سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا جلد-11

باب: --

صفحو :9

رسالي جي جامع مستند متن لاءِ صورتخطي

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

(هن موضوع تي هيٺين مختصر وضاحت ان مقدمي جو حصو آهي، جيڪو شاهه جي رسالي جس مستند ۽ معياري  متن، جلد ، لاءِ مسودي جي صورت ۾ لکيل آهي.)

زير طبع جامع مستند متن ۾ صورتخطي، سنڌي ٻولي جي مزاج مطابق ۽ گهڻي  ڀاڱي هاڻوڪي صورتخطي موافق رکي ويئي آهي ته جيئن بيتن ۽ واين کي پڙهڻ  ۽ سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي. اڳين ڪاتبن ”شاهه جي رسالي“ جا قلمي نسخا  سندن پنهنجي دور واري صورتخطي (جيڪا سندن دور کان اڳ هلندي پئي آئي) ۾ لکيا. انهيءَ صورتخطي جو عڪس ڪنهن حد تائين ”ٽرمپ“  ۽ بمبئي وارن   ٻن اوائلي ڇاپن ۾ پڻ نظر اچي ٿو، جيڪي سن ١٢٨٧هه ۽ ١٢٩٢هه ۾ شايع ٿيا.

(الف) ڪاتبن جي اختيار ڪيل صورتخطي

هن سلسلي ۾ هيٺيون وضاحتون غور طلب آهن:

(١) جدا جدا ڪاتبن، جدا جدا وقتن تي جيڪي رسالا اتاريا يا نئين سر لکيا، تن ۾ ”خاص سنڌي اُچارن“ وارا حرف ڪيئن لکيائون، تنهن تي ڪنهن حد تائين اسان  ڪتاب ” شاهه جي رسالي جا سرچشما“ ۾ روشني وڌي آهي. گهڻوڪري هر  ڪاتب، نج سنڌي اُچارن وارا اکر (ٻ، ٽ، ٺ، ڳ، ڱ، ڏ، ڊ، ڍ، ڄ، ڃ، ڻ وغيره) توڙي ٻيا ڪي حرف ۽ لفظ ٿوري گهڻي فرق سان لکيا آهن. ڪاتبن جي اهڙن جزوي اختلافن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ جو سندن پنهنجي انفرادي لکڻي جي باوجود انهن لفظن کي بنا  شڪ شبهي جي چڱيءَ طرح سڃاڻي سگهجي ٿو. مثلاَ:

جِي =جئن، جيئن              ڪِي = ڪيئن

تِي = تئن، تيئن              پِرِيَ = پرين

سِي = سيئن          مَنَهيِ = مَنَهِين

(٢) ڪي لفظ جدا جدا ڪاتبن اهڙين صورتن ۾ لکيا آهن، جو انهن کي جدا جدا نموني سان پڙهي  سگهجي ٿو، اهڙيءَ حالت ۾ صحيح نتيجي تي پهچڻ لاءِ قلمي نسخن کي پڙهڻ جا جيڪي اصول آهن، تن کي سامهون رکيو ويو آهي، پرک جا مکيه معيار ٻه آهن: هڪ اصل صورتخطي مطابق جدا جدا پڙهڻين کي سمجهڻ ۽ ٻيو انهن پڙهڻين مان وڌيڪ سهڻي معنيٰ واري  پڙهڻي کي ترجيح ڏيڻ، يعني ڏسبو ته اصل صورتن مان گهڻين پڙهڻين مان وڌيڪ سهڻي  معنيٰ واري پڙهڻي کي ترجيح ڏين، يعني ڏسبو ته اصل صورتن مان گهڻين ۾ زير زبر ڪيئن آيل آهي، يا لفظ جي سٽاء ۾ ڪهڙا اکر ڪيئن بيٺل آهن. ٻيو ته ڏسڻو آهي ته اهڙيءَ سٽاء مان ڪهڙيون جدا جدا پڙهڻيون نروار ٿي سگهن ٿيون  ۽ ڪهڙين مان ڪا معنيٰ  نڪري ٿي. ان بعد سوچڻو پوندو ته ڪهڙي معنيٰ وارو لفظ سٽ ۾ ٺهي ٿو. جيڪڏهن اصل صورتخطين مان هڪ کان وڌيڪ  لفظ ٺهن ٿا ۽ انهن مان معنيٰ به نڪري ٿي ته پوءِ ڀيٽ ۾ نسبتا وڌيڪ سهڻي معنيٰ وارو لفظ کڻڻو پوندو. جدا جدا. ڪاتبن (ب، د، ا، ظ، ت، ج ح خ رسالن ۾ ) ساڳئي لفظ کي ڪيئن جدا جدا صورتن ۾لکيو آهي، تنهن لاءِ هيٺيون مثال غور طلب آهي:

کَنئُو (ب)              ڳنيُو (ظ)

کَنڻِو(د-ا)               ڳڻيئو(ح)

کنيو (ت، ج)  گنِڻَو (خ)

مٿين صورتن مان کَڻنو، کَنيو، ڳَڻيو،  ڳنيو (ڳنهيو) لفظن جو گمان نڪري ٿو. انهن سڀني لفظن مان معنيٰ به نڪري ٿي: پهريان ٻه لفظ (کڻڻ مان) ساڳي معنيٰ وارا، پوءِ ٻه لفظ (ڳڻڻ مان) ٻي ساڳي  معنيٰ وارا آهن، ۽ آخري لفظ (ڳنهڻ =وٺڻ مان) جدا معنيٰ وارو آهي، بيت جي هيٺ ڏنل سٽ جي لحاظ سان ڏسبو ته ، ’کڻئو، توڙي ڳنيو‘ ٻئي لفظ معنيٰ وارا آهن، پر جيئن ته لفظ جي اصل صورتخطي ۾ ”ڻ“ واريون صورتون گهڻيون آهن، انهيءَ ڪري ”کڻئو“ واري صورت کي ترجيح ڏبي:

”ڪچو کان ڪنڀار، اوڳِي کڻئو اُٿئين“

ڊاڪٽر گربخشاڻي هيءُ لفظ ”ڳنهيو“ ڪري پڙهيو آهي، جنهن مان به معنيٰ نڪري ٿي پر اها پڙهڻي قلمي نسخن وارين ”اصل صورتن“ مطابق ناهي، ڇاڪاڻ جو اصل صورتن مان ٽن ۾ پهرئين حرف مٿان ”زبر“ ڏنل آهي ۽ ٻين ۾ به پهرئين اکر هيٺان ”زير“ ڏنل ناهي، انهيءَ ڪري هيءَ لفظ زير سان نه پڙهبو، باوجود انهيءَ جي جيڪڏهن ڪو پڙهندڙ چاهي ته هو پنهنجي ذوق موجب ڪا به پڙهڻي اختيار ڪري سگهي ٿو. انهيءَ لاءِ اسان متن جي پويان هر بيت  ۽ وائي جي تفصيلي تشريح ۽ سمجهائڻي ڏني آهي، جنهن ۾ لفظن جون اهي جملي اختلافي صورتون، جن مان ڪا معنيٰ نڪري ٿي، تن کي احتياط سان قلمبند ڪيو آهي.

(٣) ڪن سنڌي لفظن کي، جن ۾ نج سنڌي اُچارن وارا حرف اچن ٿا، تن کي ڪاتبن گهڻو ڪري جدا جدا نموني ۾ لکيو آهي، اهڙن لفظن جي اصلي صحيح صورت کي سمجهڻ البت ڏکيو آهي، ڇاڪاڻ جو ڪن مختلف صورتخطين مان جدا جدا پڙهڻين جو پڻ گمان نڪري ٿو. انهيءَ ڪري اسان متن جي آخر ۾ ڀيٽ  ۽ سمجهائڻي هيٺ ڪن لفظن جون اهڙيون اختلافي صورتون، جن مان ڪا معنيٰ نڪري ٿي، سي احتياط سان قلمبند ڪيون آهن، ته جيئن هر پڙهندڙ پنهنجي ذوق ۽ ترجيح موجب مناسب پڙهڻي اختيار ڪري.

(٤) حضرت شاهه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ گهڻو ڪري ”ڀٽ شاهه“ جي ڀيڻي واري عام ٻولي ڪم آندي آهي، ڇاڪاڻ ته جو اها سندس قريبي مادري زبان هئي. مگر ان سان گڏ ڪيترن ئي بيتن ۽ واين ۾ سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن جي ٻولين جا الفاظ ۽ اصطلاح پڻ آندا اٿس، جن مان ڪن جي ته چٽي سڃاڻپ ٿي سگهي ٿي، پر ڪن ٻين کي سمجهڻ ايترو سولو ناهي. شروع ۾ جن فقيرن شاهه جو ڪلام ياد ڪيو ۽ لکايو، يا جن ڪاتبن لکيو، سي به سڀ ساڳئي پاسي جا رهندڙ ڪين هئا ۽ انهيءَ ڪري هنن ڪي نه ڪي لفظ پنهنجي ڀاڱي واري لب و لهجي موجب لکيا. مثلاَ:

- جَنُھ، جِنُھ   - جِهُڙو، جِهِڙو،، جِهڙَو، جَهڙِو

- تَنُھ، تِنُھ            - ڪيتَرو، ڪيِترو

- ڪَنُھِ، ڪِنُھِ - ڪَڏَهين، ڪَڏِهين

-ساڻُ، ساڻِ، ساڻَ       - سانڍَڻُ، سانڍِڻُ

- سَڀَ، سَڀِ، سَڀُ      - ٿيين، ٿئين

- اَڳَرو،  اَڳِرو    - سُپِرين، سُپَرين

مختلف قلمي رسالن ۾ اهڙن جدا جدا لهجن ۾ لکيل ڪن لفظن متعلق اهو چوڻ مشڪل آهي ته ڪهڙا اصلي شاهه صاحب واري ٻوليءَ جا آهن ۽ ڪهڙا پوءِ ڪاتبن پنهنجي پنهنجي ٻوليءَ مطابق لکيا آهن. اهڙي حالت ۾ ”ڀٽ شاهه جي تر واري ٻولي“ مطابق اُچار ڏنا ويا آهن. پر جيڪڏهن هر پڙهندڙ اهڙا الفاظ پنهنجي لهجي موجب پڙهي  ته به غلطي ڪانه ٿيندي، ڇاڪاڻ جو معنيٰ هر حالت ۾ ساڳي ئي رهندي. تنهن هوندي به مقامي لهجن ۽ محاورن جي لحاظ سان، صورتخطي ۾ ڪمي پيشي جي لحاظ سان، جدا جدا ڪاتبن جيئن ڪنهن لفظ کي لکيو آهي، تيئن ان جون سڀ صورتون اسان  جدا هڪ ”الف-بي وار پٽي“ ۾ ڏيکاريون آهن، جيڪا رسالي جي معياري متن جي مڪمل ٿيڻ تي آخر ۾ ڏني  ويندي ته جيئن سنڌي صورتخطي جي اوسر تي پڻ روشني پوي.

(٥) آڳاٽي ”سنڌي ٻولي“ ۾ ”غُني، نون“ وارا اُچار بلڪل گهٽ هئا؛ اهي پوءِ آهستي آهستي وڌيا، تان جو ”ڪتابي يا درسي زبان“ جي گذريل سوا سئو کن سالن واري دور ۾ اهڙن اُچارن جي گهڻائي ٿي. شاهه جي رسالي جا ڪي قلمي نسخا ٻه سئو ورهيه يا اڃان به اڳ لکيا ويا، جن ۾ گهڻا لفظ ”نون غُني“ بنا ائين لکيل آهن. جيئن اهِي آڳاٽي ٻوليءَ ۾ ڳالهائبا هئا. مثلاً:

جِيَ (جئن)، تِيَ (تئن)، تِھ (تنھ)،ڪھ (ڪنھ) مُھ(مُنھ)،

لَئُه(لَنئه، لَئون)،پِري(پرين)،جا (جان)، تا (تان)، وٽا (وٽان)،

ڌارا (ڌاران)، منجها (منجهان)،مِرئا (مِرُئان، مروئان)، ماڙهُو(ماڻهو).

وغيره. پر شاهه صاحب واري دور ۾ ”غني نون“ جو اُچار البت ڪجهه وڌي چڪو هو ۽ ”شاهه صاحب جي ٻولي“ (ڀٽ شاهه جي تر واري)  ۾ ڪن لفظن جو جُز بنجي چڪو هو. انهيءَ ڪري ان دور ۾ (ٻين ڪاتبن وانگر) رسالي جي ڪاتبن پڻ لفظن جي آخر ۾ ”اُن“، ”اِبن“ يا ”اُون“ واري غُني آواز کي، موجوده دور واري صورتخطي بدران، حرف ”م“  يا ”تنوبن“ ذريعي نروار ڪيو. ”م“ جا مثال جئن ته: ڪڏهم (=ڪڏهن، ڪڏهين)، جڏهم (جڏهن، جڏهين،)، اڳهم(اڳهن، اڳهين)، پريم (پرين)، سائم، سانئم (سائين؛ ”تنوين“ جا مثال جيئن ته : اڳھ (اڳهين)، اُنِ (اُنِين)، ڌَءِ (ڌئين)، پِڪِ(پِڪين)، اوڏاهِ (اوڏاهين) وغيره. وڌاريل”م“ وارين صورتن ۾، لفظن جي پوئين ڀاڱي ”هم“ کي ”قديم سنڌي جي نشاني“ سمجهڻ صحيح نه ٿيندو، جئن ڊاڪٽر گربخشاڻي سمجهيو ( ۽ انهيءَ ڪري رساليي متن ۾ پڻ انهن لفظن کي ائين لکيو). سندس خيال ۾:

”ڀٽ واري نسخي ۾ ڪيترن لفظن جي پڇاڙيءَ ۾ ”هين“ جي بدران ”هم“ آيل آهي. هي جهوني سنڌيءَ جو هڪ نشان آهي. شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ڪلام، ۽ پڻ  ڪن قديم مولودن ۾ به، اها پڇاڙي استعمال ڪيل آهي.“

(رسالو، جلد -١، سر ڪلياڻ جي پنجين بيت جي تشريح، ص. ٣٣) جيڪڏهن ”جهوني سنڌي“ مان سندس مراد ”جهوني سنڌي صورتخطي“ هئي ته پوءِ صحيح آهي؛ مگر ”هم“”جهوني سنڌي ٻولي“ جي نشاني ڪانهي ۽ نڪي ان جو شاهه ڪريم جي ڪلام يا قديم مولودن سان ڪو واسطو آهي. البت هيءَ آڳاٽي ڪتابت يا جهوني صورتخطي لفظن جي آخر ۾ غُنائي واري اُچار کي ”م“ ذريعي نروار ڪيو، ڇاڪاڻ جو ”م“ جي اُچار ۾ به غنائي وارو آواز آهي. قلمي نسخن مان نه فقط ڀٽ واري نسخي ”گنج“ جي ڪاتب پر ٻين نسخن جهڙوڪ  ص ل نص هه پ ظ ح ع ب (١٢٨٣) د حس ن جي ڪاتبن پڻ اها صورتخطي آندي آهي. رسالي کانسواءِ ٻين آڳاٽن سنڌي ڪتابن جي ڪن قلمي نسخن ۾ پڻ اها صورتخطي  استعمال ٿيل آهي. سمجهڻ لائق هيءَ ڳالهه آهي ته شاهه صاحب جي ٻولي ”جڏهم، ڪڏهم“ ڪانه هئي، پر اها ڪن ڪاتبن جي اڳئين دور واري روايتي صورتخطي آهي. مثلاَ:

-اَڳهِمُ، اگهمِ، اَگهِمَ=اَڳِهين (ص ل هه پ ظ ح ع د حس ن نسخن مطابق)

-اَکَھِ= اَڳَهِينُ(ڻ-٢)

-اَڳَهِينُ(ش ب ۽ ٻيا پوئين دور جا نسخا)

اهڙيءَ طرح (ل) جي ڪاتب آخري ”اون“ توڙي ”آنُ“ واري آواز  کي ”هُمُ“ ۽ ”هُم“ جي صورتخطي سان ۽ (ح) جي ڪاتب آخري ”اِبن“ واري آواز کي ”م“ جي غنائي سان پڌرو ڪيو آهي:

-سامُهم       (ل) =سامهون  - ٿِهم (ع)=ٿئين

-تِهَم          (ل)= تِهانُ     - پانِهم (پ)=پاڻهين

- هُهم         (ح)= هئين    - تونهم، مونهِم، توڏاهم (نص هه پ)=

-ٿٻيهم        (ح)= ٿئين    تونهين، مونهين، توڏاهين

البت ٻين ڪاتبن  ساڳيا، لفظ ”نون غني“ سان لکيا آهن، جيئن ته: سانمُهُن (ٺ)= سامهون.

(٦) جيئن ته جدا جدا ڪاتبن، سڌي اُچارن وارن حرفن کي اڪثر جدا جدا صورتن ۾ لکيو آهي، تنهن ڪري  جيستائين ڪنهن به ڪاتب جي خاص لکڻيءَ کي ڌيان ۾ نه رکبو تيستائين لفظ کي صحيح طور پڙهڻ ۾ غلطيءَ جو امڪان رهندو. اڪثر پڙهندڙ جيڪي گذريل سئو کن سالن واري ڪتابي صورتخطيءَ سان مانوس ٿي چڪا آهن، تن کان اهڙي غلطي ٿي سگهيٿي. ڪن ڪاتبن ”ٿ“ کي ”ٽ“ جي صورت ۾ لکيو ۽ انهيءَ لحاظ سان هيٺين سٽ هن طرح لکي ته:

پاٻوهيو پڇن، ڪٿي هٽ حبيب جو

مگر ڪاتب جي  مراد هئي ته :

پاٻوهيو پڇن، ڪٿي هَٿُ حبيب جو

حضرت شاهه صاحب به ائين ئي چيو: يعني ته عاشق وڏي چاهه مان ٿا پڇن ته حبيب جو ”هٿ“ ڪٿي آهي، جنهن سان هو پنهنجي عاشق کي ڀالو هڻي ٿو، ۽ جيڪڏهن پاڻ پنهنجن عاشقن کي ماري ته هوند اسين به سندس هٿ آڏو اچي بيهون ۽ قربان ٿيون. شاهه صاحب جي ٻئي بيت ۾ اها معنيٰ صاف آهي:

هڻ حبيب هٿ کڻي، ٿيڪ مَ ٿورو لاءِ

مگر موجوده صورتخطي جي ڪري، ڪاتب جي لکيل ”ٽ“ کي ”ٿ“ بدران موجوده ”ٽ“ ئي ڪري پڙهيو ويو، يعني ته  ”هٿ“ کي ”هٽ“ ڪري سمجهيو ويو.

(ب) ٻولي جي تاريخي روايت ۽ مختلف ڀاڱن ۾ رائج مقامي اُچارن مطابق صورتخطي

هن سلسلي ۾ هيٺيون وضاحتون توجهه طلب آهن:

(١) اڳين ٻوليءَ ۾ ”غني نون“ وارو اُچار گهٽ هو، انهيءَ ڪري ڪن ڪاتبن ڪي لفظ ”نون غني“ کان سواءِ لکيا آهن. جيئن ته:

= تُهجو= تنهنجو     =کا = کان

=مُهجو= منهنجو     =هَٿا= هٿان

=مَٿا= مٿان

=منجها= منجهان

(٢) ڪي لفظ اهڙا آهن  جن ۾ ”ڀٽ شاهه جي تر واري ٻولي“ مطابق ”و“ يا ”ي“ ساڪن آهي. ٻهراڙيءَ جي نج ٻوليءَ ۾ اهي اڃان به ائين ڳالهائجن ٿا، پر ڪتابي ٻولي جي اثر سببان ”پڙهيل طبقو“ انهن کي متحرڪ ”و“ يا ”ي“ سان اُچاري ٿو. مثلاً؛

=چُون، چِينِ=چَوَن              =چُوندا= چَوَندا

=هُون=هُجَن، هُئَن              =پِيندا=پَوَندا

=ٿين=ٿيَن

=ڏِين=ڏَيَنِ

=رُونِ=رُئَنِ

(٣)ڪن لفظن کي اڳين صورتخطي واري سٽاء مطابق لکڻ ضروري آهي ته جيئن سنڌي صورتخطي جي تاريخي ارتقاء جا نشان باقي رهن:

مثلاَ: تنوين جو استعمال =۾، ۽

(٤) سنڌي اُچارن جي نظام (صوتيات) مطابق ڪن اُچارن جي پاڻ ۾ مٽ سٽ هلندي آئي آهي ۽ اڄ تائين اها رائج ٻوليءَ ۾ موجود آهي. ان جو هڪ مثال ”ء“ ۽ ”ي“ جي مٽ سٽ آهي. رسالي جي ڪاتبن جي صورتخطي ۾ پڻ اها مٽ سٽ موجود آهي. مثلاَ تاريخي طور سنڌي ٻوليءَ جي ”صوفي مجمعن“ يا ”سميٽيل اُچارن“ واري مزاج مطابق فعل جي ماضي جي صيغن توڙي ٻين لفظن ۾ ”ي“ جو اُچار سميٽيل آهي، ۽ انهيءَ ڪري هلڪو ”ء“، جنهن کي (جيئن اڳ ٻولي ڳالهائبي هئي، تيئن) اڳين ڪاتبن به ”ء“ رکيو، جيئن ٿئا، ڪِئا وغيره لفظ ”ء“ سان لکيائون. ”ڪتابي ٻولي“ جي رائج ٿيڻ سان صورتخطيءَ ۾ ”ي“ جو استعمال وڌيو، انهيءَ ڪري پوئين دور جي ڪاتبن ”ي“ کي وڌيڪ آندو-مثلاً:

ٿئا:  ط ل گ ٺ- ا ٺ-٢ ڻ- ا ڻ-٢ نص هه پ ڪ ح ع ب ي د- ا د -٢ حس

ٿيا: ش ٽ خ ک ت ر م غ

ڪِئا: ط ل گ ٺ –ا سٽ نص هه ش ح ع ب ي ج

ڪيا: پ ٽ د حس خ ک ت و ر م غ

باوجود انهيءَ جي ڏسبو ته پ د حس نسخن ۾ ”ٿئا“ کي (ء) سان ته ”ڪيا“ کي ”ي“ سان لکيو ويو آهي: يعني ته ان وقت به انهن  اُچارن جي مٽ سٽ عام هئي، ”متن“ ۾ پڻ ”ء“ توڙي ”ي“ کي آندو ويو آهي، پر وزن جي لحاظ سان هلڪا اُچار ”ء“ سان ۽ وڌيڪ چٽا اُچار ”ي“ سان آندا ويا آهن.

(٥) سنڌي صوتيات جي تاريخي سلسلي ۾ ”ء“، ”هه“ ۽ ”ي“ جا اُچار هڪ ٻئي سان ويجهائي سببان پئي مٽيا سٽيا آهن. لاڙ، ڪوهستان، ٻيلي، کاري ۽ ڪڇ جي ”مقامي ٻولين“ ۾ اها ”مٽا سٽا“ اڃا تائي موجود آهي. اڳين صديءَ ۾، ڪاتبن ”شاهه جا رسالا“ لکندي انهن اُچارن جي رد  بدل واريون صورتون پڻ قائم رکيون. مثلاً:

ٿِهين (گ نص هه پ ظ ب ي د حس ن)= ٿئين

کارِيده، ڳاريِده، ڳاڙيِده، ڳاڙ ِيندِ نُھ (ص عل گ مدح ع ب)= ڳاڙيندين

پَڙَندَه، پڙَنُدِنھ(گ مد نص ح ع ب ي مص) =پڙهندين

متن ۾ اهڙن لفظن کي موجوده صورتخطي جي تقاضائن موجب رکيو ويو آهي.

(٦)آڳاٽي لاڙي ٻوليءَ جي ڪن لفظن ۾ ”و“ جو اُچار ڪوتاهه هو، ۽ ذري گهٽ ڇوٽي پيش (-ُ) برابر هو. آڳاٽن ڪاتبن اهڙا  لفظ ”و“ بدران صرف ”پيش“ سان لکيا. جيئن ته :

چُندا=چوندا

گُندر= گوندر

سامُنڊي= سامونڊي

متن ۾ اهڙن لفظن کي موجوده اُچار موجب ”و“ جي واڌاري سان لکيو ويو آهي.

(ج) عربي ۽ فارسي لفظن جي صورتخطي

عربي ۽ فارسي لفظن کي ڪن  ڪاتبن عربي يا فارسي واري اصل صورت ۾ لکيو آهي جيڪو علمي لحاظ سان صحيح آهي، پر ڪن ڪاتبن وري اهڙن لفظن کي سنڌي اُچار واري صورت ۾ لکيو آهي، يعني ته جيئن اهي آڳاٽي وقت کان وٺي سنڌي ٻولي ۾  ڳالهايا ٿي ويا، يا خود ڪاتبن جي وقت ۾ ڳالهايا ويندا هئا، ڪن ٿورن ڪاتبن سندن اڻ ڄاڻائي سببان مٿين ٻنهي اصولن کان الڳ اهڙا ڪي الفاظ غلط صورت ۾ لکيا آهن.

شد وارا عربي لفظ: عربي لفظ هڪڙا  اهي آهن، جن جي ڪنهن حرف تي اصل ۾ ”شد“ آهي. سنڌي ٻوليءَ جي مزاج ۾ ”شد“ وارو اُچار ڪونهي ۽ شاهه جي ٻولي (ڀٽ شاهه جي تر واري ٻولي ‎) ۾ به اهي لفظ بنا شد جي ڳالهائجن ٿا. ٻيو ته اهي لفظ جيڪڏهن ”شد“ سان پڙهبا ته ”وزن“ ۾ خلل پوندو. مثلاً اصل عربي لفظ ”سَتارُ“ آهي، پر جيڪڏهن هيٺينءَ سٽ ۾ اهو (اصل اُچار موجب ”ت“ جي شد سان پڙهبو ته وزن ٽُٽندو. انهيءَ ڪري بنا شد پڙهبو.

”شرڪ ساڻ سَتار، گهڻا گهاريم ڏينهڙا،“

جيتوڻيڪ ڪن نسخن ۾ علمي صحت جي لحاظ سان لفظ ”ستار“ اصلوڪي صورت ۾ شد سان لکيل آهي، مگر گهڻن نسخن (ص ط ف گ  سٽ ڻ-١ پ ظ ٽ د-٢ حس ن خ ج ک و ر م) ۾ سنڌي اُچار مطابق بنا ”شد“ جي لکيل آهي، اهڙيءَ طرح ٻيا عربي لفظ جهڙوڪ: حقّ، شڪّ، سيد، مُِب، مَحبّتُ، جنّتُ، صِحّتُ، توڪّلُ وغيره به ڪن ڪاتبن اصلوڪي صورت ۾ ”شد“ سان ته ڪن سنڌي لهجي مطابق بنا شد جي لکيا آهن. پر جي ”شد“ سان پڙهبا ته وزن ٽٽندو- مثلاَ: هيٺين بيت ۾ جڏهن ”حق“ ۽ ”شڪ“ بناشد جي پڙهبا تڏهن وزن پورو بيهندو.

ڏسڻ ڏسين جي، ته همھ کي حق چئين

شارڪ شڪ م ني، انڌا انهيءَ ڳالهه ۾.

اصل شد وارا عربي لفظ سنڌي لهجي ۾ ڪيئن بدلجي هلڪا ٿيا آهن، تن جا هيٺيان مثال خاص توجهه طلب آهن ڇاڪاڻ  ته اهي رسالي ۾ گهڻو استعمال ٿيا آهن، ڪن ڪاتبن انهن کي اصل اُچار جي لحاظ سان شد سان لکيو آهي.

مُحَب(گ ظ ب) مُحِبُ

مَحبتَ مَحَبت، مَحِبَتَ، مُحُبَتَ

تَوَڪلُ تَوڪَلَ،توَڪَلَ

صِحّتَ صِحُتَ، صِحِتُ، صَحَتَ

ڪيترن ئي ڪاتبن، عربيءَ کانسواءِ سنڌي لفظن کي پڻ شد سان لکيو آهي، خاص طرح ڪن اهڙن لفظن کي جيڪي بيتن يا واين ۾ ”قافيي“ طور آيل آهن. مثلاَ:

*سرڪلياڻ، داستان-٢، بيت نمبر ٣ ۾ (ط ل ٺ- ا ٺ-٢ نص هه پ ب ”١٢٨٣ ۽ ٻين ڇاپن“ مص د -١ ۽ ت ) نسخن جي ڪاتبن ڪَم، دَم، چَم، قافيا ”شد“ سان لکيا آهن. پر (ف گ سٽ ڻ-١ ڻ – ٢ ظ ڪ ح ع ٽ ب ”١٢٩٢- ١٣٠٦“ د -٢ حس ن ج ک و ر م غ) نسخن جي ڪاتبن ۽ پڻ (س ق) ڇاپن ۾ اهي بنا شد جي ڏنل آهن.

*سرجمن، داستان ٢، بيت نمبر ١١، ۾ (ص ط ل ٺ-١ ٺٽ نص پ ظ ح ع ب د –1 د-٢، حس مص) نسخن جي ڪاتبن ڪَن، وَڃَنُ، پِيَن، قافيا شد سان لکيا آهن پر (گ ٺ- 2 ڻ- 2 سٽ مد ش ٽ ي ن ج ک ت و ر م غ) نسخن جي ڪاتبن بنا شد جي لکيا آهن.

*سرڪلياڻ، داستان- ٤، بيت نمبر ٣٧ ۾ (ص ط ل ٺ-١ ٺٽ نص هه پ ح ع ب ي د -١ د -٢) نسخن جي ڪاتبن مَچّ سچّ، ڳچّ قافيا شد سان لکيا آهن، پر (ف گ ٺ- ٢ ڻ -١ مد ش ظ ٽ حس ن ج ک ت و ر م غ) نسخن جي ڪاتبن اهي بنا شد جي لکيا آهن.

• سر ڪلياڻ، داستان -4، بيت نمبر 30 ۾ [ش ب خ] نسخن جي ڪتابن جَهل، اُڇلّ، قافيا شد سان لکيل آهن، پر [حس ج ق ک ورم غ] نسخن جي ڪاتبن اهي بنا شد جي لکيا آهن.

*سرڪلياڻ، داستان –٣، بيت نمبر ١٠ ۾ (ص ط ل ٺ-١ ٺ-٢ ٺٽ نص هه پ ش ظ ب ”١٢٩٣، ١٣٠٦“ ي د ر) نسخن جي ڪاتبن اِيّ، ٿِيّ، هِيّ، قافيا سان لکيا آهن، پر (گ سٽ ٽ ب (١٢٨٣  ۽ ان جي ٻين ڇاپن) حس ن ک ت و م غ) نسخن جي ڪاتبن ۽ پڻ (ق س) ڇاپن ساڳيا لفظ بنا شد جي لکيا آهن.

*سر يمن، داستان-٢، بيت نمبر ٩ ۾ ]نص هه ع ٺٽ ب ”١٢٨٣، ١٢٩٢، ١٣٠٣، ١٣٢٩، ١٣٤٠“ مص] نسخن جي ڪاتبن ڪُويڄَن، ڏَڏن قافيا شد سان آندا آهن، ، پر [ط ف ل گ ٺ ٺ سٽ ڻ -٢ ظ ح ٽ ب (١٣٠٦) ي د -١ د-٢ حس ن ج ک ت ر م غ] نسخن جي ڪاتبن هي بنا شد جي آندا آهن.

*سر يمن، داستان ٢، بيت نمبر ٢٤ ۾ (ع د-١ د-٢) نسخن جي ڪاتبن وَٽ، سَٽ، قافيا شد سان لکيا آهن، پر (گ نص هه ظ ح ٽ ب ي مص حس ن س خ ج ق ک ت و ر م غ) نسخن جي ڪاتبن ساڳيا لفظ بنان شد جي لکيا آهن. ڪن ڪاتبن اهڙن لفظن ۾ به شد آندي آهي،جيڪي قافيي طور استعمال نه ٿيا آهن، جئين ته ’ڪَچَ ڪُنو‘ (ي)؛ ’تِکَ ترندو ڪيترو ‎‘ (نص).

اها ’شد‘ حقيقت ۾ ’راڳ جي لحاظ‘ سان ڏني ويئي آهي، ڇاڪاڻ جو راڳ ۾ قافيي واري لفظ کي تار ۽ ترنم جي لحاظ سان چٽو ڪري نباهبو، ’شاهه جي راڳ‘ ۾ راڳائي فقير ڪن لفظن کي ڀڃي لچڪائي ڊگهو ڪندا، ڪن کي ڇوٽو ڪندا، ڪن کي زور ڏيئي چٽو ڪندا ۽ پڻ ڪي زائد لفظ آڻيندا. اهو راڳ جو اصول آهي، جنهن کي صورتخطي ۾ نه آڻبو؛ يعني ته نڪي لفظن کي ڀڃي ڊگهو ڪبو ته نڪو وري ”شد“ ڏبي. صورتخطي جي لحاظ سان اهو صحيح نه ٿيندو.

انهيءَ ڪري متن ۾ ڪنهن به سنڌي لفظ  کي ”شد“ سان نه لکيو ويو آهي. سمجهندر ڪاتبن پڻ ”شد“ ڪانه ڏني آهي، جيئن مٿين مثالن ۾ واضح ڪيو ويو آهي. ”شد“ بابت متن ۾ صورتخطي هيٺين اصولن موجب قائم ڪئي ويئي آهي:

- ڪنهن به سنڌي لفظ کي ”شد“ سان نه لکيو ويو آهي.

- سنڌي ٻوليءَ جي مزاج، شاهه جي ٻولي، ۽ وزن جي عام تقاضا موجب، ڪنهن به عربي لفظ کي پڻ شد سان نه لکيو ويو آهي، سواءِ ٽن صورتن جي: هڪ ته ڪي خاصئون خاص اسم جيئن ته ”الله“ (يا ٻيا صفاتي نالا، جيئن ته رَب) ۽ مُحمدُ؛ ٻيو ته اصل عربي عبارتون، جيئن ته قرآن شريف جون آيتون، حديثون وغيره؛ ٽيون ته اهي سٽون جن ۾ جيڪڏهن اصل عربي لفظ ”شد“ سان نه اچاربو ته وزن ٽُٽندو. مثلاً:

عِلتِي آرامُ، پَسِي عِلَتَ آئيو:

باوجود انهيءَ جي ڪن نسخن (سٽ ع حس خ ج ک ر م ) ۾ هن سٽ جي انهن عربي لفظن تي ”شد“ نه ڏني ويئي آهي.

٢- جزم وارا عربي لفظ: رسالي ۾ ڪيترائي ”جزم“ وارا عربي ۽ فارسي لفظ آيل آهن، جيڪي صدين کان وٺي سنڌي ٻولي جو جز بنجي ويا آهن، ۽ سنڌي لهجي مطابق اُچاريا وڃن ٿا، حالانڪه انهن جو اُچار ٻيو آهي. مثلاً:

عربي لفظ (اصل اُچار)    سنڌي لهجو                عربي لفظ (اصل اُچار)    سنڌي لهجو

اَلفُ               اَلفُ، اَلِفَ          صُلحُ              صُلِحُ

اَجلُ               اَجَلُ               ڪُفُرُ              ڪُفُرُ

اَصُلُ              اَصُلُ              فِڪرُ              فِڪِرُ

عَقُلُ              عَقُلُ              عاجِزُ              عاجُزُ

سَترُ               سَتُرُ               قاتِلُ              قاتُلُ

قَدُرُ               قَدُرُ               حاصِلُ            حاصُلُ

وَهمُ               وَهَمُ               حاَضِرُ             حاضُرُ

فَرقُ               فَرقُ، فَرُقُ          ڪافِرُ              ڪافَرُ

عِشقُ             عَشِقُ، عَشقُ      حُجرَه              حُجِرو

حُسنُ              حُسُنُ

اهي ۽ ٻيا اهڙا عربي لفظ، ڪن ڪاتبن، علمي صحت جي مدنظر ، اصل عربي اُچار واري صورت ۾ ته ڪن ڪاتبن سنڌي لهجي واري اُچار مطابق لکيا آهن. مثلاً:

*اَلف. اَلفَ (اڪثر نسخا) آلِفَ (ب١٢٩٢، ١٣٠٦)؛ اَلفَ (ک)

* شِرُڪُ (اڪثر نسخا)؛ شِرِڪُ (هه)

* قدُرُ (ص گ نص هه پ ب د ن)؛ قَدُرُ (هه ش ح ع ب ي د حس ن)؛ قَدُر (ک)

*وَهمُ (گ)؛ وَهَمُ (ٻيا اڪثر نسخا)

*حُسُنُ (اڪثر نسخا)؛ حُسُنُ (ٽ س ق)؛ حُسُنِ (ٺٽ)؛ حُسِنُ (ف)؛ حُسنِ(م)

*فِڪرُ (نص)؛ فِڪِرُ (ٻيا اڪثر نسخا)

*صُلحُ (نص هه پ ش ح ع ٽ ي)؛صُلحُ (گ ظ ب) سنڌي لهجي جي مدنظر ”ل“ جي زير زبر ڇڏي ڏنل

*حاضِرُ (ٺ-٢)؛ حاضُرُ (ص ط ف گ ٺ-١ ٺ -2 نص هه پ ظ ح ع ب ي د -١ د-٢ حس ن ج ک و ر م غ)

*قاتِلُ (ص ط ف ل گ ش ظ ح ع ٽ ب ج ت و ر غ)؛ قاتَلُ (هه پ ي د -١ د حس (ن ک و ر م غ)

*حُجُرَه. حُجرو (ط ف)؛ حُجِرو (ٺ-١)

*سَجَدَه: جمع واري صورت ۾ سَجِدا (ل ب ي)؛ سَجُدا (گ ٽ)؛ سَجَدا (ج ک)؛

*صِحتَ (گ)، صِحَت (ط ڻ -١ هه ڪ ح ع ن)؛ صِحَتِ (ش د د -٢ حس خ)؛ (ٽ ب ي )؛ صِحِتَ (نص پ)

*مَحَبتَ (ڻ-١ ظ ع)؛ مُحَبتَ (ٽ ب)؛ مَحَبَتَ (ص ط ل ڻ-٢ نص پ ش د -١ د حس)؛ مَحبَتَ (هه)؛ مُحُبَتَ (ي)

٣- فارسي جا لفظ: ڪن فارسي لفظن جو سنڌي لهجي وارو اُچار جدا گانه آهي. مثلاً:

فارسي لفظ (اصل اُچار)       نسخن جي پڙهڻي             سنڌي لهجي وارو اُچار

*دَرد          دَردُ (ش)، دَ اَ د (ڻ-١)، دَ ر دُ (غ)     دَرُدُ

*جِگر         جِگَر (ف)، جَڳَر                جِگَرَ، جَڳَرَ(آڳاٽو اُچار)

                                        جِگِرُ (هاڻوڪو اُچار)

*دَريا          دَرِياءُ                   دَرياههُ، دَرياهُه

*پَند          پَندِ (ط ف گ ٺ سٽ نص پ ش پَندَ، پَندَ

                ح ع ٽ)، پَندُ (ظ)

اهڙن جزم جي اُچار وارن لفظن جي صورتخطي هن اصول مطابق قائم ڪئي وئي آهي:

(١) جيڪي لفظ  سنڌي لهجي ۾ عام مقبول ٿي ويا آهن، اهي ان لهجي موجب رکيا ويا آهن جهڙوڪ اَلفُ، اَجَلُ، اَصُلَ، عَقُلُ، سَتُرُ، صُلحُ، قَدُرُ، حُسُنُ، ڪُفُر، فِڪِرُ، حاضُرُ، عاجُزُ، حُجِرو، پَهَرُ، پَنُدِ. (٢) باقي ٻيا لفظ اصل صورت ۾ لکيا ويا آهن، جئن: عَبُدُ، شِرُڪُ، ڪن اهڙن لفظن جو وچون حرف خالي ڇڏيو ويو آهي ته پڙهندڙ جيئن چاهي تيئن انهن کي عربي اُچار مطابق يا سنڌي لهجي موجب پڙهي، ڇاڪاڻ جو معنيٰ ۾ بهرحال فرق ڪو نه پوندو. (٣) ڪي عربي ۽ فارسي لفظ ڪنهن گهڻي وقت کان وٺي اصل صورتون مٽائي، سنڌي صورتن ۾ رائج ٿي چڪا آهن، جيئن ته ڦَرَهِي (فَرحي)، جَڳَرَ(جِگر)، ساٿَر (سَعتر) وغيره. اهڙن ڪن خاص لفظن کي سنڌي صورتن ۾ ئي رکيو ويو آهي.

(مهراڻ 4-1986ع)

سنڌي ۽ براهوئي زبانن جو تقابلي جائزو

عزيز الله ”عزيز“ بروهي

برصغيرجي مختلف زبانن جي مقابلي ۾ براهوئي زبان جو دامن بلڪل محدود سمجهيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته براهوئي لٽريچر جو دائرو ٻين زبانن جي ڀيٽ ۾ گهڻو تنگ رهيو آهي. پنجابي، سنڌي ۽ لهندا زبانون، جيڪي سنسڪرت سان گهڻو ملندڙ جلندڙ آهن، تن لاءِ سن ١٩١٠ع جي معلومات مطابق ست ملين ماڻهو اهي زبانون  ڳالهائين ٿا. پنجابيءَ، بهاري، بنگالي، هندي، اڙيسا ۽ آسامي زبانون توڙي رسم الخط سنسڪرت کي گهڻو ويجهيون آهن، انهن مان هندي ١٣٥ ملين جي زبان ۽ ٤٤ ملين بنگالي ڳالهائين ٿا. مرهٽي زبان جيڪا سنسڪرت سان لاڳاپو رکندڙ آهي، سا ١٨ ملين ماڻهو ڳالهائين ٿا. مرهٽي زبان جيڪا سنسڪرت سان لاڳاپو رکندڙ آهي، سا ١٨ ملين ماڻهو ڳالهائين ٿا. گجرات ۽ راجپوتي زبانون به سنسڪرت مان نڪتل آهن، اٽڪل ٢٠ ملين ماڻهو اهي ٻوليون ڳالهائين ٿا. تامل، تيليگو، ڪانيري ۽ ملايم، چئني زبانن جو خط سنسڪرت کان ڌار آهي. انهن چئني دراوڙي زبانن جو دائرو بلڪل وسيع آهي. اتر مدراس ۾ تيليگو زبان ٢١ ملين ماڻهو ڳالهائين ٿا ۽ ڏکڻ مدراس ۾ ٢١ ملين ماڻهو اها زبان ڳالهائين ٿا.)

سن ١٩١١ع ۾ ڪيل آدمشماريءَ جي انگن اکرن مطابق بلوچستان ۾ جملي ست زبانون رائج آهن. اتي ١٤٥٢٩٩ ماڻهو براهوئي ڳالهائين ٿا ۽ سڄي ايشيا ۾ براهوئن جو تعداد ٽي لک آهي. ٻي زبان بلوچي آهي، جنهن ۾ ٢٣٢٩٨٧ ماڻهو ڳالهائين ٿا. ماهرين جو خيال آهي ته بروهي، پسماندگيءَ سبب جابلو يا ڏوراهين صحرائي بياباني علائقي ۾ رهڻ ۽ وري خصوصي طور خانه بدوشيءَ سبب قريب قريب سندن اڌ حصو مردم شماريءَ کان رهجي ويو ۽ هن وقت ايشيا ۽ مشرق وسطيٰ  کي ڇڏي، رڳو سنڌ بلوچستان ۾ ئي بروهين جو تعداد اٽڪل پنجاهه لک آهي. پشتو يا افغاني، بلوچستان جي ٢٢٧٥٥٣ رهاڪن جي ۽ سنڌي ٥١٨٧٥٧ ماڻهن جي زبان آهي. هن وقت به اتي آدم شماري توڙي پکيڙ جي حساب سان سنڌي زبان سڀ کان اڪثريتي ۽ پهريون نمبر زبان آهي. ضلعي نصيرآباد، ڪڇي، سبي ويندي ڪوئيٽا مستونگ ۾ هيءَ زبان ڳالهائي وڃي ٿي. لس ٻيلو مڪمل سنڌي علائقو آهي. جهلاوان جا ماڻهو اڌ تي سنڌي ڳالهائيندا آهن.قلات، خضدار، سوراب ۽ پندراڻ وغيره جا براهوئي ته سنڌيءَ مائل سرائڪي ڳالهائيندڙ آهن. سبي ۽ ڪڇيءَ جي سنڌيءَ کان جهلاواني سنڌيءَ جو لهجو گهڻو مختلف ۽ عجيب و غريب ۽ نهايت پيارو لڳي ٿو. سن ١٩١١ع جي رپورٽ موجب سنڌيءَ مائل سرائڪي ڳالهائيندڙن جو تعداد بلوچستان ۾ ٥٥٥٤٥ آهي، تنهن ڪري ٿيڻ ائين گهرجي ته بلوچستان ۾ ٽن صوبائي زبانن براهوئي، بلوچي ۽ پشتو سان گڏوگڏ سنڌيءَ کي به اُتي صوبائي حيثيت ڏيئي ابلاغ عامه جي ادارن ريڊيو ۽ ٽي وي توڙي ادبي ۽ تعليمي ادارن ويندي بورڊ  ۽ يونيورسٽيءَ تائين تسليم ڪيو وڃي. انهيءَ موٽ ۾ سنڌ اندر ڪم از ڪم براهوئي ۽ بلوچي زبانن کي ساڳين ادارن ۾ نمائندگي ملڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ لکين بروهي ۽ بلوچ آباد آهن ۽ احسن طريقي سان خدمتون سرانجام ڏين پيا. هن کان سواءِ لهنڊا ۽ موڪاڪي يا لوزي چيني (جيڪا بلوچستان جي لورن لُنگهن جي ٻولي آهي) به بلوچستان جون مقامي ٻوليون آهن.(٢)

براهوئي زبان سڄي بلوچستان يعني سراوان، جهلاوان ۽ اتر-الهندي بلوچستان توڙي سڄي سنڌ ۾ رائج آهي، مگر مختلف علائقن ۾ سندس لهجو ٿورو مختلف ضرور آهي. اهڙو فرق سنجراڻي علائقي وارن بلوچن ۽ ڪڇيءَ جي بلوچن، توڙي سنڌ يا مڪران جي بلوچيءَ ۾ پڻ موجود آهي. ائين ئي لس ٻيلا، جهلاوان، سراوان ۽ ڪڇي توڙي خود سنڌ ۾ وچولي، لاڙ ۽ سَري جي سنڌي پڻ مختلف لهجن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. مورخ لکن ٿا ته سنڌ اندر سومرن جي صاحبيءَ ۾ سنڌي زبان رائج ٿي. شريف ادريسي ۽ مارڪو پولو جي بيانن مان پتو پوي ٿو ته مڪران ۾ ان وقت براهوئي زبان رائج هئي. مسعودي جيڪو سن ٣٠٣ هه ۾ برصغير ۾ آيو هو، تنهن جي بيان موجب، مڪران ۾ براهوئي ، سنڌ ۾ سنڌي ۽ گجرات ۾ لاڙي زبانون چالو هيون.  خبر نه ٿي پوي ته انهن مختلف زبانن جي ڪيفيت ڪهڙي هئي  ۽ هاڻوڪي ٻولي يا آڳاٽي ۾ ڪيترو فرق هو، پر ايترو ضرور معلوم ٿئي ٿو ته اهي هڪ ٻئي کان گهڻو مختلف هيون(٣). اڪثر محقق ان ڳالهه تي متفق آهي ته قديم بروهي ۽ سنڌي زبانن جي نحوي ۽ لغوي بناوت هڪ جهڙي آهي. بزرگ بن شهريار جي بيان موجب سن ٢٧٠هه ۾ منصوره جي هڪڙي عراقي مسلمان عالم، جيڪو برصغير جي مختلف زبانن مان واقف هو، تنهن الور جي راجا جي فرمائش تي قرآن پاڪ جو سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪيو. گهڻا ائين به چون ٿا ته ان وقت جي سنڌي گهڻي ڀاڱي هندي ۽ سنسڪرت سان ملندڙ هئي(٤). ابن نديم بغدادي جنهن ٣٧٧ هه ۾ پنهنجو ڪتاب الفهرست تصنيف ڪيو هو، سو بلوچستان، سنڌ ۽ هند متعلق لکي ٿو ته هن علائقي ۾ مختلف مذهبن وارن جون مختلف زبانون رائج هيون، مگر انهن ملڪن ۾ ٻن قسمن جا خط رائج هئا (٥).

البيروني، جيڪو سلطان محمود غزنوي جو معاصر هو ۽ هندستاني علوم و فنون ۽ زبانن جو ماهر هو، سو ڪشمير کا بنارس ۽ مڌيه پرديش جي خط کي سڌماترڪ، مالوه جي خط ناگر، ڪڇ ۽ سنڌ ۾ ڀاٽيه خط، ڏاکڻي سنڌ جي خط کي ملواري، ڪرناٽڪ ۾ ڪنٽري خط، گجرات ۾ لاڙي، دکن ۾ دراوڙي ۽ بنگال ۾ گوڙي خط جو ذڪر ڏئي ٿو. سندس بيان آهي ته هندي خط کاٻي کان ساڄي طرف لکڻ ۾ اچي ٿو. امير خسرو، جيڪو ستين صديءَ جي آخر ۽ اٺين صديءَ جي شروعات ۾ ٿي گذريو، پنهنجي مثنوي ۾ هندستان جي مختلف صوبن جي ٻولن مان سنڌي، لاهوري، ڪشميري، بنگالي، گجراتي، ڪنٽري، معبري، اوڏڪي  ۽ دهلوي زبانن جو ذڪر ڏئي ٿو. کانئس ٽي سو وريهه پوءِ اڪبر جي زماني جي ٻولين جا نالا ابوالفضل، آئين اڪبريءَ ۾ هن ريت ڏيکاريا ويا آهن: (i) دهلوي (ii) بنگالي (iii) ملتاني (iv) مارواڙي (v) گجراتي (vi) تلنگي (vii) مرهٽي (viii)بروهڪي(ix) سنڌي(x) ڪرناٽڪي (xi)افغاني (xii) شمالي (جيڪا سنڌ ۽ ڪابل جي وچ واري علائقي ۾ رائج هئي) (xiii)ڪشميري . ڏسجي ٿو ته اهي زبانون اڄ به رائج آهن، مگر بلوچستان ۾ سڀ کان آڳاٽيون ٻه زبانون هيون، يعني براهوئي ۽ پشتو. براهوئي جو سلسلو ادريسي ۽ مارڪو پولو تائين ملي سگهي ٿو. اڪبري دور ۾ عام طرح بلوچستان جي زبان براهوئي سڏجي ٿي. وري عرب سياحن ۽ جاگرافيدانن جي بيانن مان معلوم ٿئي ٿو ته اسلام جي ڪاهه کان اڳ فارسي، براهوئي، سنڌي ۽ پشتو زبانون سنڌ بلوچستان ۾ رائج هيون. اسلام اچڻ کانپوءِ عربي زبان به رائج ٿي. مثال طور ابو اسحاق ابراهيم بن محمد فارسي جيڪو بغداد جو رهاڪو هو، اصطخري جي نالي سان مشهور آهي، سو ٣٤٠هه ۾ محمود غزنوي کان اٽڪل سٺ ورهيه اڳ مڪران، سنڌ ۽ ملتان ۾ آيو هو. سندس ٻه جاگرافيون ”ڪتاب الاقاليم“ جيڪا ١٨٣٩ع ۾ ۽ ٻي ”مسالڪ والممالڪ“ جيڪا ١٨٧٠ع ۾ ليڊن مان شايع ٿي، سو ٣٤٠ هه مطابق سن ٩٥١ ع ۾ هندستان آيو هو. ابن حوقل جو همعصر هو. لکي ٿو ته منصوره ۾ ملتان تائين عربي ۽ سنڌي زبانون رائج آهن. هوڏانهن مڪران وارن جي زبان براهوئي ۽ فارسي مڪراني آهي. ابن حوقل جو به ساڳيو بيان آهي(٦).

عربي ۽ فارسيءَ جو ميلاپ پهريائين بلوچستان ۽ پوءِ هندستان جي ٻين علائقن کان اڳ سنڌ ۾ داخل ٿيو ته پوءِ براهوئي سنڌيءَ جو لاڳاپو ته سندن وجود ۾ اچڻ واري زماني کان آهي، هڪٻئي تي پنهنجو اثر ڪيئن نه ڇڏيو هوندو. بشاري مقدسي جيڪو پڻ سن ٣٧٥هه مطابق ٩٨٥ع ۾ ايران ۽ مڪران واري رستي کان ئي آيو هو،تنهن جو به ساڳيو بيان آهي. انهن سڀني شاهدين مان ظاهر آهي ته براهوئي زبان جو ميلاپ سنڌي زبان سان گهاٽو رهيو آهي. اهڙي قدامت هوندي به هن ٻوليءَ ڪا خاص ترقي نه ڪئي. هوڏانهن تامل  ۽ تيليگو زبانن ۾ يونيورسٽيون قائم آهن، ان جو هڪڙو سبب هي آهي ته هن زبان جا ڳالهيئندڙ پسمانده ۽ پنهنجائپ واري احساس کان خالي هئا، ٻيو ته اسلامي دنيا ۾ موراڪو کان وٺي لکنو ۽ مرشد آباد تائين عربي مذهبي زبان ۽ فارسي دفتري زبانن جو چرچو هو، ان ڪري براهوئي زبان ۽ سندس اديبات جو دائرو فقط شاعرن جي بيتن ۾ محفوظ رهيو(٧). اهڙو ماحول گهڻي دير تائين هليو، جنهن جي ڪري ادبي محفلن ۾ براهوئي ادب يا تاريخ جو بنهه چرچو نه رهيو. اهڙي گهٽتائيءَ جو سبب هن قوم جي پنهنجي غفلت به آهي. موجوده دور ۾ براهوئي ادب ڪافي ترقي ڪئي آهي ۽ نثر ۽ نظم ۾سوين هزارين ڪتاب ملندا. نظم ۽ نثر جي تقريباً هر صنف ۽ لوڪ ادب تي ڪافي طبع آزمائي ڪئي ويئي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com