ڪل انساني معيارن ۾ ٻوليءَ جو مامرو به شامل آهي،
ڇو ته ٻولي انسان جي اخلاقي ۽ جمالياتي نظامن جي
تمام ويجهو آهي. اهي ٻوليون جيڪي تمام گهڻو عرصو
انساني برادريءَ ۽ ڀائپيءَ واري لاڳاپي کي قائم
رکندي ڌرتيءَ تي چر پر ۾ رهيون آهن ۽ اُهي ٻوليون
جن جو ادب گروهي ۽ تفريقي ادب نه پر انساني ۽
اجتماعي ادب آهي ۽ اُهي ٻوليون جن جو ڪلچرل مواد
گروهن ۽ ٽولن تي ٻڌل نه پر مجموعي انساني ڪلچر جي
بنياد تي ٻڌل آهي ۽ اُهي ٻوليون جيڪي پنهنجن سماجن
کي انسان جي گڏيل ورثي يعني خير، امن ۽ خوشحاليءَ
جي طرف وڌڻ ۾ مدد ڪن ٿيون، سي سڀ انهيءَ لائق آهن
ته انهن کي زنده رکيو وڃي ۽ انهن کي وڌايو وڃي.
لازم آهي ته انساني وسيلن سان انهن کي سماجن ۾ وڏي
۾ وڏو رتبو ۽ مرتبو وٺي ڏنو وڃي.
هن خيال کان اسان جي اڳيان وڏي ۾ وڏو ڪم هي آهي ته
اسان پنهنجي ٻوليءَ جي عظمت کي ثابت ڪرڻ لاءِ
پنهنجي ڪلچر ۽ سماجي وٿن کي ماڻهن جي عظيم ورثي
يعني انساني ڀائپيءَ ۽ امن جي مامرن ۾ سچو،
سڀاويڪ، اهم ۽ ضروري ثابت ڪريون. هي ڪم اسان سنڌي
ٻوليءَ جي سماجي تاريخ لکڻ سان ڪري سگهنداسون،
جنهن ۾ اُهو ڏيکاريو ويندو ته سنڌي ٻوليءَ سماج ۾
ڪهڙو ڪم ڪيو آهي ۽ خود سنڌي سماج پنهنجي ٻوليءَ جي
معرفت ڪل انساني سماج ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي،
پر هيءُ ڪم ڪري ڪير؟(٧)
(١)Alfred
Khun-Study of Society Page 205
(٢)Alfred
Khun-Study of Society Pages 208, 211, 212
(٣)Alfred
Khun-Study of Society Page 212
(٤)
Evolution of Culture Page 6
(٥)The
World of Man Page 12
(٦)In
Language in Culture Pages 94, 161, 162
(٧)”سنڌي
ٻوليءَ جو سماجي ڪردار“ الهداد ٻوهيو-نئين زندگي
پويون پرچون.
(سنڌي ٻوليءَ جي سماجي تاريخ تي هيءَ هڪ بنيادي
ڪوشش آهي)
(مهراڻ 4/1972ع)
سنڌي حرفن جي صورتخطي
ا ب پ ڀ ٻ ت ٿ ٽ ٺ ج چ ڇ ڃ
ڄ د ڌ ڊ ف ڪ ک ڳه گهه ڻه (ڌرڙڻ)
غلام مصطفيٰ قاسمي
سنڌي زبان پنهنجي قدامت ۽ حروف تهجيءَ جي وسعت جي
خيال کان اها زبان آهي، جنهن سان دنيا جون ڪي
ٿوريون ٻوليون ڪر ساهي سگهن ٿيون، پر افسوس جو ان
جو بنهه آڳاٽو تحريري ادب اسان سنڀالي نه سگهيا
آهيون، نه ته ان جي مختلف دورن ۾ ترقي ۽ اوسر جو
فيصلو ڪرڻ آسان ٿي پئي ها. اسلام جي ظهور کان اڳ
واري سنڌي ٻوليءَ جي ساخت ۽ ادب بابت اسان وٽ ڪابه
ثابتي نه آهي، پر ان جي ويجهڙائيءَ ۾ هن ٻوليءَ جو
ثبوت ملي ٿو، جنهن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو
ته ڪن ٿورن حرفن جي اُچارن واري تبديليءَ کانسواءِ
سنڌي ٻوليءَ جي سٽا ساڳي رهي جا اڳ هئي. هن بابت
سڀ کان قديم حوالو حديث جي ڪتاب مسند امام احمد بن
حنبل ۾ ملي ٿو ته نبي اڪرم ﷺواپار جي خيالن کان
نبوت کان اڳ بحرين جي مشهور عالمي واپاري ميلي ۾
واپار لاءِ ايندا هئا. هڪ ڀيري پاڻ ان ميلي ۾ بيٺا
هئا ته پنهنجي ساٿين کي ڪن ماڻهن ڏانهن اشارو ڪندي
فرمايائون ته اهي سنڌي واپاري آهن ۽ سنڌي ٻولي
ڳالهائي رهيا آهن.اهڙو اشارو پاڻ سڳورن ﷺ چيني
ماڻهن ڏانهن به فرمايو.هن واپاري ميلي بابت
تاريخن ۾ اچي ٿو ته اهو ايڏو واپاري ميلو لڳندو هو
جو ان ۾ سنڌ، هند ۽ چين جا واپاري به وڻج واپار
لاءِ سفر جا ڪشالا ڪڍي پهچي ويندا هئا. حضور اڪرم
صه جي انهيءَ فرمان مان اهو پتو پئي ٿو ته جيئن
پاڻ سنڌين جي صورت، بيهڪ ۽ پوشاڪ کان واقف هئا،
تيئن سنڌي زبان بابت به کين ڪجهه ڄاڻ ضرور هئي.
هن لاءِ حديث جي سڀ کان قديم ڪتاب مؤطا امام مالڪ
جي هڪ روايت مان به تائيد ملي ٿي ته آنحضرت صلي
الله عليم وسلم جي گهرو خدمتگارن ۾ هڪ سنڌي خادمه
به هئي، جنهن هڪ ام المومنين کي بيمار هجڻ جي حالت
۾ سنڌي سُتي به ڏسي هئي. عربيءَ جي مشهور جاگرافي
نويس بزرگ بن شهريار سندس جڳ مشهور ڪتاب عجائب
الهند جي بنهه ابتدائي صفحن ۾ اها روايت آندي اُهي
ته منصوره سنڌ جي هڪ عالم ٽين صدي هجريءَ جي وچ
ڌاري هڪ راجا لاءِ قرآن حڪيم جو سنڌي زبان ۾ تجرمو
لکيو هو. اها روايت به سنڌي ٻوليءَ جي اهميت کي
شاندار بنائي ٿي.
سنڌي زبان جڏهن عربيءَ وانگر سڄي کان کٻي پاسي
ڏانهن لکڻ ۾ آئي ته افسوس جو ان جي مخصو ص اکرن جي
ڪا هڪ صحيح صورت مقرر نه ڪئي ويئي، جنهن کي جيئن
ٿي وڻيو ان ائين ٿي لکيو. اهو ئي اصلي ڪارڻ آهي جو
اسان وٽ هن قديم زبان، جي نثري تحرير ٽن صدين کان
مٿي نه ملي سگهي آهي. جس هجي ميون ابوالحسن سنڌيءَ
کي جنهن يارهين صديءَ جي آخر ڌاري سنڌي حرفن جي
لکڻ لاءِ ڪا صورت بنائي ۽ مقدمته الصلواة نالي
سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکيو. انهيءَ دور ۾ رني ڪوٽ جي هڪ
عالم علم ورثي جي مشهور ڪتاب سراجيءَ جو سنڌي نظم
۾ ترجمو لکيو، اهو ڪتاب احقر راقم وٽ موجود آهي.
ميون ابوالحسن ٻارهين صديءَ جي شروع ۾ سن
١١٢٨هه
ڌاري وفات ڪري ويو. سندس ڪتاب اها مقبوليت حاصل
ڪئي جو مخدوم هاشم ٺٽوي ان جي ڪن مسئلن تي اعتراض
ڪيو، جنهن جو مخدوم محمد قائم ٺٽوي عربيءَ ۾ هڪ
رسالو لکي جواب ڏنو ۽ مقدمت الصلوات سنڌيءَ کي
عربيءَ ۾ ترجمو به ڪيو. هڪ ٻئي تي اهو علمي رد ڪد
هلندو رهيو، پر افسوس جو مخدوم محمدقائم جلدي
وفات ڪري ويو، ان جي وفات کانپوءِ به مخدوم محمد
هاشم ان جي رد ۾ رسالو لکيو. مخدوم محمد قائم ميون
ابوالحسن سنڌيءَ جو مريد ۽ معتقد هو. اهي رسالا به
احقر راقم وٽ موجود آهن، جو پير جهنڊي جي علمي
ڪتاب خاني مان نقل ڪيا ويا هئا.
هن کان پوءِ عالمن سنڌي تحرير ۾ انهيءَ رسم الخط
کي اختيارڪيو ۽ سنڌي جو ديني ادب وجود ۾ آيو، جو
هزارن صفحن جي ڪتابن واري صورت ۾ موجود آهي، جنهن
مان گهڻا ڪتاب بمبئيءَ مان ڇپجي پڌرا ٿيا. ان
لاءِ سنڌي ڪاتبن جي گهرج محسوس ڪئي ويئي ۽ ڪيترا
سنڌي زبان جا ڪاتب پيدا ٿيا، جن وڃي بمبئي وسائي،
انهن مان احمد سمو ڪاتب وڏي شهرت رکي ٿو. اڳ سنڌ ۾
مسجدن ۽ ديني مدرسن ۾ جيڪي قرآن پاڪ هوندا هئا سي
گهڻو ڪري بمبئي جا ڇپيل هوندا هئا ۽ احمد ۽ محمد
سمي جا لکيل هوندا هئا. انهن جو خط ايڏو ته صاف ۽
سٺو هو جو ان سان برصغير جي ڪنهن ٻئي ڪاتب جو
مقابلو نه ٿي سگهندو هو. افسوس جوا سان جي بيقدري
ڪري اهو فن به اسان کان ڇڏائجي ويو.
انگريزن جي دور ۾ سنڌي حروف تهجيءَ لاءِ وڏي ڪوشش
ورتي ويئي. ٽائيپ ۾ ڪتاب ڇپجڻ لڳا ۽ ليٿو جو اڳ
وارو رواج گهٽجڻ لڳو. هن جو هڪ پاسي اهو ته وڏو
فائدو پهتو جو سنڌي نثر توڙي نظم ۾ هزارين ڪتاب
لکجي پڌرا ٿيا. ٻئي پاسي اسان جي وڏن عالمن جو
ديني ادب، جيڪو هزارن صفحن تي مشتمل هو ۽ ان ۾
عربي حوالن ڪري اعراب ڏنل هئي، ٽائيپ ۾ اعراب نه
هجڻ ڪري اهو هتي ڇپجڻ کان رهجي ويو. بمبئيءَ سان
به سنڌ جي جدائيءَ کانپوءِ رابطو ڪپجي ويو ۽ سنڌي
ڪتابن جي اشاعت وارو سلسلو رڪجي ويو.
اسان جا اڳوڻا ديني عالم انفرادي طور سنڌي زبان جي
اشاعت لاءِ چڱي خدمت ڪندا رهيا، تازو مون کي هڪ
ننڍو رسالو هٿ آيو آهي، جيڪو ٻه سئو سال اڳ جو
معلوم ٿئي ٿو. ان ۾ قديم سنڌي رسم الخط ۾ مخصوص
سنڌي حرفن جي لکڻ جي تعليم ڏني ويئي آهي. اهو
رسالو ڊيمي سائيز جي چئن صفحن تي مشتمل آهي. منڍ ۾
سنڌي الف . ب جو ڪجهه نمون ڏنو ويو آهي، جيئن ان
کي هن مضمون جي شروع ۾ آندو ويو آهي.
رسالي ۾ ڪتب آيل سنڌي اکرن جي صورت هن طرح آيل
آهي؛ ڻ کي ن، ڙ کي ر، پڙهيو کي پڙو، ٽ کي ت، ٻ کي
ب ڪري آندو ويو آهي، هاڻي هتي اسان هاڻوڪي رسم
الخط کي خيال ۾ رکيو آهي ته جيئن سڀ ڪنهن کي پڙهڻ
۾ سولائي ٿئي:-
بسم الله الرحمان الرحيم
سارا هجي سو ڌڻي جو خاوند ملڪَ خدا
جِھُ
جَهانُ اُپائيو
ڪري ڪامل قدرتا
صدقي ۾ حضرت رسول
صه
جي جِھُ
جوڙيا جهانا
پڙهو صلوات رسول ڪريم تي دائم درودا
هاڻي حرفَ
سنڌي جا ساريان
(ساريم) سِنڌي
واءِ
اتي صورت
بي
(بِ) جي اکر لکجن ٽٻڍي،
جان ٽٻڪا هيٺس ٽي ٿيا تان پروڙج پي
پاڻي، پيالو، پيئندو انهيءَ منجهه اچي.
۽ جان ٽٻڪا هيٺس چار ٿيا تان ڀڀر
سنڌي ڀي
ڀرون، ڀالو، ڀرڪو انهيءَ منجهه اچي.
۽ جان ٽٻڪو ٽٻڪي هيٺ ٿيو تان ٻير سنڌي ٻي
ٻير، ٻانهي،
ٻيراني
منجهه اچي.
۽ مٿي صورت تي جي اکر لکجن ٽي
۽ جان ٽٻڪا مَٿسَ
چار
ٿيا تان پروڙج سان ٿي.
ٿاءُ، ٿَهُرَ ٿَهُرِيو انهيءَ منجهه اچي.
۽ جان ٽٻڪا مٿس ٽي ٿيا، هيڪڙو هيٺ
ٻه مٿٻي تان ٽا کي پروڙج ٽي
ٽِڪَرُ، ٽڪاءُ، ٽورِ ۾ انهيءَ منجهه (انپر)
اچي.
-
۽ جان ٽٻڪو ٽٻڪي تي ٿيو تان پروڙج سا ٺي
ٺپن،
ٺوٻي انهيءَ منجهه اچي.
۽ پڻ صورت جيم جي سا چئي ڀتين لکجي
۽ جان ٽٻڪا هيٺس چار ٿيا ڇو ها پروڙج ڇي.
ڇنون، ڇپر، ڇار انهيءَ منجهه اچي.
۽ جان ٽٻڪا هيٺس ٽي ٿيا تان چئج
چٽائي
چي
چون، چاچو، چوندو انهيءَ منجهه اچي.
۽ جان ٽٻڪا هيٺس ٻه ٿيا تان ڄاڻي سمجهه ڃي
ڃاوء، ڃمندو، ڃاپڻ انهيءَ منجهه اچي.
۽ جان ٽٻڪو ٽٻڪي هيٺ ٿيو ته آهي اها ڄي
ڄنگهه، ڄانگهي ڄوڪڻ انهيءَ منجهه اچي.
۽ پڻ صورت دال جي چئين ڀتين آهي
جان ٽٻڪا مٿس ٽي ٿيا تان ڏسي سڻج ڏي
ڏاند، ڏناءِ ڏيندو انهيءَ منجهه اچي
۽ جان ٽٻڪا مٿس ٻه ٿيا تان ڌرن سمجهج ڌي
ڌاء ڌئارڻ، ڌوئڻ انهيءَ منجهه اچي.
۽ جان ٽٻڪو هيٺس هيڪ ٿيو ته آهي اها ڊي
ڊيل، ڊنڊُ، ڊورا انهيءَ منجهه اچي.
چوٿين طرح دال جي اها دال ۽ ري لکجي
ڊروڪڻ (ڊڪڻ)ڊرورڻ ڊورائڻ انهيءَ منجهه اچي.
۽ پڻ صورت ڪاف جي جي چئين ڀتين آهي
اول کي جهڙو کيڻ کائڻ کارائڻ انهيءَ منجهه اچي.
-
ٻيو
ڳي
جهڙو گهه، گهڻو گهوڙو انهيءَ منجهه اچي.
ٽيون
ڳي جهڙو ڳهڻ، ڳوهڻ، ڳيهون انهيءَ منجهه
اچي.
چوٿون ڱي جهڙو منڱڻ، ٿنڱڻ منڱڻو انهيءَ منجهه اچي.
۽ پڻ هيڪڙو اکر سنڌي جو اها تي ۽ ري لکجي.
جهڙو ترپڻ ترهَڻ تِررڻ انهيءَ منجهه اچي.
-
جيڪو هي حرف سنڌي جا صحيا سڃاڻي
سو ٿيندو ماهر سنڌيءَ ۾ سين فضل سٻاجهي،
پڙهو صلوات ۽ سلام سرور تي جو سرور سونهارو
لنگهائيندو لڪيون مرسل موچارو.
ويندا سي ايمان سين ڪلمو جن چيو.
لاالــٰه الا الله محمد رسول الله صلي الله عليم
وسلم
(مهراڻ2-3/1983ع)
ڀنڀور جا آثار-سنڌي ٻولي ۽ سنڌي سماج جو مطالعو
ڊاڪٽر غلام علي الانا
ڀنڀور جي کنڊرن
۽ قديم آثارن پنهنجي سيني ۾ واديءَ سنڌ جي تهذيب ۽
تمدن، ثقافتي ۽ سماجي تاريخ جا دفتر سانڍي رکيا
آهن، جيتوڻيڪ آثار قديم جي ماهرن طرفان هنن آثارن
کي ديبل بندر جا آثار ثابت ڪيو ويو آهي، پر اڃا به
ڪي عالم ۽ سڄاڻ انهيءَ راءِ کي غور طلب راءِ سمجهن
ٿا ۽ انهيءَ راءِ کي قطعي ۽ آخري راءِ تسليم نٿا
ڪن.
٥٧-١٩٥٦ع
۾ پنهنجي پي-ايڇ-ڊي واري ٿيسز تي تحقيق جي سلسلي ۾
مون ٺٽي طرف واري ساري سامونڊي ساحل جو سفر ڪيو
هو. اُن زماني ۾ ڀنڀورجي اڃا کوٽائي ڪانه ٿي هئي،
اها سڄي ايراضي دڙن جي صورت ۾ هئي. البت قلعي واري
ديوار جا ڪي آثار نظر اچي رهيا هئا. ان وقت جنهن
جهوني مرد مون کي اهي دڙا گهمايا هئا، اُن جي چوڻ
موجب هنن آثارن کانسواءِ سمنڊ اندر ٻيا به ڪيترائي
آثار موجود هئا. ان مان رتوڪوٽ، جاکي بندر ۽ دٻو،
مون وٽيجي ۽ ٻوهارن وٽان کارين ذريعي هُڙن وسيلي
وڃي گهمي ڏٺا هئا ۽ سر زمين تان سڪا ۽ ٻيو به ڪجهه
سامان هٿ ڪيو هو.
ڀنڀور جي کوٽائيءَ سنڌ جي قديم تاريخ جا اهم باب
کوليا آهن. هن کوٽائيءَ مان اهو ثابت ٿيو آهي ته
هت اسلامي دور کان به اڳ ڪيترن ئي خاندانن جي
حڪومت رهي آهي. هنن دڙن جي کوٽائيءَ مان اهو پڻ
ثابت ٿيو آهي ته هن شهر ۾ مسلمانن اٺين صديءَ کان
وٺي رهڻ شروع ڪيو هو ۽ سڀ کان اول جن مسلمانن هت
رهڻ شروع ڪيو هو، سي عرب هئا، جيڪي تيرهين صديءَ
عيسويءَ تائين هت رهيا. انهن حقيقتن جو ثبوت اُموي
دور جا اُهي سڪا آهن، جيڪي آرڪيالاجي کاتي جي
ماهرن کي کوٽائيءَ مان هٿ آيا هئا.
پر حقيقت هيءَ آهي ته هي شهر مسلمانن جي سنڌ تي
فتح کان به گهڻو اڳ آباد هو، اُن سلسلي ۾ جيڪي
اسلامي دور کان اڳ جا آهن ۽ ٻيا اهي برتن آهن، جن
تي ارڌناگري ۽ لاڙي يعني لوهاڻڪي رسم الخط ۾ ان
وقت جي ٻوليءَ جا لکت ۾ نشان ۽ آثار ملن ٿا (1).
هتان جيڪي بُت لڌا ويا هئا، تن مان هڪ تي هڪ عورت
جي چهري جا سڀ نقش چڱيءَ طرح اُڀريل آهن ۽ ان جي
مٿي تي خاص قسم جو لباس آهي. ان کانسواءِ هڪ برتن
تي هڪ نچندڙ جوڙي ۽ سورج مکيءَ جون تصويرون پڻ
اُڪريل آهن.
انهن کانسواءِ هتان مليل ٿانون تي جاميٽريءَ جي
ڊزائين جون شڪليون، نقش، چٽ، گل، انساني ۽ حيواني
جن ۽ دريائي پکي، مڇي، نانگ، مور، هاٿي، هرڻ ۽ ڪن
گلن ۽ ٻوٽن جون شڪليون، جن ۾ سورج مکيءَ جو گل ۽
ڪنول جو گل، اُن کانسواءِ سج اڀرڻ وغيره اڪريل نظر
اچن ٿا. ان کانسواءِ مٽيءَ جا برتن، رانديڪا،
جانورن ۽ انسانن جون مورتيون هتي جي فن ۽ فنڪاريءَ
جو ثبوت ڏين ٿيون.(2).
ڀنڀور مان لڌل سامان نه فقط هن شهر جي تهذيب ۽
تمدن جي تاريخ بيان ڪري ٿو پر ان سامان جي مطالعي
جي مدد سان، واديءَ سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت جي تاريخ
تي چڙهيل پڙدا هٽي وڃن ٿا ۽ ائين ٿو معلوم ٿئي ته
هن تهذيب جي تاريخ، آمري، ڪوٽڏيجي، موهن جي دڙي
کان هلندي، مختلف تهذيبن جا اثر تسليم ڪندي، ماضي
۽ حال جي وچ ۾ رابطو رکندي، ڀنڀور واريءَ تهذيب
سان پنهنجا ناتا جوڙيندي، اڳتي سفر جاري رکندي هلي
رهي آهي.
آرڪيالاجي کاتي جي ماهرن کي ڀنڀور مان جيڪي ڳاڙها
برتن مليا آهن سي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائيندي چون ٿا ته
ٿانو ڪاري سمنڊ جي اثر ۽ اوڀر واريءَ قديم تهذيب
سان واسطو رکن ٿا. انهيءَ تهذيب جو زمانو هڪ صدي
ق. م کان شروع ٿئي ٿو ۽ هڪ صدي ق. م ۾ ختم ٿئي ٿو.
ڪاري سمنڊ جي اتر ۽ اوڀر جي قديم رهاڪن کي ساڪ يا
سٿيا سڏيو ويو آهي. ساڪ يا سٿيا قوم هڪ صدي ق .م
ڌاري قديم ايران کان هت آئي.
ماهرن جو خيال آهي ته هن واديءَ ۾ هڪ صدي عيسوي
ڌاري ”پارٿيا“ قوم جي ماڻهن، ساڪن (سٿين) جي جاءِ
والاري، هن قوم ٻڌ ڌرم اختيار ڪيو هو، پر سندن
تهذيب يوناني هئي، ڪاري سمنڊ جي اوڀر ۾ اتر جي
انهن قديم قومن يعني سٿين ۽ پارٿين جي تهذيب ۽
ثقافت جو جيڪو سامان ڀنڀور مان لڌو آهي، تنهن
واديءَ سنڌ جي ثقافت جي تاريخ ۾ هڪ نئون ۽ اهم باب
کوليو آهي. (1)
پر هن ڏس ۾ ڀنڀور جي کوٽائيءَ واري رپورٽ ۾
ڄاڻايل مواد کان اڳتي ڪابه تحقيق ڪانه ٿي آهي، خبر
نه آهي ته اسان جي ماهرن ۽ مورخن ڀنڀور جي
کوٽائيءَ واريءَرپورٽ کي آخري رپورٽ يا آخري تحقيق
سمجهي هن ڏس ۾ پنهنجو قلم ڇو رکي ڇڏيو آهي ۽ اڳتي
سوچڻ لاءِ ويچار ڇو نه ڪيو آهي؟ ٿيڻ ته هيئن کپندو
هو ته ڀنڀور واريءَ رپورٽ ۾ جن پهلوئن طرف ڊاڪٽر
ايف. اي خان طرفان اشارا ڪيا ويا هئا ۽ جن جن نقطن
طرف هن صاحب نشاندهي ڪئي هئي. تن تي وڌيڪ سوچ،
ويچار، غور فڪر ۽ تحقيق ڪئي وڃي ها. هن ڏس ۾
آرڪيالاجيءَ جي ماهرن، فنون لطيفه جي ڄاڻُن، فن
تعميرات جي فاضلن، مختلف هنرن تي ڄاڻ رکندڙن،
رياضيدانن، علم الانسان
(Anthropology)
جي اڪابرن ۽ لسانيات جي شاگردن ۽ مورخن توڙي
جاگرافيءَ جي استادن کي پنهنجن پنهنجن مضمونن جي
لحاظ کان هن ڏس ۾ سوچڻ گهرجي ۽ تحقيق ڪرڻ گهرجي.
هن
وقت تائين ڀنڀور جي کوٽائيءَ مان مليل مواد تي فقط
ٻن نقطن جي لحاظ کان سوچيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾
کوجنا ڪري نتيجا ڪڍيا ويا آهن. انهن مان هڪ نقطو
هي آهي ته هي آثار سنڌ جي قديم ۽ تاريخي شهر ديبل
بندر جي ڦٽل شهرجا آثار ثابت ڪيو آهي. ٻيو نقطو هي
آهي ته ڀنڀور واري مسجد برصغير جي سڀ کان پهرين
مسجد آهي، جيڪا هن شهر جي فتح کانپوءِ فورن جوڙائي
ويئي هئي. هن سلسلي ۾ هن عمارت وٽان حاصل ٿيل پٿر
تي اڪريل ڪتبا هن دعويٰ لاءِ آخري دليل سمجهيا وڃن
ٿا. اهڙيءَ طرح هنن آثارن مان سنڌ ۾ اسلامي دور ۽
اسلام کان اڳ واري دور جا سڪا پڻ هٿ آيا آهن، پر
انهن تي به اڃا تائين ڪا تفصيلي تحقيق ڪانه ڪئي
ويئي آهي.
منهنجيءَ نظر ۾ مٿي ڄاڻايل ٻئي نقطا ڀنڀور واريءَ
تهذيب لاءِ واقعي اهم نقطا آهن، ان ڳالهه کان ڪو
به انڪاري نه آهي ته جنهن جاءِ وٽان اهي ڪتبا لڌا
ويا هئا سا ڪا مسجد نه آهي، ڪنهن کي به اعتراض نه
آهن ته ڪو ڀنڀور واري تهذيب تي اسلامي تهذيب ۽
ثقافت جو اثر نمايان نه آهي. ڪو به انڪار نٿو ڪري
ته هن عربمسلمان اٺين صديءَ کان علم الانسان جي
فاضلن ۽ علم اللسان جي شاگردن کي اها ته چڱيءَ طرح
ڄاڻ آهي ته هن شهر جي آبادهجڻ جا ثبوت سنڌ ۾ اسلام
جي آمدکان ڪافي آڳاٽا، يعني هڪ صدي ق. م ۾ ملن ٿا.
هتان لڌل سڪا، برتن ۽ ٻيو سامان اهڙي گواهي ڏئي
ٿو. هت ٻڌمت، هندومت، شوپنٿ ۽ انهن کان به اڳ جي
انسانن جي آباد هجڻ جا اهڃاڻ ملن ٿا، پر ماهرن هنن
آثارن جي کوٽائيءَ مان حاصل ٿيل موادکي مختلف دورن
۾ ورهائڻ جي باوجود ۽ سڀني دورن کي اهميت ڏيڻ جي
بدران فقط هڪ دور کي وڌيڪ اهميت ڏيئي ان جي وڌيڪ
اپٽار ڪئي ۽ واديءِ سنڌ جي تاريخ جي ٻين پهلوئن تي
لکڻ ته پري رهيو پر انهن کي ڇُهڻ به مناسب نه
سمجهيو. هن ڏس ۾ ماهرن جي مراد فقط هيءَ هئي ته هت
عربن جي آمد ۽ عربي تهذيب جي اثرن جا اهڃاڻ ڳولي،
ثابت ڪري، انهن جي نشاندهي ڪئي وڃي. هن سلسلي ۾
ڊاڪٽر فضل احمد خان پنهنجيءَ رپورٽ ۾ لکي ٿو:
”ڀنڀور جي کنڊرن تي هن وقت جيڪا تحقيق ٿي رهي آهي،
ان جو بنيادي مقصد آهي هن بستيءَ جي آغاز ۽ اٺين
صديءَ جي اوائل ۾ سنڌ ۾ آباد ٿيندڙ مسلمانن جي بود
و باش جي طريقي ۽ ان دور جي تهذيب ۽ ثقافت جو پتو
لڳائڻ“(1).
واديءَ سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن سان محبت رکندڙن کي
عربي دور جي تهذيب ۽ تمندن، سنڌ جي معاشري ۽
معاشرتي تاريخ تي ان (اسلامي) دور جي اثر ۽ ڇاپ
لاءِ قدر احساس آهي.
تهذيبون هڪٻئي تي اثر ڪنديون آهن، اها هڪ مڃيل
حقيقت آهي، سنڌي تهذيب تي عربي ۽ اسلامي تهذيب جي
اثر کان سنڌ جو ڪو به ماڻهو انڪار نٿو ڪري پر
ڀنڀور مان مليل سامان جي اڀياس مان ائين ظاهر ٿئي
ٿو ته هت ٻين تهذيبن جا به نشان ۽ اهڃاڻ ملن ٿا، جن تي اڃا تائين قلم نه کنيو ويو
آهي.
ڊاڪٽر فضل احمد خان صاحب جي مٿي بيان ڪيل راءِ مان
اهو بلڪل واضح آهي ته سندس سامهون فقط هڪ مقصد هو
۽ اهو هو اٺين صديءَ جي شروعات ۾ سنڌ ۾ آباد ٿيندڙ
عربن جي رهڻي ڪهڻيءَ جي طريقي ۽ عربي دور جي
تهذيب ۽ ثقافت جي باري ۾ کوجنا ڪرڻ. ڊاڪٽر صاحب
جي راءِ مان اهو چٽيءَ طرح ظاهر آهي ته سندس
دلچسپي هن قديم شهر ۾ رهندڙ ٻين قومن يا تهذيبن
سان ڪانه هئي. انهيءَ سوچ جو نتيجو اهو نڪتو جو
سواءِ مسٽر عبدالغفور مرحوم ۽ شيخ خورشيد حسن جي،
آرڪيالاجي کاتي جي ٻئي ڪنهن به ماهر هنن آثارن جي
حوالي سان اڳتي ڪابه کوجنا ڪانه ڪئي.
ڊاڪٽر فضل احمدخان صاحب جي نظريي ۽ راءِ جو ثبوت
هن حوالي مان به ملي ٿو، جنهن ۾ هو صاحب لکي ٿو:
”انهن کوٽاين مان هتان نه صرف هڪ وسيع ساحلي
قلعبند شهر جا آثار مليا آهن، پر هتان ان ابتدائي
زماني جي فن تعمير ۽ ٻين لطيف فنن متعلق تمام
گهڻيون شيون پڻ هٿ آيون آهن، هتان
مٽيءَ جي برتنن جو جيڪو وڏي ۾ وڏو تعداد هٿ آيو
آهي، ان جي مدد سان محققن کي پهريون دفعو مسلمانن
جي اوائلي دور جي برتنن جي مطالعي جو موقعو مليو
آهي، اميد آهي ته هي مطالعو
وڌيڪ تحقيقات لاءِ بنيادي حيثيت رکندو(1).
”پنجن ڇهن جڳهين
تي جيڪا گهري کوٽائي ٿي آهي، ان جي مدد سان انهن
دڙن جي هر تهه جي خبر پئجي سگهي آهي. انهن هيٺين
تهن کان مٿين تهن تائين ”ساڪ“
گهراڻي ايرانين (ساسانين)، هندو ۽ ٻڌ مت ۽ اسلام
جي ابتدائي ٽن دورن جا آثار معلوم ٿين ٿا، جيڪي
پهرين صدي قبل مسيح کان وٺي تيرهين عيسويءَ تائين
هڪ ڊگهي زماني تي حاوي آهن. (2).
نوٽ: مٿين الف-ب ۾ آيل ٻن حرفن،”د“ ۽ ”ف“، تي
اصل ۾ ٽي ٽي ٽُٻڪا آيل آهن. ان قسم جي ٽائيپ
جي عدم موجودگيءَ سبب اهي موجوده ٽائيپ ۾ رکيا
ويا آهن.....ادارو
(1) Khan F.A. Bhambhore, Karachi, Deptt: of
Archaeology, Govt of Pakistan,IV Edition,
1976, P.9.
(1) Khan F.A Op. Cit, P.17
(1)
Khan F.A. Op. cit, P.15.
|