سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا جلد-11

باب: --

صفحو :13

مرڪب لفظن جا قسم

سنسڪرت ۾ مرڪب لفظن کي ”سماس“ سڏيو ويو ويو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، ”اختصار يا ٿورا کرائي“. سنسڪرت ۾ سماسن جي ڪتب آڻڻ جو تمام گهڻو رواج آهي. ان ٻوليءَ جي ترتيب اهڙي آهي، جو ٽيهارو کن لفظ به پاڻ ۾ ملائي سماس ٺاهي سگهبو آهي پر پاڪ-ڀارت اُپکنڊ جي هاڻوڪين ٻولين ۾ مرڪب لفظن جو واهپو گهڻو گهٽجي ويو آهي ۽ عام طور ٻن لفظن کان وڌيڪ لفظ، مرڪب لفظ ۾ نه ايندا آهن. ٽن-چئن لفظن جو تعداد تمام گهٽ آهي. سنڌيءَ ۾ به ٻن لفظن وارا مرڪب لفظ گهڻيئي ملن ٿا. مون سنڌيءَ ۾ ڏهاڪو هزار مرڪب لفظ گڏ ڪيا آهن، جن کي جدا جدا ڪلاس ۾ ورهايو اٿم. هتي اُهي سڀ قسم ڏيڻ مشڪل آهي، انهيءَ ڪري فقط نموني طور مکيه قسم هتي ڏجن ٿا.

مرڪب اسم (Compound Nouns)

(1) اسم+ (ڳجهو حرف جر) +اسم = مرڪب اسم

هن قسم جي مرڪب اسم ۾ پهريون اسم هميشه گردان جي عام صورت ۾ هوندو آهي. نحوي رچنا ۾ ان جي پٺيان ”ڪو“ حرف جر هوندو آهي، جيڪو مرڪب لفظ ۾ نڪري ويندو آهي. مرڪب لفظ جو ٻيو جزو به اسم هوندو آهي. جيڪو نحوي رچنا ۾ حرف جر ذريعي پهرئين اسم سان لاڳو رکندڙ هوندو آهي.

چندنَ چورو (چندن جو چورو)

اُترُ واءُ (اُتر جو واءُ)

چوٽيءَ ڦُل (چوٽيءَ لاءِ ڦُل)

راهه خرچ (راهه لاءِ خرچ)

ڍڳي گاڏي (ڍڳي جي گاڏي)

هنن مرڪب لفظ ۾ ڪڏهن ڪڏهن جزن جي اصلوڪي صورت ۾ ڪجهه تبديلي به اچي ويندي آهي. راجڪمار (راجا جو ڪمار)؛ لکاپتي (لکن جو پتي يعني مالڪ)؛ گهڙامنجي (گهڙي يا گهڙن لاءِ منجي).

(2) اسم+ (ڳجهو حرف جملو ”۽“)+ اسم = مرڪب اسم دال روٽي (دال ۽ روٽي)؛

مڇي ماني (مڇي ۽ ماني)؛ آبهوا (آب ۽ هوا).

(الف) ٻن هم- معنيٰ اسمن مان ٺهيل مرڪب اسم:

ڪپڙو لٽو، مارڪٽ، جن-ڀوت، ٻار ٻچو، ٽوڻو ڦيڻو، ڪم ڪار، مٽي مائٽي، ڌن دولت، سار سنڀال، هلت چلت، ريت، رسم، ڪن ڪچرو، شان شوڪت، عيش آرام

(ب) اُبتڙ معنيٰ وارا ٻه لفظ:

گهٽ وڌ، لاهي چاڙهي، ڏيتي ليتي، هارجيت.

(ٻ) ويجهيءَ معنيٰ وارا ٻه لفظ:

اَن-جل، داڻوپاڻي، هيرا جواهر، هار سينگار، لاڏڪوڏ، ڇنڊڇاڻ، مان ٽول، روڪ ٽوڪ، گهر گهاٽ.

(پ) امر واحد صيغي جا ٻه لفظ:

ڏي وٺ، اُٿ ويهه، اَچ وڃ، لهه چڙهه

(ڀ) ٻه مصدر:

اُٿڻ ويهڻ، لهڻ چڙهڻ، لکڻ پڙهڻ، رلڻ پنڻ

(ت) ٻه اسم مفعول:

کاڌو پيتو، اڌي کُٽي، اُٿي ويٺي، رڌو پڪو.

(3) اسم (ڳجهو حرف جملو ”يا“) اسم= مرڪب اسم

نفعو نقصان (نفعو يا نقصان)

پاپ پڃ (پاپ يا پڃ).

(4) صفت+ اسم= مرڪب اسم؛

خوش بو، بدبو، جوان مرد، مهاپرش (مهان+پرش)، خوشخبري (خوش+خبر)، مهاتما (مهمان+آتما)؛ ستوگڻ (ست+گڻ)

(5) صفت + صفت = مرڪب؛

کٽمٺو (کٽو+مٺو)

(6) اسم+اسم= مرڪب اسم (پهرئين لفظ سان ڀيٽ):

گهنشيام (گهن يعني بادل وانگر شيام يعني سانورو):

چندر مکه (چندر يعني چنڊ جهڙو مکه يعني منهن):

پراڻ پيارو (پراڻن جهڙو پيارو)

پيل پائو (پيل يعني هاٿي؛ هاٿيءَ جي ٽنگ جهڙو پائو).

(7) اسم+ اسم= مرڪب اسم (ٻئي لفظ سان ڀيٽ).

چرڻ ڪمل (ڪمل گل وانگر ڪومل چرڻ)

ڪرڪمل (ڪمل گل وانگر ڪومل ڪَرَ يعني هٿ)

(8) اسم+اسم = مرڪب اسم (ڳجهي ڀيٽ يا اِستعارو)

ڀوَ ساگر (ڀَوَ معنيٰ دنيا، دنيا روپي ساگر)

گرديو (گروءَ جي روپ ۾ ديوتا)

ڪرم ٻنڌن (ڪرم جي روپ ۾ ٻنڌن؛ ڪرم ئي ٻنڌن آهن).

(9) اسم+ فعل ڌاتوءَ مان نڪتل پروس روپ= مرڪب اسم؛

پيچ ڪش (پيچ کي ڪشيندڙ)

مکيچوس (مک کي چوسيندڙ؛ اصطلاحي معنيٰ ڪنجوس)

ڳنڍيڇوڙ (ڳنڍ کي ڇوڙيندڙ)

ڳنڍيڪپ (ڳنڍ کي ڪپيندڙ)

سنگتراش (سنگ يعني پٿر کي تراشيندڙ)

ڪاٺڪُٽو (ڪاٺ کي ڪُٽيندڙ؛ هڪ قسم جو پکي)

(10) عددي صفت + اسم= مرڪب اسم:

يڪتارو يعني هڪ تار وارو ساز)

چؤ راهو(چئن راهن وارو هنڌ)

ٻيا مثال: ٽڪنڊو، ٻياني، ٻپهري، سئوپيري، چوماسو، دُپٽو، چوديواري، ٽِپائي، پنجاب

(11)ناڪاري ظرف+اسم يا صفت = مرڪب اسم:

ناستڪ (نه+آستڪ) يعني جنهن ماڻهوءَ جو پرماتما جي هستيءَ ۾ وشواس نه آهي؛ مڇڏ يا مڇڏو (م+ ڇڏيندڙ)؛ نالائق (نه+لائق). هتي ان ڳالهه جو ڌيان رکڻ گهرجي ته (نه، نا، م) اِهي ناڪاري معنيٰ ڏيکاريندڙ ظرف آهن. اهي آزاد روپ يعني لفظ آهن. پر اَناٿ، اَڻهوند لفظن ۾ ”اَ، اَن“ اڳياڙيون آهن، جيڪي پروس روپ آهن. اِنهيءَ ڪري اُنهن سان ٺهيل لفظ مرتب ليکبا ۽ نه ڪه مرڪب.

(12) اسم+ (ڳجهو صفت لفظ) + اسم= مرڪب اسم

 شيش محل (شيشي جو ٺهيل حال)؛ کنڊ ڀڳڙا(کنڊ چڙهيل ڀڳڙا يا کنڊ جا ٺهيل ڀڳڙا)؛ ڏهي وڙا (ڏهيءَ ۾ ٻڏل وڙا)؛ ڳڙ ڌاڻي (ڳڙ چڙهيل ڌاڻي يعني اناج)، انهن مرڪب لفظن ۾ ٻن اسمن جي وچ ۾ لڪل صفت لفظ هوندو آهي، جيڪو مرڪب لفظ کي ڀڃڻ بعد ظاهر ڪري لکبو آهي.

ٻيا مثال: تِر پاپڙي، سورج گهڙي، ميڻ بتي، آگگاڏي، ڪنَ رس.

مرڪب صفت لفظ

(1) صفت +اسم= مرڪب صفت:

صافدل (اِنسان) = صاف آهي دل جنهن جو اُهو (اِنسان).

خوبصورت (عورت) = خوب آهي صورت جنهن جي اُها (عورت)

وڏ ڦڙو (مينهن) = وڏا آهن ڦڙا جنهن جا اُهو (مينهن)

ڳاڙهڳٽو (ڇوڪر) = ڳاڙها آهن ڳٽا جنهن جا اُهو (ڇوڪرُ)

(2) اسم+ صفت= مرڪب صفت

جڳ مشهور (ڳالهه) = جڳ ۾ آهي مشهور جيڪا اُها (ڳالهه).

زرخريد (ٻانهو) = زر سان آهي خريد ڪيل جيڪو اُهو (ٻانهو).

(هنن مثالن ۾ وچ ۾ حرف جر ڳجهو آهي، جيڪو مرڪب لفظ ڀڃڻ بعد ظاهر ٿئي ٿو).

(3) اسم+ اسم = مرڪب صفت:

رت ورنو (رت جهڙو آهي ورن جنهن جو اُهو).

سون ورنو (سون جهڙو آهي ورن جنهن جو اُهو).

مومدل (موم وانگر نرم آهي دل جنهن جي اَهو).

کلمکه (کِل آهي سُکه تي جنهن جي اُهو)

ننڊا کڙو(ننڊ آهي اکڙين ۾ جنهن جي اُهو).

(4) صفت+ صفت= مرڪب صفت

کٽمٺڙو (کٽو ۽ مٺو آهي جيڪو اُهو).

چڱو ڀلو (چڱو ۽ ڀلو آهي جيڪو اُهو).

(5) اسم+ اسم مفعول= مرڪب صفت

مينديءَ رتو (مينديءَ سان آهي رتل جيڪو اُهو).

ماڪَ ڀنو (ماڪ سان آهي ڀنل جيڪو اُهو).

منَ گهريو (من سان آهي گُهربل جيڪو اُهو).

(6) ناڪاري ظرف +اسم= مرڪب صفت

نِڀاڳو (نه ٿئي ڀاڳه جنهن جو اُهو)

نِپُٽو (نه ٿئي پٽ جنهن کي اُهو).

نامُراد (نه ٿئي مراد پوري جنهن جي اُهو).

نِنانئون (نه رهي نانءُ جنهن جو اُهو).

(7) ناڪاري ظرف+ صفت = مرڪب صفت

ناچڱو (نه آهي چڱو جيڪو، اُهو).

نروڳي (نه آهي روڳي جيڪو اُهو).

(8) عددي صفت+ عددي صفت= مرڪب عددي صفت

گهڻا انگ مرڪب صفت لفظ آهن، جيئن ته؛

ٻاويهه(ٻه+ ويهه)، ڇاهتر (ڇهه+ستر)، اَٺانوي (اَٺ+نوي)، نوانوي (نو+نوي)، ”اوڻو“ جي معنيٰ آهي گهٽ. اِهو لفظ ڏهائيءَ وانگر انگن ۾ لڳائي مرڪب صفت لفظ ٺاهجن ٿا. مثال طور، اوڻٽيهه، اُڻهتر (اوڻو+ستر) اوڻهٺ (اوڻو+سٺ).

(9) عددي صفت+ (يا حرف جملو ڳجهو) + عددي صفت= مرڪب عددي صفت.

ٻه چار (ٻه يا چار)؛ ست-اَٺ (ست يا اَٺ).

مرڪب ضمير

سنڌي ٻوليءَ ۾ مرڪب ضمير لفظن جا مثال تمام گهٽ آهن، جيئن ته؛ سڀڪو (سڀ= ڪو)، هرڪو (هر+ڪو)، جيڪو (جو+ڪو).

مرڪب ظرف

جملي ۾ ظرف جو لاڳاپو فعل سان هوندو آهي، جڏهن ڪوبه مرڪب لفظ جملي ۾ ظرف جو ڪم ڪري ٿو، تڏهن انهيءَ کي ”مرڪب ظرف“ چئبو آهي. هن قسم جا مرڪب لفظ هميشه اَوڪاري يعني اڻڦرندڙ هوندا آهن. مرڪب ظرف جا ڪجهه مثال هن ريت آهن؛

(1) ٻه اسم حرف جر جي پڇاڙيءَ سان= مرڪب ظرف.

دليئون جانيئون (دل ۽ جان سان)؛

واتين ويڻين (وات جي ويڻ سان يعني زباني طور)؛ ٻارين ٻچين (ٻارن ۽ ٻچن سان)؛ هنڌين ماڳين(هر هڪ هنڌ ۽ ماڳ تي)

(2) اسم مفعول+اسم= مرڪب ظرف

بيٺي پير(بيٺو+ پير يعني بيٺل حالت ۾ ئي، جلدي)

(3) اسم+ اسم مفعول= مرڪب ظرف

سج لٿي (سج جي لهڻ تي)

واٽ ويندي (واٽ تان ويندي)

(4) عددي صفت +اسم= مرڪب ظرف

هڪ دم(هڪ+دم)، يڪجاءِ (يڪ+جاءِ)

(5) ضمير+اسم=مرڪب ظرف

هر روز (هر روز تي)، هردم (هردم ۾)

(6) ظرف+ظرف= مرڪب ظرف

جيئن تيئن، اڳي پوءِ، هيٺ مٿي

(7) صفت + اسم= مرڪب ظرف وڏي واڪي(وڏي واڪي سان)

(8) ڪردنت+ڪردنت = مرڪب ظرف

ايندي ويندي، نچندي ٽپندي، ڄاڻي ٻجهي، ڏسي وائسي، کائي پي.

(9) اڻڦرندڙ لفظ +اسم= مرڪب ظرف

ناحق(نه+حق؛ حق کانسواءِ اَجايو)

يٿاشڪتيءَ (يٿا+شڪتي؛طاقت موجب)

ٽن لفظن مان ٺهيل مرڪب لفظ

سنڌيءَ ۾ ٽن لفظن مان ٺهيل مرڪب لفظ تمام گهٽ آهن، ڪجهه مثال هن ريت آهن؛

هر فن مولا، هر دل عزيز، هرديگي چمچو، تن من ڌن، وڏيءَ دل داتا، آمر لال سائين، جئجئڪار، جل ٿل واسي.

ڪيترائي سنڌي نالا (اسم خاص) ٽن لفظن مان ٺهيل مرڪب اسم هوندا آهن. جيئن ته، سترامداس (ست+رام+داس)، جئرامداس (جئه+رام+داس)، هرنامداس (هر+نام+داس)، گڻيشانند (گڻ+ايش+آنند)، پيتامبرلال (پيت+آمبر+لال).

دُهرايل مرڪب لفظ (Reduplicated Compound words)

دُهرايل لفظن جي رچنا عام رواجي لفظن کان علحدگي آهي. اهي مرتب هوندا آهن، (جيئن بڪبڪيو، ڦٽڦٽي يا مرڪب هوندا آهن. دُهرايل لفظ ۾ بنيادي لفظ سمورو يا انهيءَ جو ڪو حصو دُهرايو ويندو آهي. اُهو دُهراءُ بنيادي روپ جي اڳيان يا پٺيان، اندروني تبديل سان گڏ يا انهيءَ کانسواءِ، يا دُهراءَ جي وچ ۾ ڪو ظرف وجهڻ سان گڏ هوندو آهي، دُهرايل مرڪب لفظن جا مکيه مثال هيٺ ڏجن ٿا:

1- بنيادي لفظ جو سمورو دُهراءُ (تبديل کانسواءِ) گهڙيءَ گهڙي، طرحين طرحين، قسمين قسمين، واهه واهه، پل پل، چَٽ، چَٽِ، پُڇُ پُڇُ، مان مان.

2- بنيادي لفظ جو سمورو دُهراءُ تبديل سان گڏ:

هٿون هٿ، ڏينهون ڏينهن، واتون وات، لبالب، زوران زور، ويران وير، منهان منهن، ڌوڪ ڌوڪان، دوس دوسان، چئه-چاءُ، گس گساءُ ماراماري، گرما گرم، گڏوگڏ يڪا يڪ.

3- بنيادي لفظ جو سمورو دُهراءُ وچ ۾ ظرف سان گڏ:

وقت به وقت، دربدر، رنگ برنگي، پيڙهي در پيڙهي.

4- سموري دُهراءُ ۾ پٺيان دُهرايل روپ ۾ اندروني تبديل ڪرڻ:

ڌڻي ڌوڻي، جاچ جوچ، ڇيڙ ڇاڙ، ٽينڀر ٽانڀر، ناچ-نوچ، ٺيڪ ٺاڪ، سادو سودو.

5- اَڻپورو دُهراءُ ڪرڻ (ٻئي نمبر لفظ جي شروعات ۾ ”ٻ“ وينجن وجهڻ سان).

مٺائي ٻٺائي، شربت ٻربت، پاپڙ، ٻاپڙ.

6- بنيادي لفظ کي اهڙي طرح دُهرائڻ جو اهو ساڳئي بنيادي لفظ جي وينجن سان شروع ٿئي يا اُهو بنيادي لفظ جي آخري حرف سان تُڪ ملائي ختم ٿئي. ان طرح دُهرايل روپ ٻوليءَ ۾ اڪيلو ڪتب نه ايندو آهي.

(الف) ديوان دڙو، مهمان مڙو، ننڍو نيٽو، تيوڻ تلهو، ڌنڌو ڌاڙي، ٺڪر ٺوٻر، چور چڪار، ٻوڙ ٻاڙي، چٺي چپاٽي، ڀاڄي ڀُتي، ڇڙوڇانڊ، ڳجهه ڳوهه، وهٽ وانو.

(ب) پڪوڙو ڌڪوڙو، پڇا ڳاڇا، ڏٽو مُٽو، سوڻو موڻو، بڪ شڪ، يٽ شٽ، وڻ ٽڻ.

7- بنيادي لفظ اڳيان اڻپورو ساڳيءَ طرز وارو دُهرايل روپ رکڻ:

آمهون سامهون، آس پاس، اوسي پاسي، تڙتڪڙ، حالو چالو، لاءُ لشڪر.

دُهرايل لفظن کي سنڌيءَ ۾ ٻٽا لفظ به چئبو آهي. اهڙن لفظن جي استعمال سان عبارت سڀاويڪ ٻول چال وارو رنگ وٺي بيهندي آهي. شمس الدين بلبل جي نثر ۾ ان طرح اصطلاحي ٻوليءَ جا مثال گهڻا ملن ٿا.

مرڪب لفظن جي استعمال سان ٻوليءَ کي هڪ نرالي نزاڪت حاصل ٿئي ٿي. انهيءَ جي ثابتي شاهه لطيف جي ڪلام مان بخوبي ملي ٿي. لاکيڻي لطيف مرڪب لفظ جو اهڙو ته جوڳو استعمال ڪيو آهي، جو ٻوليءَ کي هڪ اَنوکي سونهن عطا ٿي ويئي آهي. ڪجهه مثال ڏسو:

(1) سون ورنيون سوڍيون، رپي رانديون ڪن. (مومل راڻو)

(2) وهسن واڙيءَ ڦل جنءَ، محبتي مچ لاءِ (يمن ڪلياڻ)

(3) عاشق زهر پياڪ وهه پسئو وهسن گهڻو .(سرڪلياڻ)

(4) سڄڻ مان اچي، ڪَرَ لاهو ٿي ڪڏهم (يمن ڪلياڻ)

(5) آڻي اُتر واءُ مو کيءَ مٽ اُپٽئا (يمن ڪلياڻ)

(6) سڄڻ سوڀارو، ڀيڄ ڀنيءَ گهر آئيو (سرکنڀات)

(7) وڏ ڦڙو ۽ واءُ، ڪرهي کاڏو کوڙئو (سر کنڀات)

(8) وليون واس ورنيون پهريون مٿي پٽ (سر کنڀات)

(9) پاڻِهه آوءِ پيهي، کنڊ کيڙائو آئيا (سر سريراڳ)

(10) چوڏس چنيسر ڄام جو، ڏِهه ڏِهه ڏهڪار. (ليلا چنيسر)

(11) ٺاڪر اکين ٺار مڻئي تي ٿي مٽين (ليلا چنيسر)

(12) اصل آهي اڳهين، سندو ڪوڙڪڻيون (ليلا چنيسر)

(13) پسو سُنههَ ساميءَ جي، رت ورنو روءِ. (مومل راڻو)

(14) هڻي حاڪمين کي، زور ڀريون زبرون (مومل راڻو)

(15) کائن کڳمارو ڪانئر پئو ڪِنو ٿئي. (سر ڪيڏارو)

(16) چوڏهيءَ ماهه چنڊ جنءَ، پِڙ ۾ پاڳڙياس. (سر ڪيڏارو).

هتي سنڌي مرڪب لفظن جي فقط هڪ جهلڪ ڏيکاري ويئي آهي. انهن جو وستار سان اڀياس مون ”سنڌي ٻوليءَ جي رچنا“ نالي پنهنجي لکيل ڪتاب ۾ پيش ڪيو آهي، جيڪو جلد شايع ٿيندو.

(مهراڻ 4-1990ع)

عربي-سنڌي رسم الخط جي ابتدا لاءِ ويچار

ڊاڪٽر غلام علي الانا

سنڌي زبان، دنيا جي ٻين زبانن وانگر هميشه ۽ هر دور ۾ تحقيق ۽ تجسس جو موضوع رهي آهي. هر دور جي عالمن ۽ ودوالن، سنڌي زبان جي مختلف موضوعن تي کوجنا پئي ڪئي آهي. تحقيق مان معلوم ٿو ٿئي ته قبل مسيح ۾ آيل چيني سياحن کان وٺي پوءِ جيڪي به ماهر ۽ ودوان وادي سنڌ ۾ پهتا، انهن سنڌ جي ماڻهن، انهن جي ثقافت،، رهڻي ڪهڻي، معاشي ۽ معاشرتي حالتن ۽ ٻوليءَ جي باري ۾ پنهنجا رايا ضرور ڏنا آهن. اهو سلسلو هر دور ۾ جاري رهيو آهي.

سنڌي ٻولي جيئن ته قديم زماني ۾ روزمره جي استعمال، وڻج واپار، لوڪ ادب ۽ عوام جي وهنوار ۾ مروج ٻولي رهي آهي، انهيءَ ڪري سنڌ جي سماجي زندگيءَ تي سنڌي ٻولي به اثر انداز رهندي آئي آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه هيءَ آهي ته قديم زماني کان وٺي هن ٻوليءَ کي هڪ ۽ هڪ کان وڌيڪ رسم الخط حاصل رهيا آهن، جنهن ڪري هيءَ ٻولي سدائين لکيل صورت ۾ رهندي آئي آهي، جنهن ڪري هيءَ ٻولي زندهه ٻولين ۾ شامل رهي آهي ۽ هميشھ زنده رهندي . لکڻ واري صلاحيت حاصل ڪرڻ سبب، هن ٻوليءَ پنهنجي سماج جي قدرن ۽ ان ۾ جيڪي تبديليون اينديون رهيون آهن، تن کي رڪارڊ طور محفوظ رکيو آهي، مون پنهنجي هڪ مقالي بعنوان ”سنڌي  لسانيات، صوتيات، لغت ۽ گرامر تي ٿيل تحقيق ۽ اشاعت ۾ عرض ڪيو هو:

”سنڌيءَ ٻوليءَ جي اڀياس اندر، سنڌ جي معاشي، معاشرتي زندگي، ذهني ۽ فڪري ترقيءَ جي تصوير چٽي نظر ايندي آهي. سنڌي ٻولي هڪ سماجي قوت، علم ۽ عقل جو اٿاهه مهاساگر، لغت، معنيٰ  ۽ علم ادب، خيالن ۽ اظهار جو هڪ گنج آهي، ٻين انساني ٻولين وانگر، هيءَ ٻولي به ڪنهن هڪ ماڻهوءَ، ڪنهن هڪ عالم يا ڪنهن هڪ ماهر يا استاد ويهي ڪانه ٺاهي آهي، پر ٻين انساني ٻولين وانگر، هيءَ ٻوليءَ به قدرت طرفان عطا ٿيل آهي، ۽ هيءَ ٻولي سنڌ جي ڌرتي ۽ ڀونءَ سان گڏ وجود ۾ آئي ۽ جڳان جڳ جيئندي، ترقي ڪندي، منزلون طي ڪندي، مقابلن کي منهن ڏيندي، سختيون سهندي، ساڻيهه سان گڏ ساهه کڻندي، اڳتي وڌي رهي آهي، ۽ وڌندي رهندي؛ ۽ انهيءَ لحاظ سان هن جون پاڙون سنڌي سماج ۽ سنڌ جي ڌرتيءَ اندر ايتريون ته اونهيون کُتل رهيون آهن، جن کي اکوڙڻ ۽ پَٽي ڪڍڻ مشڪل ڪم ۽ ناممڪن ڪوشش آهي. هيءَ ٻولي هر زماني ۾، عوامي ٻولي رهندي آئي آهي ۽ روزمرهه جي ماحول ۾ سدائين مروج، سدائين جاري ۽ استعمال واري ۽ سندس حيثيت مواتر ۽ مقام هر زماني ۾ سدائين مڃيل ۽ موثر رهيو آهي. ٻين لفظن ۾ هيئن چئبو ته سنڌي ٻوليءَ جوسرچشمو سدائين عوام ئي رهيو آهي.“ (1)·

سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي ارتقا جي سلسلي ۾ اهو به عرض ڪيو ويو  هو ته سنڌي ٻولي قديم سنڌ ۾ ، اسلام جي آمد کان به گهڻو اڳ، عوام جي روزمرهه جي زندگيءَ ۽ وهنوار ۾ ڪم ايندڙ ۽ روزانه استعمال ۾ ايندڙ زبان هئي، جنهن ۾ ڳالهائڻ ٻولهائڻ کانسواءِ واپار ۾ تاجر پنهنجو ليکو چوکو لکت ۾ رکندا هئا ۽ دڪانن تي وکرن ۽ وڙن جا نالا به پنهنجي ماحول ۾  مروج رسم الخط ۾ لکندا هئا، ان زماني ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لکت لاءِ مختلف رسم الخط ڪم ايندا هئا، جن جو ذڪر ۽ نالا ڌار ڌار مقالن، مضمونن ۽ ڪتابن ۾ ملن ٿا.

هن سلسلي ۾ موهن جي دڙي واري لکت جي باري ۾ جيستائين ڪا آخري راءِ، ثبوتن ۽ دليلن سان ظاهر ٿئي،  تيستائين سنڌ ۾ رسم الخط جا ٻيا ڪئين نالا ۽ ڪي نمونا پڻ مليا آهن (2)، جن ۾ برهمي ۽ کروشٺيءَ کانسواءِ ارڌناگري نموني تي ٺاهيل رسم الخطن جا جيڪي نالا حاصل ٿيا آهن، اهي هي آهن:

(i) لوهاڻڪو رسم الخط: هي رسم الخط ٺٽي ۽ برهمڻ آباد ۾ لوهاڻا استعمال ڪندا هئا.

(ii) ڀاٽيا رسم الخط: هي خط ٺٽي جا ڀاٽيا ڪم آڻيندا هئا.

(iii) لاڙائي يا لاڙي رسم الخط: هي رسم الخط لاڙ ۾ لاڙي بندر، فتح باغ، جوڻ، رڙي، بدين، رهموڪي بازار جا عام ماڻهو ۽ واپاري ڪم آڻيندا هئا.

(iv) راجائي رسم الخط: هي رسم الخط دبي، ميرپورساڪري، جاکي بندر ۽ سبڊي بندر جا واپاري ۽ عام ماڻهو ڪم آڻيندا هئا.

(v) ميمڻڪو رسم الخط: هي رسم الخط ٺٽي، حيدرآباد، راهموڪي بازار ۽ ٻين شهرن جا ميمڻ (واپاري ۽ عام ماڻهو) ڪم آڻيندا هئا.

(vi) خواجڪا اکر: هي رسم الخط نو ملسم خواجه جيڪي اڪثر لوهاڻن مان مسلمان ٿيا  هئا سي ڪم آڻيندا هئا، هي خط لوهاڻڪي خط ۾ تبديليون ۽ واڌارا آڻي ٺاهيو ويو هو.

 (vii) ڏاکڻي لهندا رسم الخط: هي رسم الخط چاچڪان سرڪار جي جوڻ، فتح باغ، بدين ۽ لاڙ جي ٻين حصن ۾ لوهاڻن ۽ ڀاٽين کانسواءِ ٻيا هندو واپاري ۽ عام ماڻهو ڪم آڻيندا هئا.

(viii) لُنڊا يا واڻڪا اکر: هي رسم الخط ڀائيبند واڻيا، واپاري بدين ۾ ڪم آڻيندا هئا.

(ix) ونگائي رسم الخط: هي رسم الخط بدين طرف جي ونگي پتڻ، ڪوڇي، باغ جي پتڻ، بنگهار جي شهر ۽ ولهار جا واپاري ۽ عام ماڻهو ڪم آڻيندا ئا.

(x) خداوادي رسم الخط (1)· :هي رسم الخط خداآباد جا واپاري ۽ عام ماڻهو ڪم آڻيندا هئا.

(xi) سيوهاڻي ٻاٻڙڪا اکر: هي رسم الخط سيوهڻ ۾ هلندو هو، سيوهڻ جا ٻاٻڙا واپاري ڪم آڻيندا هئا.

(xii) شڪارپوري رسم الخط: شڪارپور جا واپاري ۽ عام ماڻهو پنهنجو شڪارپوري رسم الخط ڪم آڻيندا هئا.

(xiii) ساکرو رسم الخط: هي رسم الخط سکر ۾ عام هوندو هو.

(xiv) گرمکي اکر: سنڌ ۾ گرو نانڪ جا پوئلڳ، نانڪ-پنٿي هندو، هي رسم الخط ڪم آڻيندا هئا.

انهن کانسواءِ البيرني به ڪنهن رسم الخطن جا نالا ڏنا آهن، جيئين اڳتي بيان ڪيو ويو آهي. البيرونيءَ کان اڳ ۾ اسان کي عرب سياحن جي سفرنامن مان سنڌي ٻوليءَ جي رسم الخطن جي فقط تعداد جي باري ۾ معلومات ملي ٿي. هن (البيروني) عالم کان پوءِ انگريز ماهرن نه فقط نالا ڏنا، پر انهن لکتن ۽ لپين جا نمونا پڻ پيش ڪيا.

هن ڏس ۾ ڀنڀور ۽ برهمڻ آباد جي کوٽاين مان حاصل ٿيل ٺڪرين تي لکيل اکرن، عرب سياحن جي دعويٰ کي دليل طور پيش ڪيو. ڀنڀور مان لڌل ٺڪرين کي پڙهڻ کانپوءِ نه فقط رسم الخط جي باري ۾ڪجهه چيو ويو آهي پر، ان وقت ڪم ايندڙ سنڌي ٻوليءَ جي ساخت، سٽاء، مواد ۽ ٻوليءَ جي مجاز جي باري ۾ به راءِ ڏني ويئي آهي (1)·؛ البته برهمڻ آباد (المنصوره) مان لڌل ٺڪرين تي لکيل اکرن (رسم الخط) جي باري ۾ اڃا ڪا راءِ يا رايو ڪونه ڏنو ويو آهي، جنهن جي آڌار تي ڪجهه چئي سگهجي، پر ايترو سو چئي سگهجي ٿو ته ڀنڀور ۽ برهمڻ آباد جي کنڊرن جي کوٽائيءَ مان حاصل ٿيندڙ ٺڪرين تي لکيل اکر ثابت ٿا ڪن ته هنن شهرن جا ماڻهو نه فقط پراڻي تهذيب ۽ ثقافت جا ڌڻي هئا، پر هو پنهنجي روزاني زندگي، وهنوار ۽ اٿڻي ويهڻي ۾ پنهنجي ٻولي ڪم آڻيندا هئا، جيڪا هو نه فقط ڳالهائي سگهندا هئا، پر هو اها ٻولي باقاعدگيءَ سان لکي به سگهندا هئا(1).

 سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي سماجي، تجارتي، علمي، ادبي ۽ لساني ڪارج جي سلسلي ۾ اسان کي سڀ کان آڳاٽي ۾ آڳاٽي ۽ ان وقت جي لحاظ کان گهڻي ۾ گهڻي معلومات ، عرب سياحن جي سفرنامن مان ملي ٿي. انهن سياحن ۽ ماهرن ۾ سڀ کان پهرين جاحظ (864ع) (2)، پوءِ اصطخري (951ع) (3)، پوءِ مسعودي (957)(4)، پوءِ ابن حوقل (245هه/956ع) (5)، پوءِ بشاري مقدسي (958ع) (6)، پو ابن نديم (985ع  ڌاري) (7)· ۽ پوءِ البيروني (1017ع کان 1030ع) پنهنجن پنهنجن ڪتابن ۽ تذڪرن ۾، ان وقت جي ماڻهن جي حالت، ثقافتي ۽ سماجي پهلوئن، وڻج واپار ۽ ٻوليءَ لاءِ مستعمل رسم الخط جو ذڪر ڪيو آهي. انهن سياحن، ماهرن ۽ محققن ۾ البيرونيءَ ته ان وقت جي چالو رسم الخطن جا نالا پڻ ڏنا آهن. هو لکي ٿو:

”ڏکڻ سنڌ ۾“ کاري واري خطي تائين ”مالوَ شائو“ (Malwashau) نالي جيڪو رسم الخط ڪم ايندو آهي، ان کي ”مالواڙي“ (ملقاري) به چئبو آهي، بَهمنوا (المنصوره) ۾ ”سئندو“ رسم الخط ڪم ايندو آهي. ”لاڙي خط“، ”لاڙ ديس“ ۾ ڪم ايندو آهي. ”اردناگري“ رسم الخط ”ڀاٽيا“ ۽ سنڌ جي ڪن حصن ۾ لکيو ويندو آهي“ (8).

البيرونيءَ جي هن راءِ، ٻين عرب سياحن طرفان رسم الخط جي باري ۾ ڏنل معلومات ڀنڀور ۽ برهمڻ آباد (المنصوره) مان رسم الخط جا حاصل ٿيل نمونا، جارج اسٽئڪ (9) ۽  سرگريئرس جي جڳ مشهور تحقيق(10)· مان ائين نٿو معلوم ٿئي ته سنڌي زبان لاءِ عربي-سنڌي رسم الخط يا عربي حروف تهجيءَ جي ابتدا ڪڏهن ٿي؟ سنڌي صورتخطي ڪتاب (ڇاپي ٽئين) ۾ صفحي 27 تي، عربي-سنڌي صورتخطيءَ جي عنوان هيٺ، هڪ سوال ڪيو ويو هو. اهو سوال هو:

”هي سوال اڃا تحقيق طلب آهي ته سنڌ ۾ عربي-سنڌي صورتخطيءَ جي شروعات ڪيئن ٿي ۽ ڪڏهن ٿي (1

ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم جي خيال موجب: ”عربي-سنڌي خط جو قديم نمونو، شاهه ڪريم بلڙائيءَ (1537ع کان 1663ع) جي ڪلام ۾ ملي ٿو. شاهه ڪريم کانپوءِ ٻين بزرگن جو ڪلام به عربي-سنڌي رسم الخط ۾ لکيل آهي“ (2).·


· (1) غلام علي الانا، ڊاڪٽر: ”سنڌي لسانيات، صوتيات، لغت ۽ گرامر تي ٿيل تحقيق ۽ اشاعت“، سماهي مهراڻ ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ 1983ع

(2) Stack, G, “Grammar of Sindhi Language also see: Aitken E.H.” Gazetteer of the Province of Sind”, Karachi, Merchantile Steam Press, 1907. p 472.

·(1) Burton, R.F., “Sind and  the races thet inhabit the valley of river Indus”, W.H.Allen and Co.1851,p.152.

·  (1) غلام علي الانا، ڊاڪٽر: مقالو ”ڀنڀور جا آثار-سنڌي ٻولي ۽ سنڌي سماج جو مطالعو“، سماهي مهراڻ ، 4-1983ع، ص ص 61- 62.

· (1) غلام علي الانا، ڊاڪٽر مقالو ”ڀنڀور جا آثار-سنڌي ٻولي ۽ سنڌي سماج جو مطالعو“. سماهي مهراڻ، 4-1983ع، ص ص 61، 62.

(2) جاحظ: ”رسالته فخرالسودن علي البيضان“، اردو ترجمو ”هندوستان عربون کي نظر مين“. حصه اول اعظم ڳڙهه ، حصو اول، دارالمصنفين، 1965ع، ص 73 ۽ 74.

(3) اصطخري: ”المسالک الممالک“، ايضا، ص 375

(4) ابوالحسن مسعودي : ”مروج الذهب و معاون الجوهر“ ايضا، ص ص 288  ۽ 289.

(5) ابن حوقل ڌار ڌار ملڪن جا نقشا تيار ڪيا، ان ۾ هن سنڌ جو نقشو پڻ ٺاهيو، جو غالبا سنڌ جو پهريون نقشو هو، جنهن ۾ پهريون دفعو سنڌ جي شهرن جا نالا عربي رسم الخط ۾ لکيائين.

(6) بشاري مقدسي: احسن التقاسيم في معرفته“، اردو ترجمو، حوالو ڏنو ويو آهي، ص ص 385- 386.

(7) ابن نديم: ”الفهرست“ ، اردو ترجمو، جلد دوم، 1962ع، ص ص 3-4.

  (8) Sachau, E.C., “Alberuni’s India”, London, Kegen Paul Trench Trubner, 1910. p. 173.

 (9) See Stack G.Op.cit.

·(10) Grierson E.H.”Linguistic Survey of India, Vol: viii.

· (1) غلام علي الانا، ڊاڪٽر: ”سنڌي صورتخطي“، حيدرآباد، سنڌي زبان پبليڪيشن 1969ع ص 17.

(2) Daudpota, U.M., Article, “Sindhi Literature”, Cultural Heritage, of Pakistan, Karachi Oxford University Press, 1955,P.156.

(3) نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر : ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ“، ڇاپو ٻيو، حيدرآباد، زيب ادبي مرڪز 1980ع، ص 74- 75.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com