سيڪشن؛  ناول

ڪتاب: درد جي خوشبو

صفحو :12

هن افضل سان گڏ هڪ نئين زندگيءَ جو خواب ڏٺو هو. هوءَ ڳوٺ جي هڪجهڙائيءَ ۽ پرده داريءَ واري ماحول مان نڪري شهر ۾ وئي هئي ته ڏاڍي خوش ٿي هئي. هن افضل سان تعلق رکندڙن جي به ڏاڍي عزت ٿي ڪئي. پهرين پهرين ٿورو اجنبيت جو احساس ٿيو هئس پر ياسمين ۽ رشيده هن جو اهو احساس به دور ڪري ڇڏيو هو. رڳو اهو خيال دل ۾ ڌڙڪو پيدا ڪندو هئس  ته هو وڃڻ وارو آهي. پر جلدي ورندو. سڄي حياتي گڏ گهارڻ لاءِ نو مهينن جي جدائي برداشت ڪرڻ لاءِ هن ذهن کي  تيار ڪري ڇڏيو هو. پر جڏهن کيس ڌڪو آيو هو ۽ اسپتال وڃي پهتي ته دل ۾ هڪ دفعو خيال آيو هئس ته افضل کيس هن حالت ۾ ڇڏي ڪو نه ويندو _ پر جڏهن ان وقت افضل جو وڃڻ جو پڪو ارادو ڏٺائين ته ڏک ٿيو هئس، هو منهنجي لاءِ ڇو ايڏي قرباني ڏي. آءٌ ته زال آهيانس، ڀانئي نه ڀانئي، هن جو ئي انتظار ڪنديس.‘ هن سوچيو هو. پر چيو ڪونه هئائين ۽ جڏهن ڊاڪٽر ڪو خطرو ڪو نه ڏيکاريو هو، ته افضل به کيس چيو هو ته هاڻ سندس دل کي سڪون مليو آهي ۽ هو کيس اهڙي حالت ۾ ڇڏي وڃڻ لاءِ تيار نه هو ته هوءَ خوش ٿي وئي هئي. صرف چند لفظ ئي هن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪافي هئا.پر هن جي دل جي هڪ ڪنڊ ۾ اهو اطمينان هو ته افضل کانئس پري رهندي به ويجهو هو، ’پر ڪجهه ٻين کان به ته پري ٿيو آهي، ‘ نسيم کان.هن سوچيو هو _ ’آپا رشيده ٺيڪ آهي. پر نسيم. . . . . هُن کان به ته پري آهي.‘ هن ٿڌو ساهه ڀريندي سوچيو.

ٻه ڏينهن اڳ افضل جو دوست اقبال آيو هو. هن کي ته خبر ڪانه هئي پر پڻس ٻڌايو هو ته اقبال افضل جو گهاٽو دوست آهي. هن انهيءَ ڏينهن ماني پاڻ پچائي هئي. پلاءُ ۽  ٻوڙ ٺاهيو هئائين. سيون ۽ پيهون ٺاهيا هئائين. سڀني جي روڪڻ جي باوجود چلهه تي پاڻ وڃي ويٺي هئي. هن کي اها خوشي هئي ته هن جي افضل جو دوست هُت آيو هو ۽ هوءَ کاڌو تيار ڪري رهي هئي. ڪا ٻي نه . . . . افضل جي زال . . . اهو حق صرف هن کي هو، ۽ ٻئي ڪنهن کي به نه هو _ پر اها ڳالهه کيس ڏاڍي مهانگي پئي هئي. هن جو سور وڌي ويو هوس. دل ۾ وهم پيدا ٿي ويا هئس. ’هاڻ ڇا ٿيندو؟ هو هتي هجي  ها ته ڪيڏو نه چڱو.هن سان دل جون ڳالهيون ڪري سگهان ها. هاڻ ته هن کان ڪا به ڦڪائي ڪا نه ٿي ٿئي. هو منهنجو مڙس آهي.‘ اهو خيال ئي هن کي شرمائڻ لاءِ ڪافي هو. زال مڙس جي تعلق تي هوءَ حيران به ٿيندي هئي. ‘صرف، قبول آهي،چوڻ سان هڪ مرد ۽ هڪ عورت جي وچ ۾ ڪيڏو نه گهرو رشتو ڳنڍجو وڃي! ۽ جي ائين نه هجي ته پوءِ کاتل وانگر سڄي عمر ڪارو‘. هن کي پاڙي جي ڇوڪري کاتل جو واقعو ياد هو. جيڪا هڪ پوڙهي سان شادي ڪرڻ سوران پنهنجي آشنا سان گڏ ڀڄي وئي هئي ۽ جڏهن مائٽ هن کي هٿ ڪري آيا هئا ته هن ڪمري ۾ بند ٿي پاڻ ماري ڇڏيو هو _ هوءَ ته مري وئي هئي پر گڏوگڏ مائٽن کي به ماري وئي هئي. اهڙو موت جنهن کي هو جيئري ئي چکي رهيا هئا_ اهڙا خيال حميده کي ڪنبائي ڇڏيندا هئا. هوءَ خوش هئي ته کيس من گهريو مڙس مليو هو. ’هو به مونکي ڀانئي ٿو.‘ هوءَ هر وقت دل کي آٿت ڏيندي رهندي هئي.

نسيم جي لکڻ جي رفتار تمام ڍري ٿي وئي هئي. هاڻ هن جو گهڻو تڻو وقت اخباري نمائندن، فوٽو گرافن ۽ خوشامندڙين سان گڏ گذرندوهو. هاڻ کيس پنهنجي تعريف ٻڌڻ جي ايڏي ته عادت پئجي وئي  هئي جو پنهنجي ڪنهن به لکڻيءَ تي تنقيد يا سخت گفتگو برداشت ڪو نه ڪري سگهندي هئي، گهر وارن سان به رويو بدلجي ويو هئس. اڳ جيڏانهن به ويندي هئي  گهر ۾ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اطلاع ڏئي پوءِ ويندي هئي، ليڪن هاڻ جڏهن کان رعنا ٻه دفعا لاهور مان ٿي آئي هئي. هن به گهر وارن کي ٻڌائڻ جو رواج ختم ڪري ڇڏيو هو.بس ڪيڏانهن وڃڻو هوندو هئس ته تيار ٿي وڃڻ مهل پنهنجي منهن چوندي هئي، ”ڇا ڪجي_ دعوتن به مصيبت ڪري ڇڏي آهي.“ نه صرف ايترو  پر هن جو رويو اڃا به وڌيڪ حيران ڪندڙ ٿي ويو هئو. هاڻ هوءَ ٻين جي گاڏين ۾ چڙهڻ ۾ ڪو عار محسوس نه ڪندي هئي. نتيجي طور ڪيترا ڪارن ورا جيڪي اڳ  هن کان پري رهندا هئا، اچي ويجها ٿيا هئا. جاني ته گهر جي فرد وانگي ڪنهن به وقت اچي وڃي سگهندو هو. خاص ڪري افضل جي سينگاپور وڃڻ کان پوءِ ته هن  کي ڪوبه فڪر ڪو نه هوندو هو.ڇو جو افضل جي سامهون هو گهڻو اچڻ وڃڻ کان نٽائيندو هو. حالانڪه نسيم ڪڏهن به ڪنهن جي پرواهه  ڪونه ڪندي هئي. افضل جي موجود هوندي به هوءَ بنا اطلاع جي جيڏانهن وڻندو هئس اوڏانهن هلي ويندي هئي. اهو به خيال ڪو نه ڪندي هئي ته هو ڇا چوندو؟ هن جي ذهن ۾ اها ڳالهه ويهي رهي هئي ته کيس ڪنهن جي به پرواهه نه ڪرڻ گهرجي، دنيا کي لت هڻجي ته دنيا پيرن ۾ اچي پوندي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هن جي لتن جو دائرو دنيا سان گڏوگڏ سندس پنهنجي گهراڻي کي به متاثر ڪرڻ لڳو هو. رشيده، ماءُ يا ڀاءُ جي ڳالهه ته ٺهيو، پر هاڻ رعنا به ان جي اثر ۾ اچي وئي هئي. رعنا حيران هئي ته هن کي ٿيو ڇا آهي؟ پر هن کيس ڪڏهن ڪجهه چيو ڪونه هو.

نسيم کي هاڻ سليم به چڱو ڪو نه لڳندو هو. هوءَ چاهيندي هئي ته سليم سندس ساراهه ڪري. سندس هر لکڻيءَ کي اکين تي رکي. ان جو هن اظهار به ڪيو هوائين_ پر سليم کيس کلي چوندو هو ته آخر ڪيستائين هو سندس  تعريف ڪري. هوءَ آهي ئي تعريف جي قابل.

ان کان به وڌيڪ اهو ته هن سليم تي ڪي پابنديون وجهڻ ٿي چاهيون _ شايد هن اهو نه ٿي چاهيو ته ساڻس واسطو رکندڙ ڪنهن ٻئي سان به واسطو رکن. جانيءَ تي به پابندي هوندي هئي ته هو سندس باقاعدي حاضري ڀري ۽ سليم تي به. ليڪن ڪو کڙتيل نڪرندو نه ڏسي سليم ڪافي بد دل ٿي چڪو هو. اها ڳالهه هن کي اصل پسند ڪا نه هئي. هن نسيم کي پنهنجي اڳيان اڀرندي ڏٺو هو. هن کي اها به خبر هئي ته جيڪو اڀرندو اهو لهندو، ڪمال تي زوال آهي.۽ ڪمال جي وقت جا ساٿي زوال جي وقت ويري ٿي بيهندا آهن. هن نه ٿي چاهيو ته نسيم دشمنن جي ور چڙهي وڃي. دوستن جي هٿن مان نڪري وڃي. هن ڪئين ماڻهن کي انهن نمونن سان بدلجندو ڏٺو هو ۽ ڌڪا کائيندو ڏٺو هئائين. هن کيس ڪيترا دفعا اهو به سمجهايو هو،پر نسيم مورڳو ڪاوڙجي پئي هئي ۽ چيو هئائينس، ”اهو منهنجو ذاتي معاملو آهي.“

هن جي بدلجندڙ طبيعت جي ڪري گهر جو مزو به گهڻو خراب ٿي ويو هو. رعنا جي دل ته گهر ۾ لڳندي ئي ڪا نه هئي. هن کي ائين ٿي لڳو ڄڻ سندس وجود ۾ ڪا کوٽ هجي، ڪا ڪمي هجي. ڄڻ ڪٿي ڪو رنگ گهٽ هجي. ان جو پورائو ڪيئن ٿيندو؟ سا کيس خبر ڪا نه هئي. گهر ۾  هر ڪو هڪٻئي کان بيزار هئو _ ڄڻ هر ڪو هڪٻئي کي پنهنجي ڪاميابين جي راهه ۾ رڪاوٽ سمجهڻ لڳو هو. خود رعنا جي دل ۾ به هلڪو احساس پيدا ٿي ويو هو ته هن، گهر جي لاءِ ڪافي قرباني ڏني آهي _ هن پنهنجو پاڻ کي بلڪل قربان ڪرڻ نٿي چاهيو، هن نسيم کي به جنم ڏنو هو. البت افضل هڪ هلڪي پاڇولي جيان مٿس حاوي هو _ اقبال جون حاضريون هيون ۽ رشيد صاحب جا خط، جيڪو کيس همٿائيندو رهندو هو _ ائين زندگيءَ جو گاڏو گهلجندو رهيو.

6 سيپٽمبر 1965ع_ خان محمد اوطاق ۾ ئي هو ته ريڊيو تي اهم اعلان آيو. پاڪستان ۽ ڀارت ۾ جنگ شروع ٿي چڪي هئي، ڪشمير جي مسئلي تي دکندڙ دونهينءَ ڀڙڪو کاڌو ۽ سڄو پاڪستان بليڪ آئوٽ جي چادر ۾ ويڙهجي ويو. شام جو هن اوطاق ۾ ويٺلن کي هدايت ڪئي ته ڪو بتي وغيره نه ٻاري ۽ وڃي گهر ڀيڙو ٿئي. پاڻ به اٿي گهر روانو ٿيو. هن کي اڳ ئي گهر جو گهڻو فڪر هو. حميده جي حالت ٺيڪ نه هئي. هن جو پيٽ ته وڌي ويو هو پر جسم مان رت ڄڻ ته نپوڙجي چڪو هئس_ هن کي سڄو وقت اهو فڪر هوندو هو ته افضل جي امانت هن کي جيئن جو تيئن موٽائي ڏي ”خدا ڪري ٻچڙيءَ کي ڪو ڇيهو  نه رسي، مڙس اچيس پوءِ جيئن سندس مرضي.‘ هو صبح جو پنهنجي زال، جي قبر تي به ويو هو، ڪافي دير قبر جي ڀر ۾ ويٺو رهيو. ’آرام سان سمهي پئي آهين. زندگي ته رڳو ڏک ۽ ڏولاوا آهن.“ هن جي ذهن ۾ ترورا پيدا ٿي رهيا هئا.چڻنگون اڀري رهيون هيون. هن قبر کي هٿ لائي محسوس ٿي ڪيو. ’چون ٿا ته زال جي قبر تي نه وڃجي.‘ هن سوچيو ’هيءَ ته منهنجي حياتي هئي.جڏهن پرڻجي آئي هئي ته مون پڇيو هئو مانس، مون وٽ رهندين نه، مون سان گڏ هلندينءَ يا آءٌ ڀلي نوڪريءَ تي وڃان، تون گهر آرامي هوندينءَ؟ چيو هئائين، جتي تون، اتي آءٌ. پوءِمون کي ڇو ڇڏي وئينءَ. افضل کي اداس ڪري وئين. جي تون هجين ها ته شايد افضل ڪونه وڃي ها _ هو مون کي اڪيلو ڪري ويو آهي. چريو، هن عمر ۾ پيءُ جون اکيون ۽ پيريءَ جو سهارو ٿيڻ کپندو هئس.ڇڏي  هليو ويو.خط پيو لکي، ياد پيو ڪري.پاڻ ڇڏي وڃي ۽ وري پاڻ ئي ياد ڪري!‘ هو ڪافي دير قبر تي ويٺو رهيو. قل پڙهيائين ۽ ڄڻ ڪنهن مجبوريءَ تحت واپس اوطاق تي آيو هو.

حالتون ته بيشڪ خراب هيون. ڪشمير ۾ گڙ ٻڙ شروع ٿي چُڪي هئي.اجائي بيان بازي ملڪ کي مصيبت  ۾ وجهڻ واري هئي _ پر هن کي اها خبر  ڪو نه هئي ته هندوستان ڪو اوچتو ائين حملو ڪندو. سو به چوطرف! هو گهر ڏانهن ويندي سوچي رهيو هو. ’فوجي شهرن ۾ گهڙندا ۽ هو ڇا ڪندا؟ اهو سڀني تاريخن ۾ لکيل آهي. فاتح فوجون سڪندر جون هجن، چنگيز ۽ هلاڪو جون يا بابر ۽ انگريزن جون، هنن جو پهريون ڪم دهشت ڦهلائڻ آهي. خون، ڦريون، زوري زنا، ڏاڍ ۽ ظلم، آخر ڇا ٿيندو؟ ڇا ماڻهو پنهنجن اکين جي آڏو پنهنجون عزتون لٽجندي ڏسندا؟ ڇا پنهنجي سامهون پنهنجا گهر ڦرجندي ڏسندا؟ ڇا هي سڪون، آرام ۽ اطمينان سڀ تباهه ٿي ويندو. ڪو سک جو ساهه ڪو نه کڻندو. هي گهر گهاٽ سڀ بمباري ۽ توپ جي گولن جو نشانو بڻجي ويندا؟‘ هن جو دماغ ڀنواٽيون کائڻ لڳو. هو تيز تيز هلندو گهر پهتو ۽ سڌو حميده جي ڪمري ۾ويو. هوءَ مصلي تي ويهي ڪا دعا گهري رهي هئي. هن هڪدم ڪجهه چوڻ ڪونه چاهيو. انتظار ڪيائين ته هوءَ مصلي تان اٿي. ’هن ويچاريءَ کي ڪهڙي خبر ته ملڪ ۾ رڻ ٻري ويو آهي، جنگ شروع ٿي وئي آهي.‘

جنگ . . . . خان محمد جي ذهن ۾ توپ جا ٺڪاءَ ۽ باهه جا الا  شروع ٿي ويا. هن ٻي عظيم جنگ جي تباهڪارين جا واقعا پاڻ ٻڌا هئا، اخبارن ۾ خبرون ۽ ريڊيو تان آواز ٻڌا هئائين کيس خبر هئي ته هٽلر جي بمباري لنڊن جو ڪو به گهر سلامت  رهڻ نه ڏنو هو. ٻار، عورتون ۽ پوڙها بچاءَ گهرن جي تهخانن ۾ بنا ماني ۽ پاڻي رڙيون پيا ڪندا هئا. سڄا شهر بمن ۽ گولين جي دونهين سان ڪاراٽجي ويا هئا. هيرو شما ۽ ناگا ساڪيءَ تي ائٽم بم جي قيامت به ڄڻ ڪالهوڪو واقعو هو. هو جرمنيءَ جي تباهي ۽ هٽلر جي خودڪشيءَ کان به واقف هو. هن جي بدن مان بي اختيار پگهر وهڻ شروع ٿي ويو. ’ڇا هي شهر ۽ ڳوٺ بمن جون تباهڪاريون برداشت ڪري سگهندا؟ هي ته ٺڪائن سان ڪري پوندا. هي ڪچا گهر، اوڏڪيون ڀتيون، سنڌوءَ جي چيڪي مٽيءَ مان جڙيل جڳهيون ڪيتري سٽ سهنديون؟ ۽ پوءِ اسان جون نياڻيون، عزت، مال، زندگي، ملڪيت، ڪا به شئي ته ڪا نه رهندي، بس دونهون هوندو، باهه ۽ بارود هوندو ۽ بس. . . . .،

هن کي چڪر اچي ويو هو. کٽ تي ويهي رهيو. حميده اڃا دعا پئي گهري! افضل هجي ها ته ڪيڏو نه چڱو ٿئي ها‘ آءٌ ڀر ۾ وهاري ڀاڪر پايانس ها ته مون کي نئين حياتي ملي وڃي ها. اڌ حياتي ته نوڪريءَ ۾ گذري وئي. قمر به وئي. . . . هوءَ هجي ها ته هن سان دل جون ڳالهيون ڪريان ها. هوءَ مون کي تسلي ڏي ها _ بلڪل  ائين جيئن اڳ ڪنهن به تڪليف جي موقعي تي مون کي تسلي ڏيندي هئي. پر هن کي افضل جو فڪر کائي ويو.افضل جي ڌڪجڻ جي خبر ٻڌي ڄڻ هوءَ اڌ ٿي وئي هئي. نيٺ ان صدمي جان ورتس _ مون کي صدمي ڪجهه ڪو نه ڪيو. هوءَ منهنجن هٿن ۾ هلي وئي. مونکي خالي ڪري وئي، اڪيلو ڪري وئي ۽ آءٌ ڏسندو رهيس. پر چڱو ٿيو، هاڻ هوءَ ته ڪانهي جو هن وحشت ۽ بربريت جو دور ڏسي. هينئر هوءَ به هجي ها ته افضل کي ڏاڍو ياد ڪري ها افضل هجي ها . . . هي مونکي ڇا پيو ٿئي؟ هي آواز ڪهڙا آهن؟ منهنجي نڙيءَ ۾ ڪنڊا ڇو پيا لڳن؟ پاڻي . . . .چڪر ڇو پيا اچن. . . .دل ڇو پئي ٻڏندي وڃي هي پگهر ڇو پيو اچي _ اکين اڳيان هي ڇا جو ڌنڌ آهي،؟ هي ڇا . . . . ڇا. . .. هن هٿ کٽ جي پائي ۾ وجهي پاڻ کي جهلڻ جي ڪوشش ڪئي پر سنڀالي نه سگهيو.

”چا چا“ حميده هن کي ڪرندو ڏسي رڙ ڪئي ”چاچا!“ هن وڌي اچي کيس ٻانهن کان جهليو _ پوءِ زور سان وٺي رڙ ڪيائين.”چاچا“ ۽ بيهوش ٿي ويئي. گهرن ۾ گوڙ مچي ويو، چند منٽن ۾ پاڙو گڏ ٿي ويو ۽ روڄ راڙي جو آواز بليڪ آئوٽ کي وڌيڪ ڀوائتو ڪندو رهيو.

جنگ جي خاتمي تي سڀني سک جو ساهه کنيو هو.بتيون ٻريون ته چڻ انڌين اکين کي جوت ملي وئي هئي. اختر ته کلي چيو هو، ”هاڻ ته بتيون ٻاريندي به ڊپ ٿو ٿئي ته ڪٿي ڪنهن جهاز جي نظر نه پئجي وڃي.“ نسيم کي ڪاليج ۾ نوڪري ملي وئي ۽ رعنا  اسڪالرشپ تي ٽن سالن لاءِ امريڪا وڃن لاءِ تيار ٿي ويٺي هئي. رشيده ته اصل ڪاوڙجي پئي هئي ”هر وقت ٻاهر، هر وقت ٻاهر.“ هن جي مرضي هئي ته رعنا شادي ڪري وٺي پر رعنا کي اها ڳالهه منظور نه هئي. هاڻ هن کي ان سوچ اچي ورايو هو ته جي هوءَ هلي وئي ته پوءِ ماءُ پيءُ ۽ اختر بلڪ رشيده جو ڇا ٿيندو؟ هن جي ذهن تي افضل جي ان جملي جي حڪمراني هئي، جيڪو هن گهڻو اڳ کيس چيو هو. هوءَ اڃا ان جملي کي چنبڙي ويٺي هئي. هن اهو پڪو پهه ڪيو هو ته هاڻ  جيڪو به ان کان بهتر جملو، ان کان بهتر انداز ۾ ساڻس ڳالهائيندو، هوءَ ان سان شادي ڪندي. ان کي پنهنجو ڪندي ان کان گهٽ ذهن وارو ماڻهو سندس شان جي خلاف هو. هن کي سهڻو جسم نه پر اهو ذهن ٿي کتو، جنهنجي اڳيان دنيا جهڪندي هجي. جسم ۽ چهرا ته ختم ٿي ويندا سڃاڻپ ۾ ئي ڪو نه ايندا پر ذهن ۾ زندهه رهڻ جي قوت آهي. هن کي ذهين افضل وڻي ويو هو. هن جي لاپرواهي، هن جي جرعت ۽ هن جي گفتگو کيس موهي وڌو هو. هن چاهيو ته افضل جا ڪتاب پڙهي، جيڪي سندس لائبريريءَ ۾ به هئا،پر هوءَ ڊني  ٿي.پنهنجي اندر جي چور کان ڊپ ٿي ٿيس ته ڪٿي اهو ظاهر نه ٿي پوي ۽ پوءِ کيس هميشه لاءِ پنهنجي شڪست جو احساس ٿي وڃي. هن کي خبر هئي جي هڪ دفعو هن پنهنجي گرد ظاهر ۾ سخت نظر ايندڙ ديوارن ۾ ڏار پوڻ ڏنو ته پوءِ هوءَ ان کي ڊهڻ کان  بچائي نه سگهندي. ڀڄي ڀري ويندي. تنهن ڪري هن پنهنجا خيال صرف پاڻ تائين محدود ٿي رکيا. شڪست جي احساس کان  ڀڄندي ڀڄندي هوءَ ايترو ته پري اچي وئي هئي، جو پنهنجو پاڻ سان به ڪوڙ ڳالهائڻ لڳي هئي.

گذريل سموري عرصي ۾ هوءَ افضل جا خط لڪي لڪي ڏسندي رهي.ڪڏهن نه پڙهيائين. ٻيا پڙهندا هئا ۽ هوءَ ٻڌندي هئي. هن کي اهو ٻڌي ڏاڍو صدمو ٿيو  هو جو افضل جو پيءُ گذاري ويو هو ۽ حميده جي پيٽ ۾ مئل ٻار جو زهر چڙهي ويو هو، جيڪا سهري کان ٻه ڏينهن پوءِ گذاري وئي. هن افضل جي ان خط جا لفظ به ٻڌا هئا، جيڪي پڙهي رشيده اچي اوڇنگارن ۾ پئي هئي. ”هاڻ منهنجو ڪير آهي؟ ڇا آهي؟ توهان جي خوشين جي خبرن کي ٻڌڻ جي تمنا ڪندو رهندس.“

هن کي ڪاليج مان خبر پئي هئي ته افضل وڌيڪ موڪل لاءِ لکيو هو _ شايد اتي ئي نوڪري ڪرڻ جو ارادو هئس.

هن اچڻ نه ٿي چاهيو. هن ڇا محسوس ڪيو هوندو.تنهن جو تصور ڪرڻ به رعنا جي وس ۾ ڪو نه هو. رشيده به افضل جي ڳوٺ نه ٿي وئي، ڇو جو هن سمجهيو ٿي ته اتي کيس سڃاڻڻ وارو ڪو به نه هوندو. پر اقبال جي چوڻ تي هوءَ هلي وئي هئي، رعنا چاهڻ جي باوجود به نه وڃي سگهي _ هن کان  ته اقبال جو ڏک به نه ٿي سٺو ٿيو، جيڪو اصل هيڊو ٿي ويو هو.

ٻئي طرف سليم نسيم جي سڱ جي گهر ڪئي. هن هڪ دفعي همت ڪري صاف صاف ٻڌائي ڇڏيس ته هو ساڻس شادي ڪرڻ ٿو چاهي. نسيم رعنا سان ان معاملي تي کلي ڳالهايو هو. چيو هئائين، ”ڏس رعنا، سليم ٺيڪ آهي. جاني به ٺيڪ آهي. سليم هاڻ چيو آهي، جانيءَ اڳ چيو هو. هاڻ ڇا ڪريان؟“

رعنا وراڻيو هو. ”ڄڻ ته شادي ڪرڻ لازمي آهي!“

هوءَ خوش ٿي هئي چيو هئائين. ”واهه جو جواب آهي. ٻنهي کي ها، ٻنهي کي نه.“

رعنا هن ڳالهه مان دلي طرح خوش ڪو نه هئي، پر کيس اهو ڊپ هو ته ڪٿي نسيم جو ها ڪرڻ مورڳو کيس نه ڦاسائي وجهي.ان ڪري جو پيءُ ضرور سندس شادي پهرين ڪرڻ چاهيندو ۽ وٽس هن وقت سواءِ اقبال جي ٻيو ڪجهه به ڪو نه هو.هو هر روز فون ڪندو هو. ٻئي ٽئين ڏينهن ٺڪاءُ اچي ڪندو هو. پوءِ ڪڇندو ڪجهه ڪو نه هو. رڳو چند الفاظ ها، نه، جي، جا ڪڍي هليو ويندو هو ۽ هوءَ هر وقت اهو انتظار ڪندي هئي ته اجهو ٿو چوي ته شادي ڪر. اهو ئي سبب هو جو هن رشيد صاحب واري صلاح موجب اسڪالرشپ حاصل ڪئي ۽ ٽن ورهين لاءِ آمريڪا وڃڻ جي تيارين ۾ هئي.

هوءَ پنهنجي آفيس ۾ ضروري ڪاغذن کي ٺيڪ ٺاڪ ڪري رهي هئي ته نسيم اچي وئي.

”ڇا پيو ٿئي؟“ هن پڇيو.

”ڪاغذ پئي ٺاهيان.“ رعنا هن ڏانهن ڏسڻ کان سواءِ ئي چيو _ هاڻ سندس طبيعت ۾ ڪجهه چڙ به شامل ٿي وئي هئي.

”ها، ٻاهر وڃڻ کان پهرين هتي جا مسئلا نبيري وڃ.“ هن چيو.

”هتي ڪو مسئلو ڪونهي. آءٌ پنهنجا مسئلا پاڻ سان کنيو پئي وڃان.“ رعنا چيو.

”ته توهان جا به ڪي مسئلا آهن؟“ نسيم کلي چيو.

”ڇو، آءٌ ڪو بت آهيان ڇا؟“ رعنا ڪاوڙ مان چيو.

”آهين ته بت . . . پوڄاري به  اٿئي.“ نسيم کلي چيو ۽ رعنا ڦڪي ٿي پنا اٿلائڻ لڳي.

”ڪڏهن آهي فلائيٽ؟“ نسيم پڇيو.

”ڪورس ته جنوريءَ ۾ شروع ٿيندو پر ٽي مهينا اڳ پهچڻو آهي.“ رعنا چيو.

”سُيون هڻايئي؟“ هن پڇيو.

”سڀ ڪم تيار آهي.“ رعنا وراڻيو.

”باقي گهڻا ڏينهن؟“ هن آڱرين تي ڳڻيو.

”27 آڪٽوبر تي وڃبو.“ رعنا چيو.

”اڄ آهي 17 آڪٽوبر، معنيٰ ڏهه ڏينهن، معنيٰ نوَ ڏينهن، خير منهنجو نئون ناول ٻن ڏينهن ۾ ايندو.ان جي هيروئن به تو وانگر ڪنهن اڻ ڏٺي خوف کان ڀڄندي ٿي وتي.“

نسيم جا لفظ هن جي اندر تي بڙڇي بنجي گهاءَ ڪري رهيا هئا. ’ڇا هوءَ ڪنهن خوف کان ڀڄي رهي آهي؟ ڇا هوءَ بزدل آهي؟‘ هن کي پگهر نڪري آيو ته ڇا نسيم کي سندس ڳجهه جي خبر آهي؟ جي خبر هئس ته پوءِ چيائين ڇو نه ٿي؟ ٻڌايائين ڇو نه ٿي، ڇا هوءَ ساڻس کيڏ کيڏي رهي هئي! ڇا هوءَ پاڻ افضل کي پسند ڪندي هئي ۽ تنهن ڪري سليم ۽ جانيءَ کي به ٽاريندي ٿي آئي. رعنا ۾ رقابت جو جذبو پيدا ٿي رهيو هو. هن جي دل ٿي ته نسيم کي چماٽ وهائي ڪڍي. هن جي مرڪ به کيس زهر لڳي رهي هئي. هن کان برداشت ڪو نه ٿيو.

”هي افضل تو کي خط ڇو ٿو لکي؟“ هن پڇيو پر پنهنجن لفظن تي پاڻ ئي حيران ٿي وئي. اهي لفظ هن ڪيئن چيا ۽ جواب ۾ نسيم مرڪي رهي هئي.

”ته ڇا تو کي لکي؟“ هن ڪوڙي معصوميت مان پڇيو.

نسيم جي لهجي هن کي پاڻيءَ مان ڪڍي ڇڏيو.هن بنا زور سان هڪ طرف ڦٽا ڪيا ۽ ڪاوڙ مان اُلر ڪري اٿي.

”نسيم!“ هن زور سان رڙ ڪئي.

نسيم پهرين ته حيران ٿي، پر هن کي ڪرسيءَ مان نڪرندو ڏسي، ڊوڙي چي ڀاڪر پاتائينس. ”رعنا . . . . رعنا، ڇا ٿيو. . . . ڇا ٿيو“ هن پڇيس.

”ڪجهه نه . . . . ڪجهه به نه.“ رعنا پاڻ سنڀالي ورتو.  ”ڪجهه به نه. . . . “ هن نسيم کي ڳراٽڙي پاتي ۽ نڙيءَ ۾ زور سان ڳيت ڏئي اکين ۾ ايندڙ ڳوڙهن کي پيئڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. ڪيتري عرصي کان پوءِ نسيم وري هن کي پيار مان ڀاڪر پاتو هو _ هن کي ڏاڍو آرام مليو.

’افضل اڪيلو هوندو. اُداس هوندو. سمجهندوهوندو ته دنيا ۾ سندس ڪو به ڪونهي. هن کي ڪهڙي خبر ته کيس ياد ڪرڻ وارا به آهن. آءٌ آهيان. . ..  رعنا سوچيو پئي.

گهر ۾، هن جي ٻاهر وڃڻ جي موقعي تي ملڻ لاءِ آيل دوست ساٿي گڏ هئا. سليم هو، جاني هو، اقبال هئو، ياسمين هئي. رشيده به منهن تان گهنڊ لاهي ويٺي هئي.پر سڀني جا چهرا لٿل هئا. نسيم کاڌي پيتي جي انتظام ۾ لڳي پئي هئي. هن اتي ويهڻ کان ڪيٻايو پئي. هاڻ صورتحال اهڙي هئي جو سليم ۽ جاني هڪٻئي جا دشمن ٿي  بيٺا هئا. هوءَ اندر ئي اندر ۾کلي به پئي ۽ ڪڪ به ٿي پئي. ’چنبڙيو پون، هاڻ کڻي جان ڇڏين _ ڀلا نه ٿي ڪريان شادي ته پوءِ ڪو  زور آهي ڇا؟‘ هن سوچيو پئي.

رشيده ڪرسيءَ تي ويٺي نسيم جي سالگرهه پارٽيءَ کي ياد ڪيو. هن کي هڪ اهڙو چهرو ياد اچي رهيوهو، جيڪو هن موقعي تي گهٽ هو. اهو افضل هو، ’ويچارو افضل. ڪيڏا نه ڏک ڏٺائين.ڄڻ ڪنهن ڪو تعويذ ڪري ڇڏيس. ماءُ، پيءُ، زال، باقي ڇا رهيو؟ آءٌ هئس، هتي اچي ها. آءٌ هن لاءِ ڇا ٿي ڪري سگهان. نه هن جي عمر جي نه ڏانوَ جي. ڀيڻ ته آهيانس نه _ ڇا ماڻهو زال کان سواءِ جيئرو نه ٿو رهي سگهي؟ ڇا ڀيڻ پيار جو پورائو نه ٿي ڪري سگهي؟‘ هن جي پنبڻن تي ٻه موتي اچي اٽڪي پيا. هن کي انهن موتين ۾ ڪنهن شخص جو هلڪو پاڇولو نظر آيو، جيڪو گلن جا هار کڻي ڏانهس وڌي رهيو هو، ويجهو اچي رهيو هو ۽ ان وقت اهي موتي پڻ ڇڻ جي موسم ۾ ڇڻندڙ بيوس پنن جيان ڇڻي پيا ۽ سڄو منظر گم ٿي ويو.

اقبال رعنا ڏانهن ڏسي رهيو هو جيڪا هن کي ائين لڳي رهي هئي، ڄڻ قدرت سونهن ۽ سرهاڻ جي مٺ ڀري کڻي ڪرسيءَ تي وهاري هجي. ’نسيم به سٺي آهي، هن جون ڳالهيون، ٽوٽڪا، ادبي ذوق، لاپرواهي سڀ ڪجهه پر هيءَ ته خاموشيءَ ۾ به ڄڻ راڳ ۽ رنگ جو ڪو ٿڌڙو جهوٽو آهي _ ڪيئن ڇهان؟ شايد نه ڇهڻ ۾ ئي هن جي جادوءَ جو راز آهي. پر وڃي پئي. ٽي سال، ڪير مري ڪير رهي! روڪي نه ٿو سگهان.وري چوندي تنهنجو ڇا؟ ايندي _ وري ايندي. . . . ٽي سال ته ڪجهه به ناهن، ماڻهو دنيا مان هميشه لاءِ به ته هليا ويندا آهن ۽ ڪي انهن جو به انتظار ڪندا آهن. هي ته صرف ٽي سال آهن. هن پنهنجي سوچ تي  ڇرڪي آهستي چيو ”الله نه ڪري. . . . .“

”توهان ڇا چيو؟“ جانيءَ سمجهو ته هو ساڻس ڳالهائي رهيو آهي.

”ڪجهه به نه  ڪجهه به نه.“ هو وري رعنا کي ڏسڻ لڳو.

ماءُ هڪ ڪنڊ ۾ خاموش ويٺي هئي.۽ سوچي رهي هئي ته رعنا وري هلي ويندي. ٽن سالن لاءِ _ خبر ناهي هوءَ سندس اچڻ تائين رهي يا نه وري پنهنجي ٻچڙيءَ کي ڏسي يا نه؟ بس رڳو خط هوندا، جن ۾ لفظ لکيل هوندا. ماڻهو ڪو نه هوندا. خط ٻڌائيندا ته هوءَ خوش آهي، پر هوءَ کيس خوشيءَ وچان ٻهڪندو ڪو نه ڏسي سگهندي، نه ڪو هوءَ خوشي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڊوڙي اچي کيس ڀاڪر وجهندي. خط ايندا ته بخار اٿس پر هوءَ پنهنجو ڳل سندس پيشانيءَ تي رکي بخار جي گرمي محسوس ڪري ڪو نه سگهندي. بس رڳو لفظ هوندا ۽ جيڪڏهن پاڻ مري پئي ته رعنا کي به خط ملندو، جيئن افضل کي مليو.هن ڪو پيءُ يا زال کي مرندو ٿوروئي ڏٺو _ خط ڏٺائين ۽ آسرو پليائين. بس پوءِ خط ئي زندگي هوندا، خط ئي سڀ ڪجهه  هوندا. انهن تي اعتبار ڪرڻو پوندو.

”رعنا روز خط لکجئين.“ هن پاڻ تي ضبط ڪندي چيو.

”امان، روز خط! اسڪالرشپ ته خطن ۾ پوري ٿي ويندي.“ نسيم کلندي چيو.

”نه نه مون پئسا گڏ ڪري رکيا آهن. . . . هي وٺ.“ هن ڳوڙهن کي روڪيندي پنهنجي رئي جي پلاند مان سؤ سؤ جا ڪجهه  نوٽ ڪڍندي چيو. ”هنن مان لفافا وٺجئين.“ هن چيو.

رعنا پنهنجي اندر ۾ آيل جذبات جي اٿل سبب صبر جا بند ٽٽندا محسوس ڪيا رشيده ته سڏڪا ڀرڻ شروع ڪري ڏنا. نسيم اکين جي آلاڻ لڪائڻ لاءِ ٻاهر هلي وئي.

”آءٌ روز خط لکنديس امان. . . . فون به ڪنديس. . . . سليم جي نمبر تي.“ رعنا دل ٻڌي چيو.

’ڪيڏي نه  سخت دل واري آهي.‘ اقبال آڱرين سان اکين جي ڳڙکين مان سري آيل ڳوڙها اگهندي سوچيو.  ’هن جملي تي ته پٿر به پاڻي ٿي وڃي ها!‘

”سچ!“ ماءُ هنجون به هاريون پئي ۽ وري مرڪي به ڏنائين.

’انسان ڪيڏو نه اميد پرست آهي، رڳو آسرو ڏينس، ٻيو ڪجهه به نه، هو خوش ٿي ويندو.‘ نسيم در وٽان ليئو پائيندي سوچيو. ’هاڻ رعنا جي زندگي آهي، جيئن وڻيس تيئن گهاري روز خط لکندي يا فون ڪندي؟ اهڙي مصروف ٿي ويندي جو ڪو ياد به ڪو نه ايندس. . .. ۽ امان . . . تون به ٺيڪ ٿي ويندينءَ. هڪ هڪ جا گهاءَ برداشت ڪندي هري ويندينءَ. ڪجهه به ياد ڪو نه رهندءِ.‘ ائين ئي سوچيندي، ڳالهائيندي وقت گذري ويو ۽ دعوت ختم ٿي. هر ڪو ڳرن قدمن سان پنهنجي پنهنجي ماڳ هليو ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org