سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا جلد-11

باب: --

صفحو :18

فاعل گهڻ، نار، آهي ته فعل (لکڻ) جي امر(لک) سان ”-انديون“ ڳنڍجي ٿو. – لکنديون، پڙهنديون، ڏسنديون.

ڇا، مٿي ڏنل سڄي ڳالهه ٻول  ۽ ان ڪري فعلي بناوت، تبديليءَ ۽ ڦيري ۾ هڪ باقاعدگي ۽ اصولي شڪل نظر نٿي اچي. پوءِ مروج فعلي ڦيري (زمان مستقبل) ۾ ”لکندس“، ”لکنديَس“، وغيره، ڪٿان آڻي ٽُنبيو ۽ ٻوليءَ ۽ وياڪرڻي قاعدي کي بگاڙيو ويو آهي؟

هاڻي اچو ته فعل جي هڪ ٻي صورت جاچيون، جنهن کي ”هئڻ، يا ”هجڻ“ جو فعل سڏجي ٿو. هن جو زمان به ”مستقبل“ ئي آهي.

١. هن فعل جو ڦيرو اسان کي هن نموني پڙهايو/ سيکاريو وڃي ٿو:

ش

هيڪل /نر                      هيڪل/نار

ضمير متڪلم   ١- * مان (سچار) هوندُس.         ٢-*مان(سچار) هوندَس( هونديَس)

ضمير حاضر    ٣- * تون (سچار) هوندين      ٤- * تون (سچار) هونديءَ.

ضمير غائب    ٥- * هي/هو (سچار) هوندو    ٦- * هيءَ/ هوءَ (سچار) هوندي.

گهڻ/نر                         گهڻ/نار

ضمير متڪلم    ٧- * اسان (سچار) هونداسي.٨-      * اسان (سچار) هونديونسي.

ضمير حاضر       ٩- * توهان (سچار) هوندوء ١٠- * توهان (سچار) هونديون.

ضمير غائب       ١١- * هي/هو (سچار) هوندا١٢-      * هي/ هو (سچار هونديون.

مٿي ڏنل ڦيري ۾ ضمير غائب، نر توڙي نار ۽ هيڪل توڙي جمع (٥، ٦، ١١ ۽ ١٢) سان گڏ ڏنل فعل جون صورتون حقيقي ۽ صحيح آهن. اهي ۽ ضمير حاضر، گهڻ، نار (10) سان گڏ ڏنل فعل جي صورت ان ڪري حقيقي ۽ صحيح آهي جو ان ۾ ضميري پڇاڙي ملڻ کانپوءِ به سندن صورت اها ئي بيهندي. باقي سمورن ضميرن سان فعل جي جيڪا صورت ڳنڍي  وئي آهي. ان سان ڪانه ڪا ضميري پڇاڙي به ڳنڍيل آهن، ۽ ان ڪري فاعل ٻه ڀيرا ورجائجي پيو آهي. ضمير متڪلم هيڪل، نر توڙي نار، سان ضميري پڇاڙي ”-اُس“ ۽ ”-اَس“ (ايسَ) ڳنڍيل آهن، جن بابت سمجهيو ۽ ٻڌايو ٿو وڃي ته ضمير متڪلم هيڪل جي بدران، نر جي حالت ۾ ”-اَس“ ۽ نار جي حالت ۾ ”-اَس“ (-اِيَس) ڪم اينديون آهن، ۽ ان جي لاءِ ڪوبه علمي سبب يا دليل موجود ناهي. باقي ضمير حاضر جي حالت ۾ جيڪي ضميري پڇاڙيون ڪم آيون آهن، اهي پاڻ جنهن فاعل جي نشاندهي ڪن ٿيون، اهو ضمير حاضر آهي.

زمان مستقبل ۾ ”هئڻ“ جي فعل جون حقيقي صورتون هي آهن:

١- فاعل هيڪل ۽ نر لاءِ (ضمير ڪهڙو به هجي)              * هوندو.

٢- فاعل هيڪل ۽ نار لاءِ (ضمير ڪهڙو به هجي)             * هوندي.

٣- فاعل گهڻ ۽ نر لاءِ (ضمير ڪهڙو به هجي)                          * هوندا.

٤- فاعل گهڻ ۽ نار لاءِ (ضمير ڪهڙو به هجي)               * هونديون.

ان ڪري، زمان مستقبل ۾ ”هئڻ، جي فعل جو ڦيرو هينئن هئڻ گهرجي:

*مان هوندو      *مان هوندي     *اسان هوندا     *اسان هونديون.

*تون هوندو      * تون هوندي    * توهان هوندا   * توهان هونديون.

* هي هوندو     * هيءَ هوندي   * اهي هوندا     *اهي هونديون.

”ضميري پڇاڙي“ ڳنڍجڻ کانپوءِ اهو ڦيرو هينئن ٿيندو:

*هوندُم                   *هوندَم                   * هونداسي      *هونديونسي

* هوندين                  *هوندينءَ        * هوندوء                             *هونديون (؟)*

* هوندو                   * (؟)             * هوندي (؟)     * هوندا ؟ * هونديون (؟)

۽

”ڪَرڻ“ واري فعل جو ڦيرو هن طرح هجڻ گهرجي:

*مان لکندو      *مان لکندي     * اسان لکندا    *اسان لکنديون

* تون لکندو     * تون لکندي    * توهان لکندا   * توهان لکنديون

* هي لکندو     * هيءَ لکندي   * اهي لکندا     * اهي لکنديون

ضميري پڇاڙيءَ سان گڏ هي ڦيرو هن طرح هجڻ گهرجي:

* لکندُم (مان لکندو).   * لکندمَ (مان لکندي)).

* لکنداسي (اسان لکندا) * لکنديونسي (اسان لکنديون).

* لکندين(تون لکندو)               * لکندينءَ (تون لکندي).

* لکندؤ( توهان لکندا)   * لکنديون ( توهان لکنديون) (؟)

*لکندو (هو لکندو)(؟)    * لکنديون(اهي لکنديون(؟)

* لکندا ( اهي لکندا)

(* نوٽ: جن لفظن جي پويان ننڍي ڏنگيءَ ۾ سوال جي نشاني ڏنل آهي، اهي ڌيان لهڻن ٿيون.منهنجو خيال اهو آهي ته انهن لفظن ۾ ضميري پڇاڙي اهڙيءَ طرح شامل ٿي سمائجي ويئي آهي، جو فعلي صيغو ساڳي ئي صورت وٺي بيٺو آهي.)

هاڻي اچو ته زمان مستقبل مطلق کي ضميري پڇاڙيءَ جي حوالي سان پڙهون: (هيٺ ڏنل ڦيري ۾ اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته مفعول هيڪل هجي يا گهڻ ۽ نر هجي يا نار، ان سان فعلي صيغي تي ڪو به اثر نٿو پوي. فعلي صيغو فاعل سان لاڳاپيل آهي) :

ض

ضميري پڇاڙي: ١- ضمير متڪلم، هيڪل، نر- فاعل ”مان/آنءُ“ جي بدران ضميري پڇاڙي ”-اُم“ ڪم اچي ٿي:  * چٺو/ چٺيون لکندَم (مان چٺو / چٺا لکندو)

* چٺي/چٺيون لکندَم (مان چٺي/ چٺيون لکندو)

- فعل جي مستقبل هيڪل ۽ نر واري صيغي (لکندو، پڙهند) جو آخري ”-او“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”-ام“ رکجي ٿو. لکندم، پڙهندم، ڏسندم.

ضميري پڇاڙي: ٢- ضمير متڪلم، هيڪل، نار –فاعل ”مان/آءٌ“ جي بدران ضميري پڇاڙي ”–اَم“  ڪم اچي ٿي:* چٺو/چٺا لکندم(مان چٺو/ چٺا لکندي).

* چٺي/ چٺيون لکندم(مان چٺي / چٺيون لکندي).

- فعل جي مستقبل هيڪل ۽ نار واري صيغي (لکندي، پڙهندي) جو آخري ”-اِي“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”-ام“ رکجي ٿو- لکندم، پڙهندم، ڏسندم.

ضميري پڇاڙي: ٣- ضمير متڪلم، گهڻ، نر – فاعل ”اسان/اسين“ جي بدران ضميري پڇاڙيءَ طور ”-اسي/اسون-/- اسين“ ئي ڪم اچي ٿي(هتي رڳو هڪ نشاني ڪم آڻجي ٿي) :

* چٺو/ چٺا لکنداسي(اسين چٺو/چٺا لکندا).

* چٺي/ چٺيون لکنداسي(اسين چٺي/چٺيون لکندا).

-فعل جي مستقبل گهڻ ۽ نر واري صيغي (لکندا، پڙهندا) سان ”-اسي“ ملائي رکجي ٿو-  لکنداسي/ لکندسين/ لکنداسون، پڙهنداسي/ پڙهنداسين/ پڙهنداسون.

ضميري پڇاڙي: ٤- ضمير متڪلم، گهڻ، نار –فاعل ”اسان/اسين“ جي بدران ضميري پڇاڙيءَ طور –اسي/-اسون-/اسين ئي ڪم اچي ٿي:

* چٺو/ چٺا لکنديونسي (اسان چٺو /چٺا لکنديون).

* چٺو / چٺيون لکنديونسي (اسان چٺي/ چٺيون لکنديون).

-فعل جي مستقبل گهڻ ۽ نار واري صيغي (لکنديون، پڙهنديون) سا ”-اسي“ ملائي رکجي ٿو- لکنديونسي / لکنديونسين، پڙهنديونسي/پڙهنديونسين.

ضميري پڇاڙي :٥- ضمير حاضر، هيڪل، نر- فاعل ”تون“ جي بدران ضميري پڇاڙي ”-اين“ ڪم اچي ٿي:* چٺو/چٺا  لکندين( تون چٺو / چٺا لکندو).* چٺي/ چٺيون لکندين(تون چٺي/ چٺيون لکندو).

- فعل جي مستقبل، هيڪل ۽ نر واري صيغي (لکندو، پڙهندو) جو آخري ”-او“ ڪيرائي ان جي جاءِ تي ”-اين“ رکجي ٿو- لکندين، پڙهندين، ڏسندين.

ضميري پڇاڙي: ٦- ضمير حاضر، هيڪل، نار – فاعل ”تون“ جي بدران ضميري پڇاڙي ”-اينءَ“ ڪم اچي ٿي:* چٺو/چٺا لکندينءَ(تون چٺي/ چٺا لکندي).* چٺي/چٺيون لکنداينءَ (تون چٺي / چٺيون لکندي).

- فعل جي مستقبل هيڪل ۽ نار واري صيغي (لکندي، پڙهندي) جو ”-اِي“ ڪيرائي ان جي جاءِ تي ”-اينءَ“ رکجي ٿو- لکندينءَ، پڙهندينءَ، ڏسندينءَ.

ضميري پڇاڙي: ٧- ضمير حاضر گهڻ، نر- فاعل ”توهان/توهين“ جي بدران ضميري پڇاڙي ”-اَو“ ڪم اچي ٿي: * چٺو/ چٺا لکندوء ( توهان چٺو / چٺا لکندا). * چٺي/ چٺيون لکندوء ( توهان چٺي/ چٺيون لکندا).

- فعل جي مستقبل گهڻ ۽ نر واري صيغي (لکندا، پڙهندا) سان ”-اَو“ ملائجي ٿو- لکندوء، پڙهندوء، ڏسندوء.

ضميري پڇاڙي: ٨- ضمير حاضر، گهڻ، نار-فاعل ”توهان/توهين“ جي بدران ضميري پڇاڙي ”-اِيون“ ڪم اچي ٿي: * چٺو/ چٺا لکنديون( توهان چٺو/ چٺا لکنديون).* چٺي/ چٺيون لکنديون( توهان چٺي/ چٺيون لکنديون).

- فعل جي مستقبل گهڻ ۽ نار واري صيغي (لکنديون، پڙهنديون) سان ”-اِيون“ ملائجي ٿو يا  ائين چئجي ته  ”اِيون“ ڪيرائي ”اِيون“ ملائجي ٿو- لکنديون، پڙهنديون، ڏسنديون.

ضميري پڇاڙي: ٩- ضمير غائب، هيڪل، نر –فاعل ”هي/هو“ جي بدران ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙيءَ جي سلسلي ۾ ٽي ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون:

١- زمان مستقل ۾ هن صورت لاءِ ڪابه ضميري پڇاڙي مقرر ناهي. هيءَ ڳالهه عقل، منطق ۽ دليل جي ويجهو ناهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي گڻن کانپري آهي.

٢- ضميري پڇاڙيءَ طور ڪم ايندڙ آواز اهڙو ڪو آهي جو فعل جي هن صيغي ۾ اهڙيءَ طرح ملي جذب ٿي وڃي ٿو جو فعلي صيغي جي صورت ساڳي ئي بيهي (جيئن ضمير حاضر، گهڻ، نار، جي سلسلي ۾ ٿيو هو) مون کي اهائي ڳالهه درست ڀاسي ٿي، پر ان کي ڪو سنڌي جو ماهر ئي سمجهائي سگهي ٿو. زمان حال جي ”هئڻ“ ۽ ”ڪرڻ“ واري فعل جي ڦيري ۾ اسان ڄاتو هو ته ”هي/هو/هيءَ/هوءَ“ جي بدران ڪم ايندڙ ضميري پڇڙي ”-اي“ آهي. ڀاسي ائين ٿو ته اها ئي ضميري پڇاڙي هتي ڪم آئي آهي ۽ جذب ٿي گم ٿي ويئي آهي. (يا ائين به ٿي سگهي ٿو ته زمان حال ۾ ضمير غائب گهڻ لاءِ ڪم آيل ضميري پڇاڙي ”-او“ ڪنهن سبب يا  غلطيءَ جي ڪري هتي ڪم آندي وئي هئي ۽ هتي اها ئي ملي، سولائيءَ سان جذب ٿي سگهي ٿي).

٣-  ضمري پڇاڙي ”-اُس“ آهي – لکندُس، پڙهندس- پر اها صورت  حقيقت ۾ ٻٽيءَ ضميري پڇاڙيءَ جو مفهوم ظاهر ڪري ٿي: ”لکندس“ معنيٰ ”هُو هن کي لکندو“، ”پڙهندس“ معنيٰ ”هو هن کي پڙهندو“، ”ڏسندس“ معنيٰ ”هو هن کي ڏسندو“، ”ويهندس“  معنيٰ ”هو هن وٽ ويهندو“. تنهن ڪري، ضمير غائب، هيڪل، نر، لاءِ اها ئي ڳالهه درست بيهي ٿي، جيڪا ٢- هيٺ ڪيل آهي، ۽ ان سان جڏهن وڌيڪ ”اُس“ ضميري پڇاڙي ملي ٿي ته ”هن“ ۽ ”هن وٽ“ ”هن کي“ ”هن تي“ مطلب ظاهر ڪري ٿي.

ضميري پڇاڙي: ١٠- ضمير غائب، هيڪل، نار – فاعل ”هيءَ/هوءَ“ جي  بدران ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙيءَ جي سلسلي ۾ به اهي ئي ٽي ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، جيڪي ضميري پڇاڙي ٩- هيٺ ڪيل آهن، سواءِ ان فرق جي ته ضميري پڇاڙي ”-اَس“ هجي.

ضميري پڇاڙي: ١١- ضمير غائب، گهڻ، نر- فاعل ”هي/هو“ جي بدران ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙيءَ جي سلسلي ۾ به اهي ئي ٽي ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، جيڪي ضميري پڇاڙي -٩ ۽ ضميري پڇاڙي -١٠ هيٺ ڪيل آهن، سواءِ ان فرق جي ته ضميري پڇاڙي ”-ان“ هجي.

ضميري پڇاڙي: ١٢- ضمير غائب، گهڻ، نار- فاعل ”هي/هو“ جي بدران ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙيءَ جي سلسلي ۾ به ساڳيون ضميري پڇاڙي -١١ واريون ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون.

ضميري پڇاڙين جي حوالي سان، مٿي ڪيل ڳالهه ٻول چٽا سبق ڏئي ٿي ته

١- ”مان لکندُس“ جي حقيقي معنيٰ ”مان هي هن ڏانهن لکندو“ آهي. صحيح جملو ”لکندُم“ يا  ”مان/آءُ لکندو“ ٿيندو.

٢- ”مان/آءٌ لکندَس“ جي حقيقي معنيٰ ”مان هي هن ڏانهن لکندي“ آهي. صحيح جملو ”لکندَم“ يا ”مان لکندي“ ٿيندو.

٣- ”مان لکنديَس“ جي حقيقي معنيٰ به اها ساڳي ئي ٢- نمبر واري آهي ۽ صحيح صورت به اها.

٤- ”اسان/اسين/لکنداسي/لکنداسون/لکنداسين“ جي حقيقي معنيٰ ”اسان اسان لکندا“ آهي. صحيح جملو ”لکنداسي/ لکنداسون/ لکنداسين“ يا ”اسان لکندا“ (اسين لکندا) ٿيندي.

٥- ”اسان لکنديوسين“ جي حقيقي معنيٰ ”اسان اسان لکنديون“ آهي. صحيح جملو ”لکنديُوسين/ لکنديونسين/ لکنديونسي“ يا ”اسان لکنديون“ ٿيندو.

٦- ”تون لکندين“ جي حقيقي معنيٰ ”تون تون لکندو“ آهي. صحيح جملو ”لکندين“ يا ”تون لکندو“ ٿيندو.

٧- ”تون لکندينءَ“ جي حقيقي معنيٰ ”تون تون لکندي“ آهي. صحيح جملو ”لکندينءَ“ يا ”تون لکندي“ ٿيندو.

٨- ”توهان لکندوء“ جي حقيقي معنيٰ ”توهان توهان لکندا“ آهي. صحيح جملو ”لکندوء“ يا ”توهان لکندا“ ٿيندو.

باقي ضميرن ۽ ضميري پڇاڙين جي سلسلي ۾ اميد آهي ته ڪو نه ڪو، خاص طرح سنڌي جو ماهر، اسان جي رهنمائي ڪرڻ پسند ڪندو.

هيٺ ڏنل ٻٽي ضميري پڇاڙي رکندڙ لفظ اسان جي ان ڳالهه کي اڃا وڌيڪ پختگيءَ سان ظاهر ڪن ٿا.

زمان مستقبل ۾ ”ڪَرڻ“ واري فعل جي حوالي سان ٻه ضميري پڇاڙيون به ڪم اچن ٿيون، ۽ عام جام اچن ٿيون. انهن مان ڪجهه جو ٿورو ذڪر ڪجي ٿو:

ط                                          هيڪل/نر        هيڪل/نار

* لکندو مانءِ= لک+ اندو+ مان+ ءِ        = مان تو ڏانهن لکندو.= لکنديمانءِ.

* لکندو مانوَ = لک+ اندو+ مان+ وَ        =مان توهان ڏانهن لکندو.= لکنديمانوَ.

* لکندو مانس= لک+ اندو+ مان+ اس    = مان هن ڏانهن لکندو= لکنديمانس.

* لکندو مانِ = لک+ اندو+ مان+ ان       = مان هنن ڏانهن لکندو.= لکنديمانِ.

* لکندينم= لک+ ان+ اين+ ام  = تون مون ڏانهن لکندو.= لکنديئَم.

* ؟                                  = (تون اسان ڏانهن لکندو).         = ؟

* لکندينس= لک+ اند+ اين+ اس         = تون هن ڏانهن لکندو.= لکنديئس.

* لکندينِن= لک+ ان+ اين+ ان   = تون هنن ڏانهن لکندو.= لکندينئن.

 لکندومِ= لک+ اند+ او+ ام               = هو مون ڏانهن لکندو. = لکنديئم.

* ؟                                  = (هو اسان ڏانهن لکندو). = ؟

لکندُءِ= لک+ اد+ او+ ءِ            = هو تو ڏانهن لکندو.=           لکندَءِ.

* لکندُوَ= لک+ اندو+ او+ وَ                = هو توهان ڏانهن لکندو.= لکندَسِ.

* لکندُن= لک+ اند+ اُو+ ان               = هو هنن ڏانهن لکندو.= لکندَنِ.

گهڻ/نر                                         گهڻ/نار

* لکنداسونءِ= لک+ اندا+ اسون+ءِ         = اسين تو  ڏانهن لکندا.= لکنديُوسونءِ.

* لکنداسونوَ= لک+ اندا+ اسون+ وَ        =اسين توهان ڏانهن لکندا= لکنديونسيوَ.

* لکنداسونس= لک+ اندا+ اسون+ اس =اسين هن ڏانهن لکندا.= لکنديونسونس.

* لکنداسونِ = لک+ اندا+ اسون+ ان      = اسين هنن ڏانهن لکندا.= لکنديوسُونِ.

* لکندؤم= لک+ اندا+ آو+ ام  =توهين مون ڏانهن لکندا.= لکنديئوم.

* ؟                                  = (توهين اسان ڏانهن لکندا). = ؟

* لکندؤس= لک+اندا+آو+اس              = توهين هن ڏانهن لکندا.= لکنديوئوس.

* لکندؤن= لک+ اندا+ آو+ ان             = توهين هنن ڏانهن لکندا.= لکنديئون.

* لکندام= لک+ اندا+آو+ام              = اهي مون ڏانهن لکندا.= لکنديونئم(؟)

* ؟                                  = (اهي اسان ڏانهن لکندا)          = ؟

* لکندءِ = لک+اندا+ آءِ          = اهي تو ڏانهن لکندا.= لکنديونءِ.

* لکندوَ = لک+ اندا+آ+ اس              = اهي توهان ڏانهن لکندا.= لکنديونئوَ.

* لکندس=لک+اندا+آ+ان                           = اهي هن ڏانهن لکندا.= لکندَس (لکنديونئس).

* لکندنِ= لک+ اندا+ آ+ ان             =اهي هنن ڏانهن لکندا.= لکندنِ (لکنديُوئن).

 ٻِٽي ضميري پڇاڙي رکندڙ مٿي ڏنل لفظن ۾، جيڪي حقيقت ۾ فعل لازمي وارا مڪمل جملا آهن. هي ڳالهيون ڌيان گهرن ٿيون:

١- ڪجهه لفظن جي اچار ۾ شد جهڙي ڪيفيت نظر اچي ٿي.

٢- لڳ ڀڳ سڀني فعلن کي سَنڌِي جي اصولن موجب وري جاچڻ جي گهرج آهي.

٣- ڪيترائي لفظ ڳالهايا وڌيڪ ۽ لکيا گهٽ ٿا وڃن.

٤- چٺيءَ طرح پڌرو ٿي اچي ٿو ته ”-اس“ ضميري پڇاڙي ”هِن/هُن/ هي/هو“ جي بدران ۽ ”-ان“ ضميري پڇاڙي ”هنن/هنن“ جي بدران، ”-ام“ ضميري پڇاڙي ”مان/مون/آنءُ“ جي بدران ۽ ”-اسي-/-اسون“ ضميري پڇاڙي ”اسان/اسين“ جي بدران ڪم اچي ٿي.

هاڻي اچو ته ٻين ڪجهه زمانن تي سندن ڦيري ۽ ضميري پڇاڙيءَ جي حوالي سان مختصر نظر وجهون:

(١) زمان حال مدامي

ڦيرو، جيئن پڙهايو وڃي ٿو.                   صحيح صورت، ضميري پڇاڙيءَ سميت

*آءٌ لکندو آهيان.                             * لکندو آهيان.

*آءٌ لکندي آهيان.                           * لکندي آهيان.

* اسين لکندا آهيون.                         * لکندا آهيون.

* اسين لکنديون آهيون.            * لکنديون آهيون.

* تون لکندو آهين.                          * لکندو آهين.

* توهان لکندا آهيو.                          * لکندا آهيو.

* تون لکندي آهين.                          * لکندي آهين.

* توهان لکنديون آهيو.             * لکنديون آهيو.

* هي لکندو آهي.                           * لکندو آهي.

* هيءَ لکندي آهي.                         * لکندي آهي.

* اهي لکندا آهن.                            * لکندا آهن.

* اهي لکنديون آهن.                         * لکنديون آهن.

(٢) زمان حال متشڪي

ڦيرو، جيئن پڙهايو وڃي ٿو صحيح صورت   ضميري پڇاڙيءَ سميت

* آءٌ لکندو هوندس.                * آءٌ لکندو هوندو.        * لکندو هوندمُ.

* آءٌ لکندي هونديس.              * آءٌ لکندي هوندي.      * لکندي هوندم.

* اسين لکندا هونداسين. * اسين لکندا هوندا. * لکندا هونداسين.

*اسين لکنديون هونديونسين.              * اسين لکنديون هونديون.      *لکنديون هونديونسين.

* تون لکندو هوندين.               * تون لکندو هوندو.       * لکندو هوندين.

* تو لکندي هوندين.               * تون لکندي هوندي* لکندي هونديئن.

* توهان لکندا هوندا.               * توهان لکندا هوندا.* لکندا هوندوء.

* توهين لکنديون هونديون.        * توهين لکنديون هونديون* لکنديون هوندؤ.

* هي لکندو هوندو.                * هي لکندو هوندو.       * لکندو هوندو.

* هيءَ لکندي هوندي.             * هيءَ لکندي هوندي.* لکندي هوندي.

* اهي لکندا هوندا.                 * اهي لکندا هوندا.       * لکندا هوندا.

* اهي لکنديون هونديون. * اهي لکنديون هونديون.*لکنديون هونديون.

(٣) زمان حال استمراري

ڦيرو، جيئن پڙهايو وڃي ٿو.                   صحيح صورت، ضميري پڇاڙيءَ سميت

* آءٌ لکان پيو.                               * لکان پيو.

* آءٌ لکان پئي.                              * لکان پئي.

* اسين لکون پيا.                                      * لکون پيا.

* اسين لکون پيون.                                    * لکون پيون.

* تون لکين پيو.                                       * لکين پيو.

* تون لکين پئي.                                      * لکين پيو.

* توهان لکو  پيا.                                      * لکو پيا.

* توهان لکو پيون.                                     * لکو پيون.

* هي لکي پيو.                              * لکي پئي.

* هيءَ لکي پئي.                                      * لکي پئي.

* هي لکن پيا.                               * لکن پيا.

* هي لکن پيون.                                      * لکن پيون.

(٤) زمان مستقبل استمراري

ڦيرو، جيئن پڙهايو وڃي ٿو.         صحيح صورت   ضميري پڇاڙي سميت

* مان لکندس پيو.                 * مان لکندو پيو.         * لکندم پيو.

* مان لکنديس پئي.               * مان لکندي پئي.       * لکندم پئي.

* اسان لکنداسون پيا.              * اسان لکندا پيا.         * لکنداسي پيا.

* اسان لکنديونسين پيون.         * اسان لکنديون پيون.* لکنديونسي پيون.

* تون لکندين پيو.                 * تون لکندو پيو.         * لکندين پيو.

* تون لکندينءَ پئي.                * توهان لکندي پئي.* لکندينءَ پئي.

* توهان لکندا پيا.                 * تون لکندا پيا. * لکندوء پيا.

* توهان لکنديون پيون.   * توهان لکنديون پيون.* لکندو پيون.

* هي لکندو پيو.                   * هي لکندو پيو.         * لکنديو پيو.

* هي لکندي پئي.                 * هي لکندي پئي.       * لکندي پئي.

* هي لکندا پيا.          * هي لکندا پيا. * لکندا پيا.

* هي لکنديون پيون.               * هي لکنديون پيون.* لکنديون پيون.

(٥) زمان ماضي استمراري

ڦيرو، جيئن پڙهايو وڃي ٿو.         صحيح صورت             ضميري پڇاڙيءَ سميت

* مون لکيو ٿي (نر)                (جيئن ته فعل سڌو                      فاعل ضمير متڪلم، هيڪل

* مون لکيو ٿي(نار)                سنئون مفعول اسان                  (چٺو) لکيم پئي.

* اسان لکيو ٿي(نر)                لاڳاپيل آهي، ان ڪري    (چٺا) لکيم پئي.

* اسان لکيو ٿي (نار)               فاعل ضمير ڪهڙو به.    (چٺي) لکيم پئي.

* تو لکيو ٿي(نر)                   صحيح ڦيرو هينئن ٿيندو) (چٺيون لکيم پئي.

* تو لکيو ٿي (نار)                 .... (چٺو) لکيو پئي.      *       فاعل ضمير متڪلم، گهڻ

* توهان لکيو ٿي (نر)    ....      (چٺا) لکيا پئي.            (چٺو) لکيوسون پئي،

*توهان لکيو ٿي (نار)     ....      (چٺي) لکي پئي.                    (چٺي) لکياسون پئي.

* هن لکيو ٿي(نر)                  .... (چٺيون) لکيون پئي.  (چٺي) لکيسون پئي.

* هنن لکيو ٿي (نار)     .         (......) جي جاءِ تي                  (چٺيون لکيونسون پئي.

* هنن لکيو ٿي(نر)                 ڪهڙو به صحيح رکبو،    فاعل ضمير حاضر، هيڪل

* هنن لکيو ٿي(نر)                 ڦيري جي صورت اها ئي بيهندي.       (چٺو) لکيُئه پئي

                                                          (چٺا) لکيَئه پئي.

(مٿي ڏنل ڦيرو رڳو                                               (چٺي) لکيئه پئي.

هڪ حالت ۾ صحيح آهي                                       (چٺيون) لکيئه پئي.

يعني تڏهن جڏهن مفعول                              فاعل ضمير حاضر، گهڻ

نر ۽ هيڪل هجي.)                                              (چٺو) لکيُو پئي.

                                                          (چٺا) لکيَوَ پئي.

                                                          (چٺي) لکيَوَ پئي.

                                                           (چٺيون) لکيَوَ پئي.

                                                           * فاعل ضمير غائب، هيڪل

                                                          (چٺو) لکيائين پئي.

                                                          (چٺا) لکيائين پئي.

                                                          (چٺي) لکيائين پئي.

                                                          (چٺيون) لکيائين پئي

                                                (*) فاعل ضمير غائب، گهڻ

(*) (هتي فعل جو اهو صيغو آندل آهي،                       (چٺو) لکيائون پئي.

جنهن جو سڌو واسطو فاعل سان آهي                            (چٺا) لکيائون پئي.

نه ڪي مفعول سان)                                              (چٺي) لکيائون پئي.

                                       (چٺيون) لکيائون پئي.

(٦) زمان ماضي قريب

ڦيرو، جيئن پڙهايو وڃي ٿو.         صحيح صورت             ضميري پڇاڙيءَ سميت

* مون لکيو آهي (نر)               + فاعل ضمير ڪهڙو به هجي

فاعل ضمير متڪلم هيڪل

* مون لکيو آهي  (نار)   جيئن ته فعل جون صورتو * (چٺو) لکيو اٿم.

* اسان لکيو آهي (نر)    مفعول سان لاڳاپيل آهن،           * (چٺا) لکيا اٿم.

*اسان لکيو آهي (نار)    ان ڪري صحيح ڦيرو                         * (چٺي) لکي اٿم.

*تو لکيو آهي (نر)              هن طرح ٿيندو:                   * (چٺيون) لکيون اٿم.

* تو لکيو آهي (نار)                        ...... (چٺو) لکيو آهي.                       فاعل ضمير متڪلم گهڻ

* توهان لکيو آهي(نر)    ......(چٺا) لکيا آهن.                * (چٺو) لکيو اٿئون.

* توهان لکيو آهي (نار)  ..... (چٺي) لکي آهي.               * (چٺا) ليکا اٿئون.

* هن لکيو آهي (نر)                .....(چٺيون) لکيون آهن.            * (چٺي) لکي اٿئون.

* هن لکيو آهي(نار)                * (....) جي جاءِ تي ڪهڙو        * (چٺيون) لکيون اٿئون.

فاعل ضمير حاضر هيڪل

* هنن لکيو آهي (نار)          به ضمير رکبو، ڦيري جي                               

*هنن لکيو آهي(نر)صورت اها ئي بيهندي.                              * (چٺو) لکيو اٿئه.

(نوٽ: ڦيرو پڙهائڻ جو                                            * (چٺا) لکيا اٿئه.

مٿي ڏنل طريقو رڳو                                              * (چٺي) لکي اٿئه.

هڪ حالت ۾ صحيح آهي                                       * (چٺيون) لکيون اٿئه.

يعني تڏهن، جڏهن مفعول نر ۽ هيڪل هجي).

                                                          فاعل ضمير حاضر گهڻ

                                                          * (چٺو) لکيو اٿوَ.

(*) ”اَٿئِن“ به اچاريو ويندو آهي.                                * (چٺا) لکيا اٿوَ.

(**) ”اٿئِن“ به اچاريو ويندو آهي.                               *(چٺي) لکي اٿوَ.

                                                          * (چٺيون) لکيون اٿوَ.

                                                فاعل ضمير غائب هيڪل

                                                * (چٺو) لکيو اٿائين. *

                                                * (چٺا) لکيا اٿائين.

                                                * (چٺي) لکي اٿائين.

                                                * (چٺيون) لکيون اٿائين.

                                        فاعل ضمير  غائب گهڻ.

                                                * (چٺو) لکيو اٿائين.*

                                                * (چٺا) لکيا اٿائين.

                                                * (چٺي) لکي اٿائين.

                                                * (چٺيون) لکيون اٿائين.

                                        فاعل ضمير غائب گهڻ.

                                                *(چٺو) لکيو اٿن/اٿائون.**

                                                * (چٺو) لکيا اٿن/اٿائون.

                                                * (چٺي) لکي اٿن/اٿائون.

                                                * (چٺيون) لکيون اٿن/اٿائون.

(٧) زمان ماضي بعيد

ڦيرو،جيئن پڙهايو وڃي ٿو.     صحيح صورت   ضمير پڇاڙيءَ سميت

* مون لکيو هو (نر) + جيئن ته فعل سڌو سنئون    فاعل ضمير متڪلم هيڪل

*مون لکيو (نار) مفعول سان لاڳاپيل آهي، ان       ان (چٺو) لکيو هُئُم/هُيُم.

* اسان لکيو هو(نر)       ڪري فاعل ضمير ڪهڙو به       (چٺا) لکيا هُئُم/هيَم.

* اسان لکيو هو (نار) هجي، صحيح ڦيرو  هيئن ٿيندو:(چٺي) لکي هُئَم/هيَم.

* تو لکيو هو (نر)         ..... (چٺو) لکيو هو.                 (چٺيون) لکيون هئَم/هيَم.

* تو لکيو هو (نار)        (....) جي جاءِ تي ڪهڙو به         فاعل ضمير متڪلم، گهڻ،

*توهان لکيو هو (نر)ضمير رکبو، ڦيري جي صورت  (چٺو) لکيو هئوسون/هيوسون.

*توهان لکيو هو(نار)      اها ئي بيهندي.            (چٺا) لکيا هئاسون.

* هن لکيو هو(نر)         .... (چٺا) لکيا هئا.                  (چٺي) لکي هئيسون.

* هن لکيو هو (نار)       .... (چٺي) لکي هئي.               (چٺيون) لکيون هُيوسون.

                                        فاعل ضمير متڪلم، گهڻ،

* هنن لکيو هو(نر)        .... (چٺيون) لکيون هيون. (چٺو) لکيو هُيُوَ.

* هنن لکيو هو (نار)                                   (چٺا)  لکيا هُيُوَ.

(نوٽ: مٿي ڏنل ڦيرو                                   (چٺي) لکي هيو.

رڳو هڪ حالت ۾                                       (چٺيون) لکيون هيون.

صحيح آهي، يعني                                     فاعل ضمير حاضر، گهڻ

تڏهن، جڏهن مفعول                                    (چٺو) لکيو  هُيُوَ.

نر ۽ هيڪل هجي.)                                    (چٺا) لکيا هُيَوَ.

                                                (چٺي) لکي هيو.

                                                (چٺيون) لکيون هيو.

                                        فاعل ضمير غائب هيڪل

                                                * (چٺو) لکيو هئائين.

                                                (چٺا) لکيا هئائين.

                                                (چٺي) لکي هئائين.

                                                (چٺيون) لکيون هئائين.

                                        فاعل ضمير غائب گهڻ

(*) ”هُئئن“ به اچاربو آهي.                            ** (چٺو) لکيو هين/هيائون.

(**) ”هُئَئن“ به اچاربو آهي.                          (چٺا) لکيا هُينَ/هئائون.

                                                (چٺي) لکي هين /هئائون.

                                                (چٺيون) لکيون هُينَ/هئائون.

قاعدن ۽ قانونن جي ڳولا.

آواز

ضميري پڇاڙيءَ يا ضميري پڇاڙين جي حوالي سان هنوقت تائين جيڪي به لفظ بحث هيٺ اچي چڪا آهن، انهن مان هيٺ ڏنل آواز ئي آهن، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن ضميرجي نمائندگي ڪن ٿا:

ض

١- ضمير متڪلم، هيڪل (نر ۽ نار)، --- فاعل ”مان/مون/آءٌ/آئون/آنءٌ“ ”-آن“، ”-اُم“، ”اَم“ ”-اِم“، ”-مان“

٢- ضمير متڪلم، گهڻ (نر ۽ نار)،- فاعل ”اسان/“/”اسين“”-اون“، ”-اسي“، ”-اسون“، ”-اسين“.

٣- ضمير حاضر، هيڪل، (نر ۽ نار)، --- فاعل ”تون“/ ”تو“: ”اين“، ”اُئه“، ”اَئه“، ”-ائِه“ (”-اينءَ“، نار لاءِ هڪ هنڌ)

٤- ضمير  حاضر،  گهڻ (نر ۽ نار)--- فاعل ”توهان“/”توهين“/”اوهان“/”اوهين“: ”-اَو“، ”-اَو،“ ”-او“.

٥-ضمير غائب،  هيڪل (نر ۽ نار)، - فاعل ”هي/هيءَ/هو/هوءَ/هن/هُن/اِن/اُن:

”-اي“، ”-او“، ”-اُس“، ”-اس“، ”-ائين“ (-”اي“ نار لاءِ ڪجهه هنڌن تي)

٦- ضمير غائب- گهڻ(نر ۽ نار)- فاعل ”هي/هو/اِهي/اُهي/انهن/اُنهن/هنن/هُنن:

”-اِن“، ”-اُن“، ”-ان“، ”-اَئون“.

ڪجهه ٻيا آواز، جيڪي فعل جي امري صورت کي هڪ مخصوص معنيٰ ڏين ٿا:

١- هيڪل، نر، لاءِ آواز : ”-او“، يا ”-ا+ او“ يا ”-او+ او“.

٢- هيڪل، نار، لاءِ آواز : ”-اي“ يا ”اَِ +اي“ ”-اِي+اِي“.

٣-گهڻ، نر، لاءِ  آواز : ”-آ“ يا ”-ا+آ“ يا ”-آ+آ“.

٤- گهڻ، نار، لاءِ آواز : ”-اِيون“ يا ”-ا + ايون“ يا ”-اِي/اِيون“ يا ”-ايون+ايون“ يا ”-اِي“ + اُون“.

٥- نر لاءِ آواز: ”-ا،  يا ”-او“.

٦- نار لاءِ آواز : ”-اَ“ يا ”-اَي“

٧- هيڪل، نار کي گهڻ بنائڻ لاءِ آواز: ”-ايون، يا ”(-اي)+اُون“.

٨- هيڪل، نر، کي گهڻ بنائڻ لاءِ آواز: ”-اُون، ”-آ“.

٩- (ڪنهن به جنس کي) گهڻ بنائڻ لاءِ آواز: ”-اَن“، ”-اِن“، ”-اُن، ”-آئون“

(”-آئون، ٿي سگهي ٿو ته ”۽“ جو ڌاتو هجي. ”-ا (نر) +اون ”گهڻ“)

١٠- زمان حال لاءِ آواز: ”ٿ“

- زمان ماضي لاءِ آواز : ”ي“

- زمان مستقبل لاءِ آواز : ”د“ يا ”-اَند“.

١١- ”اسان“ ممڪن آهي ته ”اس+آن“ جو ميلاپ هجي. ”-اس“ اسان ڏٺو آهي ته ”هي/هِي“ (ضمير غائب) جي بدران ڪم ايندڙ آواز آهي، ۽ ”آن“ برابر آهي ”مان“ جي. ”هي/هِي+ مان“ يعني ”اسان“. اهو به ممڪن آهي ته ”اسان“ مخصوص هجي ان متڪلم ميڙ لاءِ، جنهن ۾ نر توڙي نار ٻئي جنسون شامل هجن.

١٢-”اَسون“ عام ڳالهائڻ ۾ موجود ناهي، پر ضميري پڇاڙيءَ جي حيثيت ۾ ڏاڍي گهڻي واهپي ۾ آهي. ”اسون“ ممڪن آهي ته ”اَس“  ۽ ”اون“ جو ميلاپ هجي. ”اس“ برابر آهي ”هي“ (نر) جي، ۽ ”-اُون“ نشاني نر کي گهڻ ڪرڻ جي. اهو به ممڪن آهي ته ”اسون“ مخصوص هجي ان متڪلم ميڙ لاءِ، جنهن ۾ رڳو نرَ موجود هجن.

١٣- ”اسين“ ممڪن آهي ته ”اس+اِين“ جو ميلاپ هجي. ”اس“ برابر آهي ”هِي (نار) جي، ۽ ”-اِين“ نشاني نار کي گهڻ ڪرڻ جي. اهو به ممڪن آهي ته ”اسين“ مخصوص هجي ان متڪلم ميڙ لاءِ، جنهن ۾ رڳو ناريون موجود هجن.

١٤- ”اَسي“ ٿي سگهي ٿو ته رڳو ضميري پڇاڙيءَ لاءِ مقرر ڪيل آواز هجي، ٻِٽي ضميري پڇاڙيءَ وارن سڀني زمانن جي ڦيري ۾ اسان ڏٺو ته ”اسان ڏانهن“ لکڻ بابت کوٽ نظر آئي. خبر ناهي ته اها ضميري پڇاڙي ڪهڙي آهي ۽ ڇو عام واهپي ۾ ناهي.

١٥- ”مان“ ۽ ”آن“ (آنءُ) بابت ”اسان“، ”اسين“ ۽ ”اسون“ واريءَ خصوصيت کي بنياد بنائي، چئي سگهجي ٿو ته، ممڪن آهي ته، ڪنهن زماني ۾ ”مان“ متڪلم نر لاءِ ۽ ”آن“ متڪلم نار لاءِ مخصوص هجي.

١٦- ضمير حاضر هيڪل لاءِ آواز ”-او“ (تو= ت +او) ٿي سگهي ٿو ته ”تو(او)+ اِين“ بدلجي ”تو اين (او اي)“ يعني ”توهين“ (اوهين)، ۽ ”تو (او)+ آن “ بدلجي ”توآن (اوآن)“ يعني ”توهان“ (اوهان) ٿيو هجي. ۽ اهو به ممڪن آهي ته ڪنهن زماني ۾ ”توهان/توهين“ مخصوص هجي نرن لاءِ، ۽ ”اوهان/ اوهين“ مخصوص هجي نارين لاءِ.

١٧-ضمير غائب ۾ خاص طرح گهڻ بابت آواز، ”هي/اِهي/اُهي/ هنن/هُنن/اِنن/اُنن/اِنهن/اُنهن“ نر، نار ۽ بيجان جي تخصيص نٿا ڏيکارين، خبر ناهي ڇو. جڏهن ته ضمير غائب هيڪل بابت آوازن ۾ اها تخصيص ٿوري ڪه گهڻي نظر اچي ٿي.

ضميري پڇاڙين بابت بيڌياني

چڱيءَ طرح ڄاڻي چڪا آهيون ته ضميري پڇاڙين بابت اسان جو رويو بيڌيانيءَ وارو، غفلت ڀريو، جاهلاڻو يا اڻڄاڻائيءَ وارو آهي. اسان ضميري پڇاڙين کي ضمير واري حيثيت ڏيڻ بدران انهن کي اڻڄاڻائيءَ وچان فعل جو حصو ڪري سمجهيو ۽ جڏهن ضميري پڇاڙيءَ کي بي معنيٰ، بي مطلب ۽ بي مفهوم ڪري ڄاتوسون، تڏهن اسان کي فاعل جي صورت ۾ ساڳيو ئي ضمير ڌار آڻڻو پيو ۽ ان ڏانهن غفلت ايتري ئي روارائتي رهي جو پنهنجن ايندڙ نسلن کي، عالمن جي نظرداريءَ جي باوجود، غلد يعني ٻٽو ضمير رکندڙ ساڳيو فاعل پڙهائڻ ۽ سيکارڻ شروع ڪري ڏنو- ۽ اها غفلت اتي وڃي پهتي جو اسين سيکڙاٽن کي اهو ٻڌايون ئي نٿا، يا ڄاڻڻ جي باوجود ٻڌائڻ جي زحمت ئي نٿا ڪيون ته هتي، هن جملي ۾ ساڳئي فاعل طور ٻه ضمير آندل آهن - ۽ اهڙيءَ طرح، ضميري پڇاڙين جي سموري اهميت ۽ ان ۾ سمايل جهونن، وڏڙن ۽  سگهڙن جي ڏاهپ کي پاڻ ئي غرق ڪري ڇڏيوسون.

جيترو مون پڙهيو آهي، ۽ جيترو ڄاڻان ٿو، ان جي بنياد تي پڪ سان چئي سگهان ٿو ته اسان جا سمورا ٻولي- ڄاڻڪ چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا ته ”لکان ٿو“، ”لکان ٿي“، ”لکون ٿا“، ”لکون ٿيون“، ”لکندُم“ (لکندس؟)، ”لکنداسي“، لکيم“، ”آيم“ (آيس؟) جهڙن سڀني فعلي بناوتن سان هڪ ضمير ڳنڍيل آهي، جيڪو فاعل جو ڪم ڪري ٿو پر پوءِ به. پاڻ ئي، ٻوليءَ جا ڄاڻو هوندي به، ”مان لکان ٿو“، ”اسين لکون ٿا“، ۽ ”مان لکندم“، ”مان آيم“ سان گڏ ”مان لکندس“ ۽ ”مان آيُس“ جهڙا جملا، جن کي وياڪرڻي اصول موجب جملو سڏي ئي نٿو سگهجي، لکندا ڳالهائيندا رهن ٿا. نه رڳو لکن ٿا، پر ايندڙ نسلن کي پڙهائيندا ۽ سيکاريندا به رهن ٿا.

”مان آيُس“، ”مان لکندس“ ۽ ان قسم جا ٻيا ”جملا“ نيٺ ڪهڙي قسم جا جملا آهن، ڪهڙي وياڪرڻ جي ڪهڙن اصولن موجب ٺاهيا ويا آهن، ۽/يا ڪيئن ٺهيا آهن؟

ڳالهه ڪجي اصول ۽ علم جي. ”-اس“ ضميري پڇاڙي آهي ۽ ضمير غائب هيڪل جي معنيٰ ظاهر ڪري ٿي. مٿي ڏنل سمورا فعل جاچيو، ڇا ٿا ٻڌائن؟

فعلن کي ڌار، هتي ڪجهه لفظ ڏجن ٿا، انهن جي معنيٰ تي ڌيان ڏيو ۽ ڏسو ته ”اس“ ضميري پڇاڙي ڪهڙي ضمير جي بدران ڪم اچي ٿي:

* وَٽس (هن وٽ)                       * سندس (هن جو)

* کيس (هن کي)                      * کانئس (هن کان)

*ڏانهس (هن ڏانهن)                   * مٿس، مٿانئس (هن مٿان، هن جي مٿان)

* هيٺانئس (هن جي هيٺان)            * پڻهس (هن جوپيءُ)

*ماڻَس، ماڻهس (هن جي ماءُ)          * پُٽس (هن جو پٽ)

* ڀيڻس (هن جي ڀيڻ)         * سسڻسِ (هن جي سس)

* نُنهڻس، نُهڻس (هن جي نُنهه، نُهه)   * چاچس، چاچهسَ (هن جو چاچو)

* چاچِس، چاچِهس (هن جي چاچي)     * مامس، مامهس (هن جو مامو)

* مامس، مامهس (هن جي مامي)      * ڏاڏس (هن جو ڏاڏو)

* ڏاڏهس (هن جي ڏاڏي)               * نانَس ( هن جو نانو)

* نانهس (هن جي ناني) - ۽ ٻيا ڪيترائي.

انهيءَ بنياد تي، پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته ”-اس“ پڇاڙي ”هن“ جي بدران ڪم اچي ٿي. ان ڪري اسان جا لکيل پڙهيل ۽ عالم ماڻهو جڏهن ”آيس“ ۽ ”لکندس“ جهڙا لفظ ڪم آڻين، تڏهن گهٽ ۾ گهٽ پاڻ کان هڪ سوال ضرور پڇن: ”ڇا/ ڪهڙو سبب آهي جو فعل جي  آخر ۾ ”-اس“ ڳنڍي لکان ٿو، بنا ”-اس“ ڳنڍڻ جي ڇو نٿو لکان؟“

هاڻي اچون ٿا ”-ام“ ضميري پڇاڙيءَ تي .مٿي ڏنل سمورن هڪ ضميري پڇاڙي رکندڙ فعلن ۾ ”-ام“ ”مان“ يا ”آنءُ“ جي بدران ڪم آئي آهي. هيٺ ڏنل ڪجهه لفظ تي به ٿورو ڌيان ڏيو:

* وٽم (مون وٽ                       * سندم (مون جو)

* ڏانهم (مون ڏانهن)          * مَٿم، مٿانُئم (مون مٿان)

* هيٺانئم، هيٺائم (مون هيٺان)       * پُٽم (منهنجو پٽ)

* ڌيڻم (منهنجي ڌي)         * سسڻم (منهنجي سس)

* ڀيڻم (مون جي ڀيڻ)         * نُنهڻم، نُهڻم (مون جي نُنهه، نُهه)

چاچم (مون جو چاچو)           * ڏاڏم (مون جو ڏاڏو)

* مَنجهم (مون منجهه)- ۽ ٻيا ڪيترائي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com