هن سلسلي ۾ البيرونيءَ جي راءِ جو جائزو وٺندي،
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو:
”پنهنجي هن بيان ۾ بيرونيءَ ڪم از ڪم ٽن صورتخطين
جو پتو ڏنو آهي، جيڪي 1020- 1030ع واري عرصي اندر
رائج هيون، ڀاٽيھ (جيسلمير) ۽ سنڌ جي ڪمن ڀاڱن ۾،
يعني جيسلمير واري سرحد لڳ، سنڌ جي اڀرندين ڀاڱن
۾، ”اڌ-اکري ناگري“ هلندڙ هئي. انهيءَ مان ڀانئجي
ٿو ته اندازن موجوده سکر، خيرپور، سانگهڙ ۽
ٿرپارڪر ضلعن جي اڀرندين ڀاڱن ۾ ”اڌ-اکري ناگري“
هلندڙ هئي، سامونڊي ڪناري يعني موجوده ٺٽي ضلعي جي
ڏاکڻي ڀاڱي ۾ ”ملقاري“ رسم الخط رائج هئي. تاريخي
اعتبار سان درياءَ کان اولهه طرف ميرپورساڪري واري
علائقي ۾ آڳاٽي وقت کان ”نڱامرا“ قوم آباد
هئي ۽ ٿي سگهي ٿو ته انهن جي صورتخطي ”نڱامري“
ڏانهن اشارو هجي.وچ سنڌ واري علائقي ۽ گاديءَ جي
شهر بهمنوا يا منصوره ۾ ”سيندب“ يعني ”سئندو“ يا
”سنڌي صورتخطي“ هلندڙ هئي. اها ”عربي-سنڌي“ صورتخطي
هئي، جيڪا پهريائين منصوره واري علائقي ۾ استعمال
ٿي ۽ اتان آهستي آهستي سڄيءَ سنڌ ۾ رائج ٿي(3).“
ڊاڪٽر صاحب اڳتي لکي ٿو:
”عربي-سنڌي صورتخطيءَ جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو نمونو خود
محقق بيرونيءَ جي لکيت ۾ ملي ٿو. هن ”ملقاري“ لفظ
۾ ”ق“ حرف ڪم آندو آهي؛ ”مڱر“ (منگر) ۽ ”اڱل“
(آڱر)
لفظن ۾ ”ڱ“ جي اُچار لاءِ ”ڱ“ حرف ڪم آندو اٿس؛
يعني ته خود محقق بيروني، سنڌ جي مقامي اُچارن کي
ادا ڪرڻ لاءِ عربي حرفن مٿان ٽٻڪا ڏيئي نوان اکر
ڪڍيا (1).
عرب سياحن جي سفر نامن ۽ انهن کان اڳ جي لکيل
تاريخي مواد جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته انهن
ڪتابن ۾ سنڌ جي باري ۾ ، لکيل احوالن ۾ ڪيترن ئي
مقامي سنڌي لفظن کي عربي رسم الخط ۾ لکڻ جو رواج
يا ابتدا البرونيءَ جي آمد واري دور (1010ع-
1030ع) کان گهڻو اڳ ٿي چڪي هئي،البروني 1017ع کان
1030ع واري عرصي ۾ هت آيو، جڏهن ته پهريون عرب
سياح جاخط هو، جنهن جو احوال 864ع ۾ ملي ٿو، يعني
البرونيءَ جي اچڻ کان 153 سال اڳ. جاحظ کان پوءِ
هڪ ٻئي پٺيان ٻيا سياح به آيا، جيئن اصطخريءَ جو
سن 951ع آهي، ابن حوقل جو سن 245هه- 956ع جي لڳ ڀڳ
آهي. جاگرافيدان مسعودي 303 هه/16- 915ع ڌاري سنڌ
۾ آيو؛ بشاري مقدسيءَ جي تصنيف جو سن 985ع/ 375هه
آهي، ابن نديم 377 هه/ 86- 985ع ڌاري سنڌ جو احوال
لکيو، پر البيرونيءَ جو احوال 1017ع کان 1030ع جو
آهي، انهن سڀني سياحن، مورخن، ماهرن ۽ جاگرافيدانن
جي سفرنامن ۽ تذڪرن مان نه فقط سفرنامن جي ثقافت،
وڻج واپار، علم ادب ۽ ٻين ڳالهين کي لکت ۾ بيان
ڪيو ويو آهي، پر انهن سفرنامن مان سنڌي ٻولي، ان
لاءِ ڪم ايندڙ رسم الخط جي تعداد جي باري ۾ خبر
پوي ٿي ۽ البيرونيءَ ته انهن رسم الخطن جا نالا به
ڏنا آهن. انهن سفرنامن ۽ تذڪرن ۾ سنڌي ماڻهن، سنڌ
جي ماڳن، مڪانن ۽ دريائن وغيره جا نالا عربي رسم
الخط ۾ ڪجهه تبديليءَ کانپوءِ ڏنا ويا، ان ڪري
سنڌي زبان ۾ ڪافي وسعت اچي چڪي هئي.، هزارن جي
تعداد ۾ عربي ٻوليءَ جا لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ داخل
ٿي ويا ۽ سنڌي لغت جو حصو بڻيا.
هڪ ڳالهه هيءَ به توجهه جي لائق آهي ته عرب سياحن
۽ جاگرافيدانن جي اچڻ واري عرصي جي لڳ ڀڳ ڪيترائي
تاريخي ڪتاب قلمبند ٿي چڪا هئا، جن ۾ سنڌ ۾ اسلامي
فتوحات جي باري ۾ تفصيل سان ذڪر ڪيو ويو هو. هن
وقت تائين جن تاريخي ڪتابن جا نالا مليا آهن، انهن
مان ڪي هي آهن.
(i)فتوح
البلدان:
هيءَ بلاذريءَ جي لکيل تاريخ آهي، جنهن ۾ هڪ باب
سنڌ جي فتوحات جي عنوان سان آهي، بلاذريءَ جي وفات
80/279ع ۾ ٿي،، يعني ابن حوقل کان 34/ 35 سال
پوءِ.
(ii)
تاريخ يعقوبي:
هن تاريخ ۾ محمد بن قاسم جي سنڌ جي فتح جو احوال
تفصيل سان ڏنل آهي. يعقوبيءَ جي وفات 284ع ۾ ٿي.
(iii)
تاريخ طبري: هن تاريخ جو مصنف ابوجعفر محمد بن جريد الطبري آهي.
هيءُ 224هه
۾ ڄائو هو ۽ 310هه ۾ وفات ڪيائين. هن تاريخ ۾ سنڌ
جي فتوحات جي باري ۾ ذڪر آهي ۽ حوالا ڏنل آهن،
گويا هن تاريخ جو مصنف ابن حوقل جو هم عصر هو.
(iv)
الڪامل في التاريخ:
هي ڪتاب ابن الاثير جو لکيل آهي. هي عالم 555هه کان 630هه تائين ٿي گذريو آهي.
هن ڪتاب ۾ سنڌ جي اوائلي فتوحات جي باري ۾ ذڪر
آهي.
(v)
فتح نامه سنڌ عرف چچنامو:
سنڌ جي تاريخ بابت هي پهريون مڪمل ڪتاب آهي، هي
ڪتاب اصل ۾ عربيءَ ۾
لکيو ويو هو، جنهن جو فارسي ترجمو 613هه (1216ع) ۾
ٿيو. هن ڪتاب ۾ هزارن جي تعداد ۾ سنڌ جي ماڻهن،
ماڳن، دريائن، ندين، ڍنڍن، قومن ۽ ذاتين جا نالا
عربي-سنڌي حروف تهجيءَ ۾ ڏنل آهن.
انهن سڀني تاريخي ڪتابن ۾ سنڌ جي ڳوٺن، ماڻهن،
دريائن، ماڳن ۽ مڪانن جا نالا عربي- سنڌي رسم الخط
جي نموني ۾ لکيا ويا آهن، پر هن ڏس ۾ سڀ کان وڌيڪ
اهم ڪتاب چچنامو آهي، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جا
هزارين لفظ، عربي - سنڌي رسم الخط ۾ لکيل آهن،
جيئن اڳ ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي.
عربي دور حڪومت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي معيار، مقام ۽
شڪل جو ذڪر ڪندي ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو:
”عربي دور حڪومت ۾ ٻوليءَ ۾ مرڪزيت پيدا ٿي. سنڌ
جي مختلف ڀاڱن ۽ قبيلن جي ٻولين ۾ وڌيڪ مرڪزيت
پيدا ٿي، جنهن ڪري هڪ جامع سنڌي ٻوليءَ جي تشڪيل
وجود ۾ آئي.
سنڌ ۾ عربي دور جي ابتدا کان ئي عربن جون آباديون
قائم ٿيون. سنڌ وارن جا عرب ملازمن، ڪاريگرن ۽
عالمن سان گهرا معاشرتي تعلقات پيدا ٿيا. عربن سنڌ
کي پنهنجو وطن بنايو، سندن دائمي سڪونت سبب، عربن
۽ سنڌين جي وچ ۾ شادين مرادين ۽ مٽين مائٽين جا
سلسلا قائم ٿيا. عرب ۽ سنڌي پاڻ ۾ ايتري قدر ته
سـڱيڻا ٿيا، جنهن ڪري سنڌ وارن جي سماجي زندگيءَ
تي اثر وڌيو. اسلام جي اثر ماڻهن جي روزانه
زندگيءَ تي وڏو اثر ڪيو.
انهيءَ اجتماعي نفسيات جو ٻوليءَ جي نفسيات تي اثر
گهڻو پيو. بيشمار عربيءَ جا لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾
داخل ٿيا، انهيءَ ڪري ٻوليءَ جي لغت ۾ واڌارو ٿيو.
انهن ۾ مذهب، معاشيات، معاشرتي زندگي، زراعت،
تجارت، ابلاغ،
صنعت، مواصلات
(Communication)،
جنگ، انتظامي اُمور ۽ ٻيا ڪيترائي لفظ داخل
ٿيا“(1)
اسلامي حڪومت جي اثر ڪري، جتي هزارن جي تعداد ۾
عربي لفظ، سنڌي لغت جو حصو بڻيا، اُتي ٻنهي تهذيبن
جي ميل جول ڪري، ڪيترائي سنڌي لفظ، عربي ٻوليءَ ۾
شامل
ٿي ويا. عرب سياحن ۽ محققن پنهنجي سفر دوران سنڌ ۾
بيشمار سنڌي لفظ، عربي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندي
ٻڌا. سنڌي ٻوليءَ جي انهن ۽ اهڙن ٻين لفظن جي
عربيءَ ۾ عام استعمال جو خاص سبب هي به هو، جو
ڪيتريون ئي پسارڪيون شيون ۽ وکر، توڙي روزمره جي
استعمال جا وڙ جهڙوڪ
’ٿوم‘،
’گرم
مصالحو‘
ڪپڙو، ستيون ڦڪيون“ ۽ ٻيون شيون سنڌ جي مَنڊين
ذريعي عربستان، ايران ۽
ٻين ملڪن ڏانهن اماڻيون وينديون هيون. سنڌي ويدن،
ويڄن ۽ طبيبن، طب جي ڪتابن ۽ ويدن کي عربيءَ ۾
ترجمو ڪيو، انهيءَ ڪري سَوَن جي تعداد ۾ سنڌي لفظ
معمولي صوتي تبديل سان، عربيءَ ٻوليءَ ۾ جيئن جو
تيئن رهيا ۽ رکيا ويا، جيڪي اڄ به سڃاڻي سگهجن ٿا؛
البته ڪي لفظ گهڻي صوتي تبديل سبب عربيءَ ۾ اهڙا
ته مدغم ٿي ويا جو اهي هاڻ سڃاڻڻ ۾ ئي نٿا اچي
سگهن؛ مثلا اهڙا لفظ آهن:
سنڌي لفظ
عربيءَ ۾ شموليت کانپوءِ
سنڌي لفظ
عربيءَ ۾ شموليت کانپوءِ
ٿوم ثوم/فوم کنڊ
قند (1)
سڙهه شرعھ ڪک ڪَخ
جت زط گج قز
ڪاٻارو/ڪاٻالو قبالھ
ڪپور ڪافور
ڦردو فَرضھ نيل نيلج
ڪرمچ ڪرمز ڪرڻ ڦل قرنفل
پوتي/پوتو فوطھ جاءِ ڦل جائفل
هندورو
هندول
ٽِڦلو آطرفل
بيانو
هندول
مِک مِخ
ڇيٽ شِيٽ
اهڙيءَ طرح هيٺ مثال طور اهي سنڌي لفظ ڏجن
ٿا، جيڪي سنڌ ۾ رهندڙ عربن جي ٻوليءَ ۾ داخل ٿيا،
جن کي هنن جيئن جو تيئن قائم رکيو. اهڙن لفظن مان
ڪي هي آهن:
سنڌي عربيءَ ۾ شموليت کانپوءِ سنڌي عربيءَ ۾
شموليت کانپوءِ
انب انبھ، انبج سکاڻ
سُڪان
ڀَت بهطھ، بهطا ڪات
قاطع
ڪاسو ڪاسھ مُترڪو مطرقھ
سنداڻ سندان (1) هليلا هليلھ
اَڪرو عاکره
مٿي ڏنل لفظن توڙي اهڙن ٻين لفظن کي عربي حروف
تهجيءَ ۾ لکڻ لاءِ ڪيترن ئي سنڌي آوازن کي، عربي
اکرن ۾ لکيو ويو يا عربي اکرن ۾ واڌارو ڪري نوان
اکر جوڙيا ويا ڇو ته عربي رسم الخط ۾ انهن سنڌي
آوازن لاءِ حروف هئا ئي ڪونه؛ مثلا:
سنڌي آواز عربي سنڌي حروف
سنڌي
آواز
عربي
سنڌي حروف
ڦ ف ک ڪ
ڙ ر پ ف
ڻ ن ک
ق/ک
ڀ بهه ڱ نگ
ٿ ف/ث ڃ نج
ٻ ب
سنڌيءَ جا اُهي لفظ جيڪي ”او“ پڇاڙيءَ وارا هوندا
هئا، اهڙن لفظن کي عربي-سنڌي رسم الخط ۾ لکڻ لاءِ
”او“ کي ”ـھ“ ۾ تبديل ڪيو ويو. مثلاً:
سنڌي
عربي
مترڪو مطرقھ
ڪاسو ڪاسھ
بيانو بيانھ
ڪاٻارو قبالھ
ڦڙدو فرضھ
توتيو توتيھ
اٺين صدي عيسويءَ ۾ بغداد جي خليفن سنڌ مان
ڪيترائي پنڊت، ودوان، طبيب ۽ ويد گهرايا ۽ کين
تعليمي ۽ طبي عهدن تي مقر ڪيو(1).
انهن مان ڪن جا نالا هئا:
پنڊت ماڻڪ، پنڊت ڀلو، پنڊت ڌنو، پنڊت بکر ۽ پنڊت
گنگو وغيره. انهن پنڊتن، ودوانن، ويدن ۽ حڪمين
بغداد ۾ رهي، عربي زبان ۾ ويد، طب، ستارن جي علم ۽
ٻين علمن جا ڪتاب ترجمو ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. هنن جڙين
ٻوٽين، پسارڪي وڙن ۽ وکرن ۽ دوائن جا ڪيترائي سنڌي
لفظ ۽ نالا جيئن جو تيئن عربي ۾ قائم رکيا. اهڙن
لفظن جا نالا اڳ ۾ ڏنا ويا آهن، ۽ اڳتي پڻ مثال طور ڏنا ويندا.
هن ڏس ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو خيال آهي ته:
”عربن ۽ سنڌين جي مسلسل ميل جول ۽ عرب عالمن جي
سنڌي داني ۽ علمي تصنيفن جي اضافي سان، لفظن جي
اُچارن جي صحت ۽ صورتخطيءَ تي
توجهه ٿيو. سنڌ ۾ ئي اڪثر سنسڪرت ڪتابن جا ترجما
شهر منصوره ۾ ٿيا. جيڪي قابل عالم ۽ اديب موجود
هئا، ۽ سنڌيءَ سان گڏ ”هندي“، ٻولين جا پڻ ڄاڻو
هئا تن يقيني طور ترجمن وقت لفظن جي صحت ۽ صحيح
تلفظ تي ڌيان ڏنو هوندو. هن علمي ماحول ۾ سنڌي
ٻوليءَ جي لفظن کي صحيح صورتخطيءَ مطابق لکيو ويو،
جنهن ڪري اڄ به سنڌي لفظن جي ذريعي اصلي پراڪرت
لفظن جو پتو لڳائي سگهجي ٿو. سنڌي ٻولي پهريون
ڀيرو عربي رسم الخط ۾ لکجڻ لڳي“(1).
سنڌ جي عالمن ۾ ابو عطا سنڌي ٻي صدي هجريءَ ۾ هڪ
وڏو سنڌي عالم ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. هن پنهنجي دور
۾ سنڌي لفظن کي عربي-سنڌي حروف
تهجيءَ
۾ لکيو هوندو. اهڙيءَ طرح ابو معشر سنڌي تاريخ جو
وڏو راوي ٿي گذريو آهي. هن به سنڌي ٻوليءَ جا لفظ
عربي-سنڌي صورتخطيءَ ۾ لکيا هوندا. اهڙيءَ طرح ابو
ضلع سنڌي ۽ ٻيا سنڌي عالم به سنڌي ٻوليءَ جا لفظ
عربي-سنڌي رسم الخط ۾ لکندا هوندا. هڪ طرف سنڌي
نسل جي عالمن عربي علوم ۾ شهرت حاصل ڪئي ته ٻئي
طرف وري عربي نسل جي عالمن، سنڌ ۾ سنڌي ۽ هندي
ٻولين جي مطالعي ۾ مهارت حاصل ڪئي. سنڌ ۾ هڪ طرف
منصوره علم ادب جو مرڪز هو، ته ٻئي طرف ديبل به
پنهنجو مٽ پاڻ هو. هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي
ٿو:
”سر زمين سنڌ ۾ نه صرف عربيءَ جي اڀياس لاءِ
درسگاهون هيون، مگر سنڌي بلڪه هند جي زبانن جي
مطالعي لاءِ به جوڳو بندوبست ٿيل هو. سنڌ ۾ سنڌي
توڙي عربي ٻنهي ٻولين کي وڏي اهميت هئي، ڇو ته
عربن ۽ سنڌين جي گڏيل رهڻي ڪهڻيءَ سبب ٻئي، هڪ ٻئي
جي ٻولي سمجهندا ۽ ڳالهائيندا هئا. سڀني عرب سياحن
جو بيان آهي ته سنڌ ۾ سنڌي توڙي عربي ٻولي، ٻئي
رائج هيون، جنهن مان ثابت آهي ته عرب حڪومت، سنڌي
ٻوليءَ کي، وڏي اهميت ٿي ڏني ۽ ان جي ترقي ۽
واڌاري جو باقاعدي انتظام هو(1).“
سڀني محققن جو هي به رايو آهي ته ”سنڌي زبان“ جي
هڪ شاعر، سنڌي زبان ۾ بغداد جي برمڪي وزيرن جي
تعريف ۾ هڪ قصيدو ٺاهيو. هي قصيدو، يحيٰ برمڪيءَ
جي درٻار ۾ پڙهيو ويو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو خيال
آهي ته:
”جيئن ته هارون الرشيد، جعفر بن يحيٰ برمڪيءَ کي
187هه ۾ مارايو هو، انهيءَ ڪري ان مان ظاهر آهي ته
هي بيت 187هه کان اڳ قلمبند ڪيو ويو هوندو (2).“
اهو بيت هو:
اره بره کنکره کراکري مندره.
هن مصرح مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته سنڌي ٻوليءَ کي
عربي-سنڌي رسم الخط ۾ پهريون ڀيرو 187هه کان به اڳ
لکيو ويو هو، يعني ته سنڌي زبان ۾ چيل هن شعر جي
عربي –سنڌي رسم الخط ۾ هيءَ پهرين لکڻي آهي، جيڪا
هاڻ اهڙي صورت اختيار ڪري چڪي آهي، جو اصل لفظن جي
مفهوم جو پتو ئي نٿو پوي. انهيءَ هوندي به بقول
ڊاڪٽر بلوچ صاحب ته:
”هيءُ آڳاٽو حوالو، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ لاءِ هڪ
قيمتي وٿ آهي. هي سنڌي ٻوليءَ جو عربي-سنڌي
صورتخطيءَ ۾ سڀ کان پهريون لکيل نمونو آهي(3)“.
چوٿين صدي هجري (ڏهين
صدي عيسوي) جي وچ ڌاري، يعني ته عربي حڪومت جي
قائم ٿيڻ کان ٻن اڍائي سون سالن واري عرصي ۾، سنڌي
۽ عربي ٻنهي ٻولين کي اهميت حاصل هئي. هن دور ۾
عربي سياح، جاگرافيدان سنڌ ۾ آيا، جن جو مٿي ذڪر
ڪيو ويو آهي، انهن سنڌ ۽ سنڌي زبان جي باري ۾ اکين
ڏٺا احوال قلبند ڪيا. انهن جي احوالن مان ظاهر ٿو
ٿئي ته سنڌ کان ملتان تائين، سنڌي ٻولي ڳالهائي
ويندي هئي. هنن سنڌي زبان جي مختلف محاورن ۽ رسم
الخطن جو به ذڪر ڪيو آهي. البيرونيءَ ته پنهنجي
ڪتاب، ”ڪتاب الهند“ ۾ 1017ع کان 1030ع تائين واري
عرصي ۾ پشاور کان وٺي ملتان تائين هند-سنڌ جي
ماڻهن جي تهذيب ۽ ثقافت جومطالعو ڪيو ۽ ان جو ذڪر
ڪيو. البيرونيءَ
کان اڳ آيل سياحن ۽ جاگرافيدانن پنهنجن سفرنامن ۾
جابجا اصل سنڌي، هندي ۽ سنسڪرت وارا الفاظ ۽ فقرا،
جدولون، ماڻهن، ماڳن، مڪانن، دريائن ۽ جڙين ٻوٽين
جا نالا، ان وقت ۾ رائج مقامي ٻولين جا لفظ،
عربي-سنڌي رسم الخط ۾ ڏنا آهن. البيرونيءَ سميت
سڀني ماهرن خالص سنڌي حروف عربي رسم الخط جي حروفن
۾ تبديليون آڻي جوڙيا. اهڙيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ جا
ڪي لفظ، ان وقت عربي حروف تهجيءَ جي مدد سان جنهن
نموني جوڙي لکيا ويا، ان نموني سان عربي –سنڌي
حروف تهجي چئي سگهجي ٿو ۽ اها دعويٰ ڪري سگهجي ٿي
ته عربي-سنڌي رسم الخط جي ابتدا 187هه کان اڳ ٿي
چڪي هئي، جنهن جو هڪ نمونو
”اره بره کنکره، کراکري مندره“ مان ته ملي ٿو، پر
ٻيا نمونا ابو عطا سنڌي، ابومعشر سنڌي ۽ ابو ضلع
سنڌيءَ جي لکڻين ۾ به ڳولڻ کپن. ڪي مثال هيٺ ڏجن
ٿا:
(1)
نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر:
”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ“، ڇاپو ٻيو،
حيدرآباد زيب ادبي مرڪز، 1980ع ص ص 74- 75.
(1) نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر:
حوالو ڏنل آهي ص ص 74- 75.
(1) سيد سليمان ندوي:
”عرب و هند کي تعلقات“، هندوستاني اڪيڊمي،
30-1929ع، ص 69
۽ پڻ ڏسو بزرگ بن شهاريار:
”عجائب الهند“، اردو ترجمو، ص 202.
(1)
جاحظ:
”رسالھ فخر السودان علي البيضان“، اردو ترجمه،
حوالو ڏنل آهي، ص 55.
(1) بزرگ بن شهريار:
عجائب الهند، حوالو ڏنو ويو آهي، 1920، ص 101
۽ پڻ ڏسو، سيد سليمان ندوي:
حوالو ڏنو ويو آهي، ص ص 67 ۽ 69.
(1) نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر:
حوالو ڏنو ويو آهي، ص 49.
(1)
ايضا حوالو ڏنو ويو آهي، ص 60.
(1) نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر:
حوالو ڏنو ويو آهي، ص 60.
(2) ايضا، ص 23.
|