شاھھ تي
لکيل مقالا ۽ مضمون
سوال: مقالو شاھھ جو رسالو ۽ قرآن ڪريم ڪنھن ترتيب ڏنو؟
جواب: ڊاڪٽر خالد ٽالپر.
سوال: مضمون شاھھ جو ڪانگل ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: عنايت بلوچ جو.
سوال: ڪتاب باھيون بيراڳين جون ۾ ڪيترا مضمون ۽
مقالا ترتيب ڏنل آھن؟
جواب: يارنھن مضمون ۽ مقالا.
سوال: تاج جويي ڪھڙي سال سڪرنڊ ۾ ڪتاب شاھھ، سچل، سامي تي ٿيل تنقيدي ڪچھريءَ ۾
مقالو پڙھيو؟
جواب:
1976ع
۾.
سوال: مضمون شاھھ ڀٽائي ۽ شھباز جو شڪار ڪنھن لکيو؟
جواب: مولانا در محمد خاڪ.
سوال: محبوب علي سمي جو مقالو شاھھ لطيف جي فڪر
تي حملو سترھن ڊسمبر
1993ع
۾ ڪھڙي اخبار ۾ شايع ٿيو؟
جواب: اخبار ھلال پاڪستان ۾.
سوال:
22
جنوري
1994ع
تي اخبار خادم وطن ۾ مضمون امن جو ماڳ ۽ سيد
لطيف ڪنھن جو شايع ٿيو؟
جواب: محمد راھمي جو.
سوال: مقالو ڀٽائي لغات جو ماھر ڪنھن ترتيب
ڏنو؟
جواب: وقار حسين ٻانڀڻ.
سوال: لھرون محزن ۾ تقرير شاھھ ۽ سامي ڪھڙي
اديب جي شايع ٿي؟
جواب: نارائڻ داس ڀمڀاڻي جي.
سوال: مقالو رڪ وھندي راند (سر ڪيڏاري ۾ سورھيائي جو قصو) ڪنھن ترتيب ڏنو؟
جواب: ڊاڪٽر ام ڪلثوم شاھھ.
سوال: مقالو لطيف جو سر کاھوڙي ڪنھن ترتيب ڏنو؟
جواب: حافظ محمد بخش خاصخيلي.
سوال: مقالو سنڌ جا ڪلاسيڪل شاعر (مختصر اڀياس) ڪنھن ترتيب ڏنو؟
جواب: ملڪ نديم
سوال: مضمون مسلماني ڀٽ ڌڻي جي نظر ۾ ڪنھن لکيو؟
جواب: علي نواز جتوئي.
سوال: شاھھ سائين جي زندگيءَ ۽ ڪلام تي مبني اردو
مضمونن جو ترتيب ڏنل ڪتاب مفڪر مھران، ڪڏھن شايع
ٿيو؟
جواب:
1963ع
۾.
سوال: مقالو شاھھ عبداللطيف ڀٽائي ايڪ آفاقي شاعر ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: محمد علي صديقي جو.
سوال: مقالو
Latifs Message of Man Kind
لطيفس ميسيج آف مئن ڪائنڊ ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: عبدالحليم شيخ جو.
سوال: مضمون شاھھ لطيف عظيم رھبر ۽ لافاني شاعر ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: نورالدين چنا جو.
سوال: ڪھڙي اخبار ۾ فقير محمد لاشاري جو تحرير ڪيل مضمون شاھھ لطيف ھڪ سماجي
مفڪر آچر
24
جولاءِ
1994ع
تي شايع ٿيو؟
جواب: ڪاوش اخبار ۾.
سوال: مضمون لطيف تي حڪمرانن جي گھيرو ڪنھن جو
لکيل آھي؟
جواب: شبير نظاماڻي جو.
سوال: مقالو شاھھ جي شاعريءَ ۾ فن جي اپٽار
ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: ڊاڪٽر الياس عشقيءَ جو.
سوال: مقالو سنڌ ۽ لطيف جو پيغام ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: شازيھ انصاريءَ جو.
سوال: مضمون شاھھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري جا
مختلف انداز ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: يوسف شيخ جو.
سوال: مضمون لطيف سدا حيات شاعر ڪنھن جو لکيل
آھي؟
جواب: اياز لطيف پليجو.
سوال: لطيف سائين سنڌ جا محقق ۽ غلطين وارو
معاملو ھي مقالو ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: سيد سلطان شاھ ساقي جو.
سوال: مضمون عورت جو مرتبو ۽ شاھھ سائين جي
ڀيٽا ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: ياسين قربان کونھارو.
سوال:
1967ع
۾ خادم درس مارئي جي ميلي ۾ ڪھڙو مقالو پڙھيو ھو؟
جواب: مقالو پکن سندي پريت
سوال: شاھ جي سورمي مارئي تي لکيل مقالو پکن
سندي پريت پھريون ڀيرو ڪھڙي رسالي ۾ شايع ٿيو؟
جواب: ماھنامو اديون اپريل
1969ع
۾ شايع ٿيو.
سوال: ڊرامو ماسوري ۽ شاھھ عبداللطيف ڀٽائي ڪٿي
تيار ڪيو ويو؟
جواب: ملائيشيا ۾.
سوال: ڊرامو ماسوري ۽ شاھھ عبداللطيف ڀٽائي ڪڏھن
ٽيليڪاسٽ ٿيو؟
جواب: ڊسمبر
2004ع
تي.
سوال: شاھنواز سوڍر جو نئين زندگي رسالي ۾ سڀ
کان پھريائين مقالو، شاھھ صاحب تي ڪھڙي عنوان سان
شايع ٿيو؟
جواب: شاھھ لطيف ۽ سنڌ ۾ ڪپڙي جي صنعت ۽ تجارت.
سوال: شاھنواز سوڍر جو مقالو شاھھ لطيف ۽ سنڌ ۾
ڪپڙي جي صنعت ۽ تجارت ماھوار نئين زندگي ۾ پھريون
ڀيرو ڪڏھن شايع ٿيو؟
جواب: فيبروري
1988ع
۾.
سوال: شعبان بخت شاھھ لطيف جي ڪھڙين سورمين تي
ناٽڪ لکيا؟
جواب: سھڻي ميھار ۽ عمر مارئي.
سوال: مضمون سر پرڀاتيءَ ۾ سمايل راز آفتاب
اخبار ۾ ڪڏھن شايع ٿيو؟
جواب:
23
ڊسمبر
1993ع.
سوال:
23
ڊسمبر
1993ع
۾ آفتاب اخبار ۾ شايع ٿيل مضمون سر ڀرڀاتيءَ ۾
سمايل راز ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: ثاقب سومرو ابڙاني جو.
سوال: مضمون سرتاج الشعراءَ شاھھ عبداللطيف جي
ليکڪ جو نالو ٻڌائيندا؟
جواب: حاجي الطاف حسين.
سوال: ماھوار سنڌ سڀيتا ۾
15
جنوري کان
15
فيبروري
2006ع
تي شايع ٿيل مضمون سر ڪاپائتي ۾ شاھھ صاحب جو
فڪر ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: امداد مجيداڻي جو.
سوال: اربع
25
جنوري
2006ع
تي روزاني عبرت اخبار ۾ شاھھ لطيف جي شاعريءَ جي
پس منظر ۾ شايع ٿيل مضمون عشق ۽ انقلاب ڪنھن جو
لکيل آھي؟
جواب: اعجاز منگيءَ جو.
سوال: مقالو ڀلاري ڀٽ ڌڻي جو ڪوٽڙيءَ ۾ اچڻ
ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: الطاف اثيم جو.
سوال: لطيف مخزن
1977-78ع
واري شماري ۾ مضمون لاکو ڦلاڻي ۽ مھر راڻي ڪنھن
جو لکيل آھي؟
جواب: حسين بخش ڪولاچيءَ جو.
سوال: لطيف مخزن
1977-78ع
واري شماري ۾ مضمون سو ڏيھھ پسندئينءَ مارئي
ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: پير علي محمد راشديءَ جو.
سوال: مقالو ڀٽائيءَ جي سنڌ، دانشور ۽ شڪارين جو
انتظار ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: ارباب نيڪ محمد جو.
سوال: مقالو شاھھ جي ٻولي ڀاشا وگيان ڪنھن جو
لکيل آھي؟
جواب: ليلور چنداڻي جو.
سوال: اي جي اتم جي ترتيب ڏنل ڪتاب شاھھ سچل
ساميءَ ۾ ڪيترا مقالا ڏنل آھن.
جواب: ڏھھ مقالا.
سوال: ڪتاب شاھھ عبداللطيف ڀٽائي فن، فڪر ۽ شخصيت جديد مطالعو ۾ ڪيترا مضمون
ترتيب ڏنل آھن؟
جواب: يارھن مضمون.
سوال: مضمون ڀٽائي اڄ بھ سنڌين لاءِ ٻڌي ۽ ايڪتا
جو تسلسل آھي ڪنھنجو لکيل آھي؟
جواب: حميد سنڌيءَ جو.
سوال: رسالو سرتيون نومبر
2004ع
۾ شايع ٿيل مضمون شاھھ جي ڪلام ۾ عورت جو ڪردار
ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: سعيده شفيق ميمڻ جو.
سوال: شاھھ جا مضمون فيچر جي صورت ۾ ڪھڙي ريڊيو
اسٽيشن تان نشر ڪيا ويا؟
جواب: ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان.
سوال: ڪتاب مون مطالع سپرين ۾ مقالو شاھھ ۽
قسمت ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: ڊاڪٽر اياز حسين قادري جو.
سوال: مقالو شاھھ جو رقيب ڪنھن ترتيب ڏنو؟
جواب: اياز حسين قادري.
سوال: مضمون شاھھ عبداللطيف جا آئيڊيل جوڳيئڙا ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: نذير ناز جو.
سوال:
5
جولاءِ واري عبرت اخبار ۾
مضمون لطيف سنڌ سنڌي زبان ۽ پورھيت
1994ع
۾ ڪنھن جو شايع ٿيو؟
جواب: شيخ ثناءُ الله جو.
سوال: شاھھ عبداللطيف ڀٽائي تي تحقيق مقالو
ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: فوزيھ ابڙو جو.
سوال: مضمون ڀٽائي گھوٽ جو ڪلام ڪنھن جو لکيل
آھي؟
جواب: جوھر بروھيءَ جو.
سوال: مضمون لطيف سائين جي قومي تحريڪ ڪنھن جو
لکيل آھي؟
جواب: طفيل مگسيءَ جو.
سوال: ھفتيوار سنڌوءَ ۾ شايع ٿيل مضمون شاھھ
لطيف عوامي شاعر ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: ڪريم عباسيءَ جو.
سوال: ھفتيوار سنڌو ۾ شايع ٿيل مضمون، سر ماروي ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: ابن الياس سومري جو.
سوال: ڀٽائي ڏانھن فرياد مضمون ڪنھن جو لکيل
آھي؟
جواب: مدھوش مير محمد پيرزادي جو.
سوال: سنڌ ڇو نھ لطيف تي ناز ڪري مضمون ڪنھن لکيو؟
جواب: حفيظ الله ڪورائيءَ.
سوال: ارباب علي ڇڄڙي جو شاھھ لطيف متعلق ڪھڙو
مضمون ھفتيوار سنڌوءَ ۾ شايع ٿيو؟
جواب: مضمون شاھھ عبداللطيف ڀٽائي بحيثيت قومي شاعر
سوال: لطيف ايوارڊ ھڪ جائزو مضمون
22
ڊسمبر
1981ع
۾ ڪھڙي اخبار ۾ شايع ٿيو؟
جواب: ھفتيوار برسات ۾.
سوال: مقالو شاھھ جي ٻوليءَ تي ھندي ۽ پنجابي
ٻولين جو اثر ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: ڊاڪٽر ھدايت پريم جو.
سوال: مقالو شاھھ جي ڪلام ۾ سنڌي لباس ڏانھن اشارا ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: احمد ڪيريو جو.
سوال: لطيف جي ڪلام ۾ سجاڳي جو سڏ مقالو ڪنھن
جو لکيل آھي؟
جواب: ڪمال ڄامڙي جو.
سوال: ڪتاب تحقيقات لطيف ۾ ڪيترا چونڊ مقالا
ترتيب ڏنل آھن؟
جواب: ايڪيھھ.
سوال: ڪتاب شاھھ ۽ سنڌ جلد ٻيو جو مضمون حضرت شاھھ عبداللطيف ڀٽائي اور عشق
رسول ' ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: ڊاڪٽر گوھر نوشاھيءَ جو.
سوال: اردوءَ ۾ مقالو شاھھ لطيف آستانھ حسين پر ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: ڪريم بخش خالد جو.
(وڌيڪ پڙهو) |