سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا جلد-11

باب: --

صفحو :3

انهيءَ وچ ۾ ، رومن لوڪن پنهنجي لئٽن جا پڻ گرامر مرتب ڪيا، پر انهن کي يوناني ٻوليءَ جي ئي گرامر جي سانچي ۾ ٺهڪائي پيش ڪيائون، چوٿين صديءَ ۾ ”ڊونيٽس“ نالي، ۽ ڇهين صديءَ ۾ پريسبان نالي، لئٽن ٻوليءَ جا ٻه گرامر نويس پيدا ٿيا، جن  جا گرامر سڄي وچولي زماني ۾ حرف آخر طور شمار ٿيندا ۽ استعمال ٿيندا رهيا. انهيءَ سڄي دور ۾ جڏهن لئٽن ٻولي ڳالهائجڻ جي حيثيت ۾، بدلجي سدلجي رومانس (1) (Romance) يعني  ڏيهي يوروپي ٻولين، جهڙوڪ؛ رومينين، فرينچ، اٽالين وغيره جا روپ وٺي رهي هئي، ٻوليءَ جي تحريري صورت اها ئي ڪلاسيڪي لئٽن واري اختيار ٿيندي رهي. يورپ جي اڪثر ملڪن ۾ ، انهيءَ زماني جا عالم رڳو ڪلاسيڪي لئٽن جي ئي مطالعي ۾ مشغول رهيا. هن صورتحال جا نشان اڄ ڏينهن تائين مغرب جي اڪثر يونيورسٽين ۾ موجود ڏسجن ٿا،  جن جي نصاب ۾ ڪلاسيڪي لئٽن هڪمضمون طور اڄ به موجود آهي. وچولي زماني جي عالمن لئٽن گرامر جا ڪي نوان اصول، مثلاَ اسم ۽ صفت جو فرق وغيره ڳولي ڪڍيو، پر جيڪا تحقيق ۽ جيڪو مطالعو ڪلاسيڪي لئٽن ٻوليءَ جو اڳيان گرامر نويس پيش ڪري چڪا هئا، تنهن جي مثال کي هو پوءِ به پهچي ڪو نه سگهيا- ڇاڪاڻ ته سندن زماني ۾ ٻولي، ڳالهائجڻ جي حيثيت ۾، پنهنجو روپ ڪافي  بدلائي چڪي هئي ۽ هو ڪلاسيڪي لئٽن جي بيهڪ ۽ بناوت کي ئي  انساني ڪلام جو عين منطقي ۽ مثالي ماڻ ڪري شمار ڪندا رهيا. هنن عالمن جي پيرويءَ ۾ ڪيترن نسبتاَ جديد زماني جي عالمن پڻ گرامر جا ڪتاب لکيا، جن ۾ هنن پنهنجي پنهنجي پسند ۽ واسطي پٽاندر، لئٽن توڙي ٻين ٻولين جي بناوت کي منطق جي عالمي اصولن جو سڀ کان وڌيڪ  مشهور (GRAMMAIRE  GENERALE  ET RAISONNIEE) نالي هڪ ڪتاب آهي، جو فرانس جي پورٽ رايل شهر جي هڪ  خانقاهه ۾ سن 1660ع ۾ لکيو ويو. ٻولين بابت هن قسم جو محض (1) [1]فلسفيانه طرز خيال اڻويهين صديءَ تائين قائم رهيو. 1801ع، ۾ گالفريڊ هرمن نالي هڪ جرمن عالم ساڳئي قسم جو هڪ گرامر جو ڪتاب (2)[2] تيار ڪيو، جنهن ۾ هن رڳو هيءَ ڳالهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته دنيا ۾ جيڪڏهن ڪا عالمانه ٻولي موجود هئي، ته اها فقط لئٽن ٻولي  ئي هئي.

مطلب ته وچولي دور جي مغربي عالمن لاءِ ڌيان لائق ڪا ٻولي يا زبان فقط لکيل ڪلاسيڪي لئٽن ٻولي هئي، ٻيءَ ڪنهن ٻوليءَ ۾ سندن  دلچسپيءَ يا ان جي مطالعي جو، علمي دنيا ۾ خاص ڪو  نشان ڪو نه ٿو ملي، جڏهن يورپ ۾ سجاڳيءَ (Renaissance) جو دور  آيو، تڏهن البت يوناني ٻوليءَ جو وري ڪجهه قدر چرچو شروع ٿيو ۽  لڙاين سبب عربي ۽ هيبريو ٻوليون پڻ عالمن جي مطالعي هيٺ اچڻ شروع ٿيون، ساڳئي وقت، هيءُ زمانو عام تلاش ۽ کوجنا جو زمانو هو، ڪيترائي ڏورانهين ملڪن تان موٽندڙ مسافر ڪنهن قدر اُتان جون ٻوليون سکي واپس پنهنجن پنهنجن ملڪن ڏانهن موٽندا ٿي رهيا ۽ پڻ عيسائي پادرين هٿان مذهبي ڪتابن جا والاريل ملڪن جي ٻولين ۾ ترجما ٿيڻ شروع ٿيا. انهن ٻولين جي گرامرن ۽ لغتن ٺاهڻ جون پڻ ڪنهن حد تائين ڪوششون ٿيڻ شروع ٿيون، اسپين جي پادرين 1500ع کان پنهنجي تبليغ جي ڪم سان گڏوگڏ ڪيترين اصلوڪين (آمريڪي) ٻولين ۽ فلپائين جي ٻولين تي ڪافي ڪتاب لکيا پر پادرين جي انهن ڪتابن کي ٻولي وگيان جي دائري ۾ اڄ ڪا خاص اهميت ڪانه ٿي  ڏني وڃي. هڪ ته هنن پادري عالمن کي ڌارين ٻولين جي آوازن سڃاڻڻ جي ڪا خاص تربيت حاصل ڪانه هئي، تنهن ڪري هو انهن ٻولين کي صحيح صورت ۾ قلمبند ڪري ڪين سگهيا ۽ ٻيو ته تڏهوڪي دستور موجب  هو پڻ مختلف ٻولين جي گرامرن کي لئٽن ٻوليءَ جي گرامر جي سانچي ۾ ئي پلٽائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا، جنهن ڪري محنت جي زبان سان گڏ انهن ٻولين متعلق ڪيتري وقتائتي معلومات پڻ جديد ٻولي وگيان کان گويا هميشه لاءِ گم ٿي ويئي.

دنيا ۾ وڻج واپار جي واڌاري ۽ ملڪان ملڪ ماڻهن جي اچ وڃ سبب بهرحال ڪيترين ئي ڄاتل سڃاتل ٻولين جا گرامر ۽ لغتون ٺهڻ شروع ٿيون. ارڙهينءَ صديءَ جي آخر ڌاري ٻولي وگيان جي ترقيءَ  جو اندازو هن مان لڳائي سگهجي ٿو ته روس جي مهاراڻي ڪئٿرين جي چوڻ تي يورپ ۽ ايشيا جي 200 ٻولين جي هڪ تقابلي شبد مالها (1[3]) تيار ٿي، جنهن ۾ 285 لفظ گڏ ڪيا  هئا، هن ڪتاب جو ٻيو ايڊيشن 1791ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ وڌيڪ 80 ٻوليون، جن ۾ ڪي ”آفريڪي“ ۽ ”آمريڪي“ ٻوليون به هيون، شامل ڪيون ويون. هن ”تقابلي شبد مالها“ جي ترتيب  ڪجهه هن ريت هئي.

انگريزي                ڊچ     جرمن ڊئنش سئڊش

مَئن(Man)     مان    مان    مانق   مان

هَئنڊ(Hang)   هانت   هانت   هانق   هاند

فُٽ(Foot)      وَٽ     فُس    فوقز    فوت

فنگر(Finger)  وِنگر   وِنگر   فينگقر فنگر

هائوس(House)        هوئيس هائوس هُقس   هوس

ٻئي طرف ڪن عالمن پنهنجين ٻولين جي آڳاٽين لکيتن ڏانهن ڌيان ڏنو. هن ڏس ۾ انگريزي ٻوليءَ ۽ ٻين قريبي ٻولين مثلاَ؛ فِرسينَ، ڊچ، جرمن، اسڪئنڊينيوين ۽ گوٿوڪ وغيره جي مطالعي تي فرئنسسڪس جونس  (1589-1677ع) نالي هڪ ٻولي وگيانيءَ وڏي محنت صرف ڪئي. جارج هائيڪس (1642-1715ع) نالي ٻئي هڪ عالم گوٿڪ ۽ ائنگلوسئڪسن ٻولين جي هڪ گرامر (2) تيار ڪيو ۽ پڻ انگريزيءَ ۽ ٻين قريبي ٻولين جي قديم صورتن متعلق هڪ متفرقه معلومات جو ذخيرو (3) شايع ڪيو.

ارڙهين صديءَ جي هنن عالمن جي ٻولين بابت معلومات مجموعي طور هيئن بيان ڪري سگهجي ٿي؛(1) ٻوليءَ

جون گرامري خصوصيتون عام طرح، هنن رڳو فيلسوفي انداز جي تعميمي صورت ۾ بيان ٿي ڪيون ۽ ٻولين جي پنهنجي پنهنجي الڳ بناوت ڏانهن هنن ڪو خاص ڌيان ڪو نه ٿي ڏنو. بلڪه اهڙن فرقن ۽ تفاوتن کي هنن لئٽن ٻوليءَ جي گرامر جي سانچي ۾ ڀِچائي، مرڳو ئي لَٽي ٿي ڇڏيو. (2) ٻوليءَ جي آوازي صورت تي ويچار ڪرڻ بدران، ان کي  رڳو لکيل الف-بي جي نشانين سان ئي لاڳاپيل سمجهيو ٿي ويو. (3) ڇاڪاڻ ته هو اها ڳالهه محسوس ڪو نه ٿي ڪري سگهيا ته ڪلاسيڪي لئٽن ٻوليءَ جي استعمال محض هڪ مصنوعي ۽ خالص علمي مشق جي حيثيت کي وڃي رسيو هو، تنهن ڪري هو هن ڳالهه کي چنبڙيا رهيا ته ٻولي فقط پڙهيل ۽ باخبر ماڻهن جي خاص استعمال سبب ئي محفوظ رهي ٿي سگهي ۽ رڳو انهيءَ عقيدي ماتحت، هي گرامر جا عالم پنهنجي مرضيءَ موجب ٻولين جا عجيب غريب قاعدا مرتب ڪندا رهيا. جن جو بنياد سندن خيالن ۾ منطق تي  بيٺل هو، جنهن ۾ اختلاف جي ڪا گنجائش  ڪانه هئي. ههڙن اڻپورن ۽ غلط خيالن سبب هي عالم گهربل حقيقتن ۽ ٺوس  مواد جي موجود هوندي-مثلاَ؛قديم ٻولين جون لکيتون، جهنگلي قبيلن جي اڻ اپڀاشائون ۽ سڀ کان وڌيڪ، ساڳئيءَ ٻوليءَ مثلاَ؛ لئٽن، جديد رومانس ٻولين، ائنگلوسئڪسن ۽ جديد جرمئنڪ ٻولين جي تدريجي اوسر بابت شهادتون وغيره – انهن سمورين حقيقتن ۽ ان سڄي مواد کي استعمال ڪرڻ کان هو قاصر رهيا، جيتوڻيڪ سندن علم ۾ هيءَ ڳالهه هئي ته ڪن ٻولين جي هڪٻئي سان مشابهت آهي، تنهن هوندي به انهن مشابهتن جي مطالعي کان هو حذر ڪندا رهيا، ڇاڪاڻ ته سندن نظريي موجب اُهي مشابهتون محض اتفاقي بگاڙي جو نتيجو هيون ۽ بس، سندن ذهن ۾ جو هيءُ خيال ويٺل هو ته لئٽن ٻوليءَ ۾ ڪا ڦير گهير ڪانه آئي هئي ۽ اها  جيئن اصل هئي، تيئن ئي وٽن موجود هئي، تنهن ڪري هو ائين سمجهڻ لڳا ته ٻيون آسپاس جون ٻوليون ئي، اتفاقي بگاڙي سبب، هڪٻئي منجهان ڦٽي نڪتيون هيون، منجهانئن گهڻن هيبريو (عبراني) کي منڍ جي ٻوليءَ جو درجو ڏنو ٿي، پر ڪن جي راءِ اُن کان الڳ هئي. ائنٽورپ جي رهواسي، گوروپيس بيڪانس، جو پاڻ ڊچ هو، پنهنجي وطني حب جو مظاهرو ڪندي،  هي ظاهر ڪيو ته لئٽن کانسواءِ، يورپ جون ٻيون سڀ ٻوليون ڊچ ٻوليءَ منجهان نڪتل هيون.

تقريباً انهيءَ زماني ۾، يعني ارڙهين صديءَ جي آخر ڌاري يوروپي عالمن کي پاڻنيءَ جي گرامر جي سُڌ پيئي، سنسڪرت جي گرامر جو هيءُ ڪتاب ڪنهن مخصوص مفروضي بدران، حقيقتن ۽  مشاهدي جي روشنيءَ ۾ مرتب ٿيل هو، ۽ ان جي وسيلي يوروپي عالمن جي سامهون ٻولين جي تقابلي مطالعي جا امڪان پڌرا ٿيا. پاڻنيءَ جي گرامر ٻولي جي ڇيد جو اصول سيکاريو، جنهن موجب ٻولين جي ترڪيبي جزن جي ڀيٽڻ سان سندن هڪجهڙايون، جيڪي هونئن لڪل ۽ ڍڪيل رهن ٿيون، سي پوري ڀروسي سان لڀجي سگهيون ٿي، سڀ کان اول ٻولي وگيان جي ماهر، وليم جونس (1716-1794ع)، هي وضاحت پيش ڪئي ته لئٽن، سنسڪرت، انگريزي، فارسي وغيره ڪنهن هڪ ئي قبل از تاريخي ٻوليءَ جون الڳ الڳ صورتون هيون. سندس چوڻ موجب سنسڪرت، يوناني ۽ لئٽن ۾ ايتري ته ويجهي مشابهت آهي، جو اها محض ڪنهن اتفاق جو نتيجو ٿي نٿي سگهي، بلڪ ان مان اهو انومان ڪڍي سگهجي ٿو ته اهي ٽيئي ٻوليون، ڪنهن هڪڙيءَ منڍ واريءَ ٻوليءَ منجهان ڦٽيون آهن، جيڪا شايد اڄ ڪٿي موجود ڪانهي ۽ گوٿڪ (جرمئنڪ) ۽ ڪليٽڪ ٻوليون به شايد ان ساڳيءَ ئي منڍ واريءَ ٻوليءَ مان نڪتل آهن.(1)·. وليم جونس جي انهيءَ بيان کانپوءِ يوروپي ٻوليءَ وگيانن جيڪو هن-يوروپي ٻولين جي تقابلي مطالعو ڪيو آهي، سو واقعي هڪ نهايت ڦلدائڪ ڪوشش ثابت ٿي آهي، وليم جونس جو هي چوڻ ته جرمئنڪ ٻولين جو لئٽن، يوناني وغيره ٻولين سان تعلق آهي، سچو ثابت ٿي چڪو آهي ۽ ساڳيءَ طرح سندس اهو اندازو ڪليٽڪ ٻولين (آئرش، ويلش، ڪارنش وغيره ) بابت پڻ صحيح ثابت ٿي چڪو آهي، فارسي، الباني، هِٽي ۽ پڻ ڪيتريون مشرقي ٻوليون، جن جون بنهه مختصر لکيتون ئي موجود هيون، سي پڻ هند-يوروپي سٿ منجهان ثابت ٿي چڪيون آهن.

جيڪڏهن ڪا ٻولي ڪنهن وڏيءَ ايراضي ۾ يا لڏپلاڻ سبب، گهڻين الڳ الڳ ايراضين ۾ ڳالهائي وڃي ٿي ته ان ٻوليءَ ۾ جدا جدا هنڌن تي جدا جدا انداز ۽ نموني سان ڦير گهير واقع ٿيندي، ان ڦير گهير جو نتيجو هيءُ نڪرندو ته مختلف مگر لاڳاپيل ٻوليون وجود ۾ اينديون. مثلاَ؛ اٽالين، فرينچ، پورچوگيز، رومينين، ڪئٽالين، اسپئنش ۽ ٻيون رومانس ٻوليون، جن کي هڪ ئي سٿ يا گروهه جون ٻوليون سڏي سگهبو، ساڳيءَ ريت ٻين لاڳاپيل ٻولين جي ٽولن کان پڻ، مثلاَ؛ هند-پاڪستاني، سِلاو ۽ ٻين اهڙين ٻولين جي ٽولن کي، جن ۾ پڻ ساڳئي قسم جون هڪجهڙايون موجود ڏسبيون، ساڳئي ئي طريقي سان پيدا ٿيل سڏي سگهبو، هيءُ هڪ خالص تاريخي اتفاق آهي جو اسان وٽ ٻوليءَ جو اوائلي تحريري رڪارڊ موجود ڪو نه آهي، هنن اصلوڪين اڻ لکيل ۽ هن وقت غير موجود ٻولين کي ٻولي وگيان ۾ پروٽوسلاوڪ، پروٽو جرمئنڪ، پروٽو اِنڊڪ وغيره نالا ڏنا ويا آهن، ان کانپوءِ جڏهن ٻولين جي هنن ٽولن جي وچ ۾، اهڙيون ڪي هڪجهڙايون ڏسجن ٿيون، جيڪي محض ڪنهن اتفاق جو نتيجو نٿيون ٿي سگهن، تڏهن اسان انهن کي هڪ ئي مُک سٿ (هند-يوروپي) جون ٻوليون شمار ڪري ٿا سگهون ۽ وليم جونس  جي چوڻ موجب اها پختي راءِ قائم ڪري سگهون ٿا ته اهي سڀئي ٻوليون ڪنهن  هڪ ئي  قبل از تاريخي ٻوليءَ منجهان اُسريل آهن، جنهن هڪڙيءَ بنهه شروعاتي ٻوليءَ کي ٻولي وگيان ۾ اڄ ”پروٽو-هند-يوروپي ٻولي“ سڏيو وڃي ٿو.

هند- يوروپي ٻولين جي سلسليوار ڀيٽ جي شروعات سنسڪرت، يوناني، لئٽن، فارسي ۽ جرمئنڪ ٻولين جي فعلي گردانن جي ڀيٽ سان ٿي، ۽ جرمن عالم، فرئنز، باپ، سن 1816ع ۾ هڪ ڪتاب(1)· شايع ڪيو، جو ان سلسلي جو هڪ بنيادي ڪتاب ليکيو وڃي ٿو. 1819ع ۾ هڪ ٻئي جرمن عالمن، جيڪب گرم، پنهنجي ڪتاب Grammatic Deutsch جو پهريون جلد ۽ ٽي سال  پوءِ، 1822ع ۾ ان جو ٻيو جلد پڌرو ڪيو، جن ۾ هن جرمئنڪ ۽ ٻين هند –يوروپي ٻولين جي وچ ۾ صحيح  حرفن جي آوازي مشابهت تي هڪ تفصيلي بيان پيش ڪيو، جنهن ۾ جيتوڻيڪ بنيادي طرح ٻولين جي تاريخ جو ئي ورنن ڪيو ويو هو پر ان آوازي مشابهت يا هم آهنگيءَ جي ٻيءَ طرح به هڪ وڏي اهميت هئي. ان مان هيءَ ڳالهه ثابت ٿي، ته جيئن انساني عمل جي ٻين دائرن ۾ تيئن ٻولين جي طويل اوسر ۾، آوازن جو پيدا ٿيڻ ۽ ان ۾ ڦير گهير جو واقع ٿيڻ پڻ هڪ قسم جي باقاعدگيءَ ۽ ترتيب سان عمل ۾ اچي ٿو.

سن 1833ع ۾ مٿي ذڪر ڪيل جرمن عالمن، فرئنزباپ هند-يوروپي ٻولين جي تقابلي گرامر جو هڪ تفصيلي ڪتاب (2)· پيش ڪيو، جيڪو ٻوليءَ وگيان م وڏيءَ اهميت جو ڪتاب شمار ٿئي ٿو. انهيءَ سال ساڳيءَ ئي اهميت وارو هڪ ٻيو ڪتاب(3) پڻ هند-جرمئنڪ ٻولين متعلق علم ”اشتقاق“ جي موضوع تي شايع ٿيو، جنهن جي اشاعت سان ٻولي وگيان ۾ لفظ ”اشتقاق“ جي آخرڪار هڪ صاف ۽ واضح معنيَ مقرر ٿي. يوناني عالمن وٽ هن لفظ جو مطلب هيءُ هوندو هو ته لفظن جي صورت ۾ متعلقه شين سان سندن نسبت جو مطالعو ڪيو وڃي، پر هاڻي ان جي معنيٰ هيءَ مقرر ٿي ته ڪنهن لفظ جي تاريخ جو اهڙيءَ ريت مطالعو ڪيو وڃي، جو ٻوليءَ ۾ ان جون پراڻيون صورتون ۽  ٻين لاڳاپيل ٻولين ۾ ان جون اُهي صورتون جيڪي سندس اصل صورت جا ڌار ڌار روپ يا نمونا آهن، اهي ظاهر ٿي سگهن. انهيءَ لحاظ کان انگريزي لفظ مدر (ماءُ=  Mother) جو اشتقاق نائين صديءَ جي پراڻي انگريزي لفظ مُدور آهي، جيڪو پراڻيءَ نارس ٻوليءَ جي لفظ مُزير، پراڻي فِرسين جي مُدير، پراڻيءَ سئڪسن جي مُدار، پراڻيءَ جرمن جو مُوئوتير (جيڪو نڪتل آهي پروٽو جرمن جو مُدير مان) سان لاڳاپيل آهي. هن لفظ جون  اهي جرمئنڪ صورتون وري سنسڪرت جي لفظ ماتا، اويستا (پراڻي پارسيءَ) جي ماتا، پراڻيءَ آرمينين جي ميييَر، قديم يونانيءَ جي مِييتير، آلبانيءَ جي موتر (هتي لفظ جي هن صورت جي معنيٰ آهي ”ڀيڻ“، جنهن سان ڏسي سگهجي ٿو ته ڪيئن هڪ قديم اصل وارو لفظن معنيٰ ۾ ڦري ٿو)، لئٽن جي ماتير، پراڻيءَ آئرش جي ماٿر، پراڻيءَ سلاوڪ جي ماتي، لٿونين جي موتي، (هتي هن جي معنيٰ آهي ”زال“- جيڪو البانيءَ ۾ معنيٰ جو ڦيرو ڏٺوسون، هي ان جو ٻيو مثال آهي)، سان لاڳاپيل آهن. هن لفظ جون اهي مڙيئي صورتون هڪ ئي منڍ واريءَ يعني پروٽو هند-يوروپي جي گهڙيل يا فرض ڪري ورتل لفظ ”ماتير“ مان نڪتل شمار ڪيون وڃن ٿيون، ياد رکڻ گهرجي ته مثال طور کنيل هن لفظ جون اصلوڪيون صورتون ڪا هروڀرو پراڻي يا وڌيڪ صاف معنيٰ اسان کي ڪانه ٿيون ڏسين.

هڪ ڳالهه ته صاف آهي ته ڪي ٻوليون هڪٻئي سان ايتريقدر ته مشابهت رکن ٿيون، جو ان کي محض جيڪي رڳو اتفاق جو نتيجو سڏي نٿو سگهجي. هنن مان ڪي مشابهتون ته واقعي اهڙيون آهن، جيڪي رڳو ٻوليءَ جي عام خصوصيتن سبب ئي ائين ڏسجن ٿيون. مثلاً آواز، پد، لفظ، جملا وغيره – اهي ته هر ڪنهن ٻوليءَ ۾ موجود آهن، ۽ اهي خصوصيتون هر ٻوليءَ جي عمارت لاءِ گويا سرن ۽ گاري جو ڪم ڏين ٿيون. ٻيون به اهڙيون خصوصيتون، مثلاَ اسم-نما لفظ ، ۽ فعل –نما لفظ، جيتوڻيڪ سڀني ٻولين ۾ مشترڪ نه آهن پر اهي ايتريقدر ته اڪثر ٻولين ۾ موجود آهن، جو ان سبب انهن ٻولين ۾ ڪنهن نه ڪنهن  لاڳاپي جو انومان ضرور ٿئي ٿو. ساڳئي وقت ڪي مشابهتون ته ٻولين ۾ اهڙيون پڻ آهن، جي واقعي صرف اتفاق جو نتيجو آهن. مثلاَ جديد يوناني ٻوليءَ ۾ لفظ ”ماٽي“ (=اک) ذري گهٽ ملايائي ٻوليءَ جي لفظ ”ماٽا“ جهڙو آهي، جنهن جي معنيَ پڻ اک آهي، بهرحال هنن ٻنهي ٻولين جي اوسر جي جيڪا  ڄاڻ موجود آهي، تنهن مان چئي سگهون ٿا ته منجهن اها مشابهت محض اتفاقي آهي، ملايائي ٻوليءَ ۾ لفظ ”ماٽا“ ان جي قديم ترين مثالن ۾ پڻ جيئن جو تيئن موجود آهي پر جديد يونانيءَ جو لفظ ”ماٽي“ نڪتل آهي قديم يونانيءَ جي لفظ ”اَم ماٽيون“ مان، جيڪو نڪتل آهي سندس اصل ”امما (اک) منجهان، ساڳيءَ طرح ٻيون اهڙيون مشابهتون پڻ آهن، جيڪي ثابت ٿيل آهن ته اڌاري طور ورتل آهن. مثلاَ سنڌيءَ جو لفظ ”ڪٽلي“ انگريزيءَ جي ”ڪيٽل“ مان، يا انگريزي لفظ پيج (Peach) فرينچ جي ”پيش“ مان جيڪو هڪ پراڻيءَ فرينچ جي لفظ ”پيسڪا“ مان، جيڪو لئٽن جي ”پيرسڪا“ مان جيڪو پراڻيءَ ليئٽن جي ”پَرسڪا“ مان، جيڪو وري پراڻيءَ لئٽن جي اصطلاح جي ”پَرِسڪا فروٽا“ (Perseka Fruta) مان ورتل آهي، جنهن جي معنيَ آهي ”ايراني ميوو“، ههڙا لفظ يا انهيءَ قسم جا ٻيا خاصا ٻين ٻولين کان اڌارا ورتا ويندا آهن ته جيئن ڪنهن سڀيتا ۾ نون عنصرن جي داخلا سبب ٻوليءَ جون پيدا ٿيل ضرورتون پوريون ٿي سگهن. انهيءَ قسم جي اڌارن کي ٻوليءَ جي سهل پسندي سڏي سگهجي ٿي، ڇاڪاڻ ته جڏهن ڪو سڀيتائي عنصر اڌارو ٿو  وٺجي، تڏهن ان جو نالو به اُن سان گڏ کڻي ٿو وٺجي، البت اهڙين سڀيتائي ضرورتن پوري ڪرڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ٻولي خالص پنهنجا لفظ گهڙي ٿي، جنهن جو مشهور مثال آمريڪا جي ريڊ انڊين قبيلن ۾ملي ٿو، جن جڏهن ريل جي انجڻ ڏٺي، تڏهن ان کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ سڏيائون ”لوهائون گهوڙو“. سنڌيءَ ۾ پڻ ان جا مثال ملن ٿا، جيئن ته ”آگ گاڏي“ وغيره.

جڏهن ائين ٿو چئجي ته ٻولين ۾ مشابهت يا هڪجهڙائي سندن لاڳاپي يا سنٻنڌ سبب آهي، تڏهن ان جو مطلب هيءُ ٿئي ٿو ته اهي ٻوليون ڪنهن هڪڙيءَ آڳاٽي ٻوليءَ جون پوءِ پيدا ٿيل صورتون آهن. مثلاَ اڄوڪي بنگالي ۽ اڄوڪي سنڌي ڪنهن هڪڙيءَ آڳاٽيءَ ٻوليءَ مان نڪتل چئي سگهجن ٿيون، پراڻي زماني ۾ ڪنهن به خاص وقت جي نقطي تي آڱر رکي، ائين نٿو چئي سگهجي ته اجهو هتان اها نسبتا اصلوڪي ٻولي هنن ٻن يا چئن نين ٻولين جي صورت ۾ ورهائجي ويئي، يا اجهو هن وقت کان اڄوڪي سنڌي ٻولي وجود ۾ آئي يا اجهو هتان اڄوڪي بنگالي ٻولي شروع ٿي، مجموعي طور ٻوليءَ جي منڍ ۽ قبل از تاريخي دور کي هٿ ڪرڻ لاءِ ٻولي وگيان جي جاکوڙ  ۽ کوجنا ڪنهن گڏيل ۽ ڀروسي جهڙي نتيجي ٿي، اڃا  ڪانه پهتي آهي . ٻوليء هڪ سدا وهندڙ درياءُ آهي ۽ سندس رخ بدلائڻ جا، سندس سموري  طئي ٿيل اکٽ رستي تي، ڪي به کليل ۽ هڪ هنڌاوان نشان ڪو نه ٿا ملي سگهن. ڪهڙين حالتن ۾ ٻولي پنهنجا رخ بدلائي ٿي، صرف اها ڳالهه سمجهي سگهجي ٿي ۽ بيان ڪري سگهجي ٿي، ساڳيءَ ٻوليءَ ڳالهائڻ وارو ماڻهو خاص طرح ان جي لکيل صورت ۾ اچڻ کان اڳ، جڏهن ٽولن ٽولن ۾ ورهائجي، جاگرافيائي طور هڪٻئي کان علحده ٿي وڃن ٿا، ۽ منجهن ڪو جماعتي سنٻنڌ ڪونه ٿو رهي، تڏهن پنهنجي پنهنجي خاص ماحول ۽ الڳ الڳ روزمره جي ضرورتن پٽاندر سندن ٻوليءَ ۾ ، آوازن ۽ اُچارن ، لفظن جي ذخيري، ساڳين لفظن جي الڳ معنائن ۽ پڻ اهڙين ڪيترين ئي ڳالهين ۾ علحيدگي ۽ اختلاف اُڀري ٿو ۽ جيترا جيترا اُهي ٽولا پنهنجي پنهنجي نئين ماحول ۾ پنهنجو پنهنجون اندروني ۽ باهمي سنٻنڌ قائم ڪري پنهنجي پنهنجي تاريخ جا ڪي دور گذارين ٿا، ايتريون ئي صورتون سندن اصلوڪي ٻولي اختيار ڪري وٺي ٿي، انهيءَ ڪري ماڻهن جي ڪنهن خاص تعداد جو هڪڙي خاص ٻولي ڳالهائڻ هڪ اهڙي ته عظيم ۽ انتهائي ڳنڀير حقيقت آهي، جنهن جي اهميت جو اندازو، ثقافتي توڙي سياسي ميدانن ۾، پوريءَ ريت لڳائي ئي نٿو سگهجي، ٻولي ئي آهي، جنهن جي بنياد تي قوم جو مخصوص مزاج ۽ علحده وجود ٺهي ٿو ۽ قائم رهي ٿو، سون، هزارن بلڪه لکن سالن جي تاريخي پسمنظر ۾ ئي ٻولي پنهنجي مستقبل ۽ علحده صورت اختيار ڪري  ۽ قائم رکي سگهي ٿي. قومون پڻ پنهنجي تاريخ ۾ ايتريون ئي قديم آهن، جيتريون سندن علحده علحده ٻوليون.

(مهراڻ2-3/1964ع)

سامي زبانون

پروفيسرواءِ . ايس . طاهر علي

گهڻو ڪري هر ڪنهن زبان جي تاريخ ان جي ادب جي تاريخ سان خلط ملط ٿي ويندي آهي. زبان  ۽ ادب ٻئي ساڳيون شيون نه آهن، انهيءَ ڪري ٻنهي ۾ جيڪو فرق آهي، ان کي چٽيءَ طرح ظاهر ڪرڻ ضروري آهي. ”ٻولي“ جي معنيٰ آهي؛ اهي آواز، جن جي ذريعي خيالات ظاهر ڪيا وڃن، ٻوليءَ جي هن تعريف ۾ آواز، لفظ ۽ جملا اچي وڃن ٿا.اهڙيءَ طرح، هر زبان جي تاريخ آوازن، لفظن ۽ جملن يا ترڪيبن جو هڪ تاريخوار محفوظ يادگار آهي. هن ۾ هڪ ٻوليءَ جا ٻيءَ ٻوليءَ، يا ٻولين، سان جي تعلقات آهن، يا ٿي سگهن ٿا، انهن بابت ذڪر اچي وڃي ٿو، ۽ آخر ۾ انهن قدرتي يا اتفاقي تعلقات ۽ نسبتن جي هڪ صورت مقرر ڪئي وڃي ٿي.

قدرتي  تعلقات سلسليوار خانداني آهن، جهڙي طرح عربي ۽ عبراني يا سنسڪرت ۽ فارسي زبانن ۾ آهن پر اتفاقي نسبتون، سي وري ٻاهرينءَ ماهيت سان لهه وچڙ ۾ اچڻ سبب پيدا ٿين ٿيون، جهڙيءَ طرح فارسي ۽ اردو زبانن ۾، ڪو به ادب بغير ٻوليءَ جي ناممڪن آهي، بلڪه ڪنهن به ٻوليءَ کي جيستائين تحرير ۾ ضبط نه ڪيو ويو آهي، تيستائين ان ٻوليءَ جو ادب قائم رهي نٿو سگهي، ان ڪري، ادب جي تاريخ ان ٻوليءَ جي ارتقا جي مختلف دورن متعلق بحث ڪري ٿي ۽  ڪيترن ئي انهن سماجي، سياسي، مذهبي ۽ جغرافيائي اثرن ۽ سببن کي ڳولي لهي ٿي، جي سندن ترقيءَ ۾ مددگار يا رڪاوٽ بنيا آهن.

لسانيات

انگريزيءَ ۾ هن کي ”فلالاجي“ philology چئبو آهي. Philo جي معنيٰ آهي دوستي، ۽ (Logos) جي معنيٰ آهي لفظ . انهيءَ ڪري philologist جي معنيٰ ٿي ”ٻوليءَ جا دوست“ ۽  philology جي معنيٰ ٿي ”ٻوليءَ جي دوستي“. هن دوستيءَ جو اهو مطلب ناهي ته هڪ يا ٻن ٻولين کي ڄاڻڻ سان ڪنهن به ٻوليءَ سان واقفيت ٿي وڃي ٿي، بلڪه ان جي هيءَ معنيٰ آهي ته ان ٻوليءَ کي حڪمت جي هر پهلوءَ کان ڄاتو وڃي.

تقابلي علم اللسان (comparative philology) جو متعلم اهو آهي، جيڪو مختلف ٻولين ۾ انهن سڀني قدرتي يا اتفاقي  تعلقات ۽ نسبتن کي مڪمل طرح  ڄاڻندڙ هجي، جيڪي ٻولين جي مختلف گروهن ۽ سندن اصلي ماءُ جي وچ ۾ قائم آهن، يا ڪم از ڪم ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري. ائين ڪرڻ سان هو هڪ  ٻيءَ ٻولي سان تاريخي ۽ پيدائشي حيثيت معلوم ڪرڻ لاءِ ۽ باهمي يا اجنبي اثرن پروڙڻ لاءِ، پاڻ کي لائق بڻائي سگهي ٿو. هن طريقي  سان، بعض اوقات، جيڪڏهن ڪنهن ٻوليءَ جي اصلي ماءُ (mother Tongue) وجود ۾ نه  آهي ته ان کي هو مڪرر ترتيب ڏيئي سگهي ٿو.

ٻولين جي ماءُ

اهو نظريو ته ”پوري انسانيت آدم ۽ حوا“ (عليهما السلام) جي ئي نسل مان آهي“، ڪنهن وقت اهل ڪليسا جي اثر ڪري مقبول عام هو، مگر هن وقت انهيءَ کي گوشهء گمناميءَ ۾ اُڇلايو ويو آهي.

تاريخي  شهادتن مان هيءَ حقيقت واضح آهي ته زمين تي انسانن جا ڪيترائي مختلف نسل آهن. مثلاَ اَريائي،  سامي، حبشي ۽ چيني نسل، دنيا جي ڪشادن کنڊن ۾ پکڙجي وڃڻ کان اڳ، انهن مان هر هڪ نسل کي هڪ مقرر حد هوندي هئي، جتي اهونسل ڪنهن وقت آباد  هوندو هو ۽ اتان لڏڻ جا به ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا. ماهر اقتصاديات جي زبان ۾، ”مانيءَ ۽ مکڻ“ جي ڳولا به انهن مان هڪ سبب ٿي سگهي ٿو، يا وري ماهر فلسفه جي نقطه ء نظر کان، ”تجسس جي پياس“ به هڪ سبب هجي. خير، سبب ڪهڙو به کڻي هجي، مگر انهيءَ ۾ ته ڪو به شڪ ناهي ته هر نسل پنهنجا خيال ۽ فڪر بلڪل اهڙي قدرتي نموني ۾ ظاهر  ڪندو هو، جيئن ان جا افراد پنهنجون خواهشون ۽ فطري ضرورتون پوريون ڪندا هئا. ليڪن جيئن ئي هو ڇڙوڇڙ ٿيڻ لڳا ته زندگيءَ جي مختلف  خارجي حالتن، مثلاَ؛ آبهوا، طرز زندگي، ۽ ٻين نسلي اثرن سبب، انهن ۾ تبديل اچي ويئي. مختصر طور، ائين کڻي چئجي ته عمل ۽ رد عمل (action and reaction) جو سلسلو شروع ٿي ويو  ۽ اهڙيءَ طرح سندن زبان به پنهنجي اصلي صورت وڃائڻ شروع ڪري ڏني.

انهيءَ ڪري، جنهن به نسل يا آڪهه ٻين نين آبادين ڏانهن لڏي وڃڻ ۽ ٻين نسلن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ وقت جنهن ٻوليءَ جو استعمال ڪيو هوندو، ان کي ”ٻولين جي ماءُ“ سڏيو وڃي ٿو.

سامي


(1)[1]لفظ ”رومان“، ”رومانوي ادب“ پهريائين هر انهيءَ پيشڪش لاءِ استعمال ٿيو، جيڪا لئٽن ٻوليءَ  بدران انهن رومانس (يعني ڏيهي) ٻولين ۾ لکي ويندي هئي.

[2] (2) ( (1801)De Emmendanda Ratione Graecae Grammaticae)

[3](1) Linguarium Folisorbis Vocabularia Oomparativa-St: Petersburg. 1786-89-edited by P.S.pallos

(2) Institutiones Garmmaticae Anglo Saxonicae et Mesogothicae-Oxford,1689.

(3) Linguarum Thesaurus-Oxford,1705.

· (1)”Asiatic Researches>-   Calcutta,1788(1:422)

· (1) Franz Bopp:”Uber Das Konjugations Systeme Der Sanskritsproche”,1816-Franfurt an main

·(2) “Vergelenchende Grammatik des Sanskrit, Zend, Greichischen. Lateinische, Littonischen, Gottischen und Deutschen Sprochen.”

(3)H.F.pott.”Eymologische der Indo –Germanischen”

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com