شاھھ جي راڳ،راڳين ۽ سازن بابت ڄاڻ
سوال: شاھھ سائين جو راڳ ڪوھياري ڪھڙي علائقي جو
نغمو آھي؟
جواب: خزدار جو.
سوال: عبدالعزيز شيخ جي تحقيق مطابق ڪارايل جي
لغوي معنيٰ ڇا آھي؟
جواب: حور.
سوال: شاھھ سائين جي ڪيترن سرن کي سنڌي موسيقيءَ
۾ ڳايو ويو آھي؟
جواب: پندرنھن سرن کي.
سوال: شاھھ
سائين جي ٽيھن سرن مان ڪيتريون راڳيڻيون ڪلاسيڪي
سنگيت مان مقرر ڪيون ويون؟
جواب: سورنھن راڳڻيون.
سوال: شاھھ سائين جي ڪلام ۾ سنڌي موسيقيءَ جي
نمائنده راڳڻي ڪنھن کي چيو وڃي ٿو؟
جواب: ڪوھياريءَ کي.
سوال: ڪوھياريءَ جي ڇيڙ ڪيئن ڪئي ويندي آھي؟
جواب: آروھي، ساڌاني، ساري، گ، ساري، گ، ساني،
ساني سا، امروھي، ساني، ڌپ، م، م م پ، م پ م، گ،
ني (ڪومل) ڌپ م گ ري گ ري سا.
سوال: سورٺ
راڳڻي جي امروھي ڪيئن آلاپي ويندي آھي؟
جواب: ساني ڌپ ڌپ م ري تي سا.
سوال: پرڀاتي راڳڻيءَ جي آروھي ڪھڙيءَ طرح آھي؟
جواب: آروھي: م گ، م پ پ، ڌتي، سا، ساري، ني سا.
سوال: شاھھ سائين جي اھا ڪھڙي راڳڻي آھي، جيڪا
بلاول ٺاٺ ۾ آھي؟
جواب: معذوري.
سوال: ديسي
راڳڻي جي ڇيڙ ڪھڙي ريت ڪئي ويندي آھي؟
جواب: ساري، ري ري، ڌپ ڌپ، م پ، ري، ري، سا.
سوال: شاھھ صاحب جي راڳ ۽ راڳڻين جي ڇيڙ، آروھي ۽
امروھي سان ٿئي ٿي، آروھي ۽ امروھي جي معنيٰ ڇا
آھي؟
جواب: آروھي معنيٰ ھيٺين سرن کان مٿي ۽ امروھي
معنيٰ مٿين سرن کان ھيٺ.
سوال: گائڪي جي قانون مطابق ڪنھن بھ راڳ جي آروھي
۽ امروھيءَ ۾ ڪھڙا سر ضرور لڳندا آھن؟
جواب: کرج، رکب ڪومل، گنڌرا، تيور، ڌيوت، ڪومل ۽
نکاد تيور.
سوال: شاھھ سائين جي راڳڻي، آسا جي ڇيڙ ڪھڙي طرح
ڪئي ويندي آھي؟
جواب: آروھي: ساري گ، م گ پ، ڌني سا.
امروھي: ساني ڌپ، ڌني ڌپ، م، گ، ري سا.
سوال: راڳڻي سامونڊيءَ جي ڇيڙ ڪھڙيءَ طرح ڪئي
ويندي آھي؟
جواب: ساساري
ساني ڌني ڌپ پ، م م ري، پ م گ، ري ري سا.
سوال: مارئي راڳڻي سرن جي اصول تي ٺھڪائڻ سان
ڪنھن سان مشابت رکي ٿي؟
جواب: مانجھھ (کماچ ٺاٺ) سان.
سوال: شاھھ سائين جي راڳڻي رپ جي ڇيڙ ڪھڙي ريت
ڪئي ويندي آھي؟
جواب: ساني، ساري، گ م گ پ ڌسا.
سوال: ڪارايل جو سر گم، ڪيئن آلاپيو ويندو آھي؟
جواب: ساماما، پاپاسا، ماني، ڌي ني، ڌي پا، ڌي،
ماپا، گاماپا، گا ري، سا.
سوال: شاھھ سائين جي راڳ کمباوتي جي امروھي ڪھڙي
ريت ٿيندي آھي؟
جواب: امروھي: سا، ني، ڌا، پا، ڌا، ما، گا، ما،
سا.
سوال: شاھھ صاحب جي رسالي ۾، ڪيترن قسمن جا راڳ،
استعمال ڪيا ويا آھن؟
جواب: ٽن قسمن جا.
سوال: شاھھ صاحب جا اھي ڪھڙا راڳ ۽ راڳڻيون آھن
جيڪي فن موسيقي جي ڪتابن ۾ نٿا ملن، پر سنڌ ملڪ ۾
اھي رائج ھئا؟
جواب: مارئي، ليلان، ڪاپائتي، ڏھر، مومل ۽
ڪارايل.
سوال: اھي ڪھڙا راڳ ۽ راڳڻيون آھن، جيڪي حضرت
شاھھ صاحب جن جي ايجاد آھن؟
جواب: سامونڊي، آبري، معذوري، ڪوھياري، حسيني،
گھاتو، ڪيڏارو، رپ، کاھوڙي ۽ بروو.
سوال: محفل سماع جي ابتدا شاھھ سائين جي ڪھڙي راڳ
سان ڪئي ويندي آھي؟
جواب: ڪلياڻ (شڌ ڪلياڻ) سان.
سوال: صبح جي پھرئين پھر ۾ شاھھ سائين جي، ڪھڙي
راڳڻي ڳائبي آھي؟
جواب: بلاول.
سوال: شاھھ سائين جي ڪھڙي راڳڻي سج اڀرڻ کان اڳ
ڀيرو ٺاٺ جي راڳڻين کانپوءِ ڳائبي آھي؟
جواب: ڌناسري
سوال: ڇا شاھھ صاحب جي ڪلام جو ڪجھھ حصو ڪونسيو
راڳڻي ۾ ڳايو ويندو آھي؟
جواب: ھا.
سوال: سر ليلان جي ڳائڻ جو وقت ڪھڙو آھي؟
جواب: پوئين رات ۽ صبح صادق.
سوال: شاھھ صاحب جو ڪھڙو راڳ، قديم گائڪي جي
گرنٿن ۾ بھ ملن ٿا؟
جواب: بروو، کنڀات.
سوال: عيد جي موقعي تي شاھھ سائين جا فقير ڪھڙا
سر ڳائيندا آھن؟
جواب: سسئي جا سر، سورٺ، ڪاموڏ، ڪارايل، پورب.
سوال: شاھھ سائين جو ڪھڙو سر محرم ۽ ذوالحج مھيني
۾ ڳايو ويندو آھي؟
جواب: سر ڪيڏارو.
سوال: سنڌ ۾
ڪيترن ۽ ڪھڙن قسمن جي موسيقي موجود آھي؟
جواب: ٽن قسمن جي. ھڪ ڪلاسيڪي، ٻي علائقائي يا
سرن واري، ٽين سنئين سڌي لوڪ گيتن واري.
سوال: شاھھ سائين پنھنجو ڪلام ڪھڙيءَ موسيقيءَ جي
آڌار تي ترتيب ڏنو؟
جواب: موضوعاتي موسيقي يا علائقائي موسيقي.
سوال: مقالو ”سنگيت ساز، سرود ۽ سنڌي ثقافت“ ڪنھن
جو لکيل آھي؟
جواب: ڊاڪٽر غلام علي الانا جو.
سوال: سيد
منظور نقوي جي تحقيق مطابق شاھھ سائين جي ڪھڙي راڳ
کي حضرت يا جناب راڳ، چيو ويندو ھو؟
جواب: سريراڳ کي.
سوال: شاھھ جي ڪھڙي راڳ کي پوربي ٺاٺ جو راڳ
تسليم ڪري ڳايو ٿو وڃي؟
جواب: سريراڳ.
سوال: ھي جملو شاھھ صاحب ڪنھن کي چيو تھ ”منھنجي
دل ۾ بھ الاھي محبت جو ھڪ وڻ آھي، جو سماع بنان
سڪيو ٿو وڃي“؟
جواب: مخدوم محمد ھاشم ٺٽويءَ کي.
سوال: ڪتاب “شاھھ لطيف جي موسيقي“ ڪيترن حصن تي
مشتمل آھي؟
جواب: ٻن حصن تي.
سوال: راول فقير جي وفات کانپوءِ، لطيفي راڳ جي
چارج ڪنھن سنڀالي؟
جواب: لال فقير ۽ احمد فقير.
سوال: ويڙھي
جھپ واري ايراضيءَ ۾ لطيفي راڳ جو بنياد ڪنھن
وڌو؟
جواب: راول فقير.
سوال: اسماعيل فقير کان پوءِ، لطيفي راڳ جي چارج
ڪھڙي فقير کي ملي؟
جواب: درس باجيت فقير کي.
سوال: شاھھ
صاحب رڳن کي ڪھڙي ساز سان تشبيھھ ڏني آھي؟
جواب: رباب ساز سان.
سوال: شاھھ سائين سسئي جي رڙين کي ڪھڙي سازن سان
ڀيٽ ڏني آھي؟
جواب: سارنگي ساز ۾.
سوال: شاھھ جي راڳڻي معذوري ڪھڙي علائقي جو ديسي
نغمو آھي؟
جواب: لس ٻيلي جو.
سوال: ڪھڙي بزرگ شاھھ سائين جي راڳ جي اڳواڻي،
سال
1974-75ع
کان سنڀالي؟
جواب: سيد نور محمد شاھھ.
سوال: محمد حسين ڪاشف جي تحقيق مطابق، شاھھ صاحب
ڪھڙي سر ۾ اويسي طريقي جو ذڪر ڪيو آھي؟
جواب: سر کاھوڙيءَ ۾.
سوال: سر ليلا چنيسر جا ڪيترا بيت شيخ اياز، اردو
ترجمي سان شاھھ جي رسالي ۾ ترتيب ڏنا؟
جواب: سورنھن بيت.
سوال: ڪھڙي ڪتاب ۾، شاھھ صاحب جا چونڊ بيت، چئن
دؤرن ۾ ورھائي ترتيب ڏنو ويو؟
جواب: ڪتاب ڪامل جو ڪلام.
سوال: شاھھ عبداللطيف ڀٽائي جون ڪھڙيون راڳڻيون
آريائي دور جا راڳ ھئا؟
جواب: سر ڏھر ۽ گھاتو.
سوال: ھيءَ ڪافي ”ھت روئان زاور زار، شال ملان“
ڪھڙيءَ راڳڻيءَ ۾ ڳائبي.
جواب: روپ جوڳ.
سوال: شاھھ
سائين جي ڪافي ”تو ڪيئن دلڙي مٽائي، ھن پاڙيچي
پرينءَ کان“ ڪھڙيءَ راڳڻي ۾ ڳائبي آھي؟
جواب: روپ پھاڙيءَ ۾.
لطيفي لغتن ۽ لفظي معناعن بابت ڄاڻ
سوال: شاھھ
سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ اٺ لاءِ بختي لفظ استعمال
ڪيو اھي؟ بختي ڪھڙي ٻوليءَ جو لفظ آھي؟
جواب: عربي ٻوليءَ جو.
سوال: ڪتاب غريب اللغات ۾ شاھھ سائين جي ڪھڙن سرن
جي معنيٰ ڏنل آھي؟
جواب: سر ڪلياڻ، سر يمن ڪلياڻ ۽ سر کنڀات.
سوال: شاھھ صاحب جي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل لفظ
’فاڪه‘ جي معنيٰ ڇا آھي؟
جواب: ميوو.
سوال: شاھھ
جي رسالي ۾ آيل ڏکين لفظن جي لغات ”سلڪ مر واريد“
ڪنھن تيار ڪئي؟
جواب: قاضي فقير محمد قانع.
سوال: ’سلڪ مرواريد‘ جي معنيٰ ڇا آھي؟
جواب: موتين جي لڙھي.
سوال: شاھھ
جي رسالي ۾ آيل ڏکين لفظن جي لغات ’سلڪ مرواريد‘
ڪل ڪيترن سرن تي مشتمل آھي؟
جواب: فقط اوڻيھھ سرن تي.
سوال: قاضي فقير محمد قانع شاھھ جي ڏکين لفظن جي
لغات ’سلڪ مرواريد‘ ڪڏھن لکي؟
جواب:
15
مئي
1936ع
۾.
سوال: سڀ کان پھريائين شاھھ سائين جي رسالي مان
ڏکين لفظن جي معنيٰ ڪھڙي اديب پنھنجي ڪتاب جي آخر
۾ ڏني؟
جواب: ديوان ليلارام سنگ.
سوال: ديوان
ليلارام سنگ، شاھھ جي رسالي جي ڏکين لفظن جي معنيٰ
تيار ڪرڻ لاءِ ڪنھن کان مدد ورتي؟
جواب: آخوند احمدي کان.
سوال: ڀيرومل ڪيترن ورھين جي محنت کانپوءِ ”غريب
اللغات“ تيار ڪئي؟
جواب: ٻارھن ورھين جي محنت کانپوءِ.
سوال: مرزا قليچ بيگ کي ”لغات لطيفي“ تيار ڪرڻ ۾
ڪيترا سال لڳي ويا؟
جواب: ست سال.
سوال: لغات
لطيفي جي ٽئين ڇاپي جو پيش لفظ ڪنھن لکيو؟
جواب: ڊاڪٽر نواز علي شوق.
سوال: مرزا قليچ بيگ شاھھ سائين جي رسالي جي
ڪيترن سرن جي لغت تيار ڪئي؟
جواب: ستٽيھن سرن جي.
سوال: لطيفي لغات جو ديباچو ڪنھن لکيو؟
جواب: مرزا قليچ بيگ.
سوال: رسالي جي ڏکين لفظن تي لکيل ڪتاب ”ٻاروچي
ٻولي“ ڪيترن صفحن تي مشتمل آھي؟
جواب: چار سئو ٽيٽيھن صفحن تي.
سوال: ڪتاب
”ٻاروچي ٻولي“ ڪھڙي ھجري سال ۾ شايع ٿيو؟
جواب: ربيع الثاني، ١٤٠٥ ھھ ۾.
سوال: ڪتاب
”ٻاروچي ٻوليءَ“ جو مھاڳ ڪنھن ۽ ڪھڙي تاريخ تي
لکيو؟
جواب: سيد نجف علي شاھھ ڪمتر نقويءَ پھرين
سيپٽمبر
1984ع
تي.
سوال: ويجھر ۾ شاھھ لطيف جي شاعريءَ جي جامع لغت
ڪھڙي ڇپي آھي؟
جواب: روشني.
سوال: روشني لغت ڪنھن جي ترتيب ڏنل آھي؟
جواب: نبي بخش خان بلوچ.
سوال: ھيءَ لغت ڪھڙي اداري ڇپرائي پڌري ڪئي؟
جواب: سنڌي ٻولي اٿارٽي.
سوال: مخدوم فضل الله شاھھ جي رسالي جي شرح ڪڏھن
لکي؟
جواب: ١٢٧١ھھ مطابق
1855ع
۾.
سوال: شاھھ سائين سسئي جي پيرن کي ڇا سان تشبيھھ
ڏني آھي؟
جواب: پٽ سان.
سوال: ”ٻارن جو شاھھ“ ڪتاب ۾ ڪيترن سرن جي چونڊ
لفظن جون معنائون ڏنل آھن؟
جواب: سترنھن سرن جون.
|