شاھھ جي شارحن، محققن ۽ مرتبن بابت ڄاڻ
سوال: شاھھ سائين جي شارح ارنسٽ ٽرمپ جو جنم ڪھڙي
انگريزي تاريخ تي ٿيو؟
جواب: تيرھن مارچ تي.
سوال: ڪھڙي شخص جي سئو سالھ ورسي جي موقعي تي ڀٽ
شاھھ ثقافتي مرڪز پاران شاھھ لطيف جو رسالو شايع
ڪيو ويو؟
جواب: اسڪالر ارنسٽ ٽرمپ.
سوال: ڊاڪٽر درشھوار سيد پنھنجي دور ۾ ڀٽائي چيئر
مان شاھھ لطيف جي فن ۽ فڪر، موسيقي ۽ مقالن تي
ڪيترا ڪتاب شايع ڪرايا؟
جواب: ست ڪتاب.
سوال: ڪتاب
The book of Shah Abdul Latif
ڪنھن لکيو ۽ ليکڪ ڪھڙي ملڪ جو
ھو؟
جواب: شاھھ جو پارکو پروفيسر جرڊ ليڪي جرمنيءَ جو
ھو.
سوال: شاھھ جو پارکو ڀيرومل مھرچند آڏواڻي سنڌ جي
ڪھڙي شھر ۾ ڄائو؟
جواب: حيدرآباد ۾.
سوال: شاھھ صاحب جو محقق ڪاڪو ڀيرومل چند آڏواڻي
ڪڏھن گذاري ويو؟
جواب: ست جولائي
1950ع
۾.
سوال: شاھھ جي شيدائي شاھھ جي فلسفي کي عام ڪندڙ
آغا تاج محمد کي ”خان صاحب“ جو لقب ڪڏھن عطا ٿيو؟
جواب:
1945ع
۾.
سوال: آغا تاج محمد جو جنم ڪڏھن ۽ ڪٿي ٿيو؟
جواب: سورھن سيپٽمبر
1904ع
تي ڳوٺ باگڙجيءَ ۾.
سوال: شاھھ لطيف جي شاعري جي وڏو پارکو ڊاڪٽر
تنوير عباسيءَ شعرن لکڻ جي ابتدا ڪڏھن ڪئي؟
جواب:
1953ع
۾.
سوال: لطيف جي محقق ڊاڪٽر تنوير عباسي ڪڏھن وفات
ڪئي؟
جواب: پنجويھھ نومبر
1999ع
۾.
سوال: ڪھڙي اديب جي خواھش ھئي تھ لطيف، سچل ۽ ٻين جديد سنڌي شاعرن جو ڪلام يورپ
تائين پھچائجي.
جواب: تيرٿداس ھوتچند.
سوال: ڪھڙو اديب مھرڻ رسالي ۾ مستقل طور ”ادب
لطيف“ جي عنوان ھيٺ بھترين مضمون لکندو ھو؟
جواب: جھامنداس ڀاٽيا.
سوال: شاھھ جون آکاڻيون لکندڙ ڄيٺل پرسرام
گلراجاڻيءَ جي وفات ڪڏھن ٿي؟
جواب: ڇھھ جولائي
1948ع
تي.
سوال: سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي زبان ۾ سڀ کان پھريائين شاھھ لطيف تي پي. ايڇ. ڊي
ڪنھن ڪئي؟
جواب: ڊاڪٽر شاھنواز سوڍر.
سوال: محقق شاھنواز سوڍر، شاھھ لطيف تي پي ايڇ ڊي
ڪنھن جي رھبريءَ ۾ ڪئي؟
جواب: علامھ غلام مصطفيٰ قاسمي جي رھبريءَ ۾.
سوال: شاھھ لطيف تي پي. ايڇ. ڊي ڪندڙ ڊاڪٽر
درشھوار ڪڏھن وفات ڪئي؟
جواب: ڇويھھ ڊسمبر
1997ع
تي.
سوال: شاھھ جي محقق مير عبدالحسين سانگي ڪھڙيءَ
تاريخ تي وفات ڪئي؟
جواب: ٻارھن جون
1924ع
تي.
سوال: شاھھ سائين جو ڪھڙو محقق ”غريب“ تخلص سان
مشھور ھو؟
جواب: ڀيرومل مھرچند آڏواڻي.
سوال: نجف علي شاھھ ڪمتر نقوي ڪيترا سال شاھھ عبدالليف جي رسالي ۽ سندس ڪلام جي
معنيٰ گڏ ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڏوريندو رھيو؟
جواب: پنجٽيھھ سال.
سوال: شاھھ جي ڪھڙي شيدائيءَ جي اھا خواھش ھئي تھ
مرڻ کان اول شاھھ جي رسالي جو ھڪ ڇاپي نسخو اکين
سان ڏسان؟
جواب: غلام محمد شاھواڻيءَ جي.
سوال: شاھھ جي شيدائي ۽ نامياري وڪيل اي. ڪي
بروھيءَ جو جنم ڪڏھن ٿيو؟
جواب: چوويھھ ڊسمبر
1915ع
تي.
سوال: شاھھ صاحب جو محقق بدر ابڙو ڪڏھن ڄائو ھو؟
جواب: اوڻيھھ ڊسمبر
1953ع
تي لاڙڪاڻي ۾.
شاھھ
جي فقيرن، مريدن، عقيدتمندن
۽ فنڪارن بابت ڄاڻ
سوال: ڪھڙو فقير شاھھ سائينءَ جي موجودگيءَ ۾ سندس ڪلام کان سواءِ ٻين صوفي بزرگن
جو ڪلام ڳائيندو ھو؟
جواب: تمر فقير.
سوال: شاھھ صاحب جي وفات کانپوءِ سندس دمبورو
ڪھڙي فقير استعمال ڪيو؟
جواب: تمر فقير.
سوال: شاھھ صاحب جي خاص خليفي تمر فقير کي ڪھڙو
اولاد ھو؟
جواب: تمر فقير شادي ئي ڪانھ ڪئي ھئي.
سوال: شاھھ صاحب جي لکپڙھھ ڪھڙا فقير ڪندا ھئا؟
جواب: مير ھاشم علوي ۽ محمد رحيم فقير.
سوال: شاھھ صاحب جي ان عورت عقيدتمند جو نالو ٻڌايو جنھن کي شاھھ جو گھڻو ڪلام ياد
ھوندو ھو؟
جواب: مائي نعمت.
سوال: شاھھ صاحٻ جي ان مريد جو نالو ٻڌايو جيڪو
فارسيءَ زبان جو ڄاڻو ھو؟
جواب: ميون محمد صلاح.
سوال: شاھھ جي ان مريد جو نالو ٻڌايو جيڪو شاھھ جي ڪچھريءَ ۾ مولانا روم جي مثنوي
پڙھي ان جي معنيٰ بيان ڪندو ھو؟
جواب: ميون محمد صلاح.
سوال: ان شاھھ جي فقير جو نالو ٻڌايو جيڪو درگاھھ
تي ايندڙ پانڌيئڙن کي نماز سيکاريوندو ھو؟
جواب: عارف فقير ٿيٻو.
سوال: شاھھ صاحب جي ان فقير جو نالو ٻڌايو جيڪو
سندس جت ھو؟
جواب: فقير عنايت وساڻ.
سوال: شاھھ صاحب ويڙھي جھپ واري ڏھر مٿان اتر
اولھھ طرف ھڪ ڄار جي ويڙ ۾ چلو ڪڍيو ھو، ان جاءِ
تي پوءِ سندس ڪھڙن فقيرن چلھ ڪشي ڪئي؟
جواب: يارو فقير ۽ پارو فقير.
سوال: ست سال ھر جمعي جي رات پيرين پيادو شاھھ
صاحب جي درگاھھ تي اچي ڪھڙو شخص حاضري ڀريندو ۽
راڳ ٻڌندو ھو؟
جواب: دريا خان گھانگھرو.
سوال: ھي بيت شاھھ سائين جي ڪھڙي فقير جو آھي؟
بيت: جي تون آسائو آھين، تان ڀٽ تي ڪر ڀيرو،
سـونـھـاري سـيـد جو، ديـک وڃي ديرو،
تــرت ۾ تــيــرو، مــطــلــب مــڙوئــي ٿـئي.
جواب: طيب فقير جو.
سوال: شاھھ صاحب جي شان ۾ ھي بيت ڪنھن چيو آھي؟
بيت: مـيـان صـاحـب پـيـر مـنـھـنـجا ڀلا ڀٽ
ڌڻي،
تنھنجي آھي تڻي، ٻي ڪنڌي ساريان ڪانھ ڪا.
جواب: محمود فقير جو.
سوال: ڀٽائيءَ جي ساراھھ ۾ ھي بيت ڪھڙي فقير جو آھي؟
بيت: ٻنبڻيون پير ڪري، ستبه ڏانھن سعيد،
جمعون شاھھ جمال جو عبداللطيف عيد،
مٿـان مون مرشـيد، قـرض لاھھ قبي ڌڻي.
جواب: بلال فقير جو.
سوال: ضلعي بدين جي فقير ساجن چانگ، شاھھ لطيف ۽ ٻين ننڍن وڏن شاعرن جا ڪيترا بيت
۽ شعر ياد ڪيا آھن؟
جواب: چار ھزار کان وڌيڪ.
سوال: دڙي شھر جي ڪھڙي سردار شاھھ لطيف جي تمام
گھڻي خدمت ڪئي تنھن تي راضي ٿي لطيف سائينءَ کيس
دعا ڪئي؟
جواب: سردار دريا خان دل.
سوال: مراد فقير جو وصال ڪڏھن ٿيو؟
جواب: سورھن صفر ١٣٠٤ ھھ تي.
سوال: شاھھ صاحب جي درگاھھ جو فقير الھورايو ڪڏھن گذاري ويو؟
جواب: خميس ڏھھ شوال ١٣٧٤ھھ ۾.
سوال: لطيفي درگاھھ جي مريد ميان ڀائي خان وساڻ
جو وصال ڪڏھن ٿيو؟
جواب: جمع ٻاويھھ ذوالحج ١٣٣٩ ھھ ۾.
سوال: لطيفي درگاھھ جي فقير ميان ڇٽو ولد آيل
فقير جو وصال ڪڏھن ٿيو؟
جواب: چار ربيع الاول ١٣٦٧ھھ تي.
سوال: لطيفي درگاھھ جي مجاور آچر فقير وساڻ جو وصال ڪڏھن ٿيو؟
جواب: پنجويھھ جمادي الاول ١٣٨٠ھھ يارھين وڳي
اڱارو (عمر سئو سال) ۾.
سوال: لطيف سائين جي مزار تي چلا ڪڍندڙ فقير محمد
جي وفات ڪڏھن ٿي؟
جواب: ١٢ جمادي الاول ١٣٧٦ھھ (1956ع)
تي.
سوال: ڪھڙي فقير جي مزار تي ٻھ ڊسمبر
1967ع
۾ شاھھ جي ورسي ملھائي وئي؟
جواب: ٻيڙي فقير جي مزار تي.
سوال: شاھھ جي پارکو ٻيڙي فقير جو لاڏاڻو ڪڏھن
ٿيو؟
جواب: ٻھ جنوري
1977ع
تي.
سوال: راول فقير جي وفات کانپوءِ، لطيفي راڳ جي
چارج ڪنھن سنڀالي؟
جواب: لال فقير ۽ احمد فقير.
سوال: ويڙھي جھپ واري ايراضيءَ ۾ لطيفي راڳ جو بنياد ڪنھن وڌو؟
جواب: راول فقير.
سوال: اسماعيل فقير کان پوءِ لطيفي راڳ جي چارج
ڪھڙي فقير کي ملي؟
جواب: درس باجيت فقير کي.
سوال: شاھھ سائين جو فقير عارف فقير ٿيٻو ڪٿي دفن ٿيل آھي؟
جواب: ڪامارو جي ڀرسان (ڳوٺ ميوو فقير ٿيٻو ۾)
سوال: لطيفي راڳ جي اڳواڻ سيد جمن شاھھ ۽ سندس
ساٿين ڪھڙي سال شاھھ جو راڳ پيرس ۾ ڳايو ۽ داد
حاصل ڪيو؟
جواب:
2000ع
۾.
سوال: شاھھ سائين جي درگاھھ جا فقير، قربان
لنجواڻي، خان محمد چانڊيو ۽ فقير قادر بخش فرانس
جي دوري تي ڪھڙي سال ويا ھئا؟
جواب:
1988ع
۾.
سوال: واھھ، واھھ جو شاھھ ڀٽائي آ، ھي ڪلام شاھھ
سائين جي شان ۾ ڪنھن ڳايو آھي؟
جواب: علڻ فقير.
سوال: چاڪر چانڊيو جي آواز ۾ شاھھ لطيف جي ڪھڙي ڪافي پھريائين ريڊيو پاڪستان
حيدرآباد تي رڪارڊ ٿي؟
جواب: ٻول: ڪھڙو ڏوھھ ڏيان پنھنجي ڏيرن کي.
سوال: ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ڪھڙي پروگرام ۾ چاڪر چانڊيو شاھھ لطيف جي پھريون
ڀيرو ڪافي ڳائي؟
جواب: نواءِ شوق پروگرام ۾.
سوال: چاڪر چانڊيو کي لطيف ايوارڊ ڪڏھن مليو؟
جواب: ايڪيھھ مئي
2000ع
تي.
سوال: شاھھ لطيف ايوارڊ ماڻيندڙ چاڪر چانڊيو ڪڏھن فوت ٿيو؟
جواب: ٻھ نومبر اربع جي رات
2005ع
مطابق اٺاويھھ رمضان ١٤٢٦ھھ تي.
سوال: حسين بخش خادم کي شاھھ جي ڪلام کي بھتر انداز سان ڳائڻ سبب لطيف ايوارڊ ڪھڙي
سال مليو؟
جواب:
1988ع
۾.
سوال: لطيف ايوارڊ ماڻيندڙ فنڪار حسين بخش خادم
راڳ جي سکيا ڪھڙي استاد کان ورتي؟
جواب: مصري فقير کان.
سوال:
1988ع
۾ آراضيءَ جي ڪھڙي فنڪار کي لطيف ايوارڊ ڏنو ويو؟
جواب: حسين بخش خادم سروريءَ کي.
سوال: ماسٽر اياز علي، لطيف سائين جو ڪھڙو ڪلام
ٽي وي تي پھريون ڀيرو ڳايو؟
جواب: ٻول: دوست پيھي در آيو.
سوال: ڪھڙي سال ماسٽر اياز علي لطيف سائين جو ڪلام ”دوست پيھي در آيو“ ڪراچي
ٽيليويزن تي ڳايو؟
جواب:
1967ع
۾.
سوال: سنڌ جي عوامي فنڪار جلال چانڊيي کي ڪھڙي
سال شاھھ لطيف ايوارڊ ڏنو ويو؟
جواب:
1999ع
تي.
سوال: لطيف ايوارڊ ماڻيندڙ عوامي فنڪار جلال
چانڊيي ڪڏھن وفات ڪئي؟
جواب: ڏھين جنوري
2001ع
تي.
سوال: شفيع محمد جمن لطيف جو ڪھڙو ڪلام ھر محفل ۾
ڳائيندو ھو؟
جواب: ڪانگل نيئي تھ ڏيو، مون ڏکي جو ڏوراپو. . .
سوال: شفيع محمد جمن کي شاھھ لطيف ايوارڊ ڪڏھن مليو؟
جواب:
2002ع
۾.
سوال: ريڊيو حيدرآباد تي شاھ سائين جون ڪجھھ وايون اردو ترجمي سان ڪنھن جي آواز ۾
رڪارڊ ٿيل آھن؟
جواب: عابده پروين جي آواز ۾.
سوال: وڌ ۾ وڌ شاھھ لطيف ايوارڊ ڪھڙيءَ فنڪاره کي مليل آھن؟
جواب: عابده پروين کي.
سوال: ڪھڙي فنڪاره چيو تھ ”ھاڻي شاھھ لطيف ايوارڊ
مون کي ڏيڻ بدران ٻين فنڪارن کي ڏنو وڃي“؟
جواب: عابده پروين.
سوال: عابده پروين کي شاھھ لطيف جي سورميءَ سھڻي
سان منسوب ”سھڻي ايوارڊ“ ڪھڙي سال مليو؟
جواب:
1980ع
۾.
سوال: شاھھ سائين جي ورسيءَ جي سلسلي ۾ ٿيل ھڪ
تقريب ۾ شاھ سائين جو ڪھڙو ڪلام برڪت عليءَ پھريون
ڀيرو ڳايو؟
جواب: لــڳــڙي آھــي تــنـوار، او يـار،
لونءَ لونءَ، مون کي لالڻ جي.
سوال: پروگرام سنڌ سينگار ۾ شاھھ جو ڪلام ”راڻا
جي رجپوت“ ڪنھن ڳايو ھو؟
جواب: استاد امير علي.
سوال: مٺا خان زرداي ڪھڙي سال ڀٽ شاھھ ۾ ميڙي جي
موقعي تي راڳ جي محفل ۾ پھريون ڀيرو اسٽيج تي اچي
گھڙو وڄايو؟
جواب:
1952ع
۾.
سوال: مٺان خان زرداري کي شاھھ لطيف ايوارڊ ڪڏھن ڏنو ويو؟
جواب:
1989ع
۾.
سوال: شاھھ لطيف ايوارڊ استاد محمن جمن کي ڪڏھن مليو؟
جواب:
1980ع
۾ (پھريون ڀيرو)
سوال: محمد جمن کي پنھنجي زندگيءَ ۾ گھڻا لطيف
ايوارڊ مليا؟
جواب: ٻھ لطيف ايوارڊ.
سوال: سڀ کان پھريون شاھھ لطيف ايوارڊ سنڌ جي
ڪھڙي فنڪار کي ڏنو ويو؟
جواب: محمد يوسف کي.
سوال: محمد يوسف کي پھريون ڀيرو شاھھ لطيف ايوارڊ ڪڏھن مليو؟
جواب: ايڪٽيھھ مارچ
1980ع
تي.
سوال: موھن ڀڳت کي شاھھ لطيف ايوارڊ ڪڏھن ڏنو
ويو؟
جواب:
1989ع
۾.
سوال: شاھھ جي شيدائي فنڪار موھن ڀڳت جي وفات ڪڏھن ٿي؟
جواب: ڏھھ مارچ
1995ع
تي.
سوال: استاد نياز حسين، شاھھ جي راڳ، وائيءَ جي
سکيا ڪنھن کان ورتي؟
جواب: سيد غلام شاھھ کان.
سوال: فقير عبدالغفور سنگ واري انداز ۾ شاھھ صاحب
جي ڪھڙي عرس مبارڪ جي موقعي تي پنھنجي فن جو
مظاھرو پيش ڪيو؟
جواب: ٻھ سئو ارڙھين عرس مبارڪ جي موقعي تي.
سوال: فقير عبدالغفور پھريون ڀيرو ڪھڙي سال شاھھ لطيف جي عرس مبارڪ جي موقعي تي فن
جو مظاھرو ڪيو؟
جواب: ايڪيھھ اپريل
1970ع
تي.
سوال: لطيف ايوارڊ ماڻيندڙ ڍول فقير جي وفات ڪڏھن ٿي؟
جواب: ٻاويھھ جون
1992ع
۾.
سوال: انائونسر عبداللطيف، شاھھ جي ڪلام جي معنيٰ
۽ مفھوم ڪھڙي فنڪار کي سمجھائيندو ھو؟
جواب: ماسٽر محمد ابراھيم کي.
سوال: انور وسطڙي کي پھريون ڀيرو لطيف ايوارڊ ڪڏھن مليو؟
جواب:
1993ع
۾.
سوال:
1993ع
۾ ڪھڙي بينن جي بادشاھھ کي لطيف ايوارڊ ڏنو ويو؟
جواب: الله بچايو کوسو.
سوال: آمريءَ جي ڪھڙي فنڪار کي
1992ع
۾ لطيف ايوارڊ مليو؟
جواب: علڻ فقير کي.
سوال: حيدرآباد شھر جي ڪھڙي مشھور موسيقار فنڪار
کي
1986ع
۾ شاھھ لطيف ايوارڊ ڏنو ويو؟
جواب: استاد فيروز گل کي.
سوال: شاھھ سائين جو بيت ”جا ڀونءَ پيرين مون، ساڀونءَ مٿي سڄيڻ“ ڪھڙي فنڪار جي
قبر تي لکيل آھي؟
جواب: ماسٽر محمد ابراھيم جي قبر تي.
سوال: لطيف سائين جو ڪھڙو ڪلام محمد ابراھيم جي
سڃاڻپ بڻيو؟
جواب: ايندو سڄڻ سائين الا، منھنجو ايندو ڍولڻ
سائين.
سوال: شاھھ لطيف ايوارڊ ماڻيندڙ استاد منظور علي
خان جي وفات ڪڏھن ٿي؟
جواب:
9
سيپٽمبر
1980ع
تي.
سوال: فلم ”جيئي لطيف“ ۽ ”عمر مارئي“ جا گانا
ڪنھن ڪمپوز ڪيا؟
جواب: موسيقار محمد علي.
سوال: لطيف ايوارڊ ماڻيندڙ فنڪار سھراب فقير جو
جنم ڪڏھن ٿيو؟
جواب:
1934ع
۾.
سوال: محمد جمن جي آواز ۾ ريڊيو تي سڀ کان
پھريائين شاھھ سائين جو ڪھڙو ڪلام رڪارڊ ٿيو؟
جواب: ٻول: دوست پيھي در آيو، ٿيو ملڻ جو سعيو.
سوال: محمد جمن قلم ڪالو ۾ شاھھ صاحب جو ڪھڙو
ڪلام ڳايو؟
جواب: آءُ جيھائي ذات، تون پاڻ سڃاڻج سپرين!
سوال: ڪنھن جي آواز ۾ شاھھ جو ڪلام بنا سازن جي
ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي رڪارڊ ٿيو؟
جواب: استاد محمد جمن جي آواز ۾.
سوال: لطيف سائين جي ڪلاڪار محمد جمن جو لاڏاڻو
ڪڏھن ٿيو؟
جواب: چوويھھ جنوري
1990ع
صبح جو پنجين وڳي.
سوال: ايس ايم لياري اسڪول ۾ ملھايل شاھھ عبدالليف ڀٽائي جي ڏھاڙي تي راڳ رنگ جو
مقابلو ڪھڙي فنڪار کٽيو؟
جواب: عبدالله پنھور.
سوال: عبدالله پنھور شاھھ صاحب جو ڪھڙو ڪلام
1948ع
۾ ھڪ جشن ۾ ڳايو، جنھن تي کيس ڏھھ روپيا انعام
مليو؟
جواب: پيرين پوندي سان، چوندي سان، رھي وڃ رات.
سوال: عبدالله پنھور کي شاھھ سائين جو ڪھڙو ڪلام
تمام گھڻو پسند ھو؟
جواب: ٻول:
آھيان ڏونگر ڏوري الا، ٻاروچل کي ڪا ٻاجھھ پئي.
سوال: شاھھ جي ڪلاڪار عبدالله پنھور جو جنم ڪڏھن
ٿيو؟
جواب: پھرين فيبروري
1937ع
تي.
سوال: ڪتاب ”شاھھ لطيف جي موسيقي“ جي نظرثاني
ڪنھن ڪئي؟
جواب: استاد محمد حسن.
سوال: محمد يوسف کي ڪل ڪيترا شاھھ لطيف ايوارڊ
ڏنا ويا؟
جواب: چار شاھھ لطيف ايوارڊ.
سوال: لطيف ايوارڊ ماڻيندڙ محمد يوسف جي وفات ڪڏھن ٿي؟
جواب: چوڏھن فيبروري
1997ع
تي.
سوال: ڪھڙو فنڪار شاھھ سائين خاطر پنھنجي مادري
ٻولي وساري سنڌي ٻولي سکيو ھو؟
جواب: عبدالله ڪڇي.
سوال: عبدالله ڪڇي شاھھ سائين جي ڪلام جو صحيح
اچار ڪنھن کان سکيو؟
جواب: شاعر گوھر سروريءَ کان.
سوال: عبدالله ڪڇي پھريون ڀيرو لطيف سائينءَ جو
ڪھڙو ڪلام ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي ڳايو؟
جواب: والي واري آڻ، الا! ٻاروچا ڀنڀور ۾.
سوال: عبدالله ڪڇيءَ جي آواز ۾، لطيف سائين جو ڪھڙو ڪلام، گرامو فون تي پھريون
ڀيرو رڪارڊ ٿيو؟
جواب: گلا ڪام ڪري، لا، لکيو تان نھ ٽري.
سوال: شاھھ جي شيدائي عبدالله ڪڇيءَ جي وفات ڪڏھن ٿي؟
جواب: اٺين مئي
1998ع
تي.
سوال: شاھھ جو شيدائي باگوجي ڪڏھن وفات ڪئي؟
جواب:
1994ع
ڌاري اٽڪل اسي ورھين ۾.
سوال: فنڪار انور حسين وسطڙي شاھھ صاحب جو ڪھڙو
ڪلام سڀ کان پھريائين ريڊيو تي ڳايو؟
جواب: ٻول: جن ستي ساجن مليو.
سوال:
1993ع
۽
1995ع
۾ ڪھڙي فنڪار کي لطيف ايوارڊ مليو؟
جواب: فنڪار انور حسين وسطڙي کي.
سوال: ”لطيف جي فقيرياڻي“ ڪھڙيءَ گلوڪاره جو لقب ھو؟
جواب: بيگم فقيرياڻيءَ جو.
سوال: شاھھ صاحب جي ڪلام سان عقيدت رکندڙ فنڪاره
بيگم فقيرياڻي جر ولادت ڪڏھن ٿي؟
جواب:
1925ع
۾.
سوال: شاھھ لطيف ايوارڊ ماڻيندڙ مائي ڀاڳيءَ ڪھڙي
تاريخ تي وفات ڪئي؟
جواب: ست جولاءِ
1986ع
تي.
سوال: شاھھ صاحب جي ڪلام سان عقيدت رکندڙ فنڪاره
مائي ڀاڳي جو جنم ڪڏھن ۽ ڪٿي ٿيو؟
جواب:
1921ع
ٿر جي شھر مٺيءَ ۾.
سوال: جمن چارڻ ڪھڙي شھر جو رھواسي ھو؟
جواب: گمبٽ شھر جو.
سوال: فنڪار الھڏنو جوڻيجو، شاھھ سائينءَ جي ڪافي، ”ٿيندو تن طبيب، دارون منھنجي
درد جو“ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ٽيويھھ اپريل
1994ع
۾ ڪھڙي پروگرام ۾ ڳائي؟
جواب: پروگرام ”لطيفي لات“ ۾.
سوال: شاھھ سائين جي ڪافي ”سانگياڻي، باندياڻي،
عمر ادا ڙي“ ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي پھريائين ڪھڙي
فنڪار جي آواز ۾ رڪارڊ ٿي؟
جواب: لکاني بلوچ جي آواز ۾.
سوال: ڳوٺ الھداد چنڊ جي ڪھڙي فنڪاره کي شاھھ
لطيف ايوارڊ ڏنو ويو؟
جواب: جيجي زرينھ بلوچ کي.
سوال: زرينھ بلوچ کي شاھھ لطيف ايوارڊ ڪڏھن مليو؟
جواب:
1987ع
۾.
سوال: شاھھ سائين جي
201
عرس مبارڪ جي موقعي تي ڪافي،
”آءُ ڪيئن وطن وساريان منھنجو ملڪ ملير“ ڪنھن
ڳائي؟
جواب: عبدالستار پيرزادي.
سوال: سيد
سليمان شاھھ کي ڪھڙا راڳ پسند ھئا، جيڪي شاھھ لطيف
جي رسالي جا سر آھن ۽ راڳ بھ آھن؟
جواب: ڪوھياري ۽ راڻو.
سوال: مظھر حسين شاھھ جي وائي ڳائڻ جو فن ڪنھن کان سکيو ھو؟
جواب: نور محمد شاھھ کان.
سوال: مظھر حسين ڪھڙي سال شاھھ جي وائي ڳائڻ جو فن سکيو؟
جواب:
1985ع
۾.
سوال: شھنيلا علي پي ٽي وي جي پروگرام پرک ۾ شاھھ
سائين جو ڪھڙو ڪلام پھريون ڀيرو ڳايو؟
جواب: راڻل تو بن رات، مون کي ويٺي ورھھ لنگھي
ويا.
سوال: فقير عبدالغفور پھريون ڀيرو ڪھڙي سال، شاھھ لطيف جي عرس مبارڪ جي موقعي تي
فن جو مظاھرو ڪيو؟
جواب: ايڪيھھ اپريل
1970ع
تي.
|