سوال: مضمون ”شاھھ عبداللطيف ڀٽائي اور منظر ڪشي“ ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: پروفيسر غلام مصطفيٰ اعواڻ جو.
سوال: اردوءَ ۾ مضمون ”شاھھ لطيف ڪا طرز احساس“ ڪنھن لکيو؟
جواب: ڊاڪٽر تبسم ڪاشميري.
سوال: مضمون ”شاھھ لطيف ڀٽائي کا پيغام“ ڪنھن لکيو؟
جواب: الطاف احمد.
سوال: ”نذر لطيف“ ۾ مولانا غلام رسول مھر جو ڪھڙو
اردوءَ ۾ مضمون شايع ٿيو؟
جواب: مضمون ”احوال شاھھ عبداللطيف“.
سوال: مضمون ”شاھ ۽ سر ڪيڏارو“ ڪنھن لکيو؟
جواب: ايس. تبسم.
سوال:
1988ع
۾ چوٿين شاھھ لطيف ڪانفرنس ۾ اردو مقالو ”شاھھ
لطيف آفاقي مفڪر“ ڪنھن پڙھيو؟
جواب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
سوال: مقالو ”شاھھ لطيف سائسندان جي نظر ۾“ ڪنھن لکيو؟
جواب: ايم. آءِ رياض عمراڻي.
سوال: ”سنڌيڪا پڌرنامو“ فيبروري
1994ع
۾ ھدايت پريم جو شاھھ سائين تي لکيل ڪھڙو مضمون
شايع ٿيو؟
جواب: سنڌي ٻوليءَ جا لھجا ۽ شاھھ.
سوال: ”سچل جي ڪلام ۾ شاھھ وارا مضمون“ مضمون
ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: ڪلياڻ آڏواڻيءَ جو.
سوال: مضمون ”شاھھ عبداللطيف اينڊ سچل“ ڪنھن جو
لکيل آھي؟
جواب: آفتاب ابڙي جو.
سوال: ماھوار سھڻي حيدرآباد، پرچو ڇھون - ستون
1991ع
۾ مضمون ”شاھھ سچل سامي“ ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: مرليڌر جيٽلي جو.
سوال: روزانو جاڳو ڪراچي
24
اپريل
1991ع
۾ مشتاق مغل جو سچل سائين ۽ شاھھ سائين تي لکيل
ڪھڙو مضمون شايع ٿيو؟
جواب: مضمون ”سچل سائينءَ جي شاعريءَ تي لطيف
سائين جي شاعريءَ جو اثر“.
سوال: ايڪيھھ سيپٽمبر
1995ع
۾ مضمون ”شاھھ عبداللطيف اينڊ سچل“ ڪھڙي انگريزي
روزنامي ۾ شايع ٿيو؟
جواب: انگريزي روزنامھ ”مارننگ نيوز“ ڪراچي ۾.
سوال: ملڪ نديم جو چوويھھ اپريل
1991ع
تي، روزانو جاڳو ۾ سچل ۽ شاھھ سائين جي شاعريءَ تي
ڪھڙو مضمون شايع ٿيو؟
جواب: سچل سائين جي شاعريءَ تي لطيف سائين جي
شاعريءَ جو اثر.
سوال: مقالو ”شاھھ عبداللطيف ڀٽائي ڪي انسان دوستي“ ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: پروفيسر يوسف شيدا جو.
سوال: ماھوار نئين زندگي مئي
1993ع
۾ مضمون ”شاھھ لطيف مصوري جي روپ ۾“ ڪنھن جو شايع
ٿيو؟
جواب: پروفيسر مظھر علي قريشيءَ جو.
سوال: ماھوار نئين زندگي ڊسمبر
1993ع
۾ مضمون ”شاھھ جي سسئي“ ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: ڊاڪٽر فھميده حسين جو.
سوال: انگريزي ۾ لکيل ڪتاب ”ابيات عبداللطيف“ جي
ليکڪ جونالو ٻڌايو؟
جواب: گدومل ھرجاڻي.
سوال: ”تقرير تعمير ۽ ترقي شاھھ لطيف جي وطن ۾“
1960ع
تي ھي عنوان ڪنھن جي تقرير جو ھو؟
جواب: جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي تقرير جو.
سوال: ڪتاب ”آواز لطيف“ (سنڌي اردو) شاھھ سائين
جي ڪھڙي عرس مبارڪ جي موقعي تي شايع ٿيو؟
جواب:
243
ھين عرس مبارڪ جي موقعي تي.
سوال: محڪمھ اطلاعات واري ڪتاب ”عرفان لطيف“ ۾
ڪھڙي وزير جو پيغام شايع ڪيو ويو؟
جواب: غلام نبي ميمڻ، وزير اطلاعات قانون ۽
پارلياماني امور جو.
سوال: محمد خان غني جي ھديھ عقيدت ”شاعران سنڌ جو
تون آھين رھبر يا لطيف“ ڪيترين سٽن تي مشتمل آھي؟
جواب: نوي سٽن تي.
سوال: مضمون ”شاھھ جو عشق“ ڪنھن لکيو؟
جواب: شمس العلماءَ ڊاڪٽر دائود پوٽي.
سوال: اردو ۾ مقالو ”شاھھ لطيف کان تصوف“ ڪنھنجو
لکيل آھي؟
جواب: ڊاڪٽر محمد اجمل جو.
سوال: چار آگسٽ
1993ع
۾ تاجدار عادل جو لکيل مضمون ”شاھھ لطيف شاعر
ڪامل“ ڪھڙيءَ اخبار ۾ شايع ٿيو؟
جواب: روزانھ جنگ ۾.
سوال: مئي
1993ع
۾ علي مير شاھھ جو لکيل مضمون ”لطيفي لات“ ڪھڙي
رسالي ۾ شايع ٿيو؟
جواب: ماھوار ” آبادگار“ ۾.
سوال: ماھوار رسالي ”پيغام“ جولاءِ آگسٽ
1991ع
۾ مضمون ”شاھھ جو رسالو سنڌيءَ ٻوليءَ جو شاھڪار“
ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: نصرت حسين ابڙي جو.
سوال: مضمون ”شاھھ لطيف ھڪ سيلاني جي حيثيت ۾“
ڪنھن لکيو؟
جواب: علي احمد بروھيءَ.
سوال: مضمون ”شاھھ لطيف جو زندگيءَ بابت نظريو“ ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: عبدالحميد آخوند جو.
سوال: لطيف ڊائجسٽ ۾ شايع ٿيل مضمون ”شاھھ لطيف ۽
سندس شاعري“ ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: منظور پٺاڻ جو.
سوال: تقرير ”لطف اللطيف تي محققانھ نظر“ يارھين ادبي ڪانفرنس حيدرآباد ۾ ڏھھ
نومبر
1950ع
تي ڪنھن ڪئي؟
جواب: جناب محبوب علي چنا.
سوال: مقالو ”ڀٽائي گھوٽ ۽ حافظ شيرازي“ ڪنھن جو
لکيل آھي؟
جواب: الله بخش سرشار عقيليءَ جو.
سوال: مضمون ”شاھھ جي شاعريءَ ۾ سماج سڌار سوچ“ ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: نور محمد واڍي جو.
سوال: مضمون ”شاھھ ڀٽائي ايڪ تجزياتي مطالعا“ ڪنھن لکيو؟
جواب: قاضي جاويد جو.
سوال: مضمون ”شاھھ لطيف ڪي شاعري“ ڪنھن جو لکيل
آھي؟
جواب: وقار عظيم جو.
سوال: مضمون ”شاھھ لطيف سچو سيلاني“ ڪنھن جو لکيل
آھي؟
جواب: قاضي عبدالحئي قائل جو.
سوال: مضمون ”فھم لطيف اور ھم“ ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: صوفي قمرالدين.
سوال: مقالو ”سنگيت ساز، سرود ۽ سنڌي ثقافت“ ڪنھن
جو لکيل آھي؟
جواب: ڊاڪٽر غلام علي الانا جو.
سوال: مضمون ”شاھھ عبداللطيف ڀٽائي جي شعر جا
تاريخي واقعا“ ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: خادم حسين مستوئيءَ جو.
سوال: اينميري شمل جرمنيءَ ۾ شاھھ سائين جي فن ۽
فڪر تي ڪيترا ليڪچر ڏنا؟
جواب: يارنھن.
سوال: مقالو ”شاھھ عبداللطيف جو مذھب ۽ فلاسافي“ ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: ڊاڪٽر ايس ايم جھانگياڻيءَ جو.
سوال: مضمون ”ڪلام لطيف اور عصر حاضر“ ڪنھن جو
لکيل آھي؟
جواب: ڊاڪٽر قمر واحد جو.
سوال: اردو مضمون ”شاھھ لطيف تاريخ سنڌ ڪا زنده
شاعر“ ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: قاسم ٻگھيو جو.
سوال: مضمون ”شاھھ جو عرفان تمثيل جي روشنيءَ ۾“
ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: گل حسن لغاري.
سوال: مئي
1967ع
تي نئين زندگي ۾ شايع ٿيل مضمون ”شاھھ جو شيدائي
نارو ڀڳت“ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: شيخ عزيز جو.
سوال: مقالو ”ساھتي پرڳڻي ۾ شاھھ لطيف جا ھمعصر
شاعر“ ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: حامد علي قريشي جو.
سوال: مھراڻ اخبار ۾
5
جنوري
1962ع
تي شايع ٿيل مقالو ”شاھھ جي دور ۾ شاعرانھ محفلون“
ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: محمد سومار شيخ جو.
سوال: مضمون ”شاھھ جي حياتيءَ تي نئين روشني“ ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻي.
سوال: ”شاھھ جون ملاقاتون“ ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: محمد سومار شيخ جو.
سوال: مضمون ”شاھھ جي حياتي تي نئين روشني“
پھريون ڀيرو ماھوار سنڌوءَ ۾ ڪڏھن شايع ٿيو؟
جواب:
1933ع
۾.
سوال: مقالو ”شاھھ جي سر ڪلياڻ ۾ جسماني عضون جو
ذڪر“ ڪنھن ترتيب ڏنو.
جواب: ارشاد حسين سومري جو.
سوال: لطيف ڪانگريس ۾ آڪٽوبر
1978ع
۾ مضمون ”رحمان بابا ۽ لطيف محبت جا شاعر“ ڪنھن
پڙھيو؟
جواب: تاج جويو.
سوال: ڪينجھر تحقيقي جرنل، شماري ڏھين ۾، شايع
ٿيل مضمون، لاکيڻي لطيف جي سر ڪاموڏ جو جو اڀياس
ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري جو.
سوال: مقالو ”سر ليلا چنيسر ۾ ريتن رسمن بابت
اشارا ۽ نصيحتون“ ڪنھن لکيو؟
جواب: احمد خان آصف مصراڻيءَ.
سوال: مقالو ”او ڪو ٻيو فھم“ ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: شيخ عبدالحليم جو.
سوال: ڪتاب ”ڪوڙين ڪن سلام“ ۾ شايع ٿيل مضمون ”حضرت شاھھ عبداللطيف ڀٽائي“ ڪنھن
جو لکيل آھي؟
جواب: پروفيسر محمد معين الدين جو.
سوال: ڪھڙيءَ اخبار ۾ نورالدين چنا جو تحرير ڪيل مضمون ”شاھھ لطيف عظيم رھبر ۽
لافاني شاعر“ آچر تيرنھن فيبروري
1994ع
تي شايع ٿيو؟
جواب: عبرت اخبار ۾.
سوال: مضمون ”شاھھ جا پورھيت“ ۽ ”شاھھ جا پکي“ ڪنھن جا لکيل آھن؟
جواب: سيد ماڪن شاھھ رضويءَ جا.
سوال: مقالو ”سارنگ سائي سٽ“ ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: شاھنواز سوڍر جو.
سوال: جنوري
1934ع
۾ ماھوار سنڌوءَ ۾ مضمون ”شاھھ عبداللطيف جو ھمعصر
خواجھ محمد زمان“ ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: ڊاڪٽر ھوتچند گربخشاڻيءَ جو.
سوال: مضمون ”سر مارئي ۾ ٿر جي جھلڪ“ ڪنھن جو
لکيل آھي؟
جواب: بشير احمد ميمڻ جو.
|