شاھھ جي
ماڳن مڪانن بابت ڄاڻ
سوال: شاھھ سائين ڪشمير جو ذڪر پنھنجي شاعريءَ ۾
ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟
جواب: سر سارنگ ۾.
سوال: شاھھ سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ ”لنڪا“ لفظ
استعمال ڪيو آھي لنڪا ڇا آھي؟
جواب: سريلنڪا جو بندر.
سوال: شاھھ سائين سر سريراڳ ۾ ڪھڙن شھرن ۽ بندرن
جو ذڪر ڪيل آھي؟
جواب: ڪيچ ۽ عدن بندر جو.
سوال: شاھھ محمود جي درگاھھ تي، شاھھ صاحب قل
پڙھي ۽ دعا گھري پوءِ ڪجھھ شعر بھ چوندو ھو. ان
بزرگ جو مقبرو ڪٿي آھي؟
جواب: نصرپور ۾.
سوال: شاھھ سائين گنگا ندي جي وھڪري جو ذڪر ڪھڙي
سر ۾ ڪيو آھي؟
جواب: سر بلاول ۾.
سوال: لاھوت وارو حصو ڪھڙي جبل جي پيٽ ۾ آھي؟
جواب: پٻ جبل جي پيٽ ۾.
سوال: شاھھ سائين جي ڪھڙي رسالي ۾ ڪاڪ محل جو
نقشو ڏنل آھي؟
جواب: رسالھ شاھھ عبداللطيف ڀٽائي عرف انوار
الاھي ۾.
سوال: ڪابل شھر جو ذڪر لطيف سائينءَ ڪھڙن سرن ۾
ڪيو آھي؟
جواب: سر سارنگ، رام ڪلي ۽ سر ڪاپائتيءَ ۾.
سوال: شاھھ صاحب جي ياترا وارن ماڳن ھنگلاج ۽
لاھوت بابت ڪھڙو ڪتاب ۽ ڪڏھن شايع ٿيو؟
جواب: ”ھنگلاج ۽ لاھوت“ سال
1992
۾.
سوال: ڪتاب ھنگلاج ۽ لاھوت ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب: بدر ابڙي جو.
سوال: شاھھ سائين جي شاعريءَ ۾ ڀنڀور جو ذڪر ٿيل
آھي، يونانين ڀنڀور تي ڪھڙا نالا رکيا ھئا؟
جواب: بربرائيڪ ۽ باربريڪ.
سوال: شاھھ سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ سمرقند جو ذڪر
ڪيو آھي. اھو شھر ڪھڙيءَ نديءَ تي واقع آھي؟
جواب: زرفشان نديءَ تي.
سوال: شاھھ سائين پنھنجي شاعريءَ ۾روم شھر جو ذڪر
ڪيو آھي، روم کي ڪمال اتاترڪ ڪھڙي سال ترڪيءَ جي
گاديءَ جو ھنڌ مقرر ڪيو؟
جواب:
1920ع
۾.
سوال: روم شھر ھاڻي ڪھڙي ملڪ ۾ واقع آھي؟
جواب: اٽلي ملڪ ۾.
سوال: شاھھ سائين افغانستان جي ڪھڙن شھرن جو ذڪر
پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آھي؟
جواب: ڪابل ۽ قنڌار جو.
سوال: شاھھ سائين دھلي شھر جو ذڪر پنھنجي شاعريءَ
۾ ڪيو آھي، ھي شھر ڪنھن تعمير ڪرايو ھو؟
جواب: شھاب الدين شاھجھان عيسوي
17
صديءَ ۾.
سوال: شاھھ سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ دکن شھر جو
ذڪر ڪيو آھي، توھان دکن جي معنيٰ ٻڌايو؟
جواب: ڏکڻ.
سوال: دکن شھر ڪھڙي ملڪ ۾ آھي؟
جواب: ھندستان ملڪ ۾.
سوال: ھندستان جي مغليھ دور ۾ مکيھ بندر ”سورت“
جو ذڪر شاھھ سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آھي، شاھھ
صاحب جي دور ۾ سورت بندر ڪھڙي لقب سان سڏبو ھو؟
جواب: باب المدينھ لقب سان.
سوال: سورت
بندر ھندستان جي ڪھڙي صوبي ۾ واقع آھي؟
جواب: صوبي گجرات ۾.
سوال: شاھھ
ٿرپارڪر جي سفر دوران سنڌ ۽ ڪاڇي جي وچ ۾ ھلندڙ
ڪيترن چارن جو ذڪر پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آھي؟
جواب: چوڏھن چارن جو.
سوال: ھاڪڙي جي ساڄي طرف ڪھڙي پٽ ۾ لطيف سائينءَ
چلو ڪڍيو ھو؟
جواب: چوٽياريءَ جي پٽ ۾.
سوال: لاکيڻو
لطيف جڏھن بھ ٿرپارڪر جي سفر تي نڪرندو ھو تھ ڪھڙي
طرف کان سفر شروع ڪندو ھو؟
جواب: اولھھ کان اوڀر طرف.
سوال: شاھ صاحب جي دور ۾ پوراڻ نديءَ جا ڪھڙا پتڻ
مشھور ھئا؟
جواب: ڪاھو، ڪاڪ، جھلوري، واگھريجي ۽ اٻھاري.
سوال: شاھھ صاحب مشائخ ھوٿي جي ڪھڙن ٻن پٽن جي
مقبرن تي حاضري ڀري؟
جواب: احمد ۽ محمد تي.
سوال: شاھھ صاحب سر سارنگ ۾ ڪھڙين ديھن جو ذڪر
ڪيو آھي؟
جواب: ديھھ لوتڪي يا لوتڙي.
جواب: سر سارنگ ۾.
سوال: شاھھ لطيف لطف الله قادريءَ جي رسالي جو
مطالعو ڪٿي ڪيو؟
جواب: اگھم ڪوٽ يا اگھاماڻو ۾.
سوال: شاھھ سائين جي دور ۾ بدين جي سرزمين کي ڇا
چيو ويندو ھو؟
جواب: ڇا چڪاڻ.
سوال: شاھھ سائين بمڀو ميھار جي مقبري تي حاضري
ڏني ان بزرگ جو مقبرو ڪٿي آھي؟
جواب: ڪامارو شريف واري ايراضي ۾.
سوال: شاھھ سائين ۽ شاھھ عنايت کي ڪھڙي علائقي جي
وڻڪار متاثر ڪيو ھو؟
جواب: ولھار علائقي جي.
سوال: ٻيجل ڪھڙي جاءِ تان ھرڻ جا آنڊا ھٿ ڪي
سرندو ٺاھيو ھو؟
جواب: لڙھھ نالي جاءِ تان.
سوال: ڪھڙي سفر ۾ لطيف سائين جون اکيون اٿي (خراب
ٿي) پيون ھيون؟
جواب: سماواتي سفر دوران جنھن وقت مخدوم صابر سان
مليو ھو.
سوال: ڪھڙي شھر ۾ شاھھ لطيف ڏھھ سال چلھ ڪشي ڪئي
ھئي؟
جواب: مٽيارين جي موسيٰ پاڙي ۾.
سوال: شاھ سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ ”گڙنگ“ جو ذڪر
ڪيو آھي، گڙنگ ڀٽ شاھھ کان ڪيترو پري آھي؟
جواب: اڌ ميل پري.
سوال: شاھھ
صاحب پنھنجي شاعريءَ ۾ جنھن ”ڪلاچي بندر“ جو ذڪر
ڪيو آھي اھو ڪھڙي ھنڌ واقع ھو؟
جواب: موجوده ڪراچيءَ شھر لڳ.
سوال: شاھھ سائينءَ سر حسينيءَ ۾ ڪھڙن جبلن جو
ذڪر ڪيو آھي؟
جواب: ھاڙھو، پٻ، گنجو، ڪانڀو، ڪارو ۽ لمون جبل
جو.
سوال: شاھھ سائين ھنگلاج جي سفر دوران جيڪي ماڳ
مڪان ڏٺا، تن جو ذڪر رسالي جي ڪيترن سرن ۾ ڪيو
اٿس؟
جواب: ستن سرن ۾.
سوال: شاھھ صاحب کي سر کنڀات واري نالي سان ڪھڙو
ماڳ مشھور آھي ۽ ڪٿي واقع آھي؟
جواب: کنڀات اصل سامونڊي بندر ھو ۽ گجرات ۾ واقع
ھو. جيڪو ماڳ ھاڻ ھندستان ملڪ آھي.
سوال: کنڀات بندر جو ذڪر مشھور عربي سياح
مسعوديءَ جي ڪھڙي ڪتاب ۾ ملي ٿو؟
جواب: مروج الذھب ۾.
سوال: لاکيڻو
لطيف ”بڊام“ جي بزرگن جي مزارن تي فاتح خواني ڪري
پوءِ پراڻ جو کاٻو ڪپ وٺي ڪٿي پھتو؟
جواب: سما ننگر جي کنڊرن ۾.
سوال: شاھھ صاحب ڏيپلي تعلقي جي ڪھڙي ڳوٺ جو ذڪر
پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آھي؟
جواب: ويڙيجھپ جو.
سوال: شاھھ سائين ڪشمير جو ذڪر پنھنجي شاعريءَ ۾
ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟
جواب: سر سارنگ ۾.
سوال: ٻڌايو تھ ڪشمير جا سياري ۽ اونھاري ۾ ڪھڙا
تخت گاھ ھوندا آھن؟
جواب: سرديءَ ۾ ڄمون ۽ اونھاري ۾ سري نگر.
سوال: شاھھ
سائين جي ڪھڙي سر ۾ استنبول جو ذڪر آھي.
جواب: سر سارنگ ۾.
سوال: شھر استنبول ڪھڙي ملڪ ۾ آھي؟
جواب: ترڪيءَ ۾.
سوال: شاھھ سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ استنبول جو
ذڪر ڪيو آھي، استنبول ڪھڙي سن ۾ تعمير ٿيو؟
جواب:
330ع
۾.
سوال: شاھھ سائين ڪھڙي سر ۾ چين ملڪ جو ذڪر ڪيو
آھي؟
جواب: سر سارنگ ۾.
سوال: چين جي مانچو خاندان جي شھنشاھيت جو خاتمو
ڪڏھن ٿيو؟
جواب:
1911ع
۾.
سوال: شاھھ سائين ۽ شاھھ عنايت کي ڪھڙي علائقي جي
وڻڪار متاثر ڪيو ھو؟
جواب: ولھار علائقي جي.
شاھھ جي شاعريءَ ۾ انبياءَ ڪرام جو ذڪر
سوال: شاھھ سائين سر سريراڳ ۾ الله تعاليٰ کي
ڪھڙن نالن سان ياد ڪيو آھي؟
جواب: آگي،
ستار، جبار، داتا، سلطان، رحمان، سبحان وغيره.
سوال: شاھھ سائين پنھنجي ڪلام ۾ ڪھڙن ٻن مقدس
ڪتابن جا حوالا آندا آھن؟
جواب: قرآن شريف ۽ حديث مبارڪ.
سوال: شاھھ سائين پنھنجي رسالي ۾ ڪيترن نبين
سڳورن جو ذڪر ڪيو آھي؟
جواب: پنجن نبين سڳورن جو ذڪر.
سوال: شاھھ سائين رسول اڪرم ' جن جي ولادت جو ذڪر
ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟
جواب: سر سارنگ جي وائيءَ ”اکيون ميگھھ ملھار“ ۾.
سوال: شاھھ
سائين پنھنجي ڪھڙي سر ۾ نبي ڪريم ' جي سونھن ۽ حسن
اخلاق جي ساراھھ ڪئي آھي؟
جواب: سر کنڀات ۾.
سوال: شاھھ سائين ائين نبي ڪريم ' جن جو ذڪر
ڪيترن سرن ۾ ڪيو آھي؟
جواب: پنجن سرن ۾.
سوال: شاھھ صاحب حضرت ابراھيم عليھ السلام جي
پيءُ جو نالو ڪھڙيءَ وائي ۾ ورتو آھي؟
جواب: وائي: وجھھ منجھھ خليل، اندر آذر آھين
(ابراھيم جو پيءُ آذر، جيڪو بت پرستن جو اڳواڻ ھو)
سوال: شاھھ صاحب حضرت موسيٰ عليھ السلام جو ذڪر
پنھنجي ڪھڙن ٻن سرن ۾ ڪيو آھي؟
جواب: سر آسا ۽ سر رامڪلي.
سوال: شاھھ صاحب حضرت يونس عليھ السلام جو ذڪر
ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟
جواب: سر مارئيءَ ۾.
|