شاھھ جا
سورما، سورميون،
ڏھيسر، ڏاتار ۽ ذاتيون
سوال: سر ڍول مارئيءَ ۾ شاھھ لطيف ڪھڙن ٽن اھم
ڪردارن کي ڳايو آھي؟
جواب: ڍولا (سورمو) مارو (سورمي) امره سمره
(بادشاھھ) کي.
سوال: شاھھ صاحب جو سورھيھ پنرو بڊاماڻي کي ڪيترا
ڀائر ھئا؟
جواب: ٻھ ڀائر.
سوال: شاھھ سائين سر بلاول ۾ ڪھڙن حاڪمن جو ذڪر ڪيو آھي؟
سوال: شاھھ سائين جي سورمي راجا چنيسر، ديول ڪوٽ
تي ڪيترو عرصو حڪومت ڪئي؟
جواب: ارڙھن سال.
سوال: شاھھ عبدالليف ِڀٽائي يورپي ڦورن لاءِ
پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪھڙو لفظ استعمال ڪيو آھي؟
جواب: ڦلنگي.
جواب: دھليءَ جي حاڪم علاؤالدين ۽ سنڌ جي سخي
جادم جکري جو.
سوال: سر ديسيءَ ۾ شاھھ سائين ڪھڙين ذاتين جو ذڪر
ڪيو آھي؟
جواب: برفت، بروھي، جت، ھوت.
سوال: ڀٽ
ڌڻيءَ مينءَ ذات جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟
جواب: سر ڪاموڏ ۾.
سوال: شاھھ سائينءَ جي سورمي چنيسر جو تعلق ڪھڙي
ذات سان ھو؟
جواب: شاھھ جو سورمو چنيسر ذات جو داسڙو ھو.
سوال: شاھھ جا سورما چنيسر ۽ عمر ڪھڙي ذات سان
واسطو رکندڙ ھئا؟
جواب: شاھھ جا سورما عمر ۽ چنيسر ذات جا سومرا
ھئا.
سوال: شاھھ صاحب جي سورميءَ مومل جو تعلق ڪھڙيءَ
ذات سان ھو؟
جواب: مومل جو تعلق ”گجر“ ذات سان ھو.
سوال: سر ديسيءَ ۾ شاھھ سائين ڪھڙين ذاتين جو ذڪر
ڪيو آھي؟
جواب: برفت، بروھي، جت، ھوت.
سوال: شاھ سائين جي شاعريءَ ۾ سسئي لاءِ ڪيترا
وصفي نالا بيان ڪيل آھن؟
جواب: پنجويھن کان وڌيڪ.
سوال: لاکيڻي لطيف سسئيءَ وارن سرن ۾ پنھونءَ کي
ڪيترن نالن سان ڳايو آھي؟
جواب: سورنھن نالن سان.
سوال: شاھھ سائينءَ جي ڪھڙي سورميءَ جي زيارت
لاءِ ملتان مان درويش اسماعيل آيو ھو؟
جواب: سسئي لاءِ.
سوال: شاھھ سائين جي سورمي سسئي ڏوراپي طور پاڻ
کي ڪھڙين ذاتين کان گھٽ سمجھيو آھي؟
جواب: سمن، سومرن، جتن ۽ اوٺن کان.
سوال: سر ڪاموڏ ۾ شاھھ سائين مھاڻن جي ڪھڙين
ذاتين جو ذڪر ڪيو آھي؟
جواب: گندرا، ماڱر، جھٻير، ملاح، مھاڻا وغيره.
سوال: ڀٽ
ڌڻيءَ مينءَ ذات جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟
جواب: سر ڪاموڏ ۾.
سوال: شاھھ سائينءَ جي سورمي چنيسر جو تعلق ڪھڙي
ذات سان ھو؟
جواب: شاھھ جو سورمو چنيسر ذات جو داسڙو ھو.
سوال: شاھھ جا سورما چنيسر ۽ عمر ڪھڙي ذات سان
واسطو رکندڙ ھئا؟
جواب: شاھھ جا سورما عمر ۽ چنيسر ذات جا سومرا
ھئا.
سوال: شاھھ سائينءَ جي سورمي عمر سومري جو اصل
نالو ڇا ھو؟
جواب: فخر الدين عمر بن ڀونگر.
سوال: شاھھ صاحب جي سورميءَ مومل جو تعلق ڪھڙيءَ
ذات سان ھو؟
جواب: مومل جو تعلق ”گجر“ ذات سان ھو.
سوال: شاھھ صاحب جي سورميءَ مومل کي ڪيتريون
ڀينرون ھيون؟
جواب: اٺ ڀينرون.
سوال: مومل جي ڀينرن جا نالا ڪھڙا ھئا؟
جواب: سومل، سجھان، سوڍي، مرم، مرادان، ڪوڏي،
ڪونداھي ۽ مارکي.
سوال: شاھھ جي ڪھڙين ٻن سورمين جو تعلق عمرڪوٽ سان ھو؟
جواب: مارئيءَ ۽ مومل جو.
سوال:
14
فيبروري
1994ع
تي شاھھ سائين جي ڪھڙي سورميءَ جي ورسي ملھائي
وئي؟
جواب: سھڻي ميھار جي.
سوال: شاھھ لطيف جي سورمي مارئي جو ميلو ڪنھن جي
ڪوشش سان پھريون ڀيرو ڀالوا ۾ لڳو؟
جواب: مير محمد بخش خان ٽالپر جي ڪوشش سان.
سوال: شاھھ جي سورمي مارئي جو پھريون ڀيرو ميلو
ڪڏھن لڳو؟
جواب:
1967ع
۾.
سوال: ڪتاب ”اوجاڳي اجاريا“ ۾ پنجون مقالو شاھھ
جي ڪھڙي ”سورمي“ جي ڪردار بابت ڏنل آھي؟
جواب: مارئيءَ جو ڪردار.
سوال: ولي سروريءَ، شاھھ جي سورمي چنيسر تي ڪھڙو
مضمون لکيو؟
جواب: چنيسر جي چت.
سوال: شاھھ عبداللطيف ڀٽائي پنھنجي شاعريءَ ۾
ڪيترين قومن کي ڳايو آھي؟
جواب: لڳ ڀڳ ٽيھھ قومن کي. |