انسان، زبان ۽
ثقافت
ڊاڪٽر غلام علي الانا
انسانذات جي تهذيب ۽ تمدن جو سڀ کان اعليٰ خزانو
ٻولي ئي پئي رهي آهي. ٻوليءَ جو علم، علم الانسان
سان واسطو رکي ٿو. ٻوليءَ جو اڀياس ڪنهن قوم، ڪنهن
سماج، ڪنهن تهذيب ۽ ڪنهن تمدن جو اڀياس آهي، ڇاڪاڻ
ته ٻولي انساني عمل، انساني سماج، تهذيب ۽ تمدن جي
پيداوار آهي. ٻولي قومن جي زندگي، ثقافت، رهڻي
ڪهڻي ۽ روزانه زندگيءَ جي عمل جو عڪس آهي. ٻوليءَ
جي تاريخ ۾ قومن جي تاريخ، قومن جي زندگيءَ جي
تاريخ ۽ قومن جي ارتقاء جي تاريخ سمايل هوندي آهي.
علم الانسان جي ماهرن جي نظر ۾ ”ٻولي انساني
معاشري جي پيداوار آهي. ٻولي ڪنهن عالم ويهي ڪانه
جوڙي يا پيدا ڪئي آهي ۽ نه وري ڪنهن استاد ويهي
ٺاهي“ (1). عالم ۽ استاد ٻوليءَ کي سنوارين ۽
سڌارين ضرور ٿا، ان کي مائدار ضرور بنائين ٿا، ان
جي خزاني ۾ نوان نوان لفظ گهڙي، ٺاهي ۽ ملائي
اضافو ضرور ڪن ٿا، پر ٻولي پنهنجي سماجي ماحول ۽
پنهنجي ڌرتيءَ مان انسانذات سان گڏ اڀري ۽ اُسري
آهي. ٻوليءَ کي پنهنجي ڌرتي هوندي آهي. ان کي
پنهنجو سماج هوندو آهي. ان جون پاڙون پنهنجي زمين
۾ کتل هونديون آهن. جيڪڏهن ٻوليءَ کي پنهنجي زمين،
پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجو سماج نه هجي ها ته اڄ جيڪر
اسپرنتو ٻولي، جنهن کي يونيسڪو
(Unesco)
جهڙي عالمي اداري جي سربراهي حاصل آهي، ساري دنيا
۾ ڇائنجي وڃي ها، پر ان کي پنهنجو سماج ۽ پنهنجي
زمين يا ڌرتي نه هجڻ سبب هيءَ ٻولي ڪٿي به پنهنجون
پاڙون پختيون ڪري نه سگهي آهي. پاٽر جو رايو آهي
ته ”بهترين ٻولي اها آهي جنهن جو بنياد ڪنهن سماج
۽ سماجي قدرن ۽ روايتن تي رکيل هجي“ (2).
ٻوليءَ جي انهيءَ وصف جي اڀياس جي آڌار تي جڏهن
سنڌي ٻوليءَ جو جائزو وٺجي ٿو، تڏهن چئي سگهجي ٿو
ته سنڌي ٻولي به هڪ سماجي قوت، علم ۽ عقل جو
اُٿاهه مهاساگر آهي، لغت، معنيٰ علم ادب، خيال ۽
اظهار جو هڪ گنج آهي.جنهن جو ڪو به انت ڪونهي.
سنڌي ٻوليءَ جي مطالعي کانپوءِ اهو چئي سگهجي ٿو
ته هن ٻوليءَ جون پاڙون سنڌي سماج ۽ سنڌ جي ڌرتيءَ
۾ گهڻيون اونهيون کُتل آهن. ٻين لفظن ۾ هيئن چئبو
ته سنڌي ٻوليءَ جو سرچشمو سنڌ جي ڌرتي ۽ سنڌ جو
سماج آهي.
ڊاڪٽر سورلي جي راءِ ۾:
”سنڌي ٻوليءَ جي لغت تي سنڌ جي سماج، سنڌي معاشري
۽ سنڌ جي معاشي حالتن جو گهڻو ۽ گهرو اثر آهي“(3).
ٻولي ۽ سماج:
انسانذات، هن دنيا ۾، پنهنجي ابتدا ۽ آمد کان وٺي
قوت گويائي يعني ڳالهائڻ واري قوت/ٻوليءَ ساڻ
نوازيل هو. هو ڳالهائي به سگهندو هو ۽ پنهنجي خيال
يا بيان جو اظهار به ڪري سگهندو هو. جيئن جيئن
آسپاس جي ماحول ۾ هو ترقي ڪندو ويو، تيئن تيئن هن
جي ٻوليءَ ۾ لفظن جو ذخيرو وڌندو ويو. جيئن جيئن
انسان جي سمجهه، عقل، فهم ۽ تجربي ۾ بتدريج وسعت ۽
واڌارو ايندو ويو، تيئن تيئن هن جي
روزانه زندگيءَ ۽ وهنوار جي دائري اندر هن جون ضرورتون، سندس
ترقيءَ ساڻ گڏوگڏ وڌنديون ويئيون.
پنهنجن انهن ضرورتن ۽ پنهنجي جياپي لاءِ هو سڀ کان
وڌيڪ پنهنجي ڌرتيءَ سان لهه وچڙ ۾ آيو ۽ ڌرتيءَ جي
اهميت کان واقف
ٿيو، جيئن جيئن هن جو تجربو پختو ٿيندو ويو، ۽
ضرورتون وڌنديون ويئيون، تيئن تيئن هن جي ماحول ۾
به اضافو ايندو ويو ۽ هن جي ٻولي (لغت) جي خزاني ۾
به واڌار ٿيندو ويو. هو لاشعوري طور پنهنجي
تجربو، پنهنجي ٻوليءَ جي ذريعي ظاهر به ڪندو ويو ۽
ان (ٻولي) کي مضبوط به ڪندو ويو.
مون پنهنجي هڪ مقالي ”ٻولي جي ابتدا ۽ اوسر“ ۾
بيان ڪيو آهي:
”اوائلي انسان ڳالهائي سگهندو هو. هو زبان جي
ذريعي پنهنجي خيالن جو اظهار به ڪري سگهندو هو.“
اڳتي هلي جيئن جيئن هن جي معاشري ۽ معاشي حالتن ۾
تدبيلي ايندي ويئي، تيئن تيئن هن جي ٻوليءَ ۾ به
تبديلي ايندي ويئي ۽ ان ۾ واڌارو به ٿيندو ويو.
جيئن هن نيون شيون ڳولي لڌيون يا ٺاهيون، تيئن
تيئن هن جي ٻوليءَ واري ذخيري ۾ به نوان نوان لفظ
شامل ٿيندا ويا.
مٿئين بيان مان اهو واضح ٿو ٿئي ته زبان پنهنجي
ماحول ۽ معاشري جي علامت آهي. ائين پڻ ثابت ٿو ٿئي
ته زبان صرف انساني معاشري ۾ ئي زندهه رهي سگهي ٿي
۽ پنهنجي معاشري ۾ ئي وڌي ۽ ويجهي سگهي ٿي. ظاهر
ٿيو ته زبان ڪنهن انساني معاشري کانسواءِ گرهز
زندهه رهي نٿي سگهي.
زبان، گفتگو ۽ مقصد جي عمل جو ڪردار ادا ڪندي آهي،
انهيءَ ڪري ان جي هر لفظ، هر فقري ۽ هر جملي ۾ ڪو
نه
ڪو مقصد يا مفهوم هوندو آهي. دراصل اهو مقصد يا
مفهوم ئي آهي جو ڪنهن زبان جو عمل يا استعمال جي
ضرورت طرف اشارو ڪندو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو
زبان انساني برادري يا انساني معاشري اندر ئي
زندهه رهي سگهندي آهي. ڊاڪٽر سورلي جو چوڻ آهي ته:
”سنڌي زبان جي لغت تي سنڌي معاشري، معاش ۽ معاشي
حالتن جو وڏو اثر رهيو آهي.سنڌي زبان سنڌ جي
معاشري ۾ اهڙيءَ طرح اثر پذير رهي آهي. جهڙيءَ طرح
ان جو سماجي عمل“ (4).
جهڙيءَ طرح يوناني معاشرو، فرينچ معاشرو وغيره
يوناني، فرينچ يا ٻيءَ زبان جي مطالعي جي سلسلي ۾
مددگار سمجهيو ويندو آهي، تهڙيءَ طرح سنڌي زبان
لاءِ سنڌي معاشرو مطالعي جو بهترين ميدان آهي.
زبان جو مطالعو، دراصل بني نوع انسان ۽ علم
الانسان جو مطالعو شمار ڪيو ويو آهي. پاٽر بلڪل
درست چيو آهي ته: ”بهترين زبان اها آهي جنهن جو بنياد ڪنهن معاشري ۽
معاشرتي قدرن ۽ روايتن تي ٻڌل هجي“(5).
زبان بذات خود زندگيءَ جي هڪ معيار کي ممڪن بنائي
ٿي. زبان جي مدد سان اسين پنهنجي وسيع ترين دنيا
جي علائقن ۽ خطن ۾ داخل ٿي، ان جو سير ڪريون ٿا.
مٿي بيان ڪيل نقطن جي روشنيءَ ۾ جڏهن ڪنهن زبان جو
جائزو ورتو ويندو آهي تڏهن معلوم ٿيندو آهي ته
هرڪا زبان هڪ معاشرتي قوت، علم ۽ عقل جو اُٿاهه
مهاساگر، لغت، معنيٰ، علم ادب ۽ اظهار جو وسيلو
آهي. هر زبان، هر زماني ۾ پنهنجي دائري جي اندر
روزمرهه جي ماحول ۾ هميشه مروج ۽ مستعمل
رهندي آهي. ڪنهن به ملڪ يا قوم جي زبان جو مطالعو
گويا ان ملڪ يا قوم جوئي جائزو يا مطالعو هوندو
آهي. جنهن ملڪ يا قوم ۾ اها زبان مروج ۽ مستعمل
هوندي آهي. زبان انسانذات جي تخيلات، نظريات ۽
قوت احساسات جو هڪ رڪارڊ آهي، جو انسان ۽ انسان جي
روح لاءِ هڪ تاريخ جي مانند آهي. مطلب ته عمل،
تجربي، ارادي، مقصد، اعتقاد، اعتماد، ميل ميلاپ،
اظهار، پيار جي جذبي، روح لاءِ سڪون، تهذيب ۽
تمدن، تخيل،
نظريي، سوچ جي طريقي ۽ روزمره جي زندگيءَ جي اصل
اصول وغيره سڀ زبان جي
وصف
عمل جي دائري ۾ داخل آهن، پر اهي سڀ اهي بنيادي
ڳالهيون ۽ نقطا آهن، جن جي آڌار تي ڪو معاشرو قائم
هوندو آهي. انهيءَ ڪري ائين چيو ويندو آهي ته زبان
۽ معاشري جو هڪٻئي سان چولي ۽ دامن جهڙو رشتو آهي.
هيءُ هڪ اهڙو اٽوٽ رشتو آهي جو هميشه لاءِ جاري
رهڻ وارو آهي. يعني زبان ۽ معاشرو هڪٻئي لاءِ لازم
۽ ملزوم هوندا آهن. گويا زبان جو مطالعو معاشري جو
مطالعو آهي ۽ انهيءَ لحاظ سان معاشري جو مطالعو
دراصل ان معاشري ۾ مروج ۽ مستعمل زبان جو مطالعو
سمجهيو ويندو آهي. اهي ٻئي (معاشرو ۽ زبان) هڪٻئي
کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ ۾ مدد ڪندا آهن ۽ ٻنهي جو
اڀياس يا مطالعو انسانذات، ملڪ ۽ قوم جي تاريخي
پسمنظر جي مطالعي ۾ مددگار رهندو آهي.
هن کان اڳ اهو عرض ڪيو ويو آهي ته ڪنهن به معاشري
جي روزمره جي زندگيءَ ۽ ان معاشري جي فردن جي
تهذيب ۽ تمدن،اٿڻي ۽ ويهڻي، رهڻي ڪهڻي، کاڌ خوراڪ،
لباس ۽ اهڙن ٻين جزن جو سڀ کان اعليٰ ۽ اهم رڪارڊ
۽ انمول خزانو هر دور ۾ ٻولي ئي رهي آهي. جيئن
جيئن ڪنهن قوم جي رهڻي ڪهڻي ۽ سماجي قدرن ۾ فرق
ايندو رهيو آهي، تيئن تيئن انهيءَ ترقيءَ ۽
تبديليءَ جو ”اثر“ ان قوم جي ٻوليءَ تي پڻ ٿيو
آهي. ڊاڪٽر الله داد ٻوهئي، ان ڏس ۾ لکيو آهي ته:
”هر ڪا ٻولوي پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ گوناگون گنج ۽
عجب اسرار آهي. ٻولي عقل ۽ عمل جو وڏو وسيلو آهي.
ٻولي انساني عمل جو هڪ نمونو آهي. ٻولي ماڻهن جي
ثقافتي ڪارڪردگيءَ جوحصو آهي“(6).
ٻين لفظن ۾ هيئن چئبو ته ٻوليءَ جو مطالعو ڪنهن
قوم، ڪنهن سماج، ڪنهن تهذيب ۽ ڪنهن تمدن جو
مطالعو آهي ڇو ته ٻولي انساني عمل جي پيدوار آهي.
ٻوليون مئل ماڻهن جي هڏين مان نه، پر زندهه ماڻهن
جي روزمره جي زندگيءَ مان اُڀريون ۽ اُسريون آهن.
انهيءَ ڪري هيئن چئبو ته ٻولي قوم جي زندگي،
ثقافت، رهڻي ڪهڻيءَ جو عڪس يا آئينو آهي. ٻوليءَ
جي تاريخي مطالعي/تاريخ ۾ ئي قوم/قومن جي زندگيءَ
جي جهلڪ نمايان هوندي آهي. حاصل مطلب ته زبان
انساني روح لاءِ هڪ اهڙو سداحيات ۽ پاڪ چشمو آهي
جو ان (زبان) جو سرسبز رهڻ لاءِ دائما آبياري ڪندو
رهندو آهي ۽ جنهن ۾ اها (زبان) ڳالهائيندڙ قوم جا
فرد پنهنجن تمنائن، اُميدن، تجربن، سوچن، تخيل ۽
مطالعي جو عڪس ڏسي سگهندا آهن.
مون پنهنجي مذڪوره مقالي ”ٻولي، ان جي ابتدا ۽
اوسر“ (7) ۾ عرض ڪيو آهي ته ”ٻوليءَ ٻين جسماني
عملن سان گڏ ترقي ڪئي آهي. انسان پنهنجين خواهشن ۽
ضرورتن لاءِ ٻوليءَ جو سهارو وٺندو آهي. هن ترقي
پذير دنيا ۾، انسان جون خواهشون وڌنديون رهيون
آهن.“
علم حياتيات
(Biology)
۽ بايو-ڪيميا
(Bio Chemistry)
جي علمن جي اڀياس مان پتو پوي ٿو ته انسان جي فطرت
به سدائين هڪجهڙي ڪانه رهي آهي، بلڪه بدلبي رهي
آهي. انسان جي ٻين خاص عادتن وانگر، نقل ڪرڻ ۽
سکڻ جي عادت به انسان جي هڪ خصوصيت رهي آهي. انسان
جي عظمت جو مدار سندس انهن عادتن تي آهي. ڳالهائڻ
واري قوت (ٻولي) انسان لاءِ هڪ قيمتي هٿيار مثل
آهي، ڇو ته ان جو انسان جي روزانه زندگيءَ سان
سندس زندگيءَ جي ابتدا کان وٺي واسطو رهيو آهي،
ٻولي ۽ انسان جي وجود جو هڪٻئي سان اول کان ساٿ
رهيو آهي. ٻنهي (انسان ۽ ٻولي) جي ابتدا گڏ ٿي آهي
۽ ٻنهي جي ارتقاء گڏوگڏ ٿيندي رهي آهي. گويا ٻولي
به انسان سان گڏ وجود ۾ آئي ۽ ان سان گڏوگڏ بتدريج
ترقي ڪندي، اڳتي وڌندي رهي ٿي.
ماهرن جور ايو آهي ته تهذيبي ترقيءَ جو واسطو
ٻوليءَ جي ترقيءَ سان آهي، تنهنڪري يقين سان چئي
سگهجي ٿو ته تهذيب ۽ تمدن جو وجود ۽ ٻوليءَ جي
وجود جو هڪٻئي سان ساٿ ابتدا کان رهيو آهي. تهذيب
جي ترقيءَ سان گڏ ٻوليءَ به ترقي ڪئي ۽ جيئن جيئن
انسان جي ذهني ترقيءَ ۾ اضافو ايندو ويو. تيئن
تيئن ٻوليءَ جي ترقي ۽ وسعت ۾ به اضافو ايندو
رهيو/ويو.
حاصل مطلب ته ٻولي انسان جو فطرتي، پيدائشي ۽
قدرتي ورثو آهي، جيڪو انسانذات کي قدرت جي طرفان
سندس (انسان) ابتدا کان وٺي عطا ٿيو آهي ۽
انسانذات جي وجود سان گڏ قائم ۽ دائم رهيو آهي ۽
تيستائين فنا نه ٿيندو، جيستائين انسان جو وجود
قائم ۽ دائم آهي.
ڪنهن به انسان ۽ انساني معاشري لاءِ زبان جو
استعمال ضروري آهي، هر انسان اهو سمجهي ٿو ته
ڳالهائڻ واري قوت هن لاءِ هر لحاظ کان ضروري آهي.
ٻولي هن لاءِ هر خواهش-خوف، هراس، پيار، نفرت،
احساس ۽ گهرج- جي اظهار جو وسيلو آهي. هنڏس ۾
پروفيسر فرٿ فرمايو آهي ته ”هيءَ دنيا جنهن ۾ اسين
رهون ٿا. انسان ان جو هڪ اٽوٽ حصو آهي.“( 8).
هن سلسلي ۾ ٻئي ماهر ايرڪ لينيبرگ (Eric Leneberg)
جو رايو آهي ته:
”ٻوليءَ واري قوت، انسانذات کي هڪ خاص ڏات طور،
قدرت جي طرفان عطا ٿي آهي(9).“ هن جو خيال آهي ته:
”ٻولين جو وجود انسانذات جي وجود سان گڏ، انسان جي
ابتدا کان ئي شامل رهيو آهي(10). ڇو ته:
(i)
هر انساني سماج ڪانه ڪا ٻولي ڳالهائي ٿو.
(ii)
ٻولي علم طبعي
(Anotorny)
سان واسطو رکي ٿي. علم طبعيءَ جي لحاظ کان دماغ ۾
اهڙا خانا/ ڀاڱا
(Cells)
موجود آهن، جن جو واسطو ڳالهائڻ (ٻولي) سان ثابت
ڪيو ويو آهي.
(iii)
انسانذات کانسواءِ ٻئي ڪنهن به جاندار کي سندس جسم
۾ آواز پيدا ڪرڻ جي جاءِ (پڙ) عطا ٿيل ڪانهي، جتي
هو آواز پيدا ڪري سگهي.
انهيءَ ڪري ماهرن جو خيال آهي ته انسانذات، هن
جادو- رويي وايو منڊل ۾، اک کولڻ سان ئي ڳالهائڻ
سکي ٿو. هنن جي خيال ۾ جڏهن ڪو ٻار ڄمندو آهي،
تڏهن سندس چوڌاري ماحول وارو گوڙ گهمسان سندس ڪنن
تائين رسندو آهي. جڏهن هو (ٻار) ٿورو وڏو ٿي
ڳالهائڻ لڳندو آهي، تڏهن ڄڻ ته وايو منڊل ۾
جادوگري جاءِ وٺندي آهي(11).
اڳ ۾ ماهرن جي حوالي سان بيان ڪيو ويو آهي ته ڪنهن
به ملڪ جي ٻولي، اُن ملڪ جي سماجي، ثقافتي، تهذيبي
۽ تمدني تاريخ جي آئينه دار هوندي آهي. ڪنهن به
قوم جي ٻوليءَ جي مطالعي مان اُن قوم جي معاشي ۽
معاشرتي قدرن، سوچ ۽ فڪر جي ارتقا، تهذيبي ۽ تمدني
تاريخ جي خبر پوندي آهي. مهر ڳڙهه، آمري، موهن جو
دڙو، ڪوٽ ڏجي ۽ ٻين آثارن مان مليل مواد جو
مطالعو، انهن خطن ۾ رهندڙ ماڻهن جي ذهني ارتقا،
معاشي ۽ معاشرتي قدرن، فن ۽ فنڪارانه قابليت،
مذهب ۽ مذهبي قانونن ۽ ٻوليءَ جي باري ۾ معلومات
ملي ٿي، جنهن جي اڀياس جي آڌار تي علم الانسان
(بشريات) جا ماهر انهن قديم شهرن ۽ آبادين ۾ رهندڙ
ماڻهن جي باري ۾ راءِ قائم ڪري سگهن ٿا. فقط
ٻوليءَ جي اڀياس کان پوءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته
ڪنهن به قوم جي ٻولي، ان قوم جي زندگي، ثقافت،
تهذيب ۽ تمدن جو آئينو آهي. صرف موهن جي دڙي جي
کوٽائيءَ مان حاصل ٿيل مهرن جي مطالعي مان هن وقت
تائين جو ڪجهه پتو پيو آهي، ان جي آڌار تي واديءَ
سنڌجي رهاڪن جي باري ۾ گهڻو ئي ڪجهه بيان ڪري
سگهجي ٿو.اهڙيءَ طرح ڀنڀور، برهمڻ آباد، آمري،
ڪوٽڏجي ۽ مهر ڳڙهه جي کوٽاين مان مليل مواد جي
مطالعي جي مدد سان انهن شهرن ۽ اتي رهندڙ ماڻهن،
انهن جي رهڻي ڪهڻي، کاڌي خوراڪ، گذر معاش وغيره
لاءِ گهڻو ئي ڪجهه بيان ڪري سگهجي ٿو.
زبان ۽ ثقافت جو سٻنڌ
زبان ثقافت جو آئينو آهي. ڪنهن به قوم جي ثقافت جو
مرڪزي عنصر زبان ئي هوندي آهي، ڇو جو زبان، علم
ادب جي خالق ۽ ادبي روايتن جي محافظ هوندي آهي.
زبان جي حلقه اثر ۾ ڪنهن قوم ۽ خطي جي فن، تهذيب
۽ تمدن توڙي علم ادب جو مطالعو اچي وڃي ٿو. زبان
جي مدد سان قومي تشخص جي تعمير ۽ نشوونما ٿيندي
آهي. ثقافت مان مراد صرف فنون لطيفه، فن تعمير،
تهذيب ۽ تمدن جو مطالعو نه آهي، پرثقافت جي مطالعي
۾ ڪنهن جي ٻولي ۽ علم ادب جو مطالعو پڻ شامل آهي،
ڇو ته ٻولي قوم ۽ علم جي اُٿاهه ۽ بي انت بحر ۾
ئي، قوم جي سماجي، ثقافتي، تهذيبي ۽ تمدني تاريخ
جا تهه ويڙهيل هوندا آهن.
سنڌي ٻوليءَ جو علم ادب، دراصل سنڌي ثقافت جو بي
پايان بحر آهي، انهيءَ ڪري جيڪڏهن ڪو شخص/ ماهر
چاهي ته سنڌي ثقافت، تهذيب ۽ تمدن جو مطالعو ڪري
ته بيشڪ سنڌ جي ميوزيئمن، قديم آثارن مان مليل
مواد، فن تعميرات مان واقف ٿيڻ لاءِ مڪلي، سونڊا،
روهڙي، سيوهڻ جو سير بيشڪ ڪري، پر سنڌ جي ماڻهن جي
سوچ ۽ فڪر جي ارتقا تخيل جي پرواز، سنڌي سماج جي
قدرن ۽ سنڌ ۾ انسانذات جي اڀياس لاءِ هن کي سنڌي
ادب جو اڀياس به ڪرڻو پوندو. هن کي لطيف، سچل،
سامي، سانگي، قليچ، شاهه عنايت، بلڪ پيراڻي ڀنڀري،
وتائي فقير کانسواءِ سنڌ جي جديد ادب، ڪهاڻين،
ناول، گيتن، دوهن، واين ۽ نظمن جو اڀياس به ڪرڻو
پوندو. مطلب ته سنڌ جي معاشي، معاشرتي ۽ ثقافتي
تاريخ لاءِ سنڌ جي علم ادب جو مطالعو ضروري آهي،
ڇو ته سنڌي ثقافت، تهذيب ۽ تمدن جو آئينو سنڌي
ٻولي ئي آهي. هن (ٻولي) ۾ ئي سنڌ جي ثقافت زندگيءَ
جو عڪس ۽ جهلڪ نظر ايندي. ٻولي ثقافت جي دائري
اندر سماج گروهن جي خيالات، تصورات، اظهار، سوچ
ويچار ۽ ذهني ارتقا جي مطالعي ۾ مدد ڪري ٿي(12).
حاصل مطلب ته ثقافت ڪنهن قوم جي سماجي ۽ معاشرتي
زندگي. نظرين، اعتقادن، اخلاقي لاڙن ۽ قدرن جي
آئينه دار آهي، جنهن جي جهلڪ ٻوليءَ ۾ ڏسي سگهجي
ٿي(13). ٻين لفظن ۾ هيئن چئبو ته ڪنهن به قوم جي
ثقافتي تاريخ، ان قوم جي پوري سماجي تاريخ جو عڪس
۽ نچوڙ آهي.
اڳ ۾ عرض ڪيو ويو آهي ته پهرئين انسان (انسان اول)
پنهنجي معاشري جي تڪميل زبان جي مدد سان ڪئي. زبان
کانسواءِ اها تڪميل انهيءَ ڪري به ممڪن نه هئي جو
انسان ۽ معاشري جو وجود هڪ ٻئي جي وجود تي انحصار
ڪري ٿو. انهيءَ ڪري زندگي گذارڻ جي عمل لاءِ هن
(انسان) جتن ڪيا، اصول واضح ڪيا، جيڪي اڳتي هلي،
انساني معاشري ۽ ثقافت جي تخليق جا جز بڻيا. پوءِ
جيئن جيئن انساني ارتقا ۾ تيزي ايندي ويئي. تيئن
تيئن زبان جو سهارو بنجندي ويئي. تان جو ثقافت ۽
زبان هڪ ٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم بنجي ويا.
علم الانسان جي ماهرن جوخيال آهي ته انساني ارتقا
جو نظريو دراصل اُن معاشري ۽ ثقافت جي ابتدا ۽
ارتقا جو نظريو آهي. ڪنهن تهذيب ۽ تمدن جي نشوونما
جو مطالعو دراصل اُن تهذيب ۽ تمدن ۾
مروج ۽ مستعمل زبان جي ترقيءَ جو تاريخي
مطالعوآهي.
زبان انساني معاشري ۽ ثقافت کي زندهه رکڻ جو واحد
وسيلو ۽ ذريعو آهي. يعني زبان کانسواءِ انساني
زندگي ۽ معاشري جو تصور ئي نٿو ڪري سگهجي. تهذيب ۽
تمدن جو خالق معاشرو ئي هوندو آهي، پر زبان معاشري
لاءِ آئيني مثل هوندي آهي، جنهن جي اندر ان تهذيب،
تمدن ۽ معاشري جو عڪس نمايان طور ايندو آهي(14).
ڊاڪٽر جميل جالبي پنهنجي ڪتاب ”پاڪستاني ڪلچر)“ ۾
لکي ٿو:
”زبان جيئن ته هڪ سماجي فعل آهي، ان ڪري معاشري جو
پورو ڪلچر زبان جي اندر ئي پنهنجو مواد جوڙي ٿو.
زبان جي ذريعي سان ئي اُن زبان جي ڳالهائيندڙن جي
مزاج ۾ مطابقت پيدا ٿئي ٿي ۽ فڪر ۽ عمل جو اشتراڪ
۽ تهذيبي يڪجهتيءَ جو عمل پيدا ٿئي ٿو. اهو ئي سبب
آهي جو هڪ زبان جا ڳالهائيندڙ ڪنهن ٻيءَ زبان جي
ڳالهائيندڙن جي مقابلي ۾ ڪلچر جي هر سطح تي هڪ ٻئي
جي زياده قريب هوندا آهن. مشترڪه زبان جي ذريعي
معاشري ۾ پنهنجي اجتماعي ۽ قومي وجود جو شعور پيدا
ٿيندو آهي(15).
جالبي صاحب اڳتي لکي ٿو:
”جيئن مون عرض ڪيو آهي ته ڪلچر زبان ۾ ظاهرٿيندو
آهي، ان ڪري زبان، ڪلچر جي هڪ اهم ترين علامت
آهي.جهڙو ڪلچر هوندو، تهڙي زبان هوندي، جهڙي زبان
هوندي، تهڙو ڪلچر هوندو. زندهه زبان معاشري جي
تقاضائن جي ڪري وجود ۾ ايندي آهي ۽ خيال توڙي
احساسن جي هڪ اهڙي نظام کي جنم ڏيندي آهي، جنهن جي
ذريعي زبان جو تعلق معاشري جي مختلف طبقن سان
يڪسان ٿيندوآهي“(16).
حاصل ڪلام ته معاشري ۾ هڪجهڙين طبعي حالتن اندر
زندگي گذاريندڙ انساني گروهن کي هڪ ئي تهذيب ۽
تمدن جي ڏوريءَ ۾ موتين وانگر مڙهڻ يا پوئڻ جو ڪم
زبان ئي سرانجام ڏيندي آهي. انهيءَ لحاظ سان ڪنهن
ثقافت کي پنهنجي معاشري جو عڪس چئبو ته زبان کي
وري ان معاشري جي روشني تصور ڪرڻو پوندو.
جيئن عرض ڪيو ويو آهي ته زبان ۽ ثقافت جو پاڻ ۾
گهاٽو ۽ گهرو سنٻنڌ آهي. علم الانسان ۽ لسانيات جي
ماهرن جو گڏيل خيال آهي ته انساني ارتقا جي باري ۾
مڪمل معلومات تڏهن حاصل ٿي سگهندي آهي، جڏهن زبان
۽ ثقافت جي ڪارڪردگيءَ ۽ عمل جو جائزو ورتو ويندو
آهي.
لسانيات جي تحقيق جو عرق، علم الانسان جي تجربن جو
تجزيو، ساري معاشرتي علمن جو اختصار ۽ انساني
معاشري جي پيداوار ثقافت آهي، ليڪن ان جي برعڪس
زبان انسان جي وجود سان منسلڪ آهي. اهڙيءَ طرح
انساني وجود کي زبان جي وجود کان جدا ڪري نٿو
سگهجي، بلڪه اهو (انساني وجود)، ان سان گڏوگڏ سفر
ڪندو رهيو آهي. ثقافت کي زبان ئي پروان چڙهايو
آهي، انهيءَ لحاظ سان ڪنهن به ملڪ ۽ قوم جي ثقافت
جو مطالعو، ان قوم ۽ ملڪ جي زبان ، تهذيب ۽ تمدن
توڙي معاشري جو مطالعو تسليم ڪيو ويو آهي.
سنڌ جي ثقافت جو مطالعو صرف آثار قديمه جو مطالعو
نه آهي، يا صرف فن تعميرات، خطاطي، اجرڪ سازي،
ڇُر، ڪاشي ۽ جنڊيءَ جي ڪم جو اڀياس نه آهي، پر سنڌ
جي ثقافت جو مطالعو سنڌي زبان جو مطالعو پڻ
آهي.سنڌ جي ثقافت، سنڌي زبان جي مرهون منت آهي.
سنڌي ثقافت جي پرچار لاءِ سنڌي زبان هڪ اهم ذريعو
آهي ۽ وسيلو آهي. سنڌي ثقافت جو مطالعو شاهه لطيف،
سچل، سامي، شاهه عنايت، سانگي، قليچ ۽ جديد علم
ادب جو مطالعو آهي. اڳ ۾ عرض ڪيو ويو آهي ته ڪنهن
به قوم جي ثقافتي تاريخ، ان قوم جي پوري سماجي ۽
انساني تاريخ جو عڪس ۽ نچوڙ آهي، ڇاڪاڻ جو سماجي ۽
ثقافتي تاريخ جي سڀني پهلوئن، جزن، ڀاڱن ۽ نقطن جو
رڪارڊ ٻولي ئي هوندي آهي، ان ڪري هيئن چئبو ته
ثقافت ۽ ٻوليءَ جو پاڻ ۾ گهاٽو ۽ گهرو تعلق آهي.
سنڌي ٻولي ئي سنڌ جي ماڻهن جي سماجي ۽ ثقافتي
زندگيءَ جو عڪس پيش ڪري ٿي. هن(سنڌي ٻولي) ۾ سنڌ
جي تهذيب ۽ تمدن جي جهلڪ ڏسي سگهجي ٿي، اها جهلڪ
يا اهو عڪس سنڌي ٻوليءَ جي علم ادب وسيلي پسي
سگهجي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جو علم ادب – معياري توڙ ي
لوڪ ادب- سنڌ جي ثقافتي تاريخ جو هڪ ناياب ۽ بي
مثال سرمايو آهي. هن ادب جي مدد سان سنڌ جي هر خطي
جي ماڻهن جي ثقافتي، تهذيبي، تمدني ۽ معاشرتي
زندگيءَ جو مطالعو ڪري سگهجي ٿو. مذڪوره مطالعي
سان هتي جي ماڻهن جي مخصوص روايتن، ذهني لاڙن،
سماجي قدرن ۽ قومي مزاج جو پتو پوي ٿو.
سنڌ جي علم ادب ۾ مختلف خطن جي مخصوص ماحول جي
عڪاسي ٿيل آهي. ان ۾ سنڌ جي ماڻهن جي روزانه
زندگيءَ جو روح رچيل هوندو آهي. سنڌي ثقافت جا
سمورا پهلو، سنڌي مزاج جون مڙيئي مهارتون، سنڌي
ادب ۽ موضوع جي طور ڪم آندل آهن(17).
حاصل مطلب ته ٻوليءَ ۾ لکيل توڙي صدري ادب جي
مطالعي مان ڪنهن قوم، ڪنهن ملڪ، ڪنهن معاشري، ڪنهن
تهذيب ۽ تمدن، ماڻهن جي ذهني، فڪري ارتقا ۽ تخيل
جي گوناگون پهلوئن جو پتو پوندو آهي. انهيءَ ڪري
ڪنهن به قوم جي ٻوليءَ جو مطالعو معنيٰ ان قوم، ان
ملڪ، ان ملڪ جي ماڻهن معاشري، تهذيب، تمدن ۽ ثقافت
جو مطالعو، هن دعويٰ جي دليل لاءِ جيڪڏهن ادب جي
ڌار ڌار صنفن مان مثال ڏيئي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
ويئي ته هڪ ڪتاب ٺهي پوندو، جو هن مقالي جي منشا
نه آهي.
ببليو گرافي:
(1) Potter, Simeon, “Language in Modern World”,
Harrel Watson, Ltd:1960, p. 24.
(2) Ibid
۽ پڻ ڏسو:
ڊاڪٽر غلام علي الانا ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“، ڄام
شورو انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي. 1987ع، ص 246.
(3) Sorley, H.T., “Shah Abdul Latif of Bhit”,
London, 1940.
(4) Ibid.
(5) RefI.
(6) الله داد ٻوهيو، ڊاڪٽر:
”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“، ڄام شورو، انسٽيٽيوٽ
آف سنڌالاجي، 1978ع، ص 133.
(7) ڏسو سه ماهي مهراڻ 1-1986ع، ص ص 57- 76.
(8) Firth, J.R., “The Tongues of Men and Speech”
London, Oxford University Press, 1964, p.19.
(9) Lenneberg, Eric, “Biological Foundation of
Language” New York, John C. Willey & Sons, INC,
1976.
(10) Ibid.
(11) غلام علي الانا، ”ٻولي، جي ابتدا ۽ اوسر“،
مقالو، ٽماهي مهراڻ 1-1986ع.
۽ پڻ ڏسو:
”زبان اور ثقافت:، اسلام آباد، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي، 1987ع، ص 72.
(12) Harold Rugg & Williams Withers, “Social
Foundations of Education”, Second Edition,
Prentice Hall INC,USA.
(13) Hornby S and Others, “The Advanced Learners
Dictionary of English”, London, Oxford
University Press, 1963, p. 238.
(14) Robert A. Hall (Jr) “Linguistice & Your
Language” New Yark, Anchor Books, Double Day &
Company, INC, 1960, p. 121.
(15) جميل جالبي، ڊاڪٽر: ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“،
ڄام شورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي 1978ع ۽ پڻ ڏسو:
”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“، حوالو ڏنو ويو آهي، ص 247.
(مهراڻ 4/1988ع) |