’هنن بيوقوفن کي خبر ناهي، زندگيءَ سان اکيون اکين
۾ ملائڻ جو موقعو مليو آهيم يا نه‘ هن سوچيو، ’وطن
کان پري رهي مون وانگر صرف روشن آرا اُداس آهي.
انهيءَ ڪري جو هوءَ بنگال مان آئي آهي.‘
هوءَ عجيب عجيب ڳالهيون سوچڻ لڳي.
’ويچارا بنگالي اقبال ۽ غالب جا غزل ياد ڪري
پنهنجي ٽيگور ۽ نزرل اسلام کان دور ٿيندا پيا
وڃن.‘
هن نسيم وٽ ٽيگور جي گيتانجليءَ جو ترجمو پڙهيو هو
۽ ڏاڍو پسند آيو هئس.ان کان وڌيڪ سندس ذهن نه سوچي
سگهيو. هن جو ذهن سياسي ۽ اقتصادي معاملن تي وڌيڪ
نه سوچي سگهندو هو. تنهن ڪري هوءَ اهڙين ڳالهين ۾
منجهي پوندي هئي. ’نسيم، دل توکي ڏاڍو ياد ٿي
ڪري!‘ هن وري خط کوليو ۽ پڙهڻ شروع ڪيو. هوءَ خط
کي آهستي آهستي ٿورو ٿورو ڪري پڙهي رهي هئي. بلڪه
خط مان پنهنجي يادن جي آبياري ڪري رهي هئي. – هوءَ
آخري پئرا تي پهتي – هن جي اکين اڳيان هڪ سفيد
پڙدو اچي ويو، ’هي ڇا آهي؟ ڇا آهي؟‘ – ”افضل دير
سان پهتو تنهن ڪري فنڪشن به دير سان شروع ٿيو ۽
ها، هن کي اها خبر ئي ڪا نه هئي ته ڪو تون منهنجي
ڀيڻ آهين!“
’افضل هتي ڪيئن پهتو؟ گهر ۾ هن جو انتظار به ڪيو
ٿو وڃي! ڪيئن؟ ڇو؟ ڪڏهن؟ هن چاهيو ٿي ته اڏامي
حيدرآباد وڃي، جتي هن جي سڀني سوالن جو جواب موجود
هو.
”ڪالهه اصل ٻاهر ئي ڪو نه نڪتو؟“ اقبال جي لهجي ۾
هلڪي شڪايت هئي، ”هوڏانهن اخبارن ۾ عجيب خبرون
پيون ڇپجن.“ هن اطلاع ڏنو – پر رعنا تي ڪو ردعمل
ڪو نه ٿيو. هن جي دل ۾ ته اهو خيال پئي آيو ته
پهرين ڪنهن جي مزار تي وڃي؟ جهانگير جي يا نورجهان
جي مزار تي.
هو پهريون دفعو گڏجي تاريخي جڳهيون ڏسڻ نڪتا هئا.
سندن سڄو گروپ ته قلعي ۾ ويو هو پر هنن ٻنهي
جهانگيرجي مقبري ڏانهن وڃن پسند ڪيو هو. رعنا به
ان ڪري ٿي اهو ڏسڻ چاهيو ته مرڻ کان پوءِ بادشاهن
جا ڪهڙا حال هوندا آهن ۽ اقبال بهرحال رعنا جي
ويجهو رهڻ ٿي چاهيو پوءِ هوءَ ڀلي ڪيڏانهن به وڃي.
راويءَ جو پيٽ ڪنول جي گلن سان سٿيو پيو هو.
”پنهنجي سنڌ ۾ به ڏاڍو ڪنول آهي.“ رڪشا ۾ ويندي
وقت اقبال چيو. ”مڪليءَ جون سڀ عمارتون ڪنول جي
تصويرن سان جهنجهيل آهن. ڪڏهن لاڙڪاڻي ويا آهيو؟“
هن پڇيو پر جواب جو انتظار ڪو نه ڪيائين، ”اتي قدم
قدم تي ڪنول جا گل وڇايل نظر ايندا.“
رعنا ڪنول جا گل ڏسندي رهي ۽ اقبال هن کي چتائي
ڏسي رهيو هو ’ڪنول جو گل، تنهنجي ايڏي واکاڻ؟‘ هو
سوچي رهيو هو.
”ڏاڍو خوبصورت ٺهيل آهي.“
”پر هتي ڪو آدم آهي نه آدم زاد.“ رعنا چيو. هن جي
ذهن ۾ قلندر لال شهباز ۽ شاهه لطيف جا مقبرا اچي
ويا، جتي هر وقت عقيدتمندن جا هجوم هوندا آهن.
ڳائيندڙ، نچندڙ، مست مجذوب، خوش جوڙا ۽ وڇوڙي جا
ماريل، غربت جاڏنگيل ۽ ڏاڍ جا ستايل، جن کي وقت جي
بادشاهه کان انصاف جي اميد نه هوندي، سڀ فقيرن جي
در تي پيا مٿو ٽيڪيندا، باسون باسيندا، پڙ
چاڙهيندا ۽ ڌمالون وجهندا. ’ڀٽ جا ڀٽائي، ڀٽ تي
وسئي نور، منهنجون تو پڄايون.‘ ڄڻ ته ڪنهن رعنا جي
ڪنن ۾ جهونگاريو. ’پر هي بادشاهه‘ هن وري سوچيو.
’ڪيڏي نه اڪيلائي محسوس ڪندا هوندا،
”جيئري به ڪوٽن ۾ ۽ مئي به ڪوٽن ۾.“ اقبال ٻاهرين
قلعي نما ڀت جي در مان اندر گهڙندي چيو. سامهون
وڏو لان هو. هن ته ائين سمجهيو هو ته اندر ويندي
ئي مقبرو هوندو – پر نه هڪ وڏي ويڪري باغيچي
کانپوءِ پري هڪ چوڪور عمارت هئي، جنهن ۾ چوڌاري
ڪوٺيون ٺهيل هيون ۽ وچ ۾ بادشاهه جو مزار. سڄو
ٽائيل سان سينگاريل، پٿر تي اُڪر جي ڪم جو شاندار
مثال.
”هن کي ڪهڙي خبر ته بادشاهت جو ائين خاتمو ايندو
جو اهو لفظ به گار بنجي ويندو.“ اقبال چيو ۽ رعنا
ڏانهن نهاريائين، جيڪا ٻانهون پويان پٺيءَ سان ٻڌي
ڇت ۾ نهاري رهي هئي.
”دنيا ۾ باقي پنج بادشاهتون رهڻيون آهن.“ اقبال
چيو ”چار پتن واريون پنجين انگلنڊ جي.“
”هي جو ايران جو شهنشاهه ڌرتيءَ جي سيني تي مڱ پيو
ڏري! ٻيا هروڀرو جا ڇوٽا موٽا بادشاهه جو آهن! ڇڏ
اهي ڳالهيون. ڏس ته هن ويچاري جو ڇا حال آهي؟“
رعنا جهانگيرجي قبر تي لکيل خدا جا نالا پڙهڻ جي
ڪوشش ڪرڻ لڳي. وري چيائين، ”هي ويچارو، جيئري
اقتدار لاءِ مائٽ مٽ ڪهارايائين. ڪهڙي خبر هئس ته
اقتدار ڪو ايڏو ناپائدار آهي.“
”ته ڇا تون بادشاهت جي حامي آهين.“ اقبال حيران ٿي
چيو.
”هڪ ته مونکي ’تون‘ نه چئه ۽ ٻيو ته مونکي پنهنجو
گهر ٺاهڻو آهي، پنهنجو ڪٽنب ٺاهڻو آهي.آءٌ هوش ۾
آئي آهيان ته مون کي اهو ئي احساس ٿيو آهي.خدا شل
نسيم ۽ اختر کي سک ڏي.امان بابا ۽ رشيده آرام سان
رهن.بوائل پيدا کائن ۽ چانهيون پي هڪٻئي سان
چڪريون کائيندا رهن. هنن جي حصي جا صليب کڻي آءٌ
پئي جيئندس. جيستائين آهي ساهه سرير ۾.“ هن عجيب
انداز ۾ چيو. اهڙي انداز ۾ جو ان جي تلخي اقبال به
محسوس ڪئي.هن کي ائين لڳو ڄڻ هوهڪ اهڙي انسان سان
ڳالهائي رهيو هجي جيڪو باهه جي گولي ۾ ويٺل هجي.بس
صرف هن کي ڏسي ۽ ٻڌي سگهي ٿو پر ڇهي نه ٿو سگهجي.
”اڙي،ڪهڙين ڳالهين ۾پئجي وياسين؟“ رعنا خود پنهنجي
لهجي جي ڪوڙاڻ محسوس ڪندي چيو. هن کي پڪ هئي ته
اقبال اها ڳالهه محسوس ڪو نه ڪندو پر تڏهن به هن
چاهيو ٿي ته ٿوري صفائي ٿئي.
”هتي اڃا به ماڻهو پڪنڪ تي ايندا آهن“ اقبال پريان
هڪ خاندان کي مانيءَ جي ٽفن سميت ويٺل ڏسندي چيو.
”پر مغلن جي آخري در تائين هتي نوروز ۽ ٻيا جشن
ملهائبا هئا!“ رعنا چيو. ”پري پري جي ملڪن مان وفد
ايندا هئا، جيڪي هنن چوڌاري ٺهيل ڪوٺڙين ۾ رهندا
هئا.“ هو ورانڊي مان چڪر ڏيندي هڪ ڪوٺڙيءَ ۾ گهڙي.
اندر اونداهي به هئي ۽ مٽي به. ديوارن تي ڄارو
چڙهيل هئو. نه ڄاڻان هڪ ڏينڀو ڀونڀاٽ ڪندو ڪٿان
اچي هن سان ٽڪريو. هن هڪدم هٿ سان هن کي هٽائڻ جي
ڪوشش ڪئي ۽ جيئن ئي تيزيءَ سان پٺتي مڙي تيئن وڃي
اقبال جي ڇاتيءَ سان لڳي ۽ هڪدم ٻاهر نڪري آئي.
اقبال جي وجود تان هڪ طوفان گذري ويو. رعنا واقعي
باهه جو گولو هئي ۽ اقبال ڄڻ بهه جو ڍير. هن جي دل
۾ آيو ته رعنا کي ڇڪي ان ڪوٺيءَ م وٺي وڃي ۽ ايڏو
زور سان ڀاڪر وجهيس جو ٻئي ملي هڪ ٿي وڃن. هن جا
چپ رعنا جي چپن کي ڇهڻ لاءِ تڙپڻ لڳا. هن جو ساهه
ڳرو ٿي ويو ۽ اکين ۾ باهه پيدا ٿي پيس. هو تيزيءَ
سان ٻاهر نڪتو. رعنا سنگِ مرمر جي ٿلهي تان پير
هيٺ لڙڪايو ويٺي هئي. ”اهي اڱڻ منهنجي لاڏل جا
وسندا.“ هوءَ جهونگاري رهي هئي. اقبال ٿلهي کان
هيٺ لهي وڃي ڇٻر تي ويٺو.
”ويچاري نورجهان جو ڇا ٿيندو؟“ رعنا مرڪندي چيو.
هن اهو محسوس ڪري ورتو هو ته اقبال کي سندس ٽڪر
مست ڪري وڌو آهي، پر ويچارو ڪنڌ جهڪايو ڇٻر تي
ويٺو هو. کيس اهو محسوس ڪري ڏاڍي عجيب خوشي جو
احساس ٿي رهيو هو. پنهنجي ڪجهه هجڻ جو احساس هڪ
قسم جي آسودگيءَ جو احساس، پنهنجي قد وڏي ٿيڻ جو
احساس. ائين ٿي لڳس ڄڻ ڪنهن اوچي مينار تان بيهي
دنيا کي پنهنجن قدمن ۾ سرندو محسوس ڪري رهي هجي.
’هر ڪو منهنجي آڏو حيران آهي. افضل‘– افضل جو نالو
ذهن ۾ ايندي ئي هن جو جوش وهي ويو. ’بظاهر هو ڪيڏو
لاپرواهه نظر ايندو هو، هن سوچيو ۽ هڪدم اهو جملو
ياد اچي ويس جنهن سندس سوچ جا وهڪرا ئي ڦيرائي
ڇڏيا. ’هڪ جملي ۾ ايڏو اثر!‘ هن سوچيو. ٿي سگهي ٿو
ته هن ائين ئي کڻي چيو هجي. آخر اديب آهي.‘ هن وري
سوچيو ’نه نه، هن اهو جملو مون کي چيو آهي.هن
مونکي پنهنجي منزل ڪوٺيو آهي، اهو به خيال ڪو نه
ڪيائين ته مان ڇا سوچينديس. ڪيڏو نه سچ هو ان جملي
۾!‘
”هلو ڀلا.“ اقبال ڇٻر تان اٿي پئنٽ کي ڇنڊيندي
چيو. هوءَ به اٿي کڙي ٿي ۽ پوءِ ٻئي آهستي آهستي
ڇٻراٽي کي پار ڪري ٻاهرين ديوار جي ڀر وٺي ريلوي
لائين ڏانهن وڌڻ لڳا، جنهن جي پرئين ڀر نور جهان
جو اڌ ڊٺل مقبرو پئي نظر آيو. راويءَ جي اٿل مقبري
کي ڪافي نقصان رسايو هو. ملڪه هندستان جي مقبري جو
اهو حشر ڏسي رعنا کي ڏاڍي حيرت ٿي هئي.
رستي تان ٽانگا آيا ويا پئي ۽ هو هلندا ريلوي جي
پٽڙي تي اچي پهتا.
”هن ويچاريءَ جو مقبرو!“ اقبال چيو.
”هن پاڻ ٺهرايو هو.سندس ڌيءَ جي قبر به ڀر ۾
آهيس.“
رعنا چيو ۽ ان ماڻهوءَ ڏانهن ڏسڻ لڳي جيڪو کين ڏسي
اڳيان وڌي آيو هو.
”يه مقبره زير تعمير هي. في الحال آپ باهر سي هي
ديکھ سڪتي هين.“ هن چيو. هو آثار قديمه جو ڪو
ڪارڪن پئي لڳو.سندس ڳالهه ٻڌي هو ٻئي موٽڻ لڳا.
”موڪل جو ڏينهن پورو.“ رعنا چيو.
”پر اڃا قلعو ڏسي سگهون ٿا.“ اقبال چيو.
”مون ڏٺو آهي.“ رعنا جواب ڏنو.
’عجيب آهي هيءَ ڇوڪري‘ اقبال سوچيو. ’پاڻ ڏٺو اٿس،
مون ته ڪو نه ڏٺو آهي. ڇا مون سان گڏ نه ٿي هلي
سگهي؟ ۽ آءٌ آهيان جو . . . . ‘ هن پهريون دفعو ان
انداز ۾ سوچيو. هوءَ کانئس چند قدم اڳيان هلي رهي
هئي. هن جي لاپرواهه چال مان ائين پئي لڳو ڄڻ
پويان ڪو به ڪونهي ’آءٌ هليو وڃان.‘ اقبال ڏک وچان
سوچيو. ’خوامخواهه پيو پٺيان هلانس.‘ سوچيائين ته
سهي پر ڪري نه سگهيو. ايڏي همت ڪا نه هوس. پٺيان
پٺيان هلندو پي ويو. هن اهو به نه ٿي چاهيو ته
پٺيان رعنا جي جسم کي چتائي ڏسي يا سندس جسم جا
تفصيل جانچي.هن جي نيت ڊانواڊول ٿيڻ ٿي لڳي.
ڪوٺڙيءَ وارو واقعو ياد ٿي آيس ته جسم ۾ سياڪڙو ٿي
پئجي ويس.
”قطب الدين ايبڪ جي قبر ڏٺي اٿئي؟“ رعنا ڪنڌ موڙي
پڇيس.
”نه.“ هن مختصر جواب ڏنو. هنجي دل چاهيو پئي ته
رعنا کي ڀاڪر ۾ وجهي پنهنجو پاڻ کي منجهس گم ڪري
ڇڏي. ڪنهن اهڙي هنڌ وڃي ويهاريس جتي ٻيو ڪو به نه
هجي. هن چاهيو ٿي ته رعنا مڙي وٽس اچي، سندس ڪلهي
تي هٿ رکي سندس اکين ۾ اکيون وجهي ڏسي ۽ منهن منهن
جي ويجهو آڻي ڪي وڏا ساهه کڻي ۽ پوءِ سندس چپ هن
جي چپن سان ملي وڃن.
”سنڀال سنڀال.“ رعنا هن کي ٻانهن کان وٺي گهليندي
چيو. ٽانگو هن جي سر تي اچي پهتو هو ۽ ٽانگي وارو
گرم گرم لفظن جو شيهو هنن جي ڪنن ۾ اوتيندو هليو
ويو هو.
”اچ ويهه رڪشا ۾.“ رعنا چيس ۽ خالي بيٺل رڪشا ۾
ويهي کيس مال روڊ تي هلڻ لاءِ چيائين. هوءَ اقبال
جي هن خاموش روپ تي حيران هئي، جيڪو اڃا به پنهنجو
پاڻ کي مقبري جي ڪوٺيءَ ۾ محسوس ڪري رهيوهو ۽ رڪشا
جي لوڏن ۾ رعنا سان ٽڪرائجڻ کان پاڻ بچائي رهيو
هو. منجهند جو ڪمري ۾ سوڙ اوڙهي کٽ تي ليٽي اقبال
عجيب عجيب ڳالهيون سوچي رهيو هو. ’آخر هڪ عورت مرد
کي ڇو پسند ايندي آهي؟ عورت مرد کي ڇو پسند ڪندي
آهي؟ ڇا صرف ڳالهيون ئي رعنا جي جذبات کي تسڪين
ڏئي سگهن ٿيون؟ ڳالهيون، هٿن جو ڇهاءُ، چپن جو
ڇهاءُ ۽ پڇاڙيءَ ۾ جسم جسم سان ملي وڃن، ڇا اِهي
سڀ فطري عمل نه آهن؟ ته پوءِ ڪي ماڻهو پنهنجو پاڻ
تي ڪوڙا خول ڇو ٿا چاڙهي هلن! صرف ڳالهين ۽
ڪمپنيءَ ۾ آسودگي نه ٿي ملي. مون کي آسودگي گهرجي،
آسودگي. جيڪا رعنا جي جسم مان ملي سگهي ٿي. هن جي
جسم مان‘ هن تصور ۾ رعنا کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ليٽيل
محسوس ڪيو.سندس وجود جي گرميءَ کيس پگهرائي وڌو.
هن کي ائين لڳو ڄڻ هو جهانگير جي مقبري واري
ڪوٺڙيءَ ۾ پهچي ويو هجي. ’تون ڪوڙ ٿي ڳالهائين.
تون ڪوڙ ٿي ڳالهائين. تو کي مون سان پيار ڪونهي،
نه تو کي ڪنهن سان به پيار ڪونهي. تون عورت
ناهين. تو کي شايد اها خبر ئي ڪانهي ته عورت جو
اصل مقام هن جو عورت هجڻ ئي آهي.پر نه،‘ هن وري
سوچيو، ’ٿي سگهي ٿو ته هن کي اڳ ئي ڪنهن سان پيار
هجي. ڪو اتي هن جون راهون تڪيندو هجي! پر مون کي
ته ڪا خبر ڪانهي. هن مون کي ته ڪجهه به نه
ٻڌايوآهي ۽ آءٌ،آءٌ هن کي پنهنجي باري ۾ سڀ ڪجهه
ٻڌائي چڪو آهيان. هن مون کي ڪجهه به ڪو نه ٻڌايو
آهي، جڏهن وڻيس ڳالهائي، جڏهن وڻيس ماٺ ٿي وڃي.
ڪاوڙ جي پوي ته ’تون‘ ۽ ’توهان‘ جا فرق سمجهائڻ
لڳي. اهي ته محبوبيت واريون ڳالهيون آهن. اهڙا
ماڻا ته صرف محبوبن کي پنهنجن عاشقن سان ڪرڻ
جڳائن.هتي ته اهڙي ڪا ڳالهه ڪا نه ٿي ڏسجي. مون
سان ڪو واسطو ڪو نه اٿس ۽ سڀ واسطا به جتائي ٿي.
ٺيڪ آهي، نه ملندس. . . . مون کي ٻيا به ته ملي
سگهن ٿا. افضل هجي ها ته هن سان اندر اوريان ها.
ڪو مسئلو ئي ڪو نه هو.هو منهنجو دل وارو دوست
آهي، هو مون کي سمجهي ٿو ۽ آءٌ هن کي سمجهان
ٿو.اسين هڪ ٻئي جي ساٿ مان جيترا خوش ٿيندا
آهيون، شايد ئي ڪو ٻيو ٿيندو هوندو. لن– يو تانگ
ٺيڪ چيو آهي ته اسان کي هر موقع ۽ مهل لاءِ ان جي
مطابقت سان دوست هئڻ گهرجن.ته هو، منهنجو هر موقعي
۽ مهل جو دوست آهي. صحرا ۾ هجون يا سمنڊ ۽ پهاڙ
تي، شهر ۾ هجون يا ويرانن ۾، هو ۽ آءٌ هجون ته
پوءِ ڪو مسئلو ڪونهي. آءٌ ڇو پاڻ کي هن ڇوڪريءَ ۾
ڦاسائي ويٺو آهيان. هيءَ خوبصورت ته آهي پر
منهنجي لاءِ ته ڪيلينڊر ۾ ڇپيل سهڻي مورت وانگر
آهي، جيڪا پلنگ جي سيرانديءَ ٽنگي سگهجي ٿي ۽ بس.‘
’عجيب عورت آهي.اها به خبر ڪو نه اٿس ته هي چپ
چمڻ لاءِ آهن. صرف ماني کائڻ، پاڻي پيئڻ، ڳالهيون
ڪرڻ ۽ لپ اسٽڪ هڻڻ لاءِ ناهن. سڄو ڏينهن پنهنجا
ڀاءُ ڀيڻ ياد اٿس.اڙي آخر اسين ڪير آهيون؟ مون ته
سچ پچ هن کي ڏسي سمجهيو هو ته مون کي پنهنجو
آئيڊيل ملي ويو. تڏهن ئي ته مون هن سان ڪو به
اختلاف نه ٿي ڪيو. ڪڏهن به ڪنهن ڳالهه کي رد ڪو نه
ڏنو اٿم.پر هاڻي اهو سڀ ڪجهه ڏاڍو عجيب پيو لڳيم.
پنهنجين نظرن ۾ ڪرندو پيو وڃان. اڳ ته ڪڏهن ائين
ڪو نه ٿيو آهي.
”اري بهائي – ابهي تک سو رها هي – پانچ بج رهي هين
– سردي هي ڪهين چلو–“ بنگالي بابو کٽ جي ڀر ۾ اچي
بيٺس.
هو پنهنجن خيالن مان ڇرڪي نڪري آيو. بنگالي بابو
هن ڏانهن ڏسي ڪجهه حيران ٿيندي کٽ تي ويهي
رهيو.”ڪيون ڪيسا حال هي.“ هن هڪ اک ڀڃندي کانئس
پڇيو.
اقبال کي دل ۾ آيو ته دل جي سڄي پيڙا ڪڍي کڻي ٻاهر
ڪري، سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيس.زور زور سان چويس ته
’توهان کي غلط فهمي ٿي آهي.هتي ته ڪجهه به ڪونهي.
هوءَ ته هلندي به يا چار قدم اڳيان يا چار قدم
پٺيان آهي. ٻانهن ۾ ٻانهن وجهي هلڻ جو خواب به نه
ٿو ڏسي سگهجي.‘ پر ڪجهه به نه ڪڇيو. اٿي ڦڻي
ڏنائين.پوءِ سلوار قميص کڻي ڪنڊ۾ پيل اڀي کٽ جي
اوٽ ۾ ڪپڙا بدلائڻ لڳو.
هماري ساتهه چلي گا نا.“بنگالي اشتياق مان پڇيو.
”کهان؟“ اقبال پڇيو.
”جهان تم کهو.“ هن چيو.
”ديکهين– مجهي پته نهين.“ اقبال آخر شڪست مڃي.
”هان بهائي تمهارا ٽائم ٽيبل تو ڪسي اور ڪي پاس هي
اچها . . . هم جاتا هي.“ هن چيو ۽ بي دليءَ سان
اٿي هليو ويو.
اقبال کي پهرين خيال آيو ته روڪيس ۽ چويس ته گڏ ٿا
هلون. پر وري اهو خيال ڪيائين ته ٿي سگهي ٿو ته
رعنا انتظار ڪندي هجي. تنهن ڪري چپ رهيو ۽ پوءِ
آهستي آهستي سلوار جا ور ٺاهيندو ٻاهر نڪتو. عام
طرح هو سوٽ پائي ٻاهر نڪرندو هو، ليڪن خبر ناهي ڇو
هن پنهنجو پاڻ ۾ ڪا تبديلي آڻڻ ٿي چاهي. شايد هن
اهو ڏسڻ ٿي چاهيو ته سندس تبديلين جو رعنا تي ڪهڙو
ردعمل ٿو ٿئي.
’اڄ سگريٽ به پيئندس.‘ هن سوچيو.
’ڀلي ته روڪي– ڀلي ته ڪا اهڙي ڳالهه ڪري جو ان جي
آر وٺي آءٌ به ڪو حق رکي سگهان.ضروري ته ناهي ته
رڳو هوءَ چوي ۽ چوندي رهي. ڪڏهن ته مون کي به چوڻ
جوڪو حق ملڻ گهرجي.‘
هو سوچيندو سوچيندو هيٺ لٿو ۽ گرلز هاسٽل جي ٻاهر
ڏاڪڻ وٽ اچي بيٺو.
”آپ بي بي ڪي لئي آيا هي.“ پٺاڻ چوڪيدار پڇيو. هن
هائوڪار واري انداز ۾ ڏانهس ڏٺو.
”وه ابهي ابهي نڪل گئي هين.“ هن چيو.
”کسڪي ساتهه؟“ هن بي اختيار پڇيو.
”اڪيلي.“ چوڪيدار وراڻيو.
هن ٿڌو ساهه ڀريو – ’هوءَ ايڏي لاپرواهي ڇو پئي
ڏيکاري؟‘ هن واپس پنهنجي ڪمري ڏانهن ويندي سوچيو:
مايوسيءَ جي انتها اها هوس جو ڪنڌ کڻي اهو به نه
ڏٺائين ته لان جي پرئين ڀر رعنا بيٺي هئي. جيڪا
ڪمري ۾ سندس انتظار ڪري ڪري ٿڪجي ٻاهر نڪري اچي
بيٺي هئي ۽ هن کي ائين ويندو ڏسي عجيب انداز ۾ پاڻ
به ڪنڌ جهڪائي هاسٽل جي ڏاڪڻ ڏانهن وڌڻ لڳي هئي.
لاهور جي آبهوا رعنا کي ڪو نه وڻي – ’ايڏو سيءُ به
ڇا ڪبو، جو هنڌ ۾ به ماڻهوءَ جا ڦڦر ڪنبندا رهن.‘
هن جا پير ئي گرم ڪو نه ٿيندا هئا. هوءَ ته گهر ۾
به سگريءَ تي پير سيڪيندي هئي، پر اهو ياد ڪو نه
هئس ته ڪو ڪڏهن پير گرم ٿيا هجنس. ٻيو ته ڪمبل ڪو
نه وجهي سگهندي هئي. بدن تي ٻر ٻر ٿي پوندي هئس ۽
پنهنجي شيشي جهڙي بدن تي هن کي ڪو هلڪو داغ به ڪو
نه وڻندو هو. هوءَ داغ جي ڊپ کان ته کير به ڪو نه
پيئندي هئي. چوندا آهن ته کير ڪنهن وقت پاڻ به
زهريلو بنجي سگهي ٿو. تنهن کانسواءِ هو منهن تي
چادر به ڪا نه وجهي سگهندي هئي. ساهه منجهڻ لڳندو
هئس. سوچيندي هئي ته ’قبر ۾ڪيئن ڪبو؟‘ پوءِ پنهنجن
ئي سوچن تي کلندي هئي. قبر مان ڪير آيو آهي اهو
ٻڌائڻ ته اتي ڇا وهيس ڇا واپريس. موت جو خيال
ايندي ئي هن کان سيسڙاٽ نڪري ويندا هئا. اونداهي ۽
گهٽ.سوڙ ۾ اندر هن کي اونداهيءَ جو احساس ٿيو.
هينئر هوءَ سوڙ منهن تي وجهيو ستي پئي هئي. هن
منهن سوڙ کان ٻاهر ڪڍيو ڪوئٽيا مان آيل گلبانو ۽
بنگال جي روشن آرا هڪ ٻئي کٽ تي سوڙ وجهيو پاڻ ۾
سس ڦس ڪري رهيون هيون، ڪنهن ڪنهن مهل سوڙ ۾ ٿوري
هلچل پيدا ٿي پئي ۽ وري ماٺار اچي ٿي ويو. ’رنن کي
بتي وسائڻ جو خيال به ڪونه آيو آهي.‘ هن دل ئي دل
۾ باهه ڇنڊي. هن کي هم جنس پرست عورتون ڪو نه
وڻنديون هيون.
’خبر ناهي ميون ڇا ٿيون ڪن.‘ هن سوچيو. ’هيءَ به
ڪا زندگي آهي؟ مرد کٽا آهن ڇا؟ اهڙو ئي لاچار اٿن
ته شادي ڪن – پر هي ته شاديءَ کان پوءِ به ڪو نه
سڌرنديون.‘ هن کي پنهنجي ڳوٺ جا اهڙا ڪئي واقعا
ياد هئا، جو ڪيترين عورتن ساهيڙين جي چڪر ۾ پنهنجا
گهر برباد ڪري ڇڏيا هئا. تڏهن ئي ته هن ڪنهن سان
دوستي رکڻ جو چڪر ڪو نه هلايو هو. ’پر مرد به هڪدم
اها ئي گهر ٿا ڪن.‘ هن پاسو ورائيندي سوچيو.
’اقبال به اهو ئي ٿو چاهي، تڏهن ته ايتري چاپلوسي
ڪري ٿو.‘ اقبال جو خيال ايندي ئي هن کي افضل ياد
آيو. ’اهو شايد اهڙو نه هجي. آهي ته مرد!‘ کيس
پنهنجي خيال تي ئي شرم اچي ويو. دل ۾ آيس ته رڳو
افضل لاءِ سوچي، ’هو خبر ناهي منهنجي لاءِ ڇا
سوچيندو هوندو؟‘
’نسيم، خبر ناهي ڇا ڪندي هوندي؟ لکندي هوندي يا
ستي پئي هوندي؟ سوڙ به وڌي هوندائين الائي نه.‘ هن
کي بي چئني اچي ورايو. ’پرديس ۾ ماڻهو ڪيڏو نه
ويچارو آهي.‘ |