شاھھ سان
وابسطھ عرسن، ڏھاڙن،
جشنن ۽ ڪانفرنسن بابت ڄاڻ
سوال: ٻھ مارچ
1941ع
۾ مرڪزي صلاحڪار بورڊ پاران شاھھ سائين جي ورسي
ڪٿي ملھائي وئي؟
جواب: خالق ڏني حال ڪراچي ۾.
سوال: شاھھ لطيف جي عرس ھر سال ملھائڻ جي روايت
ڪنھن قائم ڪئي؟
جواب: سيد ميران محمد شاھھ.
سوال: شاھھ سائين جي ڪھڙي عرس جي موقعي تي عبدالستار پيرزادي پھريون ڀيرو سنڌ ۾
عام موڪل جو اعلان ڪيو؟
جواب:
201
عرس جي موقعي تي.
سوال:
1953ع
عبدالستار پيرزادي شاھھ عبداللطيف ڀٽائي جي سالانھ
عرس جي موقعي تي سنڌ ادبي ڪانفرنس ۾، جيڪا افتتاحي
تقرير ڪئي ھئي، ان جو عنوان ڪھڙو ھو؟
جواب: شاھھ جي حب الوطني.
سوال: شاھھ سائين جي
207
عرس مبارڪ جو افتتاح ڪنھن ڪيو؟
جواب: صدر محمد ايوب خان.
سوال: شاھھ سائين جي
203
عرس مبارڪ جو مھمان خاص ڪير
ھو؟
جواب: محمد ايوب کھڙو.
سوال: شاھھ سائين جي
219
ھين عرس مبارڪ جي موقعي تي
صدارتي تقرير ڪنھن ڪئي؟
جواب: جيون ماٿر.
سوال: شاھھ سائين جي ڪھڙي عرس مبارڪ جي موقعي تي
جناب ذوالفقار علي ڀٽو جي اردو تقرير، سنڌي ترجمي
سان ”تعيمر ۽ ترقي شاھھ لطيف جي وطن ۾“ ريڊيو
پاڪستان حيدرآباد تان نشر ڪئي وئي؟
جواب:
208
ھين عرس مبارڪ جي موقعي تي.
سوال: شاھھ سائين جي
209
عرس مبارڪ تي نظم ”پيارا لطيف“
ڪھڙي شاعر پڙھيو؟
جواب: محمد اسماعيل عرساڻي.
سوال: شاھھ سائين جي
210
عرس مبارڪ تي، ادبي ڪانفرنس جو
افتتاح ڪنھن ڪيو؟
جواب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
سوال: اردو ۾ ترتيب ڏنل ڪتاب ”فڪر لطيف“ شاھھ سائين جي ڪھڙي عرس مبارڪ جي موقعي تي
شايع ٿيو؟
جواب: ٻھ سئو ستيتاليھھ عرس مبارڪ جي موقعي تي.
سوال: ڪھڙي سال، لطيف سائين جو عرس مبارڪ
14
آگسٽ کان شروع ٿيو ھو؟
جواب: سال
1992ع
۾.
سوال:
1993ع
۾ لطيف سرڪار جو ڪھڙو عرس مبارڪ ملھايو ويو؟
جواب:
249
ھون عرس مبارڪ.
سوال:
249
ھون عرس مبارڪ ڀٽ شاھھ تي ڪھڙي
انگريزي تاريخ تي ملھايو ويو؟
جواب: چوڏھن آگسٽ تي.
سوال: نظريھ پاڪستان فائونڊيشن طرفان لاھور ۾،
شاھھ عبداللطيف ڀٽائي جو عرس ۽ ميلي جو پروگرام
ڪھڙي انگريزي تاريخ ۽ سال تي ملھايو ويو؟
جواب: پھرين جون
2001ع
جمعي جي ڏينھن.
سوال:
257
ھين عرس شاھھ صاحب جو لاھور ۾
ٿيو، اھو ڪھڙي اسلامي تاريخ ۽ سال تي ملھايو ويو؟
جواب: اٺ ربيع الاول ١٤٢٢ ھھ تي.
سوال: شاھھ سائين جي پھرين جون
2001ع
تي ملھايل ميلي جي لاھور ۾ ڪمپيئرنگ ڪنھن ڪئي؟
جواب: ڪنول ۽ عائشھ زاھد.
سوال:
257
ھين سالياني عرس جي موقعي تي
شاھھ جو ميلو جيڪو لاھور ۾ منعقد ٿيو، ان ميلي جو
مھمان خاص ڪير ھو؟
جواب: اڳوڻو چيف جسٽس سيد نسيم حسن شاھھ.
سوال:
23
مئي
2003ع
تي سگا طرفان جشن لطيف سنڌ جي ڪھڙي شھر ۾ ملھايو
ويو؟
جواب: مورو شھر ۾.
سوال:
2005ع
۾ ٿيل عرس جي موقعي تي، سيد نثار علي شاھھ کي،
شاھھ صاحب جو لباس ڪھڙي ڏينھن تي پارايو ويو؟
جواب: آچر جي ڏينھن صبح جو ساڍي ڏھين وڳي.
سوال: شاھھ سائين جي ٻھ سئو پنجاھين ورسي جي موقعي تي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار
اداري ڪھڙو ڪتاب شايع ڪيو؟
جواب: ڪتاب ”لغات لطيفي“.
سوال: جشن لطيف سنڌ ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ فورم ڪراچي طرفان، سال
2003ع
۾ ڪھڙي تاريخ تي ملھايو ويو؟
جواب:
26
جولائي ڇنڇر تي.
سوال: سگا طرفان
19
کان
20
ڊسمبر
2004ع
تي ڪوٺايل ”شاھھ، سچل، سامي بين الاقوامي ڪانفرنس“
۾ ڀارت جا ڪيترا اديب شريڪ ٿيا؟
جواب: ٽيھھ کن اديب.
سوال:
19
ڊسمبر
2004ع
تي ڪوٺايل ”شاھھ، سچ، سامي ڪانفرنس“ جو افتتاح
ڪنھن ڪيو؟
جواب: ميان محمد سومري.
سوال: لطيف فائونڊيشن جو اجلاس
2005ع
سنڌ جي ڪھڙي شھر ۾ ٿيو؟
جواب: جھول شھر ۾.
سوال: لطيف فائونڊيشن جي اجلاس جي صدارت ڪنھن ڪئي؟
جواب: سيد نثار حسين شاھھ.
سوال: لطيف فائونڊيشن لاءِ مريدن ڪيترو نذارنو
ڏنو؟
جواب: ساڍا ٽي لک روپيا.
سوال:
2005ع
تي ڀٽ شاھھ ۾ ٿيندڙ عرس مبارڪ جو افتتاح ڪھڙن ٻن
وزيرن ڪيو؟
جواب: شبير قائمخاني ۽ منظور پنھور.
سوال: شاھھ سائين جي
261
ھين عرس مبارڪ جي موقعي تي
اوقاف کاتي زائرين ۾ ڪيتريون چادرون ورھايون ھيون؟
جواب: پنج ھزار کان وڌيڪ.
سوال: يوم لطيف ھر سال علمي، ادبي ۽ ثقافتي
تقريبن جو رواج ڪنھن وڌو؟
جواب: ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ۽ شيخ عبدالرزاق
”راز“.
سوال: سٽي ڪاليج حيدرآباد ۾
1963ع
جي ”يوم لطيف“ جي تقريب جي صدارت ڪنھن ڪئي؟
جواب: مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ.
سوال: انڊيا ۾ سائين غلام شبير شاھھ جي دور ۾ لطيف ڊي ملھايو ويو، ان پروگرام جي
صدارت ڪنھن ڪئي؟
جواب: سائين نثار حسين شاھھ صاحب.
سوال: انڊيا ۾ ملھايل لطيف ڊي پروگرام ۾ لطيف
ايوارڊ شاھھ سائين جي ڪھڙي گادي نشين کي مليو؟
جواب: سيد نثار حسين شاھھ کي.
سوال: ھندستان ۾ لطيف ڊي پروگرام ۾ سيد نثار حسين
شاھھ کي لطيف ايوارڊ ڪنھن ڏنو؟
جواب: ھندساني وزيراعظم اندرا گانڌي.
سوال: لطيف اڪيڊمي ڪراچي پاران
1989ع
۾ گولڊ ميڊل ڪنھن کي ڏنو ويو؟
جواب: قاضي خضر حيات کي.
سوال: سنڌي ادبي بورڊ طرفان سڏايل لطيف بابت
يادگار ڪچھري ڪنھن ڪرائي؟
جواب: ولي محمد رونجھي، سال
1963ع
سٽي ڪاليج حيدرآباد.
سوال: شاھھ سائين جو
253
ھون عرس مبارڪ،
1997ع
جي ڪھڙي مھيني، تاريخ ۽ ڏينھن کان شروع ٿيو؟
جواب: جمعي جي ڏينھن ويھھ جون کان شروع ٿيو.
سوال: شاھھ ڪلچرل ڪاميٽيءَ شاھھ سائين جي ٽي سئو سالھ جشن ولادت جي موقعي تي ڪھڙو
رسالو شايع ڪيو؟
جواب: ”شاھھ جو رسالو“ آڳاٽو قلمي نسخو، ڪاتب فقير ابوبڪر.
سوال: ڪتاب ”ڪوڙين ڪن سلام“ شاھھ سائين جي ڪھڙي عرس مبارڪ جي موقعي تي شايع ڪيو
ويو؟
جواب: ٻھ سئو اٺونجاھين عرس جي موقعي تي.
سوال: شاھھ لطيف عالمي ڪانفرنس
1986ع
۾ تنظيم فڪر و نظر پاران ڪھڙي شھر ۾ ڪرائي وئي؟
جواب: سکر شھر ۾.
سوال: چوٿين ڪل پاڪستان شاھھ عبداللطيف ڪانفرنس
ڪھڙي تاريخ ۽ سال تي ملھائي وئي؟
جواب:
15-14
آڪٽوبر
1988ع
تي.
سوال: شاھنامو رسالو شاھھ سائينءَ جي ڪھڙيءَ
ورسيءَ جي موقعي تي شايع ڪيو ويو؟
جواب: ٻھ سئو اٺاويھھ ورسيءَ جي موقعي تي.
سوال: پاڪستان نيشنل سينٽر حيدرآباد طرفان ڪوٺايل لطيف ڪانفرنس
1983ع
جي افتتاحي تقرير ڪنھن ڪئي؟
جواب: جناب مظھر الحق صديقي
29
نومبر
1983ع
تي.
سوال: شاھھ لطيف عالمي ڪانفرنس
1986ع
۾ ڪھڙي ملڪ جي اديبن جو قائد ھن ڪانفرنس ۾ شريڪ
ٿيو ھو؟
جواب: چين ملڪ جو.
سوال: شاھھ لطيف جي دروازي وٽ ثقافتي ڪانفرنس
پھريون ڀيرو ڪڏھن ٿي؟
جواب:
1929ع
۾.
سوال: شيخ اياز، شاھھ عبداللطيف اجلاس ۾ اسلام
آباد اندر صدارتي خطبو ڪھڙي تاريخ تي پڙھيو ھو؟
جواب: ٽيھھ مئي
1979ع
۾
سوال:
1979ع
۾ ڪل پاڪستان فلاسافيڪل ڪانگريس شاھھ عبداللطيف
اجلاس، ڪھڙي يونيورسٽيءَ ۾ ٿيو ھو؟
جواب: قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾.
سوال: ڪل پاڪستان فلاسافيڪل ڪانگريس شاھھ
عبداللطيف اجلاس، اسلام آباد ۾ صدارتي تقرير ڪھڙن
شخصن ڪئي؟
جواب: شيخ اياز ۽ اي ڪي بروھي.
سوال: فلاسافيڪل ڪانگريس شاھھ عبداللطيف اجلاس،
ڪھڙري ھجري سال ۾ ٿيو؟
جواب: ٽي چار رجب ١٣٩٩ھھ ۾.
سوال: لطيف ڪانگريس ۾ آڪٽوبر
1978ع
۾ مضمون ”رحمان بابا ۽ لطيف محبت جا شاعر“ ڪنھن
پڙھيو؟
جواب: تاج جويو.
سوال: بلوچستان يونيورسٽي جي آڊيٽوريم ۾ ڪھڙي سال
شاھھ لطيف جو ڏينھن ملھايو ويو؟
جواب: اوڻيھھ جولاءِ
1990ع
تي.
سوال: مارچ
1941ع
۾ لطيف ڪانفرنس سنڌ جي ڪھڙي شھر ۾ ٿي؟
جواب: ڪراچي شھر ۾.
سوال:
1993ع
۾ اسلام آباد ۾ ”ڀٽائي قومي ڪانفرنس“ ڪھڙي تاريخ
تي شروع ٿي؟
جواب:
28
آڪٽوبر آچر جي ڏينھن.
سوال: ابراھيم حيدريءَ ڪراچيءَ ۾ جشن لطيف
1985ع
۾ ڪھڙي تاريخ تي ملھايو ويو؟
جواب:
25
جولاءِ تي.
سوال: ڪراچي يونيورسٽي جي شاھھ لطيف چيئر جي
پھرين ڊائريڪٽر جو نالو ٻڌايو؟
جواب: ڊاڪٽر اياز علي قادري.
سوال: ڊاڪٽر درشھوار سيد کانپوءِ ڀٽائي چيئر جو
ڊائريڪٽر ڪنھن کي مقرر ڪيو ويو؟
جواب: پروفيسر فتح محمد برفت کي (عارضي)
سوال: شاھھ عبداللطيف چيئر جي لائبريريءَ جو
ڪيٽلاگ ڪھڙي سال ٺاھيو ويو؟
جواب:
1992ع
۾.
سوال: پروفيسر محمد سليم ميمڻ کان پوءِ ڀٽائي
چيئر جو ڊائريڪٽر ڪير ٿيو؟
جواب: ڊاڪٽر فھميده حسين، ٽي فيبروري
1998ع
۾.
سوال: پاڪستان فلاسافيڪل ڪانگرس، شاھھ عبداللطيف اجلاس، اسلام آباد ۾ ڪھڙي تاريخ
۽ عيسوي سال تي ڪوٺايو ويو؟
جواب: تاريخ ايڪٽيھھ مئي
1979ع
تي.
سوال: ڊاڪٽر حبيب الله مرزا، ايڪٽيھھ مئي
1979ع
تي فلاسافيڪل ڪانگريس شاھھ لطيف اجلاس، اسلام آباد
۾ لطيف سائين متعلق ڪھڙي عنوان سان تقرير ڪئي؟
جواب: لطيف جو عظيم پيغام.
سوال: ڀٽ شاھھ ريسٽ ھائوس ڪڏھن ٺھيو؟
جواب:
1955-56ع
۾.
سوال: شاھھ جي باغ جو افتتاح ڪڏھن ٿيو؟
جواب:
29
آڪٽوبر
1985ع
۾.
سوال: ڀٽ شاھھ ڪامپليڪس جو سنگ بنياد ڪنھن ۽
ڪڏھن رکيو؟
جواب: جناب ذوالفقار علي ڀٽو جنوري
1974ع
۾.
شاھھ
لطيف ايوارڊ
سوال: بينظير ڀٽو صاحبھ کي ڪنھن پنھنجن ھٿن سان
لطيف ايوارڊ ڏنو؟
جواب: سائين غلام شبير شاھھ.
سوال: مخدوم طالب الموليٰ کي شاھھ لطيف ايوارڊ
ڪڏھن ڏنو ويو؟
جواب:
1961ع
۾.
سوال: ڪھڙيءَ اڪيڊميءَ
1989ع
۾ شاھھ جي اسڪالر محترمھ درشھوار سيد کي لطيف گولڊ
ميڊل ڏنو؟
جواب: لطيف اڪيڊمي.
سوال: مٺان خان زرداري کي شاھھ لطيف ايوارڊ ڪڏھن ڏنو ويو؟
جواب:
1989ع
۾.
سوال: شاھھ لطيف ايوارڊ استاد محمن جمن کي ڪڏھن مليو؟
جواب:
1980ع
۾ (پھريون ڀيرو)
سوال: محمد جمن کي پنھنجي زندگيءَ ۾ گھڻا لطيف
ايوارڊ مليا؟
جواب: ٻھ لطيف ايوارڊ.
سوال: سڀ کان پھريون شاھھ لطيف ايوارڊ سنڌ جي
ڪھڙي فنڪار کي ڏنو ويو؟
جواب: محمد يوسف کي.
سوال: محمد يوسف کي پھريون ڀيرو شاھھ لطيف ايوارڊ
ڪڏھن مليو؟
جواب: ايڪٽيھھ مارچ
1980ع
تي.
سوال: لطيف ڪانفرنس سکر جي موقعي تي
1985ع
۾ لاڙ جي ڪھڙي اديب کي ايوارڊ ڏنو ويو؟
جواب: محمد سومار شيخ کي.
سوال:
1980ع
۾ شاھھ جي ٻن ڪردارن سان منسوب ”سھڻي ميھار“
ايوارڊ ٿر جي ڪھڙي فنڪار کي ڏنو ويو؟
جواب: موھن ڀڳت کي.
سوال: زرينھ بلوچ کي شاھھ لطيف ايوارڊ ڪڏھن مليو؟
جواب:
1987ع
۾.
سوال: لائق لطيف ايوارڊ ڪنھن کي ڏنو ويو؟
جواب: عابده پروين کي.
سوال: حميد ھارون کي لطيف ايوارڊ پھريون ڀيرو ڪڏھن مليو؟
جواب:
1993ع
۾.
سوال:
1993ع
۾ ڪھڙي بينن جي بادشاھھ کي لطيف ايوارڊ ڏنو ويو؟
جواب: الله بچايو کوسو.
سوال: ماھتاب محبوب کي شاھھ لطيف ايوارڊ ڪنھن جي
ھٿان ۽ ڪڏھن مليو؟
جواب: ان دور جي پاڪستان جي صدر فاروق احمد لغاري
جي ھٿان
1994ع
۾.
سوال: ماسٽر محمد ابراھيم جي وفات کان ڪيترا سال
پوءِ، سندس پونئرن کي شاھھ لطيف ايوارڊ ڏنو ويو؟
جواب:
27
سال پوءِ.
سوال:
1981ع
۾ ڪھڙي ڪھاڻيڪار، صحافي، اديب، محقق ۽ تعليمي ماھر
کي لطيف ايوارڊ سان نوازيو ويو؟
جواب: حميد سنڌيءَ کي.
سوال: قاضي خضر حيات کي لطيف اڪيڊميءَ پاران
گولـڊ ميڊل ڪڏھن مليو؟
جواب:
1989ع
۾.
سوال: راشد مورائيءَ کي لطيف ايوارڊ ڪھڙي اداري پاران مليو؟
جواب: پوليٽڪنڪ انسٽيٽيوٽ سکر پاران.
سوال: روھڙيءَ جي ڪھڙي مشھور ڪھاڻيڪار، ناول نگار
کي ايڪيھھ مئي
2000ع
تي لطيف ايوارڊ مليو؟
جواب: امر جليل کي.
سوال:
1993ع
۽
1995ع
۾ ڪھڙي فنڪار کي لطيف ايوارڊ مليو؟
جواب: فنڪار انور حسين وسطڙي کي.
سوال: پبلڪ اسڪول سکر پاران شاھھ جي محقق ڊاڪٽر
بشير احمد شاد کي ڪھڙو ايوارڊ ڏنو ويو؟
جواب: شاھھ لطيف ايوارڊ.
|