شاھھ
جي شاعريءَ ۾ حيوانن، پکين،
وڻن، ٻوٽن ۽ گاھن بابت ڄاڻ
سوال: شاھھ سائين سسئي وارن سرن ۾ ڪيترن جانورن
جو ذڪر ڪيو آھي؟
جواب: تقريبا تيرنھن جانورن جو.
سوال: شاھھ سائين پنھنجي ڪلام ۾ ڪتن لاءِ ڪھڙا
نالا ڪتب آندا آھن؟
جواب: جنبور، ڪارايي، ڪلاج، موتيئڙو، کينھو
وغيره.
سوال: شاھھ سائين سر سھڻيءَ ۾ ڪجھھ مڇين جو بھ ذڪر ڪيو آھي. توھان ڪن بھ ٻن مڇين
جا نالا ٻڌايو؟
جواب: لوھڻي ۽ ٿيلھي.
سوال: شاھھ سائينءَ منڍ ۾ عشق کي ڪھڙي جانور سان
تشبيھھ ڏني آھي؟
جواب: نانگ سان.
سوال: نانگ بلائن جو ذڪر شاھھ سائينءَ جي ڪھڙي سر
۾ ملي ٿو؟
جواب: سر ڪارايل.
سوال: شاھھ سائينءَ ٻھ يتيم ڪتا پاليا ھئا، سندن نالا ٻڌايو؟
جواب: موتي ۽ ليمون.
سوال: شاھھ سائين پنھنجي ڪلام ۾ تاڙي پکيءَ جا
ڪھڙا نالا بيان ڪيا آھن؟
جواب: سارنگ، چاتڪ، ٻاٻيھو ۽ مينھڻ.
سوال: شاھھ سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪھڙي پکي جو
ذڪر ڪيو آھي؟ جيڪو عقاب جھڙو ٿيندو آھي.
جواب: ھماءُ پکي جو.
سوال: شاھھ سائين جي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيل لفظ
’چيھو‘ ۽ ’چکي‘ ڇا جا نالا آھن؟
جواب: چيھو پکيءَ جو نالو (چيھو گاھھ) چکي ڍنڍ.
سوال: سر رپ ۾ شاھھ سائينءَ ڪانگ کي ٻين ڪھڙن
نالن سان سڏيو آھي؟
جواب: ڪانءُ، کيناتو، ڪانگڙا، ڪانگا، ڪانگل ۽
زاغ.
سوال: شاھھ سائينءَ سر معذوريءَ ۾ ڪھڙن پکين جا
نالا بيان ڪيا آھن؟
جواب: ڪوئل، چتون، ڪونج ۽ باز.
سوال: ٿري ماڻھو مانڌاڻي جا داڻا ڪھڙي فصل جي اٽي
سان ملائي استعمال ڪندا آھن؟
جواب: جوئر ۽ ٻاجھريءَ سان
سوال: ڀٽ ڌڻيءَ سر مارئي ۾ ڪيترن وڻن جو ذڪر ڪيو آھي؟
جواب: ڇھن وڻن جو.
سوال: واريءَ جي دڙي تي مينھن جي موسم ۾ ڦٽندڙ کنڀيءَ کي لطيف سائينءَ جي دور ۾ ڇا
چيو ويندو ھو؟
جواب: ڦنگي.
سوال: سر سارنگ ۾ شاھھ سائين ڪھڙين ڀاڄين جو ذڪر
ڪيو آھي؟
جواب: ميھا، چڀڙ، ڦنگيون (کنڀيون).
سوال: ٿر ۾ ڪھڙي ٻوٽي جي ميوي جو ذائقو، کٽمٺڙي
جھڙو ٿيندو آھي؟
جواب: کاٽو نبو.
سوال: ڍاٽڪيءَ ٻوليءَ ۾ پيرن کي ڇا چيو ويندو
آھي؟
جواب: ماچڪ.
سوال: شاھھ سائين جي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل لفظ کھھ ھڪ قسم جو گاھھ آھي ان جو قد
ڪيترو ٿيندو آھي؟
جواب: فٽ کن.
سوال: شاھھ سائين جي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل لفظ
مانڌاڻو ھڪ قسم جو گاھھ آھي، ان جو قد ڪيترو ٿيندو
آھي؟
جواب: پنج انچ ڊگھو.
سوال: سر سارنگ ۾ شاھھ سائين ڪھڙي مشھور گل جو
ذڪر ڪيو آھي؟
جواب: کٽڻھار گل جو.
سوال: شاھھ سائين سر کنڀات ۾ ڪھڙن ٻوٽن جو ذڪر
ڪيو آھي؟
جواب: اڪ، کٽڻھار، تور.
سوال: شاھھ سائين سر کنڀات ۾ ڪھڙن وڻن جو ذڪر ڪيو
آھي؟
جواب: چندن، سرکنڊ (صندل)، کٿوري، اگر.
سوال: گيدوڙي يا ليسوڙي لاءِ شاھھ سائين پنھنجي
شاعريءَ ۾ ڪھڙو لفظ استعمال ڪيو آھي؟
جواب: گوندا.
سوال: شاھھ سائين سر مارئي ۾ ڪيترن گاھن جو ذڪر
ڪيو آھي؟
جواب: اٺن گاھن جو ذڪر (آراڙي، چيھو، ڊامڻ،
سائون، ڳنڍير، للر، لنب، مکئي)
سوال: سر مارئي ۾ شاھھ عبداللطيف ڪھڙن ٻوٽن جو
ذڪر ڪيو آھي؟
جواب: لاڻي، ڦوڳ، اڪ، کوٽوبنا، ڪانڊيرو، گلاب،
وغيره.
سوال: سر کنڀات ۾ شاھھ سائين ڪھڙن گاھن جو ذڪر
ڪيو آھي؟
جواب: لاڻي ۽ ڪپور جو.
سوال: حضرت شاھھ عبداللطيف ڀٽائي سر ڏھر ۾ ڪيترن
وڻن جو ذڪر ڪيو آھي؟
جواب: ٻن وڻن جو.
سوال: شاھھ سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ ٿر جي ڪھڙي
گاھھ جو ذڪر ڪيو آھي، جنھن کي کائڻ سان ٿر جو مال
کير ۽ مکڻ وڌائيندو آھي؟
جواب: لنب گاھھ.
سوال: شاھھ صاحب سسئي وارن سرن ۾ ڪيترن وڻن ۽
ٻوٽن جو ذڪر ڪيو آھي؟
جواب: ڏھن وڻن ۽ پنجن ٻوٽن جو.
سوال: سر سارنگ ۾ شاھھ سائين ڪھڙين ڀاڄين جو ذڪر
ڪيو آھي؟
جواب: ميھا، چڀڙ، ڦنگيون (کنڀيون).
شاھھ جي شاعريءَ ۾ رنگن جو ذڪر
سوال: شاھھ
سائين لاک جو ذڪر ڪھڙن سرن ۾ ڪيو آھي؟
جواب: سر مومل راڻو، مارئي ۽ سر سارنگ ۾.
سوال: شاھھ سائين ڪھڙيءَ وائيءَ ۾ ڳاڙھي رنگ لاءِ
لفظ کنھنبو ڪتب آندو آھي؟
جواب: وائي: آئي مند ملار کنھنبا ڪنديس ڪپڙا
(سرسارنگ)
سوال: شاھھ سائين ڪاري رنگ لاءِ فارسيءَ جو ڪھڙو
لفظ پنھنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيو آھي؟
جواب: سياھي.
سوال: ڪلھن
تي جيڪا ڪپڙي واري سائي شال رکي ويندي آھي ان جو
ذڪر لطيف سرڪار ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي.
جواب: سر مومل راڻو ۾.
سوال: شاھھ سائين ڪھڙيءَ وائي ۾ ھندن جي ھوليءَ
جو ذڪر ڪيو آھي؟
جواب: وائي: زاريءَ ســا زاري، الــو!
ڪــوھــيــارل ســاڻ،
ھندوئن جيئن ھولي، ڪري مون ڌوڙ مٿي تان واري.
سوال: حضرت شاھ عبداللطي ڀٽائي پنھنجي شاعريءَ ۾
ڪاري رنگ جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آھي؟
جواب: اٽڪل ٻٽيھھ ڀيرا.
سوال: شاھھ سائين ’لاک‘ جو ذڪر ڪھڙن سرن ۾ ڪيو آھي؟
جواب: سر مومل راڻو، سر مارئي ۽ سر سارنگ ۾.
سوال: اھو ڪھڙو رنگ آھي، جيڪو شاھھ سائين جي شاعريءَ ۾ خوشحالي، آسودگي ۽ آباديءَ
جي اھڃاڻ طور استعمال ٿيل آھي؟
جواب: سائو رنگ.
سوال: شاھھ سائين پنھنجي محبوب لاءِ ڪھڙو رنگ
پسند ڪيو ھو؟
جواب: ڳاڙھو رنگ (لالڻ)
سوال: شاھھ سائين ڪاري رنگ لاءِ فارسيءَ جو ڪھڙو
لفظ پنھنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيو آھي؟
جواب: سياھي.
سوال: ڪلھن تي جيڪا ڪپڙي واري سائي شال رکي ويندي
آھي، ان جو ذڪر لطيف سرڪار ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي.
جواب: سر مومل راڻو.
سوال: ڪھڙي سٽ ۾ شاھھ صاحب ”اڇو“، ”اڇاھھ“ ۽
اڇائي“ ٽي دفعا ڌار ڌار لفظ استعمال ڪري، اڇي رنگ
جي اعليٰ ھجڻ جو تاثر ڏنو آھي؟
جواب: سٽ: اڇو پيو اڇاھھ تھ اڇا ئي ابھو.
سوال: شاھھ صاحب ڪھڙي رنگ کي پاڪيزگيءَ جو رنگ
ڪوٺيو آھي؟
جواب: اڇي رنگ کي. |