شاھھ جا ھمعصر ۽ بزرگ
سوال: شاھھ سائين جي ڪھڙي ھمعصر فرمايو تھ، ”مومن
جي نشاني آھي تھ، الله تعاليٰ کان سواءِ ڪنھن جن ۽
بشر کان نھ ڊڄي“؟
جواب: خواجھ محمد زمان لنواريءَ واري.
سوال: شاھھ سائين جي ڪھڙي ھمعصر ڪتاب ”مقولات
تصوف“ لکيو؟
جواب: خواجھ محمد زمان لنواريءَ واري.
سوال: شاھھ
سائين جي ڪھڙي ھمعصر فرمايو تھ، مومن جي نشاني آھي
تھ، الله تعاليٰ کان سواءِ ڪنھن جن ۽ بشر کان نھ
ڊڄي؟
جواب: خواجھ محمد زمان لنواريءَ واري.
سوال: خواجھ محمد زمان زندگيءَ جي آخري ڏينھن ۾
ڪھڙو بيت ورجائيندو ھو.
جواب: بيت: اوڏڻ اوڏي آءُ، توکي لاکي ڪوٺيو،
لـھـي تـو مـٿـاءُ، سـنـدو مـٽـيءَ مـامـرو.
سوال: ھي بيت شاھھ سائين جي ڪھڙي ھمعصر جو آھي؟
بيت: صنم سوئي ڀانءِ، جو دل رھائي دوست کان،
ٿـئـا سـڀـئـي ٿـانءِ، جـي ھـمـيـشـھ حـضـور ۾.
جواب: خواجھ محمد زمان لنواري واري جو.
سوال: ھي بيت
شاھھ سائين جي ڪھڙي ھمعصر جو آھي؟
بيت: صوفين
صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو،
تـڏھـن تـن ٿـيـو، جيئري پسڻ پرينءَ جو.
جواب: خواجھ محمد زمان.
سوال: شاھھ لطيف، مخدوم محمد زمان لنواري واري جي
شان ۾ ڪھڙو سر چيو آھي؟
جواب: سر کاھوڙي.
سوال: ھي قول شاھھ سائين جي ڪھڙي ھمعصر جو آھي؟
قول: مرشد آھي کوھھ وانگر، مريد آھي ٻوڪي وانگر،
جيڪڏھن پھرئين ۾ پاڻي نھ ھوندو تھ ٻئي ۾ ڪيئن
پوندو؟
جواب: خواجھ محمد زمان لنواريءَ واري جو.
سوال: شاھھ سائين جي ھمصعر خواجھ محمد زمان جا
ڪيترا چونڊ قول ملن ٿا؟
جواب: چار سئو چاليھھ.
سوال: شاھھ سائين خواجھ محمد زمان لنواريءَ واري
سان ملاقات دوران ڪيترا بيت چيا؟
جواب: پنج بيت.
سوال: شاھھ لطيف جي ھمعصر خواجھ محمد زمان جي
سنڌي بيتن جو تعداد ڪيترو آھي؟
جواب: ٻيانوي بيت.
سوال: ڀٽ ڌڻي جو ڪھڙو ھمعصر فرمائيندو ھو تھ اسان
وٽ فقط اھي شخص اچن ٿا، جن جي سڀاڳ جو انگ اڳيئي
لکيل آھي؟
جواب: خواجھ محمد زمان لنواري جن.
سوال: شاھھ سائين جو ڪھڙو ھمعصر سلطان اولاليا جي
لقب سان مشھور آھي؟
جواب: خواجھ محمد زمان لنواري وارو.
سوال: خواجھ محمد زمان جي ھڪ مريد لطيف سرڪار جي منزل بنسبت پڇا ڪرڻ تي سندس مرشد
ڪھڙو جواب ڏنو؟
جواب: خواجھ صاحب فرمايو: ”ھن جي منزل اوھان
وانگر آھي، يعني ھو بھ اوھان وانگر صاحبدل آھي.“
سوال: ڀٽ ڌڻيءَ جي ھمعصر خواجھ محمد زمان
لنواريءَ واري ڪھڙي ڏينھن ۽ ڪھڙي ھجري سال ۽ تاريخ
تي ھي فاني دنيا ڇڏي؟
جواب: ذوالقعد ١١٨٨ھھ ڇنڇر جي ڏينھن ڌڻي تعاليٰ سان وڃي مليا.
سوال: ڪتاب ”ھٻڪار“ ۾ شاھھ سائين جي ڪھڙي ھمعصر
جو ذڪر ٿيل آھي؟
جواب: مخدوم محمد ھاشم ٺٽويءَ جو.
سوال: ڪتاب سنڌي نظم ۾ شاھھ صاحب جي ڪھڙن ھمعصرن
جو ذڪر ٿيل آھي؟
جواب: مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي، خواجھ محمد زمان،
شيخ عبدالرحيم گروھڙيءَ جو.
سوال: شاھھ صاحب جي ڪھڙي ھمعصر کي ميان غلام شاھھ
”قاضي القضات“ جو لقب ڏنو؟
جواب: مخدوم محمد ھاشم ٺٽويءَ کي.
سوال: شاھھ لطيف جي ڪھڙي ھمعصر عربيءَ ۾ اٽڪل ڏيڍ
سئو ڪتاب لکيا؟
جواب: مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي.
سوال: ”وصيت نامھ“ ڪتاب شاھھ صاحب جي ڪھڙي ھمعصر
جو تصنيف آھي؟
جواب: محمد ھاشم ٺٽويءَ جو.
سوال: شاھھ سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ قرآن جي آيتن ڏيڻ بابت سنڌي جي ڪھڙي بزرگ سان
صلاح ڪندا ھئا؟
جواب: شاھھ صاحب جن مخدوم ميان محمد ڪبير ڪوٽڙيءَ
واري سان اھڙي صلاح ڪندا ھئا.
سوال: شاھھ صاحب جي ھمصر مخدوم ميان محمد ڪبير
ڪوٽڙيءَ واري جي وفات جو سال ٻڌايو؟
جواب: ١١٣١ھھ.
سوال: شاھھ صاحب ماکوڙو يا ماکاڻي جي ڪھڙي بزرگ
سان ملاقات ڪئي؟
جواب: سيد الھھ وسايو سان.
سوال: شاھھ صاحب ڪنھن کي دعا ڪندي چيو تھ”ھي اسان
جون سڪون لاھيندو“؟
جواب: مخدوم امان الله کي.
سوال: کڏي شريف جي جنھن بزرگ سان، لطيف سائين ”روح رھاڻ“ ڪندو ھو، ان جو نالو
ٻڌايو؟
جواب: پير ھوندل شاھھ.
سوال: شاھھ جي دور جو بزرگ مخدوم ابوالحسن ٺٽوي اصل ڪٿان جو رھاڪو ھو ۽ سندس ذات
ڪھڙي ھئي؟
جواب: اصل ڪڇ جو، ذات جو مينڌرو، ڪجھھ ڪتابن ۾
ذات ڏاھي لکيل آھي.
سوال: شاھھ صاحب ڪھڙي بزرگ جو آزمودو وٺڻ لاءِ
کيس چيو تھ، اڄ اسين پلو کائينداسين؟
جواب: عنايت ڪوريءَ جو.
سوال: ھي بيت شاھھ سائين جي دور جي ڪھڙي شاعر جو آھي؟
بيت: نڪا سڪ سمھڻ ۾، نڪو جاڳڻ ۾ جس،
نـڪـي خــيــر کــلـڻ ۾، نــڪــي روئـڻ ۾ رس.
جواب: روحل فقير جو.
سوال: ڪتاب ”سنڌيءَ جو سينگار“ ۾ شاھھ صاحب جي
ڪيترن ھمصعرن جي سوانح ڏنل آھي؟
جواب: نون ھمعصرن جي.
سوال: شاھھ سائين جي وفات وقت سامي ڪيترن سالن جو ھو؟
جواب: نون سالن جو.
سوال: ھي بيت شاھھ سائين جي دور ۾ ڪھڙي شاعر چيو آھي؟
بيت: ھـنـئـيـن حـبـيـبـن، ڀري ناوڪ نينھن جي،
تڏھن طبيبن، ڦڪيون سڀ ڦٽي ڪيون.
جواب: ساميءَ جو.
سوال: شاھھ سائين جي دور جي بزرگ شاھھ ولي الله
ڪيترا ڪتاب لکيا؟
جواب: ستيتاليھھ ڪتاب.
سوال: ڪھڙي علائقي جي شاعر شاھھ صاحب جي بيتن جا
فقرا پنھنجي بيتن ۾ سمايا ۽ سموھيا؟
جواب: لس ٻيلي جي شاعر.
سوال: شاھھ سائين جي ھمعصر مخدوم عبدالرئوف ڀٽيءَ
ڪيترا مولود چيا؟
جواب: ستر مولود.
سوال: شاھھ سائين جو ڪھڙو ھمعصر ڀلن گھوڙن جو شوقين ھو؟
جواب: شاھھ عنايت.
سوال: پھريون ڀيرو حسن ۽ عشق جو ذڪر شاھھ سائين
جي ڪھڙير ھمعصر جي شاعريءَ ۾ ملي ٿو؟
جواب: شاھھ عنايت جي ڪلام ۾.
سوال: شاھھ سائين جي ڪھڙي ھمعصر ڪتاب ”وطن نامھ“
لکيو؟
جواب: عثمان احسانيءَ.
سوال: شاھھ سائين جو ھمعصر عثمان احساني اصل ڪٿان
جو رھاڪو ھو؟
جواب: اصل ڀاڳناڙيءَ جو.
سوال: ڪھڙو فقير پنھنجو ڪلام شاھھ لطيف کان اصلاح
ڪرائيندو ھو؟
جواب: عنايت فقير ڏيرو.
سوال: شاھھ سائين جي ھمعصر دوست محڪم الدين
سيلانيءَ جو مقبرو ڪٿي آھي؟
جواب: سماسٽا اسٽيشن، صوبي پنجاب ۾.
سوال: ڪتاب ادبي اھڃاڻ ۾ شاھھ سائين جي ڪھڙن
ھمعصرن جو ذڪر ٿيل آھي؟
جواب: ميون شاھھ، عنايت رضوي ۽ خواجھ محمد زمان
لنواري وارو.
سوال: شاھھ سائين جي دور جو بزرگ مخدوم
عبدالرحمان عرف ميان درسلطان جو انتقال ڪڏھن ٿيو؟
جواب: ١١٠٨ھھ ۾.
سوال: لطيف سائين جي دور جي بزرگ ھستي سيد نور
محمد شاھھ ڪنڍائيءَ جي ولادت ڪڏھن ٿي؟
جواب:
١١٣٧ھھ ۾.
سوال: شاھھ صاحب جو ھمعصر حاجي فقير الله علوي،
ڪٿي ڄائو ھو؟
جواب: جلال آباد شھر ۾.
سوال: حاجي فقير الله علوي جي شڪارپور ۾ تشريف
آوريءَ وقت، شاھھ صاحب جي عمر ڪيتري ھئي؟
جواب: اٺيتاليھھ سال.
سوال: شاھھ سائين جي ھمعصر حاجي فقير الله علوي
جي وفات ڪڏھن ٿي؟
جواب: ١١٩٥ھھ ۾.
سوال: ھي بيت شاھھ سائين جي ڪھڙي ھمعصر جو آھي؟
بيت: ڪربـلا ۾ ڪـوچ ٿـيـو لائو لھن شير،
پر ڄڻ ڏيئي پير، گھوٽ کڻي گھر آئيا.
جواب: عبدالرحيم گروھڙيءَ جو.
سوال: شاھھ صاحب ڪھڙيون ٽي سوکڙيون ميين
عبدالرحيم گرھوڙيءَ کي ڏنيون ھيون؟
جواب: ھڪ جمني، ھڪ تلوار ۽ ھڪ لٺ (عصا).
سوال: شاھھ سائين ھڪ الفي، ڪشتو ۽ قرآن شريف ڪنھن
ڏانھن ڏياري موڪليو ھو؟
جواب: ميين محمد صابر ولھاريءَ ڏانھن.
سوال: مشائخ ھوٿيءَ جي قائم ڪيل قديم مدرسي ۾
شاھھ سائين جي ملاقات ڪھڙي بزرگ سان ٿي؟
جواب: مخدوم محمد صابر ولھاريءَ سان.
سوال: لطيف سائين وارياسو ديھھ ۾ ڪھڙي سيد بزرگ
جي اولاد سان رھاڻ ڪئي؟
جواب: سيد دوسن شاھھ جي اولاد سان.
سوال: ٻارن کي پاڙھين ويٺو يا کارين ويٺو؟ لطيف
سائين ھي لفظ ڪنھن کي چيا ھئا؟
جواب: ميين محمد صابر ولھاريءَ کي.
سوال: ڪھڙي بزرگ جي مرقد تي شاھھ عنايت ۽ لطيف
سائين گڏ ويا ھئا؟
جواب: ڳاڙھي صدر ولد ڪيوڙي اوٺي جي مرقد تي.
سوال: شاھھ عنايت رضوي ۽ شاھھ لطيف ٿيٻن جي ڳوٺ
جي ڀرسان ڪھڙي بزرگ سان ڪچھري ڪئي؟
جواب: سيد سمن شاھھ سان.
سوال: مخدوم صابر جي خاندان مان، ڪھڙن بزرگن سان
شاھھ لطيف ملاقات ڪئي؟
جواب: ميون معروف ۽ مييون مقبول سان.
سوال: شاھھ صاحب سيد مير محمد عطا سان ڪھڙي ھنڌ
ڪچھري ڪندو ھو؟
جواب: اوطاق جي مٿئين طبقي ۾.
سوال: شاھھ صاحب کاھي راھوءَ ۾ ڪھڙي بزرگ سان ملڻ ايندو ھو؟
جواب: قاضي محمد ڪامل اول.
سوال: شاھھ لطيف کي ڪنھن ڏسي فرمايو تھ ”لطيف جو
ڏيئو روشن ٿيندو“؟
جواب: سخي سيد ھاشم شاھھ.
سوال: سيد ھاشم شاھھ جي وفات وقت لطيف سائين جي
عمر ڪيتري ھئي؟
جواب: ارڙھن سال.
سوال: شاھھ صاحب جي دور ۾ لقب ”شھباز ڪوھستان“ ڪنھن کي ڏنو ويو؟
جواب: مير عبدالله خان کي.
سوال: لاکيڻي لطيف جي ھمعصر سيد مير محمد عطا جي
وفات ڪڏھن ٿي؟
جواب: ١١٧٨ ھجري ۾.
سوال: شاھھ سائين جي سچي عاشق ۽ شارح قاضي فقي
محمد قانع جي وفات ڪڏھن ٿي؟
جواب: ١٢ ذيقعد ١٣٥٥ھھ مطابق
25
جنوري سومر ڏينھن سن
1937ع
۾.
سوال: ڪتاب ”ڪلاسيڪي شاعري“ ۾ لطيف سرڪار جي ڪھڙن
ھمعصرن جو ذڪر ڏنل آھي؟
جواب: شاھھ عنايت رضوي ۽ خواجھ محمد زمان جو.
سوال: جنوري جون
1982ع
اخبار تعليم ۾ مقالو ”خواجھ محمد زمان ۽ شاھھ
لطيف“ ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: محمد ابراھيم قاضيءَ.
سوال: مقالو ”ساھتي پرڳڻي ۾ شاھھ لطيف جا ھمعصر
شاعر“ ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: حامد علي قريشي جو.
|