ اچي.،
رشيده چيو.
نسيم ۽ رعنا هڪ ٻئي ڏانهن ڏٺو. نسيم هن کي پنهنجي
ڪمري ۾ هلڻ جو اشارو ڪيو. هن گهر ۾ هن کي الڳ ڪمري
۾ رهڻ لاءِ ڇا ڇا نه ڪرڻو پيو هو. جيسين هڪ ڪمري ۾
سمهندا هئا، تيسين رشيده هنن جو جيئڻ جنجال ڪري
ڇڏيو هو. خاص ڪري نسيم سان ته ويل هو، نه لکي ٿي
سگهي نه پڙهي ٿي سگهي. آخرڪار اسٽور روم جهڙي
ڪوٺيءَ کي محنت ۽ خرچ ڪري رهڻ جو ڪمرو بنايائين.
انهيءَ تي به رشيده کي اعتراض هو، ڇو جو ان جي هڪ
دري ٻاهر گهٽيءَ ۾ ٿي کلي. ليڪن آخرڪار هوءَ هڪ
ڪمري جي حد تائين خود مختياري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب
ٿي ويئي.
نسيم جي ڪمري ۾ اچي رعنا کٽ تي ڪري پيئي.
”اڄ هتي ئي سمهي رهه.“ نسيم هن جي ڀر ۾ ويهندي
چيو.
”جتي حڪم ڪريو.“ رعنا اڃا آزاديءَ واري موڊ ۾ هئي.
”ڀلا سفر ڪيئن رهيو؟“ نسيم پڇيو.
”پهريون ئي سفر حادثي جو تجربو بنجي ويو. توبهه
توبهه . . . . ماڻهو اچي پيا درود پڙهڻ ۾؛ جڏهن
خبر پين ته ڪريش لينڊنگ ٿيندي ته اصل اوڇنگارون
ڏئي روئڻ لڳا پر جڏهن لينڊنگ ٿي ويئي ته رڳو ٻن
ماڻهن جا مٿا ڦاٽا، سو به هنن جهاز وارن جي
هدايتن تي عمل نه ڪيو، باقي ٻيا هڪ ٻئي کي ڀاڪر
پائي مبارڪون ڏيڻ لڳا – سچ ته نسيم اهڙي قرب سان
ته مون ڪنهن کي عيد نماز کان پوءِ به ملندي ڪو نه
ڏٺو آهي.“ رعنا کلندي چيو. |