يوسف زليخا
حضرت اسحاق نبي سڳوري جو ٻيو پٽ حضرت يعقوب عليھ
السلام به نبي هو. کيس ڇهه حرم هئا ۽ هرهڪ حرم مان
ٻه ٻه پٽ هئس. سندس هڪڙي حرم مان ٻه فرزند هئا: جن
مان هڪڙو هو حضرت يوسف عليھ السلام، جنهن کي نبوت
جو درجو عطا ٿيو ۽ ٻيو فرزند يامين هو. باقي ڏهه
فرزند ٻين حرمن مان هئا. حضرت يوسف ٻن سالن جو ٿيو
ته سندس والده وفات ڪئي، تنهنڪري پنهنجي پڦيءَ وٽ
پرورش ورتائين. حضرت يوسف سڀني ڀائرن کان وڌيڪ
سهڻو ۽ سلڇڻو هو، حضرت يعقوب کي پڻ سڀني پٽن مان
حضرت يوسف سان وڌيڪ محبت هئي.
حضرت يعقوب وٽ بيشمار ٻڪريون هيون، ۽ ٻين فرزندن
جي ڀيٽ ۾ هن حضرت يوسف کي وڌيڪ ٻڪريون ڏنيون هيون.
تنهن کان سواءِ حضرت يعقوب جي گهر ۾ هڪڙو خوبصورت
وڻ هو جنهن مان سندس ٻين پٽن سڌيون لٺيون ٺهرايون.
حضرت يوسف جڏهن اهي ڏٺيون تڏهن پنهنجي والد کي
چيائين ته: مونکي به اهڙي لٺ ٺهرائي ڏيو جا سڀني
ڀائرن جي لٺين کان سهڻي هجي. حضرت يعقوب اڃا
انهيءَ ڳالهه جو خيال پئي ڪيو ته حضرت جبرائيل هڪ
نهايت خوبصورت لٺ کڻي اچي حاضر ٿيو ۽ چيائين ته
هيءَ بهشتي باغ جي لٺ حضرت يوسف لاءِ عطا ٿي آهي.
اهي عنايتون ڏسي حضرت يوسف جا ڀائر حسد ڪرڻ لڳا.
هڪ رات حضرت يوسف خواب ۾ ڏٺو ته کيس سج چنڊ ۽
يارهن تارا سجدو پيا ڪن. صبح جو اٿي اها ڳالهه
پنهنجي پيءُ سان ڪيائين جنهن کيس منع ڪئي ته اها
ڳالهه ڪنهن کي به نه ٻڌائج. حضرت يعقوب کي انديشو
ٿيو ته هن جي تعظيم کان ٻين حسد پيدا ٿيندو. پر
اها ڳالهه ڪنهن طرح حضرت يوسف جي ڀائرن تائين وڃي
پهتي ۽ خواب جو مطلب سمجهي ويا، تنهنڪري کيس مارڻ
جون سٽون سٽڻ لڳا.
هڪ ڏينهن سڀئي ڀائر صلاح ڪري پيءُ وٽ آيا ۽ ادب
سان جهڪي کيس عرض ڪيائون ته: بابا سائين! توهين ڇو
يوسف کي هروقت نظر ۾ ٿا رکو ۽ اسان سان ملڻ گڏجڻ
نٿا ڏيو، سو اسين سندس ڀائر ۽ سڄڻ نه آهيون ڇا؟ اڄ
اسين شڪار تي ٿا وڃون؛ ادي يوسف کي به موڪل ڏيو ته
اسان سان گڏجي هلي. پهريائين ته حضرت يعقوب انهن
جو چوڻ نه مڃيو پر هنن جي زور ڀرڻ تي لاچار حضرت
يوسف کي موڪل ڏنائين.
سڀئي ڀائر ڳچ پنڌ ڪرڻ کان پوءِ هڪڙي گهاٽي جهنگ ۾
پهتا، جتي حضرت يوسف جي ڀائرن کيس هڪڙي کوهه ۾ کڻي
اڇلايو ۽ سندس ڪپڙا شڪار ڪيل جانورن جي رت سان
ڀري، شام ڌاري اچي پيءُ کي ٻڌايائون ته: اسين شڪار
۾ مشغول هئاسين ته پٺيان حضرت يوسف کي ڪو بگهڙ
کائي ويو ۽ هي رت ڀريل ڪپڙا شاهدي طور آندا اٿئون.
هن افسوسناڪ خبر ٻڌڻ سان حضرت يعقوب ايترو ته رنو
جو سندس اکين جي نظر هلي وئي پر حضرت يوسف جا ڀائر
روز انهيءَ کوهه تي اچي ان کي سڏ ڪندا هئا ۽ جڏهن
کين سڏ جو جواب ملندو هو تڏهن کيس پٿر هڻندا هئا
ته جيئن هو اندر ئي اندر مري وڃي. اهڙيءَ طرح ٽي
ڏينهن گذري ويا.
چوٿين ڏينهن ”مداين“ شهر کان مصر ڏي ويندڙ هڪ
قافلو اتان لنگهيو. قافلي جي ڪنهن ماڻهوءَ جيئن
پاني ڀرڻ لاءِ ٻوڪو کوهه ۾ ڍاريو ته حضرت يوسف ان
ٻوڪي کي چنبڙي پيو ۽ ٻوڪي سان گڏ ٻاهر ڇڪجي آيو.
قافلي وارن جو ههڙو حسين جوان ڏٺو سي ڏاڍا خوش ٿيا
ته هن کي وڪڻڻ سان چڱي رقم ملندي؛ تنهنڪري پاڻ وٽ
رهائي ڇڏيائونس. ٿوري وقت کان پوءِ حضرت يوسف جا
ڀائر دستور مطابق اتي آيا ۽ کوهه تي سڏ ڪيائون، پر
کين جواب ڪونه مليو. تڏهن سامهون قافلو لٿل ڏسي
گمان آين ته متان انهن وٽ هجي، سو اتي اچي حضرت
يوسف کي ڏٺائون ۽ قافلي جي سردار کي چيائون ته: هي
اسان جو نافر مان غلام اسان وٽان ڀڄي آيو آهي،
تنهنڪري اسان کي ڏيو. پر سردار حضرت يوسف ڏانهن
نهاري سهي ڪيو ته هو هنن وٽ وڃڻ لاءِ تيار ڪونهي،
تنهنڪري هن جي ڀائرن کي ڪجهه رقم ڏئي واپس ڪيائين.
حضرت يوسف جي ڀائرن به اهو ئي ٿي چاهيو ته ڀلي هي
قافلي وارا هن کي ڪنهن ڏورانهين هنڌوٺي وڃن جتان
وري نه موٽي.
قافلو ڪجهه وقت آرام ڪرڻ بعد اتان اچي مصر پهتو.
ان وقت مصر جو حاڪم ”ريان“ نالي هو. ان کي جڏهن
قافلي جي اچڻ جي خبر پئي تڏهن دستور موجب ان جي
استقبال لاءِ هن پنهنجي وزير ”عزيز“ کي موڪليو،
جنهن اچي قافلي جي آجيان ڪئي ۽ بادشاهه طرفان انهن
کي دعوت ڏني، جا هنن قبول ڪئي. چيائون ته چوٿين
ڏينهن شهر ۾ پهچنداسون. عزيز اتان موٽي اچي سڄي
خبر بادشاهه کي ٻڌائي ۽ ان سان گڏ حضرت يوسف جي
حسن جو بيان اهڙي ڍنگ سان ڪيائين جو ريان هن جي
ديدار جو خواهان ٿيو. حڪم ڏنائين ته هن قافلي جو
شاهاڻي نموني آڌر ڀاءُ ڪيو وڃي، ۽ ان لاءِ هڪ هزار
حسين نوجوان هڪ جهڙي شاهاڻي لباس ۾ استقبال لاءِ
وڃي حاضر ٿين.
ريان بادشاهه جي وزير عزيز کي ”زليخا“ نالي هڪ
حسين زال هئي، جا مغرب ولايت ۾ ”شاهه طموس“ نالي
بادشاهه جي ڌيءَ هئي. جڏهن هوءَ اڃا ڪنواري هئي
تڏهن هن جي حسن جي هاڪ ٻڌي ڪيترن ئي ملڪن کان
زليخا جي سڱ لاءِ پيغام آيا، پر بادشاهه انڪار پئي
ڪيو. ان وقت جي ڳالهه آهي ته زليخا خواب ۾ هڪ
نهايت حسين نوجوان ڏٺو، جو هن کي اهڙو ته وڻي ويو
جو ان تي عاشق ٿي پئي ۽ اٿئي ويٺي خواب ۾ ڏٺل
شهزادي کي سارڻ لڳي. هن کي ڳڻتيءَ ۾ ڏسي سندس
سهيلين ۽ ٻانهين گهڻئي حيلا هلايا پر هن راز ڪنهن
کي به نه ٻڌايو. اتفاق سان ٻيو ڀيرو به هن ساڳيو
شخص خواب ۾ ڏٺو. پوءِ ته هيڪاري سک ڦٽي پيس ۽ رات
ڏينهن آهون ۽ دانهون ڪندي رهي ۽ انهيءَ حد تي پهتي
جو پڻس هن کي چريو سمجهي محلات جي هڪ ڪوٺي ۾ کڻي
بند ڪيو. سندس سهيلين هن جي حال تي عجب ۽ ارمان
پئي ڪيو، پر هوءَ حال کان بيحال ٿي هڪڙي هنڌ پئي
هوندي هئي. قدرت سان هن ٽيون ڀيرو به ساڳيو شهزادو
خواب ۾ ڏٺو، تڏهن ان جي دامن جهلي کانئس نالو نشان
پڇيائين. هن جواب ڏنس ته آءٌ مصر ملڪ جي بادشاهه
جو وزير آهيان.
زليخا سجاڳ ٿي ڪجهه سرهي ٿي ۽ آهستي آهستي سندس بي
آراميءَ ۾ فرق آيو ۽ کائڻ پيئڻ جي خواهش ڪيائين.
انهيءَ حالت جي خبر شاهه طموس کي به پهتي جنهن کيس
ان ڪوٺيءَ کان ٻاهر ڪڍيو ۽ هن کان حقيقت معلوم ڪرڻ
جو ڪم هڪ رازدار دائيءَ تي رکيائين. انهيءَ دائيءَ
ڏينهن ٻن ۾ زليخا کان سندس دل جو راز معلوم ڪري
بادشاهه کي ٻڌايو، جنهن مجبوراً مصر جي وزير عزيز
ڏانهن شاديءَ جو پيغام موڪليو. عزيز خوشيءَ سان
اهو سڱ قبول ڪيو. پوءِ جلد ئي دستور موجب زليخا جي
ڏولي مصر ڏانهن وڃڻ لڳي. عزيز کي جڏهن خبر پئي ته
ڏولي مصر جي ويجهو اچي پهتي آهي تڏهن پاڻ استقبال
لاءِ شهر کان ٻاهر آيو ۽ اتي عاليشان طنبو لڳايا
ويا. سج لٿي مهل زليخا جي ڏولي به حفاظتي جٿي سان
اتي اچي پهتي ۽ هنن به پنهنجا طنبو کوڙيا پوءِ
هرڪو وڃي پنهنجي طنبوءَ ڀيڙو ٿيو. اڌ رات جو زليخا
پنهنجي رازدار دائيءَ کي چيو ته جنهن شخص سان
منهنجي هميشه جي زندگي گذرندي، ان جو ڪنهن اٽڪل
سان ديدار ڪراءِ.
دائي سياڻي هئي، تنهن طنبوءَ جي پردي کي اهڙي
هنڌان چهڪ ڏنو جتان نهارڻ سان عزيز جي طنبوءَ تي
نظر ٿي پئي.
زليخا انهيءَ چير مان ان طنبوءَ ڏي نهاريو ته کيس
سامهون پلنگ تي عزيز ڏسڻ ۾ آيو. ڏسڻ سان هاءِ هاءِ
ڪري پٽ تي ڪري پئي. دائيءَ خبر پڇيس، جنهن تي کيس
روئي چيائين ته: هيءُ اهو شخص ڪونهي جيڪو مون خواب
۾ ڏٺو هو. ائين چئي ٻئي هٿ کڻي آسمان طرف منهن ڪري
ٻاڏائڻ لڳي ته: اي قدرت جا مالڪ! تون منهنجي دل جي
حال کان واقف آهين. جيڪڏهن مونکي من گهريو محبوب
نه مليو آهي ته پنهنجو ڪرم ڪري هن ڌارئي شخص سان
منهنجو پلو نه ملاءِ. مون پنهنجي انهيءَ دوست سان
وعدو ڪيو آهي؛ ان ۾ ڪوتاهي ٿيڻ نه ڏي ۽ انهيءَ
خواريءَ کان مونکي بچاءِ. زليخا اها دعا گهري اڃان
بس ڪئي ته هڪ غيبي آواز آيو ته: اي زليخا! هاڻي
زمين تان مٿو کڻ ۽ روڄ بند ڪر. عزيز تنهنجو اهو
ساڳيو دوست نه آهي پر تنهنجي دل جو مطلب ان وٽان
پورو ٿيندو. اهو آواز ٻڌي هن لاچار صبر ڪيو ۽ عزيز
وٽ صبر سان زندگي گذارڻ لڳي. چون ٿا ته عزيز ڪڏهن
به هن تي قادر نه ٿي سگهيو، جنهنڪري هوءَ پاڪدامن
رهي.
جڏهن حضرت يوسف واري قافلي جي استقبال لاءِ مصر جي
بادشاهه ريان، حسين جو ان موڪليا تڏهن حضرت يوسف
نيل درياءَ مان وهنجي سهنجي جڙادار پوشاڪ پائي
ڏوليءَ ۾ سوار ٿي، قافلي جي سردار سان گڏ بادشاهي
درٻار ۾ پهتو ۽ بادشاهه کي باادب سلام ڪيائين.
بادشاهه سندس طور طريقي کان ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس
چيائين ته پنهنجي رخ تان پردو هٽاءِ ته اسين توکي
ڏسون. جيئن ئي هن نقاب پري ڪيو ته بادشاهه ۽
درباري هن جي سونهن جي تعريف ڪرڻ لڳا. انهيءَ گوڙ
تي زنانخاني ۾ به چرپر ٿي، جتي زليخا به موجود
هئي. هن ٻانهين کي چيو ته معلوم ڪري خبر ڏيو ته
اهو ڇا جو گوڙ آهي. جڏهن ٻانهين کيس ٻڌايو ته ڪنهن
بيحد حسين نوجوان جي اچڻ تي اهو گوڙ ٿيو آهي، تڏهن
پاڻ درٻار ۾ اچڻ جو اطلاع موڪليائين. بادشاهي
اجازت تي اهڙو بندوبست ڪيو ويو. زليخا جڏهن پردي
مان حضرت يوسف کي ڏٺو تڏهن هڪ آه ڀري ڪري پئي ۽
بيهوش ٿي وئي. ٻانهين کيس اتان کڻي محلات ۾ آندو ۽
گلاب ڇڙڪائي کيس هوش ۾ آندائون. هن واقعي کان پوءِ
زليخا ڏاڍي سرهي گذارڻ لڳي. اها حالت سندس رازدار
دائي کان ڳجهي نه رهي، جنهن زليخا کان سربستو
احوال ورتو.
ٻئي ڏينهن قافلي جي سردار حضرت يوسف کي وڪڻن خاطر
پڙهو ڏياريو؛ جنهن تي شهر جا ڪئين دولتمند بازار ۾
اچي گڏ ٿيا. خود ريان بادشاهه پڻ اتي حضرت يوسف کي
خريد ڪرڻ لاءِ اچي نڪتو. اها خبر زليخا جي ڪن پئي
تنهن وري عزيز کي چيو ته: پاڻ کي اولاد ڪونهي
تنهنڪري انهيءَ نوجوان کي خريد ڪري اچ ته کيس
پٽيلو بنائي پاڻ وٽ رکون. عزيز کي اها ڳالهه وڻي ۽
هو به اچي اتي پهتو. بادشاهه کي ڏسي هن پنهنجو
ارادو کيس ٻڌايو جنهن حضرت يوسف جي خريد ڪرڻ جو
ارادو بدلائي هن کي اهڙي اجازت ڏني. گهڻئي واڪن تي
واڪ آيا پر هن جي واڪ سان ڪو پڄي نه سگهيو ۽ هن
حضرت يوسف کي خريد ڪري پنهنجي محلات ۾ آڻي رهايو.
زليخا کي پنهنجو دل گهريو دوست ملي ويو، تنهن هن
کي هر طرح خوش رکيو. آخر ڪجهه عرصي کان پوءِ ٻنهي
هڪ ٻئي کي پنهنجي گذريل زندگيءَ جو احوال ٻڌايو،
جنهن تي ٻئي عجب کائيندا رهيا. هڪ ڏينهن حضرت يوسف
زليخا کي چيو ته: مونکي رڍن ۽ ٻڪرين چارڻ جو شوق
آهي، ڇو ته اهو منهنجو اباڻو ڌنڌو آهي. زليخا ته
چاهيو ٿي ته هيءُ ڪا نڪا خواهش ڪري ته ان جي
پورائي ڪريان. تنهن هن کي اهڙو بندوبست ڪري ڏنو ۽
هو انهيءَ ڌنڌي کي لڳي ويو.
سندس ڪي ڏينهن انهيءَ حالت ۾ گذريا. زليخا، حضرت
يوسف جو توجهه پاڻ ڏانهن ڇڪائيندي رهي ۽ کيس محبت
جي نگاهن سان ڏسندي رهي. هر موقعي تي پنهنجي دل جو
حال هن جي آڏو پئي رکيائين. حضرت يوسف اهڙيءَ
ڳالهه ڏانهن ڪو به ڌيان نه ڏنو. انهي ناڪاميءَ سبب
زليخا غمگين ۽ فڪرمند رهڻ لڳي. نيٺ دائيءَ سان
پنهنجي اُڪير ۽ حضرت يوسف جي انڪار جو ذڪر ڪري
صلاح ڪيائين ۽ چيائين ته شهر کان ٻاهر هڪڙي باغيچي
۾ هڪ عاليشان رنگ محل تيار ڪرائي ان ۾ عيش عشرت جو
سامان رکائي، ان ۾ حضرت يوسف کي رهائجي ته جيئن
سندس طبيعت انهن شين ڏانهن مائل ٿئي. دائيءَ
انهيءَ ڪم جو پاڻ ذمو کنيو. تجويز مطابق محل تيار
ٿيو ۽ دائيءَ هڪ خاص مخفي ڪوٺيءَ ۾ زليخا ۽ حضرت
يوسف جون تصويرون ٺهرائي رکي ڇڏيون. اها ڪوٺي
محلات جي سڀني ڪوٺين کان پڇاڙيءَ ۾ هئي. جيئن اندر
ايندڙ ماڻهو اهي ڪوٺيون لتاڙي ان خاص ڪوٺيءَ ۾
پهچي.
هڪ ڏينهن سير جي بهاني سان زليخا باغ مان گهمندي
انهيءَ محلات جي خاص ڪوٺيءَ ۾ اڳ ئي وڃي ويٺي ۽
دائي پڻ حضرت يوسف کي ڳالهين ۾ مشغول ڪندي انهي
خاص ڪوٺيءَ ۾ اماڻي، ٻاهران سڀني ڪوٺين جا دروازا
بند ڪري پاڻ هلي وئي. زليخا حضرت يوسف کي ڏسي اٿي
۽ هن سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪيائين. حضرت يوسف
کي اتي خدا تعاليٰ جو خوف جاڳيو ۽ واپس موٽيو.
دروازو بند ڏسي هن الله تعاليٰ کان دعا گهري ته
اوچتو بند دروازو کليو ۽ وري ٻئي دروازي وٽ پهتو.
اهڙي طرح سڀئي بند دروازو کلندا ويا ۽ حضرت يوسف
ڀڄندو ويو، پٺيان زليخا به ڊوڙندي آئي. حضرت يوسف
جڏهن آخري دروازي تي پهتو ته زليخا به اچي پويان
رسي ۽ سندس پهراڻ جي پوئين حصي ۾ هن جو هٿ پئجي
ويو. حضرت يوسف جي ڀڄڻ ۽ پاڻ ڇڏائڻ سبب اهو پهراڻ
جو پويون حصو ڦاٽي زليخا جي هٿ ۾ رهجي ويو.
اتفاق سان انهيءَ وقت عزيز به اتي اچي نڪتو، جنهن
هنن کان انهيءَ ڇڪتاڻ جو سبب پڇيو. زليخا ٻي واهه
نه ڏسي پنهنجي عزت بچائڻ خاطر چيو ته: آءٌ محلات
جي اندرئين ڪوٺيءَ ۾ ستل هيس ته اتي يوسف بنا
اجازت اچي نڪتو ۽ مون سان گستاخي ڪرڻ لڳو، پر
مونکي سجاڳ ٿيندو ڏسي ڊپ کان وٺي ڀڳو، مون سزا ڏيڻ
جي خيال کان کيس جهليو ٿي ته سندس هي پهراڻ جو ٽڪر
منهنجي هٿ ۾ اچي ويو ۽ هو ڇڏائي اڳتي وڌي ويو.
عزيز، حضرت يوسف تي ڏمريو کيس چيائين ته توکي ڇا
چوڻو آهي؟ حضرت يوسف ڪوبه جواب ڏئي نه سگهيو پر
اکيون آسمان طرف ڪري الله تعاليٰ جي درگاهه ۾ سوال
ڪيائين. الله تعاليٰ سندس سوال اگهايو ۽ اتي
انهيءَ مهل هڪڙي ٻانهيءَ جي ٽن مهينن جي ٻار شاهدي
ڏني ته حضرت يوسف بيڏوهه آهي ۽ زليخا جيڪي ڳالهائي
ٿي اهو ڪوڙ ۽ بهتان آهي. هن غيبي شاهديءَ تي عزيز
کي يقين اچي ويو ۽ حضرت يوسف کي آزاد ڪري ڇڏيائين.
هن واقعي ٿيڻ کان پوءِ مصر جي زالن زليخا کي طعنا
۽ مهڻا ڏنا ته تو هڪڙي ٻانهي تي موهجي پنهنجي عزت
وڃائي آهي. هن ڇا ڪيو جو هڪڙي مجلس ڪوٺايائين،
جنهن ۾ مصر جي زالن کي دعوت ڏئي گهرايائين. آيل
زالن کي هڪ صوف ۽ وڍڻ لاءِ ڇري ڏنائين. ساڳئي وقت
ان بندوبست به رکيو هو ته حضرت يوسف سندس حڪم تي
انهي مهل اچي نڪري. جيئن ئي انهن زالن صوف ٿي وڍيو
تيئن حضرت يوسف به اتي اچي نڪتو ۽ هن کي ڏسي زالن
جا حواس اهڙا خطا ٿي ويا جو صوف جي بدران پنهنجون
آڱريون ڪپي ويهي رهيون. جڏهن حضرت يوسف ويو ته
زليخا چيو ته: اوهان هي ڇا ڪيو؟ تڏهن تڏهن زالن کي
احساس ٿيو ته زليخا واقعي مجبور آهي.
زليخا جي هن عشق جي خبر سڄي شهر ۾ هُلي وئي. انهي
بدناميءَ کان بچڻ خاطر ڪن عورتن زليخا کي صلاح ڏني
ته يوسف کي قيد ۾ رکائي ڇڏ. نيٺ اها صلاح مڃي حضرت
يوسف کي بيگناهه قيد ۾ رکائي ڇڏيائين. ڏينهن ٻن جي
صبر کان پوءِ ان جي جدائيءَ ۾ ڳرڻ لڳي، تان جو رات
جو دائيءَ سان گڏجي هن کي قيدخاني ۾ ڏسڻ ويندي
هئي. اهڙيءَ طرح سندس ڏينهن روئندي گذرندو هو ته
رات محبوب جي ديدار سان خوش گذرندي هئي.
حضرت يوسف کي ڌڻي تعاليٰ طرفان خواب تعبير ڪرڻ جو
علم عطا ٿيل هو. قيدخاني ۾ رهندي هن ڪيترن قيدين
کي خوابن جا تعبير ٻڌايا هئا. هڪ رات مصر جي
بادشاهه خواب لڌو ته ست متاريون ڍڳيون ستن ڏٻرين
ڍڳين کي کائي ويون آهن ۽ ستن سُڪل سنگن ٻين ستن
ساون سنگن کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي سڪائي ٺوٺ ڪري ڇڏيو
آهي. بادشاهه اهو خواب صبح جو درٻارين کي ٻڌايو پر
ان جو تعبير ڪير به ڪري نه سگهيو. اتي هڪ درٻاري
ٻڌايو ته حضرت يوسف صحيح تعبير ڪري ٿو سگهي. اها
ڳالهه ٻڌي بادشاهه ماڻهو موڪلي حضرت يوسف کان ان
جو تعبير ڪرايو. جنهن چيو ته هن ملڪ ۾ ست سال
لڳاتار سڪار ٿيندو ۽ وري ست سال سخت ڏڪار پوندو؛
تنهنڪري مناسب آهي ته ان سڪار واري وقت ۾ ڪفايت
ڪري ان بچائي رکجي جو ڏڪار ۾ ڪم اچي. هي تعير
بادشاهه کي دل سان لڳو ۽ حضرت يوسف کي گهرائي آزاد
ڪري پنهنجي درٻار ۾ جاءِ ڏنائين ۽ اهو ڪم ان جي
حوالي ڪيائين.
انهيءَ واقعي کان پوءِ جلدئي عزيز وفات ڪئي. ان جي
وفات بعد حضرت يوسف جي دل ۾ زليخا جي سچائيءَ ۽
محبت جو احساس پيدا ٿيو ۽ ان ڏانهن توجهه ڪرڻ لڳو.
زليخا ان جو رخ ڏسي دل ئي دل ۾ خوش ٿيندي رهي. هڪ
ڏينهن جيئن حضرت يوسف محلات مان ٿي لنگهيو ته هن
جو رستو روڪي بيهي رهي ۽ هن کي عاجزي ۽ منٿ سان
پنهنجو درد ڀريو حال ٻڌايائين. حضرت يوسف ان جي
لازوال محبت ۽ ان جو استقلال ڏسي ڏاڍو متاثر ٿيو ۽
کيس الله تعاليٰ تي ايمان آڻن جي دعوت ڏنائين.
زليخا هي ارشاد ٻڌي ان وقت ئي ايمان آندو. حضرت
يوسف به زليخا لاءِ مغفرت جي دعا گهري. الله
تعاليٰ جي قدرت سان زليخا اڳي کان به زياده حسين ۽
نوجوان ٿي پئي. ٿوري ئي وقت کان پوءِ، زليخا جي
حضرت يوسف سان شادي ٿي ۽ ٻئي ڄڻا قرب ۽ محبت سان
رهڻ لڳا.
حضرت يوسف سڪار واري وقت ۾ ان جي بچت ڪرائي گدام
ڀرائي ڇڏيا. سندس خواب سچو ثابت ٿيو جو ستن سالن
کان پوءِ ڏڪار اچي پيو، پر مصر انهيءَ مصيبت کان
بچي ويو. پاڻ آسپاس جي ملڪن ۾ به مصر مان ان وڃڻ
لڳو. حضرت يوسف جي هن سخا جي هاڪ ڏيهان ڏيهه پکڙجي
وئي. اها خبر ٻڌي ڪنعان کان حضرت يوسف جا ڀائر
اناج وٺڻ لاءِ مصر ۾ آيا. حضرت يوسف انهن کي سڃاتو
۽ کين عزت ڏئي اناج جون خرزينون ڏئي واپس ڪيو.
ڪجهه وقت کان پوءِ حضرت يوسف جا ڀائر سندس سڳي
ڀاءُ ابن يامين کي وٺي آيا. حضرت يوسف بهاني سان
اتي جي قانون مطابق ابن يامين کي چوريءَ جي تهمت
هيٺ پاڻ وٽ رهائي ڇڏيو. جڏهن ٻيا ڀائر روانا ٿيا
تڏهن ساڻن گڏ پنهنجي قاصد هٿان پنهنجو پهراڻ
پنهنجي والد حضرت يعقوب کي ڏياري موڪليائين.
حضرت يوسف جا ڀائر جڏهن پنهنجي والد وٽ پهتا تڏهن
هو ابن يامين نه ڏسي فڪرمند ٿيو، پر جڏهن کيس
پهراڻ مليو تڏهن سمجهي ويو ته هي پهراڻ ته يوسف جو
آهي. اتي کيس ابن يامين جو فڪر لٿو ته هو صحيح
سلامت پنهنجي ڀاءُ وٽ آهي. حضرت يعقوب، حضرت يوسف
جو اهو پهراڻ اکين تي کڻي رکيو ته سندس نظر موٽي
آئي ۽ پاڻ الله تعاليٰ جو شڪرانو ادا ڪيائين. ان
بعد پنهنجي فرزند وٽ رهڻ لاءِ ڪنعان ڇڏي اچي مصر
پهتو ۽ باقي حياتيءَ جا ڏينهن اتي گذاريائين.
يوسف زليخا قصو
خليفو غلام الله عباسي
حضرت اسحاق عليھ السلام کان پوءِ حضرت يعقوب عليھ
السلام کي نبوت ملي. نبوت ملڻ کان پوءِ حضرت يعقوب
شام ملڪ کي ڇڏي اچي ڪنعان ۾ رهيو.
ڪنعان ۾ حضرت يعقوب رڍن ۽ ٻڪرين جا ڌڻ پاليندو هو
۽ ماڻهن کي خدا تعاليٰ طرف متوجهه به ڪندو هو:
نبوت جو جڏهن وارث ٿيو وير،
ڇڏي سو شام ٿيو ڪنعان جو مير.
جڏهن ڪنعان ۾ ٿيو وطن وارو،
رڍن ۽ مال جو ٿيس نا شمارو.
حضرت يعقوب عليھ السلام کي ٻارهن فرزند هئا. جن
مان ٻه حضرت يوسف ۽ ابن: يامين هڪ حرم مان ۽ باقي
ڏهه ٻئي حرم مان هئا.
ابن يامين ۽ يوسف ٻئي برادر،
هئا هڪ مان، ٻين ڏهن ٻيءَ مادر.
حضرت يوسف جڏهن ٻن سالن جو ٿيو تڏهن سندس ماءُ
وفات ڪري وئي. ماءُ کان پوءِ حضرت يوسف پنهنجي
پڦيءَ وٽ پرورش وٺڻ لڳو. حضرت يوسف پنهنجي سڀني
ڀائرن کان وڌيڪ سهڻو ۽ سلڇڻو هوندو هو:
آيو سڀ جي نظر يوسف مثل ماهه،
بلند شهه شان سو سج جي طرح واهه.
حسن ٻاهر هو تنهن جو عقل کون،
فڪر جي حد ڪنان سمجهڻ نقل کون.
انهيءَ وقت ۾ مغرب ولايت ۾ ”شاهه طيموس“ نالي هڪڙو
بادشاهه حڪومت ڪندو هو. ان کي ”زليخا“ نالي هڪ
تمام سهڻي ڌيءَ هئي:
نه هئي دختر بلڪ اختر ستارو،
گويا روشن گوهر بنشاهه وارو.
اچي نان وصف ۾ تعريف تنهن جي،
طبع کي ٿو سيکاريان ڳالهه جنهن جي.
هن جي سونهن ۽ سوڀيا جي هاڪ ملڪان ملڪ پکريل هئي.
ڪيترن ملڪن کان شاهه طيموس وٽ زليخا جي سڱ لاءِ
پيغام آيا، پر شاهه انڪار ڪري پئي ڇڏيو. هڪ دفعي
زليخا خواب ۾ هڪڙو تمام سهڻو مرد ڏٺو. اهو خوبصورت
نوجوان هن کي اهڙو ته وڻي ويو جو ڏسڻ شرط موهت ٿي
پئي ۽ اٿئي ويٺي انهي خواب ۾ ڏٺل شهزادي کي سارڻ
لڳي. سهيليون ٻانهيون حيلا هلائي بيهي رهيون، پر
هن اهو راز ڪنهن سان به نه سليو. اتفاق سان وري
ٻئي ڀيري به ساڳيو شخص خواب ۾ ڏٺائين. هاڻي ته
ويتر آرام ڦٽي پيس، ڏينهن رات آهن ۽ دانهن ڪندي
گذرندو هوس. نيٺ پيءُ هن کي چريو سمجهي محلات جي
هڪ ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري ڇڏيو. سڀئي سهيلون ٻانهيون
مٿانئس عجب کائينديون هيون پر هيءَ ويچاري قرب جي
ڪٺل سڀني کان هڪ طرفي پنهنجي موج ۾ مگن رهندي هئي.
قدرت سان ٽيون ڀيرو به ساڳيو شهزادو خواب ۾
ڏٺائين، تڏهن دامن کان جهلي کانئس نالو نشان پڇڻ
لڳي. انهي نوجوان جواب ڏنس ته منهنجو نالو ’عزيز‘
آهي آءٌ مصر ملڪ جي بادشاهه جو خاص ماڻهو آهيان:
روئي تنهن کي وڌائين دست دامن،
پئي پيرين رني رت عين عام نه.
چيائين ڪر اندوهه منهنجي کي جهڪيرو،
اسم ڏَس پانهنجو تو ملڪ ڪيرو.
ائين چئي اهو شخص ته غائب ٿي ويو، پر ان کان پوءِ
زليخا جي بي آراميءَ ۾ آهستي آهستي فرق اچڻ لڳو.
شاهه طيموس هن خبر ملڻ شرط ڌيءَ کي آزاد ڪري ڇڏيو
۽ سندس هڪ رازدار سهيليءَ کي زليخا کان ماجرا پڇڻ
لاءِ چيائين. انهيءَ سهيليءَ ڏينهن ٻن ۾ زليخا کان
ماجرا پڇڻ لاءِ چيائين. انهيءَ سهيليءَ ڏينهن ٻن ۾
زليخا کان سڀ حقيقت معلوم ڪري وڃي بادشاهه کي
ٻڌائي. بادشاهه مجبوراً ٻيو ڪو به چارو نه ڏسي مصر
جي عزيز ڏانهن شاديءَ جو پيغام موڪليو. عزيز هن
پيغام کي غنيمت سمجهي خوشيءَ سان قبول ڪيو ۽ پوءِ
جلد ئي زليخا جي ڏولي سنڀري مصر ڏانهن وڃڻ لڳي.
ڏولي جڏهن مصر جي ويجهو پهتي، تڏهن عزيز پاڻ
استقبال لاءِ شهر کان ٻاهر آيو. شهر کان ٻاهر
عاليشان طنبو لڳايا ويا. سج لٿي مهل زليخا جي ڏولي
حفاظتي جٿي سميت اچي اتي پهتي، پوءِ سڀڪو وڃي
پنهنجي پنهنجي مقرر طنبوءَ ڀيڙو ٿيو. اڃا رات اڌ
کن گذري هئي ته زليخا پنهنجي رازدار دائيءَ کي
روئي چيو ته: جيسين انهي شخص سان ملاقات ٿئي تيسين
هينئر ڪنهن اٽڪل سان سندس ديدار ڪراءِ. دائي تمام
سياڻي هئي تنهن ڇا ڪيو جو اٽڪل سان طنبوءَ جي وچ
واري پردي کي اهڙيءَ طرح سان چهڪ ڏنائين جو ان مان
نهارڻ سان سڌي عزيز جي پلنگ تي نظر ٿي پئي. پوءِ
اچي اهڙو سُر زليخا کي ڏنائين. زليخا خوشيءَ مان
ٽپ ڏئي وڃي. انهيءَ چير مان ڀرواري طنبوءَ ۾ نهارڻ
لڳي ۽ سامهون پلنگ تي عزيز کي ڏسي هاءِ هاءِ ڪري
پٽ تي ڪري پئي. دائي ڊوڙي اچي خبر پڇيس. تنهن کي
روئي چيائين ته: هيءُ اهو شخص ڪونهي جنهن کي مون
خواب ۾ ڏٺو هو. جنهن مونکي هن منزل تي پهچايو اهو
شهزادو اڃائي ڪو ٻيو آهي:
زليخا جو ڪيئي تنهن تون نگاهي،
ڏٺائين سو نه جنهن منجهه خواب گاهي.
پئي ليٽي ڪري دانهون الاهون،
وڃن جنهن جون اتي پيون عرش آهون.
اهو هي نا ڏٺو مون خواب ۾ جو،
کنيم رنج روهه جنهن جي باب ۾ جو.
اهو هي نان ٿيس جنهن لئي مسافر،
مثل مجنون ٿيس مستان وافر.
ائين چئي اچي آهه وزاريءَ ۾ پئي ۽ ٻئي هٿ آسمان
ڏانهن کڻي ٻاڏائڻ لڳي ته: اي قدرت جا مالڪ! تون
منهنجي دل جي حال کان واقف آهين. هاڻي جيڪڏهن
مونکي اهو دلبند يار نه ملي سگهيو آهي ته ڪرم ڪري
هن ڌارئي شخص سان منهنجو پيوند نه ڳنڍ. ڇو ته مون
دل ئي دل ۾ انهيءَ دوست سان وعدو ڪري ڇڏيو آهي.
هاڻي مونکي خواريءَ کان بچاءِ. اڃا زليخا هيءَ دعا
گهري بس ئي مس ڪئي ته هڪ غيبي آواز ٻڌڻ ۾ آيس ته:
اي زليخا! هاڻي زمين تان منهن کڻ ۽ روڄ بند ڪر.
عزيز تنهنجو دوست ناهي پر تنهنجو مطلب انهي وٽان
حل ٿيندو:
آيس بخشش سندو پوءِ راز راضي،
ڏنو آواز سر جبرائيل قاضي.
اڙي ويچارڙي منهن خاڪ تان کڻ!
اجهو مشڪل ٿيندي آسان تو ڄڻ.
عزيز مصر نه تنهنجو دوست آهي،
بلڪ حاصل اتانهون حاج ساهي.
اتانهون دوست جو ديدار پائين،
اتانهون سو ڳچيءَ ڳل لعل لائين.
انهيءَ دلاسي کان پوءِ زليخا صبر سان عزيز وٽ رهڻ
لڳي. چون ٿا ته جڏهن به عزيز صحبت جو خيال ڪندو هو
تڏهن کيس همت نه ٿيندي هئي. اهڙيءَ طرح عمر جا ڪي
ڪيترا ڏينهن گذري ويا.
هوڏانهن حضرت يوسف اڄ ننڍو سڀان وڏو اچي سمجهه
لائق ٿيو. حضرت يعقوب جي گهر ۾ هڪ سهڻو وڻ هوندو
هو. ان جي سڌين ٽارين مان ٻين سڀني ڀائرن سٺيون
سٺيون لٺيون ٺاهي پاڻ وٽ رکيون هيون. اهي لٺيون
ڏسي حضرت يوسف هڪ ڏينهن پنهنجي پيءُ کي چيو ته:
بابا! مونکي به ڪا اهڙي لٺ ٺهرائي ڏيو جا سڀني
ڀائرن جي لٺين کان سهڻي هجي. حضرت يعقوب پٽ جو
راض: ڏسي خدا تعاليٰ کي سوال ڪيو، اڃا حضرت يعقوب
دعا ئي پئي گهري ته حضرت جبرائيل هڪ نهايت خوبصورت
لٺ کڻي اچي اڳيان بيٺو ۽ چيائين ته هيءَ لٺ بهشتي
باغ جي آهي ۽ الله تعاليٰ يوسف کي تحفي طور موڪلي
آهي.
خدا کي ڪيون پدر زاريون گهڻيريون،
يوسف لئي سي دعائون اڻ: ڳڻيريون.
آيو پوءِ جلد سو قاصد خدائي،
عصا جنهن زبرجد آندي ادائي.
زبرجد سبز جي لاثان سنگ جو،
سڄي دنيا اندر اصلي نه رنگ جو.
قوي قوت گران قيمت ۽ هلڪي،
نه روغن رنگ جنهن کي سبز سلڪي.
حضرت يوسف جا ڀائر جي اڳئي کيس ڏسيو پيا سڙندا
هئا، سي هيءَ لٺ ڏسي حسد ڪرڻ لڳا.
هڪ رات حضرت يوسف خواب ۾ ڏٺو ته کيس سج، چنڊ ۽
يارهن تارا سجدو پيا ڪن. صبح جو اٿي اها ڳالهه
پيءُ سان ڪيائين جنهن کيس روڪيو ته هن ڳالهه جو
ذڪر ڪنهن سان به نه ڪج:
چيس پيءُ اي پسر مٺڙا مٺائي،
کلين ڪهڙي سبب ڪرڪا چٽائي.
چيائين خواب ۾ سج چنڊ سارو،
وري يارهن ستارن جو ستارو.
ڪئي سڀني اچي تعظيم توڙون،
مڙن سجدا ڪيا ٿم جال جوڙون.
چيس يعقوب اي پٽڙا! صبر ڌر،
سخن هن ڳالهه جو ڪنهن سان نه تون ڪر.
ٿورن ڏينهن کان پوءِ اها خبر ڪنهن طرح سندس ڀائرن
تائين وڃي پهتي جي هن خواب جو مطلب هڪدم سمجهي ويا
۽ حضرت يوسف جي مارڻ لاءِ سٽون سٽڻ لڳا. هڪ ڏينهن
سڀئي ڀائر صلاح ڪري پيءُ وٽ آيا ۽ ادب سان جهڪي
چوڻ لڳا ته: باب! يوسف اسان جو به ڀاءُ آهي.
جيتوڻيڪ توهان کيس حد کان زياده پيار ڪريو ٿا، پر
آخر اسين به سندس ڀائر آهيون. اڄ اسين شڪار ڪرڻ
لاءِ ڀر وارن ميدانن ۾ وڃون ٿا. ادي يوسف کي به
اجازت ڏيو ته کيس پاڻ سان گڏ شڪار تي وٺي وڃون.
نيٺ گهڻي ريڙهه پيڙهه کان پوءِ حضرت يعقوب اها
ڳالهه قبول ڪئي ۽ حضرت يوسف ڀائرن سان گڏجي شهر
کان ٻاهر نڪري ويو. ڳچ پنڌ ڪرڻ بعد هڪ گهاٽو جهنگل
آيو. حضرت يوسف جي ڀائرن اتي حضرت يوسف کي هڪ کوهه
۾ کڻي اڇلايو ۽ سندس ڪپڙا شڪار ڪيل جانورن جي رت
سان ڀري شام جو اچي پيءُ کي چيائون ته: بابا! اسين
شڪار کيڏڻ ۾ مشغول هئاسين ته پٺيان ادي يوسف کي ڪو
بگهڙ کائي ويو. اجهو هي رت ڀريل ڪپڙا شاهديءَ لاءِ
آندا اٿئون. چون ٿا ته حضرت يعقوب جهنگلي جانورن
کي گهرائي کانئن پڇا ڳاڇا ڪئي. جن قسم کاڌو ته
اسان کي حضرت يوسف بابت ڪا به خبر ڪانهي.
گهرائي گرگ ٿي تن کؤن پڇيائين،
کاڌو يوسف توهان جنهن لئي لڇيائين.
چيائون قسم رب، کاڌو اسان نان،
چرا چغلي ڪيون وارث وسان نان.
هن غمناڪ خبر کان پوءِ حضرت يعقوب ايتريقدر ته رنو
جو آخر اکين جو نور وڃائي ويٺو. حضرت يوسف جا ڀائر
روز صبح ۽ شام جو انهيءَ کوهه وٽ اچي سڏ ڪندا هئا
جڏهن کين برابر جواب ملندو هو تڏهن هيڪاري حسد ٿيڻ
لڳندو هون ۽ صلاحون ڪندا هئا ته آخر هن کي ڪيئن
مارجي. اهڙيءَ طرح ٽي ڏينهن گذري ويا. چوٿين ڏينهن
قدرت سان ڪو قافلو مدين شهر کان مصر ويندي راهه
ڀلجي اچي ان کوهه وٽ نڪتو.
شهر مدين منجهان جو قافلو ٿيو،
ايرادي مصر جي سان ٿي مصر ويو.
ڀُلي پيو واٽ کؤن سر کوهه آيو،
اتي آرام لئي تن ساٿ لاهيو.
ان قافلي جي هڪ ماڻهوءَ جيئن پاڻي ڀرڻ لاءِ دلو
کوهه ۾ ڍاريو ته حضرت يوسف ان دلي سان چنبڙي پيو ۽
انهيءَ وسيلي ٻاهر نڪري آيو. قافلي وارا ههڙي سهڻي
صورت واري نوجوان کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا ۽ پاڻ وٽ
رهائي ڇڏيائونس. ٿوري وقت کان پوءِ حضرت يوسف جا
ڀائر دستور مطابق آيا ۽ سڏ ڪيائون ته کين ڪو جواب
ڪونه مليو. سامهون هڪ قافلو لٿل ڏسي پڪ ٿين ته
حضرت يوسف انهن وٽ هوندو. نيٺ هي سڀئي گڏجي قافلي
جي اڳواڻ وٽ ويا ۽ اتي حضرت يوسف کي ڏسي چيائون
ته: هي اسان جو نافرمان غلام آهي. آخرڪلام ٿوري
ريڙهه پيڙهه کان پوءِ ڪجهه ملهه تي حضرت يوسف کي
وڪڻي واپس موٽي ويا. اهو قافلو ڪجهه وقت آرام ڪرڻ
کان پوءِ وري اٿي پنڌ پيو ۽ ڳچ ڏينهن پڄاڻا اچي
مصر کان نڪتو. مصر جي بادشاهه ”ريان“ کي جڏهن هن
قافلي جي اچڻ جي خبر پئي تڏهن پنهنجي وزير عزيز کي
استقبال لاءِ شهر کان ٻاهر موڪليائين. عزيز شاهي
حڪم مطابق اچي قافلي وارن سان مليو ۽ انهن کي
بادشاهه جي طرفان دعوت ڏنائين، جا هنن قبول ڪئي ۽
چوٿين ڏينهن شهر ۾ اچڻ جو خيال ظاهر ڪيائون. عزيز
اتان موٽڻ تي سڄي خبر اچي بادشاهه سان ڪئي ۽ ان
سان گڏ حضرت يوسف جي سونهن جو بيان اهڙي ته شدومد
سان ڪيائين جو بادشاهه ريان اڻ ڏٺي سندس ديدار
لاءِ مشتاق ٿي پيو. انهيءَ وقت حڪم ڏنائين ته اهڙي
خوبصورت مهمان جي استقبال لاءِ هڪ هزار تمام حسين
نوجوان ساڳي پوشاڪ ۾ تيار هجن ۽ هن قافلي جو نهايت
شاهاڻو آڌرڀاءُ ڪيو وڃي:
حڪم ڪيائين هزارين سونهن سهڻا،
اچي گڏ ٿين مڙيئي معشوق مهڻا.
هجن سڀ کي ڪلاهون زر مٿن ۾،
قبا زرڪش همه روٿون رٿن ۾.
جڙاداري ڪمر بند قيمتي ڪي،
شڪر شيرين کلن کيڪار سان جي.
چوٿين ڏينهن صبح جو حضرت يوسف نيل درياءَ مان
وهنجي سهنجي جڙائدار پوشاڪ پهري اچي ڏوليءَ ۾
ويٺو. تنهن کان پوءِ هيءَ سواري نهايت شان ۽ شوڪت
سان اچي درٻار ۾ پهتي. حضرت يوسف ڏوليءَ مان لهي
بادشاهه کي ادب سان سلام ڪيو. بادشاهه هن جي تعظيم
ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين ته: اي خوبصورت شهزادا!
هاڻي رخ تان پردو هٽاءِ ڇو ته اسين سڀ تنهنجي
ديدار جا مشتاق آهيون. چون ٿا ته جيئن حضرت يوسف
پنهنجي منهن تان پردو هٽايو ته بادشاهه سميت سڀ
درٻاري سندس سونهن ڏسي حيران ٿي ويا. زليخا هي
گوڙ ٻڌي ٻانهين کان پڇيو ته: ٻاهر ڇا آهي؟ ٻانهين
سڄي حقيقت ڪري ٻڌايس. هي خبر ٻڌي زليخا به درٻار ۾
اچڻ جو اطلاع موڪليو. شاهي اجازت تي هڪدم اهڙو
بندوبست ڪيو ويو. چون ٿا ته زليخا حضرت يوسف کي
ڏسڻ شرط بيهوش ٿي وئي. سهيليون ٻانهيون کيس کڻي
محلات ۾ ويون ۽ گلاب جو پاڻي ڇڙڪائي هوش ۾
آندائونس. هن واقعي کان پوءِ زليخا ڏاڍي خوش گذارڻ
لڳي. سندس خاص دائي هي حال ڏسي ڪجهه ڪجهه ته سمجهي
وئي پر وري به خاطريءَ لاءِ پڇيائينس ته: سائڻ! ڇا
خبر آهي جو اڄ اهڙي بهار بهار پئي ڏسجين. زليخا
پنهنجي رازدار دائيءَ جي اصرار تي کيس پنهنجي
خوشيءَ جي سڄي ماجرا ڪري ٻڌائي.
ٻئي ڏينهن قافلي جي اڳواڻ، جو هڪ سوداگر هو، حضرت
يوسف کي وڪڻڻ جو ارادو ڪيو. منادي ٻڌي شهر مصر جا
ڪئين دولتمند بازار ۾ اچي گڏ ٿيا. خود بادشاهه
ريان به خريداريءَ جي خيال سان اتي آيو. واڪن تي
واڪ چڙهندا ويا. هي خبر جڏهن زليخا کي پئي تڏهن
عزيز کي چيائين ته اسان کي اولاد ڪونه آهي،
تنهنڪري ڪيتري به ملهه تي انهيءَ نوجوان کي وٺي اچ
ته کيس پاڻ وٽ پٽيلو ڪري رهايون. عزيز بازار ۾ اچي
بادشاهه کي پنهنجو ارادو ٻڌايو بادشاهه ان جو سبب
معقول سمجهي خريداريءَ تان هٿ کنيو ۽ عزيز، حضرت
يوسف کي خريد ڪري گهر وٺي آيو. هاڻي زليخا جي آهه
وزاري خوشين ۽ ٽهڪن ۾ بدلجي وئي ۽ نئين سج نوان
رنگ ڪرڻ لڳي. هڪ ڏينهن خبرن چارن ڪندي حضرت يوسف
پنهنجي گذريل وقت جو سمورو احوال زليخا کي ڪري
ٻڌايو ۽ زليخا پڻ پنهنجي خواب ۽ تڪليفن جو سمورو
ذڪر حضرت يوسف کي ٻڌايو. اهڙي طرح هنن کي هڪٻئي جا
حالات ٻڌندي ٻڌائيندي ڪئين ڏينهن گذري ويا. زليخا
هنن رهاڻين جي آڌار تي خوش فهمين جو هڪ جهان آباد
ڪندي رهي. هڪ ڏينهن حضرت يوسف زليخا کي چيو ته:
مونکي رڍن ۽ ٻڪرين چارڻ جو شوق آهي. زليخا جيئن ته
حضرت يوسف جي هر شوق خواهه ارادي کي پورو ڪرڻ
پنهنجو فرض سمجهندي هئي. سو پنهنجي دلبر جو هي
رايو ڏسي هڪدم اهڙو انتظام ڪري ڏنائين ۽ حضرت يوسف
ڏاڍي چاهه سان ڌنارپ جي ڪم کي لڳي ويو:
يوسف کي هئا هزارين ناز نعمت،
ٻڌي رايو ڌنارپ جو ته راوت.
چوي چاريان جيڪر دنبيون رڍون ميش،
رکي رايو اندر ۾ خاص هي خويش.
تنهين کؤن پوءِ ڏنو فرمان ساري،
زليخا تان يوسف ڌڻ کي ته چاري.
ڪي ڏينهن انهي حال ۾ به گذريا. ان وچ ۾ زليخا
ڪيترائي ڀيرا ڳالهين ٻولهين ۾ حضرت يوسف کي پاڻ
ڏانهن متوجهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر حضرت يوسف
ڏانهنس ڪو به ڌيان نه ڏيندو هو. هنن ناڪامين زليخا
کي آهستي آهستي وري ڳارڻ شروع ڪيو. هڪ ڀيري وجهه
وٺي دائيءَ کي پنهنجي نئين درد جو داستان ٻڌايائين
۽ پاڻ ۾ ويهي صلاح ڪيائون ته شهر جي ٻاهرئين
باغيچي ۾ هڪ تمام عاليشان رنگ محل ٺهرائجي جنهن ۾
عيش وعشرت جو سڀ سامان ميسر هجي؛ پوءِ يوسف کي
ڪجهه وقت لڳاتار انهيءَ محلات ۾ رهائجي ته جيئن
سندس طبيعت ۾ ڪو ڦيرو اچي. دائيءَ جي نگرانيءَ هيٺ
رٿيل تجويز مطابق هڪ محلات ٺهرايو ويو. دائيءَ هن
محلات جي هڪ ڳجهي ڪمري ۾ زليخا ۽ حضرت يوسف جي
گڏيل تصوير ٺهرائي، لڳارائي ڇڏي.
گڏيل سي سون جان جايون جڙي ويون،
ڏسي تن کي مون جنت مڙويون ياڙي.
وري تنهن ۾ ڪاريگر هڪ ڳجهي جاءِ،
ڪڍي يوسف شڪل ٻي تان زليخا.
ويٺا گڏ عاشق و معشوق وانگي،
مهر محبت منجهون تن ساءِ سانگي.
هڪ ڏينهن زليخا پنهنجين سهيلين ۽ ٻانهين سميت سير
جي بهاني سان انهيءَ محلات ۾ وئي. محلات گهمڻ کان
پوءِ زليخا انهيءَ ڳجهي ڪمري جي ڪنڊ ۾ وڃي لڪي
ويهي رهي پٺيان دائي اٽڪل سان حضرت يوسف کي انهيءَ
ڪمري ۾ وٺي آئي ۽ حضرت يوسف کي اندر ڪري پاڻ
دروازو ٻاهران ڪلفي وئي هلي. زليخا پنهنجي محبوب
کي ڪمري ۾ اڪيلو ڏسي نڪري ظاهر ٿي ۽ پنهنجي محبت
جو کليو کلايو اظهار ڪرڻ لڳي. حضرت يوسف خدا جي
خوف ۽ شاهي ادب کان صفا انڪار ڪيو ۽ واپس پوئتي
موٽڻ لڳو. جيئن جيئن بند دروازي وٽ ايندو ويو تيئن
تيئن ڪلف ازخود کلندا ويا ۽ حضرت يوسف اچي محلات
جي صحن ۾ پهتو:
زليخا جي تڪڙ جلدي ڪرڻ تي،
يوسف هو دير جي ڌيانن ڌرڻ تي.
چيائين ٿئي مون کؤن شرم توکي،
بتن بيڪار کؤن پڻ مرد توکي.
اٿي ڊوڙيو کنيائين گام تي گام،
کليا دروازا ٿي عام تي عام.
اشاري ساڻ آڱر جي ويا ٿي،
ڪنجون تن جون ته آڱريون ٿيا ٿي.
پنهنجي محبت ۽ شوق جو هي جواب ٻڌي زليخا جلي خاڪ
ٿي وئي ۽ ڊوڙي حضرت يوسف کي جهلڻ لڳي. حضرت يوسف
جئن اڳتي ڀڄڻ لاءِ قدم وڌايو ته سندس پهراڻ جو
پويون ڳچ حصو ڦاٽي زليخا جي هٿ ۾ رهجي ويو. عين
انهيءَ وقت عزيز به اچي اتي پهتو ۽ هن ڇڪتاڻ جو
سبب پڇڻ لڳو. زليخا بروقت ٻيو ڪو به چارو نه ڏسي،
پنهنجي عزت بچائڻ خاطر عزيز کي چيو ته: آءٌ هن
محلات جي بلڪل اندرئين ڪمري ۾ آرامي هيس ته يوسف
بنا اجازت اندر لنگهي آيو ۽ مون سان گستاخي ڪرڻ
لڳو. مونکي سجاڳ ٿيندو ڏسي ڊپ کان وٺي ڀڳو ۽ مون
کيس سزا ڏيڻ جي خيال کان جهليو ٿي ته سندس پهراڻ
جو هي حصو ڦاٽي منهنجي هٿ ۾ رهجي ويو ۽ يوسف آزاد
ٿي اڳتي وڌي ويو. هاڻي بهتر آهي ته هن کي قيد ۾
بند رکجي ته ڀل پنهنجي ڏوهه جي سزا ڀوڳي. اها
ڳالهه ٻڌي عزيز حضرت يوسف کي ڏاڍو شرمايو ۽ کيس
حڪم ڪيائين ته تون پنهنجي صفائي ۾ ڪجهه ٻڌاءِ نه
ته توکي قيد ۾ بند رکيو ويندو. هي حڪم ٻڌي حضرت
يوسف چپ چاپ ۾ اکيون آسمان طرف کڻي دل جو دل ۾
ڌڻيءَ کي ٻاڏايو. خدا تعاليٰ سندس دعا قبول
فرمائي. بروقت هڪ ٻانهيءَ جي ٽن مهنن جي ننڍڙي
ٻالڪ ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ سڄي حقيقت سڀني جي روبرو
ڪري ڏنائين:
ٻوليو هو زبان جنهن جي اڳ ڪين،
هيو ڀاڪر اندر جو ماءُ پيءُ نين.
ڪئي تنهن دانهن تان سڻ اي عزيزا!
تڪڙ ڇڏ ترت ڪر ڪو تل تميزا.
اصل يوسف عقوبت جو نه لائق،
آهي ڪامل مڪمل فيض فائق.
زليخا جو چيو سڀ ڪوڙ ڄاڻج،
سچو يوسف صداقت ۾ سڃاڻج.
هن غيبي شاهدي تي عزيز کي يقين اچي ويو ۽ يوسف کي
آزاد ڪري ڇڏيائين. هن حقيقت بعد زليخا کي سڀ
سهيليون طعنا مهڻا ڏيڻ لڳيون. جن کان تنگ اچي هڪ
ڏينهن زليخا مجلس سڏائي هن مجلس ۾ آيل مصري عورتن
کي زليخا هڪ صوف ۽ ڇري ڏئي کين چيو ته: هن صوف کي
ان مهل وڍجو جنهن مهل يوسف توهان جي اڳيان اچي.
ائين چئي يوسف کي مجلس ۾ آڻڻ جو حڪم ڪيائين. حضرت
يوسف کي ڏسي سڀني عورتن جا عجب کان حواس خطا ٿي
ويا ۽ سڀ پنهنجون پنهنجون آڱريون وڍي ويهي رهيون.
مصري زالون پسي گلزار گل کي،
ٿيون پوءِ بيخبر بيحال ڀل کي.
وين اختيار جون واڳون ڇڏائي،
ڏٺو جن روءِ دلبر کي سڏائي.
هيا تن کي بدست ترنج چاقون،
وڍي هٿڙا پيون ڪن ڦاڪ ڦاڪون.
مجلس ختم ٿيڻ کان پوءِ سڀ سهيليون زليخا جي غلطيءَ
جو احساس ڪري چوڻ لڳيون ته: زليخا! تنهنجو ڪو به
ڏوهه ڪونهي. هاڻي زليخا جي عشق جو چرچو سڄي شهر ۾
پکڙجي ويو ۽ روزانو ڪئين عورتون زليخا وٽ اچي
بدناميءَ کان بچڻ لاءِ حضرت يوسف کي قيد ۾ رکڻ جي
صلاح ڏينديون هيون. نيٺ زليخا سڀني جي صلاح مڃي
کڻي حضرت يوسف کي بيگناهه بند ۾ رکايو. ڏينهن ٻن
جي صبر کان پوءِ نيٺ جدائيءَ جو داغ سهي نه سگهي ۽
روز رات جو دائيءَ سان گڏجي حضرت يوسف کي قيدخاني
۾ ڏسڻ ويندي هئي. اهڙيءَ طرح ڏينهن روئندي
گذاريندي هئي ۽ رات جو ديدار ڪري دل ٺاريندي هئي.
حضرت يوسف کي خدا تعاليٰ خوابن جي تعبير ڪرڻ جو
علم ڏنو هو ۽ انهيءَ علم جي آڌار تي هن قيدخاني
واري وقت ۾ ڪيترن قيدين جا خواب تعبير ڪيا. هڪ رات
مصر جي بادشاهه ريان خواب لڌو ته ست متاريون ڍڳيون
ستن ڏٻرين ڍڳين کي کائي ويون آهن ۽ ستن سڪل سنگن
ٻين ستن ساون سنگن کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي سڪائي ٺوٺ
ڪري ڇڏيو آهي. صبح جو درٻار ۾ ايندي شرط اهو خواب
درٻارين کي ٻڌايو، پر هن خواب جو تعبير ڪير به
ٻڌائي نه سگهيو. اتي هڪ درٻاري حضرت يوسف جي خوابن
کي صحيح تعبير ڪرڻ جو ذڪر ڪيو. هيءَ خبر ٻڌي
بادشاهه هڪدم ماڻهو موڪلي حضرت يوسف کان هن خواب
جو تعبير گهرايو. حضرت يوسف تعبير هن ريت ڪيو ته:
هن ملڪ ۾ ست سال لڳاتار سڪار ٿيندو ۽ ان کان پوءِ
ست سال لڳاتار سخت ڏڪار پوندو. ڏڪار واري وقت ۾ هي
حالت ٿيندي جو رعيت بک وگهي مرڻ لڳندي. ان ڪري
بهتر آهي ته سڪار واري وقت ۾ ڪم اچي. هي تعبير ٻڌي
بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو ۽ حضرت يوسف کي باعزت آزاد
ڪري کيس پنهنجي درٻارين ۾ جاءِ ڏنائين ۽ اناج
بچائڻ جو ڪم سندس حوالي ڪيائين. هن واقعي کان ٿورو
وقت پوءِ عزيز وفات ڪري ويو. عزيز جي وفات بعد
حضرت يوسف جي دل ۾ زليخا لاءِ ازخود محبت جو جذبو
پيدا ٿيڻ لڳو. زليخا ته اڳيئي حضرت يوسف جي عشق ۾
بيحال گذاريندي هئي سا هاڻي حضرت يوسف کي پاڻ
ڏانهن متوجهه ڏسي خوش ٿيڻ لڳي. هڪ ڏينهن وري به
جرات ڪري حضرت يوسف جي لنگهڻ وارو رستو جهلي بيهي
رهي ۽ حضرت يوسف جي اتان لنگهڻ تي کيس نيزاريون
ڪري پنهنجي حال تي رحم ڪرڻ لاءِ ستائڻ لڳي. زليخا
جي عشق جو هي ڪمال ڏسي حضرت يوسف ڏاڍو متاثر ٿيو ۽
کيس ايمان آڻن لاءِ چيائين. زليخا کي ته هرحال ۾
حضرت يوسف جو چوڻ مڃڻُ هو سوا تي جو اتي مسلمان ٿي
پئي. هاڻي حضرت يوسف به زليخا جي حق ۾ دعا گهري ۽
قدرت الاهي سان زليخا اتي جو اتي اڳئين کان به
اڳري، حسين ۽ نوجوان ٿي پئي. ٿوري وقت کان پوءِ
حضرت يوسف ۽ زليخا جي شادي ڏاڍي ڌام ڌوم سان ٿي
گذري. هاڻي هي ٻئي عاشق ۽ معشوق پاڻ ۾ ڏاڍي قرب ۽
پيار سان وقت گذارڻ لڳا.
اڳتي راوي هن طرح ٿو بيان ڪري ته مصر ملڪ ۾ اچي
ڏڪار پيو. حضرت يوسف جيئن ته سڪار واري وقت ۾ ڪئين
گدام ان جا ڀرائي ڇڏيا هئا. انڪري هن ڏڪار جو ڪو
به اثر سندس ملڪ تي ڪو نه پيو. پر ٻين ٻاهرين ملڪن
کي به هتان اناج ميسر ڪيو ويندو هو. حضرت يوسف جي
هن سخا جي هاڪ ڏيهان ڏيهه پکڙجي وئي. اها خبر ٻڌي
ڪنعان کان حضرت يوسف جا ڀائر به اناج وٺڻ لاءِ مصر
آيا. حضرت يوسف پنهنجي ڀائرن کي سڃاڻي کين ڏاڍي
عزت ڏني ۽ کين اناج جون خرزينون ڏئي واپس ڪيو. ڳچ
وقت کان پوءِ حضرت يوسف جا ڀائر ابن يامين (حضرت
يوسف جي سڳي ڀاءُ) کي ساڻ وٺي ٻيهر مصر ۾ آيا ۽
حضرت يوسف چوريءَ جي بهاني سان ابن يامين کي پاڻ
وٽ رهائي ڇڏيو. باقي ڀائرن کي ساڳيءَ طرح اناج ڏئي
واپس ڪيو. حضرت يوسف هن ڀيري پنهنجو پهراڻ حضرت
يعقوب کي هڪ قاصد هٿان ڏياري موڪليو. حضرت يعقوب
پنهنجن ٻين پٽن سان ابن يامين کي نه ڏسي ويتر زار
زار روئڻ لڳو. پر پوءِ جڏهن حضرت يوسف جو پهراڻ
مليس تڏهن ڏاڍو سرهو ٿيو ۽ سمجهي ويو ته حضرت يوسف
زندهه آهي ۽ ابن يامين هٿيڪو آهي. چون ٿا ته حضرت
يوسف جو پهراڻ حضرت يعقوب بروقت کڻي اکين تي رکيو
۽ قدرت الاهي ساڳئي وانگر چاق چوبند ۽ نظر وارو ٿي
پيو.
رکي منهن تي پيراهڻ لال لاتو،
اکيون روشن ٿيس جنهن سڀ سڃاتو.
کليا اکيون تنهين جا نيڻ ساڳا،
سئي ۾ پيو وجهي دستين سو ڌاڳا.
هاڻي حضرت يعقوب لاءِ ڪنعان ۾ رهڻ ڏکيو ٿي پيو ۽
باقبيلي لڏي اچي مصر ۾ رهيو. اهڙي طرح ڪيئن سال
خوشين ۽ شاد مانن سان گذارڻ کان پوءِ حضرت يوسف
وفات ڪئي ۽ زليخا به انهيءَ ڏک ۾ جلد ئي وفات ڪري
وئي.
|