سيڪشن؛  ناول

ڪتاب: درد جي خوشبو

صفحو :11

”خبر ناهي، هڪ منٽ ترس.“ هو سليم جي ٻانهن تي ٿڦڪي ڏيندي ڪمري ۾ اندر گهڙيو. حميده جاڳي پئي. کيس ڏسي هن جي اکين ۾ چمڪ اچي ويئي. ائين ٿي لڳو ڄڻ اونداهيءَ کان پوءِ چنڊ اڀري آيو هجي ۽ سمنڊ، صحرا، جبل ۽ ساوڪ سان ڀريل ميدان چانڊوڪيءَ ۾ جاڳي اٿيا هجن _ ياسمين حميده جي پاسي ۾ ويٺي هئي.ڪرسيءَ تي پڻس اخبار پڙهي رهيو هو.

”بابا توهان آرام ڪو نه ڪيو.“ هن حيرانيءَ مان پڇيو.

”افضل، هيتري دير ڪٿي هئين؟“ پڻس سوال ڪيو.

حميده هن ڏانهن ڏسي رهي هئي. هن ويجهو وڃي پيشانيءَ تي هٿ رکيس.پيشاني ٿڌي هئي.

”مون کي تپ ڪونهي.“ حميده چيو.

”ها، ها. . . . مون کي خبر آهي.“ هن وراڻيو _

”افضل تون سڀاڻي ڪيئن ويندين؟“  ياسمين سوال ڪيو. افضل کي اهو سوال ڪو نه وڻيو. هن جو وٽس ڪو جواب ڪو نه هو ۽ جي هو به ته اهو هتي ڪنهن کي پسند ڪو نه هو _ هن حميده ڏانهن نهاريو، جنهن جي آسائتين اکين ۾ هن کي هڪ عجيب دنيا لرزندي ڪنبندي پئي نظر آئي، وري ٻئي ڏينهن تي نظر وڌائين، جهاز، هوا، فضا، اجنبي ديس، اجنبي چهرا، رنگ، روشنيون، مستقبل! ’کڻي حميده کي گهرائيندس.‘ هن دل کي آٿت ڏنو ۽ ان خيال سان ڪافي سڪون محسوس ٿيس.

”آءٌ ٻاهر سليم وٽ آهيان ڊاڪٽر به ايندو هوندو!! هن چيو ۽ ٻاهر نڪري ويو.

”صبح جو ڪيڏي مهل اسهندا؟“ حميده هن کان پڇيو. هو حميده جو هٿ جهليو بستري جي ڀر ۾ ويٺو هو.حميده جي منهن تي وري هلڪي لالائي اچي وئي هئي، ڊاڪٽر ٻڌايو هو ته ڪا به ڊپ جي ڳالهه ڪانهي. افضل جي دل تان وڏو بار لهي ويو هو. ڊاڪٽر صبح جو گهر وڃڻ جي به اجازت ڏئي ڇڏي هئي. تنهن ڪري هن پيءَ کي گهر اماڻي ڇڏيو هو ۽ پاڻ سوچيو هئائين ته حميده کي صبح جو گهر پهچائي پنهنجي بستري تي وهاري، ڄڻ ڪنهن تصوير کي ان جي اصلي فريم ۾ وجهي، پوءِ سينگاپور وڃڻ لاءِ ڪراچيءَ هليو ويندو.

”تو کي گهر ڇڏي پوءِ ويندس.“ هن وراڻيو.

”نه توهين هتان ئي هليا وڃجو.“ حميده چيو ۽ منهن ئي ٻئي پاسي ڪري ڇڏيائين.

افضل ڇڪي هن جو منهن پاڻ ڏانهن ڪيو. حميده  جي اکين مان ڳوڙها وهي رهيا هئا. افضل آڱرين سان هن جا ڳوڙها اگهيا پوءِ ويجهو ٿي اکين تي چميون ڏنائينس.

”روئين ڇو پئي، تنهنجي لاءِ پيو وڃان“ هن چوڻ چاهيو پر آواز نڙيءَ ۾ ئي دٻجي ويس. ”تنهنجي لاءِ ڇا ڇا آڻيان؟“ هن پڇيو.

”خير سان اچجئو، خير سان.“ حميده چيو.

”تون دعا ڪندينءَ ته خير سان ئي ايندس.“ افضل چيو.

”آءٌ ڳوٺ وينديس. اوستائين نه اينديس جيستائين توهين خير سان، موٽي نه ايندا.“ حميده چيو.

هن پنهنجي شادي شده زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو جملو چيو هو.

”پاڻ ڳوٺ ۾ ڪيترو نه سٺو وقت گذاريو آهي_“ افضل چيو.

”ها، توهين ته ٿورو وقت رهيا آهيو.“هن وراڻيو.

”ننڍپڻ ۾ پاڻ گڏ سمهندا هئاسين، ڪيئن؟“ افضل هن جي اکين ۾ ڏسي چيو، هن شرم وچان منهن ڦيرائي ڇڏيو.

”ڪهڙي خبر هئي ته اڳتي، پاڻ کي هڪ ٿيڻو آهي.“ افضل چيو. هن جملي جي پويان تمام پري هڪ ٻيو جذبو لڪل هو. هڪ مبهم احساس هو، جنهن جو روپ رعنا جي شڪل ۾ هن جي لاشعور ۾ دفن هو.

”مون کي ته خبر هئي“. حميده پهريون دفعو شرارتي انداز ۾ چيو. افضل کي هن جي ادا اهڙي وڻي جو هن منهن جهڪائي چمي ڏيڻ جي ڪئي پر حميده ٻنهي هٿن کي منهن تي ڍال وانگر ورائي ڇڏيو. ”مون کي چوندا هئا ته توهين شهر مان شادي ڪندا.“هن هٿن جي وٿين مان کيس پنهنجي مٿان جهڪيل ڏسي چيو.

”پوءِ“، افضل کي هن جي ڳالهين مان مزو اچي رهيو هو.

”مون چيو، هنه، مون جهڙي مليس ته سهي“ حميده جي آواز ۾ خوشيءَ جو ڀرپور احساس هو. فتحمنديءَ جو احساس، جنهن هن جي آواز ۾ گهرائي پيدا ڪري ڇڏي هئي. ڄڻ ته هوءَ چپن سان نه پر دل سان ڳالهائي رهي هئي.

”پوءِ“،افضل هن جي ڀر ۾ ويهي هن جو ڪنڌ پنهنجي ٻانهن تي رکندي پڇيو.

”پوءِ“، هوءَ اچي کل ۾ ڇٽي. پاسو ورائي افضل جي سيني سان لڳي ويئي.

”مون کي ته تون ڪڏهن ڪو نه وڻينءِ“ هن چيو.

”ڪوڙ، ڪوڙ. مون کي خبر آهي، جيڪي چوندي هئي ته توهين رڳو مون سان شادي ڪندا.، هن منهن لڪل ئي رهڻ ڏنو. سندس ڳالهائڻ جي ڪري وات مان جيڪا گرم هوا  ٿي نڪتي، اها افضل کي دل وٽ ڪتڪتاڙيون وجهي رهي هئي. هن حميده جي پٺيءَ تي هلڪا ٿڌڙا ڪڍندي سوچيو، ’جي هينئن نه ٿئي ته ڇا ٿئي ها؟‘

”تون جو ڳوٺ رهي مون کي ياد ڪندينءَ ته ڪڪ ڪا نه ٿيندين؟“ هن پڇيس.

”آءٌ ته هميشه کان توهان کي ياد ڪندي آهيان. ڪڏهن ڪڪ ڪا نه ٿي آهيان.“ هن معصوميت وچان وراڻيو.

”ڏس، ڀلا سنگاپور ۾ ڪا ڇوري وڻي وڃينم، ته پوءِ!“ هن پڇيو.

حميده منهن هن جي ڪڇ مان ڪڍي مٿي نهاريو. هن جهٽ چپن تي پنهنجا اڃايل چپ رکي ڇڏيس. ”ايتري لئه ٿي چيو“؟ حميده وري شرمائجي چيو.

”ويٺا اسپتال ۾ آهيون، پر جهڙا گهر ۾“افضل چيو ۽ اٿي وري هيٺ ڪرسيءَ تي ٿي ويٺو. حميده کي اها ڳالهه نه وڻي، هوءَ وري اُداس ٿي وئي.

”چاچا پئي چيو ته توهان نه وڃو.“ هن ٻڌايو.

”پوءِ تو ڇا چيو؟“افضل پڇيس. هن خود نٿي چاهيو ته پيءُ کي ناراض ڪري، پر ڪري به ڇا ٿي سگهيو.

”مون چيو، ڀلي وڃي.“ حميده چيو.هن جي لهجي مان صاف ظاهر هو ته هن اها موڪل صرف افضل تي پنهنجو حق ظاهر ڪرڻ لاءِ پئي ڏني.

”هاڻ ته خدا جو شڪر آهي، تون ٺيڪ آهين.“ افضل چيو.

”نه ته به توهين ته وڃو ها!“هن ڏک گاڏڙ لهجي ۾ چيو.

”ڪهڙي خبر ايئرپورٽ تان موٽي اچان ها.“ افضل ائين ئي چيو. کيس پنهنجو پاڻ تي افسوس ٿيڻ لڳو ته اهڙو ڪوڙ ڇو پيوڳالهائي.

”ها.“ حميده آهستي چيو.

’ڏاڍي هوشيار آهي.‘ افضل سوچيو، ’ڳوٺاڻيون ڇوڪريون هونئن به جلدي سياڻيون ٿي وينديون آهن.‘

”آپا رشيده ڪا نه آئي؟“ هن پڇيو.

”خبر ناهي، ڪو ڪم هوندن“ افضل وراڻيو.

”توهين ڪو نه ويا هئا ڇا؟“ حميده جي لهجي ۾ ڪيترا سوال هئا. افضل جي اندر مان آواز اڀريو ”ويو هئس، ويو هئس، ويو هئس. پر نه وڃان ها ته بهتر هو!‘

هن اندر جي آواز کي دٻائيندي چيو. ”ها، ويو هئس.“

”مون کي هٿ ڏيو،“ حميده هن ڏانهن اهڙين نگاهن سان ڏسندي چيو، ڄڻ ته هوءَ گذرندڙ هر پل کي ڇهڻ چاهيندي هجي. پنهنجي وجودجو احساس ڪرڻ چاهيندي هجي. هن کي اهو معلوم هو ته افضل ويندو، ۽ اهي اهم ڏينهن جن ۾ هن جي موجودگيءَ جي اڳ کان وڌيڪ ضرورت هئي، هن کان سواءِ ئي ڪٽجندا. پر هوءَ ڳوٺ جي  نياڻي هئي، سنڌياڻي هئي،صبر هن جي اندر ۾ واسو ڪيو ويٺو هو. هن کي ته صرف اها خبر هئي ته هو ايندو، هو سندس هو، صرف سندس.

افضل هٿ هن جي هٿ ۾ ڏنو، پوءِ هڪدم ڪرسي ريڙهي پنهنجو منهن هن جي منهن سان گسائڻ لڳو. هن جا آلا چپ ۽ گرم گرم ساهه افضل کي هن دنيا مان ڪنهن ٻئي هنڌ نيڻ لڳا. حميده جا هٿ هن جي وارن ۾ ڦڻي ڏئي رهيا هئا ۽ هو ائين بنا ڳالهائڻ جي روح رهاڻيون ڪندا رهيا.

 

در تي کڙڪو ٿيو، نسيم ڊوڙي وئي، ڏاڍي تيزيءَ سان ڪڙو لاٿائين. ٽپالي بيٺو هو. هوءَ ڏاڍي مايوس ٿي. ٽپاليءَ کان لفافو وٺي اندر اچي ميز تي ڦٽو ڪيائين. هن سمجهيو هو ته سليم هوندو. سليم ڪافي ڏينهن کان ناراض هو، پر جنهن ڏينهن افصل سان گڏ ڪراچيءَ پئي ويو  تنهن ڏينهن ته ساڻس کلي ڳالهايو هئائين. افضل وڃڻ کان اڳ کانئن موڪلائڻ آيو هو. سليم ڪاوڙ جو ڪو اظهار ڪونه ڪيو پر نسيم کي هو ڪجهه عجيب لڳي رهيو هو.’هي مرد عورت کي پنهنجي ملڪيت ڇو ٿا سمجهن!‘هن سوچيو، ’هنن جي ڪاڳالهه نه مڃجي ته ڪاوڙ جو پون.‘

”نسيم، ڪنهن جو خط آهي؟“ رعنا ڪمري ۾ ايندي چيو. هوءَ لاهور مان سکيا وٺي واپس آئي هئي.

”افضل جو هوندو، لفافو سنگاپور جو آهي، شينهن ڇپيل اٿس“. نسيم وراڻيو. پر رعنا هن جو آواز ڪو نه ٻڌي رهي هئي. هن کي جڏهن افضل جي شاديءَ جي خبر پئي تڏهن دل تي ڄڻ ڪنهن مُڪ هڻي ڪڍي هئس. هن کي شديد احساس ٿيو هو ته اهو سڀ غلط ٿيو. افضل کيس ڇا سمجهي اهڙا اکر چيا هئا؟ هن کيس ڪهڙي خيال کان منزل ڪوٺيو هو؟ ڇا هن جو اهو بي باڪ لهجو به ڪوڙ هو؟ هن جي ذهن تي افضل ايڏو ته ڇانئجي چڪو هو جو هاڻي ان جو نڪرڻ به ممڪن ڪو نه هو. هن ته اهو سمجهيو هو ته جڏهن هوءَ حيدرآباد پهچندي تڏهن سڀ کان پهرين افضل کي ڏسڻ جي خواهش ڪندي، تڏهن ته جڏهن تيز گام حيدرآباد جي حدن ۾ گهڙي ۽ گهڙيءَ پلڪ لاءِ ٽنڊي ٺوڙهي واري ڦاٽڪ جي ٻاهران آئوٽر سنگل وٽ ترسي ته هن دريءَ مان سسي ڪڍي ٻاهر ڪئي ۽ شهر جا سوين هزارين منگهه ڏسي سندس دل ۾ آيو هو ته اتي ئي لهي پوي ۽ سڌي افضل جي گهر وڃي پهچي. هو کيس ڏسي حيرانيءَ وچان تڪيندو رهي ۽ پاڻ وڃي چويس ’ڪٿي آهين، خط به نه لکيئي، اچين ها کڻي!‘ وري ٽرين جي هلڻ سان خيال به بدلجندا ويس ۽ جڏهن گهر پهتي ته سڀ کان پهرين اهو خيال آيوهئس ته افضل جو پڇندي، پوءِ ڀلي هو ڇا به کڻي سمجهن. ٿي سگهي ٿو ته خود افضل به سندس پڇا ڪندو هجي! پر هتي پهچي هن جا ٺپ ئي ٺري ويا هئا. افضل جي سنگاپور روانگي. ’ته ڇا وري نه ملبو؟‘ هن سوچيو هو. ’پر هاڻي ملي ڇا ڪبو؟‘ هن جي ذهن سوال ڪيو.’گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعوڏسانس ته سهي، ان ماڻهوءَ کي ڏسجي جنهن صرف هڪ جملو ڳالهائي منهنجي سڄي سوچ جو انداز ئي بدلائي ڇڏيو. منزل مون کي چيائين، ۽ ملي ڪنهن ٻئي کي ويو.‘ رعنا سوچيو هو.

’ڇا هن مون کي ڪڏهن ياد ئي ڪو نه ڪيو؟‘ هن اهو ان ڪري سوچيو جو گهر ۾ ڪڏهن به ڪو اهڙو ذڪر نه ٻڌائين، جنهن مان خبر پوي ته ڪو افضل ڪڏهن سندس نالو کنيو هو.

لاهور ۾ هن جا پويان ڏينهن ڪي مزي ۾ ڪو نه گذريا هئا. اقبال هن کان ڇرڪندوهو، ۽ هوءَ پاڻ به ڪجهه پري ٿي وئي هئي. واپسيءَ ۾ به هنن جو ساٿ هو، پر ڄڻ ته ڪا واقفيت ئي ڪا نه هئن. تمام گهٽ ڳالهايو هئائون. حيدرآباد اسٽيسن تي لهندي ته هن مڙي ڪو نه ڏٺو هو، نه ته اقبال جي اکين ۾ چمڪ ڏسي هن کي اهو سمجهڻ ۾ دير نه لڳي ها ته ڳوڙها به ڪئين روپ وٺي سگهن ٿا. ليڪن اتي هڪ وڌيڪ مضبوط جذبو هُن تي حاوي هو. افضل سان ملڻ جو، گهر وارن سان ملڻ جو. هن ڪنهن کي به پنهنجي اچڻ جو اطلاع ڪو نه ڏنو هو ته، جيئن اوچتو پهچي سڀني کي حيران ڪري. هن اقبال جي خدا حافظ جو  جواب به ڪو نه ڏنو هو. هونئن به کيس اقبال جو چنبڙجي هلڻ ڪو نه ٿي وڻيو.هن چاهيو ٿي ته هو فقط سندس انتظار ڪري ته جڏهن، جتي ۽ جيئن  هوءَ چاهي تيئن سڏي سگهيس. گڏ وٺي هليس،پر جڏهن خاموش هجي ته نه ڳالهائي، پنهنجي طرفان اهو سمجهي وٺي ته هن تي صرف سندس حق آهي. ’هن کي ڪهڙو حق جو ابتا سبتا خيال پچائي ۽ وري مون کي ٻڌائي.‘ رعنا سوچيو. ’مون به ٺيڪ ڪيو، نه چوانس ها ته ويڪ مٿو ڦري وڃيس ها.‘ هن کي هوٽل وارو واقعو ياد هو، جڏهن اقبال کي تڙي ڪڍيو هئائين ۽ پاڻ ڪاوڙجي واپس هاسٽل ڏانهن هلي آئي هئي. هن سڄي رات ۽ ٻيو ڏينهن جنهن عذاب ۾ ڪاٽيو هو، تنهن جي کيس ئي خبر هئي. جڏهن رشيد صاحب کانئس ڪيترا فارم ڀرائي صحيحون وٺي ويو هو، تڏهن به هن ڪجهه ڪو نه ڪڇيو هو. اها به خبر پوءِ پئي هئس ته ڪا امريڪن اسڪالرشپ هئي، جنهن جا فارم کانئس ڀرايا ويا هئا. انهيءَ خاص مهربانيءَ جو سبب سمجهندي به  هن اهو سمجهڻ نٿي چاهيو. رشيد صاحب هن کي سکيا وٺندڙن ۾ پهريون نمبر ڏنو هو ۽ خود کيس چيائين ته هوءَ ڊاڪٽر ٿيڻ لاءِ آمريڪا وڃي. پر ان وقت هن ڪجهه به ڪو نه چيو هو. چپ چاپ هلي آئي هئي. گهر کان ايترو وقت ٻاهر رهڻ جي ڪري وڌيڪ ٻاهر ۽ پري وڃڻ جو خيال کيس آيو ئي ڪو نه ٿي. هن اهو به ڄاتو ٿي ته رشيد صاحب جي مهربانين جو ڪهڙو سبب آهي.پر ڄاڻندي ٻجهندي به هن هر ڳالهه کان ڪن ٽار ٿي ڪئي، ڇو جو هن سمجهيو ٿي ته جي هن اهو ظاهر ڪيو ته کيس اها سڀ خبر آهي، ته پوءِ خوامخواهه ان ۾ اڙجي ويندي. تنهن ڪري سڀ ڪجهه سمجهندي به هوءَ ڪجهه ڪو نه ٿي سمجهي.

لاهور  جا آخري ڦڪا ۽ بي سواد ڏينهن گذاري، آخري فنڪشن ۾ شرڪت ڪري، آخري ڏينهن جڏهن هوءَ اسٽيشن تي پهتي هئي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد هلڻ وارا به هن سان گڏ هئا. بنگالي وڌيڪ گهمڻ لاءِ ترسي پيا هئا. ڪوئيٽاوارا سڌو هوائي جهاز رستي ڪوئيٽا ويا هئا. ريلوي اسٽيشن تي رشيد صاحب به آيو هو ۽ کيس امريڪا لاءِ تياري ڪرڻ جو چيو هئائين. هن پاڻ ڪو به جواب ڪو نه ڏنو هو. هو ٽرين جي هلڻ تائين بيٺو هو. خبر ناهي ڇو ٿورن ڏينهن ۾ رعنا ۾ ڪا اهڙي تبديلي به آئي هئي، جنهن هن جي من جي مونجهارن ۾ اضافو آڻي ڇڏيو هو ’هي هاڻ اڪيلو ٿي ويندو.‘ هن رشيد صاحب لاءِ سوچيو هو، ’تنهن ۾ منهنجو ڇا، ڪو هر اڪيلي جو ٺيڪو مون کنيوآهي ڇا؟‘ هن ڪمپارٽمنٽ تي نظروجهندي سوچيو هو. ٽرين جي وسل سان اسٽيشن جي ماحول ۽ آواز ۾ تبديلي اچي وئي. هن سوچيو، ’زندگي به ائين آهي، بلڪل ائين، خاموش ۽ پرسڪون.پر جڏهن به ڪو واقعو ٿئي ٿو يا  حادثو ته گوڙ مچيو وڃي.‘ پوءِ هن پليٽ فارم تان ٽرين کي سرڪندو محسوس ڪيو هو. آهستي آهستي رفتار تيز ٿي رهي هئي. تان جو ٽرين شهر جي حدن مان نڪرڻ لڳي. هن پٺيان مڙي ڪو نه نهاريو هو.’پٺيان مڙبو ته پنڊ پهڻ ٿي وڃبو.‘ هن سوچيو هو. وري اقبال کي ڏٺائين، جيڪو سامهون واري سيٽ تي ڪنهن سوچ ۾ ٻڏو پيو هو. هن انهن پوڙهن ڏانهن ڪونه ڏٺو هو، جيڪي پاسي واري سيٽ تي ويٺا هئا ۽ هڪ نوجوان ڇوڪريءَ کي اڪيلو ايڏو طويل سفر ڪندي ڏسي پنهنجن پراڻن وقتن کي ياد ڪري رهيا هئا. جڏهن ڇوڪريون زندگيءَ ۾ ڪڏهن در جي چانئٺ کان به ٻاهر نه نڪري سگهنديون هيون. هوءَ انهن خيالن ۾ گم هئي ته نسيم ڪمري ۾ گهڙي آئي.

”رعنا، ريشم گليءَ هلندينءَ؟“ نسيم هن کان پڇيو. هوءَ ڇرڪي وئي.

”هل، هل.“ هن چيو.

”انارڪليءَ جون سڪون ته ڪو نه لهندئي.“نسيم کلي چيو. ڇو جو هن بار بار اناڪليءَ جو ذڪر ٿي ڪيو ۽ اتان ئي آندل ڪپڙا ۽ ٻيون شيون سڀني کي سوکڙيون ڪري ڏنيون هئائين.

”ها، وڏي ريشم گلي آهي، ٻيو ڇا _ ها البت هُت اشاري بازيءَ جي وڌيڪ سهوليت آهي.“ هن کلي چيو.

”پوءِ ڪي اشارا ڪيئي يا نه!“ نسيم پڇيس.

”مون کي اشارا ڪرڻ اچنئي ڪو نه.“ رعنا چپ ڊولا ڪندي چيو.

”جهڙو وئينءَ تهڙو نه_ اڙي آءٌ ته ائين اڪيلي وڃان!“نسيم شرارت وچان چيو

”ته ڇا ڪرين؟“ رعنا پڇيو.

”گهٽ ۾ گهٽ . . .. “ نسيم اڌ جملو ڳالهائي هن جي منهن تي ردعمل ڏسڻ چاهيو _ وري چيائين. ”هڪ ناول ته لکي اچان ها.“

ان وقت در تي هلڪو ٺڪاءُ ٿيو. نسيم ڊوڙي ٻاهر نڪتي. هن چاهيو ٿي ته سليم اچي، ڪو ٺاهه ٿئي ته سندس ناول جلدي مارڪيٽ ۾ اچي، گهٽ ۾ گهٽ جشن روح رهاڻ کان ته اڳ اچي.

”تو سان ڪو ملڻ آيوآهي، مس رعناسان.“ هن موٽي اچي رعناکي حيران ڪيو.

”مون سان، ڪير ملڻ ايندو؟“ رعنا حيرت وچان چيو.

”اڙي ڪنهن کي اشارو ته ڪر.“ نسيم هن کي ويندو ڏسي زور سان چيو.وري آهستي چيائين، ”بيوقوف ٻگهلي.“رعنا دروازو کوليو ته حيرت کان ڄمي وئي. اقبال بيٺو هو. هو مايوسي ۽ بي وسيءَ مان کيس ڏسي رهيو هو. هن سڄو در  کوليو.

”اچو. . . . اندر اچو.“ هن چيو.

”مان . . . . صرف توهان سان ملڻ آيو هئس. اصل ۾ افضل سان ملڻ آيو هئس پر هتي خبر پئي ته هو سينگاپور هليو ويو. . . . سو هاڻ سندس ڳوٺ ٿو وڃان. چاچا سان ملندس“ ڀاڀيءَ جي خبرچار لهندس.“ هو يڪساهيءَ ڳالهائيندو ويو، ڄڻ ته پنهنجي اچڻ جي صفائي ڏيندو هجي.

رعنا کي هن تي رحم اچي ويو. ويچارو صفايون پيو پيش ڪري. آخر چار ڏينهن چڱا گڏ رهيو آهي. ”پر اندر ته اچو نه.“

”نه آءٌ افضل جي ڳوٺان ٿي پوءِ ايندس هتي.“ هن پڙي ۾ پيل ڪيڪ رعنا ڏانهن وڌايو، جنهن بي اختيار اهو کڻي ورتو.“ آءُ ايندس.. .. خدا حافظ.“

هو بنا ڪنڌ ورائي ڏسڻ جي هليو ويو.

”عجيب ماڻهو آهي. ملڻ به آيو. بيٺو به ڪونه.“ رعنا ڪيڪ جو پڙو کڻي اندر آئي.

اڙي هيڏانهن ته ڪر.“ نسيم هن جي هٿ مان پڙو کسيو پر در ۾ رشيده کي بيٺل ڏٺائين ۽ هن جي نظرن ۾ لڪل ڪاوڙ ڏسي پڙو هن ڏانهن کڻي وڌايائين.

 

موسم بدلجي چڪي هئي. صبح جو هلڪي فرحت بخش هوا  جا جهوٽا هلڻ لڳا هئا. گينڊي جا گل لان جي چوڌاري قطارن ۾ مرڪي رهيا هئا. ڪاليج جي فضا ۾ عجيب قسم جو ڦيرو اچي ويو هو. قسمين قسمين ڪپڙا، چهرن تي تاثرات جدا جدا، چانهه جي بدران ٿڌي جو شروع ٿيندڙ رواج _ گڏوگڏ ورانڊن ۾ هلندڙ جوڙن جا طور طريقا ۽ ان کان به وڌيڪ شاگردن ۾ قومي شعور _ ملڪي معاملن تي گفتگو _ ڪڇ جي رڻ جو مسئلو _ پاڪستان ريڊيو، بي _ بي_ سي، آل انڊيا. نيو چائنا نيوز ايجنسي، تاس، پارس، وائيس آف آمريڪا، اخبارون، بحث جو موضوع  ڪشمير جو مسئلو، گفتگو، ويٽنام، گفتگو، ڪمبوڊيا، لائوس، جپان،چين، فارموسا، گفتگو، ايوبي پاليسيون، يونيورسٽي آرڊيننس زندهه باد، مرده باد، جنرل باڊي باڊي  ميٽنگ _ پاڻ ۾ جهيڙا جلوس، هتي پٿربازي هتي گوليبازي اهي هئا موضوع.

 

رعنا پنهنجي آفيس ۾ ويٺي هئي.هوءَ سوچي به رهي هئي ۽ ليڪچر لاءِ تياري به ڪري رهي هئي. سندس ذهن اتي ڪو نه هو. ڪتاب جا لفظ مٿس چٿرون ڪري رهيا هئا. اين، ايم _ ٿي لڳس ۽ ايل کي ٽي _ پي سمجهيائين. رات اقبال جو فون آيو هو. هن کيس ٻڌايو هو ته هو وٽس آفيس ۾ ايندو. هن کي هڪ طرح جو انتظار به هو پر اها به مونجهه پئي ٿيس ته ڇا ٿيندو. هن سان ڪهڙي گفتگو ٿيندي. وري هو مهمان به هو تنهن ڪري گهر ۾ مانيءَ جو به چئي آئي هئي. ڳالهيون ڪٿان شروع ٿينديون؟ ڪهڙيون ڳالهيون ٿينديون؟ ڇو ٿو ملڻ چاهي؟ ڇا ٿيندو؟‘ هن جي دل ۾ آيو ته اٿي افضل جي ڪمري ۾ وڃي. پر هو ته هت آهي ئي ڪو نه. اڄ ئي اسٽاف بس ۾ ڪنهن افضل لاءِ ڪجهه چيو پئي پر هن ڪجهه ڪو نه سمجهيو. هن ڏاڍي ڪوشش ڪئي هئي ته ٻڌي وٺي، پر ٻڌي ڪو نه سگهي. هن چاهيو ٿي ته اهي ڳالهيون هو ساڻس ڪن، جن ۾ افضل جو ذڪر هجي.

”اڙي! ڪهڙا خيال پئي پچائين.“ هوءَ نسيم جي آواز تي ڇرڪي وئي. نسيم جانيءَ سان گڏ بيٺي هئي. ”نسيم ۽ جاني!‘ اهو سوچيندي هن کين وهڻ جو چيو. دل کي ڏاڍو آٿت ٿيس. سوچيائين ته هاڻ اقبال ڀلي اچي.‘

”تون هتي ڪيئن؟“ هن پڇيو.

”آءٌ وڏي ڪم تي نڪتي آهيان. اهم ڪم تي.“ نسيم جانيءَ ڏانهن ڏسندي چيو، جنهن خواهه مخواهه مرڪي ڏنو. هن کي لفظ ڪو نه پئي مليا جو کڻي ڳالهائي. رعنا کان هو  تمام گهڻو مرعوب هو. سونهن جي ڪري يا هن کي پاڻ کان وڏو ڄاڻي.

”اسين به ٻڌون.“ رعنا جو اصلي لهجو موٽي آيو.

”سليم کي پيا ڳوليون.“هن چيو.

”ڇو؟“ رعنا پڇيو.کيس حيرت ٿي ته سليم گهر ٿو اچي ته پورو منهن ڪو نه ٿي ڏئيس، آڏا ابتا سوال ٿي ڪري ۽ هينئر آهيجو ڳولڻ نڪتي اٿس. هن کي هونئن به نسيم گهڻي  بدليل ٿي لڳي.

”ليکڪ، پبلشر کي ڇو ڳوليندو آهي؟“ نسيم هن کان سوال ڪيو ۽ اٿي کڙي ٿي.

”اڙي ويهه ته سهي.“ رعنا روڪيس. حالانڪه کيس خبر هئي ته هوءَ جي اٿي ته ڪا نه وهندي.

”نه، هتي ڏسي ورتو پر هو ڪونهي آءٌ موڪل ٻن ڪلاڪن جي وٺي آئي آهيان.واپس ورڻو اٿم.“ هو وڃڻ لڳي. جاني به چپ چاپ هن جي پويان وڃي رهيو هو، هوءَ در مان نڪري رهي هئي ته اقبال اچي پهتو. هو رڪيو ته جيئن نسيم ٻاهر نڪري. هن عجيب نگاهن سان رعنا ڏانهن ڏٺو.

”مون کي دير ته ڪا نه ٿي؟“ اقبال پڇيو.

”اچو اچو. . . . دير ڇا جي. .. “ رعنا هن جو آڌرڀاءُ ڪندي چيو. اڄ هن کي اقبال جي چهري تي ڪاوڙ، شڪ ۽ اجنبيت جا پاڇا ڪجهه گهٽيل نظر اچي رهيا هئا. هو سندس سامهون ڪرسيءَ تي ويٺو.

”هيءَ منهنجي ڀيڻ هئي نسيم.، هن ڳالهه شروع ڪئي.

”منهن مان ئي لڳي ٿي.“ اقبال چيو، وري هڪ لمحو چپ رهي چيائين.

”افضل جي وائف جي طبيعت تمام خراب آهي. هن کي نه وڃڻ کپي ها.“

’هن جو ڪهڙو واسطو، جو افضل لاءِ ائين ٿو سوچي، افضل پنهنجي مرضيءَ جو مالڪ آهي.‘ رعنا سوچيو، ’زال کي بيمار ڇڏي ته ويو هو.‘

”چاچا ويچارو ڏاڍو ڪمزور ٿي ويو آهي.“ اقبال وري چيو.

”توهان وهو ته مان ڪلاس وٺي اچان ٿي.“ رعنا هن کي چوندي اٿي ۽ آهستي قدم کڻندي ٻاهر نڪري وئي.

”ڏاڍي سهڻي آهين _ ڏاڍي سهڻي آهين.“اقبال دل ۾ چيو. وري هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين ته ڪير ٻڌي  ته ڪو نه پيو. ’اها خبر اٿئي ته مون کي تو سان ڪيڏو پيار آهي؟ بي انتها، تنهنجي پوڄا ٿو ڪريان. پوڄا قبول ڪرين يا نه وس واري آهين. انهن اکين، چپن ۽ ڳلن کي چمي به سگهندس يا نه! ڇا به ٿئي، رهڻو تنهنجي در تي آهي. توکي ڇڏڻو ناهي. ڀلي ڇا به ٿي پوي، هاڻ تون ئي منهنجو سرمايو آهين، منهنجي زندگي آهين.پيار ڪرين يا نفرت، منهنجي آهين.لاتعلق ٿين يا گڏ وهارين، منهنجي آهين. مهنجي ٿين يا ڪنهن ٻئي جي، پر آهين منهنجي، پنهنجن خيالن تي هن جون اکيون ڀرجي آيون، تو کان سواءِ آءٌ اڪيلو آهيان. اڌورو آهيان. نامڪمل آهيان. مئل آهيان. تون آهين ته رنگ آهن، روشني آهي، خوشبو آهي. تون آهين ته مان شاعر آهيان، موسيقار آهيان، آرٽسٽ آهيان، تنهنجي نگاهن جي پياري اُلر مونکان ڪئي تاج محل جوڙائي سگهي ٿي، جيڪڏهن تون آهين ته مان سڀ ڪجهه آهيان. تون ناهين ته مان ڪجهه به ناهيان. ڌوڙ جو ٻڪ، ڪوئلن جي رک، درياءَ جو سڪل پيٽ، رڻ پٽ جو ٿوهر آهيان. منهنجو وجود، منهنجي هستي تنهنجي پيار جي سهاري زندهه رهي سگهن ٿا. تون مون لاءِ سڀ ڪجهه آهين، تو کانسواءِ آءٌ ڪجهه به ناهيان.‘ هن پنهنجن ئي خيالن تي پور پچائيا، ’تو کي ڏسڻ لاءِ، تو کي ڇهڻ لاءِ، تو سان ملڻ لاءِ، هي حياتي ته تمام ننڍي آهي.تو کي ڏسڻ لاءِ ته وڏي حياتي گهرجي. مون کي زندهه رک . . . . مونسان پيار ڪر. . . . آءٌ ڪندو رهندس.

”اي مسٽر . . . اي مسٽر.“ در ۾ هڪ ننڍي نيٽي ڇوڪري بيٺي ئي، جنهن جي جواني اڃا صرف آئي هئي. اڃا سرد گرم مان نه لنگهي هئي، هن کي ڇرڪائي وڌو، ”هي مس رعنا جو ڪمرو آهي. هتي خواب ڏسڻ منع آهي.“ ائين چئي هوءَ کلندي هلي وئي. ساڻس گڏ ڪي ٻيون ڇوڪريون به هيون، جن جا نرم ٽهڪ ڪافي دير تائين ڪمري ۾ گونجار ڪندا رهيا.

’صرف خواب ڏسڻ منع آهي نه، خواب اُڻڻ تي ته پابندي ناهي.‘ هن سوچيو.

”توهين بور ته نه ٿيا؟“ رعنا اندرايندي پڇيو. هن جي هٿن تي چاڪ جي اڇاڻ لڳل هئي، جيڪا هن ڪرسيءَ جي پٺيءَ تي رکيل ٽوال سان اگهي صاف ڪئي.

’ايڏو تڪلف ٿي ڪري.“ اقبال چيو.

”هاڻ هلو ته گهر هلون.“ هن اقبال کي چيو. هن سوچيو ته هروڀرو اسٽاف بس ۾ ڳالهين جو نشانو بڻجڻو پوندو، تنهنڪري اڳواٽ ئي نڪري وڃجي. ڪا نه ڪا سواري ملي ويندي.

”افضل جي ڳوٺ ويو هوس _ هن جو پيءُ، ٺيڪ نه هو.“ اقبال پنهنجي ڳالهه آهستي ورجائي. هن کي خبر نه ٿي پئي ته ڪٿان شروع ڪري! افضل جو ذڪر به ان ڪري ٿي ڪيائين جو خبر هئس ته هو رعنا جو ساٿي استاد آهي. سوچڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ وڏو فرق هو. سوچ انسان جي پنهنجي هوندي آهي پر وات مان لفظ جي صورت وٺي نڪرڻ کانپوءِ ان تي گهڻن جو حق ٿي پوندو آهي.

’هن کي آخر افضل جو ذڪر ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ ڇا مون کي بيوقوف ٿو سمجهي.سمجهي ٿو ته مان ان تي اعتبار ڪنديس!‘ يا مون کي اها خبر ئي ڪانهي ته هو صرف منهنجي لاءِ هتي آيو آهي، منهنجي لاءِ‘ رعنا ٿورو غرور وچان سوچيو.

”مان هتان ئي موڪلايان ها.“ اقبال چيو.رعنا چپ رهي. هن چاهيو ٿي ته رعنا مٿس هلڻ لاءِ زور ڀري. هو انڪار ڪندو رهي پر رعنا کيس ٻانهن کان وٺي گهر هلڻ لاءِ مجبور ڪري. سندس ايلاز ڪري، منٿون ڪري، حڪم ڪري، رسي وڃي ۽ هو پرچائيس. هو منهن ڦيري ڇڏي ته کاڏيءَ کان جهلي پاڻ ڏانهن منهن ڪريس ۽ پوءِ. . . . .

”جلدي هلو، ماني ٿڌي ٿي ويندي.“ اقبال هنن لفظن مان خلوص، سچائي ۽ پيار جي خوشبو ڳولڻ جي ڪوشش ڪندو، هن جي پويان هلندو، ڪاليج جي حدن مان ٻاهر نڪري آيو_

 

حميده، ڳوٺ جي خاموش ماحول ۾، جت ٽئڪسي،رڪشا، موٽر ۽ ٽانگن جو گوڙ نه هئو، جت هوائن جي زور تي وڻن جي گهاٽين ٽارين جي آوازن ۽ پکين جي ٻولين جو راڄ هو. اتي هڪ اوچي ڪوٽ واري محلي ۾ اندر ڪچسرن ۽ پڪسرن ڪمرن جي اڳيان وڏن ويڪرن اڱڻن تي زندگيءَ جو وڏو حصو کلندي ٽپندي گذاريو هئو.پر اڄ اهي اڱڻ کيس اوپرا لڳي رهيا هئا. ماءُ پيءُ ته ننڍپڻ ۾ ڇڏي ويا هئس. باقي ماسي يعني جيجي قمر به هاڻ اتي ڪا نه هئي، جيڪا اکين سان مٿس پهرا ڏيندي هئي. جيڏانهن حميده ويندي هئي. تيڏانهن هن جون نگاهون سندس پيڇو ڪنديون هيون. هاڻ ڪير هو جو سندس خيال رکي؟ پڦيون، چاچيون ڪيترو خيال رکنديون! چاچا عدلو ۽  ماما حسن، گهڻو تڻووقت اوطاق تي گذاريندا هئا، باقي رهيو افضل جو پيءُ سو يا ته گهر ۾ اعتڪاف ۾ هوندو هو يا چلا پيو ڪڍندو هو. زال جي موت، هن جي زندگيءَ جي باري ۾ راءِ کي بدلائي ڇڏيو هئو. هو مذهب ڏانهن گهڻو جهڪي ويو هو. هن کي احساس ٿي ويو هو ته زندگي صرف هڪ خواب آهي، جيڪو گذرڻو آهي. اها ڪڏهن رڪجڻي ناهي ۽ نه وري گذرڻ کان پوءِ واپس ئي ايندي. اکيون پورڻ کان پوءِ ڇا ٿيندو؟ تنهن جو جواب ڪنهن وٽ ڪونهي.صرف مذهب آهي، جيڪو جنت ۽ دوزخ جو تصور ڏي ٿو.روح جي اَمر هجڻ جو ٻڌائي ٿو.پر جڏهن زندگيءَ جو انجام موت ئي آهي، ته پوءِ ان لاءِ ڦٿڪڻ ڪهڙو، تڙپڻ ڪهڙو؟ بس اولاد سان پيار، زمين سان پيار، پئسي سان پيار، ۽ لڳ لاڳاپن سان جڪڙيل جيءَ کي زندگي ڇڏيندي تڪليف ٿئي ٿي، سو هن انهن سڀني ڳالهين کان پاسو ڪري ورتو  هو. يا ته حميده جي پيٽ ۾ اسرندڙ، پنهنجي پٽ جي نشانيءَ جو فڪر ڪندو هو، جيڪو بقول هن جي، سندس نالو، سندس خاندان جو نالو ۽  بڻ بڻياد قائم رکندو ياوري قرآن پڙهي، چلا ڪڍي، اعتڪاف ۾ ويهي وقت گذاريندو هو.

حميده پنهنجي پڦيءَ جي ڌيءَ پروين سان گهڻو هريل مريل هئي _ هو هڪ جيڏيون به هيون، رازدان به. تڏهن ته هوءَ حميده جي شاديءَ تي سڀني کان گهڻو رني هئي. سندس ماءُ کيس يو هو ته امان ڌيئرن تي اهي ڏينهن ايندا آهن، مائٽ ڌيئرن کي ٻين لاءِ ڄڻيندا آهن، ”سو ٿيڻيءَ لاءِ ڪهڙو روئڻ!“ هن کي اهو ٻڌي وڌيڪ روئڻ اچي ويو هو.شايد پنهنجو سوچي، ته هڪ ڏينهن کيس به  اباڻا پکا ڇڏڻا پوندا _ هن ايترو ته رنو هو جو ڪنوار کي به رئاڙي ڇڏيو هئائين.

هن کي اها خبر نه هئي ته ڪو افضل ماءُ جي وفات کان پوءِ ايترو جلد شادي ڪندو.هن کي اهو ئي فڪر هو ته جي افضل حميده کي گڏ وٺي ويو ته پوءِ ملاقات مشڪل آهي، پر حميده کي واپس ڳوٺ ۾ آيل ڏسي هوءَ ڏاڍي خوش ٿي هئي، هن ايندي ئي حميده کان حال احوال ورتا هئا. پوءِ جڏهن هن جي طبيعت جي خرابيءَ جي خبر پئي هئس ته اصل هنڌ تان اٿڻ تي به پابندي وجهي ڇڏي هئائينس _ انهيءَ ڏينهن ماما حسن ٻاهران افضل جو خط کڻي آيو هو ته حميده کٽ تان لهي ڊوڙ پائي وڃي ورتو هئس۽ وري سور ۾ ٻيڻي ٿي وئي هئي.انهيءَ تي هن ڏاڍا دڙڪا ڏنا هئس_ پر خط جي خوشيءَ ۾ حميده کي ٻي ڪنهن ڳالهه جي سڌ نه هئي. هينئر به هوءَ حميده جي ڀر ۾ ويٺي  هئي ۽ ڳالهيون ڪري رهي هئي.

”آءٌ ته کٽ تي ويهي ويهي ٿڪجي پئي آهيان.“ حميده چيو.

”راڻي، نوَ مهينا پورا ڪر، هي مهمان اچي ۽ هو به_ پوءِ تنهنجي مرضي.“ پروين ڳل ۾ چهنڊڙي وجهي چيس.

”هل مردار . . . .“ حميده هن کي ڪوڙي ڪاوڙ مان ڌڪ هڻندي چيو.

”الائي ڇا ٿو لکيس خطن ۾!“ پروين ٿڌو ساهه  ڀريو.

”تنهنجي لاءِ ڪو نه ٿو لکي.“ حميده به چيو.

”منهنجي لاءِ لکڻ وارو به ڪو ملي ويندو.“ پروين چيو_

”سڙي ويئي آهين، ڪيئن چوان پڦي کي.“ حميده چيو.

”متان، موچڙا هڻائيندينءَ ڇا!“ پروين هن کي روڪيندي چيو.

”ڇوريون اڪيليون ٿيون وهن ته خبر ناهي ڇا ٿيون سوچين؟“ پڦيءَ پريان هنن کي گڏ ويٺل ڏسي دل ۾ چيو. کيس پنهنجي جواني وارو وقت ياد آيو جڏهن هرک جي سلوار تي ليڊي هئملٽن جو چولو ۽ ململ جي چڻيل رنگارنگي گندي اوڙهي، سوپاريءَ جي تڙ وات ۾ وجهي، پڪار مڪس عطر جو  ٻڙو ڪن ۾وجهي جنڊيءَ جي کٽ تي ويهي چلم جا سوٽا هڻندي هئي ۽ اوڙي پاڙي جي آيل عورتن جو آڌرڀاءُ ڪندي هئي ۽ هو ڏندين آڱريون ڏئي رئيس وڏي جي زال مائي بچائيءَ جا ٺاٺ ڏسنديون هيون. بس جنهن ڏينهن کان رئيس وڏو راهه رباني وٺي ويو ته هن به اڇا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيا. چوڙيون ڀڃي ڇڏيائين_ نڪ مان هيرو ڪڍي ڇڏيائين ۽ پروين کي پنهنجو روپ سمجهي هن جي سينگارجا وس ڪرڻ لڳي.

”امان خبر ناهي ڇو گهوري پئي ڏسي!“ پروين آهستي حميده کي چيو.

”چوندي هوندي ته پاڏي ٿي وئي آهي گهر جو کائي کائي.“ هن چهنڊڙي هنيس.

”تو کي ته بس رڳو اها ڳالهه آهي.“ پروين چڙي پئي.

”اڙي، مزو آهي ڏاڍو.“ حميده هڪ اک ٻوٽيندي چيس.

”اهو مزو آهي نه؟“ پروين  پيٽ تي آهستي ٺونگو هڻي چيس.

”اڃان ته ايندو.“ حميده ٽهڪ ڏنو.

”اهو مزو توکي  نيبهه هجي.“ پروين چيو.

”تون ته ٻوچ . . . . “هن حميده کي جملو پورو ڪرڻ نه ڏنو. وات تي هٿ رکي ڇڏيائينس. حميده هٿ تي چمي ڏيندي چيس. ”چري . . . چري. . . . چري.“

هن وهاڻي هيٺان خط ڪڍيو ۽ نڪ تي لائي سونگهڻ لڳي.

”ٻڌائين ڇو نه ٿي ته ڇا لکيل آهي.“ هن چيو.

”اها ته خبر مون کي به ناهي.“ حميده چيو، ۽ وري خط رکي ڇڏيائين.

”ادا افضل اچي ته پوءِ پڙهجانءِ.“ پروين چيو ۽ ماڻس ڏانهن هلي وئي، جيڪا کيس اشاري سان سڏي رهي هئي.

حميده خطن کي سيني سان سانڍيو ويٺي هئي. نه صرف پنهنجا خط بلڪه سهري جا خط به هوءَ پاڻ وٽ رکندي هئي. هو  کلي چوندو هو، ”بابا، منهنجي جيئري، منهنجي مئي، منهنجي هر شيءِ تنهنجي آهي. اهي خط به تنهنجا آهن. باغ، ٻني، گهر سڀ ڪجهه تنهنجو ۽  تنهنجي وجود مان ڦٽندڙ ان گلاب جو آهي، جيڪو اسان جي خاندان جي واس کي جيئرو رکندو.“ هوءَ صرف مرڪندي هئي. بس ڪنهن ڪنهن مهل پيٽ ۾ دن جي هيٺان يا مٿان سور جي سوٽ اڀرندي هئس ته رنگ ئي هارجي ويندو هئس. پروين به پريشان ٿي ويندي هئي.دائي سياڻيءَ هن جي پيٽ تي هٿ رکي ڪنڌ ڌوڻيندي چيو هو. ”الله خير ڪندو. ٻار اڃا چري ڪو نه ٿو.“

”دائي،ڪامل ماءُ سان به ته ائين ئي هو. ڪامل به ته ستين مهيني چُريو هو.“ پڦيءَ چيو هو.

”جيجي چوين ته سچ ٿي.“ دائي سياڻيءَ چيو هو ۽ ڪافي ستيون ڦڪيون ٺاهي ڏنيون هئائين، جيڪي هوءَ کائيندي رهندي هئي. پر سور هو جو ڪنهن ڪنهن مهل آزار ڪري ڇڏيندو هو. هوءَ ڏاڍو لڪائيندي هئي ته جيئن ٻيا پريشان نه ٿين. افضل کي به ڪونه ٻڌائڻ چاهيندي هئي ته متان دل ۾ فڪر رکي. هن کي اها ئي خوشي هوندي هئي ته افضل خوش آهي. ڪورس پورو ڪري جلدي واپس اچڻ جو چوي پيو. هن کيس اهو به لکيو هو ته سينگاپور ۾ هن نئون ناول لکيو آهي، جنهن ۾ هن ساڻس پنهنجي پيار کي بنياد بنايو آهي. هو جڏهن پنهنجن خطن ۾ کيس لکندو هو ته هن پيننسولا شاپنگ سينٽر مان هُن لاءِ ريشمي ڪپڙا، امريڪن جارجٽ ۽ هندوستاني ساڙهيون ورتيون آهن، ته هوءَ خوش ٿي ويندي هئي. هو لکندو هئس ته هن رانديڪا به ورتا آهن، هوءَ شرمائجي ويندي هئي، ۽ آهستي چوندي هئي ”جلدي اچ نه.؟“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org