شاھھ جي
شاعريءَ ۾ وکرن
۽ وڻج واپار بابت ڄاڻ
سوال: شاھھ صاحب سر يمڻ ڪلياڻ ۾ دڪان لاءِ ڪھڙا
لفظ استعمال ڪيا آھن؟
جواب: ھٽ ۽ دکاڻ.
سوال: سر کنڀات ۾ شاھھ سائين ڪھڙي خوشبوءَ جو ذڪر
ڪيو آھي؟
جواب: مشڪ، عطر، ڪپور، (ڪافور)، کٿوري ۽ چندن
(خوشبودار گاھھ).
سوال: شاھھ سائين سر سريراڳ ۾ وڻج واپار لاءِ
ڪھڙو لفظ استعمال ڪيو آھي؟
جواب: ويمو.
سوال: شاھھ سائين ڪھڙن سرن ۾ چرخي جو ذڪر ڪيو آھي؟
جواب: سر ڪاپائتي ۽ سر حسينيءَ ۾.
سوال: شاھھ سائين نار جي چرخي لاءِ ڪھڙو لفظ ڪتب
آندو آھي؟
جواب: ٻائـڙ.
شاھھ تي لکيل ڪتاب ۽ پي. ايڇ. ڊي ٿيسز
سوال: ڪھڙي انسائيڪلوپيڊيا ۾ شاھھ سائين جو نالو
وڏي عظمت سان ورتو ويو آھي؟
جواب: اطالوي انسائيڪلو پيڊيا.
سوال: ڪتاب شاھھ عبداللطيف ڀٽائي ھڪ مطالعو ڪنھن
جو لکيل آھي؟
جواب: ڀيرومل جو.
سوال: ڪتاب ”آديسي اٿي ويا“ ۾ شاھھ لطيف کانسواءِ
ڪيترن شاعرن جو تذڪرو ٿيل آھي؟
جواب: ٽيٽيھھ شاعرن جو.
سوال: ڪتاب ڪشف الابيات ۾ ڪيترن رسالن جو مواد
ترتيب ڏنل آھي؟
جواب: يارھن رسالن جا بيت ترتيب ڏنل آھن.
سوال: ڪتاب ”ڀٽائي تحقيقي جرنل“ شمارو ٢ ڪھڙي سال
۾ شايع ٿيو؟
جواب: جولاءِ
1992ع
۾.
سوال: ڪتاب ”سنڌ جو لال شاھھ عبداللطيف ڀٽائي“ ڇاپو ٻيو، ڪيترن صفحن تي مشتمل آھي؟
جواب: ٻٽيھن صفحن تي.
سوال: ڪتاب ”عڪس لطيف“ ۾ شاھھ سائين جي ڪھڙن سرن جو اردو ترجمو ڪيل آھي؟
جواب: فقط ھڪ سر ڪلياڻ جو.
سوال: ڪتاب اعتراف شاھھ جي فلسفھ جي مومل جو
مجازي رخ، ان ڪتاب جا ٻھ اکر ڪنھن لکيا؟
جواب: سراج قريشي.
سوال: ڪتاب ”سنڌ جو لال شاھھ عبداللطيف ڀٽائي ھڪ انقلابي شاعر جي حيثيت ۾“ ڪنھن جو
لکيل آھي؟
جواب: مولوي عبدالرحمان ڀٽي جو.
سوال: ڪتاب ”اوسيئڙو کاھوڙي ۽ پنڌ“ ڇا بابت آھي؟
جواب: ھن ڪتاب ۾ شاھھ صاحب جي ھنگلاج ياترا واري
گس سان ليکڪ جي ڪيل سفر متعلق آھي.
سوال: ڪتاب ”اوسيئڙو، کاھوڙي ۽ پنڌ“ ڪڏھن شايع ٿيو؟
جواب: ڊسمبر
2003ع
۾.
سوال: سفرنامو ”اوسيئڙو کاھوڙي ۽ پنڌ“ ڪنھن ترتيب ڏنو؟
جواب: زوار عبدالستار درس.
سوال: ڪتاب ”باھيون بيراڳين جون“ (شاھھ ۽ ٻين ڪلاسيڪي شاعرن جو اڀياس) ڪنھن جو
لکيل آھي؟
جواب: تاج جويو.
سوال: ڪتاب ”باھيون بيراڳين جون“ ۾ ڪيترا مضمون ۽
مقالا ترتيب ڏنل آھن؟
جواب: يارنھن مضمون ۽ مقالا.
سوال: ڪتاب ”باھيون بيراڳين جون“ ڪيترن صفحن تي
مشتمل آھي؟
جواب: اسي صفحن تي.
سوال: شاھھ سائين تي لکيل مقالن جو مجموعو
”باھيون بيراڳين جون“ ڪڏھن شايع ٿيو؟
جواب: پھريون ڇاپو نومبر
1991ع
۾.
سوال: غلام نبي سڌايو شاھھ عبداللطيف ڀٽائي تي
پي. ايڇ. ڊي ٿيسز ڪڏھن مڪمل ڪئي؟
جواب:
1989ع
۾.
سوال: ڀٽائي جرنل شمارو پنجون ڪڏھن شايع ٿيو؟
جواب: سال
1955ع
۾.
سوال: حسن بانو سومرو، شاھھ عبداللطيف ڀٽائي تي
پي. ايڇ. ڊي ٿيسز ڪھڙي سال ۾ ڪئي؟
جواب:
1989ع
۾.
سوال: سنڌ اطلاعات کاتي ڪتاب ”آواز لطيف“ سنڌي ۽
اردو ٻوليءَ ۾ شاھھ سائين جي ڪھڙي عرس مبارڪ جي
موقعي تي شايع ڪرايو؟
جواب: ٻھ سئو ٽيتاليھين عرس مبارڪ جي موقعي تي.
سوال: ڪتاب ”ڀٽائي جا بيت“ ڪنھن لکيو ۽ اھو ڪتاب
ڪڏھن شايع ٿيو؟
جواب: جيوتي آسراڻي جو
1966ع
۾.
سوال: ڪتاب ”لطيف ذھني چٽا ڀيٽي“ ڪنھن لکيو؟
جواب: ڪمال ڄامڙي.
سوال: ڪتاب ”لطيف ذھني چٽا ڀيٽي“ ڪڏھن شايع ٿيو؟
جواب: آگسٽ
2004ع
۾.
سوال: شاھھ صاحب جي سوانح بابت صحيح معنيٰ ۾
تحقيقي ڪم ڪڏھن شروع ٿيو؟
جواب:
1880ع
۾.
سوال: لطيف سرڪار ۽ ٻين ڪلاسيڪي شاعرن تي مبني
ڪتاب ”ڪلاسيڪي شاعري“ پھريون ڀيرو ڪڏھن شايع ٿيو؟
جواب:
1981ع
۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو.
سوال: ڪتاب ”ٽي عظيم شاعر“ ۾ ڪھڙين ٽن عظيم
شخصيتن جو ذڪر ٿيل آھي؟
جواب: شاھھ عبداللطيف ڀٽائي، ڪوي ڪاليداس ۽ وليم
شيڪسپيئر جو.
سوال: ڪتاب ”ٽي عظيم شاعر“ جو پھريون ڇاپو ڪٿي
شايع ٿيو؟
جواب: ھندستان ۾.
سوال: ڪتاب ”ٽي عظيم شاعر“ جو پھريون ڇاپو ۽ ڪڏھن
شايع ٿيو؟
جواب: پھريون ڇاپو
1991ع
۾.
سوال: ڪتاب ”ٽي عظيم شاعر“ جي ليکڪ جو نالو ٻڌايو؟
جواب: ھولرام ھسن.
سوال: ڪتاب ”ٽي عظيم شاعر“ ڪيترن صفحن تي مشتمل
آھي؟
جواب: ٻھ سئو تيرنھن صفحن تي.
سوال: ھولا رام ھنس جي تحقيق مطابق شيڪسپيئر
ستٽيھھ ڊراما لکيا آھن، توھان اھو ٻڌايو تھ شاھھ
لطيف نظم ۾ ڪيتريون ڪھاڻيون لکيون آھن؟
جواب: نو ڪھاڻيون.
سوال: ڪتاب ”شاھھ
لطيف جي شاعري ۽ ڪارناما“ ڪنھن جو لکيل
آھي؟
جواب: موتي لال جوتواڻي جو.
سوال: شاھھ صاحب تي ڪتاب ”ڇپر ڪين ڏي“ جي محقق جو
نالو ٻڌايو؟
جواب: ج – ع منگھاڻي.
سوال: شاھھ سائين تي لکيل ڪتاب ”ڇپر ڪين ڏي“ ڪڏھن شايع ٿيو؟
جواب: مئي
2000ع
تي.
سوال: ڪتاب ”سر سارنگ“ (لطيفيات) ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: تاج صحرائيءَ جو.
سوال: اردو ڪتاب ”عڪس لطيف“ ڪڏھن شايع ٿيو؟
جواب:
1951ع
۾.
سوال: حاجي حقير بن مڱڻ جو شاھھ جي شاعريءَ جي پس
منظر ۾ لکيل ”سھڻي ميھار “منظوم قصو، ڪڏھن شايع
ٿيو؟
جواب:
1964ع
۾.
سوال: شاھھ جي شاعريءَ جي پس منظر ۾ ”مومل ۽
مينڌرو“ منظوم قصو ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: حاجي حقير ابن مڱڻ جو.
سوال: حاجي حقير جو شاھھ جي شاعريءَ جي پس منظر ۾ لکيل ڪتاب ”عمر مارئيءَ جون ٽيھھ
راتيون“ ڪڏھن شايع ٿيو؟
جواب:
1955ع
۾.
سوال: ڪتاب ”بزم لطيف“ ڪڏھن شايع ٿيو؟
جواب:
1954ع
۾.
سوال: بزم لطيف جو ليکڪ ڪير آھي؟
جواب: محبوب علي چنا.
سوال: محمد حسين ڪاشف کي ڪھڙي ڪتاب تي اڪيڊمي
ادبيات پاڪستان اسلام آباد، طرفان سنڌي ادب جو
”شاھھ لطيف ايوارڊ“ ڏنو ويو؟
جواب: ”ڪنڌيءَ ڪونئر ٽڙن“ ڪتاب تي.
سوال: محمد صديق مسافر جو لکيل ڪتاب ”سر آسا“ ڪڏھن شايع ٿيو؟
جواب:
1968ع
۾.
سوال: محمد صديق مسافر جو
1948ع
۾ شاھھ جي ڪھڙي سر تي ڪتاب شايع ٿيو؟
جواب: سر سسئي آبري.
سوال:
1980ع
۾ شاھھ جي ٻن ڪردارن سان منسوب سھڻي ميھار ايوارڊ
ٿر جي ڪھڙي فنڪار کي ڏنو ويو؟
جواب: موھن ڀڳت کي.
سوال: ڪماري رڪمڻيءَ، شاھھ لطيف تي ڪھڙي ٻوليءَ ۾
ٿيسز لکي؟
جواب: ھندي ٻوليءَ ۾.
سوال: ڪماري رڪمڻي شاھھ تي ڪھڙي موضوع تي ٿيسز
لکي تيار ڪئي؟
جواب: ”سسئي اور شاھھ عبداللطيف ڪي ڪوتا ۾ پريم
ڪي ڀاونا“.
سوال: ڪتاب ”سر ڪلياڻ عرف تصوف جو آئينو“ ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: رشيد احمد لاشاريءَ جو.
سوال: رشيد احمد لاشاري جو لکيل ڪتاب ”شاھھ
عبداللطيف ڀٽائي“ ڪڏھن شايع ٿيو؟
جواب:
1955ع
۾.
سوال:
1962ع
۾ رشيد احمد لاشاري جو شاھھ جي ڪھڙي سورميءَ تي
لکيل ڪتاب شايع ٿيو؟
جواب: مارئيءَ تي.
سوال: شاھنواز سوڍر، شاھھ لطيف تي پي. ايڇ. ڊي
ڪنھن جي رھبريءَ ۾ ڪئي؟
جواب: علامھ غلام مصطفيٰ قاسمي جي رھبريءَ ۾.
سوال: سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي زبان ۾ سڀ کان پھريائين شاھھ لطيف تي پي. ايڇ. ڊي
ڪنھن ڪئي؟
جواب: ڊاڪٽر شاھنواز سوڍر.
سوال: شاھنواز سوڍر شاھھ لطيف تي ٿيسز ڪڏھن مڪمل
ڪئي؟
جواب:
1988ع
۾.
سوال: ڪتاب ”سنڌي ثقافت ۽ شاھھ لطيف“ ڀٽ شاھھ
ثقافتي مرڪز حيدرآباد، ڪڏھن شايع ڪيو؟
جواب:
1991ع
۾.
سوال: ڪتاب ”اشارات شاھھ“ ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو.
سوال: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جو ترتيب ڏنل ڪتاب
”لطيف ڪوئيز“ ڪڏھن شايع ٿيو؟
جواب:
1978ع
۾.
سوال: لطيفي داستانن بابت اردو ۾ لکيل ڪتاب
”ماروي ڪي ديس ۾“ ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: شيخ عبدالرزاق راز جو.
سوال: فھميده حسين کي شاھھ صاحب تي لکيل پي. ايڇ.
ڊي ٿيسز تي پھريون ڀيرو ڪڏھن لطيف ايوارڊ مليو؟
جواب:
1993ع
۾.
سوال: ڪتاب ”ڀٽائي ميسيج آف ماسٽر“ جي مصنف جو
نالو ٻڌايو؟
جواب: حميد سنڌي.
سوال:
1953ع
کان
1962ع
تائين محڪمھ اطلاعات کاتي شاھھ صاحب تي لکيل
مضمونن ۽ مقالن تي مبني ڪيترا ڪتاب شايع ڪرايا؟
جواب: ڇھھ ڪتاب.
سوال: ڪھڙي انگريزي ڪتاب ۾ فيض بخشا پوريءَ شاھھ
لطيف کي خراج عقيدت پيش ڪيو آھي؟
جواب: ڪتاب
Poet laureate of Sindh
۾.
سوال: ڪتاب ”بنگال جو لطيف رابندر ناٿ ٽيگور“ ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: منصور قادر جوڻيجو جو.
سوال: ڪتاب ”اسان جا ٻھ عظيم شاعر شاھھ لطيف ۽
علامھ اقبال“ ڪھڙي اداري شايع ڪرايو؟
جواب: اسلامي اڪيڊمي لطيف آباد، حيدرآباد.
سوال: ڪتاب ”اسان جا ٻھ عظيم شاعر شاھھ لطيف ۽
علامھ اقبال“ ڪيترن صفحن تي مشتمل آھي؟
جواب: ھڪ سئو سورھن صفحن تي.
سوال: ڪتاب ”اسان جا ٻھ عظيم شاعر شاھھ لطيف ۽
علامھ اقبال“ ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: پروفيسر ڪريم بخش نظاماڻيءَ جو.
سوال: ڪتاب ”اسان جا ٻھ عظيم شاعر شاھھ لطيف ۽
علامھ اقبال“ ڪڏھن شايع ٿيو؟
جواب:
1987ع
۾.
سوال: ڪتاب ”اسان جا ٻھ عظيم شاعر شاھھ لطيف ۽
علامھ اقبال“ ڪيترن بابن تي مشتمل آھي؟
جواب: پنجن بابن تي.
سوال: سالياني ”لطيف مخزن“
1977-78ع
جي ايڊيٽر جو نالو ٻڌايو؟
جواب: سليمان سولنگي.
سوال: سالياني ”لطيف مخزن“
1977-78ع
ڪنھن جي سرپرستيءَ ۾ شايع ٿيو؟
جواب: پروفيسر علي محمد انصاريءَ جي سرپرستيءَ ۾.
سوال: ڪتاب ”شاھھ عبداللطيف ڀٽائي فن، فڪر ۽
شخصيت جديد مطالعو“ ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: ادا قاضي جو.
سوال: ڪتاب ”شاھھ عبداللطيف ڀٽائي فن، فڪر ۽
شخصيت جديد مطالعو، ڪيترن صفحن تي مشتمل آھي؟
جواب: ايڪھٺ صفحن تي.
سوال: مضمون شاھھ جو غيب تي ايمان ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: ادا قاضي.
سوال: ڪتاب ”شاھھ عبداللطيف ڀٽائي فن، فڪر ۽
شخصيت جديد مطالعو“ ڪڏھن شايع ٿيو؟
جواب: ڇاپو پھريون ڊسمبر
2000ع
۾.
سوال: ڪتاب ”لغات لطيفي“ جو ٽيون ڇاپو ڪھڙي ھجري
سن ۾ شايع ٿيو؟
جواب: ١٤١٥ ھجري ۾.
سوال: ”لغات لطيفي“ جو پھريون ڇاپو ڪڏھن شايع
ٿيو؟
جواب:
1914ع
۾.
سوال: سنڌالاجيءَ شاھھ سائين متعلق ھڪ سئو ٻارنھن
نمبر ڪھڙو ڪتاب شايع ڪيو؟
جواب: ڪتاب ”ٻاروچي ٻولي.“
سوال: رابيل پبليڪيشن، شاھھ سائين متعلق ارڙھون
نمبر ڪتاب ڪھڙو شايع ڪرايو؟
جواب: شاھھ سچل سامي.
سوال: ڪتاب ”شاھھ سچل سامي“ ڪنھن مرتب ڪيو؟
جواب: اي. جي. اتم.
سوال: اي. جي. اتم جي ترتيب ڏنل ڪتاب ”شاھھ سچل
سامي“ ۾ شايع ٿيل مقالو، شاھھ تي تنقيد ڪنھن جو
لکيل آھي؟
جواب: موھن گيھاڻيءَ جو.
سوال: غلام مصطفيٰ کھڙو جي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز ”شاھھ لطيف تي ٿيل تحقيق جو جائزو“
ڪڏھن مڪمل ٿي؟
جواب:
1977ع
۾.
سوال: مقالو ”علامھ اقبال ۽ ڀٽائي جو عشق رسول
'“ ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: ڪريم بخش نظاماڻيءَ جو.
سوال: ٻھ – ٽي مارچ
1973ع
تي شاھھ صاحب جي سوانح حيات تي لکيل ڪتابن جي
نمائش سنڌ جي ڪھڙي شھر ۾ ٿي؟
جواب: حيدرآباد شھر ۾.
سوال:
1973ع
۾ لطيف سرڪار جي شاعريءَ ۽ زندگيءَ تي لکيل ڪتابن
جي نمائش جي صدارتي تقرير ڪنھن ڪئي؟
جواب: پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاھھ.
سوال: ميمڻ عبدالغفور جو ترتيب ڏنل ڪتاب ”شاھھ
عبداللطيف ڀٽائي“ ڪڏھن شايع ٿيو؟
جواب:
1969ع
۾.
سوال: ليلارام خاڪي لطيف سائين جي حياتيءَ، فڪر ۽
فن بابت ڪتاب ڪڏھن مڪمل ڪيو؟
جواب: چوڏھن مارچ
1889ع
تي.
سوال: ڪتاب ”مون مطالع سپرين“ جا ٻھ اکر ڪنھن
لکيا؟
جواب: سيد غلام مصطفيٰ شاھھ.
سوال: ڪتاب ”مون مطالع سپرين“ ڪڏن شايع ٿيو؟
جواب: اپريل
1955ع
۾.
سوال: شاھھ سائين تي لکيل ڪتاب ”مون مطالع سپرين“
جي ليکڪ جو نالو ٻڌايو؟
جواب: ڊاڪٽر اياز حسين قادري.
سوال: ڪتاب ”مون مطالع سپرين“ ۾ ڇا جو ذڪر آھي؟
جواب: شاھھ عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام جو اڀياس.
سوال: ڪتاب ”شاھھ عبداللطيف ۽ نوجوان“ ڪھڙي اداري
شايع ڪرايو؟
جواب: شاھھ عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي.
سوال: ڪتاب ”مون مطالع سپرين“ ۾ شاھھ جي ڪلام جو
اڀياس ڪيترن صفحن تي مشتمل آھي؟
جواب: ٻھ سئو چوويھن صفحن تي.
سوال: ڪتاب ”شاھھ لطيف جي موسيقي“ جي نظرثاني
ڪنھن ڪئي؟
جواب: استاد محمد حسن.
سوال: ڪتاب ”شاھھ آفاقي شاعر“ ڪھڙي اديب ۽ محقق
جو لکيل آھي؟
جواب: ڊاڪٽر حيدر سنڌيءَ جو.
سوال: ڪتاب ”ڀٽائي جي وطن جو مستقبل“ ڪڏھن شايع
ٿيو؟
جواب:
1972ع
۾.
سوال: رام پنجواڻي جو لکيل ڪتاب ”لطيف“ ڪڏھن شايع
ٿيو؟
جواب:
1945ع
۾.
سوال: ڪتاب ”سر کنڀات ۽ قرآني تعليم“ ڪنھن جو
لکيل آھي؟
جواب: پروفيسر اڪرم انصاري جو.
سوال: ڪتاب ”ڀٽ جو گھوٽ عرف پارکو پارس جا“ ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: ڊاڪٽر بشير احمد شاد جو.
سوال: ڀارت ۾ سڀ کان پھريائين ڪھڙي عالم شاھھ
عبداللطيف تي پي. ايڇ. ڊي ڪئي؟
جواب: موتي لال جوتواڻي.
سوال: موتي لال جوتواڻيءَ شاھھ عبداللطيف تي پي.
ايڇ. ڊي ڪڏھن ڪئي؟
جواب:
1972ع
۾.
سوال: ”ڀٽ جو شاھھ“ ڪتاب جو مھاڳ سورلي ڪھڙي
تاريخ ۽ سال ۾ لکيو؟
جواب: ايڪٽيھھ مارچ
1938ع
۾.
سوال: ”اوجاڳي اجاريا“ ڪتاب ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: ڊاڪٽر شاھنواز سوڍو جو.
سوال: شاھھ لطيف جي فن ۽ فڪر تي لکيل مقالن تي مبني ڪتاب ”اوجاڳي اجاريا“ ڪھڙي
اداري شايع ڪيو؟
(وڌيڪ پڙهو) |