سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا جلد-11

باب: --

صفحو :21

مٿي ڄاڻايل سڀني زمانن جو تقابلي مطالعو پيش ڪجي ٿو:

مضارع مان ٺهندڙ زمان

زمان     فعل جو ڌاتو‎‎+               ضميري پڇاڙي   +زمان جي نشاني جملن ۾ مثال

مضارع        لِک +         آن يا اون               -       مان/آءٌ لکان:اسين لکون

حال      لِک +            آن يا اون          ٿو/ٿا    مان/آءٌ لکان ٿو: اسين لکون ٿا

حال استمراري    “         “                  پيو/پيا  مان/آءٌ لکان پيو:اسين لکون پيا

ماضي شرطيه  “       “               ها      مان/آءٌ لکان ها: اسين لکون ها.

اسم حاليه مان ٺهندڙ زمان        زمان            فعل جو ڌاتو+    اسم  حاليه  جي  +               نشاني ضميري پڇاڙي جملن ۾ مثال

حال مدامي                لک+      اَند     او+مددي فعل مان/آءٌ لکندو آهيان.

ماضي مدامي لک+  اند+   او هوس                مان /آءٌ لکندو هوس.

        اند+   هئاسين

مستقبل               لک+  اند+   س/م  اسين لکندا هئاسين/هئاسون

مستقبل استمراري          لک+    اند+     او+اوس/اُس       مان/آءٌ لکندس پيو/لکندم پيو

+      آسين/آسون           اسين لکنداسين پيا/لکنداسون پيا

حال متشڪي لک+  اند+   او+هوندس     مان لکندو هوندس

                                        اسين لکندا هونداسين

اسم مفعول مان ٺهندڙ زمان

زمان     فعل جو ڌاتو+ اسم مفعول جي علامت+ ضميري پڇاڙي         جملن ۾ مثال

ماضي مطلق لک+             يو+            س/م  مون لکيو/لکيم

                                                                                                آءٌ آيس اسان لکيو/اسين آياسين

ماضي قريب لک+     يو+    مدد فعل آهي  مون لکيو آهي/اسان لکيو آهي

ماضي بعيد    لک+   يو+    هو مدد فعل آهي مون لکيو هو/اسان لکيو هو

ماضي استمراري  لک+    يو+      مددي فعل پئي مون لکيو پئي/اسان لکيو پئي

ماضي متشڪي        لک+   يو+    هوندو   مون لکيو هوندو/اسان لکيو هوندو

ماضي بعيد   لک+  يو+    پئي هو        مون پئي لکيو هو

استمراري     

ماضي قريب استمراري لک+ يو+    پئي آهي      مون پئي لکيو آهي

18 . صفحي 221، 222 ۽ 223 تي ضمير غائب واحد ۽ جمع جا زمان مستقبل ۾ ڦيري جا مثال ڏيئي، محترم ٻرڙو لکي ٿو:

”مٿي ڏنل فعلي ڦيري ۾  ”لکندس“، ”لکنديس“، لکندين ”لکندينءِ“، ”لکنداسين“ ۽ ”لکنديوسين“ ۽ ”لکندوءِ“ فعلي صورتون پاڻ مان ضميري پڇاڙيون ڳنڍيل رکن ٿيون. انهن ضميري پڇاڙين موجب، سندن بيهڪ ڏاڍي گهٽ- وڌ ٿي پيئي آهي ۽ اسان کي انتهائي غلط مفهوم دماغ ۾ ويهاريو پيو وڃي“ (ص 221).

منهنجي خيال ۾ ٻرڙي صاحب جي ذهن تي اهو تاثر ويهجي ويو آهي ته:

”اسين توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچنداسون“

جملي ۾ ”پهچنداسون“ فعل ۾، ”-سون“، ضميري پڇاڙيءَ جو استعمال غلط آهي ۽ سندس (ٻرڙي صاحب) راءِ ۾ هي جملو هن طرح ڳالهائجي ها:

اسين توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچندا

يا

توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچنداسين/سون

ان ڪري هُو (ٻرڙي صاحب) هن جملي ۾ ”پهچندا“ فعل جي ڦيري جي آڌار تي هيئن ٿو لکي:

”پر ڀاڳ ڀلا آهن ”هي لکندو“، ”هيءَ لکندي“، ”هي لکندا“، ”هي لکنديون“، جا، جو، اهي باقاعدي اصولي شڪل وارو فعل رکن ٿا، حقيقت اها آهي ته ضمير غائب جي هر صورت سان واريسر جيڪا به ضميري پڇاڙي ملي ٿي اُن جو آواز فعل جي صورت (صيغي) ۾ ئي جذب/ حذف ٿي وڃي ٿو. جيستائين تعلق آهي ”توهين لکنديون“ جو، اها ڀُل چُڪ ۾ به ان ئي شڪل ۾ رهڻي آهي ڇو ته اها ئي ان جي فعلي صورت آهي ۽ اها ئي ضميري پڇاڙيءَ واري صورت آهي“ (ص 222).

ماهرن جي راءِ موجب:

”ٻولي هڪ تنظيم آهي. ٻولي انسان ذات سان گڏ وجود ۾ آيل آوازي نشانين ۽ علامتن جو هڪ اهڙو سرشتو آهي؛ هڪ اهڙو نظام آهي، هڪ اهڙي تنظيم ۽ عمل آهي، جنهن جي مدد سان هڪ سماجي گروهه جا ماڻهو هڪ ٻئي سان وهنوار رکن ٿا، تعلق رکن ٿا ۽ هڪ ٻئي کي سمجهن ٿا.“(1)·

يعني ڪنهن به سماجي گروهه ۾ هڪ ٻئي سان تعاون لاءِ انسان ذات جي وات مان نڪتل آوازن جي سرشتي کي ٻولي سڏجي ٿو، هن ڏس ۾ آمريڪي ماهرن بلاڪ ۽ ٽريگر (Block and Trager) جو رايو آهي ته:

”ٻولي صوتين، آوازي نشانين، اهڃاڻن ۽ علامتن جي هڪ اهڙي تنظيم آهي، هڪ اهڙو سٽاءُ آهي، هڪ اهڙو سرشتو آهي، جنهن جي مدد سان سماجي گروهه هڪ ٻئي سان وهنوار ۽ تعلق رکن ٿا.“ (2).·

جيئن هيءَ ساري ڪائنات ۽ اُن جو نظام هڪ فطرتي عمل آهي، جيئن سج جو اُڀرڻ ۽ لهڻ، موسمن جو ڦر ۽ بدلجڻ، فصلن جو پوکجڻ ۽ لهڻ، جيئن برسات جو وسڻ ۽ هوائن جو لڳڻ، هڪ فطرتي عمل آهي ۽ جيئن هر فطرتي عمل ۾ قدرت ڪارفرما آهي، تيئن ٻولي به هڪ فطرتي عمل آهي. قدرتي نظام آهي. هڪ تنظيم آهي، جنهن ۾ جيئن آوازن جي اُچارڻ ۽ لفظن جي جُڙڻ ۾ صوتياتي سٽاءُ، سرشتي ۽ تنظيم جو واسطو آهي، تيئن وري فقرن ۽ جملن ۾ لفظن جي بيهڪ ۽ انهن ۾ ڦير ڦار جملي ۾ لاهه ۽ چاڙهه، لفظن جي ڦيرن، گردانن ۽ صيغن ۾ وياڪرڻي جوڙجڪ، سرشتي، سٽاءَ، ترتيب ۽ تنظيم جو دخل آهي. ٻوليءَ جي علم جا اُهي سڀ شعبا ڪنهن فطرتي ۽ قدرتي نظام ۽ تنظيم جي اصولن موجب عمل ڪن ٿا. اهي سڀ حصا ڪنهن نظام موجب جڙيل آهن، جنهن ۾ ٺاهڻ ۾ ڪنهن به انسان جو واسطو نه رهيو آهي.

مطلب ته ٻولي بقاعده آوازن جو هڪ سرشتو آهي، جنهن موجب انسان لاشعوري طور ڳالهائي ٿو يا لکي ٿو. هُو جنهن وقت به ڳالهائي ٿو يا لکي ٿو، تنهن وقت اهو هرگز نٿو سوچي ته فاعل پهرين رکي يا فعل پهرين ڳالهائي هو ائين اصل نٿو سوچي ته صفت ڪٿي ڪم آڻي، حرف جر ڪيئن استعمال ڪري، هُو ٻوليءَ جو اهو سڄو سرشتو، پنهنجي گهر ۾، پنهنجي پاڙي ۾، پنهنجي ماحول ۽ معاشري ۾ ننڍي هوندي کان خودبخود سکندو ويندو آهي؛ کيس ڪو به ڪونه ٿو ٻڌائي ته هي لفظ هن هنڌ ڪم آڻ، البت هر ماڻهوءَ جي سوچ جي گنجائش پنهنجي پنهنجي آهي. ڪن جي سوچ سمنڊ وانگر اٿاهه  ۽ اونهي هوندي آهي ته ڪن جي سطحي، ڪن وٽ لفظن جي کوٽ هوندي آهي ته ڪي وري لغت جي کاڻ هوندا آهن. انهن سڀني ڳالهين جو واسطو ٻوليءَ جي سٽاءِ ۽ سرشتي سان ڪو نه هوندو آهي.(1).·

ڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته وياڪرڻ يا گرامر جا قاعدا ۽ قانون پهرين ٺهيا ۽ ٻوليون پوءِ ٺهيون، هن ڏس ۾ محترم امداد حسيني فرمائي ٿو:

”اها ته هڪ مڃيل ڳالهه آهي ته ٻولي پهرين ٺهي ۽ گرامر پوءِ (2)؛ يا ڪي ائين سمجهن ٿا ته ڪنهن به ٻوليءَ جي صوتياتي يا وياڪرڻي سرشتي يا سٽاءُ کي پنهنجيءَ مرضيءَ موجب ڦيرائي يا تبديل ڪري سگهجي ٿو، اهو ممڪن نه آهي. اهو غلط قدم ٿيندو. اها سوچ غلط آهي. هر ٻولي جو سٽاءَ، پوءِ چاهي اهو صوتياتي هجي يا وياڪرڻي، هڪ قدرتي عمل ۽ ڪارنامو آهي جيڪو ٻوليءَ جي وجود سان گڏ وجود ۾ آيو.“ (3).

مون مٿي عرض ڪيو آهي ته ٻولي هڪ فطرتي نظام تحت جُڙي آهي. انهيءَ نظام يا تنظيم تحت هر ٻوليءَ جو پنهنجو پنهنجو مزاج ۽ پنهنجو پنهجو صرفيائي ۽ نحوي سانچو جڙيو آهي. انهيءَ اصول ۽ سوچ جي آڌار تي ٻوليءَ جو ڪوبه ڄاڻو، ٻرڙي صاحب جي مٿينءَ راءِ سان اتفاق نه ڪندو ته:

”توهين لکنديون“. جملي ۾ ”لکنديون“ فعل جي شڪل ”ڀُل چُڪ ۾ اها ئي رهڻي آهي.“

محترم ٻرڙا صاحب ! پهرين ته اها ڀُل چُڪ اوهان جي سمجهه جي آهي. ڀلا کڻي قبول به ڪريون ته فعل جي اها شڪل ڀُل چُڪ ۾ اهائي رهڻي آهي ته پوءِ ٻڌايو ته اها ڀُل چُڪ ڪنهن ڪئي؟ ڇا قدرت جي نظام ۾ به ڪا ڀُل چُڪ ٿي سگهي ٿي؟

جيئن مٿي عرض ڪيو اٿم ته ڪي زمان، اسم حاليه مان ٺهن ٿا، انهن زمانن ۾ زمان مستقبل به اچي وڃي ٿو.

اسم حاليه مان زمان مستقبل جيئن ٺهي ٿو. اُن جا مثال هيٺ ڏجن ٿا:

ضمير خالص فعل جو ڌاتو اسم حاليه جي علامت ضميري پڇاڙي   زمان جي ڦيري جا مثال

مان      لک-    -اند -    - اوس/س/-م   مان لکندوس/مان لکندس/لکندم

اسين   لک-   -اند-   آسي/آسين/آسون/يوسين اسين لکنداسي/اسين لکنداسين

تون    لک-   -اند-                   -اين/اينءَ      تون لکندين

توهين  لک-   -اند-                   آ/يون  توهين لکندا

هُو      لک-   -اند-           او/اِي           هُو لکندو/لکندي

اُهي    لک-   -اند-           آ/يون          اُهي لکندا لکنديون

هنن مثالن مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته فاعل طور ڪم ايندڙ ضمير خالص سان فعل جي آخر ۾ مذڪر ۽ مونث جي ڦيري لاءِ ڌار ڌار ۽ ضميري پڇاڙيون ملائجن ٿيون. ضمير حاضر جي مثالن ۾، ”تون لکندين“ يا ”تون لکندينءَ، ”توهين لکندا“، يا ”توهين لکنديون“، ضمير غائب جي حالت ۾ ”هُو لکندو“ يا ”هُوءَ لکندي“ ۾ ضميري پڇاڙيون موجود آهن، تنهن ڪري اهو بلڪل صحيح نه آهي ته ”هي لکندا“ ۽ ”هي لکنديون“ مثال ۾ ضميري پڇاڙي حذف يا جذب ٿي ويئي آهي، پر سنڌي ٻوليءَ جا اهڙا ڪيترائي مثال موجود آهن جن ۾ ساڳي ضميري پڇاڙي ڌار ڌار ضمير لاءِ ڌار ڌار ڪارج ادا ڪري ٿي؛ جيئن ته:

توهين لکنديون                هُو لکنديون

انهن ٻنهي مثالن ۾ ”-يون“ پڇاڙي ڪم آئي آهي.

ٻرڙو صاحب صفحي 238 تي لکي ٿو:

”اسان جا لکيل پڙهيل ۽ عالم جڏهن ”آيس“ ۽ لکندس“ جهڙا لفظ ڪم آڻين، تڏهن گهٽ ۾ گهٽ پاڻ کان هڪ سوال ضرور پڇن: ڇا/ ڪهڙو سبب آهي جو فعل جي آخر ۾ ”-اس“ ڳنڍي لکان ٿو. بنا ”-اس“ ڳنڍڻ جي ڇو نٿو لکان؟

اهڙيءَ طرح:

”آيس“ ۽ ”ايندس“ جملن ۾ ”-س“ ضميري پڇاڙيءَ جو ڪارج ”آيس“ فعل زمان ماضيءَ ۾ ڪم آيو آهي، جڏهن ته ”ايندس“ فعل جو ڦيرو زمان مستقبل ۾ آهي پر ”س“ پڇاڙي ضمير متڪلم واحد طور ڪم آئي آهي. ساڳيءَ طرح ”ڪيم“ ۽ ”ڪندس“ مثالن ۾ ”م“ ۽ ”س“ پڇاڙيون ضمير متڪلم واحد مذڪر طور ڪم آيون آهن.

19. مٿي ڏنل مثالن جي سلسلي ۾ اهو عرض آهي ته ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“ ڪتاب ۾ صفحي 131 کان 155 تائين علم صرف واري باب ۾ اڳياڙين ۽ پڇاڙين جي سلسلي ۾ واسطيدار ڌاتن يا گروهن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح علم نحو واري باب ۾ فاعل، مفعول ۽ فعلن جي ڦيرن، گردانن، متصل ۽ منفصل ضميرن جي باري ۾ تفصيل سان ذڪر ڪيو ويو آهي. مذڪوره ڪتاب ۾ جملن ۾ فعال ۽ فعلن جي گردانن ۽ ڦيرن جي سمجهڻ لاءِ فاعل سان، زمان مطابق مناسب فعل جي ڦيرن ۽ مخصوص ضميري پڇاڙين جي ملائڻ يا گڏجڻ جا مثال پڻ ڏنا ويا آهن. انهن مثالن جي آڌار تي اهو چئي سگهجي ٿو ته ٻوليءَ جو هر ڳالهائيندڙ، لاشعوري طور، صحيح ۽ مناسب اڳياڙي ۽ پڇاڙي، واسطيدار فاعل يا مفعول سان، گهربل/ واسطيدار فعل  زمان مطابق ڪم آڻيندو آهي ۽ گهربل ضميري پڇاڙيون ملائيندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهل زبان هجڻ جي ڪري، هن کي فطرتي طور ٻوليءَ جي تنظيم، جملن اندر لفظن جي بيهڪ ۽ جي انتخاب ۽ جملي اندر لفظن جي سٽاءَ ۽ ڍار (Intonation) جي مدد سان لفظن جي بيهڪ ۽ سٽاءُ جي ڄاڻ هوندي آهي. ان لحاظ سان قاضي قادن جي اڳ ۾ بيان ڪيل بيت:

جوڳيءَ جاڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾،

تهان پوءِ ٿيوس، سندين پريان پيچري.

۾ ”جاڳايوس“، ”هوس“، ”ٿيوس“، فعلن ۾ ”س“ پڇاڙي جي استعمال کي ڪير غلط قرار ڏيندو؟

ٻرڙي صاحب مٿئين صفحي (223) تي ڏنل پنهنجيءَ راءِ کي اڳتي هلي صفحي 24 تي پاڻ ئي رد ڪيو آهي.

مٿي ڄاڻايل ٻنهي صفحن (صفحو 223  ۽ صفحو 24) تان ٻرڙي صاحب جا رايا هُوبهو نقل ڪري هيٺ ڏجن ٿا:

ضمير متڪلم: اسان خط/چٺي لکندا   اسان خط/چٺيون لکندا.

ضمير حاضر:  توهان خط / چٺي لکندا.      توهان خط / چٺيون لکندا.

ضمير غائب:  هي/هو خط/چٺي لکندا.      هي/هو خط/چٺيون لکندا.

اهو مذڪر فاعل جي ڦيري جو مثال آهي.

ٻرڙي صاحب هنن مثالن ڏيڻ کانپوءِ ساڳئي صفحي (223) تي لکي ٿو:

”ڇا مٿي ڏنل سڄي ڳالهه ٻولهه ۽ ان ڪري فعلي بناوت، تبديلي ۽ ڦيري ۾ هڪ باقاعدگي ۽ اصولي شڪل نظر نٿي اچي. پوءِ مروج فعلي ڦيري (زمان مستقبل) ۾ ”لکندس“، ”لکنديس“ وغيره ڪٿان آڻي ٽنبيو ۽ ٻوليءَ ۾ وياڪرڻي قاعدي کي بگاڙيو ويو آهي“(ص 223).

سنڌي ٻوليءَ جي هر هڪ ڳالهائيندڙ کي اهو معلوم آهي ته ضمير متڪلم واحد، مذڪر يا ضمير متڪلم  جمع مذڪر جي حالت ۾

مان خط/چٺي لکندو.

مان خط/چٺي لکندي.

جهڙا جملا ڪو به سنڌي ۽ اهل زبان هرگز ڪونه ڳالهائيندو يا لکندو؛ يقينن اهي ۽ اهڙا جملا يا ته ڪو گجراتي ماڻهو، سنڌي ڳالهائيندي ڪم آڻيندو يا ڪو کيرٿر جبلن تان سياري ۾ هيٺ لهي ايندڙ بروهي ڳالهائيندو، پر مون کي يقين آهي ته ڪو به سنڌي اهل زبان اهي جملا ائين هر گز ڪونه ڳالهائيندو.

ٻرڙي صاحب پنهنجي مذڪوره راءِ کي صفحي 239 ۽ 240 تي جن جملن ۾ رد ڪيو آهي. اهي جملا هو بهو ڏجن ٿا:

”مهربان دوستن بحث مباحثو ڪندي ان ڳالهه کي مڃيو ۽ ڪجهه دوستن ائين چيو ته اها ڳالهه درست آهي..... :

”مان آيس يا مان آيم“،

”مان لکندس يا مان لکندم“ ۽

”مان لکان ٿو يا اسان لکون ٿا“.

جهڙا جملا به هروڀرو ڪي غلط نه آهن. اها ڪجهه ٻولين جي خصوصيت هوندي آهي ته اهي پاڻ ڪي اهڙا طور طريقا رکنديون آهن، جن کي سندن گرامر جي ٺوس اصولن پٽاندر/بيان/ثابت نٿو ڪري سگهجي. سنڌي ٻوليءَ ۾ به اهڙيون خصوصيتون آهن، جن مان هڪ ضمير يعني فاعل کي ٻه ڀيرا ورجائڻ آهي. ائين چوڻ جي ڪري جملي ۾ هڪ قسم جو زور، شدت، اسٽريس (Stress)  ۽ گهرائي پيدا ٿئي ٿو“ (ص ص 239- 240).

انهيءَ وضاحت کانپوءِ ٻرڙي صاحب پنهنجي انهيءَ بيان تان هن طرح هٿ کنيو آهي:

”اها، هڪ غلط ڳالهه کي، هڪ صحيح ڳالهه وسيلي صحيح ثابت ڪرڻ جي هڪ ناجائز ڪوشش سڏي سگهجي ٿي، جيڪڏهن ڪجهه خاص حالتن ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ، ڪجهه خاص معاملن ۾ جنگ ڪرڻ جائز هجي ته ڇا، هر ڳالهه ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ هر معاملي ۾ جنگ ڪرڻ جائز ٿي پيو ڇا؟ اسان وٽ ته زمان حالت جو هر جملو ساڳيو فاعل ٻه ڀيرا آڻي لکيو وڃي ٿو“ (ص 24).

ٻرڙي صاحب جي انهيءَ راءِ کي به هرگز قبول نٿو ڪري سگهجي، جنهن ۾ هُو لکي ٿو:

”ضمير متڪلم بدران ”-اس“ ضميري پڇاڙي ڪم آڻڻ منهنجي نظر ۾ غلط آهي، تنهنڪري اُن کي هتي ڄاڻايل بحث هيٺ آڻڻ بيڪار آهي“ (ص. 24)

مون اڳ ۾ عرض ڪيو آهي ته سنڌي ٻولي ٻين ٻولين وانگر هڪ فطرتي تنظيم آهي ۽ فطرتي اصولن موجب جڙيل آهي. هن جا صرفي ۽ نحوي اصول ۽ قانون، هن جو مزاج، فطرت طرفان جوڙيل آهن. انهن اصولن تحت ”مان آيس“  ۽ ”مان ايندس“ جملن ۾ ، زمان ماضي ۽ زمان مستقبل ۾ فاعل ”مان“ (ضمير متڪلم) جي صحيح گردارن /ڦيري لاءِ فعل جي ڌاتوءَ جي پويان، ٻنهي زمانن جي حالت ۾ ساڳي ضميري پڇاڙي ”-س“ يا ”-م“ ملائي ويندي آهي؛ جيئن:

”مان آيس/مان آيم“ ۽ ”مان ايندس/مان ايندم“ هر لحاظ کان ۽ هر حالت ۾، سنڌي ٻوليءَ جي نحوي اصولن موجب، صحيح آهي. سنڌي ڳالهائيندڙ اصل زبان لاشعوري طور ”-س“ ۽ ”-م“ ضميري پڇاڙيون فعل جي ڌاتوءَ سان، ٻنهي زمانن جي حالت ۾ ضرور ملائيندو آهي.

20. ٻرڙي صاحب برصغير جي هڪ وڏي شاعر ۽ سنڌي ٻوليءَ جي وڏي ڄاڻو محترم شيخ اياز جي ڪتاب  ”ساهيوال جيل جي ڊائريءَ“ مان صفحي 23 ۽ 27 جا مثال ڏيئي لکي ٿو:

”اڱڻ ۾ آيس، آڏو ”مان“ ڏيڻ سان، يا ”کوليءَ ۾ موٽي آيس“، آڏو، ”مان“ ڏيڻ سان، ڇا هتي جملي ۾ زور شدت، اسٽريس، گهرائي پيدا ڪئي ويئي؟ ڇا هنن جملن ۾ شدت پيدا ڪرڻ جي ڪا گهرج آهي به، ۽ ڇا شاعر شعوري طور ڄاڻي ٿو ته ”مان“ ڪم آڻڻ جي ڪري هُو پنهنجي جملي ۾ شدت پيدا ڪري رهيو آهي؟“

منهنجي خيال ۾ ”مان“ فاعل سان، فعل لازمي ”آيو“ جي پويان زمان ماضيءَ جي حالت ۾ ”س“ پڇاڙي استعمال ڪري، ”مان آيس“ يا ”مان اڱڻ ۾ آيس“ جملو ڳالهائڻ يا لکڻ ۾ شيخ اياز جهڙي ماهر ڪابه غلطي ڪانه ڪئي آهي. افسوس هن ڳالهه جو آهي ته تنقيد خاطر شيخ اياز جهڙي سنڌي زبان جي وڏي ڄاڻوءَ جي ٻوليءَ کي غلط ٺهرائڻ ۽ هيئن چوڻ ته:

”ضمير متڪلم بدران ”-س“ ضميري پڇاڙي ڪم آڻڻ منهنجي نظر ۾ غلط آهي“ (ص. 24).

مون مٿي قاضي قادن جو بيت ڏيئي عرض ڪيو آهي ته ضمير متڪلم جي بدران ”-س، پڇاڙي ڪم آڻي سگهجي ٿي. لطيف سائينءَ جي ڪلام ۾ اهڙا ڪئين مثال ملن ٿا؛ مثلا:

تو در آيس داسڙا، جاجڪ وٺي جيءُ،

يا هن مصرع ۾:

مُٺيس جهل مهار، ڪُٺيس ڪاهه م ڪَرهو

يا:

ڀينر آءُ، ڀُلياس، نه ته سڪ سمهڻ ڇا لڳي.

يا:

سو رسندين سپرين، ڪيس جھ ڪباب.

اهڙيءَ طرح  سچل سرمست پڻ ضمير متڪلم جي بدران ”-س“ پڇاڙي ڪم آندي آهي؛ جيئن:

ويٺي هيُڙس واٽ تي، اچي وسيلو ٿيو.

ٻرڙي صاحب وڌيڪ مثال به ڏنا آهن:

”مان سچ ڳالهايم“. ان جملي جو مطلب آهي: ”مان سچ ڳالهايو“.

ڇا هن جملي ۾ ضمير ”مان“ ٻه ڀيرا فاعل طور آڻڻ ڪري شدت ۽ گهرائي پيدا ٿي آهي، يا مورڳو جملو ئي بگڙي غلط ٿي ويو آهي“ (ص 24).

منهنجيءَ را ‎ءِ ۾ ”مان ڳالهايم“ جملو ڳالهائڻ واري جي سندس گفتگو جي انداز کي ظاهر ڪري ٿو ۽ سندس پنهنجي لهجي  ۽ اُن جي ٻوليءَ جي مزاج مطابق آهي. هونئن به ”ڳالهايم“ اڻپوري گفتگو ظاهر ڪري ٿو، جڏهن ته ”مان ڳالهايم“ گفتگو کي مڪمل ڏيکاري ٿو.

ٻرڙو صاحب فرمائي ٿو:

”مان سچ ڳالهايو“ چوڻ کپي ها يا سچ ڳالهايم چوڻ کپي ها.“

پر جيڪڏهن ”مان سچ ڳالهايم“ – چيو ويو ته ڪهڙي اربعا خطا ٿي. اهو به ڳالهائڻ جو هڪ انداز آهي.

21. ٻرڙي صاحب هڪ ٻيو مثال به ڏنو آهي:

”وزير وزير ڪوڙ ڳالهايو

ماڻهوءَ ماڻهوءَ سچ ڳالهايو“ (ص. 24)

حقيقت ۾ هنن جملن ۾ ”وزير وزير“، ”ماڻهوءَ ماڻهوءَ، لفظن جي ترڪيب (سٽاءُ) وارا لفظ، علم +للسان موجب هڪ ڌار موضوع يعني ”تڪرار“ (Reduplication) طرف ڌيان ڇڪائين ٿا. اهي مثال ”مان سچ ڳالهايم“ جهڙي جملي لاءِ دليل نه آهن.

سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جي تڪراري صورتن جي سلسلي ۾ ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“ ڪتاب جا 60 کان 65 تائين صفحا پڙهڻ گهرجن، جن ۾ لفظن جي تڪراري صورتن جا مثال ڏنا ويا آهن. ٻوليءَ ۾ لفظن جو اهڙو استعمال، سونهن ۽ سوڀيا کان سواءِ، وياڪرڻي ڪارج به ڏيکاري ٿو.

لهذا ”مان سچ ڳالهايم“ جملي ۾، ضمير، فاعل هڪ دفعو ڪم آيو آهي ”مان“؛ ٻيو مثال ”م“ ضميري پڇاڙي آهي، جيڪا فعل جي گردان لاءِ ضرورت پوري ڪري ٿي. اها هڪ وياڪرڻي تقاضا آهي، جيڪا وياڪرڻي اصولن جي پورائيءَ لاءِ ڪم اچي ٿي. اها چُڪ نه آهي، جيڪا ٻرڙي صاحب جي راءِ ۾ ”اڻڄاڻائيءَ ۽ بيڌيانيءَ سبب يا غفلت جي ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ پيدا ڪئي ويئي آهي.“ بلڪ اهو ڪنهن هڪ خطي جي محاوري جو هڪ انداز/اندازِ گفتگو آهي، جيئن ڪيترن ئي خواتين يا ڇوڪرين کي هيئن ڳالهائيندي ٻڌو ويندو آهي:

اسين ڀلا هلون ٿا              چوڻ کپي ها:  اسين ڀلا هلون ٿيون

آپا، اوهين ڪٿي ويا هئا؟             چوڻ کپي ها:      آپا، اوهين ڪٿي ڪٿي ويون هيون؟

اسين نوٽس لکون ٿا.  چوڻ کپي ها:  اسين نوٽس لکون ٿيون.

ڳالهائڻ جو اهو به هڪ انداز آهي جنهن لاءِ لسانيات جي اصولن موجب رعايت ڏني ويئي آهي. اهو انداز ٻوليءَ جي مزاج مطابق آهي، جنهن کي لسانيات ۾ Honorofic form چئبو آهي. پوءِ ڀلي انهيءَ انداز کي ڪي صاحب غلط سمجهن.

ٻرڙي صاحب صفحي 242 تي شڪارپوري لهجي جا مثال ڏيئي منهنجي هن دعويٰ کي صحيح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

منهنجي هن اڀياس جي جائزي جو لُب لباب، ٻرڙي صاحب سندس مقالي ۾ صفحي 243 تي سندس راءِ ۾ هيئن ڏنو آهي:

”اهو عمل به چٽيءَ طرح اعلان ڪري ٿو/ٻڌائي ته فعلي صيغن جون سموريون اڏاوتون ڪي اتفاقي، اوچتو، بنا ڪنهن سوچ ويچار جي وجود ۾ نه آيون آهن، پر هڪ منظم سرشتي موجب باقاعدگيءَ سان، اصولي پابندين هيٺ جوڙيون ويون آهن“ (243).

ٻرڙي صاحب ساڳئي صفحي تي بلڪل صحيح فرمايو آهي:

”ڇا ايڏيءَ عاليشان فني اڏاوت جا خالق، فنڪار ۽ مصور، چوٽيءَ جي ڏاهن، اڪابرن ۽ سگهڙن کان گهٽ درجي جا هوندا؟ اها مهارت، تنظيم ۽ سمجهه وڏي واڪ ٻڌائي ٿي ته هن ٻوليءَ جا خالق، وياڪرڻ جوڙيندڙ ۽ لفظن جي ايڏي نفيس گهڙاوت ڪندڙ، زبردست قدم جي ڳڻ ڳوت جا مالڪ هئا“ (ص 243).

بهرحال جنهن جملي ٻرڙي صاحب کي هيڏي وڏي پرمغز مقالي لکڻ لاءِ مجبور ڪيو، اُهو جملو آهي:

”اسين توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچنداسين“

پر ٻرڙو صاحب لکي ٿو ته اهو جملو ائين ڳالهائڻ غلط آهي ۽ اهو جملو هيئن ڳالهائڻ کپي:

”اسين توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچندا“ (ص 25).

منهنجي خيام م پويون جملو غلط آهي ۽ جملو هيئن به ڳالهائي/لکي سگهجي ٿو:

”اسين توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچنداسين/سون

يا

”توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچنداسي/سين/سون

يا

شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچنداسونوَ.

۽ اهو ياد رکڻ گهرجي ته جيئن اهو جملو اڪيلو (ڪنهن گفتگو جي حصي کانسواءِ) ڳالهائبو ته پوءِ ”اسي“ ضمير فاعل طور ضرور ڪم آڻبو پر جيڪڏهن اهو جملو ڪنهن گفتگو هلندي ڳالهائبو ته پوءِ اُن گفتگو جي حصي طور ڳالهائبو ته پوءِ ”اسين“ ضمير فاعل طور ڪم آڻڻ جي ضرورت ڪانهي؛ البت سارو دارومدار، جملي ۾ ڪم آندل گفتگو ۽ اُن لاءِ ڍار/جهيلار تي آهي.نتيجي طور هيئن چئي سگهبو ته سنڌي ٻوليءَجي ماهرن کي هن موضوع تي خاموش رهڻ نه کپي ته سنڌي وياڪرڻ جي سلسلي ۾ ڇيڙيل هن بحث تي پنهنجا خيال ضرور ظاهر ڪرڻ کپن.

مددي ڪتاب

(1) الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو 1987ع، ص ص 22- 23، 43-45، 52-53،  164-165.

(2) ايضا، سنڌي معلم، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، ص ص 132، 133، 138- 152.

(3) ايضا، سنڌي صورتخطي ڇاپو چوٿون،سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، 1993ع، ص 14.

(4) ڀيرومل آڏواڻي؛ وڏو سنڌي وياڪرڻ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 1985ع، ص ص 141، 221 کان 229 ۽ 235 کان 24.

(5) شمس العلماء مرزا قليچ بيگ: سنڌي وياڪرڻ (چئن ڀاڱن جو گڏيل ڇاپو)، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 1992ع،ص ص 53، 55، 168، 176، 214 کان 218، 236.

(6) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر: شڪارپور جي ٻولي، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد، 1992ع، ص 51.

(7) واحد بخش شيخ: سنڌي ٻوليءَ جو صرف و نحو، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو 1986ع، ص 75.

(8)) Block, B, and Trager, L. “Outline of Linguistic Analysis”, Linguistic Society of America, Bltimore, 1942, pp.12&13.

(9) Gleason H.A., An Introduction of Descriptive Linguistics, New York, Holt Riehard and Wilson, 1961.

(10) Sachau, E.C., Dr., Alberunis India, English Edition, Vol:I, Lahore, Government of Pakistan, 1961, pp, 448-450.

(مهراڻ 1-1995ع)

 

سمن جي دور جي سرڪاري ٻولي

ڊاڪٽر هدايت پريم

”مهراڻ“ 2/1995ع ۾ نامور محقق غلام محمد لاکي جو مضمون ڇپيو آهي ”سمن جي دور جي علمي ۽  سرڪاري ٻولي“. مضمون تمام عمدو ۽ عرقريزيءَ سان لکيل آهي. سندس محنت داد لهڻي. لاکي صاحب جي سنڌ جي تاريخ تي ڪيل جاکوڙ کي تحسين جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، خاص طور سمن جي دور تي سندس لکيل ڪتاب ”سمن جي سلطنت“ سندس تحقيقي قابليت تي شاهد آهي.سندس ڪيترن ئي مداحن مان هڪڙو مداح آءُ به آهيان.

محترمه غلام محمد لاکي صاحب پنهنجي مضمون ۾ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سمن جي دور جي سرڪاري ٻولي عربي هئي ۽ نه فارسي. مذڪوره راءِ قائم ڪرڻ لاءِ لاکي صاحب جيڪي دليل ڏنا آهن، سي مختصر طور هي آهن:-

1- سمن جي دور جي تعميرات جا ڪتبا نوي سيڪڙو عربيءَ م آهن.

2- سمن جي دور جا ٻه ڪتاب دستاب ٿيا آهن جيڪي عربيءَ ۾ آهن: ”الزُبدة“ ۽ تُذڪرة المراد.“

3- دهليءَ جي مرڪزي حڪومت ۽ سنڌ جي سمن جي وچ ۾ ڪڏهن به مفاهمت پيدا نه ٿي، تنهنڪري ٻاهران نافذ ٿيندڙ فارسي ٻولي سمن جي آزاد حڪمران کي نه ٿي آئڙي.

4- سمن جي دور جي سڪن تي عربي رسم الخط موجود آهي(1).

هن مضمون ۾ آءٌ چئني دليلن جو قدري تفصيلي جائزو پيش ڪريان ٿو.

1- ڪتبا:

سمن جي دور جا ڪتبا نوي سيڪڙو عربيءَ ۾ آهن. محترم غلام محمد لاکي جي هيءَ راءِ گهڻي حد تائين درست آهي، پر مڪليءَ جي شهر خموشان ۾ سمن جي ڪرايل تعميرات جي ڪتبن کي باريڪ بينيءَ سان جاچبو ته معلوم ٿيندو ته ڪتبن جي تحرير ۾ اڪثريت عربيءَ ۾ قرآن مجيد جون آيتون ۽ حديثون لکيل آهن. ڪلام پاڪ جو آيتون ۽ ٻيا ڪلما وغيره عربيءَ ۾ ئي لکي سگهجن ٿا. ڄام نظام الدين جي مزار ۽ دولهه دريا خان جي مزار تي لڳل ڪتبا ڌيان طلب آهن، خاص طور مڪلي نامي ۾ ڏنل تصويرون صفحي نمبر 785 کان 793 تائين ڏسڻ گهرجن.


·(1) Surtevant E.H., An Introduction to Linguistic Sciense, New Haven,Yale University Press 1947, p.21

·(2) Block and Trager, G.L., An Outline of Linguistic Analysis, Linguistic Society of America, America, 1942, p.5.

·  (1) الانا غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس، ص ص 164- 165.

· (1) الانا غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس حوالو ڏنو ويو آهي. ص 164.

   (2) ايضا

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com