جواب: لطيف ساڃاھھ پبليڪيشن، لاڙڪاڻو.
سوال: ڪتاب ”اوجاڳي اجاريا“ ڪڏھن شايع ٿيو؟
جواب: پھريون ڇاپو ڊسمبر
2000ع
۾.
سوال: ڪتاب ”اوجاڳي اجاريا“ مصنف ڪنھن کي ارپيو آھي؟
جواب: گھنور خان ۽ وزير حسين سوڍر کي.
سوال: شاھھ لطيف جي مقالن تي مبني ڪتاب ”اوجاڳي اجاريا“جو مقدمو شاھنواز سوڍر
ڪھڙيءَ تاريخ تي لکيو؟
جواب: ٻھ ڊسمبر
2000ع
تي.
سوال: ڪتاب ”اوجاڳي اجاريا“ ۾ شاھھ سائين متعلق
ڪيترا مقالا ترتيب ڏنل آھن؟
جواب: ٻاويھھ مقالا.
سوال: ڪتاب ”اوجاڳي اجاريا“ ڪيترن صفحن تي مشتمل آھي؟
جواب: ٻھ سئو ٽياسي صفحن تي.
سوال: ”شاھھ لطيف تي تحقيق“ ڪتاب ڪنھن سھيڙيو؟
جواب: ڊاڪٽر درشھوار سيد.
سوال: ڪتاب ”شاھھ لطيف تي تحقيق“ ڪڏھن شايع ٿيو؟
جواب: جولاءِ
1995ع
۾.
سوال: ڪتاب ”شاھھ لطيف تي تحقيق“ جو پيش لفظ ۽
مھاڳ ڪنھن ۽ ڪڏھن لکيو؟
جواب: درشھوار سيد، اٺ جولاءِ
1995ع
تي.
سوال: ڪتاب ”شاھھ لطيف تي تحقيق“۾ گھڻا مقالا ڏنل آھن؟
جواب: اٺ.
سوال: ڪتاب ”شاھھ لطيف تي تحقيق“ڪيترن صفحن تي
مشتمل آھي.
جواب: ھڪ سئو چوئيتاليھھ صفحن تي.
سوال: ڪتاب ”ڪوڙين ڪن سلام“ شاھھ سائين جي ڪھڙي عرس مبارڪ جي موقعي تي شايع ڪيو
ويو؟
جواب: ٻھ سئو اٺونجاھين عرس جي موقعي تي.
سوال: ڪتاب ”ڪوڙين ڪن سلام“ ڪنھن جي نگراني ۾
شايع ٿيو؟
جواب: شھناز ايس حامد جي نگراني ۾.
سوال: ڪتاب ”ڪوڙين ڪن سلام“ جي ايڊيٽر جو نالو ٻڌايو؟
جواب: شھناز قريشي ۽ آفتاب ابڙو.
سوال: مھراڻ اڪيڊمي
2005ع
تائين شاھھ عبداللطيف ڀٽائي جي سوانح ۽شعر بابت
ڪيترا ڪتاب شايع ڪيا؟
جواب: اوڻيھھ ڪتاب.
سوال: ڪتاب ”تحقيقات لطيف“ ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: ڊاڪٽر نواز علي شوق جو.
سوال: ڪتاب ”تحقيقات لطيف“ ڪڏھن شايع ٿيو؟
جواب: جنوري
2005ع
۾.
سوال: مھراڻ اڪيڊمي شاھھ سائين بابت ڪتاب نمبر ٻھ
سئو ڇھھ ڪھڙي نالي سان شايع ڪيو؟
جواب: تحقيقات لطيف.
سوال: ڪتاب ”تحقيقات لطيف“ ۾ ڪيترا چونڊ مقالا
ترتيب ڏنل آھن؟
جواب: ايڪيھھ مقالا.
سوال: ڪتاب ”ڪشف الابيات“ جي سھڙيندڙ جو نالو ٻڌايو؟
جواب: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو.
سوال: ڪتاب ”ڪشف الابيات“ ڪڏھن شايع ٿيو؟
جواب: سيپٽمبر
1995ع
۾.
سوال: ڪتاب ”شاھھ عبداللطيف ڀٽائي ھڪ مطالعو“ جو
پيش لفظ ڪنھن لکيو؟
جواب: پروفيسر محمد سليم ميمڻ.
سوال: ڪتاب ”احوال شاھھ عبداللطيف ڀٽائي“ جو ٽيون ڇاپو
1910ع
۾ ڪھڙي پريس مان ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو؟
جواب: وڪٽوريھ پريس سکر مان.
سوال: شاھھ عبداللطيف ڀٽائي متعلق لکيل ڪتاب ”تحفھ غريب“ ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: مرزا قليچ بيگ جو.
سوال: ڊاڪٽر درشھوار سيد پنھنجي دور ۾ ڀٽائي چيئر مان شاھھ لطيف جي فن ۽ فڪر،
موسيقيءَ تي مقالن جا ڪيترا ڪتاب شايع ڪرايا؟
جواب: ست ڪتاب.
سوال: ڪتاب ”شاھھ لطيف ڀٽائي ھڪ مطالعو“ ڀٽائي
چيئر لاءِ ڪنھن سھيڙيو؟
جواب: آزاد قاضيءَ.
سوال:
Social Content in Shah Jo Risalo
ڪڏھن شايع ٿيو؟
جواب: سيپٽمبر
1998ع
۾.
سوال: ڪتاب ”ڇپر جي ڇولي“ شاھھ سائين جي ڪھڙيءَ سورميءَ جي حوالي سان لفظن جي
معنيٰ ڏنل آھي؟
جواب: سسئي جي حوالي سان.
سوال: ڪتاب ”ڇپر جي ڇولي“ ڪڏھن شايع ٿيو؟
جواب: جون
1999ع
۾.
سوال: ڪتاب ”ڇپر جي ڇولي“ جو مھاڳ ڪنھن لکيو؟
جواب: ڊاڪٽر فھميده حسين.
سوال: ڪتاب
The book of Shah Abdul Latif
ڪنھن لکيو؟
جواب: پروفيسر جرڊ ليڪي.
سوال: ڪتاب ”دي بڪ آف شاھھ عبدالليف“ جرڊ لپڪيءَ
ڪھڙي ٻوليءَ ۾ لکيو؟
جواب: جرمن ٻوليءَ ۾.
سوال: شاھھ صاحب جي ٻھ سئو ستٽيھين عرس مبارڪ جي
موقعي تي محڪمھ اطلاعات کاتي اردوءَ ۾ ڪھڙو ڪتاب
شايع ڪيو؟
جواب: ڪتاب ”شاھھ عبداللطيف ڀٽائي احوال و
افڪار.“
سوال: اردو ڪتاب ”شاھھ عبداللطيف ڀٽائي احوال و
افڪار“ جو پيش لفظ ڪنھن لکيو؟
جواب: احمد مقصود حميدي، ٻارنھن سيپٽمبر
1981ع
۾.
سوال: سنڌ اطلاعات کاتي شاھھ صاحب جي ٻھ سئو
اٺٽيھين عرس مبارڪ جي موقعي تي، ڪھڙو ڪتاب شايع
ڪيو؟
جواب: ڪتاب ”نذر لطيف“.
سوال: ممتاز مرزا واري اردو ڪتاب ”فڪر لطيف“ ۾
ڪيترا مقالا ترتيب ڏنل آھن؟
جواب: ڏھھ مقالا
سوال: قيصر نيازيءَ جو ڪھڙو مقالو اردو ڪتاب ”فڪر
لطيف“ ۾ شايع ٿيو؟
جواب: مقالو ”شاھھ عبداللطيف ڀٽائي اور ان ڪي
شاعري“
سوال: ڪتاب ”فڪر لطيف“ ۾ اسماعيل سيٺيءَ جو ڪھڙو
مقالو شايع ٿيو؟
جواب: مقالو ”شاھھ عبداللطيف ڀٽائي.“
سوال: محڪمھ اطلاعات جي ڪتاب ”عرفان لطيف“ ۾
نذرانھ عقيدت ڪنھن لکي؟
جواب: سيد بشير حسن.
سوال: ڪتاب ”شاھھ عبداللطيف ڀٽائي دنيا جو بي
مثال شاعر“ جو مھاڳ ڪنھن ۽ ڪھڙي تاريخ تي لکيو؟
جواب: عبدالغفار سومري پھرين سيپٽمبر
1993ع
تي.
سوال: ڪتاب ”شاھھ عبداللطيف ڀٽائي دنيا جو بي
مثال شاعر“ ڪڏھن ڇپيو؟
جواب:
1993ع
تي.
سوال: ڪتاب ”گوھر لطيف“ ڪڏھن شايع ٿيو؟
جواب: آڪٽوبر
1986ع
۾.
سوال: شاھھ سائين جي ٻھ سئو پنجويھھ عرس جي موقعي تي سنڌ اطلاعات کاتي ڪھڙو ڪتاب
شايع ڪرايو؟
جواب: ڪتاب ”لطيفي تحريڪ“.
سوال: ڪتاب ”لطيفي تحريڪ“ ڪڏھن شايع ٿيو؟
جواب: فيبروري
1977ع
۾.
سوال: ڪتاب ”عرفان لطيف“ مصنف بشير شاد جو ٽيون
ڇاپو ڪڏھن شايع ٿيو؟
جواب:
1998ع
۾.
سوال: ڪتاب ”عرفان لطيف“ مصنف بشير احمد شاد،
انتساب ڪنھن جي نالي آھي؟
جواب: ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جي نالي.
سوال: ڪتاب عرفان لطيف جا ٻھ اکر ڊاڪٽر بشير احمد
شاد ڪھڙي تاريخ تي لکيا؟
جواب: ايڪٽيھھ مارچ تي.
سوال: مصنف محمد خان غنيءَ جو ”عرفان لطيف“، ڪتاب
محڪمھ اطلاعات ڪڏھن شايع ڪرايو؟
جواب:
1966ع
۾.
سوال: محمد خان غنيءَ جو لکيل ڪتاب ”عرفان لطيف“
ڪيترن حصن تي مشتمل آھي؟
جواب: ٻن حصن تي.
سوال: محمد خان غنيءَ وارو ڪتاب ”عرفان لطيف“ ڪيترن صفحن تي مشتمل آھي؟
جواب: ٽياسي صفحن تي مشتمل آھي.
سوال: ڪتاب ”ھٻڪار“ ۾ شاھھ سائين متعلق ڪيترا
مضمون ڏنل آھن؟
جواب: ڇھھ مضمون.
سوال: شاھھ سائين جي مضمونن تي لکيل ڪتاب ”ھٻڪار“ ڪڏھن شايع ٿيو؟
جواب:
1959ع
۾.
سوال: ڪتاب ”ھٻڪار“ جي شروع ۾ شاھھ سائين جو ڪھڙو
بيت ڏنل آھي؟
جواب: بيت: سـامـونـڊي آئـيـا، ھـر ھـنـڌ ٿـي
ھـٻـڪار،
احسان ڪري اپار، اجھي اڄ عيان ٿيا.
سوال: ايم اي عالماڻي جو لکيل ڪتاب ”ڀيڄ ڀٽائي نئون روپ نئون سينگار“ ڪيترن صفحن
تي مشتمل آھي؟
جواب: ھڪ سئو اٺٽيھھ صفحن تي.
سوال: ڪتاب ”ڀيڄ ڀٽائي نئون روپ نئون سينگار“
شاھھ سائين جي ڪھڙن سرن جو نئون روپ ۽ فلسفو بيان
ڪيل آھي؟
جواب: ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، کنڀات، سورٺ ۽ سر آسا جو.
سوال: ڪتاب ”ڀيڄ ڀٽائي نئون روپ نئون سينگار“ ۾
سر کنڀات جو نئون روپ ڪھڙي عنوان سان ڏنل آھي؟
جواب: پرواز خيالات.
سوال: ڪتاب ”شاھھ عبداللطيف ڀٽائي دنيا جو بيمثال
شاعر“ جو ديباچو ڪنھن ۽ ڪڏھن لکيو؟
جواب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (وزير تعليم) چوڏھن
آگسٽ
1993ع
تي.
سوال: ممتاز مراز جو اردو ۾ ترتيب ڏنل ڪتاب ”فڪر
لطيف“ شاھھ سائين جي ڪھڙي عرس مبارڪ جي موقعي تي
شايع ٿيو؟
جواب: ٻھ سئو ستيتاليھين عرس مبارڪ جي موقعي تي.
سوال: ممتاز مرزا جو اردو ۾ ترتيب ڏنل ڪتاب ”فڪر
لطيف“ ڪڏھن شايع ٿيو؟
جواب:
1991ع
۾.
سوال: اطلاعات کاتي وارن شاھھ سائينءَ جي ٻھ سئو
ايڪيتاليھھ ورسيءَ تي ڪھڙو ڪتاب شايع ڪيو؟
جواب: پيغام لطيف.
سوال: شاھھ عبداللطيف يادگار ڪميٽيءَ شاھھ صاحب جي ٻھ سئو سالھ ورسيءَ جي موقعي تي
ڪھڙو ڪتاب شايع ڪيو؟
جواب: ڪتاب ”ياد لطيف.“
سوال: ڪتاب ”ياد لطيف“ جو ديباچو ڪھڙيءَ تاريخ تي
۽ ڪنھن لکيو؟
جواب: ٻاويھھ آڪٽوبر
1953ع
تي نبي بخش خان بلوچ.
سوال: ”شاھنامو رسالو“ شاھھ سائين جي ڪھڙي ورسيءَ
جي موقعي تي شايع ڪيو ويو؟
جواب: ٻھ سئو اٺاويھين ورسيءَ جي موقعي تي.
سوال: اردو ڪتاب ”شاھھ عبداللطيف ڀٽائي احوال و
افڪار“ ڪڏھن شايع ٿيو؟
جواب: ڊسمبر
1981ع
۾.
سوال: ڪتاب ”دي بڪ آف شاھھ عبداللطيف“ شاھھ لطيف
چيئر ڪڏھن شايع ڪرايو؟
جواب: مئي
2000ع
۾.
سوال: ڪتاب ”زندگيءَ جو سفر رومي، شاھھ ۽ اقبال“ ڪنھن لکيو؟
جواب: عبدالغفور ڀرڳـڙيءَ.
سوال: ڪتاب شاھھ لطيف جي موسيقي ڪيترن حصن تي
مشتمل آھي؟
جواب: ٻن حصن تي.
سوال: ھي ڪتاب ڪھڙي اداري ڇپرايو آھي؟
جواب: شاھھ لطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽي.
سوال: اردو ڪتاب ”شاھھ لطيف ڪي شاعري اور فڪر“
ڪڏھن شايع ٿيو؟
جواب: ڊسمبر
1994ع
۾.
سوال: ڪتاب ”تحقيق جو طريقي ڪار“ ڀٽائي چيئر ڪڏھن
شايع ٿيو؟
جواب: جولاءِ
1995ع
۾.
سوال: ڪتاب شاھھ لطيف تي ببلو گرافي ڪنھن کي ارپيو ويو؟
جواب: صوفي شاھھ عنايت شھيد جھوڪ واري کي.
سوال: تنقيدي ڪتاب ”شاھھ جو رسالو منھنجي نظر ۾“
پھريون ڀيرو سنڌ ۾ ڪڏھن شايع ٿيو؟
جواب: فيبروري
1995ع
۾.
سوال: ڪتاب ”شاھھ جو رسالو منھنجي نظر ۾“ ڪنھن جو
لکيل آھي؟
جواب: ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ جو.
سوال: ڪتاب ”قدم ڪاپڙين جا“ جو ٻيو ڇاپو ڪڏھن
شايع ٿيو؟
جواب:
2003ع
۾.
سوال: ڪتاب ”قدم ڪاپڙين جا“ ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: فقير امداد علي سرائيءَ جو.
سوال: ڪتاب ”شاھھ جا سرمور“ ڪنھن لکيو؟
جواب: منوھر مٽلاڻي.
سوال: ڪتاب ”شاھھ جا سر مور“ سنڌ ۾ ڪھڙي اداري
شايع ڪيو ۽ ڪڏھن شايع ڪيو؟
جواب: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو،
1992ع
۾.
سوال: ڪتاب شاھھ جا سر مور ڪيترن عنوانن تي مشتمل
آھي؟
جواب: ستن عنوانن تي.
سوال: ڊاڪٽر ايس ايم جھانگياڻي شاھھ لطيف تي پي.
ايڇ. ڊي ڪڏھن ڪئي؟
جواب:
1976ع
۾.
سوال: ٿيسز ”شاھھ عبداللطيف ۽ سندس دور“ دھليءَ
مان ڪڏھن شايع ٿي؟
جواب:
1986ع
۾.
سوال: ڪتاب ”ڀٽائي تي بھتان“ ڪڏھن شايع ٿيو؟
جواب: جنوري
1998ع
۾.
سوال: مئي
1968ع
تي نئين زندگيءَ ۾ شايع ٿيل مضمون ”شاھھ جي سر
سورٺ جي ساک“ ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: تيرٿداس ھوتچند جو.
سوال: شاھھ متعلق لکيل مقالن تي مبني ڪتاب ”نرتي
تند نياز سين“ ڪڏھن شايع ڪيو ويو؟
جواب: فيبروري
1988ع
مطابق ١٤٠٨ھھ ۾.
سوال: ڪتاب ”شاھھ عبداللطيف ڀٽائي ھڪ مطالعو“ ڀٽائي چيئر ڪڏھن شايع ڪيو؟
جواب: مئي
1997ع
۾.
سوال: ڀٽائي تحقيقي جرنل شمارو پھريون ڪڏھن شايع ٿيو؟
جواب: جولاءِ
1991ع
۾
سوال: ڪتاب ”ڀٽائي تحقيقي جرنل“ پھرئين ۾ ڪيترا
مقالا ۽ مضمون ترتيب ڏنل آھن؟
جواب: يارنھن مقالا ۽ مضمون.
سوال: ڪتاب شاھھ جو شعر ڪنھن ترتيب ڏنو؟
جواب: پرسو جيارام گدواڻي.
سوال: ڊاڪٽر تنوير عباسي شاھھ لطيف جي شاعري تي
ڪھڙي نالي سان ڪتاب لکيو؟
جواب: شاھھ لطيف جي شاعري.
سوال: ڪتاب ”شاھھ لطيف جي شاعري“ پھريون ڀيرو
ڪڏھن ڇپيو؟
جواب:
1976ع
۾.
سوال: ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو ڪھڙي اداري ڇپرايو؟
جواب: شاھھ عبداللطيف ثقافتي سوسائٽي، ڪراچي.
سوال: ھن ڪتاب جو ناشر ڪير ھو؟
جواب: سيد غلام مصطفيٰ شاھھ.
سوال: ڪتاب ”شاھھ لطيف جي شاعري“ جو آخري وڌايل ۽
سنواريل ڇاپو ڪڏھن ڇپيو؟
جواب: جنوري
1995ع
۾.
سوال: ھي نئون ڇاپو ڪھڙي ادارري ڇپرائي پڌرو ڪيو؟
جواب: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.
سوال: ڪتاب ”پيغام لطيف“ ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: جي ايم سيد جو.
سوال: ھي ڪتاب ڪيترن فصلن تي مشتمل آھي؟
جواب: ٻارھن فصلن تي.
سوال: ھن ڪتاب جي پھين ڇاپي لاءِ پبلشر طور ٻھ
اکر ڪنھن لکيا؟
جواب: محمد عثمان ڏيپلائيءَ.
سوال: ڏيپلائي صاحب ھي ڪتاب ڪھڙي اداري پاران ڇپرايو؟
جواب: ”سلسلھ انسانيت“ پاران.
سوال: ھي ڪتاب شاھھ تي لکيل ٻين ڪتابن کان ڪيئن مختلف آھي؟
جواب: ھن ڪتاب ۾ پھريون ڀيرو شاھھ صاحب جو اڀياس ھڪ وطن دوست ۽ ترقي پسند شاعر طور
پيش ڪيو ويو آھي.
سوال: ڇا محترم جي ايم سيد جو شاھھ تي ٻيو بھ ڪو
ڪتاب آھي؟
جواب: ھا، شاھھ جون وايون ۽ ڪافيون.
سوال: ڪتاب شاھھ عبداللطيف ھڪ مطالعو شاھھ لطيف
چيئر لاءِ ڪنھن سھيڙيو؟
جواب: آزاد قاضي.
سوال: ڪتاب ”شاھھ عبداللطيف ڀٽائي“ ھڪ مطالعو
ڪڏھن شايع ٿيو؟
جواب: مئي
1997ع
۾.
سوال: ڪتاب شاھھ عبداللطيف ھڪ مطالعو جو مھاڳ
ڪنھن لکيو؟
جواب: ڊاڪٽر تنوير عباسي.
سوال: ”شاھھ سچل سامي“ ڪتاب سنڌ جي ڪھڙي دانشور
جو لکيل آھي؟
جواب: محمد ابراھيم جويو.
سوال: ھن ڪتاب جا ڪيترا ڇاپا ڇپجي چڪا آھن؟
جواب: ڇھھ ڇاپا.
سوال: ھن ڪتاب جا آخري ٻھ ڇاپا ڪھڙي اداي ڇپرايا؟
جواب: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.
سوال: ڪتاب ”شاھھ، سچل، سامي“ ۾ ڇا بابت مواد ڏنل آھي؟
جواب: سنڌ جي ٽن لافاني شاعرن شاھھ، سچل ۽ ساميءَ
جي دور جي سماجي تاريخ ڏنل آھي.
سوال: شاھھ جي شاعريءَ جو سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن جي تقابلي جائزي تي ڪتاب ڪنھن جو
لکيل آھي؟
جواب: ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو.
سوال: ان ڪتاب جو نالو ڇا آھي؟
جواب: لطيفي لات.
سوال: شاھھ صاحب جي سير و سفر بابت ڪھڙو ڪتاب
لکيل آھي؟
جواب: لطيفي سير.
سوال: ڪتاب ”لطيفي سير“ ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: ڀيرومل مھر چند آڏواڻيءَ جو.
سوال: ڪتاب ”شاھاڻو شاھھ“ ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: لال چند امرڏني مل جڳتياڻيءَ جو.
سوال: شاھھ لطيف تي انب گوپانگ جو ڪھڙو ڪتاب شاھھ
لطيف چيئر
1999ع
۾ شايع ڪرايو؟
جواب: ڇپر جي ڇانو.
سوال: لطيف
سائينءَ جي ڪھڙي شارح جي خواھش ھئي تھ لطيف سائين
جي ڪلام تي ڪتاب ”لطيفي ٻوليءَ“ ۾ شايع ڪرايان مگر
سندس اھا خواھش پوري نھ ٿي؟
جواب: سيد نجف علي شاھھ ڪمتر نقوي جي. |