سمن جي دور جي فارسي ڪتبن جو ذڪر ڪندي لاکو صاحب
لکي ٿو ته هڪ ڪتبو سيوهڻ ۾ قلندر جي درگاهه تي لڳل
آهي، ان مان ظاهر آهي ته مذڪوره ڪتبو فيروز تغلق
جي دور ۾ سندس حڪم تي لڳو هو. ٻيو فارسي ڪتبو گجي
شهر جي ڀرسان شيخ ترابيءَ جي مزار تي لڳل هو، جو
هن وقت سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ رکيل آهي. هن ڪتبي
جي شروع وارين سٽن ۾ فيروز تغلق جو نالو چٽو آهي.
هنن ٻن ڪتبن کانسواءِ سيوهڻ ۾ ٻه وڌيڪ فارسيڪتبا
پڻ فيروز تغلق جي دور جا يادگار آهن. انهن جي
اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته آزاد سمن ڄامن جو هن ڏس
۾ ڪو به عمل دخل نه هو. اهي ڪتبا دهليءَ جي
بادشاهن جي حڪم ۽ پاليسيءَ پٽاندر لڳا هئا.
مهراڻ2/1995ع، صفحو 52- 53)
سمن جي دور جو هڪ ڪتبو سرائڪيءَ ۾ پڻ مليو آهي،
جيڪو سنجرپور (بهاولپور) جي هڪ کوهه مان ڏيڍ سو
ورهيه اڳ نڪتو هو، جنهن جي پڙهڻي مولانا حفيظ
الرحمان ذڪر ڪرام ۾ هيٺينءَ ريت ڏيندي لکيو آهي
ته منجهس جنهن سڪندر جو نالو ڄاڻايل آهي سو سنڌ جو
سمو بادشاهه ڄام سڪندر هو. ڪتبي تي تحرير هي آهي:
سلان سلبند ٿپيان ڦگيا
نام
نصير
کوه کٽايا پتر گامڻ دي انڙ
نام
حمير
وقت سڪندر بادشاهه، ملڪ ڌڻي پهلوان
رعيت راضي ايهه جي، جو ٻڍا نت جوان
هڪ لک سلان لڳ چڪيان، ٿيا کوهه تمام
تِري سو ٻوٽي باغ دي، راڌي انڙ ڄام. (2)
دهليءَ جي حاڪمن يعني تغلقن جي حڪم ۽ پاليسيءَ
پٽاندر سنڌ ۾ فارسيءَ جا ڪتبا لڳايا ويا. تغلقن جي
پاليسيءَ ۾ فارسي ٻولي جو نفاذ به شامل آهي. ڪتبا
فارسيءَ جا لڳي سگهن ٿا ته فارسيءَ جو نفاذ به
ممڪن آهي.
فارسي ڪتبا برابر تغلق جي حڪم تي لڳا، انهن کي به
سمن جي دور سان ئي منسوب ڪيو ويندو ۽ لڳائڻ وارا
ڪاريگر، ڪيليگرافر/
ڪاتب ته دهليءَ مان نه آيا هوندا. يقينن سنڌ جي
ڪاريگرن ۽ ڪاتبن جي هٿان ڪتبا لڳايا ويا هوندا.
فارسي ڪتبن جو موجود هئڻ ۽ برقرار رهڻ
پڻ هڪ طرح جي ثابتي آهي ته فارسي ٻوليءَ کي ايتري
اهميت هئي ته ڪتبا فارسيءَ ۾ اڪرايا ويندا هئا ۽
سنڌ جا ماڻهو فارسي چڱي طرح لکي پڙهي سگهندا هئا.
فارسي هن ڳالهه جا غماز آهن ته فارسي ٻوليءَ کي
جوڳي اهميت حاصل هئي.
مڪليءَ جي قربستان ۾ لڳل ڪتبا عربيءَ ۾ انڪري آهن
ته سنڌ ۾ عربي مذهبي ٻولي ۽ مقدس ٻوليءَ جو درجو
رکي ٿي، ۽ سما حڪمران خدا جي فضل سان ڏاڍا نيڪ ۽
ديندار مسلمان هئا. هنن ثواب خاطر قبرن تي عربيءَ
۾ ڪتبا اڪرايا. سنڌ جي حدن اندر ئي هڪ فارسي ڪتبي
جو احوال ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڏنو آهي:
اٻاوڙي تعلقي ۾ ريتي اسٽيشن کان ٽي چار ميل ڏکڻ
طرف ۽ اڳوڻي ريڻي ندي
جي ڦٽل وهڪري کان ميل ڏيڍ اوڀر
طرف
وڄڻوٽ جي ڦٽل شهر جا کنڊر آهن. سن 1873ع ۾
کوٽائيءَ دوران هڪ سر هٿ آئي، جنهن تي هيٺين عبارت
اُڪريل هئي:
سلطان سکندر بادشاهه هي شان سيف اسم بالا
سرکار زهي سن سي باش 35512
کاريگر را قلم عد مرشد بس کار ابو راطا
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي خيال ۾ اها سر سلطان سڪندر جي
عهد ۾ ٺپي ويئي. ڪتبي جي پهرين سٽ سرائيڪي ٻوليءَ
۾ آهي. آخري سٽ جي پڙهڻي غالبا فارسيءَ ۾ کاريگر
را قلم قاصر شد بس کار او تمام(شد) معلوم ٿئي ٿي.
(3)
سمن جي دور جي ڪتبن لاءِ ائين چوڻ درست آهي ته
قبرن ۽ مقبرن تي اڪرايل اڪثر ڪتبا عربي ٻوليءَ ۾
آهن، جڏهن ته ٻين تعميرات تي ڪتبا فارسيءَ ۾
اڪرايا ويا آهن.
گجي شهر جي ڀرسان شيخ ترابيءَ جي مزار تي جيڪو
ڪتبو آهي ان ۾ علاوء الدين ڄام جوڻي جو نالو ۽ سن
872 هه اڪريل آهي. ڪتبي جون پهريون ٻه سٽون هي آهن:
بعد شهر يار
دهر سلطان داور (ڪذا)
شهه فيروز منصور و مظفر در صف شاهان
پير حسام الدين راشدي مڪلي نامي ۾ لکي ٿو:
اهو ڪتبو تعليق ۾ آهي. 3 صفر 872 هه ۾ فيروز تغلق
جي دور ۾ ڄام علاؤالدين جي حڪم تي موسيٰ بن شاهجهان اهو مقبرو ٺهرايو(4).
غلام محمد لاکي صاحب جي خيال ۾ سمن جي شروعاتي دور
جي فارسي ڪتبن لڳائڻ ۾ آزاد، سنڌ جي سمن جو ڪو به
عمل دخل نه آهي. دراصل ڳالهه ته پڌري پٽ آهي ته ڪي
سما حاڪم دهلي حڪومت جا ڏن ڀرو به هئا ته ڪي آزاد
به هئا. سمن جي سموري دور کي نظر ۾ رکڻو پوندو.
دهليءَ جي حاڪمن ٻه يا ٽي ڀيرا سمن کي پنهنجي اثر
هيٺ آندو. ائين ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته دهليءَ جي اثر
واري عرصي ۾ فارسي رائج هجي ۽ جڏهن آزادي نصيب ٿي
ته فارسيءَ کي نيڪالي ڏئي ٿربيءَ کي نافذ ڪيو ويو
هجي، ۽ وري جڏهن دهليءَ جو دٻاءُ هجي. فارسي قائم
ڪئي وڃي. آزاد سنڌ گهڻي ۾ گهڻو عرصو ۽ سونهري دور
ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي زماني ۾ ڏٺو، يعني
ته ڄام نندي ڀريا 48 سال حڪومت ڪئي، جيڪو پاڻ
فارسيءَ جو شاعر به هو. سندس هڪ رباعي هن وقت
تائين محفوظ رهي سگهي آهي:
اي آنکھ ترا نظام الدين ميخوانند
تو مفتخري مرا چنين ميخوانند
گر در ره دين از تو خطائي افتد
شک
نيست کھ کافر لعين
ميخوانند. (5)
جيئن ته قبرن تي ڪتبن جو عربيءَ ۾ هجڻ جو اهڙو ڪو
ٺوس ثبوت نٿو چئي سگهجي، جنهن جي بناءَ تي چئجي ته
سمن جي دور جي سرڪاري زبان عربي هئي. ٻئي طرف هن
دور جي مقبرن ۽ عام تعميرات تي فارسيءَ ۾ اڪريل
ڪتبن جي موجودگي سبب خاطر خواهه نموني چئي نٿو
سگهجي ته سمن جي سموري دور ۾ آزاد توڙي دهليءَ جي
تسلط هيٺ آيل سنڌ ۾ فارسي ئي سرڪاري ٻولي هئي.
2- ڪتاب:
محترم غلام محمد لاکي جي راءِ موجب سمن جي دور ۾
تحرير ڪيل ٻه ڪتاب- هڪ الزبُدة
۽ ٻيو تذڪرة
المراد- موجود آهن، تنهن مان اندازو لڳايو ويو
آهي ته عربي ٻولي سمن جي سرڪاري ٻولي هئي.
ڪتاب الزبدت جي باري ۾ احوال لکندي
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهجا خيال هن طرح پيش ڪيا
آهن:
سمن حاڪمن ذاتي
طور تي درسي ڪتابن لکائڻ جي ڪوشش ورتي، جنهن جو
ثبوت ان دؤر
۾
منطق بابت لکايل هڪ درسي ڪتاب مان ملي ٿو، جو
اتفاقن زماني جي دستبرد کان بچي ويو آهي ۽ اڄ
تائين قلمي صورت ۾ موجود آهي. منطق جي درسي ڪتاب
شمھ في الميزان جي مطالعي کي وڌيڪ آسان بنائڻ
خاطر ڄام انڙ عرف محمد سڪندر شاهه ثاني سن
58/857(1356ع) ڌاري مئنگلور (ڪاٺياواڙ) جي استاد ۽
عالم مولانا علاء الدين کي استدعا ڪئي ته هو نئين
سر سمجهاڻي (شرح) سان اهو ڪتاب مرتب ڪري، جنهن تي
مولانا علاوء الدين الزُبدة
نالي شمھ في الميزان جي شرح لکي. (6)
ٻيو ڪتاب، جنهن جو ذڪر لاکي صاحب ڪيو آهي، سو آهي
تذڪرة المراد. هي ڪتاب سمن جي دور ۾ حاجي محمد حسين صفائي لکيو.هن
ڪتاب جي باري ۾ سيد حسام الدين راشدي صاحب لکي ٿو:
شيخ محمد حسين صفائيءَ جي والده سيد محمد حسين
المعروف به پيرمراد شيرازي جي گهر ۾ ڪم ڪندي هئي.
شاهه حسن ارغون ٻه دفعا شيخ جي زيارت ڪرڻ جي خواهش
ڪئي، ليڪن کيس اجازت ڪانه ڏنائين. پنهنجي پير جي
سوانح ۾ تذڪرة المراد (عربي) تاليف ڪيائين. سن 931 هه ۾ فوت ٿيو. (7)
تذڪرة
المراد جو هڪ نسخو سيد احمد (پير مراد شيرازي جو
والد) جي اولاد مان سيد محمد نور الدين حسين وٽ
بهروچ ۾ موجود هو. هي ڪتاب پير حسام الدين صاحب
مڪلي نامه جي
حاشين
جي ماحذ طور به ڄاڻايو آهي. (8)
پير مراد شيرازي، جنهن جي سوانح هن ڪتاب تذڪرة المراد ۾ ڏني ويئي آهي، سو سنڌ ۾ هڪ ڪامل بزرگ ۽ ولي الله هو.
تحفة الڪرام ۾ آيو آهي ته شيخ صدر الدين حضرت ذڪريا ملتاني جو
ڏوهٽو جڏهن ٺٽي آيو ۽ اچي ساڻس مليو، تڏهن کيس
چيائين ته مراد مشائخاني و
از تو مرادها حاصل شوند. پير مراد شيرازيءَ جو
ڏاڏو ۽ والد صاحب سن،7هه
۾ شيراز مان هلي سنڌ آيا. شيراز جو خاندان ٺٽي ۾
علم و دانش جو هڪ مينار
هو. شيرازي عالمن جي پنهنجي
مادري زبان فارسي هئي.
سمن جي دور ۾ تصنيفات عربي توڙي فارسيءَ ۾ ٿيون،
جي هن دور جون علمي ۽ ادبي زبانون
هيون. غلام محمد لاکو صاحب پنهنجي ڪتاب سمن جي
سلطنت ۾ لکي ٿو:
دريا خان جي شهادت کانپوءِ سنڌ جو تختگاهه ٺٽو
ڏهن ڏينهن تائين آگ ۽ خون ۾ سڙندو رهيو. ڏهن ڏينهن
۾ هن تباهيءَ شهر جي رونق ۽ چهچٽو ختم ڪري ڇڏيو.
سوين گهر اجڙيا ۽ هزارين ماڻهو شهيد ٿيا. ان تباهه
ڪن حالت ۾ نه شريف جي عزت محفوظ رهي ۽ نه وري عالم
جو علم ۽
ڪتاب بچي سگهيا.(9)
3- ٻولي:
لاکو صاحب پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته سنڌي حاڪمن
مڪمل آزادي وٺڻ کان پوءِ غلامي ۽ محڪومي جي هر
نشان کي ختم ڪيو هوندو. فارسي ٻولي بدستور سرڪاري
ٻولي رهندي اچي ها ته (علاوء الدين ڄام جوڻي کان
پوءِ) سمن جي خاتمي تائين سنڌ ۾ هن ٻوليءَ ۾ تصنيف ۽ تاليف جا انبار لڳي وڃن ها. (صفحو 54) فرض ڪجي ته سمن جي
دور ۾ عربي سرڪاري ٻولي هئي ته پوءِ عربي ٻوليءَ ۾
تصنيف ڪيل ڪتابن جا انبار ڪٿي آهن؟ صرف
ٻه ڪتاب دستياب آهن، تن مان هڪ مصنف مولانا
علاؤالدين مئنگلوري ڪاٺيا واڙ جو رهاڪو هو. ڇا سمن
جي
دؤر
۾ سنڌ ۾ عربيءَ جو ڪوبه اهڙو عالم ڪونه هو، جيڪو
عربي ڪتاب شمھ في الميزان جي آسان شرح لکي سگهي
ها ! اها ڪهڙي مجبوري هئي جنهن سبب ڪتاب الزبدة
لکڻ لاءِ ڪاٺياواڙ جي عالم کي چيو ويو. سمن جي دور
۾ عربي سرڪاري ٻولي هجي ها ته سندن درٻار عربيءَ
جي عالمن سان ڀريل هجي ها، پر ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته سمن حاڪمن مان ٻه حاڪم پاڻ فارسيءَ جا شاعر
هئا ۽ سندن شان ۾ قصيدا به فارسيءَ ۾ ملن ٿا. سمن
جي دؤر ۾ ايران، هرات ۽ وچ ايشيا جي اهڙن علائقن
مان عالمن، فاضلن ۽ استادن جو هڪ وڏو انگ دعوت ڏئي
سنڌ ۾ گهرايو ويو، جتي جي علمي ۽ عام ٻولي فارسي
هئي. سمن جي سرڪاري زبان عربي هجي ها ته عرب
علائقن مان عالم گهرايا وڃن ها. سمن جي دور سان
تعلق رکندڙ فارسيءَ جي ڪن عالمن جا نالا ڊاڪٽر
الانا صاحب ڏنا آهن:
ڄام نندو، قاضي قاضن، شيخ عيسيٰ لنگوٽي، مخدوم
بلال، قاضي شيخ محمد اُچي، مولانا ضياءُ الدين
راهوٽي، مولانا مصلح الدين لاڙي، سيد مراد شاهه
شيرازي ۽ سيد علي شيرازي (10). فارسي شاعر،
جن جو تعلق سمن جي دور سان آهي، تن مان ڪي نالا
غلام محمد لاکي صاحب پڻ زير نظر مضمون ۾ ڏنا آهن:
اثير الدين ابهري، انوار، مخدوم بلال، شيخ حماد،
عبدالعزيز ابهري، عيسيٰ برهانپوري ۽ ڄام نندو.
(صفحو 51).
مٿي ڄاڻايل سمورين حقيقتن مان معلوم ٿئي ٿو ته سمن
جي دور ۾ ٻئي ٻوليون عربي توڙي فارسي، علمي ۽ ادبي
حيثيت ۾ موجود هيون. تصنيف و تاليف جو سلسلو ٻنهي
ٻولين ۾ جاري هو. مدرسن
۾ جتي عربيءَ ۾ تعليم ڏني ويندي هئي، اُتي فارسي
پڻ پڙهائي ويندي
هئي. جيئن ته ارغونن جي شروع ۾ ئي ٺٽي شهر کي تلف
و تاراج ڪيو ويو، ته ڪتاب پڻ صفحه هستيءَ تان ميسارجي
ويا؛ اتفاقا ٻه ڪتاب عربيءَ جا بچي وا آهن. صرف ٻن
ڪتابن جي آڌار تي ائين چوڻ ته سمن جي دور جي
سرڪاري ٻولي
عربي هئي، سراسر نامڪمل ثبوت آهي.
بقول محترم غلام محمد لاکي جي سمن جي دور ۾ دهلي
جي حڪمرانن سان ڪڏهن به مفاهمت پيدا ڪانه ٿي، تنهن
ڪري ٻاهران نافذ ٿيندڙ فارسي ٻولي سمن جي آزاد
حڪمرانن کي نه ٿي آئڙي، تنهن ڪري فارسي زبان کي
هنن سرڪاري زبان جو درجو نه ڏنو هوندو. هن ڏس ۾
سنڌ ۾ فارسي ٻوليءَجي خاص طور سمن جي دور ۾،
اهميت ۽ حيثيت متعين ڪرڻ لاءِ
چند گذارشون پيش ڪجن ٿيون.
سمن جي دور ۾ فارسي جي سرڪاري حيثيت هئڻ بابت
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو:
بحيثيت سرڪاري زبان جي غالباً
سمن جي دور جي شروعات کان وٺي فارسيءَ جو دخل شروع
ٿيو. ان جو مکيه سبب اهو هو جو ان کان اڳ تقريباً
ٻن سون ورهين کان وٺي فارسي دهليءَ جي مرڪزي حڪومت
جي دفتري ۽ سرڪاري ٻولي جي حيثيت ۾ اهميت حاصل ڪري
چڪي هئي ۽ پڻ صوبائي گورنرن جي دفتري زبان جي
حيثيت ۾ هندستان جي گهڻي ڀاڱي ۾ اها عام ڪاروباري
زبان جي صورت ۾ رائج ٿي چڪي هئي. سمن جي طاقت جي
اسرڻ وقت سنڌ جا پاڙيسري پرڳڻا گجرات توڙي ملتان
سڌو سنئون دهليءَ جي ماتحت هئا.(11)
هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر بلوچ اڳتي لکي ٿو:
ملتان جي گورنر عين
الملڪ جي خط و ڪتابت فارسيءَ ۾ آهي ۽ يقيني طور
ڄام ٻانڀڻيي ۽ سنڌ جي ٻين سربراهن طرفان لکپڙهه پڻ
فارسيءَ ۾ ٿي هوندي. اها آڳاٽي ۾ آڳاٽي فارسي خط و
ڪتابت آهي، جيڪا دهلي جي مرڪزي حڪومت جي گورنر ۽
سنڌ جي سمن حاڪمن ۽ ٻين سربراهن جي وچ ۾ ٿي ۽ جنهن
جو پڪو پختو تاريخي حوالو موجود آهي. ان بناءَ تي
چئي سگهجي ٿو ته سمن جي طاقت جي شروعات کان وٺي
فارسي سياسي معاهدن ۽ مراسلن جي زبان تسليم ٿيڻ
لڳي. (12)
پير حسام الدين راشدي صاحب گورنر عين الملڪ جا سنڌ
جي سمن حاڪمن ۽ ٻين اميرن ڏانهن لکيل خط سنڌي
ترجمي سميت مڪلي نامي ۾ ڏنا آهن.
لاکو صاحب سمن جي دور ۾ عربي ٻوليءَ جي اهميت کي
واضح ڪندي لکي ٿو ته ٻن صدين کان هندستان ۽ سنڌ ۾
ڪڏهن به مفاهمت پيدا نه ٿي سگهي. سنڌ جي سمن ۽
گجرات جي بادشاهن ۾ بهترين لاڳاپا قائم هئا. گجرات
۾ عربي زبان کي اعليٰ مقام مليل هو، ان ريت سنڌ جي
حاڪمن به هن زبان کي اهميت ڏني جا سندن خاتمي
تائين جاري رهي. (صفحو 54)
سنڌ ۽ گجرات جا لاڳاپا سمن ۽ گجرات جي بادشاهن جي
وچ ۾ سڱابندي ٿيڻ سبب تمام سٺا هئا. گجرات ۾ عربي کي اهميت ڪيتري به هئي
پر سرڪاري ٻوليءَ جي حيثيت اتي به ان کي ڪونه هئي.
گجرات مان هن زماني جو هڪ ڪتبو احمد آباد جي ويجهو
مليو آهي. هن ڏس ۾ ايڊلجي ڏوسا ڀائي لکي ٿو:
احمد آباد گجرات کان هڪ ميل جي فاصلي تي هڪ کوهه
سلطان محمود بيگڙي جي گهر واري راڻي ٻائي هريءَ
کوٽايو هو، جنهن ۾ ڪيتريون بالڪنيون ۽ ڏاڪڻيون
وغيره پڻ هيون. هڪ بالڪني تي سنسڪرت ۾ اڪريل ڪتبو
هو، جنهن تي کوهه جي عمير جي تاريخ سومر 13 مهينو
سنبت 1556، يعني ته 1500 1499 عيسوي سال لکيل
آهي. کوهه تي اٽڪل ٽي لک ٽنڪا خرچ آيو. (13)
سمن جي دور ۾ موجوده سنڌ جي حدن اندر يعني
ننگرپارڪر لڳ ڀوڏيسر ۾ گجرات جي حاڪم محمود بيگڙي
هڪ مسجد تعمير ڪرائي هئي، جنهن جي ڊيگهه ۽ ويڪر
ٽيهه فوٽ آهي. اڏاوت جو نمونو بهترين آهي. اندر
فارسيءَ ۾ اکر لکيل آهن:
محمود شاهه بن مظفر شاهه بن غياث الدين سن
15،5ع. هيٺ گجراتيءَ ۾ سن لکيل آهي سنبت 1562 ۽
فارسيءَ ۾ لکيل آهي جيڪڏهن مسجد زخمي ٿي پوي ته
وقت جي حاڪم تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته ان کي درست
ڪرائي. (14)
ڀوڏييسر جي مسجد ۾ هيءُ ڪتبو اڃا به موجود آهي.
1992ع ۾ ٿر سيمينار مِٺي جي موقعي تي هيءُ ڪتبو
مون پاڻ ته ڏٺو هو، پر محترم غلام محمد لاکي صاحب
به ڏٺو هو.
گجرات جي حاڪمن جا ٻه ڪتبا هڪ سنسڪرت ۾ ۽ ٻيو
فارسيءَ ۾ ثابت ڪن ٿا ته گجرات ۾ عربي سرڪاري ٻولي
نه هئي، ۽ فارسيءَ کي نه صرف گهڻو مان مرتبو هو پر
سرڪاري ٻولي به فارسي هئي.
سمن جي دور ۾ سنڌ جي چوطرف فارسيءَ جو اثر رسوخ
تمام گهڻو هو.سنڌ ۾ فارسي سمن کان اڳ ئي پهچي چڪي
هئي. ڪن عالمن جي راءِ موجب سنڌ ۾ فارسيءَ جي
شروعات عربن جي اچڻ سان ٿي. محمد بن قاسم جي لشڪر
۾ ڪيترائي جٿا فارسي ڳالهائڻ وارا موجود هئا. هن
ڏس ۾ ڊاڪٽر اياز قادري لکي ٿو:
جيڪڏهن عربن سان گڏ ايران وارن به سنڌ ۾ قدم رکيو
ته ان مان اهو انومان ڪڍي سگهبو ته پارسي زبان
عربي زبان سان گڏ سنڌ جي ڌرتيءَ تي وک واڌائي هئي.
قاضي احمد ميان اختر جهونا ڳڙهي پنهنجي مضمون
سندهه کا فارسي ادب ۾ پڻ اهڙي خيال جو اظهار ڪيو
آهي. انهن ۾ ڪيترائي شيرازي به هوندا جن جي مادري
زبان پارسي هئي. ان ڪري قياس ڪري سگهجي ٿو ته
فارسي زبان ايرانين بدولت پهتي هوندي، جيڪي محمد
بن قاسم جي فوج ۾ شريڪ هئا. (15)
مولائي شيدائي لکي ٿو:
عرب جاگرافيدانن ۽ سياحن جي بيانن مان معلوم ٿئي
ٿو ته عرب دور کان وٺي سنڌ ۾ عربيءَ سان گڏ فارسي
به ماڻهن ۾ مقبول هئي. بشاري مقدسي سنڌ ۾ 985ع ۾
آيو هو. هو لکي ٿو ته فارسي زبان سنڌ
وارا سمجهن ٿا. (16)
سمن جي دور ۾ فارسي ٻوليءَجي حيثيت ۽ اهميت جي
باري ۾ مختلف عالمن ۽ اسڪالرن جا بيان تفصيل ۽
وضاحت سان ملن ٿا. هت صرف ٻه حوالا پيش خدمت آهن:
سومرن جي ڏينهن ۾ ئي فارسي سرڪاري زبان بڻجي چڪي
هئي. سمن جي ڏينهن ۾ فارسي زبان جو رواج اڃا به
وڌيو ۽ فارسيءَ ۾ تصنيف ۽ تاليف جو آغاز ٿيو. ان
دور جي ڪن فارسي شاعرن جا نالا به ملن ٿا. (17) هي
بيان ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو آهي.
ٻيو حوالو جناب ايم. ايم . پنهور صاحب جي
ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ، مان ڏجي ٿو. جناب پنهور
صاحب لکي ٿو:
Arabic probably contined to be used as official
language by Soomras, but with the advent of
Sammas, Persian was adopte as official languge.
(18)
سمن حڪمرانن کي ڌارين جي ٻولي فارسيءَ سان ذرو به
نفرت هجي ها ته رد عمل طور محبت پنهنجي ٻولي
سنڌيءَ سان ڪن ها، پر ائين نه ٿيو آهي. سنڌي
ٻوليءَ جي ڪابه همت افزائي سمن جي دور ۾ سرڪاري
سطح تي ڪانه ٿي آهي. لاکو صاحب به تسليم ڪري ٿو.
پاڻ مضمون ۾ لکي ٿو ته ويچار صرف ان ڳالهه جو آهي
ته سمن ڄامن، جيڪي نج نبار سنڌي نسل جا هئا، انهن
پڻ پنهنجي مادري ٻوليءَ جي ترقي واڌاري ۾ ڪابه
دلچسپي نه ورتي (صفحو 53) پوءِ به سمن جي دور ۾
سنڌي ادب ۾ گهڻو واڌارو آيو، ڇاڪاڻ ته هن دور ۾
ڪافي تعداد ۾ شاعرن جو ڪلام ملي ٿو، جن مان مخدوم
احمد ڀٽي، حماد جمالي، نوح هوٿياڻي، اسحاق آهنگر ۽
شيخ پراڙ ته نهايت نامور شاعر ٿي گذريا آهن. هن
دور ۾ ڪلام جو جيڪو وڏي ۾ وڏو ذخيرو مليو آهي سو
آهي قاضي قادن جو، جنهن کي لاکو صاحب سمن جي دور
جو نه پر ارغون دور جو شاعر سڏي ٿو. قاضي قادن جي
جنم ۽ وفات جا سن نامور محقق هيري ٺڪر مطابق هي
آهن:
جنم 1463 ع ۽ وفات 1551ع. سمن جي سلطنت جي خاتمي
جو سن آهي. 152ع. يعي ته 152ع ۾ قاضي قادن 57 سالن
جو هو. قاضي قادن پنهنجي زندگيءَ جا 57 سال سمن جي
دور ۾ گذاريا ۽ آخري ايڪٽيهه سال ارغون دور حڪومت
۾ گذاريا. ڇا قاضي قادرن 57 سالن جي عمر کانپوءِ
شعر چوڻ شروع ڪيو؟ ائين به نه هوندو ته قاضي قادن
57 سالن جي عمر کانپوءِ شعر چوڻ ئي ڇڏي ڏنو هوندو،
تنهن ڪري قاضي قادن کي سمن جي آخري دور ۽ ارغونن
جي شروع واري دور جو شاعر تصور ڪرڻ درست آهي.
بهرحال سنڌي ٻوليءَ ۾ معياري شعر سرجڻ واري دور ۾
سمن ڄامن سنڌي ٻوليءَ جي ڪابه پذيرائي ڪانه ڪئي.
سنڌ ۾ فارسي شاعري:
سنڌ ۾ فارسي شاعري سمن جي حڪومت کان به اڳ شروع ٿي
چڪي هئي. ڊاڪٽر سدارنگاڻي لکي ٿو:
علي بن حامد ڪوفي ڪتاب منهاج الدين و ملک جو
فارسي ترجمو ڪيو، جيڪو چچنامي جي نالي سان عام
مشهور آهي. هن ڪتاب ۾ پنهنجا فارسي شعر به ڏنائين،
جيڪي ناصر الدين قباچه (وفات 1228ع) جي تعريف ۾
چيل آهن. هڪ شعر هي آهي:
خسروا ملک پر تو خرم باد
کل گيتي ترا مسلم باد
سدارنگاڻيءَ جي خيال ۾ علي ڪوفي فارسيءَ جو پختو
شاعر هو ۽ سنڌ ۾ فارسي شاعريءَ جو پايو وجهندڙ
هو. (19)
سمن جي دور ۾ فارسيءَ ۾ شاعري
ڪندڙن حضرت عثمان مروندي کان علاوه شيخ حماد
جمالي، شيخ عيسيٰ برهانپوري، ڄام نظام الدين،
مخدوم بلال، ڄام جوڻو وغيره لاءِ سدارنگاڻي لکي ٿو:
It is hard to believe that the people to whom persion was an
alien tongue could have at once begun with such
a sure mastery of the rules of presion prosody,
as the above pieces reveal. However in the
absence of any clear data we regard these as the
earliest known specimens of persion poetry
written in Sindh, and assume that they mark the
first stage in the periodic development of
Persion poetry in Sindh.(20)
ڄام جوڻو، جيڪو سمن جي شروعاتي دور جو حڪمران هو،
تاريخ فيروز شاهيءَ ۾ سندس فارسي شعر جي هڪ سٽ
ڏنل آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن فيروز شاهه
تغلق جي درٻار ۾ معافي گهرندي چئي هئي. سٽ هن طرح
آهي:
شاهه بخشنده توئي، بندهء شرمنده منم.
سمن جي دور جو شاعر شيخ حماد جمالي، سمن جي پهرين
تخت گاهه ساموئيءَ جو رهاڪو هو. هو هڪ وڏو عالم ۽
درويش هو. هن فارسيءَ ۾ شاعري ڪئي. هرومل
سدارنگاڻيءَ مقالات الشعراء جي حوالي سان سندس هڪ
رباعي ڏني آهي:
دوگرزک
بوريا و پوستکي دلکي پرز درد دوستکي
اينقدر بس بود جمالي را عاشق رند ولا اُبالي را
مقالات الشعراءَ ۾ شيخ عيسيٰ لنگوٽي جي پڻ هڪ رباعي ڏنل آهي:
قيد باشد حکيم! در ره دوست دوگزک بوريا و پوستکي.
گر تو آزادهء بس است ترا دلکي پرز درد دوستکي.
سمن جي دور جي فارسي شاعريءَ کي بيحد پڪي پختي
شاعري ڪري مڃيو وڃي ٿو. سدارنگاڻي لکي ٿو:
سمن جي دور جي فارسي شعر جي مذڪوره حصن کي غور سان
مطالعو ڪرڻ سان پتو پوي ٿو ته ڄام جوڻي جي سٽ بحر
رمل مخبون ۽ شيخ حماد ۽ شيخ عيسيٰ
جا
بند بحر خفيف ۾ چيل آهن، جڏهن ته ڄام نندي ۽ مخدوم
بلال جو ڪلام رباعين تي مشتمل آهي. (21).
مولانا اثير الدين ابهري جو الد مخدوم عبدالعزيز
ابهري هروي سمن جي دور ۾ 918هه ۾ سنڌ ۾ آيو هو.
اثير الدين فارسيءَ جو پختو شاعر نظر اچي ٿو. هن
جو هڪ فارسي قصيدو ڄام فيروز جي شان ۾ چيل تاريخ
جي ورقن ۾ محفوظ آهي. هن قصيدي جي باري ۾ جناب
غلام محمد لاکو لکي ٿو:
ڄام فيروز ۽ ڄام صلاح الدين جي وچ ۾ لڳل جنگ ۾
حالانڪه صلاح الدين سوڀارو ٿيو، ليڪن اٽڪل ۽ حرفت
سان دريا خان ناڪاميءَ کي فتح ۾ تبديل ڪيو. ان ريت
صلاح الدين ٺٽي مان نڪري گجرات هليو ويو. دريا خان
شهر تي قبضو ڪيو ۽ ڄام فيروز عيد ڏينهن فاتحانه
انداز ۾ ٺٽي ۾ داخل ٿيو. هن ڪاميابي ۽ حاصلات جي
خوشيءَ ۾ هڪ جشن ملهايو ويو. ان نسبت سان اثير
الدين ابهري ڄام فيروز جي شان ۾ هڪ قصيدو چيو:
از آن آسمانست فيروزه رنگ
کھ نقش
نگين تو داده بچنگ
شب و روز گردد بغيروزيت
تو فيروز شاهي و بهروزيت
همي خواهدز کردگار جليل
کھ باشي تو اندر جهان بيعدل. (22)
سمن جي زماني ۾ فارسي شاعريءَ جي باري ۾ مٿيون
احوال ناقابل ترديد ثبوت آهي ۽ سمن جي دربار ۾
فارسي شاعريءَ کي رسائي حاصل هئي. فارسيءَ ۾ قصيدا
به پڙهيا ويندا هئا. ٻاهرين حاڪمن سان لکپڙهه جو
رڪارڊ به فارسيءَ ۾ رکيو ويندو هو، جنهن جي آڌار
تي بنا ڪنهن شڪ شبهي جي چئي سگهجي ٿو ته سمن جي
دور حڪومت ۾ فارسي کي سرڪاري حيثيت حاصل هئي.
4- سڪا:
غلام محمد لاکي صاحب عربي ٻوليءَ جو سرڪاري ٻولي
هجڻ لاءِ هڪ دليل هيءُ به ڏنو آهي ته سمن جي جاري
ڪيل سڪن تي عربي رسم الخط تحرير ڪيل آهي. (صفحو
50) هن دليل لاءِ عبدالله ورياهه صاحب جي مقالي
سنڌ ۾ سمن جي دور جا سڪا مان حوالو ڏنو ويو آهي.
سمن جي دور سان واسطو رکندڙ اٽڪل ٽيهارو سڪن جو
تفصيلي اڀياس جناب عبدالله ورياهه پنهنجي مقالي ۾
ڏنو آهي. ٽيهن سڪن تي ڄامن حاڪمن جا صرف نالا عربي
رسم الخط ۾ آهن. سڪن تي نه سن لکيل آهي ۽ نه
ضربخاني جي شهر جو نالو لکيل آهي. هڪ سڪي تي اکر
به ابتا لکيل آهن. عبدالله ورياهه صاحب جي راءِ ۾
سمن حاڪمن کي سڪو رائج ڪرڻ ۾ ڪابه دلچسپي ڪانه
هئي. مذڪوره ٽامي جا ٽي سڪا به ڪنهن امير سمن جي
پاران جاري ڪيا ٿا ڏسجن. سمن جي دور جي 27 کن ٻين
سڪن جي باري ۾ عبدالله ورياهه صاحب ٻڌائي ٿو ته
سمن جي دور ۾ دهلي، گولڪنڊي ۽ گجرات جا تيموري سڪا
رائج هئا، جن ۾ اڪثر سڪن تي عربي ۽ فارسيءَ ۾
بادشاهن جا نالا سن سال وغيره لکيل آهن. هي سڪا
سون، چاندي ۽ ٽامي جا ٺهيل آهن ۽ ساري سنڌ ۾ رائج
هئا.(23)
فقط ٽن سڪن تي عربي رسم الخط ۾ حاڪمن جا رڳو نالا
ئي ملن ٿا. ننڍي کنڊ ۾ هڪ وڏي عرصي کان عربي توڙي
فارسي جا رسم الخط، نسخ توڙي نستعليق نهايت ئي
مقبول رهيا آهن. صرف عربي رسم الخط وارا چند سڪا
ملڻ هڪ اهڙو اڻپورو ۽ اڌورو ثبوت آهي، جنهن جي
آڌار تي لاکو صاحب عربي ٻوليءَ کي سمن جي سرڪاري
ٻولي قرار ڏئي ٿو، ٻئي طرف سون چاندي ۽ ٽامي جي
اڪيچار سڪن کي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو، جن تي
فارسيءَ ۾ عبارتون تحرير ٿيل آهن ۽ اهڙا سڪا سنڌ ۾
عام جام رائج هئا.
سمن جي دور ۾ جتي فارسي هڪ اهم ٻولي سرڪاري زبان
هئي. اُتي عربي ٻوليءَ کي مذهبي ٻولي طور وڏي
اهميت ۽ حيثيت حاصل هئي، مدرسن ۾ عربي پڙهائي
ويندي هئي. ان اهميت جي پيش نظر عربيءَ ۾ تصنيف و
تاليف ۽ قبرن ۽ مقبرن تي عربيءَ جو وجود نظر اچي
ٿو. عربي ٻولي ساڳي ريت سمن کانپوءِ به هر دور ۾
ويندي اڄ تائين به، سنڌ ۾ سنڌ واسين جي حياتيءَ ۾
بيحد اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، پر تنهن هوندي به سمن
جي دور کان وٺي اڄ تائين ڪنهن دور حڪومت ۾ عربي
ٻولي سرڪاري، درٻاري ۽ دفتري ٻوليءَ جي حيثيت ۾ نه
رهي آهي.
حوالا
1- غلام محمد لاکو:
(مضمون) سمن جي دور جي علمي ۽ سرڪاري ٻولي.
مهراڻ 2/1995ع. ص 54
2- مير علي شير قانع /حسام الدين راشدي:
مڪلي نامه 1967ع. ص 176
3-
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ:
سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ ٽيون ايڊيشن 1990ع. ص
126- 167
4-مير علي شيخ قانع/حسام الدين راشدي:
مڪلي نامه 1967ع. ص 172
5-
Sadarangani, H.I: Persian Poets of Sindh 1987
p12.
6- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ 1990ع
ص 172
7- پير حسام الدين راشدي:
مڪلي نامه 1967ع. ص 52
8- پير حسام الدين راشدي:
مڪلي نامه 1967ع. ص 80
9- غلام محمد لاکو:
سمن جي سلطنت 1987ع. ص 5
10- ڊاڪٽر غلام علي الانا:
سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس 1987ع ص 332- 333
11- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ:
سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ 1990ع ص 172- 173
12- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ:
سنڌي ٻولي ۽ ادبجي تاريخ 1990ع. ص 174
13-
Edalji Dosabhai:A History of Gujrat 1986 p95
14- منگهارام اوجها:
پراڻو پارڪر 1966ع. ص 80
15- ڊاڪٽر اياز قادري:
سنڌي غزل جي اوسر ڀاڱو پهريون 1983ع.ص 29- 30
16- مولائي شيدائي:
جنت السنڌ، 1958ع ص 211
17- ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي:
سنڌي ادب جو تاريخي جائزو، ٻيو ڇاپو 1974ع. ص
31- 32
18-
M.H Panhwar. Chronological Dictionary of Sind
1983 p 358
19-
Sadarangani.H,I: Persian Poets of Sindh 1987.
P 6.
20-
Sadarangani.H I Ibid Pxii
21-
Sadarangani H. I. Ibid p13
22- غلام محمد لاکو:
سمن جي سلطنت 1987ع، ص 38
23- عبدالله ورياهه:
(مضمون) سنڌ ۾ سمن جي دور جا سڪا ۽ انهن جي تاريخي
اهميت، سنڌي ادب 1980ع. ص 187- 200
(مهراڻ 4/1995 |