ٻوليءَ متعلق موجود مواد مان في الحال ڪجهه مثال
اسان جي آڏو آهن جي آهن؛ 1- سنڌي الف ب جا ست حرف
”ٻ، ڄ، ڃ، ڏ، ڳ، ڱ، ڻ“ 2- عيسوي يارهين صديءَ ۾
”ڌنپال آچاريه“ جي تصنيف ڪيل،
’ايلڇي‘،
لغات ۾ ديشي يا ديسي لفظ؛ 3- آرين ٻولين ۾ سنڌي
ٻوليءَ جا لفظ. 1- سنڌي ٻوليءَ جا خاص ست حرف
پالي، پراڪرت، سنسڪرت ته بجاءِ خود، پر هندستان يا
دنيا جي ڪنهن به زبان ۾ ملي نٿا سگهن، ۽ جملي
زبانون اهي هلڪا مخارج ادا ڪرڻ کان قاصر ۽ عاجز
آهن. پوءِ جڏهن ته اهي بنيادي حيثيت رکندڙ ٻوليون
خود ئي انهن اکرن اُچارڻ کان معذور آهن، تڏهن
اهي پنهنجي ڪنهن ”شاخ“ کي ڪٿان اهڙا حرف ۽ لفظ
ڏيئي سگهن ٿيون؟ البته سنسڪرت ۾ هڪ اکر ”ڻ“ جي
جهلڪ ڏسجي ٿي، پر اُهو به ويچارو ٽئي دور جي
سنسڪرت ۾ اچي اُچارجڻ کان پڙ ڪڍي بيهي رهيو آهي.
تنهن ڪري صرف قديم ”سنسڪرت“ ۽ ويدڪ ٻوليءَ، جي
الف، ب جي زينت بڻيو بيٺو آهي.انهيءَ هڪڙي اکر جي
آڌار تي ائين چوڻ ته سنڌي سنسڪرت جي شاخ آهي، محض
اڻڄاڻائي آهي. اهي ئي خاص ”سَتَ“ حرف آهن جن هر
دور ۾ ٻوليءَ کي ٻين ٻولين جي حملن وقت محفوظ رکيو
آهي.
عيسوي يارهين صديءَ ۾ پنڊت، ڌنپال آچاريه، پنهنجي
مشهور تصنيف ”پايلڇي“ يعني پراڪرت ٻوليءَ جي
ڊڪشنريءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لفظن کي ٽن ڀاڱن ۾
ورهايو آهي؛ پهريان، تَتُسَم يعني اهي لفظ جي
هوبهو سنسڪرت جا قائم آهن، جهڙوڪ سوريه، اٻلا،
گَئو وغيره، ٻيا تد ڀُو=
اهي لفظ جن جو بنياد آهي، سنسڪرت تي، پر شڪل اصل
لفظن کان بدلجي ويئي اٿن، جهڙوڪ بَيل، چَنڊُ،
ڊيگهه، وغيره، ٽيان آهن؛ ديسي يا ديشي لفظ يعني
اهي لفظ جي آرين جي آمد کان اڳ ۾ ئي سنڌ ۾ چالو
هئا، جهڙوڪ ماني، پاڻي، ڀَتُ، گهوڙو ڄڃ، گَهَرُ
وغيره. اهي ديشي لفظ جي روز مرهه استعمال ۾ ايندڙ
لفظ آهن، انهن جو تعداد ويهين صدي عيسويءَ ۾ به
”پادري شرٽ“ ساڍا ٽي هزار ٻڌائي ٿو. پر سنڌي
ڊڪشنريءَ جي ترتيب ۽ تدوين جي سلسلي ۾ اسان وٽ اهو
تعداد چوڏهن هزارن، تائين پهچي چڪو آهي، جڏهن
هزارها ورهين جي خرد برد بعد به هن وقت چوڏهن هزار
لفظ موجود آهن، تڏهن آڳاٽي زماني ۾ گهٽ ۾ گهٽ،
پنجاهه هزار لفظن جو هجڻ عوامي زبان لاءِ زندهه
رهڻ لاءِ ڪافي ذخيرو آهي.
عيسوي سن کان هزار ورهيه اڳ ايران جو بادشاهه دارا
سنڌ تي ڪاهي آيو هو، هو پنهنجي ”تزڪ“ ۾ لکي ٿو ”ته
سنڌ ۾ ٻه ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون: هڪڙي ٻولي ته
البته اسان جي سمجهه ۾ آئي ٿي، پر ٻي ٻولي اسان ڪا
نه سمجهي.“ دارا بادشاهه ايراني هو، انهيءَ وقت، ۾
ايران ۾ قديم پهلوي يا زنداوستان جي زبان ڳالهائي
ويندي هئي، سنسڪرت خود ايران کان آيل هئي، ٻنهي
ٻولين جو پاڻ ۾ جگري ناتو هو، جنهن ڪري گمان غالب
آهي ته دارا بادشاهه فقط ”سنسڪرت“ سمجهي سگهيو آهي
۽ قديم سنڌي زبان سمجهڻ کان قاصر رهيو هجي!
آرين ٻولين ۾ سنڌي ٻوليءَ جا لفظ:
هندستان جي جملي ٻولين ۾ سنڌيءَ جا الفاظ يا سنڌي
لفظن سان مشابهت رکندڙ لفظ گهڻي ڀاڱي ملن ٿا، جيئن
ته انهن ٻولين جو سلسلو سنسڪرت سان آهي، تنهن ڪري
يقينن انهيءَ بنيادي ٻوليءَ کان ورثي ۾ اهي لفظ
مليا اٿن، ۽ سنسڪرت زبان آرين جي زبان آهي، تنهن
ڪري آرين جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي.
آريه واديءَ سنڌ ۾ روزگار جي تلاش ۾ آيا. واديء
سنڌ جي رهاڪن هنن سان همدردي ڪئي ۽ کين ڌنارن ۽
هارين جي حيثيت سان رهڻ ڏنو. آريه هلندي هلندي
ٽولن جون ٽوليون ٿي وچ ايشيا کان ايندا رهيا ۽
آباد ٿيندا رهيا. هي ڪو حمله آور لشڪر ته هو ئي
ڪونه، جو وچ ايشيا کان هلي: بنا دم پٽڻ جي هماليه
جي چوٽين کي عبور ڪري دڙن ۽ وادين مان اوچتو ئي
اوچتو نڪري طوفان خيز ۽ سيلاب انگيز ڪڪرن وانگر
وادي سنڌ تي ڇانئجي ويو هجي ۽ حاڪم بڻجي ويهي رهيو
هجي ۽ سنڌين يا دنيا جي ٻي ڪنهن قوم لاءِ اهو ڪيئن
ممڪن ٿي سگهي ٿو ته اصلي باشندا جي هر حالت ۾ هنن
کان تعداد ۾ وڌيڪ هئا. متمدن ۽ مهذب هئا. الات حرب
جا موجد ۽ ماهر هئا ۽ واديء سنڌ- جي لکها ميلن
ايراضيءَ تي قابض به هئا، سي اکڇنڀ ۾ نڪري سنڌ
خالي ڪري ڏيئي، پاڻ چپٽيون وڄائيندا وڃي دکن
هندستان ۾ گوشه نشين ٿيا! پر سنڌ ۾ هي اهو زمانو
هو جو سڄي دنيا جو مذهب عمومن بت پرستي هو. خود
آريه به تارن، پٿرن، نباتات،جمادات ۽ حيوانات جي
پوڄا ڪندا هئا. انهيءَ ڪري ئي آرين ۽ سنڌ جي اصلي
باشندن درميان ڪنهن مذهبي جنگ و جدل جو سبب ئي ڪو
نه هو. ٿوري ئي عرصي ۾ هي ماڻهو قديم سنڌين سان
ملي جلي هڪ ٿي ويا.انهيءَ عرصي ۾ آرين کي هتي جي
به نيون شيون ڏسڻ ۾ آيون هونديون، جن لاءِ وٽن لفظ
هوندائي ڪونه، اهڙي حالت ۾ هنن ڪمي پوري ڪرڻ لاءِ
ملڪي يا ديشي زبان کان نالا اڌارا ورتا هوندا ۽
اهي لفظ بعد ۾ سنسڪرت يا ويدڪ ٻوليءَ ۾ اهڙيءَ طرح
داخل ٿي ويا هوندا جو انهن کي جدا ڪرڻ نهايت مشڪل
امر هوندو؛ ڪجهه اهڙا لفظ پيش ڪجن ٿا جي آريا پاڻ
سان يقينن نه کڻي آيا هوندا پر هتي جي رائج زبان
مان ورتا ويا آهن: مينهن= ميگهه، گهوڙو= گهوٽڪ،
ڪمند= گنڊڪ، هاٿي= هستن، ڪانگ، ڪاڪ، ڪنڀار= ڪنڀار،
ڄمون=
جمبو، ڪنول
=
ڪمل وغيره - ۽ يقينن ”ڻ“ به ويدڪ ٻوليءَ واري دور
جي ڪنهن ”ملڪي ٻوليءَ“ کان ئي ورتو ويو آهي.
اهڙيءَ طرح سان سنڌي ٻولي، پالي، پراڪرت، هندي
پنجابي ۽ ٻين ٻولين کي پنهنجي لفظن سان مالا مال
پئي ڪيو آهي.
مٿيان منقول يا معقول دلائل واضح ڪن ٿا ته اسان جي
سنڌي ٻوليءَ جا مخصوص حرف، الفاظ ۽ محاورا، اسان
وٽ انهيءَ عظيم ۽ قديم، تهذيب۽ تمدن جي امانت آهن؛
جنهن جي گود ۾ هو ڄاوا، نپنا ۽ وڏا ٿيا، زماني جي
هر دور ۾ انهيءَ شان شوڪت سان سربلند رهيا، جيئن
اڄ آهن. کين نه سامي ختم ڪري سگهيا، نه منگول ۽
آريه. اڃا تائين اسان کي انهن لفظن جي پس- پشت
انهن جا ڳالهائيندڙ نظر اچن ٿا. انهن جا آواز اسان
جي ڪنن ۾ وڄن ٿا، ۽ اسان کي عهد ماضيءَ جي تاريڪ
پردن ۾ گهلي وڃن ٿا. مگر زمانو بدلبو رهندو، جيئن
جيئن بني نوع انسان جا اعمال ۽ اطوار بدلجن ٿا.
رهڻي ڪهڻي جي طريقن ۾ جدت ۽ اختراع جو ڪارگر هٿ
قطع بُريد ڪري ٿو، تيئن تيئن انهن جو اقتصادي
معاشرتي، سياسي ۽ مذهبي ماحول پڻ بدلجي ٿو، انهيءَ
سان گڏوگڏ زبان به هر روز بدلجي ٿي، نوان نوان
پهلو اختيار ڪري ٿي، نين نين ايجادن ۽ نون نون
نظرين لاءِ، نوان لفظ ٺاهيندي وڃي ٿي.اهڙا لفظ
هزارن جي تعداد ۾ ٺهن ۽ پيدا ٿين ٿا، وڌن ٿا،
نشوونما حاصل ڪري ”اظهار خيال“ جي مصرف ۾ اچن
ٿا.مگر اهي الفاظ صرف اها ئي زبان پيدا ڪري ٿي جا
زندهه زبان چوائڻ جي مستحق آهي، جنهن کي ماڻهو
ڳالهائين، ٻڌن۽ تحرير ڪن ٿا، جا روز مرهه جي
ڳالهين سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ استعمال ٿئي، جا
خيالات جي خط و خال جي اڻ لَکن فرقن ۾ امتياز رکڻ
جو استعداد رکي ٿي.
سنڌي ٻولي پنهنجي فطري ۽ خصوصي صلاحيت سان ضرورت
مطابق لفظن ٺاهڻ کان سواءِ جدا جدا ٻولين کان هر
دور ۾ لفظ کسي پنهنجا ڪندي رهي ٿي.انهيءَ جو اهو
ثبوت آهي جو اڄ به سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ لک الفاظ،
محاورا، چوڻيون ۽ پهاڪا موجود آهن ۽ اسان جي ٻولي،
ان ڏس ۾ جيئن پوءِ تيئن وڃي ٿي وڌندي ۽ ويجهندي..
(مهراڻ-4- 1962ع)
ٻوليون ۽ سندن سٽاءُ ۽ ڦهلاءُ
محمد ابراهيم جويو
سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”جي چلهه تي، سي دل تي.“
انساني لاڳاپن ۾ هيءَ ڳالهه ته شايد عام طرح صحيح
به هجي پر ٻيا ڪيترا معاملا آهن، جن ۾ ڳالهه مرڳو
ئي ان جي ابتڙ معلوم ٿي ٿئي، جيڪي چيزون انسان کي
بنهه ويجهڙيون هونديون آهن، تن ڏانهن هن جو ڌيان
اڪثر ڪو نه ڇڪبو آهي؛ مثلاً: ”ساهه کڻڻ“ آهي،
”هلڻ“ آهي- انهن ڏانهن عام طرح ڪنهن جو به خاص
ڌيان ڪو نه ٿو وڃي. ٻولي به اهڙين ئي ويجهڙين شين
مان هڪ ويجهڙي ۽ هميشه ساڻ رهندڙ آهي، ڪڏهن ڪڏهن
سو ماڻهوءَ جو خيال ٻوليءَ ڏانهن ضرور ڇڪبو آهي،
جڏهن ان جي ٻن هم- معنيَ جملن يا ترڪيبن- مثلا؛
”رت ڳاڙهو آهي“ يا ”رت ڳاڙهي آهي“- منجهان هن کي
سوچڻو پوندو آهي ته ڪهڙي ترڪيب صحيح آهي ۽ ڪهڙي
غلط آهي، پر اهڙين حالتن ۾ به هن جي اڪثر هڪ ئي
روش رهندي آهي؛ يا ته هو ڊوڙي وڃي اڳيان لکيل ۽
ڇپيل ڪتاب ڏسندو آهي يا وري هڪدم ڪنهن نه ڪنهن لغت
کي وڃي ڦولهيندو آهي. ڇاڪاڻ ته ٻوليءَ جي سلسلي ۾
سندس اڪثر عقيدو هيءُ هوندو آهي ته اڳين عالمن ۽
اديبن ٻوليءَ جي اهڙن مسئلن متعلق دائمي ۽ آخرين
فيصلا ڏيئي ڇڏيا آهن. عام طرح ته ڪتابن ۽ لغتن
ڏانهن رجوع ٿيڻ جي به هو ڪا ضرورت محسوس ڪا نه
ڪندو آهي،ڇاڪاڻ ته گرام جا عام قاعدا ۽ اصول–
”فاعل“، ”مفعول“، ”عدد“ ، ”جنس“، ”زمان“ وغيره
متعلق- هن جي سامهون هوندا ئي آهن، جن جي آڌار تي
هو سمجهندو آهي ته ٻوليءَ جي اهڙن مونجهارن کي هو
آسانيءَ سان حل ڪري سگهي ٿو، پر حقيقت ۾ اهڙن سڌن
سنون ۽ ساڳئي وقت کُتل ويچارن دوران ٻوليءَ بابت
ڪابه بنيادي تحقيقات ممڪن نٿي ٿي سگهي. شايد سئو
يا ڏيڍ سئو سال مس ٿيا آهن جو ٻوليءَ بابت مطالعي
۽ فڪر جو اهو آسان ۽ ٻاراڻو انداز ڇڏي ڪري، ڪن
عالمن ۽ مفڪرن نج علمي ۽ تحقيقاتي بنيادن تي
انهيءَ ڏس ۾ سوچڻ ۽ ويچارڻ شروع ڪيو آهي، ٻوليءَ
جي صحيح ۽ ڪارائتي مطالعي جو لازمي شرط هيءُ آهي
ته نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت کي هميشه سامهون رکيو وڃي
۽ اهڙي طرح ان مسئلي جي ذري پرزي جانچ پڙتال خالص
عقل جي روشنيءَ ۾ ٺوس حقيقتن جي بنياد تي ئي ڪئي
وڃي.
قديم يونانين روزمره جي عام واقعن ۽ بنهه رواجي
ڳالهين تي هڪ عجيب ۽ بيخوف انداز ۽ اورچائيءَ سان
سوچيو ۽ ويچاريو ۽ ساري دنيا عام طرح ۽ مغربي دنيا
خاص طرح اڄ به انهن جي عظيم احسانن کي پيئي ڳائي ۽
انهن مان پنهنجي فڪر جا رستا روشن ڪري، پر اڄ انهن
اوائلي يوناني مفڪرن جي ٻڌايل نتيجن تي جيڪڏهن ڪو
بنهه ڳنڍ ٻڌي ويهي رهي ته هوند علمي نقطه نگاهه
کان اهڙي ماڻهوءَ کي شايد ئي ”سڌريل انسان“ سڏي
سگهبو. مثلا؛ 5 صدي قبل مسيح جو يوناني فيلسوف،
هيروڊوٽس، پنهنجي ڪتاب ”تاريخ“ (جلد 2، باب 2) ۾
مصر جي هڪ بادشاهه، ساميٽيڪس جي ڳالهه ٿو ٻڌائي ته
ان بادشاهه کي هڪ ڀيري اچي خيال ٿيو ته معلوم ڪجي
ته دنيا ۾ سڀ کان پراڻي ٻولي ڪهڙي هئي- سو ڇا
ڪيائين جو ٻن نون ڄاول ٻارن کي هڪ ٻوڙي ۽ گونگي
شخص جي سنڀال هيٺ، هڪڙي جهنگ ۾ ڇڏي ڏنائين، سندس
خيال هو ته ٻي ڪا به ٻولي، جو هي ٻار ڪنين نه
ٻڌندا، سو هو آخرڪار جيڪو پهريون لفظ وات مان
ڪڍندا، سوئي لفظ انسان جي پهرينءَ ٻوليءَ جو
پهريون لفظن هوندو، چنانچه هنن ٻارن نيٺ هڪڙو لفظ
وات مان ڪڍيو- ۽ اهو هو ”بيڪوس“، جيڪو فِرجينَ
ٻوليءَ جو لفظ هو ۽ معنيَ هيس ”ماني“، بس انهيءَ
تجربي جي بنياد تي اعلان ڪيو ويو ته ”فرجين“ ٻولي
انسان جي پهرين ٻولي هئي، هيروڊوٽس جي نظر ۾ به
اهو تجربو فيصلا ڪُن هو- ڇو ته سندس خيال ۾
ماڻهوءَ جي گهر ”ماني“ ئي ٿي ٿي سگهي! پر افسوس،
جو هيروڊوٽس هن تجربي کي بيان ڪندي ان جو هڪڙو
تفصيل هيءُ به بيان ڪري ٿو ته ان گونگي ٻوڙي شخص
وٽ رڍن ۽ ٻڪرين جو ڌڻ به ساڻ هو، رڍون ۽ ٻڪريون ته
ظاهر آهي ته سواءِ ”ب ي ي، ب ي ي“ جو ٻيو ڪو آواز
ڪو نه ڄاڻن، تنهن ڪري انهيءَ سوچ پاندر ته وڌيڪ
صحيح ڳالهه هيءَ ليکي سگهبي ته دنيا ۾ پهرين ٻولي
رڍن ۽ ٻڪرين ئي ڳالهائي!
افلاطون پنهنجي هڪ ڊايالاگ، بعنوان ”ڪرئٽيلسَ“ ۾
لفظن جي اصليت تي بحث ڪندي. هڪڙو سوال پيش ڪيو
آهي؛ ڇا شين ۽ شين جي نالن وارن لفظن جو باهمي
تعلق فطري آهي، يا اهو انسان جو هٿراڌو ٺاهيل ۽
روايتي تعلق آهي؟ بس اتان ئي ٻولي وگيان ۾
”لاڳاپي“ ”Anology“ ۽ ”نيارائي“
”Anomaly“
جو اختلاف شروع ٿيو. ”لاڳاپي“ جا حامي چوڻ لڳا ته
ٻولي هڪ فطري (يعني قدرت طرفان عطا ڪيل) چيز آهي ۽
منطقي ۽ پيمائتي آهي- (يوناني هن عقيدي جا هئا ته
فطرت منطقي ۽ پيمائتي آهي، ۽ رڳو انسان غير منطقي
۽ اڻ پيمائتو آهي) ۽ ”نيارائيءَ“ جا حامي، جن جو
انهيءَ ڳالهه سان اختلاف هو، پنهنجي طرفان ٻوليءَ
جي بيهڪ
۽ ڍانچي ۾ بيقاعدگيون ۽ ڏنگايون ڦڏايون ڳوليندا ۽
ٻڌائيندا رهيا. ”لاڳاپي“ جي حامين جو خيال هو ته
لفظن جي شڪل ۽ بناوت مان سندن اصل ۽ حقيقي
معنيٰ لهي سگهجي ٿي- ۽ ان مطالعي کي هنن علم
اشتقاق (Etymology)
سڏيو. ”اشتقاق“ جو لفظ اڄ به عام استعمال ۾ آهي-
جيتوڻيڪ هاڻي ان جو مفهوم قدري مختلف ليکيو وڃي
ٿو.
قديم يونانين، پنهنجي ٻوليءَ جو خوب مطالعو ڪيو،
پر اهو سڄو مطالعو سندن هن نظريي تي بيٺل هو ته
سندن ٻوليءَ جي ڍانچي ۾ انساني فڪر جا همه گير
اظهاري نمونا موجود هئا، چنانچه هنن گرامر جا عام
قاعدا ۽ اصول واضح ڪيا ۽ انهن کي علمي ويس ڏنو، پر
ظاهر آهي ته اهي قاعدا فقط هڪڙيءَ ٻوليءَ تائين ئي
محدود هئا. ٻيءَ صدي ق. م ۾ ڊيونيسس ٿرئڪس ۽ ٻي
صدي بعد مسيح ۾ اپالونيس ڊسيونيس انهيءَ ئي
فلسفانه تعميمي پيرايي ۾ پنهنجا پنهنجا گرامر پيش
ڪيا. ٻوليءَ جي جزئياتي مطالعي طور، هومر جي
”اليڊ“ ۽ آڊيسي“ ڪتابن جي هڪ ٻئي يوناني عالم،
”اَرسٽارڪس“ (216-144 ق. م)، تفصيلي ڇنڊڇاڻ ڪئي،
سا پڻ پنهنجي وقت جي نهايت قابل قدر ڪوشش هئي،
بهرحال هنن يوناني عالمن جيڪي ٻولي وگيان جي ميدان
۾ هڪ پاساوان ۽ مخصوص نتيجا پيش ڪيا، سي ارڙهين
صديءَ تائين بحال ۽ قابل قبول رهيا. ان کانپوءِ
عالمن، انهن خيالن کي ڇڏڻ شروع ڪيو ۽ اهو عام
ويساهه ته ٻولي سنئين سڌي ۽ جيئن آهي تيئن خدا جي
عطا ڪيل ڏات آهي، ان جي بدران ٻوليءَ جي ابتدا
متعلق نئين قسم جي سوچ ويچار ۽ تحقيق شروع ٿي ۽
هلندي هلندي، ان بابت هيٺيان نظريا پيش ڪيا ويا؛
(1) ماڻهن جيڪي پنهنجي چوڌاري عام آواز ۽ شور ٻڌا
تن جي نقل ڪرڻ جي هنن ڪوشش ڪئي ۽ ائين ٻولي شروع
ٿي، هن کي ”هو هو“ يا ”وو وو“ (the
bow vow)
جو نظريو سڏين ٿا.
(2) ماڻهن پنهنجي ماحول ۾ جڏهن ڪي خاص ۽ ڍنگائتا
آواز ٻڌا، تڏهن اهڙا آواز ازخود ڪڍڻ شروع ڪيائون ۽
ائين ٻولي شروع ٿي، هن کي ”ٽڻ ٽڻ“ (گهنڊ جي) يا
”ڊم ڊم“ (the
ding dong)
جو نظريو سڏيو ويو.
(3) ماڻهن پنهنجي اندروني اُڌمن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ
خودبخود آواز – ڪاوڙ جا، عجب جا، خوشيءَ جا، ڊپ جا
وغيره- ڪڍڻ شروع ڪيا ۽ ائين ٻولي شروع ٿي، هن کي
”آهه آهه“ يا ”واهه واهه“ (the
pooh pooh)
جو نظريو سڏيو ويو.
ٻئي پاسي يوناني عالمن جي ”علم اشتقاق“ بابت جڳ
مشهور فرينچ فيلسوف، والٽيئر (1694- 1778ع)،
انهيءَ حد تائين چئي ڏنو ته ”اشتقاق، هڪ اهڙو علم
آهي، جنهن ۾ حروف علت جي ڪا اهميت ڪانهي ۽ حروف
صحيح به ڪنهن خاص شمار ۾ ڪو نه ٿا رهن!“ |