شاھھ جي
شاعري
سرن، بيتن ۽وائين بابت ڄاڻ
سوال: ڪتاب عڪس لطيف ۾ شاھھ سائين جي ڪھڙن سرن جو
اردو ترجمو ڏنل آھي؟
جواب: فقط ھڪ سر ڪلياڻ جو.
سوال: آغا تاج محمد سر ڪلياڻ جي ڪيترن بيتن جو
اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو ھو؟
جواب: ستھتر بيتن جو.
سوال: غلام محمد شاھواڻي ۽ محمد بخش واصف جو لکيل
سر سامونڊي ڇاپو ٻيو ڪڏھن شايع ٿيو؟
جواب: ھي
ڪتاب
1966ع
۾، آر ايڇ احمد پبلشر پاران ڇپيو.
سوال: شاھھ صاحب جي سر ڏھر تي ديوان مان سنگھھ
ڪھڙوڪتاب ڇپرايو؟
جواب: جيون ماٿر.
سوال: ڀٽ شاھھ ثقافتي مرڪز ڪميٽيءَ
1972ع ۾ شاھھ سائين جي ڪھڙي سر بابت ڪتاب شايع ڪرايو؟
جواب: سر کنڀات ھڪ مطالعو.
سوال: سر ڪيڏاري ۾ شاھھ سائين ڪيترن بيتن ۾ قرآني
آيتون استعمال ڪيون آھن؟
جواب: پنجن بيتن ۾.
سوال: شاھھ جي بيتن جو براھوي زبان ۾ ترجمو
1986ع ۾ ڪنھن ڪيو؟
جواب: عبدالقيوم بروھيءَ.
سوال: سر ليلا چنيسر جا ڪيترا بيت شيخ اياز، اردو
ترجمي سان شاھھ جي رسالي ۾ ترتيب ڏنا؟
جواب: سورنھن بيت.
سوال: شاھھ سائين نار جي وھڪري جو ذڪر ڪھڙي سر ۾
ڪيو آھي؟
جواب: سر ڏھر ۾.
سوال: شاھھ سائين گنگا نديءَ جي وھڪري جو ذڪر
ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟
جواب: سر بلاول ۾.
سوال:
1984ع
۾ شاھھ سائين جي ڪھڙي سر تي ڀٽ شاھھ ادبي ڪانفرنس
۾ مضمون ۽ مقالا پڙھيا ويا؟
جواب: سر ليلا چنيسر.
سوال: شاھھ سائين جي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل لفظ
”جنگ“ جي معنيٰ ڇا آھي؟
جواب: بھادر.
سوال: شاھھ سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ گھوڙي لاءِ
ڪھڙو لفظ استعمال ڪيو آھي؟
جواب: اولاق – ڪيڪان.
سوال: شاھھ
سائين جي شاعريءَ ۾ آيل لفظ ”اولاق“
ڪھڙيءَ ٻوليءَ جو لفظ آھي؟
جواب: ترڪي ٻوليءَ جو.
سوال: قاضي فقير محمد قانع واري شاھھ جي رسالي ۾
ڪل ڪيتريون وايون آھن؟
جواب: ٻھ سئو پنجونجاھھ وايون.
سوال: حڪيم
فتح محمد سيوھاڻيءَ جي لکيل اسلامي چوٿين ڪتاب ۾،
شاھھ سائين جا ڪيترا بيت ڏنل آھن؟
جواب: پنجيتاليھھ بيت.
سوال: ”اسلامي چوٿون ڪتاب“ جو ٻيو ڇاپو ڪڏھن شايع
ٿيو؟
جواب: سال
1935ع
۾.
سوال:
1863ع
۾ گولڊ اسمٿ شاھھ لطيف جي ڪھڙي قصي جا بيت ڇپرايا؟
جواب: سسئي پنھونءَ جا.
سوال: جنات عدن جو ذڪر شاھھ سائين ڪھڙن ٻن سرن ۾
ڪيو آھي؟
جواب: سر سورٺ ۽ رام ڪليءَ ۾.
سوال: شاھھ سائين جي
249
ھين عرس واري موقعي تي ڪھڙي سر
تي مقالا پڙھيا ويا؟
جواب: سر کاھوڙي تي.
سوال: شاھھ سائين وانگر پنجاب جي ڪھڙي شاعر جو
محبوب سر سسئي ھو؟
جواب: خواجھ غلام فريد جو.
سوال: لطيف
سائينءَ لاڙ تان ڀيرو ڪرڻ وقت ڪھڙا سر جوڙيا؟
جواب: سر گھاتو، سر ڪاموڏ، سر سامونڊي، سر سسئي،
سر معذوري، سر ديسي، سر ڪوھياري، سر حسيني.
سوال: ايم مجيب ڪھڙي ڪتاب ۾ شاھھ لطيف ۽ سورٺ جو
ذڪر ڪيو آھي؟
جواب: ڪتاب ھندستاني مسلمان.
سوال: نياز ھمايونءَ شاھھ صاحب جي ڪيترن بيتن جو
فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو؟
جواب: ستھتر بيتن جو.
سوال: ميمڻ عبدالغفور جو لکيل ڪتاب شرح سر ڏھر
ڪڏھن شايع ٿيو؟
جواب:
1978ع
۾.
سوال: علي خان ابڙي شاھھ لطيف جي ڪھڙي سر تي ڪتاب
لکيو؟
جواب: سر سامونڊيءَ تي.
سوال: ھنديءَ ۾ عمر مارئي ڊرامو ڪنھن لکيو؟
جواب: گورڌن ڀارتيءَ.
سوال: ڊاڪٽر اياز قادريءَ جي تحقيق مطابق شاھھ
سائين جي ڪھڙن سرن ۾ مجازي شعر چيل آھي؟
جواب: سر کنڀات، پورب، رپ ۽ سر آسا ۾.
سوال: وائي: تن تڪئا ڇڏا، جي ايھي وره وڌائيا
ڪھڙي سر جي آھي؟
جواب: سر رام ڪليءَ جي.
سوال: ڪھڙي سر ۾ لطيف سائينءَ سلوار واري اڳٺ جو
ذڪر ڪيو آھي؟
جواب: سر ديسيءَ ۾.
سوال: سيد سليمان شاھھ کي ڪھڙا راڳ پسند ھئا،
جيڪي شاھھ لطيف جي رسالي جا سر آھن ۽ راڳ بھ آھن؟
جواب: ڪوھياري ۽ راڻو.
سوال: باگوجي واري شاھھ جي رسالي ۾ آخري ڪھڙو بيت
ترتيب ڏنل آھي؟
جواب: پائي پاند ڳچيءَ، ڪر نت نيازي،
اڳـيــان احـمــد جــي آڻـــج آزي.
سوال: شاھھ صاحب جي شاعريءَ ۾ آيل لفظ آرڻ جي
معنيٰ ڇا اھي؟
جواب: جنگ جو ميدان.
سوال: شاھھ صاحب جي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل لفظ
’آڪو‘ جي معنيٰ ڇا آھي؟
جواب: ڪچو گھڙو يا ڪچو دلو.
سوال: شاھھ صاحب پنھنجي شاعريءَ ۾ اک جي ڦلي لاءِ
ڪھڙو لفظ استعمال ڪيو آھي؟
جواب: موريسر.
سوال: شاھھ
صاحب ٿر ۾ ٿيندڙ گاھھ واري ميدان لاءِ ڪھڙو لفظ
پنھنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيو آھي؟
جواب: لفظ ويءُ.
سوال: ”خوني ڊرامي“ ۾ سڀ کان پھريائين شاھھ صاحب
جا بيت ڪھڙي شخصيت استعمال ڪيا؟
جواب: احمد ڇاڳلا.
سوال: ھفتيوار ”سنڌو“ ۾ شايع ٿيل مضمون سر ماروي
ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: ابن الياس سومري جو.
سوال:
1989ع
۾ شاھھ جي ڪيترن سرن جا بيت چونڊ ڪري ”شاھھ جو
رسالو“ شايع ڪيو ويو؟
جواب: ٽن سرن جا بيت.
سوال: فقير ابوبڪر واري شاھھ جي قلمي نسخي ۾
ڪيتريون وايون ڏنل آھن؟
جواب: ايڪٽيھھ وايون.
سوال: فقير ابوبڪر واري شاھھ جي قلمي نسخي ۾ ڪل
ڪيترا بيت آھن؟
جواب: چار سئو سترنھن بيت.
سوال: ھڪ سئو تيرنھن وايون ڪھڙي شاھھ جي قلمي
نسخي ۾ ڏنل آھن؟
جواب: مرحوم
مير علي محمد خان ٽالپر واري قلمي نسخي ۾.
سوال: ارڙھن سئو بيت ۽ ڇوويھھ وايون ڪھڙي شاھھ جي
قلمي نسخي ۾ ڏنل آھن؟
جواب: مرحوم
ميان عبدالڪريم طيب ٺٽويءَ واري قلمي نسخي ۾.
سوال: ڪھڙي ڪاتب شاھھ جي قلمي نسخي ۾ سر مومل
راڻو جا ڪل پندرنھن بيت ترتيب ڏنا؟
جواب: فقير ابوبڪر.
سوال: ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب بي. اي جي
پڙھائيءَ دوران، شاھھ سائينءَ جو ڪھڙو سر صبح جو
سوير روزانو پڙھندو ھو؟
جواب: سر مارئي.
سوال:
درشھوار سيد شاھھ جي رسالي جا ڪھڙا سر ترجما ڪيا؟
جواب: سر ڪلياڻ، سر يمن ڪلياڻ ۽ سر کنڀات.
سوال: قاضي محمد قانع شاھھ جي رسالي جو اٺون سر
ڪھڙو ترتيب ڏنو؟
جواب: سر ڪيڏارو.
سوال: ’نھائينءَ کان نينھن سک منھنجا سپرين‘ ھن
سٽ ۾ اختر ھالائي جي تحقيق مطابق ’نھائينءَ‘ جي
معنيٰ ڇا ٿيندي؟
جواب: ڪنڀارن جي آوي.
سوال: بيت مڪمل ڪيو؟
پرچي ويٺو پاڻ تڏھن مرڪن مڇي واريون؟
جواب: مڪمل بيت:
تــڙ تــمــاچــي آيــو، وري ٿــي وراڻ،
ڪينجھر ٻنھي ڪنڌئين، ھئي رات ڏينھن رھاڻ،
پرچي ويٺو پاڻ تڏھن مرڪن مڇي واريون.
سوال: شاھھ
جي ھيءَ وائي ڪيترين سٽن تي مشتمل آھي؟
وائي: پکا پنھوار ڪنڌئين، آءُ ئي سندن سڃاڻان.
جواب: نون سٽن تي مشتمل آھي.
سوال: شاھھ جي وائي:
’واري آڻ، واري آڻ، ڪوھيارو ڀنڀور ۾.‘
ڪيترين سٽن تي مشتمل آھي؟
جواب: پنجن سٽن تي.
سوال: فضل رحيم سومري شاھھ سائين جي ڪيترن سرن جو
عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو؟
جواب: پنجن سرن جو.
سوال:
1980ع
۾ فضل رحيم سومري شاھھ سائين جي ڪيترن بيتن جو
عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو؟
جواب: ھڪ سئو ٻٽيھھ بيتن جو.
سوال: سر پورب کي عربيءَ ۾ ڪھڙو نالو ڏنو ويو
آھي؟
جواب: لحن الشرق.
سوال: ڪتاب ھٻڪار جي شروع ۾ شاھھ سائين جو ڪھڙو
بيت ڏنل آھي؟
جواب: بيت: سـامــونـڊي آئـيـا، ھـر ھـنـڌ ٿي
ھٻڪار،
احسان ڪري اپار، اجھي اڄ عيان ٿيا.
سوال: ڪتاب ”ڀيڄ ڀٽائي نئون روپ نئون سينگار“ ۾
شاھھ سائين جي ڪيترن سرن جو فلسفو بيان ڪيو ويو
آھي؟
جواب: پنجن سرن جو.
سوال: سسي نيزي پاند، ھن عنوان سان ڊاڪٽر بشير
شاد، شاھھ سائين جي ڪھڙي سر جون روحاني رمزون ۽
سچي سالڪ جا پار پتا بيان ڪيا آھن؟
جواب: سر يمن ڪلياڻ.
سوال: ”ڀينر
آءُ ڀلياس“ ھن عنوان سان ڊاڪٽر بشير شاد شاھھ
سائين جي ڪھڙن سرن جي بيتن جي تشريح ڪئي؟
جواب: سر آبري، سر معذوري، سر ديسي، سر ڪوھياري ۽
سر حسيني.
سوال: ڊاڪٽر بشير شاد سر سورٺ ڪھڙي عنوان سان
ترتيب ڏئي، ان جون روحاني رمزون ڪتاب ’عرفان لطيف‘
۾ بيان ڪيون؟
جواب: عنوان ’جھونا ڳڙھھ جھرندو‘.
سوال: ڊاڪٽر بشير شاد سر ڏھر، ڪھڙي عنوان سان
’عرفان لطيف‘ ۾ ترتيب ڏنو؟
جواب: عنوان: ’توجا ڀائين اڇ‘
سوال: ڊاڪٽر بشير احمد شاد ’عرفان لطيف‘ جي
پھرئين ڇاپي ۾، شاھھ سائين جي ڪيترن سرن جي فڪر
بابت روحاني خيال سان سمجھاڻي ڏني؟
جواب: اٺاويھن سرن جي فڪر بابت.
سوال: ڊاڪٽر بشير احمد شاد، عرفان لطيف جي ٽئين
ڇاپي ۾، شاھھ سائين جي ڪيترن سرن جي فڪر بابت
روحاني خيال سان سمجھاڻي ڏني؟
جواب: ٽيھن سرن بابت.
سوال: ڄيٺمل پرسرام جو لکيل ڪتاب ”شاھھ جون
آکاڻيون“ ڪنھن نئين سر ترتيب ڏئي
1985ع
۾ شايع ڪرايو؟
جواب: مشتاق مسرور باريچي.
سوال: ”اسين
تئان آھيون، جتي کھنبو ناھھ.“ ھن سٽ ۾ ’کھنبو‘ لفظ
معنيٰ ڳاڙھو رنگ، توھان اھو ٻڌايو تھ ھن سٽ ۾
’کھنبو‘ ڇا جي باري ۾ تشبيھھ طور ڪمل آيل آھي؟
جواب: نفس جي باري ۾.
سوال: شاھھ سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ ٻڪريءَ جي
ڦوڪيل کل لاءِ ڪھڙو لفظ استعمال ڪيو اھي؟
جواب: سيڻاھھ.
سوال: سر پرڀاتيءَ کي عربيءَ ۾ ڇا چئبو آھي؟
جواب: لحن وقت السحر.
سوال: سر ڪارايل جو عربيءَ ۾ نالو ٻڌايو؟
جواب: لحن الوز.
سوال: سالياني مخزن ”ھڳاءُ“
1987ع
واري پرچي ۾، مضمون سر سارنگ ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: گل حسن لغاريءَ جو.
سوال: لاکيڻي لطيف پنھنجي شاعريءَ ۾ سون جي
سوداگر لاءِ ڪھڙو لفظ استعمال ڪيو آھي؟
جواب: ھيم ھيڙائو.
سوال: شاھھ صاحب وارياسي سفر جو ذڪر ڪھڙي سر ۾
ڪيو آھي؟
جواب: سر سارنگ ۾.
سوال: شاھ ديھھ لوتڪي يا لوتڙي جو ذڪر ڪھڙي سر ۾
ڪيو آھي؟
جواب: سر سارنگ ۾.
سوال: لطيف سائين جو بيت مڪمل ڪيو؟
امل اساري پئي، ڀوري ڀڳئي جان.
جواب: مڪمل بيت:
امل اساري پئي، ڀوري ڀڳئي جان،
ٻئي اڌ ھٿ ڪري، سري صرافن وان،
تھ سو تنھني تئان، سڄو
ڪرائين سيگھھ مان.
سوال: شاھھ سائين جي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل لفظ
”ديون“ جي معنيٰ ٻڌايو؟
جواب: دٻدٻو.
سوال: کائڻ واري سوپاريءَ جو ذڪر شاھھ سائينءَ
ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟
جواب: سر مومل راڻو ۾.
سوال: شاھھ
سائين معراج جو ذڪر ڪھڙن سرن ۾ ڪيو آھي؟
جواب: سر کنڀات، سر سورٺ ۽ سر بلاول ۾.
سوال: شاھھ سائين پنھنجي رسالي ۾ ڪيترين زبانن جا
لفظ استعمال ڪيا آھن؟
جواب: ڇھن زبانن جا. سنڌي، ھندي، سرائڪي، عربي،
پارسي ۽ بلوچي.
سوال: شاھھ عبداللطيف ڀٽائي نفس اماره کي ڇا سان
تشبيھھ ڏني آھي؟
جواب: اٺ (جانور) سان.
سوال: شاھھ
سائين جو ھي بيت ڪيترين سٽن تي مشمل آھي؟
بيت: فڪر ۾ فنا ٿي، ھئڻ ھاريائون.
جواب: ستن سٽن تي مشتمل آھي.
سوال: بيت مڪمل ڪيو؟
اٿيو روزو رسول ' کي، سانگي ڪن سوال؟
جواب: جھـڻ پـيـن جـھـنگل رھن، مارو ڪاھن مال،
اٿيو روز رسول ' کي، سانگي ڪن سوال،
ھھڙا جنين حال، تن سين سڱ ڪرين ٿو سومرا.
سوال: شاھھ سائين جي ڪافي، ’منھنجا ڪيچي قول ڪري
ويا‘ ڪيترين سٽن تي مشتمل آھي؟
جواب: پنجن سٽن تي.
سوال: ڪڇ واي گنج شريف ۾ ڪيترا سر آھن؟
جواب: ڇٽيھھ سر.
سوال: شاھھ سائين جي رزميھ شعر ۾ ڇا جو ذڪر ھوندو
آھي؟
جواب: لڙاين، بھادرن جي عجيب داستانن ۽ قربانين
جو.
سوال: شاھھ سائين جو بيت مڪمل ڪيو.
اپاڙي جي ان جو مٿي تي موڙيون
جواب: مڪمل بيت:
گند جنين جي گوڏ ۾، ڪلھن تي
ڪوڻيون،
اپاڙي جي ان جون، مٿي تي موڙيون،
اچن سنڀوڙيون، سمي جي سلام تي.
سوال: شاھھ سائين جي بيت جي سٽ
”لالائي جو لطيف چئي، پرھھ نھاريا پي“
ھي سٽ ڪھڙي سر جي آھي؟
جواب: سر ديسيءَ جي.
سوال: شاھھ
سائين جو ھي بيت ڪيترن سٽن تي مشتمل آھي؟
سٽ: لڪن مان لطيف چئي، نميو ڪري نھار.
جواب: پنجن سٽن تي.
سوال: شاھھ صاحب جو بيت:
کنيو قرآن ڪڇ ۾ ٿا رليا رلائين، مڪمل ڪريو؟
جواب: ملان ملان م چئو، اھي آھيڙي آھين،
مرونءَ سندي ماھھ تي، ٿـا ماڻـڪ مٽـائــيـن،
کـنـيـو قـرآن ڪـڇ ۾، ٿـا رلـيـا رلائـين،
انھن تي آھين، لعنتون لطيف چئي.
سوال: شاھھ سائين جي شاعريءَ ۾ اڇي رنگ جو ذڪر
اٽڪل ڪيترا دفعا ملي ٿو؟
جواب: اٽڪل سترنھن دفعا.
سوال: ڀٽ ڌڻيءَ سائي رنگ لاءِ فارسيءَ جو لفظ
سبزا، ڪھڙي سر ۾ استعمال ڪيو آھي؟
جواب: سر سارنگ ۾.
سوال: شاھھ سائين جي ڪيترن بيتن ۾ ڳاڙھو رنگ،
اھڃاڻ طور استعمال ٿيل آھي؟
جواب: اٽڪل نوي بيتن ۾.
سوال: شاھھ سائين سر مارئي ۾ ڪيترن گاھن جو ذڪر
ڪيو آھي؟
جواب: اٺن گاھن جي قسمن جو (آراڙي، چيھو، ڊامڻ،
سائون، ڳنڍير، للر، لنب، مکڻي)
سوال: سر مارئي ۾ شاھھ عبداللطيف ڪھڙن ٻوٽن جو
ذڪر ڪيو آھي؟
جواب: لاڻي،
ڦوڳ، اڪ، کوٽونبا، ڪانڊيرو، گلاب، للر، وونئنڻ.
سوال: سر کنڀات ۾ شاھھ سائين ڪھڙن گاھن جو ذڪر
ڪيو آھي؟
جواب: لاڻي ۽ ڪپور جو.
سوال: حضرت شاھھ عبداللطيف ڀٽائي سر ڏھر ۾ ڪيترن
وڻن جو ذڪر ڪيو آھي؟
جواب: ٻن وڻن جو (ڪنڊي ۽ ڏاڙھون)
سوال: شاھھ سائين نار جي وھڪري جو ذڪر ڪھڙي سر ۾
ڪيو آھي؟
جواب: سر ڏھر ۾.
سوال: سر سارنگ ۾ شاھھ سائين ڪھڙين ڀاڄين جو ذڪر ڪيو آھي؟
جواب: ميھا، چڀڙ، ڦنگيون (کنڀيون).
|