انگريزن جي حڪومت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي حالت:
انگريزن جڏهن سنڌ فتح ڪئي، تڏهن سنڌي ٻوليءَ جي
لکاوٽ جو ڪو به هڪ سرشتو نه هو. عربي-فارسي لکاوٽ
۾ سنڌيءَ جي آوازن لاءِ هرڪو ڪاتب پنهنجيءَ سمجهه
مطابق جدا جدا حرف پيو ڪتب آڻيندو هو. ايتري قدر
جو هڪ ئي ڪاتب جي لکيل قلمي نسخي ۾ هڪ ئي سنڌي
آواز لاءِ علحده حرف ڪتب آندا ويندا هئا. سنڌي
هندو واپاري خواجا توڙي ميمڻ، سنڌي ٻولي لکڻ لاءِ
”سنڌي لپي“ (هٿ واڻڪائي يا خواجڪي لپي) استعمال
ڪندا هئا. ان کانسواءِ سنڌ جا هندو رهواسي
ديوناگري (جنهن کي شاستري اکر به چوندا هئا) ۽
گرمکي لپين ۾ سنڌي ٻولي لکندا پڙهندا هئا. سبب اهو
هو ته هندن جا ڌرمي شاستر ديوناگري لپيءَ ۾ لکيل
هئا. نانڪ پُنٿ جو سنڌ ۾ گهڻو پرچار ٿيڻ کانپوءِ
سک مت جا ڌرمي گرنٿ گرمکي لپيءَ ۾ هئڻ ڪري، انهن
ٻنهي لپين جو سنڌي ٻولي لکڻ لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو.
هندستان جي ٻين گهڻن ئي پرانتن وانگر، سنڌ ۾ پڻ
مسلمان حاڪمن جي دور ۾ سرڪاري ڪاروبار جي ٻولي
فارسي هئي. پر انگريزن جي سنڌ ۾ حڪومت شروع ٿيڻ
کانپوءِ، پهرين ڏهاڪو کن سالن تائين فارسيءَ جو
استعمال رهيو. عربي ٻوليءَ جو اسلام سان واسطو هئڻ
ڪري، گهڻا مسلمان عربي لپيءَ جوا ستعمال ڪندا هئا،
پر عربي ۽ فارسي ٻوليون سنڌ جي عام ماڻهن جي سمجهه
کان ٻاهر هيون. روزاني زندگيءَ ۾ عام ماڻهن جي وچ
۾ وهنوار ۽ واپار جي ٻولي سنڌي هئي. آڱرين تي ڳڻڻ
جيترا ماڻهو مس هئا، جيڪي سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ
لاءِ فارسيءَ جو اڀياس ڪندا هئا. فارسي ٻوليءَ جو
سرڪاري لکپڙهه ۾ اهڙو حال هو، جو جملن ۾ اڌ کان
مٿي سنڌ ي لفظن جو استعمال پيو ٿيندو هو.
انگريزن جڏهن سنڌ جون واڳون پنهنجي هٿن ۾ ڪيون،
تڏهن ڏٺائون ته عام طور سنڌي ماڻهو دانهن فرياد
پنهنجي مادري زبان سنڌيءَ ۾ ڪن ٿا. ڪچهريءَ جا
منشي انهن جو بيان ڀڳل ٽٽل فارسيءَ ۾ درج ڪن ٿا.
ڪو انگريز فارسي ڄاڻندڙ ان جو ترجمو فارسيءَ مان
انگريزيءَ ۾ ڪري عملدار اڳيان پيش ڪندو هو.
ايتريون منزلون پار ڪندي، بعضي ته فرياديءَ جي
فرياد جو اصلوڪو مطلب ئي اڪثر بدلجي ويندو هو.
اهڙيءَ حالت ڏسي، هندستان ۾ مرڪزي انگريز سرڪار
فيصلو ڪيو ته هر هڪ علائقي ۾ سرڪاري ڪاروبار ۽
لکپڙهه ۾ انهيءَ علائقي جي ٻولي استعمال ٿيڻ گهرجي
۽ يوروپي سرڪاري
پَڌَرِنامُو
ڪَمِشَنر صاحَبِ بَهَادُر سِنڌُ جي دَربار
مَنجهَان سَڀنَي مَاڻهن چَڱن ۽ مَٺَنَ رَهنَدَڙَن
سِنڌ جيکي سُڌ ٿي ڏِجي تَه ڪيِتَرا عَرضَدار
عَريِضِي پَهچي نَهاوُلَهَن لاءِ حُضُور ڏانھ ٿَا
مُوڪَلين تِن مَنجهَان ڪي فاَرسي ۾ ڪي سِنڌي ۾ ٿَا
لِکَن اُهَا ڳَال نَا مُوچَاري آهي. تِنهنڪَري جھِ
ڪِنهنکي عَريضي وَاسطي ٿيڻ نِهاوجي حُضُور
ڪَمِشَنر صَاحَبِ بَهَادُر سِنڌ جي دَربار مَنجهه
عرضَ رَکڻي هُجي تَه سِنڌي وَائي ۽ عَربي اکَرِن ۾
لِکي مُوڪَلي جيڪَڏهيل ڪھِ سَبَبَ کانَ فاَرسي
عَريضي لَکڻَ ضَرور ڄَاڻي تهَ اُن فاَرسي عَريضي
سَاڻ تَرجمو سِنڌي ۾ پڻَ ڪَرِي مُو ڪَلي تَه ٻُڌَڻ
۾ اِينديِ بس تاريخ 29 مهينو آگسٽ سن 1857.
انگريزن جي ايامڪاريءَ ۾، سنڌيءَ کي سرڪاري ٻولي
قرار ڏيڻ وارو حڪم نامو، جيڪو سر بارٽل فريئر،
تڏهوڪي ڪمشنر، سنڌ، سنه 1857ع ۾ جاري ڪيو، جنهن ۾
واضح طور ڄاڻايل آهي ته عرضدار پنهنجي درخواست
”سنڌي ٻوليءَ“ ۾ لکي موڪلي ۽ اگر فارسيءَ ۾ لکڻ
جو لاچار هجي، ته ”سنڌيءَ ۾ اُن جو ترجمو ساڻ
موڪلڻ ضروري آهي (ته ٻُڌڻ ۾ ايندي.)
عملدار توڙي ڏيهي ماڻهو مقرر وقت اندر پنهنجي
پنهنجي علائقي جي ٻوليءَ جو اڀياس ڪري ان ۾ امتحان
پاس ڪن. انهيءَ سرڪاري نيتيءَ مطابق سنڌ ۾ پڻ
سنڌين جي پنهنجي ”سنڌي زبان“ کي ڌاري ٻولي فارسيءَ
جي جڳهه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. *
اپريل 1848ع ۾ بمبئي پريزيڊنسيءَ جي گورنر جارج
ڪلارڪ سنڌ جي ڪمشنر پرنگل کي لکي موڪليو ته:
”سرڪاري ڪاروبار ۽ لکپڙهه ۾ اسان کي علائقائي
ٻوليءَ سنڌيءَ جو استعمال ڪرڻ گهرج. مون کي سمجهه
۾ ئي نٿو اچي ته اسانجا مالگذاري ۽ انصاف کاتي جا
آفيسر (چاهي سندن کاتن ۽ ڪچهرين جو عملو ڪهڙي به
نموني ڇو نه مقرر ڪيو وڃي.) فارسيءَ يا انگريزيءَ
جهڙي هڪ ڌاري ٻوليءَ جي ذريعي ڪهڙيءَ طرح اثرائتي
نموني ڪم هلائي سگهندا.“
پرنگل صاحب پنهنجن زبردست آفيسرن کان راءِ گهري ته
هو جاچ ڪري ٻڌائين ته سنڌ ۾ سرڪاري ڪاروبار لاءِ ۽
عام ماڻهن کي تعليم ڏيڻ لاءِ ڪهڙي ٻولي عملي لحاظ
کان گهڻي ۾ گهڻي ڪارگر ثابت ٿيندي؟
انهيءَ زماني ۾ سنڌ ۾ ڪجهه يوروپي عملدار اهڙا
هئا، جن پنهنجي شوق وچان سنڌي ٻوليءَ جو سٺو اڀياس
ڪيو هو. انهن ۾ حيدرآباد جو ڊپٽي ڪليڪٽر، ڪئپٽن
جارج اسٽئڪ ۽ آبپاشي کاتي ۾ مقرر ٿيل عملدار رچرڊ
برٽن مکيه هئا.ڪئپٽن جارج اسٽئڪ ته پنهنجي سرڪاري
دفتر جي مشغولين مان وقت ڪڍي، انگريزي – سنڌي شبد
ڪوش ۽ سنڌي ٻوليءَ جو گرامر تيار ڪري سرڪار کي ڏنا
هئا. اهي ٻيئي ڪتاب 1849ع ۾ بمبئيءَ مان ڇپجي ظاهر
ٿيا. انهن ڪتابن سان گڏوگڏ هو سنڌي-انگريزي شبد
ڪوش تيار ڪرڻ ۾ مشغول هو. اهو ڪوش سندس گذاري وڃڻ
بعد سرڪار 1855ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.
اسٽئڪ ۽ برٽن، ٻنهي سرڪاري ڪاروبار ۾ سنڌي ٻوليءَ
جو استعمال واري نيتيءَ جي دلي آجيان ڪئي. فارسي
کي هٽائي سنڌي ٻولي کي آڻڻ جي زوردار لفظن ۾ سفارش
ڪئي. هنن اهو به ثابت ڪري ڏيکاريو ته سنڌي ٻوليءَ
۾ هر ڳالهه کي سٺي نموني ظاهر ڪرڻ جي پوري صلاحيت
آهي.
چيائون
ته جيتري قدر نئين زماني جي علم ۽ سائنس جو سوال
آهي. اُتي پڻ اسين عربي، سنسڪرت ۽ ٻين ترقي ڪيل
ٻولين جي مدد سان گهربل لفظ ۽ اصطلاح ٺاهي سگهون
ٿا.
ان طرح اهو يڪراءِ فيصلو ڪيو ويو ته سرڪاري
ڪاروبار ۽ لکپڙهه ۾ سنڌي ٻوليءَ جو استعمال شروع
ڪيو وڃي. ٻئي طرف تعليم جي کيتر ۾ پڻ بمبئي
پريزيڊسيءَ ۾ هلندڙ سرشتي مطابق سنڌ ۾ پڻ ابتدائي
تعليم ستين درجي تائين سنڌيءَ ذريعي ۽ تنهن
کانپوءِ مٿين درجن ۾ انگريزيءَ جي ذريعي
(Medium)
ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
سنڌي ٻوليءَ جي لکاوٽ جو مسئلو:
مٿئين فيصلي بعد سوال پيدا ٿيو ته سنڌي ٻولي
ڪهڙيءَ لپيءَ ۾ لکي وڃي؟
انهيءَ وقت سنڌي جدا جدا لپين ۾ لکي ويندي هئي ۽
لکاوٽ جو ڪو به هڪ مقرر سرشتو نه هو. سنڌ جي
اصلوڪيءَ ۽ نرالي، ”سنڌي“ لپيءَ جا سڄيءَ سنڌ ۾
تيرهن چوڏهن نمونا هلندڙ هئا، ٻئي طرف عربي-فارسي
لکاوٽ ۾ پڻ سنڌي آوازن لاءِ جدا جدا حرف پيا
استعمال ٿيندا هئا. انهيءَ سوال تي سنڌيءَ جي ٻن
يوروپي ماهرن، ڪئپٽن جارج اسٽئڪ ۽ ليفٽيننٽ رچرڊ
برٽن جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿي پيا. سنڌيءَ لاءِ لپي
چونڊڻ بابت سندن رايا هن ريت هئا:
ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جو رايو:
(1) سنڌي ٻولي سنسڪرت سٿ جي ٻولين مان هڪ مکيه
ٻولي آهي، انهيءَ ڪري سنڌيءَ ۾ لکڻ لاءِ لپي به
اُهائي استعمال ڪرڻ گهرجي، جيڪا سنسڪرت سٿ جي
ٻولين مان هجي.
هن پاڻ به پنهنجن ڪتابن ۾ سنڌيءَ لاءِ ديوناگري
لپي استعمال ڪئي هئي. ائين ڪرڻ جو سبب هن صاف لفظن
۾ اهو ڄاڻايو ته سندس مقصد يوروپي عملدارن کي جلد
۽ سولي نموني سنڌي سيکارڻ آهي. سنڌ ۾ جيڪي يوروپي
عملدار مقرر ڪيا پئي ويا، سي بمبئي پريزيڊنسيءَ
مان ٿي آيا. اهي مراٺي، گجراتي ۽ هندي ۽ ديوناگري
لپي اڳيئي ڄاڻندا هئا. (گجراتي لپيءَ جي
ديوناگريءَ سان گهڻي مشابهت آهي، فقط اُن ۾ حرفن
مٿان ليڪ ڪانه ڏبي آهي). سندس خيال هو ته جيڪڏهن
هو ديوناگريءَ ۾ لکيل سنڌي ٻولي سکندا، ته کين
نئين لپيءَ جو اڀياس ڪرڻو نه پوندو.
(2)سنڌي ٻوليءَ لاءِ خدا آبادي سنڌي لپيءَ کي
اختيار ڪرڻ گهرجي. اها لپي حيدرآباد ۽ انهيءَ جي
آس پاس وارين ايراضين جا سنڌي هندو واپاري ڪتب
آڻيندا آهن.
(3) سنڌي ٻوليءَ مٿان عربي-فارسي حرف مڙهڻ نه
گهرجن، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ سنسڪرت سٿ واري سنڌي ٻولي
درست نموني سکي نه سگهبي.
(4) خدا آبادي لپي سنڌيءَ جي خاص پنهنجي ۽ نرالي
لپي آهي، جيڪا صدين کان وٺي استعمال ٿيندي پيئي
اچي. انهيءَ لپيءَ جي ذريعي سنڌي ٻوليءَ جي لکيت ۾
به نرالو وجود قائم رکي سگهبو.
(5) برٽن ۽ ڪن ٻين جو اعتراض آهي ته خدا آبادي
لپيءَ ۾ سُرن جا اُچار ڏيکارڻ لاءِ جدا حرف يا
سُرن جون ماترائون نه آهن، ان ڪري اها لپي فقط
شارٽ-هئنڊ وانگر آهي، جيڪا واپاري ماڻهو پنهجي
لکپڙهه ڳجهي رکڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا. انهيءَ
اعتراض جو جواب ڏيندي، ڪئپٽن جارج اسٽئڪ لکيو ته
جيڪڏهن اسين عربي-فارسي اکرن ۾ سنڌي لکنداسين، ته
ان لپيءَ ۾ به اسان کي گهڻيئي نوان حرف سنڌيءَ جي
خاص آوازن ڏيکارڻ لاءِ ٺاهڻا پوندا. ڌاريءَ لپيءَ
۾ سڌارا ۽ واڌارا ڪري، انهيءَ کي اپنائڻ کان اهو
بهتر آهي، ته اسين سنڌي ٻوليءَ جي نج ۽ آڳاٽي
لکاوٽ ۾ ضروري سڌارا ڪري سُرن جون ماترائون ڏيئي،
اها لپي سنڌيءَ لاءِ استعمال ڪريون.
اسٽئڪ خدا آبادي سنڌي لپيءَ ۾ گهربل سُر ۽ انهن
جون ماترائون گڏي هڪ، مڪمل ورڻمالا تيار ڪري
ڏيکاري. مطلب اهو هئس ته عربي-فارسي اکرن ۾ تبديلي
۽ سڌارا ڪرڻ جي ڀيٽ ۾ خدا آبادي لپيءَ ۾ معمولي ۽
تمام ٿورا سڌارا ڪرڻا پوندا.
رچرڊ برٽن جو رايو:
ليفٽيننٽ رچرڊ برٽن عربي اکرن ۾ ضروري سڌارا ۽
واڌارا ڪري، انهن کي سنڌي ٻوليءَ لاءِ استعمال ڪرڻ
جي فائدي ۾ هو. ان لاءِ هن جا مکيه دليل هن ريت
هئا:
(1) سنڌي هڪ شاهوڪار ٻولي آهي ۽ انهيءَ جي وياڪرڻي
بيهڪ ٻين ٻولين کان نراني آهي. عام طور، يوروپي
عملدار سنڌيءَ کي هندستاني ٻوليءَ جو بگڙيل روپ
سمجهي، انهيءَ کي نظر انداز ڪندا رهيا آهن. سندن
اهو ويچار درست نه آهي.
(2) سنڌيءَ جي اڀياس سان اسين سنڌ جي اُتر-اولهه
وارين ٻولين (جهڙوڪ:
پشتو، جاٽڪي، بلوچي، بروهي وغيره) جو علم سولائيءَ
سان حاصل ڪري سگهنداسين. ڇاڪاڻ ته انهن ۾ گهڻا
الفاظ سنڌيءَ جا آهن، يا انهن سان ملندڙ آهن.
(3) سنڌي ٻوليءَ ۾، ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ عربي ۽
فارسيءَ جا لفظ گهڻا آهن، انهيءَ ڪري انهن کي صحيح
نموني ۾ لکڻ لاءِ عربي لکاوٽ ۾ ضروري سڌارا ڪري،
ان کي سنڌيءَ لاءِ اپنائڻ بهتر ٿيندو.
(4) سنڌيءَ ۾ جيڪي دستخط ۽ قلمي نسخا مليا آهن، سي
به عربي-فارسي اکرن ۾ لکيل آهن. اسٽئڪ جنهن خدا
آبادي لپيءَ کي اپنائڻ جي وڪالت ڪري ٿو، ان ۾ ڪو
به لکيل ادبي ڪتاب نه مليو آهي. سنڌ ۾ هندو
واپارين کانسواءِ ٻيا سڀ سنڌي انهيءَ لکاوٽ کان
اڻواقف آهن.
(5) خدا آبادي سنڌي لپيءَ کي مڪمل روپ ڏيڻ لاءِ
اسان کي عربي لپيءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سڌارا ڪرڻا
پوندا. ٻئي طرف عربي لپيءَ جي خاصيت اها به آهي ته
اها لکاوٽ ايشيا جي گهڻين ئي ٻولين اپنائي آهي.
انهيءَ ۾ معمولي سڌارا ڪري اسين سنڌيءَ لاءِ به
عربي اکر استعمال ڪري سگهون ٿا.
رچرڊ برٽن پڻ پنهنجن دليلن کي وزندار بڻائڻ لاءِ
عربي اکرن ۾ سڌارا ۽ واڌارا ڪري، انهيءَ جي
آئيويٽا تيار ڪري، پنهنجيءَ رپورٽ سان گڏ پيش ڪئي.
هن عربي لکاوٽ جو ”بَسخي“ عبارت وارو نمونو اپنائڻ
جي لاءِ سفارش ڪئي، ڇاڪاڻ ته ان لپيءَ سان سنڌ جا
اڪثر رهواسي مسلمان اڳيئي واقف هئا. برٽن جو دليل
هو ته جيئن ته قرآن شريف جي لکاوٽ به نَسح آهي.
سنڌي مسلمان ننڍي هوندي کان ئي وٺي اُنهيءَ جو
اڀياس شروع ڪري ٿو.
لپيءَ بابت انهيءَ سموري بحث جو سار ڪئپٽن اسٽئڪ
تيار ڪري سرڪار ڏانهن فيصلي ڪرڻ واسطي موڪليو. هن
انهيءَ دستاويز ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ماهر ٻين يوروپي
عملدارن جا ويچار به شامل ڪيا. تنهن کانپوءِ، برٽن
جي مکيه دليل بابت پنهنجا ويچار ظاهر ڪندي هن لکيو
ته انهيءَ ۾ شڪ نه آهي ته سنڌ جا اڪثر رهواسي
عربي-فارسي اکر ڄاڻن ٿا، ۽ انهن ۾ عربي ۽ فارسي
ٻوليون پڙهن ٿا. انهن اکرن ۾ لکيل سنڌي ٻوليءَ جا
دستخط گهڻي ڀاڱي اسلام مذهب سان واسطو رکن ٿا،
جيڪي ملن ۽ مولوين عربيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا
آهن. اُنهن کي پڙهڻ لاءِ خود سنڌي ماڻهن کي به
گهڻو اڀياس ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته انهن ڪتابن ۾
گهڻيئي سنڌي آواز جدا جدا صورتن ۾ لکيل آهن. ٻئي
طرف گرمکي يا ديوناگريءَ ۾ لکيل سنڌي ٻوليءَ جا
ڪتاب هرڪو سولائيءَ سان پڙهي سگهندو. انهيءَ ڪري
ديوناگري سٿ جي ڪهڙي به لپي، خاص ڪري خدا آبادي
لپي، سنڌي آوازن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ عربي لپيءَ کان
وڌيڪ سمرٿ آهي. اهي سنڌيءَ جون پنهنجون نج لپيون
آهن. مان خاص طور خدا آبادي لپيءَ کي اپنائڻ لاءِ
ان ڪري سفارش ٿو ڪريان.
پنهنجيءَ رپورٽ سان گڏ هن خدا آبادي لپيءَ ۾ ڏهه
سُر ۽ ٻيا سنڌيءَ جا خاص وينجن گڏي پوري ورڻمالا
جي تختي به لڳائي، اسٽئڪ ايترو به لکيو ته جيڪڏهن
سنڌي ماڻهو انهيءَ لپيءَ ۾ دستاويز ۽ عريضيون
وغيره لکي پيش ڪندا، ته مان اُهي قبول ڪندس.
پرنگل جي سفارش:
سنڌ جي ڪمشنر پرنگل 26 اپريل 1849ع تي سنڌي ٻوليءَ
لاءِ اپنائڻ جي سوال تي جدا جدا ماهرن جا ويچار
بمبئي سرڪار کي موڪليا. هن پاڻ اسٽئڪ جي سڌاريل
خدا آبادي ورڻمالا ۾ سنڌي لکڻ لاءِ بمبئي سرڪار کي
سفارش ڪئي.
جارج ڪلارڪ جي جڳهه تي بمبئي پريزيڊنسيءَ جو گورنر
لارڊ فاڪلئنڊ مقرر ٿيو هو. هو سنڌ جي ڪمشنر پرنگل
جي ڪيل سفارش سان شامل راءِ ٿيو. هن سنڌي ٻوليءَ
لاءِ سڌاريل خدا آبادي لپيءَ کي عمل ۾ آڻڻ جو
فيصلو ڪيو. انهيءَ ڪري لارڊ فاڪلئنڊ اهو فيصلو ڪيو
ته سڀني عملدارن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻن سالن اندر سنڌي
ٻوليءَ ۾ مقرر ڪيل امتحان پاس ڪرڻ لازم ٿيندو،
گورنر جو اهو فيصلو 27 جولاءِ 1849ع جي ڪارروائيءَ
۾ درج ڪيل آهي.
ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو فيصلو:
لارڊ فاڪلئنڊ، سنڌ جي ڪمشنر پرنگل وٽان آيل رپورٽ،
پنهنجن ويچارن سان گڏ، هندستان سرڪار معرفت، ايسٽ
انڊيا ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽرن کي لنڊن موڪلي، ته
انهيءَ سوال تي هو پنهنجو فيصلو ڏين.
هنن انهيءَ سوال تي گهرائيءَ سان ويچار ڪري 8
ڊسمبر 1952ع تي پنهنجو فيصلو لنڊن مان لکي موڪليو.
(ضميمو-1) عربي الف – ب اپنائڻ جي فائدي ۾ هدايت
ڪندي لکيائون ته ”هن سوال تي خبرداريءَ سان سوچ
ويچار ڪرڻ کانپوءِ اسان جيڪو فيصلو ڪيو آهي اهو
سنڌيءَ لاءِ عربي لکاوٽ اپنائڻ جي فائدي ۾ آهي پر
ساڳئي وقت اسين انهيءَ لاءِ به تيار نه آهيون، ته
اسان جي ويچارن تي ڪنهن به وڌيڪ جاچ جوچ ڪرڻ
کانسواءِ عمل ڪيو وڃي.“
ان سان گڏ هنن اِها به هدايت ڪئي ته ”بمبئي سرڪار
کي هڪ ڪاميٽي مقرر ڪرڻ گهرجي، جنهن ۾ سنڌ جا اُهي
يوروپي عملدار شامل ڪيا وڃن، جيڪي سنڌي ٻولي چڱيءَ
طرح ڄاڻن ٿا. سنڌ جا اُهي ڏيهي ماڻهو به مقرر ڪرڻ
گهرجن، جن جو چرتر ۽ عمل اهڙي قسم جي هجي، جو اُهي
ڪارائتي نموني جوڳي مدد ڏيئي سگهن. اها ڪاميٽي ان
سوال تي ويچار ڪري جيڪا راءِ پيش ڪري، سا بمبئي
سرڪار نموني ۾ عمل ۾ آئي.“
بارٽل فريئر ۽ ايلس جي رٿا:
ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽرن جي ڪورٽ جو فيصلو
جڏهن بمبئي سرڪار کي پهتو، ته پرنگل 1850ع جي
ڊسمبر مهيني ۾ سنڌ مان روانو ٿي ويو هو. سندس جاءِ
تي جنوري 1851ع ۾ بارٽل فريئر سنڌ جو ڪمشنر مقرر
ٿيو هو. سندس عمر پنجٽيهه ورهيه هئي. هو ان عهدي
تي ڊسمبر 1859ع تائين رهيو، پنهنجي زماني ۾ بارٽل
فريئر جدا جدا کيترن ۾ سنڌ ۾ جيڪي سڌارا ڪيا، سي
سنڌ جا اتهاس ۾ سونهري اکرن ۾ لکڻ لائق آهن.
هتي اسان جو واسطو فقط تعليمي سڌارن ۽ سنڌيءَ لاءِ
لپيءَ جي چونڊ سان آهي. بهرحال، ڊائريڪٽرن جو
سنڌيءَ جي لکاوٽ بابت فيصلو سال 1853ع جي شروعاتي
مهينن ۾ بارٽل فريئر وٽ پهتو. هن پنهنجي اسسٽنٽ
ڪمشنر بي. ايڇ. ايلس کي انهيءَ تي عمل ڪرڻ لاءِ
هدايت ڏني.
ايلس پنهنجي رپورٽ 29 ڊسمبر 1854ع تي تيار ڪري
ڪمشنر کي ڏني. جا سال کن ڪمشنر جي آفيس ۾ پيئي هئي
(ضميمو -2) بارٽل فريئر 24 ڊسمبر 1855ع تي اها
رپورٽ بمبئي پريزيڊنسيءَ جي تعليم کاتي جي
ڊائريڪٽر سي. جي. ايرسڪائين کي موڪلي، جيڪا بمبئي
سرڪار 1856ع ۾ ڇپائي پڌري ڪئي. (ضميمو-3) انهيءَ
رپورٽ جي باريڪيءَ سان اڀياس ڪرڻ مان ظاهر ٿئي ٿو
ته اسسٽنٽ ڪمشنر ايلس پنهنجي بالا عملدار بارٽل
فريئر جي هدايت ۽ رضامنديءَ سان جيڪا عالمن جي
ڪاميٽي ٺاهي، ان جولاءِ 1853ع ۾ عربي-سنڌي الف- ب
جي تختي تيار ڪري ڇپائي پڌري ڪئي. ايلس اها سياڻپ
ڪئي ته سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪهڙي لپي اپنائجي
(عربي-سنڌي يا خدا آبادي؟) انهيءَ سوال کي
ڪاميٽيءَ جي اڳيان ايجنڊا تي رکيائين ئي ڪونه. هن
لکيو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي ٻن ماهر يوروپي
عملدارن انهيءَ سوال تي اڳيئي وستار سان بحث ڪيو
هو ۽ ان بحث ۾ ٻين عملدارن جا رايا به ويچار هيٺ
آندا ويا هئا. ان بحث ۾ پنج کن سال اڳيئي گذري چڪا
هئا، پر ڪو به هڪ يڪراءِ فيصلو ٿي نه سگهيو هو،
انهيءَ جي ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ درسي ڪتاب، گرامر ۽
ڊڪشنريون وغيره ڇپائڻ جون رٿائون به پاڻيءَ ۾ پسي
پيون هيون، جيڪڏهن انهيءَ سوال تي ڪاميٽيءَ ۾ وري
بحث پئي شروع ٿيو ته انهيءَ جو انت ئي ڪو نه
ٿيندو، فقط ڪاغذ ڪارا ٿيندا ۽ ڊگها ڊگها منٽس
تيار ٿيندا ويندا.
سنڌي ٻوليءَ جو ماهر رچرڊ برٽن ان وقت سنڌ ۾ حاضر
ڪونه هو. ڪئپٽن جارج اسٽئڪ پڻ بيماريءَ جي ڪري
علاج لاءِ موڪل تي لنڊن هليو ويو هو.
ايلس پنهنجيءَ رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته انهن ٻنهي
عالمن جا ويچار اسان وٽ اڳيئي فائيلن ۾ موجود آهن،
ان ڪري ان سوال تي ٻيهر بحث ڪرڻ مان ڪو به کڙتيل
ڪونه نڪرندو. فقط وقت جي بربادي ٿيندي، اها ڳڻ ڳوت
ڪري هُن مقرر ڪيل ڪاميٽيءَ اڳيان فقط سنڌي ٻوليءَ
لاءِ عربي لپيءَ ۾ لکاوٽ جو هڪ روپ مقرر ڪرڻ جو
مسئلو ايجنڊا تي رکيو.
ڪاميٽي مقرر ڪرڻ جي رٿا:
سوال ٿو اُٿي ته سنڌ جي ڪمشنر سربارٽل فريئر،
عربي-فارسي لپيءَ ۾ سنڌي لکڻ لاءِ ڪاميٽي مقرر ڪرڻ
جي ضرورت ڇو محسوس ڪئي؟ انهيءَ جاٻه سبب هئا.
پهريون ۽ مکيه سبب اهو هو ته ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ
جي ڊائريڪٽرن پنهنجي آرڊر ۾ سنڌيءَ جي ماهر عالمن
جاڪاميٽي مقرر ڪري لپيءَ جي چونڊ لاءِ هدايت ڪئي
هئي. ٻيو سبب اهو هو ته جيڪا لکاوٽ چونڊي وڃي،
انهيءَ ۾ ضروري سڌارا ۽ واڌارا ڪري ان کي ”مقرر
روپ“ ڏنو وڃي.
ايلس جو سياڻپ ڀريو قدم:
اسسٽنٽ ڪمشنر ايلس، جنهن جي هٿ هيٺ سنڌ جو تعليم
کاتو هو، تنهن بارٽل فريئر جي اجازت سان، لپيءَ جي
چونڊ ڪرڻ جي سوال کي ريٽي ڇڏيو.هن ان وقت جي سنڌ
جي حالتن تي غور ڪري ڏٺو ته اٽڪل پنجهتر سيڪڙو
رهاڪو مسلمان آهن،اهي عربي-فارسي اکرن کان ڪي قدر
واقف آهن. ٻئي طرف پنجويهه سيڪڙو رهاڪن ۾ گهڻو
تعداد هندن جو آهي، جيڪي واپار ۽ اقتصادي لحاظ کان
اهميت رکندڙ آهن. سرڪاري نوڪرين ۾ به مسلمانن جي
ڀيٽ ۾ گهڻائيءَ وارا آهن. جيڪڏهن خدا آبادي لپي
سرڪاري طور تسليم ڪري عمل ۾ آڻبي ته مسلمان ناراض
ٿيند، جيڪڏهن عربي لپي تسليم ڪبي ته هندو انهيءَ
فيصلي کي قبول ڪونه ڪندا. انهيءَ لحاظ کان هن
سياڻپ ڪري اسڪولي تعليم جي کيتر ۾ ٻنهي لکاوٽن کي
قبول ڪري عمل ۾ آندو.
سنڌي هندن جو هڪ اهڙو طبقو به هو، جنهن
ديوناگري-سنڌي لپيءَ ۾ ٻولي سيکارڻ جي گهر ڪئي.
انهيءَ لاءِ پڻ شروعاتي سطح تي ديوناگريءَ ۾ ڪجهه
درسي ڪتاب ڇپائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، پر جيئن ته
بارٽل فريئر ۽ ايلس جو لاڙو عربي لکاوٽ تسليم ڪرڻ
جي فائدي ۾ هو، انهيءَ ڪري جدا جدا وشين تي
عربي-سنڌي ۾”گهڻا“ درسي ڪتاب ڇپائي شايع ڪيا ويا.
سرڪاري ڪاروبار جي لکپڙهه ۾ پڻ عربي- سنڌي لپيءَ
کي همٿايو ويو.
نتيجو اهو نڪتو ته انگريزن جي حڪومت ۾ گذريل صديءَ
جي آخر تائين هر کيتر ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ”عربي-سنڌي
لپي“ ۾ لکڻ جو رواج وڌي ويو. ٻئي طرف سنڌ جي ٻين
لکاوٽن (خدا آبادي، ديوناگري ۽ گرمکي) جو دائرو
پاڻمرادو، ڏينهون ڏينهن، گهٽبو ويو. انهيءَ جا انگ
اکر اسان کي ايلس جي تيار ڪيل تعليمي رپورٽ ۽ ان
کانپوءِ تعليم کاتي طرفان وقت به وقت شايع ڪيل
رپورٽن ۽ سنڌ جي جهونن گزيٽيئرس مان ملن ٿا.
1853ع ۾ الف –ب جي صورت مقرر ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي:
بارٽل فريئر سن 1853ع ۾ ايلس جي پرڌانپڻي هيٺ جيڪا
الف –ب (آئيويٽا) جي صورت مقرر ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي
ٺاهي، انهيءَ جولاءِ 1853ع ۾ عربي-سنڌي الف-ب جي
تختي ٺاهي تيار ڪئي، اها پوءِ تعليم کاتي طرفان
سڀني اسڪولن کي موڪلي ويئي ته ان مطابق سنڌي ٻولي
لکي وڃي. سال کن اندر تعليم کاتي طرفان ايلس ان
لپيءَ ۾ ڏهاڪو کن ڪتاب سنڌيءَ ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا.
ان ڳالهه جو ذڪر هن ڊسمبر 1854ع ۾ تيار ڪيل رپورٽ
۾ ڪيو آهي.
سنڌي الف-ب جي صورت مقرر ڪرڻ وقت 1853ع واري
ڪاميٽيءَ ۾ ڪهڙا عالم ميمبر هئا ۽ انهن جي وچ ۾
ڪهڙين ڳالهين تي بحث ٿيو. انهيءَ جا سمورا منٽس
حيدرآبد سنڌ جي ”ٽريننگ ڪاليج فارمين“ جي لئبرريءَ
۾ حفاظت سان رکيا ويا هئا. (ڏسو ”سنڌي ٻوليءَ جي
تاريخ“ ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي، پهريون ڇاپو،
1941ع). انهيءَ سموري ڪارروائيءَ جو فائيل محمد
صديق ميمڻ به نظر مان ڪڍيو هو. جنهن جي آڌار تي هن
ڪن اهم نقطن جو ذڪر پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جي ادبي
تاريخ“ (برٽش حڪومت کان اڳ) ڀاڱو پهريون، ڇاپو
1937ع (صفحو 18 کان 24) ۾ ڪيو آهي.
خوش نصيبيءَ سان مون کي انٽرنيشنل ڪانفرنسن ۾ شريڪ
ٿيڻ لاءِ سنڌ ۾ وڃڻ جو موقعو ٽي دفعا مليو آهي.،
انهن سفرن دوران وقت ڪڍي حيدرآباد سنڌ جي ٽريننگ
ڪاليج ۽ ٻين سرڪاري توڙي غير سرڪاري لئبررين ۾
انهيءَ ڪاميٽيءَ جي منٽس کي نظر مان ڪڍڻ جي گهڻي
ڪوشش ڪيم، پر ڪنهن به هنڌ اُهي ڏسڻ جو موقعو ملي
نه سگهيو. ٽريننگ ڪاليج جي لئبررين قرب ڪري، گذريل
صديءَ ۾ شايع ٿيل ڪيترائي درسي ڪتاب ڏيکاريا. جڏهن
ساڻس 1853ع واري ڪاميٽيءَ جي منٽس جو ذڪر ڪيم ته
هُن وراڻيون ته اُهي فائيل برابر سندس ڪاليج جي
لئبرريءَ ۾ رکيل هئا، پر ويهارو کن سالن کان اُهي
گم آهن! اها ڳالهه ٻڌي مان نراس ٿي ويس. ان ڪري،
هتي انهيءَ ڪاميٽيءَ بابت ضرور ي معلومات محمد
صديق ميمڻ ۽ ڀيرو مل مهد چند آڏواڻيءَ جي لکيتن
موجب پيش ڪئي اٿم.
ڪاميٽيءَ جي ميمبر:
ڪاميٽيءَ ۾ مقرر ڪيل ميبر هن ريت هئا:
(1) اسسٽنٽ ڪمشنر بي. ايڇ. ايلس (صدر)
(2) راءِ بهادر نارائڻ جگنناٿ وئديه (جنهن جي نالي
سان ڪراچيءَ جو جهونو
NJV
هاءِ اسڪول آهي).
(3) ديوان ننديرام ميراڻي (سيوهاڻي)
(4) ديوان پرڀداس انندرام رامچنداڻي(حيدرآبادي)
(5) ديوان اُڌارام ٿانورداس مير چنداڻي
(حيدرآبادي)
(6) خان بهادر مرزا صادق علي بيگ (حيدرآبادي)
(7) ميان محمد (جيڪو پوءِ نارمل اسڪول ۾ ماستر هو)
(8) قاضي غلام علي (ٺٽي جو رهاڪو)، ۽
(9) ميان غلام حسين (ٺٽي جو رهاڪو).
ڪاميٽيءَ جي ميمبرن جي نالن مان ظاهر آهي ته اُهي
سڀ ان زماني ۾ تعليم کاتي سان وابسته هئا، يا
سرڪاري برپا ڪيل اسڪولن ۾ ماستر هئا. انهن مان
گهڻن پوءِ سنڌيءَ ۾ درسي ڪتاب به لکي تيار ڪيا.
نارائڻ جگنناٿ وئديه، اصل ۾ اول بمبئيءَ جي تعليم
کاتي ۾ هو. هن جي مادري زبان مراٺي هئي، پر پوءِ
جڏهن سنڌ ۾ بدلي ٿي آيو ته هن سنڌي ٻوليءَ جو
اڀياس ڪيو ۽ ان ۾ ڪجهه درسي ڪتاب ترجمو به
ڪيائين. سنڌ ۾ هو پهريون غير- يوروپي عالم هو،
جيڪو تعليم کاتي ۾ ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر جي عهدي تي
مقرر ڪيو ويو هو. ڪاميٽيءَ ۾ چار هندو ۽ چار
مسلمان عالم ۽ تعليمدان هئا.
ڀيرومل مهر چند جي غلطي:
ڪاميٽيءَ جي ميمبرن جي باري ۾ وڌيڪ ڄاڻ ڏيندي
ڀيرومل مهر چند لکيو آهي ته خان بهادر مرزا صادق
علي بيگ، مرزا قليچ بيگ جو مربي ڀاءُ هو، حقيقت ۾
ڏسجي ته ان باري ۾ ڀيرومل کان غلطي ٿي آهي، ڇاڪاڻ
ته ”مرزا صادق علي بيگ“ جيڪو اُن ڪاميٽيءَ جو
ميمبر هو. اهو حيدرآباد جو ته هو، پر قليچ بيگ جو
وڏو ڀاءُ نه هو. قليچ بيگ پنهنجي آتم ڪٿا ”سائو
پن، ڪارو پنو“ ۾ لکيو آهي ته سندس وڏي ڀاءُ مرزا
صادق علي بيگ جو جنم سن 1845ع ۾ ٿيو هو، جيڪڏهن
جنم جو اهو سال صحيح آهي ته پوءِ سندس وڏو ڀاءُ
مرزا صادق علي بيگ 1853ع ۾ اٺن سالن جي عمر ۾
انهيءَ ڪاميٽيءَ جو ميمبر ڪڏهن به ٿي نٿي سگهيو!
انهيءَ ۾ شڪ نه آهي ته مرزا قليچ بيگ جو وڏو ڀاءُ
مرزا صادق علي بيگ پهريون سنڌي مسلمان هو، جنهن
بمبئي يونيورسٽيءَ مان سن 1872ع ۾ بي. اي جو
امتحان پيش ڪيو هو. هو پوءِ سنڌ جي تعليم کاتي ۾
جدا جدا عهدن تي مقرر ٿيو. شرٽ ۽ اڌارام ٿانورداس
سان گڏ هن سن 1879ع ۾ سنڌي-انگريزي ڊڪشنري ٺاهي
هئي، جيڪا سنڌ جي تعليم کاتي طرفان شايع ڪئي ويئي.
هو ”سنڌ سڌار“ اخبار جو ڪجهه وقت لاءِ ايڊيٽر به
هو ۽ پو عربي-سنڌي ۾ هِجيئون سڌارڻ لاءِ جيڪي
ڪاميٽيون تعليم کاتي طرفان مقرر ڪيون ويون. انهن ۾
هن ميمبر طور ڪم ڪيو هو.
* مسٽر جيٽلي جي هن راءِ سان ڪن عالمن کي
اختلاف ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن سندس راءِ صحيح آهي
ته پوءِ انگريزن جي زماني ۾ پنجابي، سرحد ۾
پشتو ۽ بلوچستان ۾ سرڪاري لکپڙهه جو ڪم ۽
عدالتي ٻولي توڙي اسڪولي ٻولي اتان جون ٻوليون
ٿين ها، پر ائين ڪو نه ٿيو، اڃا تائين اُتي
ائين ڪونهي----- ادارو
|