سوال: ھي ڪنھن جو قول آھي؟ ٻئي ڪنھن جو مخالف نھ
ٿجي پر پنھنجي نفس جو دشمن ٿجي.
جواب: حضرت شاھھ عبداللطيف ڀٽائي جو.
سوال: جنھن وقت ابڙا شاھھ صاحب سان وڙھڻ لاءِ
لٺيون کڻي آيا تھ، شاھھ صاحب ابڙن کي ڪھڙو پاراتو
ڏنو؟
جواب: ھوندا ھميشھ پر اوج نھ ڪندا ابڙا.
سوال: شاھھ صاحب قادري طريقي جو ذڪر ۽ تلقين ڪنھن
کان ورتي؟
جواب: پنھنجي والد شاھھ حبيب کان.
سوال: شاھھ
حبيب کي ڪھڙي بزرگ جي زيارت ڪرڻ وقت قبر مان آواز
آيو تھ اي حبيب! وڃي لطيف کي ونڊ ڏي؟
جواب: مخدوم سرور نوح جي قبر مان.
سوال: ڪھڙي شھر ۾ شاھھ لطيف ڏھھ سال چلھ ڪشي ڪئي
ھئي؟
جواب: مٽيارين جي موسيٰ پاڙي ۾.
سوال: شاھھ
صاحب جي دور ۾ لقب ”شھباز ڪوھستان“ ڪنھن کي ڏنو
ويو؟
جواب: مير عبدالله خان کي.
سوال: ھاڪڙي جي ساڄي طرف ڪھڙي پٽ ۾ لطيف سائينءَ
چلو ڪڍيو ھو؟
جواب: چوٽياريءَ جي پٽ ۾.
سوال: لاکيڻو
لطيف جڏھن بھ ٿرپارڪر جي سفر تي نڪرندو ھو تھ ڪھڙي
طرف کان سفر شروع ڪندو ھو؟
جواب: اولھھ کان اوڀر طرف.
سوال:
1740ع
ڌاري شاھھ سائين جوڳين سان گڏ سفر تي ڪيڏانھن ويو
ھو؟
جواب: ھنلاج.
سوال: ھنگلاج
ياترا وقت شاھھ سائين جي عمر ڪيتري ھئي؟
جواب: ايڪونجاھھ سال.
سوال: شاھھ سائين مولانا رومي جو ذڪر ڪيترن بيتن
۾ ڪيو آھي؟
جواب: ٽن بيتن ۾.
سوال: شاھھ سائين تي ڪھڙن ٽن بزرگن جي علميات جو
اثر ٿيو؟
جواب: مخدوم بلاول، مخدوم نوح، ۽ عبدالڪريم بلڙي
واري جو.
سوال: شاھھ سائين عبدالرحيم گرھوڙي سان ڪل
ڪيتريون ملاقاتون ڪيون؟
جواب: چار.
سوال: شاھھ عبداللطيف جي تڙ ڏاڏي شاھھ ڪريم جي
مرشد جو نالو ڇا ھو؟
جواب: سلطان ابراھيم ادھم.
سوال: شاھھ سائين جي دوست مخدوم ٺارو شاھھ جو اصل
نالو ڇا ھو؟
جواب: مخدوم محمد معين.
سوال: ڪوٽڙي ڪبير ڏانھن ويندي شاھھ سائين جي
ملاقات ڪھڙي بزرگ سان ٿي؟
جواب: مخدوم محمد صديق قريشيءَ سان.
سوال: شاھھ
سائين ملتان ۾ ڪھڙي بزرگ سان ملاقات ڪئي؟
جواب: مخدوم ڀاون شاھھ سان.
سوال: شاھھ سائينءَ، شاھھ عبدالڪريم بلڙيءَ واري
جي روضي لاءِ ڪاشي ڪٿان آندي ھئي؟
جواب: ملتان مان ٻيڙيءَ رستي.
سوال: شاھھ عنايت رضوي نصرپور وارو جنھن سان شاھھ
سائين جو واسطو بھ رھيو اصل ڪٿان جو ھو؟
جواب: روھڙيءَ جو.
سوال: شاھھ صاحب ڪڏھن وفات ڪئي؟
جواب: ١٤ صفر ١١٥٥ ھجري مطابق
1752ع
تي.
سوال: لطيف سائينءَ کي وفات کان پوءِ غسل ڪنھن
ڏنو؟
جواب: ميان ولي محمد ولد آخوند نور محمد ڀٽيءَ.
سوال: شاھھ صاحب جي وصيت موجب کين ڪٿي دفن ڪيو
ويو؟
جواب: وصيت موجب کين محمود شاھھ جي پيرانديءَ ۾
دفن ڪيو ويو.
سوال: شاھھ صاحب جي تربت مٿان ڪھڙي سنڌ جي حاڪم
عاليشان قبو اڏايو؟
جواب: ميان غلام شاھھ ڪلھوڙي (جنھن شاھھ صاحب جي
دعا سان جنم ورتو ھو)
سوال: ميان غلام شاھھ ڪھڙي سن ۾ شاھھ جي قبر مٿان
قبو اڏايو؟
جواب: ١١٦٧ھھ مطابق
1754ع
۾.
سوال: ھي قبو ڪھڙي رازي جوڙي راس ڪيو؟
جواب: سنڌ جي
مشھور رازي عيدن ھي قبو جوڙي راس ڪيو.
سوال: عيدن رازو اصل ڪٿان جو رھاڪو ھو؟
جواب: سکر جو.
سوال: سنڌ جي ڪھڙن ٽالپر حڪمرانن، شاھھ جي درگاھھ
جي وقت بوقت سار سنڀال لڌي؟
جواب: ٽالپر راڄ ۾ مير نصير خان ان قبي ۽ مسجد جي
سٺي مرمت ڪرائي. مير نصير خان جي وڏي ڀاءُ مير نور
محمد قبي اڳيان اڱڻ ۾ وڏو کوھھ کوٽايو ۽ سندس سئوٽ
مير محمد خان روضي کي چانديءَ جو دروازو لڳرايو.
سوال: شاھھ صاحب ماکوڙي يا ماکاڻيءَ جي ڪھڙي بزرگ
سان ملاقات ڪئي؟
جواب: سيد الھھ وسايو سان.
سوال: شاھھ صاحب ڪنھن کي دعا ڪندي چيو تھ”ھي اسان
جون سڪون لاھيندو“؟
جواب: مخدوم امان الله کي.
سوال: کڏي شريف جي جنھن بزرگ سان لطيف سائين روح
رھاڻ ڪندو ھو، ان جو نالو ٻڌايو؟
جواب: پير ھوندل شاھھ.
سوال: ميين وھين جي مقام ۾ شاھھ لطيف ڪھڙن بزرگن
جي قبرن تي قل پڙھيا ۽ دعا گھري؟
جواب: درويش
ٻڍو درس، اسماعيل شاھھ بخاي ۽ مرزا مغل بيگ.
سوال: شاھھ محمود جي درگاھھ تي، شاھھ صاحب قل
پڙھي ۽ دعا گھري پوءِ ڪجھھ شعر بھ چوندو ھو. ان
بزرگ جو مقبرو ڪٿي آھي؟
جواب: نصرپور ۾.
سوال: نصرپور جي ڪھڙن، ڪوري بزرگن سان، شاھھ صاحب
جي تمام گھڻي دوستي ھئي؟
جواب: عنايت ڪوري ۽ دوسو ڪوريءَ سان.
سوال: نصرپور شھر کان ٻاھران اتر طرف ميل کن جي
پنڌ تي شاھھ لطيف، ڪھڙي بزرگ جي مقبري تي حاضرير
ڀريندو ھو ۽ دعا بھ گھرندو ھو؟
جواب: گل شاھھ غوريءَ جي مقبري تي.
سوال: شاھھ صاحب ڪھڙي بزرگ جو آزمودو وٺڻ لاءِ
کيس چيو تھ، اڄ اسين پلو کائينداسين؟
جواب: عنايت ڪوريءَ جو.
سوال: دڙي شھر جي ڪھڙي سردار شاھھ لطيف جي تمام
گھڻي خدمت ڪئي، تنھن تي راضي ٿي لطيف سائينءَ کيس
دعا ڪئي؟
جواب: سردار دريا خان دل.
سوال: ميان صاحبڏني فاروقيءَ جي ڪھڙي فقير کي
شاھھ سائين فيض ڏنو ھو؟
جواب: چنيح فقير اڄڻ کي.
سوال: قاضي
فقير محمد قانع واري شاھھ جي رسالي جي ڇھين باب ۾
شاھھ جي وڏڙن مان ڪنھن جو احوال ڏنل آھي؟
جواب: شاھھ ڪريم جو.
سوال: لاکيڻو لطيف ”بڊام“ جي ڪھڙن بزرگن جي مزارن
تي فاتح خواني ڪري، پوءِ پراڻ جو کاٻو ڪپ وٺي سما
ننگر جي کنڊرن ۾ پھتو؟
جواب: جھڏي فقير، خاڪي پير ۽ ڦل فقير جي مزارن
تي.
سوال: شاھھ صاحب مشائخ ھوٿي جي ڪھڙن ٻن پٽن جي
مقبرن تي حاضري ڀري؟
جواب: احمد ۽ محمد تي.
سوال: شاھھ سائين ھڪ الفي، ڪشتو ۽ قرآن شريف ڪنھن
ڏانھن ڏياري موڪليو ھو؟
جواب: ميين محمد صابر ولھاريءَ ڏانھن.
سوال: مشائخ ھوٿيءَ جي قائم ڪيل قديم مدرسي ۾
شاھھ سائين جي ملاقات ڪھڙي بزرگ سان ٿي؟
جواب: مخدوم محمد صابر ولھاريءَ سان.
سوال: لطيف سائين ”وارياسو ديھھ“ ۾ ڪھڙي سيد بزرگ
جي اولاد سان رھاڻ ڪئي؟
جواب: سيد دوسن شاھھ جي اولاد سان.
سوال: شاھھ لطيف، لطف الله قادريءَ جي رسالي جو
مطالعو ڪٿي ڪيو؟
جواب: اگھم ڪوٽ يا اگھاماڻو ۾.
سوال: ٻارن کي پاڙھين ويٺو يا کارين ويٺو؟ لطيف
سائين ھي لفظ ڪنھن کي چيا ھئا؟
جواب: ميين محمد صابر ولھاريءَ کي.
سوال: شاھھ سائين ۽ شاھھ عنايت کي ڪھڙي علائقي جي
وڻڪار متاثر ڪيو ھو؟
جواب: ولھار علائقي جي.
سوال: شاھھ سائين بمڀي ميھار جي مقبري تي حاضري
ڏني، ان بزرگ جو مقبرو ڪٿي آھي؟
جواب: ڪامارو شريف واريءَ ايراضي ۾.
سوال: ڪھڙي بزرگ جي مرقد تي شاھھ عنايت ۽ لطيف
سائين گڏ ويا ھئا؟
جواب: ڳاڙھو صدر ولد ڪيوڙي اوٺي جي مرقد تي.
سوال: شاھھ عنايت رضوي ۽ شاھھ لطيف ٿيٻن جي ڳوٺ
جي ڀرسان ڪھڙي بزرگ سان ڪچھري ڪئي؟
جواب: سيد سمن شاھھ سان.
سوال: ڪھڙي سفر ۾ لطيف سائين جون اکيون اٿي (خراب
ٿي) پيون ھيون؟
جواب: سماواتي سفر دوران جنھن وقت مخدوم صابر سان
مليو ھو.
سوال: مخدوم صابر جي خاندان مان، ڪھڙن بزرگن سان
شاھھ لطيف ملاقات ڪئي؟
جواب: ميون معروف ۽ مييون مقبول سان.
سوال: شاھھ صاحب سيد مير محمد عطا سان ڪھڙيءَ ھنڌ
تي ڪچھري ڪندو ھو؟
جواب: اوطاق جي مٿئين طبقي ۾.
سوال: شاھھ سائين ڪنھن جي صلاح مصلحت سان پنھنجي
شاعريءَ ۾، قرآن شريف جون آيتون شامل ڪندو ھو؟
جواب: مخدوم ميان محمد ڪبير ڪوٽڙيءَ واري جي صلاح
سان.
سوال: شاھھ صاحب نقشبندي طريقي جو فيض ڪنھن کان
ورتو؟
جواب: خواجھ محمد زمان لنواريءَ واري کان.
سوال: شاھھ صاحب کاھي راھوءَ جي ڪھڙي بزرگ سان
ملڻ ايندو ھو؟
جواب: قاضي محمد ڪامل اول سان.
سوال: شاھھ لطيف کي ڪنھن ڏسي فرمايو:
لطيف جو ڏيئو روشن ٿيندو؟
جواب: سخي سيد ھاشم شاھھ.
سوال: سيد ھاشم شاھھ جي وفات وقت لطيف سائين جي
عمر ڪيتري ھئي؟
جواب: ارڙھن سال.
سوال: شاھھ لطيف بلا شاھھ کان ڪيترا سال پوءِ
ڄائو؟
جواب: نو سال.
سوال: لطيف
سرڪار بلا شاھھ کان ڪيترا سال اڳ وفات ڪئي؟
جواب: پنج سال اڳ.
سوال: عمر ۾ بلا شاھھ وڏو ھويا شاھھ عبداللطيف؟
جواب: بُلا شاھھ.
سوال: فرينڪلن بنجمين جي ڄمڻ وقت شاھھ سائين
ڪيترن سالن جو ھو؟
جواب: سترنھن سالن جو.
سوال: آسٽريا جي موسيقار موزارٽ جي ڄمڻ کان شاھھ
سائين ڪيترا سال اڳ ھي فاني جھان ڇڏيو؟
جواب: چار سال اڳ.
سوال: عظيم
شاعر، ڊراما نگار، ناول نويس، جرمن سائنسدان گوئٽي
جي ڄمڻ وقت شاھھ سائين جي عمر ڪيتري ھئي؟
جواب: سٺ سال.
سوال: لنڊن جي مشھور شاعر ملٽن جي وفات کان ڪيترا
سال پوءِ شاھھ سائين جو جنم ٿيو؟
جواب: پندرنھن سال پوءِ.
سوال: جرمنيءَ جي موسيقار باچ کان شاھھ سائين
ڪيترا سال پوءِ ڄائو؟
جواب: چار سال پوءِ.
سوال: امير محمود جي وفات وقت شاھھ صاحب ڪيترن
سالن جو ھو؟
جواب: پنجٽيھن سالن جو.
سوال: جرمنيءَ جي موسيقار باچ کان شاھھ سائين
ڪيترا سال اڳ وفات ڪئي؟
جواب: ٻھ سال اڳ.
سوال: مرزا اسد الله غالب جي جنم کان ڪيترا سال
اڳ شاھھ سائين ھي جھان ڇڏيو؟
جواب: چوئيتاليھھ – پنجيتاليھھ سال اڳ.
سوال: لطيف سرڪار جي وفات کان ڪيترا سال پوءِ
برقيات جي مؤجد فيريڊيءَ جو جنم ٿيو؟
جواب: اوڻيتاليھھ سال پوءِ.
|