سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا جلد-11

باب: --

صفحو :12

سنڌي ٻوليءَ جون مکيه خاصيتون

ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي

ڀارت- پاڪ اُپکنڊ ۾ جيڪي ٻوليون ڳالھايون وڃن ٿيون، انهن مان ڪن ٿورن جو ئي جديد علم لسان جي اصولن موجب اڀياس ڪيو ويو آھي، جيئن ھر ھڪ گل کي پنهنجي سرھاڻ ھوندي آھي، تين ھر ھڪ ٻوليءَ ۾ پنهنجيون ڪجهه نراليون وصفون ھونديون آھن. انهن جي ڪري ھر ھڪ ٻوليءَ جو روپ ٻين ٻولين سان مشابھت رکندڙ ھوندي پڻ ڪيترين ئي ڳالھين ۾ پنهنجي پاڙيسري ٻولين کان به ڦريل نظر ايندو آھي. چوڻي آھي ته ٻارھين ڪوھين ٻولي ٻي. ٿوري ٿوري مفاصلي بعد ھڪ ئي ٻوليءَ جي بيھڪ ۾ پڻ باريڪ تفاوت اچيو وڃي. سنڌي ٻوليءَ جو مثال کڻو، اھا ھڪ طرف پنجابي، اردو، ھندي، گجراتي، مراٺي، راجستاني وغيره ٻولين سان ڪيترين ئي اھڙيون خاصيتون پڻ ظاھر ڪري ٿي، جيڪي ٻين ٻولين ۾ نٿيون ملن. انهيءَ کان سواءِ سنڌ جي جدا جدا ايراضين ۾ سنڌي ٻوليءَ جا الڳ الڳ لھجا پڻ اسان کي نظر اچن ٿا.

سنڌي ٻوليءَ  جي بُڻ- بنياد جي سوال تي سنڌ ۽ ڀارت جي عالمن مختلف رايا ظاھر ڪيا آھن. ڪنهن سنڌ جي اوائلي سنڌي پراڪرت ۾ انهيءَ جو اصل- نسل ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ته ڪنهن سامي سٿ جي ٻوليءَ سان سنڌيءَ جو بنيادي رشتو ڏيکارڻ چاھيو آھي ته ڪنهن توراني ۽ دراوڙي ٻولين ۾ سنڌي ٻوليءَ جو بنياد ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. اھي عالم جيڪي سنڌي ٻوليءَ جو  بڻ – بنياد ڪنهن غير آريائي زبان ۾  ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، اھي پڻ انهيءَ حقيقت کان انڪار نٿا ڪري سگھن ته موجوده سنڌي ٻولي، صرف و نحو، لفظ- ڀنڊار ۽ لساني بيھڪ جي ٻين وصفن جي لحاظ کان تمام گھڻي قدر ڀارت- پاڪ اُپکنڊ جي ٻين آريائي ٻولين سان مشابھت رکي ٿي. ھتي آءٌ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ – بنياد واري بحث تي ويچار ظاھر ڪرڻ نٿو چاھيان، ڇاڪاڻ ته انهيءَ لاءِ هڪ الڳ مقالي جي ضرورت آهي، هتي منهنجو مقصد فقط انهيءَ ڳالھه تي روشني وجھڻ آھي ته موجوده سنڌي ٻوليءَ جون ڪھڙيون نراليون وصفون آھن، جيڪي ڀارت پاڪ اُپکنڊ جي ٻين آريھ ٻولين ۾ نٿيون ملن يا اھي ورلي ملن ٿيون. ھتي مون اھڙن وياڪرڻي روپن ۽ لفظن جا پڻ مثال ڏنا آھن. جيڪي موجوده سنڌي ٻوليءَ، سنسڪرت پراڪرت، اُپڀرنش وغيره آڳاٽين ٻولين کان ورثي ۾ حاصل ڪري، اڃا تائين پاڻ وٽ سنڀالي رکيا آھن. ٻئي طرف اھي ٻين ھاڻوڪين ٻولين ۾  واھپي ۾ نٿا اچن يا عام نه آھن.

ڀارت- پاڪ اُپکنڊ جي ٻولين ۾ سنڌيءَ کي مکيھ درجو حاصل ٿيل آھي، انهيءَ جي خاصيتن کي ڏسي پرڏيھي عالمن جنسي ساراهه جا ڍڪ ڀريا آھن. سنڌي ٻوليءَ جي ماھر ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ لکيو آھي ته سنڌي نج سنسڪرت سٿ جي ٻولي آھي. جيڪڏھن اسين سنڌيءَ جي ڀيٽ انهيءَ جي ڀينر ٻولين سان ڪريون ته اسان کي ويا ڪرڻ جي لحاظ کان سنڌيءَ کي انهن ۾ پھريون نمبر ڏيڻو پوندو. اڄڪلهه جي مراٺي ھندي، پنجابي، بينگاليءَ جي ڀيٽ ۾ سنڌيءَ جو آڳاٽي پراڪرت سان وڌيڪ ويجھو رشتو آھي. سنڌي ٻوليءَ ويا ڪرڻ جا ڪيترائي روپ پاڻ وٽ اڃا تائين قائم رکيا آھن، جن کي ڏسي سندس ڀينر ٻوليون ڀلي ساڻس ريس ڪن.

ڪئپتن جارج اسٽئڪ پنهنجي تيار ڪيل سنڌي گرامر ۾ لکيو آھي : ”مون کي خاطري آھي ته سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس لسانيات جي ماھرن لاءِ، ٻين ڪيترين ئي ڀارتي ٻولين جي اڀياس جي ڀيٽ ۾ ويڪ دلچسپ ثابت ٿيندو. ضميرن ۽ انهن سان لاڳو حرف جر جي بدران لفظن ۾ پڇاڙين جو استعمال، ڪرمڻي پريوگ جو پڇاڙين ذريعي اظھار، ڀاوي پريوگ ۽ ٻٽن بالواسط فعلن جو استعمال ۽ ٻيون ڳالھيون جيڪي ھن ٻوليءَ جي سکندڙ کي اڳتي وڌڻ  تي معلوم ٿينديون. اھي اھڙيون خوبيون آھن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ کي ٻين ڪيترين ئي ڀارتي ٻولين جي ڀيٽ ۾ ھڪ نرالي نزاڪت عطا ڪن ٿيون. “

جنهن سنڌي ٻوليءَ جي پرڏيھي عالمن ايتري ساراھه ڪئي آھي، انهيءَ جون لساني بيھڪ جي لحاظ کان مکيه خاصيتون ھن ريت آھن؛

(1) سنڌي ٻوليءَ ۾ چار اھڙا آواز آھن، جن جي اُچار ڪرڻ ۾ ھوا کي وات ۾ اندر ڇڪڻو پوي ٿو. انهيءَ ڪري لسانيات جي ماھرن انهن کي چوسڻا آواز (Implosives) نالو ڏنو آھي. اھي آواز آھن: ڳ، ڄ، ڏ، ٻ. سنڌي ٻوليءَ جي آوازي سرشتي ۾ اھي چوسڻا آواز معنيٰ ڀريو پارٽ ادا ڪن ٿا. مثال طور، جيڪڏھن لفظن ۾ انهن جي جاءِ تي سندن ويجھن آوازن- گ، ج، د، ب جو استعمال ڪبو ته لفظن جي معنيٰ بدلجي ويندي. جيئن ته:

ڳلا- گلا، ڳارو- گارو.

ٻارو- بار، ٻِلو- بِلو.

ڄارو- جارو، ڄام- جام.

ڏائي- ڊائي- دائي.

پڏ- پد- پڊ- پڙ.

ڀارت- پاڪ جي بين ڪيترين ئي ھاڻوڪين ٻولين ۾ اھي چوسڻا آواز ڪين ٿا ملن. ملتاني زبان ۾ سنڌيءَ وانگر اھي چارئي آواز معنيٰ ڀريو پارٽ ادا ڪن ٿا. پر ڪڇي ۽ مارواڙي ٻولين ۾ سنڌيءَ جي اثر ھيٺ فقط ھڪ- ٻن چوسڻن صوتين جو واھپو ٿئي ٿو.

(2) سنڌيءَ ۾ پنج ڪاوان (Nasal) آواز آھن. گ، ڃ، ڻ، ن، م. اسان جي ٻوليءَ ۾ اھي پنج ئي اواز معنيٰ ڀريو پارٽ ادا ڪن ٿا، ۽ ٻن سُرن يعني حرف علت جي وچ  ۾ پڻ اُچاريا وڃن ٿا. جيئن ته:

مَڱي- مَڃي، مَڻي- مَني- مَمي.

مَڱ- مڃ- مَڻ- مَنَ، مَم.

سنسڪرت، ھندي، اردو ۽ ٻين ڪيترين ئي ھاڻوڪين ڀارت- پاڪ ٻولين ۾ ڱ ۽ ڃ آوازن جو اُچار ٻن حرف علت جي وچ ۾ نه ايندو آھي. انهيءَ ڪري اردو ھندي ڳالھائيندڙ سنڌي لفظن، مُڱ، مُڃ، ڄڃ،، سڱر وغيره جو صحيح اُچار نه ڪري سگھندا آھن.

(3) سڌي ٻوليءَ جي آوازي سرشتي ۾، ٻين ھاڻوڪين ھند- آريائي ٻولين جي ڀيٽ ۾ گھڻي ۾ گھڻا وينجن (حرف صحيھ) صوتيھ آھن. انهيءَ جو سبب اھو آھي ته سنڌيءَ ۾ چئن چوسڻن آوازن سان گڏ، عربي فارسي ٻولين جي اثر ڪري خ، غ، ز، ف جو اُچارڻ پڻ صوتين جي روپ ۾ ڪيو وڃي ٿو. معياري سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪل ايڪيتاليھه حرف صحيح صوتيه (consonant Phonemes) آھن.

ڪ ک گ ڳ گھه ڱ

چ ڇ ج ڄ جھه ڃ

ٽ ٺ ڊ ڏ ڍ ڻ

ت ٿ د ڌ ن

پ ڦ ب ٻ ڀ م

ي ر ل و ڙ

ش س ھه

خ غ ز ف

(نوٽ: پروفيسر علي نواز جتوئيءَ، علم لسان ۽ سنڌي زبان، ۾  ڊاڪٽر غلام علي الانا، سنڌي صوتيات، ۾ مھه، نهه، ڙھه، لھه، ڻھه/  کي وينجن صوتين جي چارٽ ۾ ڏيکاريو آھي. اھي حقيقت ۾ ٻن وينجن صوتين جو ميل conjunct consonants آھن.

(4) سنڌي ٻوليءَ جي اُچارن موجب گھڻا لفظ حرف علت ۾ ختم ٿيندڙ آھن. انهيءَ ڪري ٻين ٻولين مان سنڌيءَ ۾ جذب ٿيلن لفظن جو اُچار به گھڻو ڪري آخر ۾ / آ، ا. اُ/ مان ڪو حرف علت لڳائي ڪيو وڃي ٿو. جيئن ته ماستر، ڪاليجُ، اسڪولُ، نرسِ، بئنڪَ، ڪورٽِ، بسِ، ڪوششِ، ثبوتُ، رازُ، سببُ. انهيءَ عادت ڪري، سنڌي  ماڻھو جڏھن اردو، ھنديءَ وغيره ۾ گفتگو ڪن ٿا، تڏھن اتي پڻ لفظن جي آخر ۾ حرف علت اُچار ڪن ٿا، جيڪو انهن ٻولين جي سرشتي موجب صحيح اُچار نه آھي، انهيءَ ڪري سنڌي ڳالھائيندڙن جو سنڌيپڻو اڪثر ظاھر ٿيو پوي. تاريخي اوسر جي خيال کان جيڪي سنسڪرت لفظ اردو ۽ ھنديءَ ۾ بدلجي ساڪن پڇاڙيءَ وارا ٿي پون ٿا، انهن جو اُچار سنڌيءَ ۾ آخري حرف علت لڳائي ڪيو وڃي ٿو. جيئن ته:

سنسڪرت     اردو – ھندي سنڌي

ڪَرڻَ           ڪان          ڪنَ

ھَست          ھاٿُ           ھٿُ

دَنتَ            دانت           ڏندُ

راترِ             رات            راتِ

باھهُ            بانهه           ٻانهنَ

واٽَ (رستو)    باٽ            واٽَ

اَڪشِ          آنکه            اکِ

جيئن ته سنڌيءَ ۾ گھڻا اسم حرف علت ۾ پورا ٿين ٿا، انهيءَ ڪري انهن جي جنس سڃاڻڻ ۾ به گھڻي آساني ٿئي ٿي. مثال طور، سنڌيءَ ۾ ’او‘، پڇاڙيءَ وارا سڀ اسم مذڪر آھن. (گھوڙو، ڇوڪرو، دلو، روپيو) ٻئي طرف (اَ) حرف علت ۾ پورا ٿيندڙ سڀ اسم جنس مواًنث وارا آھن (کٽَ، عادتَ، زالَ، کڏَ)

(5) سنڌي ٻوليءَ ۾ ( اُ ) حرف علت ۾ ختم ٿيندڙ لفظن جو تعداد تمام گھڻو آھي. اسان جي ٻوليءَ ۾ سڀ مصدر (اُ ) حرف علت لڳائي اُچار ڪرڻ جي عادت سنڌين ۾ تمام آڳاٽي آھي. ان حقيقت طرف ڀرت مُنيءَ پنهنجي مشھور گرنٿ ”ناٽيه شاستر، ۾ به اشارو ڪيو آھي. اھو ڪتاب عيسوي ٻي صديءَ جي آس پاس لکيو ويو آھي. ڀرت مُنيءَ ناٽڪن ۾ ڪردارن جي ٻوليءَ بابت لکندي ڄاڻايو آھي ته جدا جدا علائقن جي ماڻھن لاءِ، انهن علائقن جي اُچارن کي ڌيان ۾ رکيو وڃي. انهيءَ سلسلي ۾ ھو لکي ٿو،  ”ھماليا، سنڌ ۽ سؤاوير ايراضين ۾ جيڪي ماڻھو رھن ٿا، انهن جي لاءِ ناٽڪ نويسن کي ( اُ ) حرف علت جي گھڻائيءَ واري ٻوليءَ جو استعمال ڪرڻ گھرجي.

انهيءَ حوالي سان ثابت ٿئي ٿو ته ڀرت مُنيءَ جي زماني ۾ (عيسوي ٻي صدي) سنڌ ۾ جيڪا پراڪرت ڳالھائي ويندي ھئي، انهيءَ ۾ ( اُ ) حرف علت پڇاڙي وارن لفظن جو گھڻو استعمال ٿيندو ھو. اپڀرنش ٻوليءَ م (پنجين عيسوي صديءَ کان وٺي اٽڪل ٻارھين عيسوي صدي تائين لکيل جيڪو ادب روشني ۾ آيو آھي، انهيءَ  ۾ پڻ ( اُ ) حرف علت وارا لفظ گھڻا ملن ٿا. پراڻي گجراتي، پراڻي راجسٿاني، پراڻي مراٺيءَ ۾ به ( اُ ) حرف علت ۾ پورا ٿيندڙ لفظ گھڻي انداز ۾ ملن ٿا، جيڪي انهن ٻولين جي ھاڻوڪي روپ ۾ نٿا ملن. انهيءَ مان ظاھر آھي ته موجوده سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جي آخر ۾ ( اُ ) حرف علت لڳائي اُچار ڪرڻ جي عادت، عيسوي سن جي شروعات واري زماني کان وٺي ھلندي پئي اچي. سنڌيءَ ۾ مصدر ۽ گھڻا اسم ( اُ ) ۾ پورا ٿين ٿا. جيئن ته : ھلڻُ، ڊوڙڻُ، سمھڻُ، ڀڄڻُ، نڪُ، واتُ، پٽُ، ڀاءُ، ماءُ، رسُ، مَسُ، وغيره.

(6) سنڌيءَ ۾ ھن وقت ڀائر، پيئر، ڀينر، مائر، نهر، ڌيئر عدد جمع جا روپ بي قاعدي ليکيا وڃن ٿا. سنڌيءَ ۾ ( اُ ) پڇاڙيءَ وارن مذڪر اسمن جو عدد جمع ۾ روپ، ( اُ ) کي بدلائي ( اَ ) ڪرڻ سان ٺھندو آھي. جيئن ته : پٽُ- پُٽَ. ٻارُ- ٻارَ. گھرُ- گھرَ، ساڳيءَ طرح ( اَ) ۽  ( اُ ) پڇاڙيءَ وارن مونث اسمن جو عدد جمع ۾ روپ، اسم جي آخري سُر کي ڪڍي، ان جي جاءِ تي اسم ۾ اون، پڇاڙي گڏڻ سان  ٺھدو آھي، جيئن ته : زالَ- زالون. سسُ- سسون. عدد جمع ٺاھڻ جو اھو عام قاعدو آھي. ڀائر، پيئر وغيره روپ انهيءَ قاعدي جي خلاف آھن. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته عدد جمع ۾ انهن اسمن جا اھي بي قاعدي روپ، پراڪرت اپڀرنش جي عدد جمع جي روپن موجب ٺھيل آھن. پراڪرت ۾ ’ڀاءُ‘ جو عدد جمع آھي، ’ڀاڀارا‘ ۽ ’پيءُ‘ جو عدد جمع آھي، ’پيئرا‘ انهن جي طرز تي ڀينر، مائر، نهر، ڌيئر، روپ به واھپي ۾ اچي ويا آھن. نه فقط ايترو، پر اسين انهن ۾ عدد جمع جي باقاعدي روپ ٺاھڻ واري پڇاڙي (اون) لڳائي، وري ٻيا به عدد جمع ٺاھيون ٿا: ڀينرون، مائرون، نهرون، ڌيئرون، انهن کان سواءِ انهن اسمن جا باقاعدي روپ: ڀيڻون، مائون، نهون، ڌيئون پڻ سنڌيءَ ۾ مروج آھن. انهن مثالن مان ظاھر آھي ته سنڌيءَ پراڪرت اسمن موجب ٺھندڙ عدد جمع جا ڪجھه روپ پاڻ وٽ اڃا تائين محفوظ رکيا آھن.

(7) سنڌيءَ ۾ ڪجھه اسمن پٺيان پڇاڙي لڳائي حرف جر جو مطلب ظاھر ڪيو  وڃي ٿو، اھو طريقو سنسڪرت ۽ پراڪرت ٻولين جو آھي، جيڪو اڄ تائين سنڌيءَ ۾ ھلندو پيو اچي. مثال طور :

سنسڪرت                     پراڪرت               سنڌي

گرھي (گھر ۾)                        گِھي           گھَر (گھر ا (+

ڳوشٺات (ڳوٺ مان)           گوٺاءَ، گوٺا    ڳوٺئون، ڳوٺان

                                        (آئون، آن)

جھوني سنڌيءَ ۾ حرف جري پڇاڙيون ضميرن ۾ اسمن جي عدد جمع وارن روپن ۾ پڻ لڳنديون  ھيون. اھو نمونو ھاڻوڪي ٻول چال واري سنڌيءَ ۾ گھڻو ڪري ختم ٿي ويو آھي، مثال طور شاھه لطيف جي ڪلام ۾ اھڙا روپ ملن ٿا، جن جو اڄڪلهه واھپو ڪو نه ٿو ٿئي. جيئن ته – دوسنئان (دوسن + آن)، ڏاگھنئون (ڏاگھن + ون)، ڪُلھنئون (ڪلھن + اون)، ھيجا (ھيج + آ)، مونهان (مون + ھان)، ھُننئان (ھنن + آن).

(8) سنڌيءَ ۾ اسين ضميرن کي پڇارينجي روپ ۾ اسم، حرف جر ۽ فعل ۾ لڳائي پڻ استعمال ڪندا آھيون. سنڌيءَ ۾ اھا  اھڙي خاصيت آھي، جيڪا ڀارت- پاڪ اپکنڊ جي ٻين ٻولين ۾ گھڻو ڪري ڪا نه ٿي ملي. اھو طريقو ملتاني ۽ ڪشميري ٻولين ۾ پڻ ملي ٿو. پر جيترو گھڻو استعمال سنڌيءَ ۾ آھي، اوترو انهن ٻولين ۾ نه آھي.  مثال طور – پُٽس (ھن جو پٽ)، سسڻس (ھن جي سس)، ڀاڻھين (تنهنجو ڀاءُ، کيس (ھن کي)، وٽس (ھن وٽ)، چيومانس (مون ھن کي چيو)، لکيائينس (ھُن ھُن کي لکيو)، ڏنُئس (تو ھن کي ڏنو).

(9) ھاڻوڪين ھند- آريائي ٻولين ۾ ڪرمڻي پريوگ گھڻو ڪري فعل معاون جي استعمال ذريعي ظاھر ڪيو وڃي ٿو. جيئن ته چور پڪڙيو ويو. دشمن ماريا ويا. سنڌيءَ ۾ ڪرمڻي پريوگ جوڙن جو ھڪ ٻيو به طريقو آھي. انهيءَ موجب مکيه فعل جي ڌاتوءَ ۾ ڪرمني پريوگ ڏيکاريندڙ / اج /يا/ ج / نشاني لڳائبي آھي، جيئن ته :

ڪرتري پريوگ                ڪرمڻي پريوگ

ھو ماري ٿو            ھو مارجي ٿو

ھو پڪڙن ٿا           ھو پڪڙجن ٿا.

ھنن مثالن ۾ مارجي ۽ پڪڙجڻ فعلن ۾ / اِج / نشاني لڳل  آھي، جيڪا ڪرمڻي پريوگ ڏيکاري ٿي. سنڌيءَ اھو طريقو سنسڪرت ۽ پراڪرت کان ورثي ۾ حاصل ڪيو آھي ۽ اڃا تائين پاڻ وٽ سلامت رکيو آھي. ٻئي طرف ٻين آريه ٻولين ۾ اھڙا روپ ھاڻي ڪتب نٿا اچن. سنسڪرت ۾ ڪرمڻي پريوگ ٺاھڻ لاءِ فعل جي بنياد ۾ /ي / نشاني لڳائبي آھي، اھا پراڪرت ۾ بدلجي /  ايئه / يا / اِج/ ۽ سنڌيءَ ۾ / اِج / يا / ج / ٿي آھي.

سنسڪرت             پراڪرت               سنڌي

پيپَتي (پئجي ٿو)             پِيئجَئي               پيئجي

گِييَتي (ڳائجي ٿو)            گائِجئَه                 ڳائجي

سنسڪرت ۽ پراڪرت وانگر سنڌيءَ ۾ اسين فعل لازميءَ ۾ پڻ اھي پڇاڙيون لڳائي سگھندا آھيون. اھڙن فعلن وارا جملا ڀاوي پريوگ جا مثال آھن. جيئن ته، سنسڪرت : جيويتي (جيئجي ٿو) ، پراڪرت: جيئجئي، سنڌي: جيئجي. سنڌيءَ ۾ ٻيا مثال آھن: ھلجي، نڇجي، بيھجي، وغيره.

(10) سنڌيءَ ۾ اسم مفعول (Past Participle) ٺاھڻ لاءِ فعل جي بنياد ۾ / ي / نشاني لڳائبي آھي. جين ته پڙھيو، لکيو ڊوڙيو، پر سنڌيءَ ۾ ڪيترائي اسم مفعول اھڙا آھن، جن جا روپ / ي/ لڳائڻ سان ان ريت نٿا ٺھن. انهن کي بي قاعدي اسم مفعول چيو وڃي ٿو. حقيقت ۾ سنڌيءَ ۾ اھا بي قاعدگي سنسڪرت ۽ پراڪرت جي آڳاٽن اسم مفعول جي روپن کي پاڻ وٽ سانڍي رکڻ ڪري پيدا ٿي آھي.  ھيٺ ڏنل ڪجھه مثالن مان اھا ڳالھه صاف ظاھر آھي.

سنسڪرت     پراڪرت               سنڌي

تپت           تَت             تتو

گياتَ          جانئه           ڄاتو

لَبڌَ             لَڌ              لڌو

گھرشٽَ                گَٺ            گٺو

ڀڳنَ           ڀگ            ڀڳو

تُشٽَ          تُٺءِ            تُٺو

سنڌيءَ ۾ اھڙن بي قاعدي اسم مفعولن جو تعداد اٽڪل ٻه سؤ  کن آھي. ٻين ھند- آريائي ٻولين ۾ ان طرح جا بي قاعدي ٺھيل اسم مفعول ھاڻي گھڻي قدر نٿا ملن.

(11) فعل متعدي ۽ فعل لازمي ۾ / اِب / نشاني لڳائي سنڌيءَ ۾ ڪردنت ٺاھبا آھن. جيئن ته : کائبو، ھلبو، وغيره اھڙا روپ ٻين ٻولين ۾ ورلي آھن، پر سنڌيءَ ۾ اھي سنسڪرت ۽ پراڪرت جي قاعدن موجب ٺھيل آھن. سنسڪرت جي / تويه / پڇاڙي پراڪرت ۾ / تَو / ۽ سنڌيءَ ۾ / اِب/ ۾ بدلي آھي.

سنسڪرت     پراڪرت               سنڌي

نرتِتويه                 نَچئو           نَچبو

شروتَويه                سُڻئو           سُڻبو

ھَنتويه          ھَڻئو           ھَڻبو

(12) ويا ڪرڻ جي جھونن روپن وانگر اسان جي سنڌي ٻوليءَ ويدن واري سنسڪرت، ڪلاسيڪل سنسڪرت، پراڪرت ۽ اپڀرنش جا ڪيترائي آڳاٽا لفظ پڻ ھو بھو ساڳيءَ صورت ۾ يا ٿوري گھڻي تبديليءَ سان پاڻ وٽ سنجوئي رکيا آھن. ھتي اھڙن لفظن جا ڪجهه مثال ڏجن ٿا: جيڪي سنڌيءَ ۾ تدڀوَ (ٿوري بدليل) صورت ۾ سلامت آھن.

سنسڪرت     سنڌي

اَناسه           اَڻاسو

جوريه           جھورُ

يوُت            جُوءِ (جاءِ)

وَلڀَ            وَلھو

جنيه            ڄڃ

اَنگارڪَ – وار اڱارو

آدِتيه- وار      آچر

شاھه لطيف جي ڪلام ۾ جھونا پراڪرت ۽ اپڀرنش لفظ، ھاڻوڪي سنڌيءَ جي ڀيٽ ۾ گھڻي تعداد ۾ ملن ٿا.

ڪجھه مثال ڏسو:

سنڌي          پراڪرت                       سنسڪرت

چِئَه(چتا)               چِئَه                     چِتا

رَئي (چمڪ)   رئي                    رچي

نيرَ (زنجير)    نِئرَ                     نِگڊِ

رانءُ (رسي، ڌاڳو)      راءُ                      رَجُ

رائُرَ (حڪومت         رائُرَ                     راجڪَرَ

طرفان ٽئڪس)

ڌاءُ (ڌاتو)              ڌاءُ                      ڌاتُو

اوڙ (قطار)      اول                     آولي

گجرات جي عالم آچاريه ھيمچندر (1088-1172ع) ديشي نام مالا، نالي تيار ڪيل ديشي لفظن جي ڊڪشنريءَ ۾ ڪيترائي ديشي لفظ ڏنا آھن، جيڪي ساڳئي يا ڪي قدر بدليل صورت ۾ اڄ پڻ سنڌيءَ ۾ ڪتب اچن پيا. جيئن ته :

ڏونگر (ڊونگور)، مينڊا (وارن جون چڳون- موڊو)، وانڍو (ڪنوارو- ونٺو)، ڇوھه (تيز وھڪ- ڇوھو)، اوڍڻ (بدن کي ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو – اوڍڻ) سنڌيءَ ۾ رشتو ڏيکاريندڙ لفظ پڻ ٻين ٻولين جي ڀيٽ م وڌيڪ آھن. مٽي مائٽي ڄاڻائڻ لاءِ جتي اردو، ھندي وغيره ٻولين ۾ ٻه – ٽي لفظ ڪتب آڻڻا پون ٿا، اُتي سنڌيءَ ۾ ھڪ لفظ استعمال ٿئي ٿو. مثال طور :

سنڌي          ھندي- اردو

سؤٽ          چچيرا ڀائي

ماروٽُ         مميرا ڀائي

ماروٽَ         مميري بھن

ماساتُ         موسيرا ڀائي

ماساتِ         موسيري بھن

پڦاٽُ           ڦوڦيرا ڀائي

پڦاٽِ           ڦوڦيري بھن

نراڻوٽُ                 نند کا لڙکا

ڏيروٽُ          ديور کا لڙکا

سيڻوٽُ                سَمڌي کا لڙکا

ان طرح، پسون- پکي، جيوَ- جنت، جڙيون- ٻوٽيون ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شيون آھن، جن لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ خاص جدا جدا ۽ تز معنيٰ ڏيکاريندڙ لفظ ملن ٿا. انهيءَ جي ساک ڀليءَ ڀت (جامع سنڌي لغات) (سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ) جي پنجن ڀاڱن مان  ملي سگھي ٿي. شاھه لطيف جي ڪلام ۾ به جھونن سنڌي لفظن ۽ ويا ڪرڻ جي آڳاٽن روپن جو اکٽ ڀنڊار نظر اچي ٿو. ان تي الڳ مضمون ۾ روشني وڌي ويندي.

ھن مضمون ۾ ڪجهه مثال ڏيئي ٿوري ۾ اھا حقيقت ظاھر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آھي ته اسان جي سنڌي ٻوليءَ جو ڀارت – پاڪ اُپکنڊ جي آڳاٽين ٻولين (ويدن جي سنسڪرت، ڪلاسيڪل سنسڪرت، پراڪرت، اپڀرنش سان گھاٽو لاڳاپو آھي. ڪيترائي آڳاٽا لفظ ۽ ويا ڪرڻ جا روپ جيڪي ھاڻوڪين ٻين ھند- آريائي ٻولين مان گم ٿي ويا آھن، اھي سنڌيءَ اڃا تائين پاڻ وٽ حفاظت سان سانڍي رکيا آھن. ان لحاظ کان اسان جي سنڌي ٻوليءَ کي مڙني ھند- آريائي ٻولين ۾ گھڻي اھميت ڏني ويئي آھي.

(مهراڻ 4/1988ع)

 

ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي

سنڌيءَ ۾ مرڪب لفظ

سنڌي ٻوليءَ جو بڻ-بنياد ۽ بناوت سمجهائڻ لاءِ سنڌ ۽ ڀارت جي عالمن چڱائي تحقيقي مقالا ۽ ڪتاب لکيا آهن. انهيءَ هوندي پڻ سنڌيءَ ۾ ’لفظن جي رچنا‘ هڪ اهڙو موضوع آهي، جنهن تي جديد لسانيات جي اصولن مطابق تمام گهٽ لکيو ويو آهيسنڌي ٻوليءَ جا به سنڌي مرڪب لفظن جي بناوت تي گهرائيءَ سان بلڪل نه سوچيو ويو آهي. انهيءَ ۾ به روايتي طرز جا لکيل وياڪرڻ جيڪي منهنجيءَ نظر مان نڪتا آهن، انهن مان ڪنهن به هڪ ۾ سنڌي لفظن جي رچنا صحيح نموني سمجهايل نه آهي. سنڌ جي عالمن ۾  ڊاڪٽر غلام علي الانا پهريون عالم آهي، جنهن سنڌي گرامر جي  مسئلن هيٺ لفظ، سنڌي، ڌاتو ۽ مصدر وغيره موضوعن تي، جديد لسانيات جي اصولن مطابق بحث ڪيو آهي. انهيءَ ڏس ۾ سندس تازو شايع ٿيل ڪتاب ’سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس‘ هڪ ساراهه جوڳو اضافو آهي(1)·. انهيءَ ڪتاب ۾ هن لفظن جي قسمن، بناوت، مرڪن ۽ مرتب وغيره لفظن جي رچنا ۽ سنڌي صرفيات جي ٻين به پهلوئن تي ٿوري ۾ بحث ڪيو آهي.

غلام علي الانا، علي نواز جتوئي، نبي بخش بلوچ، سراج الحق ميمڻ ۽ ٻين ڪيترن ئي عالمن سان، سنڌ ۾ سچل بين الاقوامي ڪانفرنس جي موقعي تي ملاقاتون ٿيون، پر ساڻس اڪيلائيءَ ۾ ويهي، علمي موضوعن تي ويچارن جي ڏي وٺ ڪرڻ جو وجهه نصيب ٿي نه سگهيو. وري به شڪر آهي ٻاجهاري ڌڻيءَ جو، دلبرن جو ديدار ته ٿيو. سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جي وصف، لفظن جا قسم، مرڪب، مرتب ۽ دُهراءَ وارن لفظن جي بناوت، صرفيه ۽ صرف جي سمجهاڻي وغيره موضوعن تي غلام علي الانا جيڪي ڪجهه لکيو  آهي، انهيءَ ۾ ڪيترن هنڌن تي سڌارن ۽ واڌارن جي ضرورت آهي، فرصت ۾ ساڻس گڏ ويهي، انهن سوالن تي ويچارن جي ڏي وٺ ڪرڻ جي گهڻي خواهش هئم، جيڪا پوري ٿي نه سگهي. انهيءَ ڪري هتي ٿوري ۾، سنڌي ٻوليءَ ۾ مرڪب لفظن جي بناوت بابت پنهنجا ويچار عالمن اڳيان رکان ٿو.

سنڌي ٻوليءَ جي صرفي بناوت (1)· نالي پنهنجي ٿيسز ۾ مون سنڌي لفظن جي بناوت، قسمن ۽ ٻين واسطيدار سوالن تي وستار سان بحث ڪيو آهي. هتي انهن مڙني ڳالهين کي پيش ڪرڻ مشڪل آهي. انهيءَ ڪري هن مضمون جي محدود دائري ۾ فقط سنڌي مرڪب لفظن جي بناو ت ۽ انهن جي مکيه قسمن تي پنهنجا ويچار رکڻ منهنجو مقصد آهي.

لفظن جا قسم

بناوت جي لحاظ کان لفظن جا گهڻا قسم آهن، انهيءَ تي ويچار ڪرڻ کان اول اچو ڏسون ته لفظ ڇا کي ٿو چئجي؟ سونهاري شاهه لطيف جو هيءُ بيت ڏسو:

سائينم! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪارَ،

دوست! مِٺا دلدار! عالم سڀ آباد ڪرين.

ڪنهن کان به پڇبو ته هن بيت ۾ گهڻا لفظ آهن، ته هڪدم ڳڻي ٻڌائيندو ته تيرنهن، انهيءَ مان ظاهر آهي ته عام طور هرڪو ماڻهو انهيءَ روپ کي لفظ سمجهي ٿو، جيڪو ڳالهائڻ ۾ الڳ اُچارجي ٿو يا لکڻ ۾ ٻئي روپ کان جدا لکيو وڃي ٿو. حقيقت ۾ ”لفظ“ جي سمجهاڻي ايتري آسان نه آهي، جيتري هتي محسوس ٿئي ٿي. لسانيات جا ماهر ”لفظ“ جي اهڙي عام وصف اڃا تائين يار ڪري نه سگهيا آهن، جيڪا سڀني ٻولين جي لفظن سان لاڳو ٿي سگهي. انهيءَ ڪري هتي اسين لفظن جي وصف تي وستار سان بحث نه ڪري ٿلهي ليکي چئي سگهون ٿا ه ڪوبه معنيٰ ڀريو روپ، جيڪو عام طور ڳالهائڻ ۾ اڪيلي سر اُچاري سگهجي ٿو، تنهن کي ”آزاد روپ“ يا ”لفظ“ (Free form or word) چئجي ٿو. انهيءَ سمجهاڻيءَ موجب هتي ڏنل بيت ۾ جيڪي تيرهن روپ استعمال ٿيا آهن، انهن ۾ هرڪو آزاد روپ يعني لفظ آهي.

هاڻي اچو ته اِنهن لفظن تي وڌيڪ باريڪيءَ سان ويچار ڪريون. ڇا اِهي سڀئي لفظ ساڳئي قسم جا آهن؟ ڇا اسين اِنهن سڀني لفظن کي ننڍڙن معنيٰ ڀرين جزن ۾ ڀڃي سگهون ٿا؟ ”سائينم“، لفظ جي ڀيٽ ڏيرم، سهرم، پُٽم، ڌيڻم سان ڪري، اسين خاطريءَ سان چئي سگهون ٿا ته انهن لفظن ۾ آخري ”-م“ جو مطلب آهي- ”منهنجو، منهنجا“، ساڳئيءَ طرح، ”سُڪار“ لفظ جي ڀيٽ سُپت، سُڳنڌ، سُويل سان ڪري، اسين چئي سگهون ٿا ته انهن لفظن ۾ ”سُ-“ جي معنيٰ ”سُٺو“، ”دلدار“ لفظ وانگر سنڌيءَ ۾ ٻيا لفظ آهن: جاگيردار، مڻيادار، پهريدار، لهڻيدار، وغيره. انهن جي آڌار تي اسين هتي ”-دار“ جزو ڀڃي الڳ ڪري سگهون ٿا. اهو ”وارو“ يا اسم فاعل جو مطلب ظاهر ڪري ٿو. انهن مثالن ۾ ”-م“، ”-دار“ اهڙا ننڍڙا معنيٰ ڀريا جزا آهن، جيڪي ڳالهائڻ ۾ اڪيلي سر استعمال نه ٿيندا آهن. اهي هميشه ڪنهن لفظ جي آخر ۾ ڳنڍيل هوندا آهن. ساڳيءَ طرح ”سُ-“ به ننڍڙو معنيٰ ڀريو جزو آهي. جيڪو عام ڳالهائڻ ۾ اڪيلو نه اُچاربو آهي. اهو هميشه ڪنهن لفظ جي اڳيان ڳنڍيل هوندو آهي. ڪوبه معنيٰ ڀريو روپ جيڪو عام طور ڳالهائڻ ۾ اڪيلي سر ڪتب نٿو اچي ۽ هميشه ڪنهن لفظ ۾ ڳنڍيل جزو بڻجي اسعمال ٿئي ٿو، تنهن کي ”پَروَس روپ“ (Bound form) چئبو آهي.

”سُ-“ ۾ ٻه آواز آهن-س +اُ؛ ”دار“ ۾ چار آواز آهن- دُ+آ+ر+اَ؛ ”م ِ“ ۾ ٻه آواز آهن-م +اِ. ساڳيءَ طرح، مٿي (م+اَ+ٿ+اي)، سِنڌ(س+اِ+ن+ڌ+اَ) وغير لفظن کي به انهن آوازن ۾ ڀڃي سگهجي ٿو، جن مان اهي لفظ جڙيا آهن. پر انهن آوازن کي اڪيلي سر پنهنجي ڪابه معنيٰ نه آهي. اُهي جڏهن ڪنهن مقرر ترتيب ۾ اچن ٿا، تڏهن گڏجي ڪو معنيٰ ڀريو لفظ ٺاهين ٿا. ڪنهن به ٻوليءَ جي آوازي سرشتي ۾ ننڍو جزو آهي ’آواز‘ (Sound, Phone) . انهيءَ کي پنهنجي معنيٰ نه هوندي آهي، پر اُهو ڪنهن ترتيب ۾ اچي معنيٰ جو اظهار ڪندو آهي. ٻئي طرف، ٻوليءَ جي وياڪرڻي سرشتي ۾ ننڍي ۾ ننڍو معنيٰ ڀريو جزو آهي، ”صرف يا روپ“ (Morph) انهيءَ کي پنهنجي سر معنيٰ ضرور هوندي آهي. اُهو يا ته آزاد هوندو آهي (جيئن ته سنڌ، عالم، آباد) يا پرََوَس، (جيئن ته- سُ-، دار، م ِ). انهيءَ لحاظ کان چئبو ته هتي ڏنل بيت ۾ جيڪي تيرهن لفظ ڪتب آيا آهن، اُهي صرفي بناوت جي خيال کان هڪ قسم جا نه آهن. انهن ۾ هڪڙا لفظ اُهي آهن جيڪي هڪ صرف يا روپ مان ٺهيل آهن؛ ۽ ٻيا لفظ آهن جن کي ٻن يا وڌيڪ صرفن ۾ ڀڃي سگهجي ٿو. هاڻي اچو، ڏسون ته انهيءَ بيت ۾ صرف يا روپ گهڻا آهن؟

(1) سائينم: (سائين+ م)= ٻه صرف

(2) سدائين: (سدا+اِين)  = ٻه صرف

(3) ڪرين: (ڪَر+‎اِين ”ضمير حاضر واحد“) = ٻه صرف

(4) مٿي:  (مَٿ+اي ”ظرف جي معنيٰ“)  = ٻه صرف

(5) سنڌ:  (سنڌ)  = هڪ صرف

(6) سُڪارَ:  (سُ+ڪار+آ ”جمع جي معنيٰ) = ٽي صرف

(7) دوستَ:  (دوست+اَ، حالت ندا جي معنيٰ) = ٻه صرف

(8) مِٺا: (مِٺ+اَ ”حالت ندا جي معنيٰ“) = ٻه صرف

(9) دلدارَ: (دل + دار+اَ حالت ندا) = ٽي صرف

(10) عالم: (عالم) = هڪ صرف

(11) سڀ: (سڀ) = هڪ صرف

(12) آباد: = (آباد)  = هڪ صرف

(13) ڪرين: (ڪر+اين ”ضمير حاضر واحد“) = ٻه صرف

انهيءَ طرح ڏسبو ته هن بيت ۾ تيرهن لفظ آهن، پر چوويهه صرف آهن. سنڌ، عالم، سڀ، آباد، اهي اهڙا  لفظ آهن، جن ۾ هر هڪ لفظ، هڪ صرف مان ٺهيل آهي. يڪ- صرف لفظ کي ”مفرد“ يا سادو لفظ“  (Simple word) چئبو آهي. ٻئي طرف اَهو لفظ، جنهن کي هڪ يا هڪ کان وڌيڪ پروس صرف (روپن) ۾ ڀڃي سگهجي، تنهن کي (مرتب لفظ) (Complex word) چئبو آهي.

هاڻي لفظن جا ڪجهه وڌيڪ مثال ڏسو:  گهر ڌڻي، اُتر واءُ، خوشبو، ڍڳي گاڏي، هردلعزيز، هرفن مولا، انهن لفظن کي ٻن يا ٻن کان وڌيڪ لفظن ۾ ڀڃي سگهجي ٿو: جيئن ته گهر ڌڻي (گهر+ڌڻي= گهر جو ڌڻي)؛ اَتر واءُ (اُتر+واءُ=اُتر جو واءُ)؛ خوشبو (خوش+ بو= سٺي بو)؛ ڍڳي گاڏي(ڍڳي+ گاڏي= ڍڳي جي گاڏي)؛ هردلعزيز (هر+دل+عزيز= هر هڪ دل جو عزيز)؛ هرفن مولا (هر+ فن+مولا= هر هڪ فن ۾ مولا يعني هوشيار). اهو لفظ جنهن کي هڪ يا هڪ کان وڌيڪ لفظن ۾ ڀڃي سگهجي، تنهن کي مرڪب لفظ (Compound word) چئبو آهي.

لفظن جي رچنا جو هڪ ٻيو قسم ڏسو: گهر گهر، هٿون هٿ، مِٺائي ٻِٺائي، ڦٿ ڦٿ، کڙکڙ، ڦٽاڦٽ، بڪ بڪيو، وغيره انهن لفظن ۾ بنيادي روپ يا لفظ جو هوبهو يا ڪي قدر تبديل سان دهراءُ آهي. ”گهر گهر“ ۾ ”گهر“ لفظ به دفعا آيو آهي. ”هٿون هٿ“ ۾ ”هٿ“ لفظ ڪي قدر تبديل سان ٻه دفعا ڪتب آيو آهي. ”بڪ بڪيو“ ۾ ”بڪ“ لفظ کي ٻه دفعا دُهرائي، پٺيان ”يو“ پڇاري لڳائي ويئي آهي. اهڙن لفظن کي دهراءُ وارا يا ”دهرايل لفظ“ (Reduplicated words) چئجي ٿو.

هتي بناوت جي لحاظ کان سنڌي لفظن جا جيڪي قسم ڄاڻايا ويا آهن، انهن کي چارٽ ۾ هيٺينءَ ريت سمجهائي سگهجي ٿو.

لفظن جي اندروني رچنا جو اڀياس ڪرڻ لاءِ مفرد لفظن جي اڀياس ڪرڻ جي ضرورت نه آهي، ڇاڪاڻ ته اهي يڪ-صرفيا لفظ آهن. انهن جي ابتڙ مشق لفظ اُهي آهن، جن جو ڇيد ٻن يان وڌيڪ صرفن ۾ ڪري سگهجي ٿو. اهي ڪنهن بنيادي صرف مان ڦُٽي نڪتا آهن.

(i) هڪدم ويجها جزا (Immediate Constituents)

ڪنهن به مشق لفظ جي رچنا ۾ جڏهن ٻن کان وڌيڪ جزا ڪتب آيا آهن، تڏهن انهيءَ جي صحيح ڍنگ سان رچنا سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته ان کي ٻن هڪدم ويجهن جزن ۾ ڀڃجي، جن مان ڪوبه  هڪ جزو يا ٻئي جزا وري وڌيڪ جزن ۾ ڀڃي سگهجن ٿا. هر هڪ لفظ جي رچنا ۾ ڪا مقرر ترتيب هوندي آهي، جنهن ۾ جوڙجڪ جون الڳ الڳ سطحون هونديون آهن.

انهن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ سان ئي لفظ جي صحيح رچنا جي تصوير چٽي ٿي بيهندي آهي. جزن جي فقط لسٽ ڏيڻ سان رچنا جي ترتيب معلوم ٿي نه سگهندي. مثال طور، هيٺ ڏنل لفظن جي رچنا ڏسو:

”بيهوشي“ هڪ مرتب لفظ آهي، جنهن ۾ ٽي جزا يا صرف: بي+هوش+اِي. انهيءَ لفظ کي جڪڏهن هڪدم ويجهن جزن ۾ ڀڃبو ته اهي آهن: بيهوش+اِي (هتي”اِي“ پڇاڙي اسم ذات ڏيکاري ٿي. ان طرح، سڄي لفظ جو مطلب آهي بيهوش هئڻ جي حالت ان بعد ”بيهوش“ کي به ٻن صرفن ۾ ڀڃي سگهجي ٿو. بي+هوش (هتي ”بي“ اڳياڙي، ”کانسواءِ“ جو مطلب ظاهر ڪري ٿي، يعني هوش کانسواءِ. هن لفظن کي پهرين سطح تي ”بي+هوشي“ ۾  ڀڃڻ ٺيڪ نه آهي، ڇاڪاڻ ته ٻوليءَ جي رواج موجب سنڌيءَ ۾ ”هوشي“ غلط رچنا آهي. هن لفظ جي رچنا کي هيٺينءَ ريت ڏيکاري سگهجي ٿو:

بيهوشي= بي+هوش+اِي

                                         2

                    1

(الف)- خط لکارايائينس: هن جملي ۾ ”لکارايائينس“ مرتب لفظ آهي، جنهن جي رچنا هيٺينءَ طرح آهي:

(1) لکارايائين+س (”س“ يعني هُن کي)

(2) لکارايه +اَئِين (-اَئِين يعني هُن)

(3) لکارا+ را (”را“ ٻٽو بالواسطه صرف)

(4) لکا+را (”را ٻٽو بالواسطه صرف)

(5)لک+آ(”آ“ بلواسطه صرف)

هن مثال ۾ لکارايه – مشتق فعل-بنياد آهي، ”آئِين“ ۽ ”سِ“ ضمير متصل ڏيکاريندڙ صرف آهن.

هن لفظ جي صرفي رچنا کي چارٽ ۾ هيٺ ڄاڻايل طريقي سمجهائي سگهجي ٿو.

لک+آ +ا+يه+اَئِين+سِ

             5    

                   4

                          3

                                  2

                                            1

(ب)- نِهَٿيَاربندي (Disarmanment) مرتب لفظ آهي، جنهن جي صرفي رچنا هيٺ ڏيکاريل نموني سمجهائي سگهجي ٿي. انهيءَ جي معنيٰ آهي- ”هٿياربند هئڻ جي حالت تي بندش“.

نِهَهٿياربندي- هن ۾ ڇهه صرف آهن:

نِ + هَٿِ + يا+ آر + بند + اِي.

(1) نِ + هٿياربندي (”ن“ ناڪاري معنيٰ)

(2) هِٿياربند+اِي (”اِي“ اسم ذات صرف)

(3) هِٿيار+بند (هٿيارن سان تيار ٿيل)

(4) هِٿيا+آر (اسم جي نشاني)

(5) هٿَ +يو (هتي ”يو“ ڦري ”يا“ ٿيو آهي)

”هٿيار“ لفظ جي ويتپتي ڪيترين ڊڪشنرين ۾ هن ريت سمجهايل آهي: هٿ+يو. هندي، اُردو، راجسٿاني وغيره ٻولين ۾ ”هَٿِيا“ لفظ آهي، يعني اَها شيءِ جنهن کي هٿ سان جهلي ڪتب آڻجي. سنڌيءَ ۾ ان کي اسين ”هٿيو“ چوندا آهيون. هنديءَ ۾ ”هاٿ“ مان ٺهيل فعل ”هٿيانا“ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”هٿ ۾ کڻڻ، هٿ ڪرڻ“ ”هٿيا“ پٺيان ”آر“ صرف لڳل آهي، جيڪو سنسڪرت ”ڪار“ پڇاڙيءَ جو بگڙيل روپ آهي. جيئن ته: ڪنڀ+ڪار(سنڌيءَ ۾ ڪنڀ+آر= ڪنڀارُ،  ڪنڀر يعني جيڪو دلا وغيره ٺاهي ٿو)؛ لوهه+ڪار (سنڌيءَ ۾ لوهه+ آر= لوهار، لُهر يعني جيڪو لوهه مان برتن، اوزار وغيره ٺاهي ٿو). اِن طرح، هٿيار لفظ جي اشتقاقي معنيٰ آهي، اُها شيٰ جنهن کي هٿ ۾ پڪڙي ٻئي کي مارڻ، زخمي ڪرڻ لاءِ ڪتب آڻجي ٿو، يعني اوزار، لٺ، بندوق، تلوار وغيره.

نِ+هٿِ+يا+آر+بند+اِي

         5

                   4

                            3

                                     2

                                                1

(ت)- هرفن مولا هڪ مرڪب لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”هر هڪ فن ۾ مولا، يعني اُستاد، هوشيار“ انهيءَ ۾ پهرين سطح تي هڪدم ويجها جزا آهن، هر فن +مولا. ”هرفن“ ٻن لفظن جي ميل مان ٺهيل آهي؛ هر+فن. هن مرڪب لفظ ۾ پهرين سطح تي فن ۽ مولا کي هڪدم ويجهن جزن جي صورت ۾ ليکڻ غلط آهي، ڇاڪاڻ ته ٻوليءَ جي رواج موجب اها رچنا ڪانه ٿي ملي.

هو+ فن+مولا

           2

          1

(ث) بَڪ بَڪيو= بڪَ + بڪَيو. هتي ”بڪَ – بڪَ دهرايل لفظ آهي، جنهن ۾ ”يو“ پڇاڙي لڳائي مرتب صفت لفظ ٺاهيو ويو آهي.

هڪدم ويجهن جزن جي اصولن موجب، مشتق جي رچنا ۾ جدا جدا سطحون پرکڻ ئي صحيح طريقو آهي. انهيءَ کي ڌيان ۾ رکي، هاڻي اسين مرتب ۽ مرڪب لفظ جي تز وصف هن ريت ڏيئي سگهون ٿا.

”مرتب لفط“ (Complex word)  اهو آهي، جنهن ۾ هڪدم ويجهن جزن مان گهٽ ۾ گهٽ هڪ جزو پَروس روپ آهي.

”مرڪب لفظ“ (Compound word) اهو آهي، جنهن ۾ ٻئي هڪدم ويجها جزا آزاد روپ هوندا آهن.

مرتب لفظن جا اهڙا به مثال سنڌيءَ ۾ ملن ٿا، جن جي رچنا ٻن پروس روپن مان ٿيل هوندي آهي، مثال طور: اڻاٺ (اَڻ+ اَٺ)، سَڻڀو، اَڻڀو، سڻائو ۽ اَڻائو. مرڪب لفظ ۾ جڏهن ڪو پروس روپ لڳائي ان مان ٻيو لفظ ٺاهجي ٿو، تڏهن اهو مرتب ٿي پوندو آهي. جيئن ته پنجٽيهه (پنج+ٽيهه) مرڪب لفظ آهي، پر ”پنجٽيهون“ مرتب لفظ آهي، ڇاڪاڻ ته هتي پنجٽيهه+اون هڪدم ويجها جزا آهن، جن ۾ ”-اون“ پروس روپ آهي. ”چوٽيءَ ڦل“ مرڪب لفظ آهي، جنهن ۾ هڪدم ويجها جزا آزاد روپ آهن: چوٽيءَ +ڦلُ. هتي ”چوٽيءَ“ مرتب لفظ آهي- ”چوٽي+ اَ“ (هتي ”اَ“ پڇاڙي حالت عام جي نشاني آهي).

صرف (Morph) ۽ صرفيو (Morpheme)

اسان ڏٺو ته ٻوليءَ جي وياڪرڻي سرشتي ۾ ننڍي ۾ ننڍو معنيٰ ڀريو جزو آهي ”صرف“ اهو يا آزاد هوندو آهي جيئن ته: هوا، باهه، پاڻي، ها، نه، يا پروس هوندو آهي جيئن ته: (سُڪار) لفظ ۾ سُ؛ ”دلدار“ لفظ ۾ -دار. ٻوليءَ ۾ ڪجهه صرف اهڙا به هوندا آهن، جن جي صورت ۾ ڪڏهن به تبديلي نه ايندي آهي. مثال طور : هوا، ها، صاف، به. پر ٻيا گهڻي ئي صرف اهڙا آهن، جن جي صورت ۾ تبديلي پڻ ايندي آهي، جيئن  ته: راتيون“ اِن لفظ ۾ عدد جمع جي پڇاڙي/-اون/لڳائڻ کان اڳ ۾ رات جي صورت ڦري /راتيه-/ٿئي ٿي./-ڪو/پڇاڙي لڳائڻ سان ”رات“ جي صورت /ڦري/راتو-/ٿئي ٿي- ”راتوڪو.“ (ڀيٽيو: اَڄوڪو، ڏينهوڪو، هِندُڪو، وغيره).

ان طرح هن مثال ۾ چئبو ته ”رات“ هڪ صرفيو (Morpheme) آهي، جنهن کي ٽي صرف آهن: (1) رات: اَڻ ڦريل يا بنيادي صورت؛ (2) راتيه: هيءَ صورت عدد جمع جي پڇاڙيءَ اڳيان اچي ٿي(راتيه+اون= راتيون)؛ (3) هيءَ صورت ”ڪو“ پڇاڙيءَ اڳيان اچي ٿي (راتو+ڪو=راتوڪو)

ساڳيءَ طرح، اسمن جي ڦيري ۾ عدد جمع ڏيکاريندڙ پڇاڙي هڪ صرفيو آهي، جنهن جا جداجدا اسمن پٺيان لڳندڙ الڳ الڳ صرف آهن. جيئن ته:

اَ- ڇوڪرو- ڇوڪرا (ڇوڪر+اَ )

اَ-پُٽ-پُٽَ (پٽ+اَ )

اون-زال-زالون، سَسُ-سسون(س+اون)

رات-راتيون (راتيه+اون).

0- ٻڙي پڇاڙي يعني جتي عدد جمع ڏيکاريندڙ ڪابه پڇاڙي ڪانه ٿي لڳي. ان کي ٻري صرف چئبو آهي.

ماڻهو- جمع ماڻهو (ماڻهو+0 =ماڻهو)

هاٿي-جمع هاٿي (هاٿي+0 = هاٿي)

سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻي سرشتي جو وستار سان اڀياس ڪرڻ لاءِ اسان کي انهيءَ سرشتي ۾ صرفن جي سڃاڻپ ڪرڻي پوندي. ان بعد اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته ڪهڙا صرف ڪهڙن صرفين جي اندر رکجن. صرفيو (Mrpheme)، ڪنهن ٻوليءَ جي وياڪرڻ ۾ اُهو معنيٰ ڀريو بنيادي ايڪو ((Unit آهي، جنهن جي ترتيبوار ورهاست تي ئي ٻوليءَ جي وياڪرڻي سرشتي جو مانڊاڻ منڊيل آهي.

سنڌي مرڪب لفظن جون خاصيتون

مرڪب لفظ جي وصف سمجهائيندي چيو يو آهي ته هن قسم جي لفظ ۾ ٻئي هڪدم ويجها جزا آزاد روپ يعني لفظ هوندا آهن. هتي سوال ٿو پيدا ٿئي ته پوءِ لفظي ميڙ (Phrase) ۽ مرڪب لفظ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ انهيءَ جي جواب ۾ هتي مرڪب لفظ جي بناوت جون مکيه خاصيتون سمجهائجن ٿيون، جيڪي انهيءَ کي رواجي لفظي ميڙ کان علحدو درجو عطا ڪن ٿيون.

هيٺ ڏنل مثال ڏسو:-

(1) هن جو ”وڏو وات“ آهي.

هو ”وڏو واتو“ آهي.

(2) اَڄ ”وڏن ڦڙن وارو“ مينهن پيو.

اَڄ ”وڏڦڙو“ مينهن پيو.

(3) هن جي ”چڱائي ۽ ڀلائيءَ“ جو احوال آيو آهي.

هن جي ”چڱڀلائيءَ“ جو احوال آيو آهي.

انهن جملن ۾ ”وڏو“ ”وات“، ”وڏن ڦڙن وارو“ ۽ ”چڱائي“  ۽ ”ڀلائي“، لفظي ميڙ آهن، پر انهن مان ٺهيل ”وڏ واتو“، ”وڏ ڦڙو“ ۽ ”چڱڀلائي“،- مرڪب لفظن جا مثال آهن. ان مان ظاهر آهي ته مرڪب لفظ جي صرفي بناوت ۾ ڪي خاصيتون ضرور آهن، جيڪي انهيءَ کي ساڳين لفظن جي ميڙ کان الڳ ڪري بيهارين ٿيون.

سنڌيءَ ۾ مرڪب لفظن جي صرفي بناوت جون خاصيتون هتي ڏجن ٿيون. اهو ضروري نه آهي ته هر هڪ مرڪب لفظ ۾ اهي سڀ خاصخيتون ميسر هجن، پر هر هڪ مرڪب لفظ ۾  انهن مان ڪنهن به هڪ خاصيت جو هئڻ لازمي آهي. اهو ممڪن آهي ته ڪنهن هڪ مرڪب لفظ ۾ ساڳئي وقت هڪ کان وڌيڪ خاصيتون ملن.

(1) لفظن جي اُچار ۾ وڇوٽي گهٽجڻ (Phonological Fusion)-

جڏهن ڳالهائڻ ۾ اسين لفظن جو اُچار ڪريون ٿا، تڏهن جدا جدا لفظن جي اُچار ۾ ڪي قدر وڇوٽي هوندي آهي. مرڪب لفظ جي رچنا ۾ ڪتب آيل لفظن جي اُچار ۾ اُها وٿي گهٽجي ويندي آهي ۽ آواز جي زور (Stress) واري ترتيب ۾ به تبديلي ايندي آهي؛ مثال طور:

(i) هن کي ڏسي منهنجي ”دل خوش“ ٿي (لفظي ميڙ).

ٻولي ۾ ”دلخوش“ ٽاڪيز آهي (مرڪب لفظ).

(ii) هن جي ”صاف دل“ آهي (لفظي ميڙ).

هو ”صافدل“ انسان آهي (مرڪب لفظ).

(2) لفظن جي صورت ۾ بديل

جن لفظن مان مرڪب لفظ ٺهندو آهي، انهن جي صورت ۾ اڪثر تبديل اچي ويندي آهي.

مثال طور:

(i) وڏائي +ننڍائي = وڏ ننڍائي

(ii) چڱائي + ڀلائي = چڱڀلائي

(iii) راجا+ڪمار = راجڪمار

(3) لفظن جي ترتيب ۾ پختائي-

مرڪب لفظن جي رچنا ۾ جيڪي لفظ اچن ٿا، انهن جي ترتيب، نحوي رچنا جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پختي هوندي آهي. مطلب ته انهن جي سلسلي ۾ ڦيرگهير ممڪن نه آهي، مثلاً:

(i) تون پهريائين اَچ پوءِ وڃ (جملو).

تون پهريائين وڃ پوءِ اچ (جملو).

(ii) تون ايتري ”اچ – وڃ“ ڇا لاءِ پيو ڪرين؟

هتي ٻئي مثال ۾ ”اچ – وڃ“ مرڪب لفظ آهي، اُن ۾ لفظن جي ترتيب ٻوليءَ جي رواج موجب مقرر ٿي ويئي آهي. ان کي بدلائي، اسين ”وڃ-اچ“ مرڪب لفظ ٺاهي نه سگهنداسين. ساڳيءَ طرح ”اُٿ-ويهه“ کي بدلائي ”ويهه-اُٿ“ چوڻ ٻوليءَ جي رواج موجب غلط آهي.

(4) ڳنڍيندڙ لفظ گم ٿيڻ-

نحوي رچنا ۾ ڪتب ايندڙ حرف جر يا حرف جملو مرڪب جي رچنا ۾ گم ٿي ويندو آهي،

مثال طور:

لفظي ميڙ                     مرڪب  لفظ

پاپ يا پڃ                     پاپ- پڃ

اِٽي ۽ ڏڪر            اِٽي ٽڪر

ديش مان نيڪالي             ديش نيڪالي

گنگا جو جل           گنگاجل

(5) گردان ۾ ڦرندڙ لفظن جو نه ڦرڻ-

گردان ۾ ڦرندڙ لفظ جڏهن مرڪب لفظ جي شروع ۾ اچن ٿا، تڏهن اُهي اڻ ڦرندڙ لفظ بڻجي پون ٿا. جيڪڏهن سمورو مرڪب لفظ اڻ ڦرندڙ (Indeclinable) آهي، ته پوءِ ڦرندڙ لفظ چاهي مرڪب لفظ جي شروع ۾ هجي يا آخر ۾ هجي، اهو اڻڦرندڙ ٿي پوي ٿو.

ڍڳي گاڏي، ڍڳي گاڏيون، ڍڳي گاڏيءَ ۾ ڍڳي گاڏين ۾- انهن مثالن ۾ ”ڍڳي گاڏي“ هڪ مرڪب لفظ آهي، جنهن جا ٻئي جزا (ڍڳو+گاڏي) ڦرندڙ لفظ آهن. چاهي گاڏيءَ ۾ هڪ ڍڳو ٻڌل هجي يا ٻه ڍڳا ٻڌل هجن، پر مرڪب لفظ ۾  پهريون جزو ”ڍڳو“، هميشه حالت عام واري صورت ”ڍڳي“ اختيار ڪندو آهي. هيءُ مرڪب لفظ جڏهن جملي ۾ ڪتب اچي ٿو، تڏهن انهيءَ جو فقط آخري لفظ گردان ۾ ڦري ٿو. انهيءَ ڦيري جو اثر پهرئين جزي (ڍڳي) تي نٿو ٿئي.

هن غريب کي ”ناحق“ ڇو ٿو مارين؟

هو روز، ”ٻوقتو“ گهمندو آهي.

انهن جملن ۾ ناحق(نه+حق) ۽ ”ٻوقتو“ (ٻه+ وقت) مرڪب لفظ آهن. اِهي هتي صرف جو ڪم ڪن ٿا ۽ اڻ ڦرندڙ لفظ آهن، ان ڪري منجهن آيل لفظ ”حق“، ”ٻه“ ۽ ”وقت“ جيڪي گردان ۾ ڦرندڙ آهن، اُهي مرڪب لفظ ۾ اڻ ڦرندڙ ٿي پيا آهن.

(6) لفظ جي جنس ۾ تبديل ٿيڻ

مرڪب لفظ جي شروع ۾ اچڻ تي لفظ جي جنس جو جملي جي ٻين لفظن تي ڪو به اثر نٿو ٿئي. ڪن حالتن ۾ جن لفظن کي ٻوليءَ ۾ جنس نه آهي، انهن کي مرڪب لفظ جو جزو بڻجڻ تي جنس حاصل ٿئي ٿي. مثال طور، ”هٿ ڪڙي“ مرڪب لفظ آهي، جنهن ۾ پهريون اسم مذڪر ۽ ٻيو اسم مونث آهي. جملي ۾ انهيءَ جو ڦيرو آخري جزي جي جنس مطابق ٿئي ٿو.

مثال طور: هٿڪڙي، هٿڪڙيون، هٿڪڙيءَ ۾، هٿڪڙين ۾.

اچ- وڃ، لهه- وچڙ مرڪب لفظ اَمر واحد جي فعلن مان ٺاهيا آهن. اَمر جي صيغي  ۾ فعل جنس مطابق نه ڦرندو آهي، پر انهن جي ميل مان ٺهيل مرڪب لفظ اسم ٿي پون ٿا ۽ هميشه جنس مونث ۾ هجن ٿا. جيئن ته:

هن سڄو ڏينهن ”اچ - وڃ“ پئي ڪئي.

گهڻي ”لهه-چڙهه“ ڪندين ته ٿڪجي پوندين.

(7) لفظ جو ڪلاس بدلجڻ

مرڪب لفظ جي رچنا ۾ اچڻ بعد، لفظ جو اصلوڪو ڪلاس گهڻو ڪري بدلجي ويندو آهي. مثال طور، اَچ-وڃ، لهه چڙهه مرڪب لفظن ۾ فعل بدلجي اسم مونث ٿيو آهي. ”ناحق“ مرڪب لفظ ۾ ظرف ۽ اسم جي ميل مان ٺهيل سمورو مرڪب لفظ ظرف ٿي پيو آهي.

(8) نحوي بناوت ۾ مفرد لفظ وانگر ڦرڻ

ٻن يا وڌيڪ لفظن جي ميل مان ٺهيل مرڪب لفظ جملي جي بناوت ۾ هڪ مفرد لفظ وانگر ڦرندو آهي ”ٻه+آنا“ جي ميل مان مرڪب لفظ ”ٻياني“ ٺهيو آهي. هتي آخري جزو ”آنو“ مذڪر آهي، پر مرڪب لفظ ۾ اهو مونث بڻجي ڦري ٿو. جيئن ته:

ٻياني، ٻيانيون، ٻيانيءَ ۾، ٻيانين ۾،

”چار+ واٽون“ مان مرڪب لفظ ٺهيو آهي: ”چُوواٽو“. هتي ”واٽ“ اسم مونث آهي، پر مرڪب لفظ جي آخر ۾ اچڻ تي ڦري اسم مذڪر ٿي پيو آهي:

چؤ واٽو، چؤ واٽا، چؤ واٽي تي،  چؤ واٽن تي.

(9) اصل لفظ جي معنيٰ ۾ تبديل

جن لفظن جي ميل مان مرڪب لفظ ٺهي ٿو، انهن لفظن جي اصلوڪي معنيٰ کان مرڪب لفظ جي معنيٰ ڪڏهن ڪڏهن بدلجي ويندي آهي. جيئن ته:

”وڏو وات“ مان ٺهيل مرڪب لفظ ”وڏ واتو“

اصطلاحي معنيٰ ۾ ڪتب ايندو آهي، جيڪا آهي ”گهڻو ڳالهائيندڙ“ ”مک‎+چوسڻ“ مان ٺهيل ”مکِيچوس“ مرڪب لفظ جي معنيٰ آهي، ”ڪنجوس“، ”چور بازار“ جو اصطلاحي مطلب آهي ”اُها بازار جتي چوريءَ جو مال وڪامي ٿو“.


· (1) ڊاڪٽر غلام علي الانا: ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“ ڄام شورو سنڌ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، 1987ع.

·(1) Jetley, Murlidhar K., Morphology of Sindhi (thesis in English), awarded Ph. D. in 1964, by Universiy of Poona. Pp.506.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com