سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: مشهور سنڌي قصا

باب:

صفحو:20 

روايت [2] *

 

قيس انصاري، مڪي شهر جو ويٺل هو. ڄمڻ کان پوءِ ڪڏهن به خوشيءَ مان طعام نه طلبيائين؛ نه ستي سک هئس، نه اکين کي آرام. چون ٿا ته عشق جي لنو  ازل کان ئي لڳل هئس، تنهنڪري دنيا جي خوشين ڏانهن رغبت ڪانه هئس. مڪتب ۾ پڙهڻ لاءِ ويٺو، پر اتي به برهه جا باب پڙهيائين. هڪڙيءَ رات خواب ۾ ليليٰ جي سهڻيءَ صورت جو ديدار ٿيس. پوءِ ته هيڪاري هوش و حواس وڃائي، مڪي شهر جون گهٽيون گهمڻ لڳو. رات ڏينهن ليليٰ جي وائي وات هيس. ليليٰ جي گهڻي پڇا ڪيائين، پر ڪٿان به ڏس ڪونه مليس. آخرڪار شهر جي ٻاهران وڃي بيهندو هو، پوءِ اتان جيڪي به پرديسي مسافر ۽ قافلا لنگهندا هئا، انهن کان ليليٰ بابت پڇا ڪندو هو.

هڪڙي ڏينهن، مصر جو ڪو قاصد اتان اچي لانگهائو ٿيو، جنهن کان پڻ ليليٰ بابت پڇيائين. هن ٻڌايس ته: اسان جي شهر ۾ قمر قاضيءَ کي ”ليليٰ“ نالي هڪڙي ڌيءَ آهي،

جا تمام سهڻي آهي. تڏهن قاصد کي پاڻ سان گڏ وٺي هلڻ لاءِ آزيون ڪرڻ لڳو. قاصد چيس ته: آءٌ به انهيءَ قاضيءَ جو ئي قاصد آهيان، سندس پيغام مڪي ۾ پهچائڻو اٿم. هاڻي تون اتي ئي بيهي منهنجو انتظار ڪر. مونکي اڄوڪي ڏينهن ۾ ئي مصر شهر پهچڻو آهي، تنهنڪري پيغام ڏيئي موٽان ته مون سان گڏيو هل. مجنون اتي ئي بيهي رهيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ قاصد به پيغام پهچائي موٽيو. مصر شهر اتان سو ڪوهه پري هو. قاصد کي به انهيءَ ئي ڏينهن سج لٿي مهل مصر ۾ پهچڻو هو، تنهنڪري اُٺ تي مجنونءَ کي ٻيلهه به نٿي کڻي سگهيو. رستو اهڙو اڻانگو هو، جو سونهين کان سواءِ مسافر ڪڏهن به اتي پهچي نٿي سگهيو؛ ۽ نه وري مجنون موٽي مڪي شهر وڃڻ قبول ڪيو، تنهنڪري اڳيان قاصد اُٺ تي، پٺيان مجنون سندرو ٻڌي، اُٺ تي پيل جُهل جي ٽونرن کي جهلي، قاصد جي پويان ڊوڙڻ شروع ڪيو. اهڙيءَ طرح ٻيئي ڄڻا هلندا هلندا، سج بيٺي اچي مصر شهر ۾ پهتا. قاصد هن کي اچي انهيءَ مسجد ۾ ڇڏيو، جنهن ۾ قاضي قمر پرديسي شاگردن کي پڙهائيندو هو. رات ٿي ويئي هئي، تنهنڪري مسجد خالي هئي. مجنون به پنهنجي محبوب جي شهر ۾ پهچي تمام خوش ٿيو، ڌڻي تعاليٰ جا شڪرانا بجا آڻي، هڪڙي حجري ۾ وڃي آرامي ٿيو.(1)

قاصد، مجنونءَ کي ڇڏي اها خبر وڃي بادشاهه سان ڪئي ته هڪڙو شخص اڄوڪي ڏينهن ۾ سو ڪوهه پنڌ ڪري، مڪي کان هتي پهتو آهي. بادشاهه جي طبيب اهو ٻڌي يڪدم چيو ته: اهو شخص رات وچ ۾ مري ويندو. بادشاهه حيران ٿي ويو، ۽ اهڙي ماڻهوءَ جي مرڻ تي افسوس به ٿيس. آخر طبيب کان پڇيائين ته: ڪهڙي طريقي سان اهو شخص بچي سگهي ٿو؟ طبيب ٻڌايو ته: انهيءَ شخص کي جيڪڏهن ڳُڙ ۾ رڌل، تمام پٽڙي رٻ جهڙي، طهري کارائي، پوءِ اونڌو ٽنگي ڇڏجي ته بچي پوندو.

مجنون کي حجري ۾ ويٺي گهڙي به ڪانه گذري، ته قدرت سان هڪڙو شخص پيالو طهريءَ جو ڀري کڻي آيو، جا پٽڙي رٻ جهڙي هئي. جيئن ته مسجد ۾ ان وقت مجني کان سواءِ ٻيو ڪوبه مسافر ڪونه هو، تنهنڪري اها آڻي هن جي اڳيان رکيائين. مجنون ويچارو سڄي ڏينهن جو بکيو، ۽ پنڌ جي ڪري ٿڪل هو، سو هم نه تم، کڻندي ئي پيالو، اها رٻ پِي ويو. وري سمهڻ مهل خيال ڪيائين ته ليليٰ جو گهر الائي ڪهڙي پاسي، متان بيخبريءَ ۾ ان پاسي پير ڪري سمهي رهان ۽ ليليٰ جي بي ادبي ٿئي، تنهنڪري پٽڪو ڇت ۾ ٻڌي، پنهنجا پير ان ۾ لٽڪائي، اونڌو ٿي لٽڪي پيو. صبح تائين انهيءَ حالت ۾ لٽڪيو پيو هو. پوءِ پاڻ کي ڇوڙي مسجد ۾ ويهي رهيو. صبح جو شهر جا ڪيئي ماڻهو هن کي ڏسڻ لاءِ مسجد ۾ آيا، پر هن کي جيئرو جاڳندو ڏسي حيران ٿي ويا.

صبح ٿيڻ سان قاضي قمر به مسجد ۾ آيو ۽ پنهنجي کٿابين کي سبق ڏيڻ لڳو. قيس به حجري مان نڪري سلام ڪري، ادب سان سندس آڏو اچي ويٺو. قاضيءَ کانئس خبرچار ورتي. مجني ٻڌايس ته: مڪي کان پنڌ ڪري، تو وٽ علم پڙهڻ آيو آهيان. قاضيءَ کي قيس جي سهڻي صورت ۽ گفتگو وڻي ويئي، تنهنڪري کيس پاڻ وٽ کٿابي ڪري ويهاريائين، ۽ رهڻ لاءِ هڪڙو حجرو به ڏنائينس.

چون ٿا ته ليليٰ پڻ ٻين ڇوڪرين سان گڏ، اتي پڙهڻ ايندي هئي. ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي وچ ۾ ڪپڙي جو پردو هوندو هو. قيس استاد کان سبق وٺي، هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ ويهي ياد ڪرڻ لڳو، ۽ سبق اهڙي ته سَريلي آواز ۾ پڙهيائين، جو سڀئي کٿابي حيران ٿي ويا. ليليٰ جو اهو آواز ٻڌو، تنهن ٻين کٿابين کان پڇا ڪئي، جن ٻڌايس ته: هي اهوئي ماڻهو آهي، جيڪو مڪي کان هڪ ڏينهن ۾ سو ڪوهه پنڌ ڪري هتي پهتو آهي. سندس نالو قيس آهي. هوءَ اها حقيقت ٻڌي، لڪ ڇپ ۾، پردي مان قيس کي ڏسڻ لڳي ۽ سندس سهڻي صورت ڏسي، مٿس موهت ٿي پئي.(1)

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، قيس کي پڻ ليليٰ جو ديدار نصيب ٿيو ۽ ٻنهي ڄڻن جون اکيون اٽڪي وييون. پوءِ ته کٿابين کان لڪ ڇپ ۾ هڪٻئي سان قرب ونڊڻ لڳا. ويتر جو قيس پنهنجي ساري حقيقت ٻڌايس ته: آءٌ فقط تنهنجي حسن جي هاڪ ٻڌي هتي پهتو آهيان، تڏهن هيڪاري مٿس قربان ٿيڻ لڳي. سندس کاڌي پيتي ۽ ڪپڙي لٽي جو به بندوبست ڪندي رهي.

هنن ٻنهي ڄڻن جي لڪ چوريءَ ملاقات جي خبر کٿابين مان ڪن کي پئجي ويئي، تن وڃي قاضيءَ سان حقيقت ڪئي. قاضيءَ دل ۾ خيال ڪيو ته جي اها ڳالهه ظاهر ٿي ته مفت ۾ بدنامي ٿيندي. تنهنڪري هن ليليٰ جو کٿاب ۾ اچڻ وڃڻ بند ڪري، کيس گهر ۾ ويهاري ڇڏيو. قيس جڏهن ٻه- ٽي ڏينهن ليليٰ کي نه ڏٺو، سو هيڪاري حيران ٿيو ۽ ليليٰ جي ملڻ لاءِ واجهائڻ لڳو. قاضيءَ جو گهر مسجد سان لڳ هو، وچان فقط هڪ ننڍي ڀت هوندي هئي. تنهنڪري ليليٰ ۽ قيس جي ملاقات وقت بوقت ٿيندي رهندي هئي. آخر اها خبر به قاضيءَ کي پئي، جنهنڪري هن کيس مسجد مان ئي تڙي ڪڍي ڇڏيو. قيس مسجد مان نڪرن کان پوءِ ”ليليٰ، ليليٰ“ ڪندو، گهٽين ۾ ڦرندو رهيو. هن جي اها حالت ڏسي هرڪو کيس ”مجنون“ سڏڻ لڳو. ماڻهن کي ته رونشو ٿي آيو، سي ڪوبه ڪتو وغيره ڏسي مجنون کي چوندا هئا ته هي ليليٰ جو ڪتو آهي، ته هو ڊوڙي وڃي ان کي ڀاڪر پائي چميون ڏيندو هو. هوڏانهن وري ليليٰ جي اهڙي حالت هئي، جو اُٿي ويٺي، مٽن مائٽن، سرتين سهيلين جي پرواهه نه ڪري، ”مجنون مجنون“ پئي ڪندي هئي، ۽ ان جي فراق ۾، ڏينهن ڏينهن ڳرندي ڪنڊا ٿيندي ويئي.

هڪڙي ڏينهن مصر شهر جون ڪي عورتون کوهه تان پاڻي ڀرڻ ويون. نار تمام ڳرو هو، تنهنڪري هنن صلاح ڪئي ته ڇو نه مجني کي وٺي اچجي، ۽ ان کان نار کي گيڙا ڏيارجن. تڏهن انهن مان هڪ ڄڻيءَ مجني کي وڃي چيو ته: ليليٰ کوهه تان پاڻي ڀرڻ آئي آهي، تون هلي نار کي گيڙو ڏي ته هوءَ پاڻي ڀري. ليليٰ جو نالو ٻڌندي ئي اچي نار کي هٿ ڳنڍيائين. هو ته پاڻي ڀري روانيون ٿي وييون، پر مجنون نار کي گيڙا ڏيندو رهيو. تان جو اهو پاڻي وڃي شهر ۾ پهتو. ماڻهن هن کي گهڻو ئي سمجهايو، مگر هن نار مان هٿ نه ڪڍيو. نيٺ ماڻهن ڊوڙي وڃي ليليٰ کي چيو ته: هلي مجني کي منع ڪر، نه ته هُو سڄو شهر ٻوڙي ڇڏيندو. تڏهن ليليٰ پنهنجي ٻانهيءَ سان گڏجي کوهه تي آئي، ۽ چيائين ته: مجنا! هاڻي نار وهائڻ بند ڪر! هن جڏهن اهي لفظ ٻڌا، تڏهن نار مان هٿ کڻي ڪڍيائين، ۽ ماٺ ڪري اچي هڪ مسجد ۾ ويهي رهيو.

ليليٰ کي جڏهن خبر پئي ته مجني کي بابي مسجد مان ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ هو ڪنهن ٻيءَ مسجد ۾ رهي ٿو، تڏهن ڪٽيءَ جو وٽو تيار ڪري، پنهنجي ٻانهيءَ کي ڏيئي، کيس پار پتا ٻڌائي، چيائينس ته لڪي وڃي مجني کي پهچائي اچ. ٻانهي اهو ڪٽيءَ جو وٽو کڻي ان مسجد ۾ آئي ۽ اچي مجني جي پڇا ڪيائين. اُتي جيڪو ملان رهندو هو، تنهن جو پڻ مجنون نالو هو، تنهن ٻانهيءَ کان وٽو وٺي کائي ڍؤ ڪيو ۽ وٽو خالي ڪري ٻانهيءَ کي ڏنائين. اهڙيءَ ريت هوءَ روزانو ڪُٽيءَ جو وٽو موڪليندي هئي، جا ملان کائيندو هو ۽ مجنون رُکي سُڪي ماني کائي پيو گذاريندو هو.

هڪڙي ڏينهن ليليٰ پنهنجي ٻانهيءَ کان پڇيو ته: مجنون ڪهڙي حال ۾ آهي؟ ٻانهيءَ چيو ته: هو ته مچي مچي دهل ٿي پيو آهي. انهيءَ تي ليليٰ کي شڪ جاڳيو. سو ان ڏينهن ٻانهيءَ کي وٽو ۽ ڪاتي ڏيئي چيائين ته: اڄ مجني کي وڃي چو ته ليليٰ چوي ٿي ته هيءُ وٽو رت سان ڀري ڏي. ٻانهي وٽو کڻي وري به مسجد ۾ آئي. ملان به ٻانهيءَ کي ايندو ڏسي، گرڙيون ڪري، ڪٽيءَ کائڻ لاءِ تيار ٿيو. ٻانهيءَ خالي وٽو هٿ ۾ ڏيئي، ليليٰ جو نياپو ڏنس ته: هيءُ وٽو رت سان ڀري ڏي! تنهن تي ملان چيس ته: مائي! رت ڏيڻ وارو مجنون اندر ڪنڊ ۾ ويٺو آهي، آءٌ فقط ڪٽي کائڻ وارو مجنون آهيان. اهو ٻڌي ٻانهي اندر آئي، ڏٺائين ته سچو پچو مجنون برابر هتي ويٺو آهي. پوءِ هن کي ليليٰ جو نياپو ڏيئي، وٽو ۽ ڪاتي کڻي هٿ ۾ ڏنائين. مجني، وٽو ۽ ڪاتي وٺي، پنهنجي سڄي جسم کي سيرون سيرون ڪري ڇڏيو، مگر فقط ٻه ٽي ڦڙا رت جا نڪتا. پوءِ ٻانهي اهي رت جا ٻه- ٽي ڦڙا کڻي ليليٰ وٽ آئي، جا مجني جي حالت جو ٻڌي، فراق ۾ ڦارون ٿيڻ لڳي.(1)

مجني ۽ ليليٰ جي عشق جي ڳالهه مصر ۾ باهه وانگر پکڙجي ويئي. هرهنڌ اهائي مقال هئي. ڪيترن چڱن ماڻهن قاضي قمر کي صلاح ڏني ته، ليليٰ کي پرڻائي ڇڏ. قاصيءَ پنهنجي زال سان سموري حقيقت ڪئي، ۽ ليليٰ کي سمجهائڻ لاءِ چيائين. هن وري جڏهن ليليٰ کي شاديءَ لاءِ چيو، تڏهن ليليٰ جواب ڏنو ته: آءٌ هڪڙو طعام تيار ٿي ڪريان، جيڪو ماڻهو اهو سڀ طعام کائي ختم ڪندو، ان سان شادي ڪنديس. اهو شرط هن وڃي قاضيءَ کي ٻڌايو، جنهن قبول ڪيو. ليليٰ سان شادي ڪرڻ جي ارادي سان ڪيترائي ماڻهو طعام کائڻ لاءِ تيار ٿيا. جڏهن سڀ ماڻهو اچي گڏ ٿيا، تڏهن ليليٰ ديڳڙو چلهه تي چاڙهي، ان ۾ زهر وڌو، جو سڀني ماڻهن ڏٺو. اتي جيڪي به عاشق آيل هئا، سي زهر ڏسي آهستي آهستي کسڪڻ لڳا، ۽ ڪوبه ماڻهو زهر پيئڻ لاءِ تيار نه ٿيو. جڏهن ليليٰ ڏٺو. ته ميدان صاف آهي، تڏهن ٻانهي موڪلي مجني کي گهرايائين ۽ کيس زهر پيڻ لاءِ چيائين. مجنون ليليٰ جي واتان حڪم ٻڌي تمام خوش ٿيو ۽ چيائين ته: ليليٰ! تون مونکي پنهنجي هٿ سان وٽيون ڀري ڏيندي وڃ، ته آءٌ پيئندو وڃان. پوءِ ليليٰ زهر جون وٽيون ڀريندي مجني کي ڏيندي ويئي ۽ هو يڪساهيءَ هڪٻئي مٿان وٽيون پيئندو ويو، تان جو سڄو ديڳڙو ختم ٿي ويو. مجني زهر جي اڃان به وڌيڪ گهُر ڪئي. اها حالت ڏسي قاضي ۽ ٻيا ماڻهو عجب ۾ پئجي ويا.

مجني جي زهر پيئڻ ڪري قاضيءَ کي اچي ڊپ ورايو ته جيڪڏهن مجنون مري پيو ته خون ڳچيءَ ۾ پوندو، ۽ جي نه مئو ۽ زنده رهيو ته ليليٰ جو سک کيس ڏيڻو پوندو. هر حالت ۾ بدنامي ٿيندي. تنهنڪري ان بدناميءَ کان بچڻ لاءِ هن راتو واه مصر ڇڏي وڃڻ جو ارادو ڪيو. جي هن ڳالهه جي مجني کي خبر پيئي، ته هو پٺ نه ڇڏيندو. اهو خيال ڪري لڪ ڇپ ۾ تياري ڪرڻ لڳو. اڃان اڌ رات ئي ڪانه گذري ته قاضي پنهنجي ڪٽنب سميت لڏي پلاڻي، ٻئي ڪنهن شهر ڏانهن روانو ٿيو.

مجنون ويچارو، جنهن کي ليليٰ جي فراق ۾ ننڊ به حرام هئي، ۽ سڄي رات ليليٰ جي گهر کي چڪر لڳائيندو هو ته من ليليٰ جو ديدار نصيب ٿئي، تنهن جو اوچتو ڏٺو ته قاضي لڏي پيو وڃي، سو پاڻ به ان قافلي جي پويان وڃڻ لڳو. ٻن چئن ڪوهن پنڌ ڪرڻ کان پوءِ اچي صبح ٿيو. قاضي اوچتو پويان نهاري ته مجنونءَ تي نظر پيس. ڪاوڙ مان ليليٰ کي چيائين ته کيس اڳتي اچڻ کان منع ڪري. جيتوڻيڪ ليليٰ جي مرضي ڪانه هئي، پر پيءُ جي اڳيان ڪجهه ڪڇي به نه ٿي سگهي. سو لاچار مجني کي هٿ سان اشارو ڪري بيهڻ لاءِ چيائين. هو اشارو ملندي ئي اتي بيهي رهيو، ۽ قافلو اڳتي روانو ٿيو.

قاضي قافلي سميت اچي ڪنهن شهر ۾ رهيو ۽ ٻن ٽن مهينن بعد جڏهن پڪ ٿيس ته هاڻي مجنون جو نالو به ڪونه ٿو ٻڌجي، تڏهن وري پويان پير ڪري اچي مصر پهتو ۽ کٿابين کي پڙهائڻ لڳو. هوڏانهن مجني کي جڏهن ليليٰ هٿ جو اشارو ڪيو، تڏهن هو اتي ئي بيهي رهيو. نه کاڌو نه پيتو پنج مهينا گذري ويا. مٿان برساتون اچي پيون، جهر جهنگ سائو ٿي ويو- مجني کي به وليون ويڙهي ويون ۽ هو بُنڊ بنجي اتي ئي بيٺو رهيو.

هڪڙي ڏينهن ڪو ڪاٺير ڪاٺين ڪرڻ لاءِ ڪهاڙو کڻي اچي اُن جهنگ ۾ نڪتو. هيڏانهن هوڏانهن جهوتن ڏيڻ کان پوءِ مجني کي ولين ۾ ويڙهيل ڏسي، بند سمجهيائين، ۽ ان کي اچي ڪهاڙيءَ جو ڌڪ هنيائين. ڌڪ لڳڻ سان بنڊ مان آواز آيو: تون ڪي ليليٰ! ڪاٺير اهو از غيبي آواز ٻڌي ڊپ ۾ ڪهاڙو کڻي وٺي ڀڳو، ۽ پگهر به اچي مصر شهر ۾ ٺاريائين. اتي هن هرهڪ ماڻهوءَ سان اها حقيقت ڪئي. آخر اها ڳالهه پکڙندي پکڙندي وڃي ليليٰ جي ڪن تائين پهتي. هوءَ پڻ مجني جي ملڻ لاءِ ماندي هئي، ۽ رات ڏينهن ان جي فراق ۾ ڳوڙها ڳاڙيندي رهندي هئي؛ تنهن جڏهن اها خبر ٻڌي، تڏهن ٻانهي موڪلي ڪاٺير کي گهرايائين ۽ کيس پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ چيائين. پر ڪاٺير تي ڪو اهڙو خوف ويٺو هو، جو ليليٰ کي ڏس پتو ڏيئي، هلڻ کان جواب ڏنائين.

اڌ رات کان پوءِ، ليليٰ ٻانهيءَ سان صلاح ڪري، ٻيئي ڄڻيون اُٺ تي سوار ٿي، ان جهگل ۾ آيون، ۽ ڪاٺير کان مليل ڏس تي اچي ان بنڊ وٽ پهتيون. اتي بنڊ مان آواز آيو: تون ڪي ليليٰ؟ مجنونءَ جو درد ڀريو آواز ٻڌي، ليليٰ کان دانهن نڪري! ويئي ۽ يڪدم وَليون پري ڪري، مجني کي آزاد ڪيائين. پوءِ ته ٻنهي ڄڻن هڪٻئي کي ڏٺو، اکيون اکين سان مليون ۽ اُتي جو اُتي پساهه پورا ٿين.

 

 

ليليٰ مجنون*

چيل محمود شيخ**

 

1-

ساراهيان سچو ڌڻي، رضا ريڌو رام،

 

مهند خلقيائين مصطفيٰ، جنهن کي ڏنائين ڏيهه انعام،

 

مجنون شهر مڪي ۾، جڏهن ڄائو ڄام،

 

کاڌائين ڪونه خوشيءَ سان، ڪڏهن طلبي طعام،

 

سُتي سک نه اچي، نه اکين اچي آرام،

 

محبت ري ”محمود“ چئي، آهي حياتي حرام،

 

پاڪيزي پيغام، اچي مليو شهر مصر جو.

2-

مجنون شهر مڪي ۾، وڏو ٿيو وڌي،

 

پڙهيائين پريت سان، سندو باب بندِي،

 

هو انصاري عقل جو، ٻولي ڳالهه ٻڌي،

 

آهي قيس ڪهڙي ڪم جو، جنهن جي اڳيان وَهي نينهن ندِي،

 

لاکيڻـي لڌِي، خاصي صورت خواب ۾.

3-

رات وهامي ڏينهن ٿيو، اٿيو پرهه جو پاڻهي،

 

چئي مڪي جي ماڻهن کي، ته ڪو اُٿي اماڻي،

 

تو ڪا ڏٺي ليليٰ لاڏڪِي، لُڏي جيئن لاڻي،

 

ڏيو وڃ حال مونکي هاڻي، ڪيڏانهن ڪاهيو وڃي ٿو ڪرهو؟

4-

مڪي جي ماڻهوءَ ڏي، کنيو وڃان ٿو خط،

 

هن حقيقت حال جي، مونکي ناهي آت،

 

آهيان پورهيت انهيءَ پار جو، جاني وڏو جَت،

 

منهنجو ڪم قاضيءَ سان، آهي سدائين سنگت،

 

ليليٰ لاکيڻي گهڻي، جنهن جي رڳن ناهي رَت،

 

هادي تنهن تي هٿ، رکيو آهي رحم جو.

5-

خبر ڏيئي خط جي، ڪڏهن ورندين وير؟

 

محبتي ”محمود“ چئي، اچي نِئي ساهه سُڌير،

 

موچارا مُلڪ جا، مون پئي پوڄيا پير،

 

ڏيئي دلاسو دلگير، تو عاجز کي به اُٿاريو.

6-

خبر ڏيئي خط جي، ويل انهيءَ ورندو،

 

لکيو لوح قلم ۾، ٽُڪو نه ٽَرندو،

 

ميان! شهر مصر جا، چانگو وڻ چرندو،

 

ڍول هلي ڍرندو، انهيءَ سج جو هوندو سوجهرو.

7-

خبر ڏيئي خط جي، انهيءَ ويل وريو،

 

جنهن کي محبت من ۾، تنهن کي لوڪ چئي چريو،

 

مڪراني ”محمود“ چئي، وَڌِي پيرُ ڀريو،

 

اچي ڍول ڍريو، جتي قيس رهيو هو قرب ۾.

8-

حقيقت تنهن جي حال جي، سڀيئي ڳالهه سُليج،

 

مڪي جي ملڪ کان، پنهنجو پاڻ پَليج،

 

محبت محبوبن جي، اندر روح رَليج،

 

هڻي جهٽ جهَليج، جيڪي آهن ٽونر ٽَپُرَ کي.

9-

پاند وٺي پوشاڪ جو، ٿيو هلڻ تي هوشيار،

 

هن ڪرهو ڪاهيو ڪست مان، ٿيو بيحد دل بهار،

 

ميان شهر مصر جو، ديکيو اچي ديدار،

 

قلم هٿ ڪريم جي، ڪري جيئن قهار،

 

هوندي سج سوار، ميزل ماڻي آئيو.

10-

مجنون شهر مصر ۾، پيو راز سان رهِي،

 

رٿِي پنهنجي روح ۾، هئائين پر ۾ ڳالهه پهي،

 

پـرا ٿين پرين ڏانهن، جيلانهن آيس قاصد ساڻ ڪهي،

 

جاءِ وڏي جامعه هئي، سان بيهي ڪيائين سهِي،

 

نيچـي مٿو، اوچي پڳ، لَٿي درد دُئي،

 

ويئي رات وَهي، صبح اچي سرهو ٿيو.

11-

ڪٿي آ قاضي قربدار، جيڪو پرديسي ٿو پاڙهي،

 

قسمت آئي قيد ڪيوس، ڪنهن لحظي ۾ لاڙي،

 

هِنئيون هاڻ هڄي ويو، جيئن ڌڻ لڳي ڌاڙي،

 

ڀاءُ  بنان ڀاڙي، مونکي اوٺي وٺي آئيو.

12-

ڪاتب قمر قاضيءَ جو، هوم ڏوران ڏس پيو،

 

قسمت آڻي قيد ڪيو، وس منهنجو ويو،

 

’الف‘ اکر هڪڙو، لکيو ’لام‘ ڏيو،

 

ٿورو مون تي ٿيو، آهي ڪيترو انهيءَ قاصد جو.

13-

ڪير آهين، ڪٿي رهين، ڪهڙو تنهنجو ملڪ ميان؟

 

جيسين تنهنجي جُوءِ جو، آءٌ حال واقف ٿيان،

 

’الف‘ اکر هڪڙو، پوءِ لکي ’لام‘ ڏيان،

 

جيسين ٿو جيان، تيسين پاڙهيان پرديسين کي.

14-

مڪو مُلڪ اسان جو، ’قيس‘ منهنجو نالو،

 

ويٺو هوس ويچار ۾، ٿيس پڙهڻ کان پالهو،

 

محبت لڳي من ۾، تڏهن طاق کليو تالو،

 

سبق سُنئالو، من ڪو پاڙهين پربت سان.

15-

لکي ”لَم يَڪُن“ جو، ڏينم سڄو سيپارو،

 

قسمت قيد ڪيو هوس، آڻي اوڀارو،

 

محبت ٿئي مصحف سان، پڙهون علم سونهارو،

 

ٿيندو محشر موچارو، ڪرينم واقف واٽ جو.

16-

برڪت بسم الله سين، ڪيائين سبق صحيُ،

 

پڙهڻ لاءِ پريت سين، جوڙي رکيائين جيءُ،

 

قيس! پيالو ڪيف جو، پُر ڀري تون پيءُ،

 

هــــت ورهائجي ٿو ويءُ،(1) اُتـــــي عاشق ٿيندا اڳ ۾.

17-

عاشق واريون اکيون، آهن سدا نيڻ نهال،

 

خاصو خليفو هو، تنهن کي اچي ٿيو خوب خيال،

 

ڪاتب قمر قاضيءَ سان، هيءُ ونڊيائين حال،

 

ماڻهو شهر مڪي جي، اچي تڪيو تنهنجو مال،

 

جان جادو آهيس جان ۾، جان اچي تو وٽ ڪيائين تال،

 

وٺئون ڪيف ڪمال، ته پوءِ عالم اڇائي ٿئي.

18-

ليليٰ لاکيڻيءَ کان، ٿـي پَر ۾ پڇيائين،

 

چوري ڳالهه چپن سان، ڪا جا ڪُڇيائين،

 

نياڻي رهج نياز ۾، متان ڪُر نه لڄائين،

 

مون ڪر ڪچائي ڪانه، تون ڇو پيو ڪاوڙ لَکائين،

 

ڀولو جي ڀانئين، هي پنا پڙهه ته پروڙئين.

19-

پنج چار پنا پڙهي، لَڙڪ لاڙيائين،

 

آڻي آب اکين مان، ڳوڙها ڳاڙيائين،

 

ڪيف وجهي منجهه ڪَڻَهِي، سو ڪچو ڪاڙهيائين،

 

ڪاٺيون اڙائي ڪست مان، سي سڪيون ساڙيائين،

 

جيڪي ٿي پڪا پاڙهيائين، سي قاضي ڪوٺيا قرب سان.

20-

جيڪو مون تازو طعام تيار ڪيو، سو ڪو کائيندو کاڄ کڻي،

 

محبت جي ”محمود“ چئي، آهي جنهن کي حب گهڻي،

 

جنهن کي ڏياري ڌڻي، هيءَ منڌ ملڪ آهي ان جي.

21-

جيڪو تو طعام تيار ڪيو، سو ڪير کاڄ کڻي کِيندو،

 

حياتيءَ تان هٿ کڻي، سو وڃڻ کي ويندو،

 

ملڪ ڇڏي ”محمود“ چئي، سو پري وڃي پِيندو،

 

ڪير اهانياڻي نيندو، جنهن تي آهي هٿ حبيب جو.

22-

هاڻي ويسهه ڏيئي واندا ٿيا، مڙني موڪلائيو،

 

وريا پنهنجي وطن تي، ڪشي هئائون ڪاهيو،

 

اچي بيٺو ادب سان، پوءِ ڳَهڻـي ڳالهايو،

 

اهو طعام اسان ڏيو، جو قاضي آ ڪمائيو،

 

برڪت بسم الله سين، ويو کاڄ مڙوئي کائيو،

 

ڪيف ڪجهه نه ڪيو قيس کي، هئائين ڀور نه ڀائيو،

 

پوءِ مجني مَچائيو، مَن تي مچ مجاز جو.

23-

قاضيءَ قلبُ ڪنبي ويو، ته ڏاڍو ڪيم ڏوهه،

 

ڪيف گهرائي قيس کي، ڪوٺي ڏنم ڪوهه،

 

ڏمربو ڏيهه ڌڻي، راجا ڪندو روهه،

 

تڏهن ٿئي توهه، جڏهن وڃون ٻِي ولايت کي.

24-

ڇڏي ملڪ مصر جو، ڪنهن ٻيءَ ولايت ويو،

 

قدري ڪوهه سوا جو، قاضيءَ پنڌ ڪيو،

 

اتي مجني کي محبت جو، اچي پهه پيو،

 

لاڙي پنهنجي لَڏ کي، بيهي هُو رهيو،

 

ڪاوڙجي ڪارو ٿيو، آهي قمر ڪَست ڪيو،

 

ان کي ڏڍ ڏيو، نه سڄڻ وڃون ٿا سانگ تي.

25-

محبت مان مجني کي، ليليٰ چوري چَپ چيو،

 

اسين سڄڻ وڃون ٿا سانگ تي، تنهنجو سولو ڪم ٿيو،

 

تون رهي پئو انهيءَ راهه تي، تنهنجو سرهو سانگ ٿيو،

 

ملڻ ڪو ”محمود“ چئي، پنهنجي ٿيندو پوءِ،

 

جيڪو سور ڪَنـين ٿـي سُئو، سو گوندر اچي گڏيو.

26-

ڇڏيائين حُجَ هلڻ جي، بيٺو مٿي بَر،

 

آئي مند ملهار جي، ڪارا ٿيا ڪَڪَر،

 

وَٺا ٿي وَڏڦڙا، ڪريو اوهيرا آپر،

 

وٽس وليون ڄائيون، ڏنائون ويچاري تي ور،

 

آڀو رهيو ارمان ۾، ثابت منجهه سفر،

 

اُتي هلي آئيو، ڪو آدمي ساڻ آمر،

 

ڌڪ هنيائين هيڪڙو، هٿ کڻي هيڪر،

 

متان ليليٰ آئِي، اچي قيس لڌائين ڪر،

 

ڪئين ڏهاڙا ڪيترا، ويا گڏجي منجهه گوندر،

 

ڦري منجهه فڪر، آهي پورهيت موٽيو پوئتي.

27-

پورهيت موٽيو پوئتي، جتي هوس ماڳ مڪان،

 

ماڻهو شهر مصر جا، تن سان ڪيائين بات بيان،

 

بُنڊ ڏٺو هوم بَر ۾، ڪو نظاري نيشان،

 

هنيم ڌڪ هٿن سان، اُتي ٿيم ارمان،

 

تو ٿي ليليٰ لائق ڪيا، جو ڪشي هَنيئِي ڪان،

 

ساڻ کڻي سامان، وري آيو هوس واٽ تان.

28-

اِها قيس سندي ڳالهڙي، اچي ليليٰ جي پئي ڪن،

 

طلب نه آهي طعام جي، آرام نه اکين،

 

ماڳ رهيو مجنون، مِرون سي مَرڪن،

 

وري واهيرا ڪيا، پرچائي پکِن،

 

بيحد بَدُو بڇڙا، ٿا مٿي سڃ سُڄن،

 

ادا! هل ته هلون اوڏهين، من ڪي سڄڻ سڃاڻن،

 

مونکي تان پِرين، اچي ساعت منجهه سنڀاليو.

29-

ڪهڙو ڪنڌ کڻي هلان، جو قيس ڏنم ڪهڪاءُ،

 

هنيم ڌڪ هٿن سان، ان جي ثابت مٿي ساههُ،

 

محبت لڳي مجني، جنهن سڃ چکيو ساءَ،

 

راتيان گڏ گلن سان، ڏينهان سج نه تاءُ،

 

ماڳ منهنجي ماءُ! آهي واجب وڃڻ سڄڻين.

30-

ڪڏهن ڏٺو هُئِي قيس کي، ڏي اها خبر چار،

 

گهڻي سڪ سرير ۾، ٻيا نيڻين وهن نار،

 

محبت ريءَ ”محمود“ چئي، ڪير ڪندو پرين پچار،

 

نه ڄاڻان ٻيهار، ڪير ملندا ڪن کي!

31-

ڪالهه ڏٺو هوم قيس کي، نيڻن سان نروار،

 

محبت لڳي مجني، جو ديکيائين ديدار،

 

راتيان گڏ گلن سان، ڏينهان بوءِ بهار،

 

پرور نه ڇڏي پانهنجو، غافل گنهگار،

 

مير محمد مصطفيٰ، آهي اڙين جو آڌار،

 

صاحب رب ستار، ٿو عيبدار اڳتي ڪري.

32-

محبت لڳي مجني، تنهن کي ڪهاڙو هنيئي ڪيئن؟

 

نه ڪنهن جي اڱڻ آئيو، نه ڪنهن اوڏو سينئن،(1)

 

قيس وَسايا ڪيترا، محبت سندا مينهن،

 

اُڀو هو ارمان ۾، ٿي ڏکيا گذاريائين ڏينهن،

 

مون کي تنهن جي ماريو، نيو نهوڙي نينهن،

 

هوندو نه توکي هينئن، ڪي مون ڪيون ٿي منٿون.

33-

مونکي ڪرين منٿون، ته به ڪين هلندس هاڻ،

 

قاضي ڪندو ڪاوڙون، جي سڻندو ڳالهه سڀاڻ،

 

محبت گهڻي آهي مجني، ٻي توسان روح رهاڻ،

 

تن کي ڪهڙي ڪاڻ، جن کي آهي نينهن نهوڙيو.

34-

محبت لڳي آهي مجني، رميو مٿي راهه،

 

نڪي سڻي سڏ سڄڻ جو، نڪا ويجهي واهه،

 

وُٺا مينهن مندائتا، ٿيا گسن مٿي گاهه،

 

وٽس وليون ڄائيون، ڪري قيس مٿي گاهه،

 

اُڀو هو ارمان ۾، سانگو لاٿائين ساهه،

 

اَجهو ريءَ الله، ڪنهن جو آهي ڪونه ڪو.

35-

ليليٰ ليلائي گهڻو، ماڻهن جي مَهندا،

 

ماڳ رهيو جنهن مجنون، اوڏانهن هل ادا!

 

مالڪ لڳ ”محمود“ چئي، منهنجي سڻج هيءَ صدا،

 

لوچيندن لڌا، موتي تنهن مهراڻ جا.

36-

جنهن ماڳ رهيو مجنون، تيڏانهن ڏيانءِ ٿو ڏَس،

 

پيرَن سان پنڌ ڪري، پاڻهي هلي پَس،

 

ڪانه ڏٺيسون ڪڏهن، ريءَ جفا ڪنهن کي جَس،

 

قيس نه لڳِي ڪَس، اٿئي اڳئين کان به اڳرو.

37-

پانڌي پريان جي پار جا، تو قيس ڏٺو ڪهڙو؟

 

بيهِي رهيو هو بَر ۾، ٻَڌي جيءَ مٿي جهيڙو،

 

واءُ وڃايس جندڙي، ٻيو لُڪن ڪيس ليڙو،

 

محبتي ميڙو، مون سان من ٿئي سڄڻين.

38-

پنج مهينا پيرن ڀر، ٿِي بر ۾ بيٺو بُنڊ،

 

ولهيون ويڙهي ويون، هڻي جهولـي ڪارڻ جَهنڊ،

 

سڪ وارن جو ”شيخ“ چئي، مجنون آهي مُنڍ،

 

ليليٰ وڙهئي لُنڊ، توڪل نه لڌي قيس جي.

39-

پانڌي! پريان جي پار جا، تو ڪو مجنون مست ڏٺو؟

 

خيال پيو هوس خواب ۾، تنهن تان ڪيائين ملڪ ڦٽو،

 

قيس کائي ويو ڪيف کي، ڪري ماکيءَ جيئن مِٺو،

 

جهڙو چوڏهينءَ چنڊ چٽو، تهڙي پيشاني پرينءَ جي.

40-

ڪالهه ڏٺو هوم قيس کي، بيٺو مٿي بَر،

 

وليون ويڙهي ويون، وڪڙ ڏيئي وَر،

 

عاشق تي ايڏي هئي، مٿي نيڪ نظر،

 

هيس ڇجهريون ڇانوَ جون، جيئن پکين مٿي پر،

 

حال وڃي هيڪر، پسان پاڻ پرينءَ کي.

41-

محبت رکي مجني لاءِ، ٿي کنيائين وک وڏِي،

 

سُڃ ۾ ماڙي ”شيخ“ چئي، هئي عاشق جي آڏِي،

 

جيڪو مٿي بَر بيران ٿيو، تڏهن وڃي گس گڏي،

 

ڏسي حال حبيب جو، ٿي پيئي جوءِ جَڏِي،

 

ولين ويڙهي جهلي، سا ڪا محب مڏي،

 

سَنڌ کان ڇڙڪي ڌار ٿي، هئي جا هَڏ هڏِي،

 

ٻي آهي ڪُل ڇَڏي، آءٌ وريس وَسهن پنهنجي.

42-

ڪڇين پڇين ڪونه، توکي قيس ٿيو آهي ڪوهه؟

 

آءٌ پرين وس نه پنهنجي، منهنجو ڪونهي ڏوهه،

 

اِئين محبت من نمائيو، جيئن باهه نمائي لوهه،

 

اهو اٿم اندوهه، تون مجنا! ڪهڙي موج ۾.

43-

محبت لڳي من ۾، جنهن ههڙا ڪيا آهن حال،

 

قيس قبوليا ڪينڪي، مڏيون خزانا مال،

 

اِهو در الله جي، ٿي ڪيم سدائين سوال،

 

آڻيو آب اکين مان، ٿي جر وهايم حال،

 

ليليٰ ٻائِي لال! منهنجو حرف نه توتي هڪڙو.

44-

محب مجنا! تنهنجا، آهن مون تي حرف هزار،

 

آءٌ کڙي هيس کوهه تي، تون ٿـي ڦرئين منجهه نار،

 

وچان وڇوڙو پيو، جنهن دم ڪياسون ڌار،

 

ساري سڀ ڄمار، آهي سنگت سورن گڏي.

45-

وس ته ڪنهن جو ڪونهي لکيو پيو لوڙيان،

 

راهه پسيو رب جي، تنهن کان منهن نه موڙيان،

 

سؤ سؤ جايون سپرين! تو لاءِ اندر ۾ جوڙيان،

 

ڏينهان ٿڌي ڇانوَ ٿي، راتيان گل روڙيان،

 

ڇِني ڪيئن ڇوڙيان، مون سان ولهين ڪين وڃائيو.

46-

ولهين مون سان وَڙ ڪيا، ليليٰ! ٿي لائق،

 

بيهي رهيو هوس بَر ۾، سڄڻ! تنهنجي سِڪ،

 

وَٺا مينهن مُندائتا، ٿي چوڌاري چِڪ،

 

قلم قضا نه ٿئي، لِکئي منجهان لِک،

 

محبت ۾ ”محمود“ چئي، آهن آرامي عاشق،

 

لوڪان ڪريان لِڪ، هوم پورو ڏٺو پرينءَ کي.

47-

محبت منجهان مجنا! آهي هلي تنهنجي هاڪ،

 

بيهي رهيو هُئين بر ۾، نڪا اَڏايئي اوطاق،

 

وَٺا مينهن مندائتا، ٻي مٿان پيئي ماڪ،

 

ولهيون ويڙهي ويون، آهن چارئي پَلو پاڪ،

 

محبت اچي ”محمود“ چئي، چوريا آهن چاڪ،

 

ماري ٿي تنهنجي مذاق، جو حَقِي تنهنجو حرف ٿيو.

48-

لاڳاپا لاهي ڇڏيئي، سندا حرفن حق،

 

بيهي رهيو هوس بر ۾، جڏهن پاڻ ڏني هُيئي پَڪ،

 

وري اينداسون واٽ تان، ڀَلي سڄڻ لهنئي شڪ،

 

لڳِي لُڪَ لڱن کي، ٿي جهٽوُن ڏنيون جهَڪ،

 

وَٺا مينهن مندائتا، هي رازق رکي رک،

 

وليون ويڙهي ويون، آهن ٻهڳڻ هڻي ٻک،

 

سچائي جي ”شيخ“ چئي، پوندي پوءِ پرک،

 

ليليٰ ڏٺم لک، مشاهدا محبوب جا.

49-

مشاهدا محبوب جا، تو قيس ڏٺا آهن ڪيئن،

 

ٿئي سيسراٽ سرير ۾، جانب پسجي جيئن،

 

وليون ويڙهيون آهن، جيئن نوان ويڙهين نينهن،

 

جيڪي گذاريئي ڏينهن، سي مونکي معاف رکجانءِ مجنان!

50-

سُکن ۽ سورن جي، ڳالهه پچارج ڪامَ،

 

مونکي بيهاري بَر ۾، سنڀري هليو شام،

 

ڪَيا پاريَو ڪينڪي، جي اچڻ جا انجام،

 

ڪري آس الله ۾، هڻي رهيو هوس هام،

 

نيڻين ننڊ ڇڏي ويئي، ٻي طلب نه هئي طعام،

 

مون ڀانيو ”محمود“ چئي، ري قريبن ٿيندي قيام،

 

مير محمد ڄام، آڻي آٿئي سانگ سڻائو ڪيو.

51-

ليليٰ تو لائق لک ڪيا، راضي ٿئي رحمان،

 

بيهي رهيو هوس بَر ۾، لاهي غير گمان،

 

وڄون وسڻ آئيون، سُڀر ڪري سامان،

 

پَهريا پاڻي پَٽن تي، ٿِيا عالم ۾ ايمان،

 

موريا گاهه ملير ۾، ٿيا مال چَري مستان،

 

روز مون وٽ ڪچهريون، اچيو هميشه ڪندا هئا حيوان،

 

ڪن پچارون پاڻ ۾، اسان جا ارمان،

 

هُن ٿي ڪم ڪَچا ڪيا، ظاهر منجهه زيان،

 

ٻي ڪنڌِي هيم ڪانه، صاحب ٿو سَهنجايون ڪري.

52-

صاحب رب سنار، ڪنهن کي ڪين ڇڏي،

 

ميڙي محمد مير جي، غافل پاڻ گڏي،

 

سڃين ماڙين ”شيخ“ چئي، ٿو عاصين تي اڏي،

 

هِت هميشه هوندو ڪونه ڪو، ويندو لوڪ لَڏي،

 

تُنهنجي ميڙَ تڏي، آءٌ ڪهڙي قيس! ڪري اچان.

53-

ميڙيُون ڪرين ٿي مونکي، جڏهن رهيو اچي پڃري منجهه پساهه،

 

ويو لهي ماس لڱن تان، ٿيو اُداسي ارواح،

 

قيس اڳي ڪونه هو، ڀيڻ نه ڪو ڀاءُ،

 

ملڪ وري ”محمود“ چئي، وڃي منهن ڏيکاريان ماءُ،

 

ڪنهن سانگي لڳي سپرين! تون اڱڻ اسان جي آءُ،

 

اڳيان سـير گهرندا سچ جو، مون پورو نه کنيو پاءُ،

 

احمد اتي عربي ڪندو، سوڙهيءَ منجهه سڻاءُ،

 

هو ادب اڳي، هاڻي ويو حياءُ،

 

ليليٰ سڀ لقاءُ، مون هو پسيو پرينءَ جو.

54-

پريت پراڻي نه ٿئي، ڏينهان ڏينهن نَئِين،

 

رضا رب ڪريم جي، تون ڇو ٿو وِڪَر بَهِين،(1)

 

پنهنجي مطلب لاءِ ”محمود“ چئي، ڪندو سڀڪو ڳالهه سَنئِين،

 

تون جي قيس اَچئِئـين، ته آءٌ وجهان هٿ ولين ۾.

55-

ڀلي آئين، جيءُ آئين، تو پرين! ڀَلايو پاڻ،

 

وڃڻ ويل وريام کي، ڄولي ڪَيئِي ڄاڻ،(2)

 

بيهي رهيو هوس بَر ۾، ئي مِرُن جو مهماڻ،

 

لڳِي لُڪَ لڱن کي، جڏو ٿيو جيڏاڻ،(3)

 

ليليٰ اسان ساڻ، ولين ڪين وڃائيو.

56-

وڌائين هٿ ولين ۾، پَٽڻ لاءِ پاڻهي،

 

روئي ڏنائين رت ڦڙا، اکين مان آڻي،

 

سچي راهه رسول جي، من ڪو سهي سڃاڻي،

 

تنهن کي ڪڍي تار مان، تهتان سو تاڻي،

 

جيڪي آهي هن جهان ۾، سو موجون ٿو ماڻي،

 

هڪ ڄاڻندڙ ڄاڻي ٻي ڪل ڪنهن کي ڪانه ڪا.

57-

قدرت رب ڪريم جي، ٻي ڪنهن کي ناهي ڪل،

 

بيهي رهيو هوس بَر ۾، مون پاڻ ڪئي هئي پَل،

 

مجنا! تنهنجي موج ڇو، آهي هڌين ماڳين هُل،

 

لڳيئي لُڪ لڱن کي، کامي ويئي هُيئِي  کَل،

 

محبت تنهنجي ”شيخ“ چئي، آڻي ٻارياجيءَ مٿي جَل،

 

جي مونکي ڏين موڪل، ته لاهيان ويڙهه ولين جو.

58-

ولين ويڙهي جهلي آهي، جان سڄي جوڙي،

 

لڳي لُڪ لڱن کي، ويئي عضوا لوڙي،

 

رضا رب ڪريم جي، ليليٰ ٿي لوڙي،

 

ويٺو سڄڻ منهن موڙي، جڏهن ڪين رهيو هو قيس ۾.

59-

ائين مَ چئجانءِ قيس! قابو ڪيس ڪَڙن،

 

قاضيءَ وٽ ڪيترا، ٿا پرديسي پڙهن،

 

ماڙيءَ پاسي ملڪ جي، لحظي ڪين لڙن،

 

جن کي سِڪ سڄڻ جي، سي ترسيا ڪين تڙن،

 

محبت بنان ”محمود“ چئي، اکيون ڪيئن اڙن،

 

جن جا سڄڻ سُڃ سڙن، تن کي ناهي طلب طعام جي.

60-

تون ٿي طلبين طعام کي، مون پيتو نه پاڻي،

 

بيهي رهيو هوس بر ۾، صاحب سڃاڻي،

 

لڳي لَڪ لڱن کي، جڏِي ٿي جواڻي،

 

ميلا جي مِرُن جا، سي ڏٺم ڏهاڻي،

 

ڏکن ۽ ڏولاون جِي، ڇو تند اٿئي تاڻي؟

 

موٽي وڃ مُلڪ ڏي، سگهي سياڻي!

 

پُنا دم پساهه جا، آهن روح گڏيا راڻي!

 

محبت سان ”محمود“ چئي، ڪئي مجني موڪلاڻي،

 

سُڻي حال حبيب جو، ٿي وينگس ويڳاڻي،

 

روئي ڏنائين رت ڦڙا، ان جي آڳ اُجهاڻي،

 

ڀريو ڪلمون محمد رسول تي، ان سان سيد ٿيو ساڻي،

 

هيءَ به هَڏِ وهاڻي، من ڪو ميڙائو ٿئي.

 

لااِلٰھ اِلاالله محمد رسول الله

 

 

-              ™ -


 

 

خدا دوست*

 

سلطان محمود، غزنيءَ جو عادل بادشاهه هو. سندس دستور هو ته روزانو رات جو چمڙاپوش ڪري رعيت جي سڌ سماءُ لهڻ لاءِ شهر ۾ چڪر ڏيندو هو، ته جيئن ڪنهن سان ڪو اهنج ايذاءُ ته ڪونهي. جڏهن هن ڏٺو ته ملڪ ۾ امن امان آهي، هر ڪنهن گهر مان قرآن پاڪ جي تلاوت جو آواز اچي رهيو آهي، ۽ مسجدون آباد آهن، تڏهن الله تعاليٰ جا شڪرانا بجا آندائين.

هڪڙيءَ رات بادشاهه دستور موجب چمڙاپوش ڪري، گهمندو گهمندو وزير جي محلات وٽان اچي لنگهيو ته هڪڙو شخص ڏٺائين، جو محلات جي دريءَ ۾ اکيون کپايو بيٺو هو.(1) رات وَڳڙي ۾ هڪڙي اوڦٽو ماڻهوءَ کي انهيءَ حالت ۾ ڏسي، بادشاهه کي پڪ ٿي ته ڪو چوري ڪرڻ جي ارادي سان اچي لڪو آهي. تنهنڪري هڪدم وڃي کيس قابو ڪيائين، ۽ پڇيائينس ته ”ڪير آهين ۽ ڪهڙي ارادي سان بيٺو آهين؟“ اهو شخص جو ويچارو عشق جو ماريل هو ۽ محبوب جي ديدار لاءِ پنهنجي ئي خيالن ۾ غلطان هو، تنهن جا حوصلائي خطا ٿي ويا. نيٺ ڪجهه دير بعد، نيزاريءَ سان جواب ڏنائين ته ”سائين! آءٌ ڪو چور چڪار نه آهيان. آءٌ پاڻ هڪڙو اسر آهيان، جو هتي هڪڙي دوست سان ملڻ جي وعدي تي آيو آهيان، جو هتي هڪڙي دوست سان ملڻ جي وعدي تي آيو آهيان. هينئر انهيءَ انتظار ۾ هوس ته ڪيڏيءَ مهل ٿو سڏ ٿئي ته وڃي حاضر ٿيان. بادشاهه چيس ته ”نه، تون چور آهين، توکي مون سان گڏ هلڻو پوندو، ۽ صبح جو توکي بادشاهه وٽ پيش ڪبو.“ ان شخص وري به عاجزيءَ سان کيس چيو ته ”ادا! الله لڳ مون تي اڄ رات جو احسان ڪر. آءٌ توسان واعدو ٿو ڪريان ته صبح جو سوير جتي چوندين، اتي اچي حاضر ٿيندس.“ اتي بادشاهه به ان جي آزين نيزارين تي ٿڌو ٿيو، ۽ چيائينس ته ”چڱو، جي ائين آهي ته رات لاءِ ڪو ضامن ڏي.“ هو ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويو، ڇاڪاڻ ته اتي سندس ڪوبه ماڻهو واقف ڪار نه هو. پرپوءِ لاچار بادشاهه سان اُٿي گڏجي هليو. آخر همت ڪري هڪڙي گهر جي دروازي تي بيهي ڪڙو کڙڪايائين.(1) اندران هڪڙو شخص ٻاهر نڪتو. تنهن کي چيائين ته: اي دوست! آءٌ هتي پرديسي آهيان، الله کان سواءِ هت ڪوبه اوهي واهي ڪونه اٿم، جو هن چوڪيدار وٽ ضامن پئي، منهنجي جند ڇڏائي. حقيقت هيءَ آهي ته اڄ رات هڪڙي دوست سان ملڻو اٿم، تنهنڪري جي منهنجو اڄ رات لاءِ ضامن پوين ته آءٌ صبح جو تو وٽ اچي حاضر ٿيندس. هن اڃا ڳالهه ئي پوري مس ڪئي ته ان شخص چوڪيدار کي چيو ته: آءٌ هن شخص جي وارَ وارَ جو اڄ رات لاءِ ضامن آهيان. صبح جو سويل حاضر ڪري ڏيندس. بادشاهه حيران ٿي ويو ته هيءُ هڪڙي غيرواقف شخص جو ضامن ڪيئن ٿو پوي. تڏهن وري به هوشيار ڪيائينس ته: صبح جو هيءُ شخص نه موٽيو، ته پوءِ سندس بدران تون جوابدار رهندين. ائين چئي، بادشاهه روانو ٿيو. پوءِ اهو شخص اميرزادي کي پنهنجي گهر وٺي آيو ۽ حال احوال پڇيائينس. اميرزادي جا شڪرانا مڃي، پنهنجو حال هن طرح ٻڌايو: آءٌ غزنيءَ جي پسگردائيءَ جو هڪڙو امير آهيان. منهنجو نالو خدادوست آهي، هن شهر ۾ منهنجو اڄ اوچتو اچڻ ٿيو آهي.(1) صبح جو گهمندي گهمندي هڪڙيءَ محلات هيٺان اچي لنگهيس ته اوچتو هڪڙي حسين نازنين تي نظر پئجي ويم، جا ان وقت دريءَ ۾ بيٺل هئي. ڏسڻ سان عشق جي تير گهائي ڇڏيم. پوءِ ته اتيئي بيهي رهيس. آخرڪار ان نازنين به ٿوريءَ دير بعد هڪڙي دائيءَ جي معرفت، رات جو ملڻ جو وعدو ڪيو. انهيءَ وعدي پوري ڪرڻ لاءِ محلات هيٺان انتظار ۾ بيٺو هوس ته چوڪيدار اچي جهليو. منهنجي منٿس ۽ آزين تي رحم کائي، ضامن جي طلب ڪيائين. پهريائين خيال ڪيم ته منهنجو واقف نه هتي آهيئي ڪونه، ڪهڙو ضامن ڏيان! پر پوءِ همت جهلي، تنهنجي گهر تي وٺي آيو سانس ۽ توکي ضامن پوڻ لاءِ عرض ڪيم. توکي آفرين آهي جو مون اڻواقف جو ضامن پيو آهين؛ هڪڙي ٻي به مهرباني ڪر، جو مون کي رڳو اجازت ڏي ته آءٌ وڃي محبوب سان ملان ۽ انجام ٿو ڪريان ته صبح جو اچي حاضر ٿيندس اهو ٻڌي دوست کيس دلداري ڏني ۽ اجازت ڏنائينس ته ڀلي وڃي پنهنجي محبوب سان ملي.

خدا دوست اتان نڪري محلات ڏي روانو ٿيو. بادشاهه جو اڃا تائين اتي لڪو بيٺو هو، سو به سندس پٺ وٺي هلڻ لڳو. هو هلندي هلندي ساڳئي محلات هيٺيان اچي پهتو، ۽ ڪجهه دير بيهي انتظار ڪيائين. پر جڏهن محلات جو دروازو نه کليو، ۽ نه وري ڪو ماڻهو ڇيڻو ڏٺائين، تڏهن ڪمند اڇلائي، محلات ۾ ٽپي پيو. بادشاهه به نڪا ڪئي هَم نه تَم، ساڳئي ڪمند تان چڙهي محلات جي دريءَ مان اندر ويو ۽ لڪي هنن جي گفتگو ٻڌڻ لڳو. وزير زادي، جا هن جي انتظار ۾ هئي، تنهن خدا دوست کي اوڀالو ڏنو ته: اي دلدار! ڪهڙي سبب کان دير ڪيئي؟ هن کيس جواب ڏنو ته: اي سڄڻ! منهنجو روح تولاءِ اهڙو اوڪاسيل هو جو هڪ گهڙي به سال پئي ڀانيم، پر تنهنجي محلات هيٺان بيٺل ڏسي، اوچتو هڪڙي چوڪيدار اچي پڪڙيم، جنهن کي اڄوڪيءَ رات لاءِ هڪڙو دوست ضامن ڏيئي تو وٽ پهتو آهيان. وزيرزادي اها ڳالهه ٻڌي، نهايت ارمان ۾ ڀرجي ان کي چيو ته: اي محب! اها تمام خراب ڳالهه ٿي، ڇو ته هتي جو قانون اهڙو ته سخت آهي، جو تنهنجو اهو ڏوهه هرگز معاف نه ڪيو ويندو، ۽ صبح جو ضرور بادشاهه تنهنجي مارائڻ جو حڪم ڏيندو. خدا دوست چيو ته: وزيرادي! تون دل نه لاهه، الله رحيم آهي. جيڪڏهن پنهنجي سچي محبت آهي ته ڌڻي تعاليٰ ضرور ڪو نه ڪو حيلو پيدا ڪندو. پر وزيرزاديءَ کي روئڻ جهل ئي نه ڏئي، چيائين ته: تو کان هاڻي هڪڙو پلڪ به پاسي ٿيڻ مون لاءِ موت آهي، سو صبح جو تنهنجي ڦاهيءَ جو ٻُڌي، آءٌ ڪيئن جيئرو رهي سگهنديس! پوءِ پنهنجيءَ قسمت کي ڏوهه ڏيندي، خدا دوست کي چيائين ته: قدرت جي ڳالهه آهي، جو فقط اڄوڪيءَ رات جي رهاڻ نصيت ٿي، سڀاڻي يانصيب. هاڻي اچ نه رهاڻ ڪريون. پوءِ وزيرزاديءَ قرآن شريف کڻي آڻي وچ تي رکيو، ۽ ٻيئي ڄڻا قرآن شريف جو دور ڪرڻ لڳا. بادشاهه به هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ لڪي بيٺي. هنن جون ڳالهيون ٻڌيون، تان جو اچي آسُر ٿيو. آخر هنن قرآن شريف ٺپي، هڪٻئي کان روئي موڪلايو. هلندي وقت وزيزاديءَ هن کي چيو ته: دوست دل نه لاهج، هاڻي هتي ويهڻ مون لاءِ حرام آهي. آءٌ توسان بادشاهه جي درٻار ۾ به گڏ هونديس. جيڪڏهن ڪاري ويس سان، ڪميت گهوڙي تي چڙهيل ڪو شخص ڏسين، ته پڪ ڄاڻج ته اُها آءٌ هونديس. هاڻي الله توهار.

خدادوست، وزيرزاديءَ کان موڪلائي پنهنجي دوست ڏانهن روانو ٿيو. هو اتي پهچي ئي پهچي، تنهن کان اڳ بادشاهه به پنهنجي محلات ۾ پهچي ويو، ۽ هڪدم ڪوٽوال کي حڪم ڏنائين ته ’فلاڻي شخص کي حاضر ڪيو وڃي، جيڪڏهن اهو نه هجي ته جيڪو شخص سندس ضامن پيل آهي، ان کي گرفتار ڪري اچ.‘ جڏهن ڪوٽوال ان دوست جي گهر پهتو، تڏهن خدا دوست اڃا نه پهتو هو، تنهنڪري هو دوست وڃي حاضر ٿيو. هن کي اڪيلو ڏسي، بادشاهه سخت ڪاوڙيو، ۽ جلاد کي حڪم ڏنائين ته ’هن شخص کي وٺي وڃي سوريءَ تي چاڙهيو.‘ هو جوان به حڪم ٻڌي، خوشيءَ سان جلاد سان گڏ اُٿي هليو.

هوڏانهن وري خدادوست جڏهن پنهنجي دوست جي گهر پهتو، تڏهن معلوم ٿيس ته هو بادشاهي سَڏ تي ويو آهي، سو پنهنجي دير سان پهچڻ تي ڏاڍو شرمندو ٿيو ۽ اهو الڪو ٿي بيٺس ته متان هُن بيگناهه کي ڦاسي نه چاڙهي ڇڏين، سو هڪدم مٺيون ڀيڙي وٺي ڀڳو.(1) اڃا اڌ واٽ تي هو، ڏٺائين ته ماڻهن جي انبوهه ۾ جلاد سندس دوست کي ڦاسيءَ ڏانهن وٺيو پيا وڃن، تڏهن دانهن ڪري جلادن کي چيائين ته: ڏوهاري ته آءٌ آهيان، جو اچي حاضر ٿيو آهيان. هيءُ ته منهنجو ضامن آهي، تنهنڪري هن جي بدران مونکي هلي سوريءَ تي چاڙهيو. اتي ٻيئي دوست ضد ٻڌي بيهي رهيا. هرڪو چئي ته آءٌ ڏوهاري آهيان، تنهنڪري ڦاسيءَ تي مونکي چاڙهيو وڃي. جلاد ويچارا منجهي پيا ته هاڻي ڪنهي کي سوريءَ چاڙهيون. اڃا انهي ئي ويچارن ۾ هئا ته هڪڙو سهڻو جوان ڪاريءَ پوشاڪ ۾، ڪاري گهوڙي تي سوار ٿي اچي سهڙيو. تنهن جو اچي ڏٺو ته سندس محب بدران ڪو ٻيو ماڻهو ٻڌو بيٺو آهي، سو جلاد کان پڇيائين ته، حقيقت ڇا آهي؟ جلاد کيس سڄي حقيقت ٻڌائي ته بادشاهه سلامت هُن شخص جي مارڻ جو حڪم ڏنو آهي، مگر هي شخص جيڪو هينئر پهتو آهي، سو چوي ٿو ته سچو ڏوهاري آءٌ آهيان، تنهنڪري مونکي وٺي هلي ڦاهيءَ تي چاڙهيو. هاڻي اسين منجهي پيا آهيون ته ڇا ڪريون! اتي گهوڙيسوار وراڻيو ته: اها ته تمام خراب ڳالهه ٿي.  هاڻي ٻنهي ڄڻن کي بادشاهه سلامت وٺ وٺي هلو نه کيس سموريءَ حقيقت کان واقف ڪريون، پوءِ هو جيڪو حڪم ڏئي، تنهن موجب عمل ڪريو.(2) جلادن کي به اها ڳالهه سمجهه ۾ آئي، سي ٻنهي ڄڻن کي وٺي بادشاهه سلامت ڏانهن روانا ٿيا. جلاد موٽي اچي بادشاهه وٽ حاضر ٿيا ۽ هٿ ٻڌي عرض ڪيائون ته: جيئندا قبلا! توهان هڪڙي شخص کي سوريءَ تي چاڙهڻ لاءِ حڪم ڪيو هو، پر هتي ته ٻه ڄڻا هوڏ ٻڌي بيٺا آهن. هرڪو ائين ٿو چئي ته ڏوهاري آءٌ آهيان ۽ مونکي ئي سوريءَ تي چاڙهيو وڃي. هاڻي حڪم ڏيو ته ڪنهن کي سوريءَ تي چاڙهيو وڃي! اهو ٻڌي بادشاهه دل ۾ چيو ته ’هنن دوستن جي دوستي ڪيتريقدر نه سچي آهي، جو هڪٻئي تان سِر قربان ڪيو بيٺا آهن.‘ وري به آزمودي خاطر خدا دوست جي مائٽن کي گهرائي چيائين ته: خدا دوست قانون جو ڏوهاري آهي، تنهنڪري ان کي سوريءَ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جيڪڏهن اوهان مان ڪو هن جو ضامن پوي ته هن جو ڇوٽڪارو ٿئي. پر سندس عزيزن مان ڪو به هن جو ضامن نه پيو. تڏهن هيڪاري بادشاهه کي پڪ ٿي ته ’هنن جي پاڻ ۾ سچي دوستي آهي.‘ آخر فيصلو ڪيائين ته جڏهن خدا دوست پاڻ اچي حاضر ٿيو آهي. تڏهن سندس ضامن جو ضرور ڪونهي. هاڻي خدا دوست کي وٺي وڃي ڦاهيءَ چاڙهيو. اهو حڪم ٻڌي، وزيزادي جا ڪاري پوشاڪ ڍڪي آئي هئي، بادشاهه کي هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته: بادشاهه سلامت! ايڏو انڌير، جو چوڪيدار جي چوڻ تي هڪ بيگناهه انسان جو خون ٿا ڪريو! جيڪڏهن اوهان جا صلاحڪار اهڙا هوندا ته پوءِ انهن جي چوڻ تي سگهوئي پنهنجو ملڪ تباهه ڪري ڇڏيندا. بادشاهه ته سمجهي ويو ته هيءَ وزير زادي آهي، پر تنهن هوندي به ٻاهريون ٻنو رکي، کيس چيائين ته: اي شخص! تون ڪير آهين ۽ ڪيئن توکي ايڏي جرئت ٿي، جو حاڪمن سان ايتريقدر گستاخي ٿو ڪرين؟ وزيرزاديءَ به ٺهه پيهه جواب ڏنو ته: بادشاهه سلامت! توهين انصاف پسند ٿي ڪري به پنهنجي ظلم تي خوش آهيو. جيڪڏهن اوهان وٽ سچ چوڻ ڏوهه آهي ۽ ان جي سزا موت آهي، ته پوءِ بيشڪ مونکي به هن ڏوهاريءَ سان گڏ سوريءَ تي چاڙهيو وڃي. تڏهن بادشاهه وري به وزير زاديءَ کي چيو ته: اي شخص! چور کي سزا ڏيڻ حق جي ڳالهه آهي ۽ اها تنهنجي بيوقوفي آهي جو حق کي ناحق چئي پاڻ کي خواه مخواه ٿو مارائين. اتي وزير زاديءَ به بادشاهه کي جواب ڏنو ته: بادشاهه سلامت! جتي اوهان جهڙا حاڪم هجن، اتي سڀني ڳالهين کان موت بهتر آهي. توهان چوڪيدار جي چوڻ تي هڪ بيگناهه جي مارڻ جو حڪم ڏنو آهي، هاڻي آءٌ اوهان کي ساري حقيقت ٿو ٻڌايان ته اهو شخص، جنهن کي توهان جهليو آهي، سو منهنجو ئي دوست هو. مون ئي هن کان رات جو ملڻ جو وعدو ورتو هو، جنهنڪري مون سان ملڻ جي انتظار ۾ محلات جي هيٺان بيٺل هو. هو ضامن ڏيئي مون وٽ آيو. اسان جي محبت سچي ۽ پاڪ آهي، جنهن جو شاهد ڌڻي پاڪ آهي. اڃا به جيڪڏهن توهان کي ان جي مارڻ جو خيال آهي ته ان کان اڳ مون کي ماريو وڃي.

بادشاهه ته اڳيئي سڄيءَ حقيقت کان واقف هو، سو هنن ٽنهي جي سچائيءَ کان ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين ته: اي شخص! انهيءَ سچائي ۽ پاڪائيءَ جي ساک تي نه رڳو توکي معاف ڪيم پر هنن ٻنهي دوستن کي به بخش ڪيم. هاڻي تون بيفڪر ٿي پنهنجيءَ جاءِ تي موٽي وڃ. وزير زاديءَ جي وڃڻ بعد بادشاهه پنهنجي وزير کي گهرائي سچيءَ حقيقت کان واقف ڪيو. وزير زاديءَ جي پاڪائيءَ ۽ سچائيءَ جي تعريف ڪري، خدا دوست سان سندس شاديءَ ڪرڻ جي اجازر گهري وزير به بادشاهه جو چوڻ ڪونه موٽايو، ۽ ٻئي ڏينهن وزير زاديءَ جي شادي خدا دوست سان ڏاڍيءَ ڌام ڌوم سان ٿي. بادشاهه جي ٻنهي کي خوب ڏاج ڏيوڻ ڏيئي روانو ڪيو، ۽ انهيءَ خوشيءَ ۾ هن جو دوست، جيڪو ضامن پيو هو، تنهن کي به مالا مال ڪري ڇڏيائين.

 

 

-              ™ -

 


 

 

روايت [1] *

 

1-

ملڪ مل محمود هو، غزني ۾ غازي،

 

عادل تنهن عدل سين ڪڍي بدعت بازي،

 

مهران مرد ملوڪ ڪيا، نر سڀ نمازي،

 

نوڙت نيازي، هئو دين گهڻو دهدار ڪيو.

2-

پر ورنهه ويس وريام ٿي مَٽايو مختار،

 

راسنگ سڀ ڪنهن رات جو، ٿي سير ڪيو سردار،

 

شهر گهميو شفتال ڪيو، تنهن چوطرفان چوڌار،

 

تان پڙهڻ ريءَ پچار، ڪنهن کي هئي ڪانڪا.

3-

ڪنهن کي هئي ڪانڪا، پڙهڻ ريءَ پچر،

 

وائي وظيفي ورد ۾، هئا نافع نوري تر،

 

تڏهن ٿي ڪيا شڪرانا شاهه، هٿ ٻڌيو حاضر،

 

ته دين ڪيوءِ داور، موليٰ منهنجي ملڪ ۾.

4-

پر ورنهه وير وزير جو، جان مير ڏسي ٿو محل،

 

تان مرد ڏٺائين ماڙيءَ هيٺ ڪو مير مهائين مل،

 

تنهن کي پُري پڇيو بادشاهه، تون آهين ڪير آمُل،

 

آيو مٿس اجل، تڏهن هاءِ ويو حيران ٿي.

5-

هاءِ ويو حيران ٿي، ٿو قابل ڪين ڪڇي،

 

جواب ته جابر کي ڏئي، ٿو پانڊو کيس پڇي،

 

هي ٿو لئونءَ لَونءَ منجهه لڇي، ڪنهن ڏاڍي عشق الول ۾.

6-

هو ڏاڍو عشق الول ۾، پر دُز ڀانيو داناء،

 

تپي تاءُ نُبي ڪيو، اُتس تيئن امراء،

 

هي به پيو سر پيزار جي، عاشق ڪري آه،

 

ته عاقل لڳ الله، مونکي آجو ڪر احسان سين.

7-

آجو ڪر احسان سين، وٺ ضامن کؤن به ضعيف،

 

راسنگ پهر رات جو، جي هڪڙو سَهـين حريف،

 

ته توتي زور ضعيف، راضي هوند رحمان ٿئي.

8-

چئي: آءٌ هڏ راضي گهڻو، پر مون راضي هوءِ رحيم،

 

سگهو ضامن سيگهه مان، ڏي ڪو مرد مقيم،

 

تڏهن پٽ هليو پيءُ ڏي، سورهيه ڏانهن سليم،(1)

 

تنهن هئي هئي ڪئي حڪيم، پربديءَ کان بيزار ٿيو.

9-

بَديءَ کؤن بيزار ٿيو، ڪيو هئي هئي هڻي هٿ،

 

ڪانه ڪيائين ڪٿ، هليو يار پنهنجي يار ڏي.

10-

ادا ڙي ياور يار! ڪا ائي  ياري هن يار سان؟

 

سو آهي چور امير جو، دز سندو دهدار،

 

مٿس آهي مير جي ڀُل وڏي ڀُلڪار،

 

نا ته صبح وٽ سردار، ٿيندين جائب جناب ۾.

11-

تڏهن ساڻس يار ياري ڪئي، سو ڪنهن ڀَت ڪنبيو ڪين،

 

فائق جان قڪر ڪيو، آڻي اُت امين،

 

تان هو پاڻان مرد مٿان مسڪين، قابل ٿو قربان ٿئي.

12-

قابل ٿو قربان ٿئي، ياور مٿان يار،

 

ته خوش ٿئي نام خدا جي، سرهو لڳ ستار،

 

ان ظالماڻي ظلم ۾، ڏيندس حال هزار،

 

سر ڏيان هوند سو وار، پر ووءِ ووءِ وڃي ٿو واعدو.

13-

ووءِ ووءِ ان ويلـي، مالڪ سڀڪنهن رات جو،

 

ڪين پڙهندا هئاسون پاڻ ۾، کل خوشي کيلـي،

 

پر هرگز ڪونه حرام ٿيو، تون منجهه ميلـي،

 

اِن پرتم ڏانهي پيلـي، البت ايندس آن پرين.

14-

آڻي اُن افسوس کان، هَي هَي هاءِ هليو،

 

عشق ٿيو اُمراء کي، جهلي ڪنهن نه جهليو،

 

جنهن جو هُن هڌ ساهه سَليو، سو هت ڪيئن اٽڪيو رهي!

15-

هت ڪيئن اٽڪيو رهي، ويڙو وير وريام،

 

تنهن فائق ڪنهن فڪر سين، دانا اُڇليو دام،

 

اُتهن سر الام، چڙهي چَرڻي تان ويو.

16-

چڙهي چَرڻي تان ويو، جان عاشق اوڪاسي،

 

تان محب رُسي مشتاق کون، پِرِتم ٿيو پاسي،

 

عجب ڇو اويل ڪئي، ڪنهن ٻي وني وڌين واسي،

 

آءٌ جان آيس او ڪاسي، تان ٿيس هي هي حيرت ۾ گهڻو.

17-

آه منجهان ارواح، دانهن ڪري چيائين دوست کي،

 

ته ورنائج وينتيون، منهنجا عرض لڳ الله،

 

هت چاري چوڪيدار هو، خام وڏي سين کاه،

 

جنهن رنڊي منهنجي راه، سرهنگ سختي سخت ڪئي.

18-

سرهنگ سختي سخت ڪئي، هاءِ ڪري جان هيءُ،

 

بچي ويو ڀلڪار کؤن، جٿ پُٽ کؤن پاسي پيءُ،

 

جت جدا جئو ٿيو جيءُ کان، اُت پڻ ساڻم ياري يار ڪئي.

19-

تڏهن سڻي سڙي ان سور ۾، هوءَ واء گهڻو ويئي،

 

اٿي ان افسوس کؤن، پئي پٽ پيئي،

 

چي ٿوري عمر ٿڪيءَ کؤن، هي جي هجيئي،

 

ته منهنجا مڙيئي، مَرُ ڏاتر توکي ڏئي.

20-

پر اڳ پيدا آءٌ، هئي هئي تان نه هياس،

 

سڻي سڙي هن سور کؤن مانهند ڇو نه مياس،

 

آن چان آيو جانب هاڻي چياس، تان پاڻان مٺيس پييش مامري.

21-

پر پلڪ پرين پاسي نه ٿِي، آن توري نه تڳنديانس،

 

مٺيس توجي موت جوم آن صبح سُئي ڪيئن سگهنديانس،

 

آن موت ٻڌي مرندياس، مونکي ماري به تنهنجو موت ٿو.

22-

موت! مري وڃ موت، موت نه مارئين محب کي،

 

فنا ٿي وڃ فوت، مَر جان فوت فنا ٿئين.

23-

جي وهِين منجهه جيءَ، توسان ڳجهي آهم ڳالهڙي،

 

تو جي تو تان جيءُ، مر صدقي  ساهه ٿئي.

24-

پر ويجهو اچي ويهه، پلڪ پاسي نه ٿئين،

 

ڏي تڪيا تارن ۾، منجهه پنبڻين پيهه،

 

توکي ڏسي مَ ڏيهه، آءٌ ٻيو ڏسان ئي ڪونڪو.

25-

اچي ويهه ونين ۾، ڪر اکين ۾ اوطاق،

 

لوٺيس توکي جي لڳي، پريم پنبڻين پاڪ،

 

ڪري ڪيهه قزاق، آءٌ ساهه ڏيان هوند سور ۾.

26-

پر هوري هوري جاءِ، نيڻين اوپر پڳ ڌري،

 

جهُري همارا نه پنبڻان، دُکي تمارا پاءِ،

 

ايهين چوندي ڪياءِ، ته هوري هل عجيب پرين.

27-

لالن ڀُلِين لاغرض ٿئي، ڏي مٿي پنبڻين پير،

 

ڇڏ ڇنڀڻ جي هير، ته ساجن سکالو رهين.

28-

پر جي مون وس هو، ته آن پره پيدا ئي نه ڪريان،

 

رات وَڌائين رب تون، شال ڪوم صبح ٿئي ڪو،

 

آهيم جيءُ جياپو جو، سو هجي ساجن سدا ساڻ مون.

29-

ساجن سدا ساڻ مون، تون رات وڌائين رب،

 

سڙيس آيو سهاءُ ٿئي، لوٺيس مٿي لب،

 

جنهن جي اٿم تات طلب، سو شال محب مدامي مون وٽ هوءِ.

30-

پر هئي هئي هاءِ حبيب، اِجها پرحه ڦٽي پرڀات ٿي،

 

مُٺيس ڪندا مامرو، ڪهڙو ساڻ قريب،

 

ان سچ مقابل سيل جي، شال آجو هئين عجيب،

 

تو وٽ تن طبيت، البت آءٌ اينديس پرين.

31-

سا البت آءٌ ايندياس، مرڪڻ تنهنجي مارڪي،

 

ڪاري ڪِٺ ڪميت تي، چست پرين چڙهندياس،

 

ڪارا ڪپڙا قيمتي، پڄيو آءٌ پرهيندياس،

 

سائو نيزو هٿ ۾، آن اتر ڏانهن ايند ياس،

 

دشمن خدا دوست جا، آن ڀالن سين ڀڃندياس،

 

ڏيج جيئن آن ڏيندياس، جانب سر جتي تي.

32-

پر اچي ڇو نه آمَلُ آس، پاڻيٽ پوڄون پاڻ ۾،

 

لاهيون آب اُڪاس، ڪريون پوري پاڻ ۾.

33-

تان چئي: رکيم سڀڪنهن رات جو، پاڻيٽ پاڪيزو،

 

هاڻي گڏي غليظو، ڇو آن ڇا کي ڪريان.

34-

چئي: مونکي پڻ ملاحظو هو، دوست اهو دلخواه،

 

ته متڻ مون تي ڪا رکين حرف همراه،

 

ته هن ڪميڻيءَ کان ڪانه ٿي سفلي ڪا صلاح،

 

داڳ انهي داناءَ، کڻي اتايي آتاب ڪئي.

35-

پر جيئن هتي هي حال، تيئن ٿي جوش ڪٺو جاسوس کي،

 

ته نينهن نهوڙي ناهه ڪيا، آهن پرت پئي پئمال،

 

جيئن هي ٿي ڪيا زوري سڪ زوال، تيئن هو ٿي

ماريو ان جي مامري.

36-

جيئن ٿي محبت منجهه هوءَ مري، تيئن واءُ وڃيو ٿي هووري،

 

هو جو پِٽيو پِٽين پاڻ کي، هوءِ به وڃيو وک وري،

 

جت ڪامڻ ڪِيهه ڪري، تان هوٿو نرناهه ٿئي نينهن کون.

37-

روئي هن رخصت، هڪٻئي کان هاءِ ڪئي،

 

هن به موڳي پئي ماتام ڪيا، سهيو سور سخت،

 

هو ويو در مهندان دوست جي، همه ڪري حيرت،

 

هُن به تونگر سر سخت، ويهندي ماڻهو موڪليو.

38-

ويهندي ماڻهو موڪليو، سخت ڪري سرهنگ،

 

سو زيرڪ ضامن کؤن وٺي، اچي ڪو اڙٻنگ،

 

تان هو ٻرٻر ٻوڙٽ ۾ پيو، پڪو پرس پتنگ،

 

هي پاڻ ويو پلنگ، تنهن جاڳايو نه جوان کي.

39-

پاڻ ويو وٽ بادشاهه، هن جاڳايو نه جوان،

 

هن به سالڪ سوريءَ ڪيو، فائق اي فرمان،

 

سنگيو ڪين سُجان، پاڻان سر ڏيندي سرهو ٿيو.

40-

سرهنگ سوريءَ سامهون، وٺي جان ويوس،

 

تان هو جاڳندي جوان اچي، پرس کيس پُنوس،

 

تنهن دانهن ڪري دريان کي، عاشق ايئن اُتوس،

 

ڇڏ جنهن ڇڏايوس، وٺ تون مونکي مار تون.

41-

ادا ڇڏ آشناء کي، دانهن دادش دار،

 

وٺ تون مونکي مار، جو آهيان چور امير جو.

42-

اُت پڻ ڪنبي ويو ڪوٽار، ڪا مت آيس ڪانڪا،

 

تان هو مورُ مشڪي ٿي چڙهي، اچي عاقل ٿيو اظهار،

 

ڪڪر ڪاري ويس جيئن، هو سج جيئن پاڻ سوار،

 

تنهن جو جوڙ پسي جنسار، ٿي لرزو لشڪر منجهه پيو.

43-

لرزي ويو لشڪر، هاءِ اچي هسوار چيو،

 

ڇو اوهين ڇو ٿا ڪريو، هل هنگام حشرَ،

 

اڳيان ان اظهر، ڪئي حقيقت حال جي.

44-

سڀ حقيقت حال، سڻايائون سرهنگ کي،

 

چيو تان منجهه ملال، وڃي پاڻ پڇي اچ پادشاهه کي.

45-

تڏهن دست ٻڌي دريان، درس چيو دهنار کي،

 

ته يڪ نه ڀانئج دو ڄڻا، سوريءَ سڃن سجاد،

 

توتان تمن تمان، هو حڪم هيڪڙي جو ڪيو.

46-

هن به گوش لائي گفتار، فائق جان فڪر ڪيو،

 

تان ڪنهن کان ڀڄي ڪانڪا، جيڏي ياري ڪڏهن يار،

 

مٿان پاڻ ميار، لاٿائين سرِ کي سوريءَ ڏانهن سڃي.

47-

اُت پڻ مائٽ ملوڪ جا، سڏايا سردار،

 

اچي ظاهر ضامن جا ٿيا، خوش اڳيان خنڪار،

 

دوست ڀڄي ويا در کان، ڀائر سڀ ڀتار،

 

تڏهن سوريءَ ڏانهن سردار، کڻي مالڪ عاشق موڪليو.

48-

تڏهن هاءِ ڪري هسوار، چيو واءِ وريام کي،

 

ته ڇو هيڏا ڇو ٿو ڪرين، الوٽ انڌير انڌار،

 

چئي چوڪيدارن جي، ٿو خون ڪرين خنڪار،

 

جي هوندا تنهنجي حڪم ۾، اهڙا ڪم عقل ڪمدار،

 

ته ووءِ ووءِ ويجهائي ڪندين، سڃ سگهي سردار،

 

پنهنجو ملڪ مڻيار، ووءِ ووءِ ڪرين ويران ٿيو.

49-

چئي: جيڏي ڪرين جراُت تون، سانگ نه رکين ساهه جو،

 

قابل اچين تون ڪيڏانهن ٿو، هيڏي سان حشمت،

 

ڪامل توکي ڪانه ٿئي، هرگز ڪا هيبت،

 

پاڻان پادشاهن کي، اهڙا سخن ڪجن نه سخت،

 

تون تر ڪرين ٿو نصيحت، پر پڇو مارائين پاڻ ٿو.

51-

تان چي: پر جان پر وڌوم، تان ٿو زيرڪ مرڪين ظلم تي،

 

سالڪ توکي سچ چيم، ته ڪو ڏوهه ڪيوم،

 

تون جي هادي مارين حق تي، ته هوند سري ڪاج سندوم،

 

هو جو حج چَتايوم، سوهوند منهنجو حج هتي ئي ٿئي.

52-

حاجي مارڻ حق، درس آهي دُر کي،

 

تون نر چوين ٿو ناحق، پوءِ ڇو ٿو ناحق ناحق تي مرين.

53-

تان چئي: ات پڻ موت ڀلو مختار، جت آهن حاڪم توجها،

 

تون ڪين پڇين ٿو شاهدن کي، دعوا اتي دهدار،

 

مارائين مسلمان ٿو، بي ڏوها بسيار،

 

رليا ڀائين راقضي، ناحق حق هچار،

 

تون تان حق هوشيار، پوءِ ڇو ٿو نر ناحق چوين.

54-

چئي: بانڪا ان بنگلي ۾، ٿي ڪيوءِ رات طواف،

 

چئو ڪِ چور ڇا چيو، ڇڏ خائف ري خلاف،

 

لکڻ ڪوڙ لفاف، آهي زور زياده ظلم کون.

55-

چئي: ظالم ٿين زوال، شال ڪوڙو ٿئي ئي ڪونه ڪو،

 

ان مرڻ ڪارڻ محب جي، آندم ٿي احوال،

 

تون رازق واقف راز جو، هادي آهين همه حال،

 

ته ڪڏهن اسان کان ڪونه ٿيو، اهڙو بد افعال،

 

ميان مارڻ جو هجئي، ڪو خواه مخواه خيال،

 

ته سڻ شفيع لڳ سوال، اڳي مارج عجيب کون.

56-

چئي: مور نه ماريندوس، هوندس تنهنجي حڪم ۾،

 

ان سچ مقابل سيل جي، آن توکي ڏان وڏا ڏيندوس،

 

آن تنهنجا ڪم سڀ ڪاج ڪندوس، تون وڃ

جابر پنهنجيءَ جاءِ تي.

57-

هي ويو جابر پنهنجيءَ جاءِ تي، هُن ٿي ڪيا عهد تمان،

 

وهندو ئي وزير کي، سڏايو سلطان،

 

سو گند ان جي سيل جا، سچ ڪيا سڄاڻ،

 

موڪل مهربان، گهري نر کؤن نر نڪاح جي.

 

-             ™ -


 

 

سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال

 

]هن قصي جون جملي ٻارهن روايتون مليون، جن مان پهرئين روايت ”تاريخ طاهري“ جي آهي، ۽ باقي هيٺين يارهن روايتن مان ست منظوم ۽ پويون چار نثر ۾ آهن: (1) ليٿو ۾ ڇپيل منظوم قصو، (2) سيف الملوڪ، چيل بهار ٻپڙ جو، (3) سيف الملوڪ، چيل محمود شيخ، (4) سيف الملوڪ، چيل منو چانڊيو، (5) سيف الملوڪ چيل قاسم جو، (6) سيفلنامو (مقدمه) سرائڪيءَ ۾ چيل لطف علي جو، مطبوع سنڌي ادبي بورڊ، سنه 1960ع، (7) سرائڪي ۽ مثنوي جي صورت ۾ حاجي خانڻ جو جوڙيل سيف الملوڪ، مطبوع رفاه عام ليٿو پريس لاهور، (8) قصو سيف الملوڪ، مولف قاضي صابر مصطفيٰ، مطبوع سنه 1953ع، (9) تعلقي اُٻاوڙي مان فاضل قائمي کان مليل روايت، (10) تعلقي شهدادپور مان مير حسن ”سڪايل“ کان مليل روايت ۽ (11) تعلقي ٺٽي مان عبدالله گندري کان مليل روايت.

”تاريخ طاهري“ واري روايت مختصر مگر هڪ مستقل ۽ آڳاٽي آهي، جا هن قصي کي سر زمين سنڌ جي ماحول ۾ چمڪائي ٿي. ان روايت کي ”قصو يديع الجمال جو“ جي عنوان سان شروع ۾ رکيو ويو آهي. ان بعد باقي يارهن روايتون هن قصي کي مصر جي شهزادي جي عشق جي داستان جي صورت ۾ پيش ڪن ٿيون، جن جي مطالعي ۽ ڀيٽ جي بناء تي ”سيف الملوڪ“ جي عنوان سان هڪ جامع متن قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جو بنياد بهار ٻيڙ واري بيتن ۾ جوڙيل قصي ۽ ليٿو ۾ ڇپيل ’الف اشباع‘ جي قافيي تي چيل منظوم قصي تي رکيو ويو آهي ۽ باقي نثر توڙي نظم ۾ جوڙيل روايت مان مدد ورتي وئي آهي، ۽ انهن جا اختلاف هيٺ حاشين ۾ ڏنا ويا آهن.

قصي جي انهن ٻن مستقل روايتن بعد، پهريون پنج منظوم روايتون متن ۾ شامل ڪيون ويون آهن ۽ باقي پويون ڇهه (لطف علي ۽ حاجي خانڻ جا اڳ ڇپيل قصا ۽ چار نثر واريون روايتون، جن جا اختلاف قلمبند ڪيا ويا آهن) ڇڏيون ويون آهن- مرتب.[


 

 

قصو بديع الجمال جو*

 

سنڌ ۾ دلوراءِ نالي راجا (’محمد طور‘ ۽ ’ساڪري‘ شهرن جي وچ واري علائقي تي) حڪومت ڪندو هو. هو اهڙو ته ظالم، بي انصاف ۽ حد درجي جو غاصب هو، جو هر رات رعيت جي هڪ ڇوڪري زوريءَ پنهنجي محلات ۾ آڻائيندو هو. جيڪي هندي سوداگر پنهنجو مال ’ديول بندر‘ ڏانهن درياءَ ۾ ٻيڙين رستي کڻي هتان لنگهندا هئا، انهن کان راهداريءَ ۾ مال جو اڌ کسي وٺندو هو. ويچارا اڻواقف سوداگر تمام گهڻي ويل جي منهن ۾ هوندا هئا.

هڪڙو اهڙو واپاري تمام گهڻي مال سان هتي پهتو ۽ جڏهن ڪارندن کي خبر پئي ته هن وٽ بي انداز مال آهي ۽ ڏورانهين ڏيهه جو ماڻهو آهي، تڏهن هن کي حد کان ٻاهر آزارڻ شروع ڪيائون. اها حالت ڏسي، هو ڏاڍو پريشان ٿيو. انهيءَ کان سواءِ ساڻس هڪ چوڏهينءَ جي چنڊ جهڙي حسين ٻانهي ’بديع الجمال‘ هئي. جڏهن هو اتي جي راجا جي بد عادتن کان واقف ٿيو، تڏهن هيڪاري ششدر ٿيو.

اهو سوداگر هڪ دانشمند ۽ خدا پرست هو. ان کي ڊپ لڳو ته جيتوڻيڪ هنن ڪميڻن کان جند ڇڏائڻ لاءِ بد ناموسي ۽ هڙ ڦرائڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به چارو ڪونهي، پر تنهن هوندي به ڪوشش ڪرڻ ضروري آهي. جيڪڏهن رب تعاليٰ جو فضل شامل رهيو ته اها ڪوشش تاقيامت يادگار رهندي. انهيءَ ڪري هن ٽن ڏينهن بعد راهداري ڏيڻ ۽ ان حسين ٻانهيءَ کي راجا جي حوالي ڪرڻ جي مهلت گهري، کيس اها مهلت ملي وئي. هن سوداگر تمام هوشيار قابل ۽ ماهر فن جبل ٽڪڻ وارا ۽ بند ٻڌڻ وارا ڪٺا ڪيا، ۽ انهن کي درياءَ جي هڪ طرف وڏو مضبوط بند (درياءَ جي رخ موڙڻ لاءِ) ڳجهه ڳوهه ۾ ٻڌڻ لاءِ چيو. اهو بند سندس خيال ۽ رٿ موجب ٻڌجڻ لڳو، جنهن تي سوداگر پنهنجا هيرا جواهر ۽ قيمتي شيون پئي خرچ ڪيون. هن جو ارادو هو ته الور ملڪ وٽان درياءَ کي مضبوط بند اچڻ سان درياءَ جو رخ بکر ڏي مڙي پوندو. اهڙيءَ ريت انهن قابل ڪاريگرن رات وچ ۾، بند ٻڌي درياءَ جي پاڻيءَ جو رخ ڦيري، لڪي ۽ سيوهڻ ڏانهن ڪري ڇڏيو. خدا جي مهربانيءَ سان درياءُ پنهنجو وهڪرو ڦيرائي انهيءَ طرف وهڻ لڳو ۽ پوءِ هي سوداگر پنهنجي ٻيڙي ۽ ساز سامان سميت، هن ظالم راجا جي ملڪ مان نڪري هليو ويو.

جڏهن صبح جو الور جي ماڻهن ڏٺو ته درياءَ ۾ ماڻهوءَ جي قد جيترو پاڻي وچ سير مان وهي رهيو آهي ۽ پاسن کان واري ۽ گپ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي، تڏهن سڀئي عجب ۾ پئجي ويا ته هيڏو سارو درياءُ ڪيڏانهن غائب ٿي ويو! جڏهن پتو پين ته اهو ڪم سوداگر پاڻ بچائڻ لاءِ ڪرائي، نڪري ويو آهي، تڏهن سمجهيائون ته هاڻ ملڪ سڄو تباهه ٿي ويندو. ڪن چيو ته درياءُ زمين ۾ هيٺ سرنگهه هڻي ويو آهي، ته ڪن چيو ته جي هيٺان سرنگهه هنئين هجيس ها ته به ڪٿان ڪٿان ڦاٽ کائي نڪري ها. پوءِ ته گهڻيئي هٿ هنيائون پر درياءُ نه موٽڻو هو، سو نه موٽيو. ڪن ڏينهن کان پوءِ، ملڪ ۾ اچي ڏڪار منهن ڪڍيو؛ ڇو ته زمين اناج ۽ گاهه کان خالي ٿي وئي هئي، ماڻهن ۽ جانورن ۾ موت اچي ڪڙڪو ڪيو، آخر مذڪور ظلم ۽ بي انصافين کان اهو شهر ”ڀانڀڻاهه“ زمين هيٺ نگهوسار ٿي ويو.

 

-              ™ -

 


 

 

سيف الملوڪ*

 

حضرت سليمان جي دور ۾، مصر ملڪ تي عاصم شاهه(1) نالي بادشاهه حڪومت ڪندو هو. سندس رعيت هر طرح آسودي ۽ خوشحال هئي، ۽ ملڪ ۾ هر طرف امن امان هو؛ پر تنهن هوندي به بادشاهه سدائين عمگين گذاريندو هو. ڇاڪاڻ ته پيريءَ تائين کيس ڪو به اولاد ڪونه ٿيو هو، جو کانئس پوءِ تخت سنڀالي. آخرڪار ان غم ۾ درٻار ۾ اچڻ ئي ڇڏي ڏنائين. جڏهن ڳچ ڏينهن تائين بادشاهه درٻار ڏانهن منهن ئي نه ڪيو، تڏهن رعيت توڙي اميرن وزيرن کي خيال ٿي پيو. آخر هڪڙي ڏينهن اميرن وزيرن صلاح ڪري، وڏي وزير صالح پٽ جمشيد(2)  کي خبرچار وٺڻ لاءِ بادشاهه ڏانهن روانو ڪيو. وڏي وزير کيس رعيت ۽ اميرن وزيرن جي پريشانيءَ کان آگاه ڪندي عرض ڪيو ته: جيئندا قبلا! آخر توهان کي ڪهڙو غم آهي، جو درٻار ۾ اچڻ ئي ڇڏي ڏنو اٿَو! بادشاهه جواب ڏنو ته: وزير! توکي خبر آهي ته هن وقت تائين مونکي ڪوبه اولاد ڪونه ٿيو آهي، انهيءَ غم کان لاچار آهيان. اهو ٻڌي، وڏي وزير چيو ته: بادشاهه سلامت! توهين نااميد نه ٿيو. هاڻي درٻار ۾ هلڻ جي تياري ڪريو، ته اتي هلي نجوميءَ کان ڪو تدارڪ پڇون. خدا گهريو آهي ته ڪو نه ڪو حيلو ضرور ٻڌائيندو. اهو ٻڌي بادشاهه ڪجهه سرهو ٿيو، ۽ انهيءَ مهل ٺهي جڙي، اچي درٻار ۾ پهتو. بادشاهه کي ڳچ ڏينهن کان پوءِ درٻار ۾ ڏسي، رعيت توڙي اميرن وزيرن کي ڏاڍي خوشي ٿي.

ٿوريءَ دير کان پوءِ نجومي به اچي حاضر ٿيا، جن کي بادشاهه پنهنجي دل جو حال ٻڌايو. نجومين ڪتاب کولي، ستارا ملائي بادشاهه کي چيو ته: بادشاهه سلامت! جيڪڏهن يمن جي سلطان شاهه قحطان(3) جي نياڻي ”گل بانو“(4) سان شادي ڪندو، ته ان مان اوهان کي هڪڙو فرزند پيدا ٿيندو. اهو ٻڌي بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هڪدم خزاني جا در کولي، سڄي ملڪ ۾ خير خيراتون ڪيائين ۽ نجومين کي پڻ جهجها انعام اڪرام ڏيئي روانو ڪيائين. ٻئي ڏينهن بادشاهه پنهنجي وڏي وزير صالح کي سوکڙيون سوغاتون ڏيئي، سڱ جي لاءِ يمن ولايت ڏانهن روانو ڪيو. وزير، يمن پهچي، سوکڙيون پاکڙيون ۽ شاهي پيغام شاهه قحطان کي پهچايو، جنهن اها ڳالهه خوشيءَ سان قبول ڪئي، ۽ شهزاديءَ جو سڱ عاصم شاهه کي ڏيڻ قبول ڪيو. ٿورن ئي ڏينهن بعد عاصم شاهه ۽ شهزادي گل بانو جي شادي ڏاڍي ڌام ڌوم سان ٿي. شهزادي گل بانوءَ جو وري پنهنجي وزير جي ڌيءَ سان تمام گهڻو پيار هو، هڪ گهڙي به ان کان سواءِ آرام نه ايندو هئس. ان ڪري شهزاديءَ موڪلائڻ وقت پيءُ کي عرض ڪيو ته: وزيرزادي به مون سان گڏ هلي بادشاهه اها ڳالهه خوشيءَ سان قبول ڪئي، ۽ پوءِ وزيرزاديءَ جي شادي وري صالح وزير سان ڪيائون، ته جيئن ٻئي سهيليون گڏ رهن.

خدا جي قدرت سان پوري ڏهين مهيني، عاصم شاهه کي ان راڻيءَ مان تمام سهڻو پٽ ڄائو، جنهن جو نالو ”سيف الملوڪ“ رکيائون. ساڳيءَ رات، ساڳئي وقت صالح وزير جي گهر پڻ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو سعد(1) رکيائين. شهزادي جي ڄمڻ تي سڄي ملڪ ۾ ڏاڍيون خوشيون ٿيون ۽ غريب غربا شاهي خزاني مان خيرات وٺي بادشاهه کي دعائون ڪرڻ لڳا. بادشاهه پوءِ نجومين کي گهرائي، انهن کان شهزادي جي قسمت جو حال پڇيو؟ نجومين حساب ڪري چيو ته: بادشاهه سلامت! شهزادو تمام نيڪ بخت آهي، پر چوڏهن سالن جي عمر ۾ کيس ڏاڍا ڪشالا درپيش ايندا ۽ مٽن مائٽن کان جدا ٿيڻو پوندس. اها حقيقت ٻڌي بادشاهه کي ڏاڍو ارمان ٿيو، پر پوءِ وزيرن جي سمجهائڻ تي في الحال صبر ڪيائين.

شهزادي سيف الملوڪ ۽ وزير زادي سعد لاءِ هڪ خاص تهخانو ٺهرايو ويو، جتي ٻئي ڄڻا گڏ نپجڻ لڳا. کين انهيءَ تهخاني ۾ ضرورت جي هرڪا شيءِ موجود ملندي هئي. پنجن ورهين جي ڄمار ۾ کين استاد رکي ڏنو ويو، جنهن تعليم سان گڏ کين هر فن ۾ ڀڙ ڪري ڇڏيو. جڏهن چوڏهن ورهيه پورا ٿيڻ تي آيا، تڏهن هڪڙي ڏينهن بادشاهه کين درٻار ۾ گهرايو. حڪم ملڻ تي شهزادو ۽ وزير زادو، ٻئي سهي سنڀري اچي درٻار ۾ حاضر ٿيا. بادشاهه ان موقعي تي خوب جشن ملهايو. موڪلائڻ وقت بادشاهه، وزير زادي کي هڪ جڙاء دار تلوار سروپاءِ سميت ۽ شهزادي کي هڪ پيتي ڏني ۽ شهزادي کي ٻڌايائين ته: هن پيتيءَ ۾ حضرت سليمان واري منڊي ۽ چادر(1) پيل آهن. اهي ٻئي شيون ساهه سان سانڍي رکج، جو اهي توکي آئيءَ ويل ڪم اينديون. درٻار برخواست ٿيڻ بعد هي ٻئي ڄڻا پنهنجي نئين محلات ۾ آيا، جتي رات جو وري به محفل ٿي. محفل کان پوءِ جڏهن نويڪلائي ٿي، تڏهن شهزادي سيف الملوڪ پيءُ کان مليل صندوق کولي، ۽ ان مان رومال ڪڍي ڏسڻ لڳو. رومال تي هڪڙي پريءَ جي اهڙي ته سهڻي تصوير ٺهيل هئي، جو سيف الملوڪ ڏسڻ سان ان تي عاشق ٿي پيو. پوءِ ته سڄي رات بيقراريءَ ۾ لڇندي گذاريائين. صبح جو وزيرزادو اچي ڏسي ته شهزادي جو پلنگ خالي پيو آهي، ۽ هو دريءَ وٽ بيٺو روئي. شهزادي کي انهيءَ حال ۾ ڏسي وزيرزادو به پريشان ٿيو، ۽ هن کان روئڻ جو سبب پڇيائين؛ پر شهزادي هن کي پنهنجي عشق جو راز نه ڏنو. وزيرزادي گهڻيئي حيلا ڪيا، پر هن بهانا ڪري پنهنجي ماجرا ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. آخرڪار وزيرزادي به هن کي پنهنجي حال تي کڻي ڇڏيو.

سيف الملوڪ ان کان پوءِ رات ڏينهن رومال واري پريءَ کي ڏسي پيو روئندو هو. کائڻ پيئڻ به ڇڏي ڏنائين، تان جو بيمار ٿي پيو. اها خبر جڏهن بادشاهه کي پئي، تڏهن سڪيلڌي پٽ کي ڏسڻ لاءِ آيو، ۽ هن جي حالت ڏسي افسوس ڪرڻ لڳو. هن به گهيئي حيلا ڪيا ته من سيف الملوڪ ڪجهه ٻڌئي ته ان جو تدارڪ ڪجي، پر ٻيو ٿيو خير. لاچار بادشاهه، اميرن وزيرن سان صلاح ڪري، شهزادي کي محلات ۾ گهرائي رهايو، ۽ وزيرزادي کي هن حال جي اصلي سبب معلوم ڪرڻ لاءِ چيائين.

وزيرزادو رات جو دستور موجب سيف الملوڪ وٽ رهاڻ لاءِ آيو، هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪندي کانئس حقيقت پڇيائين. شهزادي وري به انڪار ڪيو. تڏهن هن ڏک مان چيو ته: شهزادا! افسوس آهي جو مون دوست کان دل جي ڳالهه ٿو لڪائين؛ هاڻي جيڪڏهن مونکي سچي حقيقت نٿو ٻڌائين، ته اتي جو اتي ڪٽاريءَ سان پاڻ کي ماري ڇڏيندس. ائين چئي، ڪٽاري ڪڍي هٿ ۾ ڪيائين، ۽ پاڻ کي مارڻ تي هو ته سيف الملوڪ کڻي هٿ کان جهليس، ۽ چيائينس ته: دوست سعد! تون رنج نه ٿيءُ، پر توکي پنهنجي آزار کان ان ڪري نٿي واقف ڪيم، جو سمجهان ٿو ته منهنجو علاج ٿي ڪونه سگهندو؛ پر جي هاڻي تنهنجي مرضي آهي ته ٻڌ: مونکي بابي جيڪا پيتي تحفو ڪري ڏني هئي، ان ۾ هڪڙو ريشمي رومال پيل آهي، جنهن تي هڪ حسين پريءَ جي تصوير ڇپيل آهي، ان جي فراق ۾ هيءُ حال ٿيو اٿم. هاڻي جي انهيءَ پريءَ سان نه مليس ته انهيءَ درد ۾ لڇي ساهه ڏيندس. سعد سمورو حال ٻڌي کيس دلداري ڏني.

ٻئي ڏينهن صبح سان سعد، بادشاهه جي خدمت ۾ حاضر ٿي، کيس شهزادي بابت حقيقت ٻڌائي. بادشاهه هيءَ ماجرا ٻڌي ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويو، ۽ وزير کي چيائين ته: مونکي ڪهڙي خبر ته هن مورت مان ايڏو ممڻ مچندو. هاڻي حقيقت هيءَ آهي ته گهڻو وقت اڳي، هڪڙي ڏينهن آءٌ باغ ۾ ويٺو هئس، ته اها پيتي چار پريون کڻي اِڏامنديون آيون، ۽ اچي منهنجي آڏو رکيائون. اها ساڳي تصوير رومال تي ڏسي، مون کانئن ان جي حقيقت طلب ڪئي هئي. جواب ۾ ٻڌايائون ته اها تصوير پرين جي ملڪ گلستان ارم جي بادشاهه شاهپال(1) جي ڌيءَ بديع الجمال جي آهي. شاهپال اهو رومال ۽ منڊي، پنهنجي مرشد حضرت سليمان ڏانهن تحفي طور موڪليا هئا، جنهن وري مون ڏانهن موڪليون آهن. تنهن کان پوءِ اها پيتي مون سوگهي ڪري رکي ڇڏي ۽ پرين کي ٻه ڏينهن ترسائي، سندن شاهاڻي مهماني ڪري کين واپس ڪيم. هاڻي ڪا صلاح ڏيو ته شهزادي جو علاج ڪيئن ڪجي؟ اتي وزير عرض ڪيو ته: جيئندا قبلا! پرين جي ملڪ ۾ وڃي پريءَ سان شادي ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي، تنهنڪري بهتر آهي ته ڪي ڳولائو ڇڏجن، جي ملڪ مان ئي ڪنهن حسين عورت جي ڳولا ڪري ان جي تصوير کڻي اچن، ۽ شهزادي کي ٻڌائجي ته اها بديع الجمال جي تصوير آهي. شهزادو ڪنهن نه ڪنهن سهڻي تصوير کي ڏسي راضي ٿي ويندو. هاڻي توهين خود شهزادي وٽ وڃي کيس دلداري ڏيو، ۽ ٻڌايوس ته انهيءَ پريءَ جي تلاش ۾ ماڻهو موڪليون ٿا؛ پر هن مشڪل ڪم کي حل ڪرڻ لاءِ هڪ سال جي مهلت ڏيندو، پوءِ جي انهيءَ عرصي اندر ڪو تدارڪ ٿي سگهيو ته واه، نه ته جيڪي نصيب ۾ لکيل هوندو سو ٿيندو.

بادشاهه کي اها صلاح پسند آئي، سو يڪدم وزير کي ساڻ ڪري شهزادي وٽ ويو. سيف الملوڪ به پيءُ جي صلاح ٻڌي خوش ٿيو، ۽ هڪ سال جي مهلت ڏنائين. بادشاهه ٻئي ڏينهن ئي ڪيترن هاڪارين کي سفر جو سامان ڏيئي، تلاش لاءِ موڪليو. شاهي ماڻهو چئني ڏِسين ۾ پکڙجي ويا ۽ جهرجهنگ، بربحر ڳوليندا ڪٿان جو ڪٿان وڃي نڪتا. جتي به ڪا سهڻي صورت نظر ايندي هين، ته ان جي تصوير ڪڍي بادشاهه ڏانهن موڪليندا هئا. وزيرزادو سعد وري اهي تصويرون شهزادي کي ڏيکاريندو هو. سيف الملوڪ اهي تصويرون ڏسي ٿڌو ساهه ڀري چوندو هو ته: ادا سعد! جيڪڏهن بهشت جي حور گهرائي منهنجي روبرو آڻيندا، ته به آءٌ بديع الجمال جو خيال دل مان نه ڪڍندس. تان جو ڳولا ڪندي ڪندي هڪ سال گذري ويو، ۽ ڳولائو نااميد ٿي مصر ڏانهن واپس ورڻ لڳا. سيف الملوڪ نااميديءَ جي خبر ٻڌي، هيڪاري حال کان بيحال ٿي ويو.

آخر هڪڙي ڏينهن شهزادي، بادشاهه کي چيو ته: جيئندا قبيلا! جنهن مورت لاءِ منهنجا ههڙا حال ٿيا آهن، مونکي اجازت ڏيو ته ان پريءَ کي آءٌ پاڻ پنهنجي سر ڏوري ڏسان. بادشاهه گهڻوئي سمجهايس، پر جڏهن ڏٺائين ته شهزادو پنهنجي ڳالهه تان نٿو لهي، تڏهن مجبور ٿي کيس اجازت ڏنائين. پوءِ ته شهزادي يڪدم ٻارهن سو غوراب تيار ڪرائي، سفر جو سامان ۽ لشڪر گڏ ڪري، دوست وزيرزادي سعد کي ساڻ ڪري، بادشاهه کان موڪلائي غوراب هاڪاريا. ڪيترن ڏينهن جي سفر کان پوءِ سيف الملوڪ ساٿين سميت صحيح سلامت اچي چين جي ڪناري تي پهتو. اتي جي بادشاهه فغفور شاهه ڪنهن غنيم کي ايندو ڏسي، خبرچار وٺڻ لاءِ ايلچي ڊوڙايا. ايلچي جڏهن سيف الملوڪ وٽ پهتا، تڏهن هن کين گهڻي عزت ڏني، ۽ چيائين ته: آءٌ مصر جو شهزادو آهيان، شيل شڪار ڪندي هتي اچي پهتو آهيان. ۽ گلستانِ ارم وڃڻ جو ارادو اٿم. قاصدن جڏهن سلطان فغفور شاهه کي حقيقت ٻڌائي، تڏهن هو پاڻ وڏي حب مان اچي شهزادي سان مليو، ۽ کيس ساٿين سميت وٺي وڃي مهمان ڪري رهايائين. رهاڻ ڪندي جڏهن سيف الملوڪ کيس بديع الجمال جي عشق جو احوال ٻڌايو ۽ کانئس گلستان اِرم جا پار پتا پڇيا، تڏهن فغفورشاهه چيس ته: مون ته ڪڏهن ان شهر جو نالو نه ڪونه ٻڌو آهي؛ باقي هن شهر ۾ هڪ پيرسن بت تراش رهي ٿو، ان کان پڇا ڪريون ٿا، اهو شايد ٻڌائي. بادشاهي حڪم تي ٿوريءَ دير کان پوءِ اهو پريو مڙس اچي درٻار حاضر ٿيو، جيڪو هڪ سو ڇويهن سالن جي عمر جو هو. جڏهن ان کان گلستان ارم بابت پڇيائون، تڏهن هن پيرسن بت تراش وراڻيو ته: مون پنهنجيءَ عمر ۾ اهو نالو به ڪونه ٻڌو آهي؛ باقي هتان کان مهيني کن جي پنڌ تي هڪ شهر ’ڳنڍو‘(1) نالي آهي، اتان توهان کي شايد ڪو پار پتو ملي وڃي؛ ڇو ته ان شهر ۾ هر ڏسِ جا سوداگر سدائين پيا اچن وڃن. اهو ٻڌي سيف الملوڪ، فغفور شاهه کان موڪلائي، ساڳئي ساٿ سميت ان شهر ڏانهن روانو ٿيو.

ڪجهه ڏينهن جي سفر بعد انهيءَ سمنڊ ۾ اوچتو اچي طوفان لڳو.(2) هنن پاڻ بچائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر طوفان اهڙو ته خوفناڪ هو، جو گهڙيءَ کن ۾ سڀئي غوراب لشڪر سميت غرق ٿي ويا. شهزادي سيف الملوڪ، وزيرزادي سعد ۽ سندن ڪن ساٿين کي غورابن جا ڪي ڀڳل تخنا قدرت سان هٿ اچي ويا، جن تي هي هڪڙي پاسي ترندا هلڻ لڳا. ٽي ڏينهن ٽي راتيون لهرين ۾ لڙهندا رهيا. آخرڪار هڪ اهڙي لهر آئي جا وزيرزادي ۽ ٻن چئن ٻين کي هڪڙي پاسي ڌڪي کڻي ويئي، ته سيف الملوڪ کي دوست سعد جي جدائيءَ جو ڏاڍو ارمان ٿيو، پر ان وقت اهڙو حال هو جو ڪو ڪنهن جي مدد ڪري نٿي سگهيو. آخرڪار ڪن ڏينهن جي ڪشالي کان پوءِ کين پري کان ڪنارو ڏسجڻ ۾ آيو. سيف الملوڪ ۽ سندس ساٿي هٿڙا هڻندا اچي ان ڪناري تي پهتا.(3) قدرت سان اهو ملڪ زنگين جو هو؛ تن جو هنن آ مزادن کي ڏٺو، سي هنن ستن ئي سنگتين کي گهيرو ڪري ويا، ۽ هنن کي وٺي وڃي پنهنجي سردار اڳيان پيش ڪيائون. شهزادو زنگين جي سردار جي هيبتناڪ شڪل ڏسي هراسجي ويو، پر سردار ههڙو خوبصورت شڪار ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو؛ سو يڪدم حڪم ڪيائين ته: هنن سڀني کي ڪهي جهٽ پٽ ڪباب تيار ڪيو وڃي. ان سردار جي ڌيءَ آربيل،(1) جيڪا خود به پيءُ وانگر نهايت بد صورت ۽ ڪاري هئي، سا شهزادي سيف الملوڪ جي سهڻي صورت ڏسي مٿس موهجي پيئي؛ سو پيءُ کي منٿ ميڙ ڪري، شهزادي کي سندس ساٿين سميت پنهنجي غلاميءَ ۾ ورتائين. سيف الملوڪ پاڻ کي هنن وحشين جي قبضي ۾ ڏسي ڏاڍو ششدر ٿيو، ۽ کيس بديع الجمال ويتر ياد اچڻ لڳي. زنگي شهزادي ڏاڍي مڪر ۽ فريب سان سيف الملوڪ کي ريجهائڻ لڳي، پر هن سندس هڪ به نه ٻڌي. اهڙيءَ طرح ڳچ ڏينهن آريبيل هار سينگار ڪري، طرحين طرحين جا ناز نخرا ڪري اچي سيف الملوڪ وٽ منٿون ڪندي هئي، پر ٻيو ٿيو خير. آخر هڪڙي ڏينهن شهزادو به وجهه وٺي؛ هنن ستن ئي ساٿين سميت زنگين جي قيد مان ڀڄي نڪتو. پوءِ ته سمنڊ جي ڪناري تي پهچي، هتان هُتان ڪک ڪاٺيون ميڙي، تُرها ٺاهي سمنڊ ۾ گهڙي پيا.(2)

سمنڊ ۾ پورا پنج مهينا هلندا رهيا، پر کين ڪوبه ٻيٽ نظر نه آيو، جتي هو لهي سگهن. آخرڪار پنجن مهينن جي سفر کان پوءِ هڪڙو ٻيٽ ڏسڻ ۾ آين. تمام گهڻي خوشيءَ مان اچي ٻيٽ تي لٿا، ۽ ڌڻيءَ جا شڪرانا بجا آندائون. ان ٻيٽ جي ڪناري تي بيٺل ميوا کائي، پوءِ ٿَڪ ڀڃڻ لاءِ اتي ئي سمهي رهيا. اڃان اڌ رات مس گذري ته چوطرف اهڙا ته خوفناڪ آواز اچڻ لڳا، جو هي سڀ ڊپ ۾ اٿي ويهي رهيا. هڪ اونداهي رات ٻيو چوگرد اهڙيون بلائون ڏسڻ ۾ آين، جن جي اکين مان باهه جا شعلا پئي نڪتا. سيف الملوڪ توڙي سندس سائين باقي رات ڏڪندي گذاري. فجر ٿيو ئي ڪين ته ترها کڻي وري سمنڊ ۾ ڪاهي پيا. اهڙيءَ طرح شهزادو، محبوب جي ڳولا ۾ لهرين جا لوڏا سهندو اڳتي هلندو رهيو. اٽڪل ٽن مهينن جي سفر کان پوءِ وري به اچي هڪڙي ٻئي بيٽ ۾ پهتا. ان هنڌ اڳين ٻيٽن وانگر انسان ذات جي بوءِ به ڪانه هئي، باقي قسمين قسمين ميون جا وڻ هئا. شهزادي جي ساٿين کي بک ڏاڍو هلاک ڪيو هو، سي ڍڳ ميوي جو کائي ڍو ڪري سمهي پيا. صبح جو سيف الملوڪ جاڳيو، ڏسي ته سندس سڀ ساٿي مئا پيا آهن. ساٿين جي موت تي هن جي اکين اڳيان اوندهه اچي ويئي، ۽ ڪيترو وقت اتي ويهي ارمان ۾ لڙڪ وهائڻ لڳو. آخر ڪجهه دير کان پوءِ خدا جي رضا تي راضي رهي، سڀني ساٿين کي دفنايائين. پوءِ مٿي پاڻيءَ جو هڪ چشمو ڳولي، ان ۾ وهنجڻ لڳو.(1)

هيءُ اڃان وهنجي مس نڪتو، ته قدرت سان هڪڙو گرڙ پکي غوغاءُ ڪندو هن ڏي اڏامندو آيو.(2) هن جي آواز تي پکي پکڻ ڊڄي اڏامي ويا. سيف الملوڪ به جهٽ پٽ ڪپڙا پائي، بچاءُ لاءِ اٿي هڪ طرف ڀڳو. پر اڃان ٻه قدم ئي مس ڊوڙيو ته پکي اچي مٿانئس پيو ۽ هن کي چنبن ۾ کڻي وٺي اڏاڻو. هن نئين آفت کي ڏسي شهزادي جو ساهه ئي سڪي ويو. هن پاڻ کي پکيءَ جي چنبن مان ڇڏائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي، پر پکي هن کي نه ڇڏيو ۽ اڏامندو اڏامندو اچي هڪ وڻ تي، سندس آکيري تي لٿو. شهزادو پاڻ کي وري به موت جي منهن ۾ ڏسي، پنهنجي ساٿين کي ياد ڪري روئڻ لڳو، ته هن وقت اهي هجن ها ته ضرور منهنجي مدد ڪن ها.

چوندا آهن ته ’مارڻ واري کان بچائڻ وارو ويجهو آهي‘، سو شهزادو اڃان ڳڻتين ۾ ئي هو، ته وڻ جي ڀر ۾ هڪڙي ٻِرَ مان هڪڙو اجگر نانگ نڪري ان وڻ تي چڙهڻ لڳو، جنهن جي وات ۽ اکين مان باهه جا شعلا پئي نڪتا. پکيءَ جو نانگ کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏٺو، سو شهزادي کي کڻي ڦٽو ڪيائين ۽ پاڻ پنهنجن ٻچن بچائڻ لاءِ پاسو ڪنڊ وٺڻ لڳو. ايتري ۾ اجگر به ويجهو ئي، هڪڙي زوردار ڦُوڪ ڏني ته پکي کنڀن سوڌو جلي خاڪ ٿي ويو، ۽ پوءِ ان جي ٻچن کي به ڳهي ڇڏيائين. اتي شهزادو، جيڪو ڊپ ۾ ڊوڙي وڃي هڪڙي ٻئي وڻ تي چڙهي ويهي رهيو هو، سو اتان لهي، لڪي ڇپي، هڪڙي پاسي منهن ڪري وٺي ڀڳو. جنهن محبوب سان ملڻ لاءِ هيڏا ڪشالا ڪڍيا هئائين، تنهن جو ته ڪٿان به پار پتو ڪونه ٿي مليس، تنهنڪري جيڪو رستو سامهون آيس، اهو وٺي روانو ٿيو. رات جو ڪنهن وڻ تي چڙهي سمهي رهندو هو، ۽ صبح جو وري الله جي آسري اٿي پنڌ پوندو هو. اهڙيءَ طرح پنڌ ڪندي ڪندي شهزادي جا پير ڦلڻا ٿي پيا، ۽ ايتري قدر ته مايوس ٿي پيو، جو جيڪر خدا جو خوف نه هجيس ها ته پاڻ کي پورو ڪري ڇڏي ها.

قصو ڪوتاهه. هلندي هلندي هڪڙي هنڌ شهزادي کي پريان ڪجهه وڻڪار ڏسڻ ۾ آئي. هڪڙي وڻ تي چڙهي نگاهه ڪيائين ته ان وڻڪار ۾ ڪا جاءِ به ڏسڻ ۾ آيس. آبادي کي ڏسي شهزادي کي ڪجهه پيٽ ۾ ساهه پيو، سو تڪڙو تڪڙو هلندو اچي ان جاءِ وٽ پهتو. ان جاءِ کي ٻاهران هڪڙو تمام وڏو ڪلف چڙهيل هو، پر شهزادو اهو ڪلف ڀڃي اندر گهڙيو.(1)

اندر عجيب باغ باغيچا لڳا پيا هئا، ۽ ڪوٺيون اهڙي سهڻي نموني تيار ٿيل هيون، جو ڄڻ ڪو بادشاهي محلات هو. اتي سيف الملوڪ کي خاطري ٿي ته هيءُ جو هيڏو سارو مانڊاڻ ٺهيو پيو آهي، سو ڪونه ڪو انسان ضرور هتي رهندو هوندو. اهو خيال ڪري هڪ هڪ ڪوٺي گهمندو، جڏهن عاج سان مڙهيل تخت جي پاسي واري ڪمري ۾ پهتو، ته ڏسي ته هڪڙي جڙاء دار پلنگ تي هڪڙي بيحد حسين عورت ستي پئي آهي. ان عورت جي حسن مان ائين پئي لڳو، ڄڻ هوءَ انسان نه، پر ڪا پريزادي آهي. شهزادي هن کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ سڏ ڪيا، ۽ ٻانهن کان لوڏيو پر هوءَ سجاڳ نه ٿي. اهو حال ڏسي ڏاڍو عجب لڳس. آخر هيڏانهن هوڏانهن ڪوٺيءَ ۾ نهارڻ لڳو. اوچتو سندس نظر پلنگ جي سيرانديءَ کان ٽنگيل هڪڙي سوني ڦرهيءَ تي وڃي پئي. (2) شهزادي اها پٽي لاهي، اگهي صاف ڪري چميائين ته اها  شهزادي سجاڳ ٿي پئي، (3) ۽ هڪڙي آد مزاد کي پاڻ وٽ ڏسي، حيران ٿي ويئي. پوءِ سيف الملوڪ کان سندس نالو ۽ سفر جو مقصد پڇيائين. شهزادو هن سهڻيءَ صورت کي پاڻ سان مخاطب ڏسي ڪجهه سرهو ٿيو، ۽ مختصر طرح هن کي پنهنجو نالو ۽ اچڻ جو مقصد ٻڌايائين.(1) پوءِ وري هن نازنين کان سندس احوال پڇيائين. جنهن تي هن ٻڌايو ته: آءٌ سرانديپ جي بادشاهه (2) جي ڌيءَ آهيان، نالو ملڪان اٿم. هڪڙي ڏينهن آءٌ پنهنجي محلات جي باغ جي وچ واري تلاءَ ۾ پئي وهنتيس ته اوچتو واچوڙو اچي وريو. ان ۾ اهڙو ته شور هُل هو، جو آءٌ اتي ئي بيهوش ٿي پيس. جڏهن هوش آيم ته پاڻ کي هن پلنگ تي ويٺل ڏٺم، ۽ سامهون در تي هڪڙو خوفناڪ ديو بيٺل ڏٺم. ٿوريءَ دير کان پوءِ ٻيا به ڪيترائي ديوَ اچي ڪٺا ٿيا، ۽ گڏ جي جشن ملهائڻ لڳا. اڌ رات کان پوءِ جڏهن جشن ختم ٿيو ۽ سڀ ديوَ موڪلائي هليا ويا، تڏهن اهو ساڳيو ديو مون وٽ آيو ۽ مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪري مونکي ريجهائڻ لڳو. ان ڏينهن کان وٺي اهو ديو روزانو اچي مونکي ريجهائڻ لاءِ منٿون ميڙون ڪندو آهي، ۽ منهنجي انڪار ڪرڻ تي مونکي ان سوني ڦرهيءَ جي زور سان بيهوش ڪري، پوءِ خبر ناهي ته ڪيڏانهن هليو ويندو آهي.

سيف الملوڪ کي اتي ملڪان سان گڏ رهندي ڳچ ڏينهن گذري ويا. ديو، دستور موجب روزانو ايندو هو، ۽ ملڪان کي منٿون ڪري موٽي ويندو هو. ان جي وڃڻ کان پوءِ، شهزادو هن کي هوش ۾ آڻي ساڻس رهاڻ ڪندو هو. آخر هڪڙي ڏينهن وري به ملڪان، شهزادي کان پنهنجي سفر جو سربستو حال پڇيو. جنهن تي شهزادي بديع الجمال جي عشق وارو سمورو حال ڪري ٻڌايو.(3) بديع الجمال جو ٻڌي ، ملڪان جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽ ويتر وڌيڪ اُداس ٿي پئي، ۽ پوءِ شهزادي کي چيائين ته: ادا! جنهن بديع الجمال لاءِ تو هيڏا ڪشالا ڪيا آهن، اها مون بدنصيب جي ڀيڻ آهي.(1) اهو هن طرح جو هڪ ڏينهن منهنجي ماءُ، منهنجي معصوم ڀيڻ کي کڻي اسان جي محلات واري باغ ۾ ويٺي هئي ته هڪ پري، ٻين ڪيترين پرين جي حلقي ۾ اڏامندي اچي اتي لٿي. منهنجي ماءُ انهن پرين جو ٽولو ڏسي ڊڄي وئي، پر پوءِ ان حلقي واري پريءَ چيس ته: ادي! تون ڊڄ نه، آءٌ گلستان ارم جي بادشاهه شهپال جي زال آهيان ۽ سير جي خيال سان هتي آئي آهيان؛ اڄ کان وٺي تون مونکي پنهنجي ڀيڻ ڪري سمجهه. پوءِ ان پري منهنجي ننڍيءَ ڀيڻ کي کڻي پنهنجي ٿڃ پياري ۽ پيار ڪرڻ لڳي. اهو ڏسي منهنجي ماءُ به ان پريءَ جي ڌيءَ کي کڻي ٿڃ پياري. پوءِ اهي پريون ست ڏينهن اسان وٽ رهي، واپس هليون ويون. ان ڏينهن کان وٺي اها پري پنهنجي ڌيءَ بديع الجمال سميت هر مهيني اسان وٽ ايندي آهي ۽ هفتو کن رهي، واپس هلي ويندي آهي.(2) جي اڄ آءٌ پنهنجي اباڻي وطن ۾ هجان ها ته ضرور تنهنجي مدد ڪريان ها.

محبوب جي ملاقات جو آسرو ڏسي شهزادو باغ بهار ٿي ويو ۽ ملڪان کي چيائين ته: ڀيڻ! تو مون سان مدد جو وعدو ڪيو آهي، ته آءٌ به توسان قول ٿو ڪريان ته جيسين ان ملعون ديوَ کي ماري مات ڪري، توکي آزاد نه ڪندس، تيسين هتان هڪ وک به اڳتي نه وڌائيندس. اهو ٻڌي ملڪان به ڪجهه سرهي ٿي، ۽ پوءِ پاڻ ۾ ويهي ديو کي مارڻ لاءِ پهه پچائڻ لڳا. گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ سيف الملوڪ شهزاديءَ کي چيو ته: هاڻي جڏهن ديو تو وٽ اچي تڏهن تون ڪنهن طرح کانئس اها خبر وٺ ته سندس ساهه ڪهڙيءَ شيء ۾ آهي. تڏهن ملڪان چيس ته: ڀاءُ شهزادا! هڪ ڏينهن ديو کان مون اها مام پڇي هئي، جنهن تي پهريائين ته هو ڏاڍو ڪاوڙيو، پر پوءِ جڏهن آءٌ رسي ويهي رهيس، تڏهن ٻڌايائين ته ’منهنجو ساهه هڪڙي ڪبوتر ۾ آهي، جو وري هڪڙي پڃري ۾ بند آهي، ۽ اهو پڃرو اسفنديار ٻيٽ جي ڀر واري سمنڊ ۾ پيل آهي. پر ان کي فقط اهو شخص هٿ ڪري سگهي ٿو، جنهن وٽ حضرت سليمان واري منڊي هوندي.‘ اهو ٻڌي سيف الملوڪ خوش ٿي چيس ته: جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ تون ڪوبه ارمان نه ڪر، ڇو ته اها منڊي مون وٽ آهي. پوءِ ته ٻئي ڄڻا ان وقت ئي تيار ٿي، سمنڊ ڏانهن روانا ٿيا.

هلندي هلندي هي ٻئي ڄڻا آخر اچي ان ٻيٽ وٽ پهتا. شهزادي يڪدم چيلهه مان حضرت سليمان واري منڊي ڇوڙي هٿ ۾ ڪئي، ۽ ان کي پاڻيءَ ۾ لوڏڻ لڳو. ڏسندي ڏسندي کن پل ۾ هڪڙو وڏو لوهي پڃرو.(1) جنهن ۾ اهو ديو جي ساهه وارو ڪبوتر ويٺل هو. نڪري ظاهر ٿيو. شهزادي به جهڙپ ڏيئي پڃرو جهلي کڻي پاڻيءَ کان ٻاهر ڪڍيو، ۽ ان کي کولي ڪبوتر کي وٺي هٿ ۾ جهليائين. اتي يڪدم طوفان لڳڻ شروع ٿي ويو. هنن سمجهيو ته ديو پيو اچي؛ سو  يڪدم مروٽو ڏيئي، ڪبوتر جي سسي پٽي کڻي پٽ تي اڇلايائون، ته ديو به بولاٽيون کائيندو اچي هيٺ ڪريو ۽ ڪبوتر سان گڏ ڦٽڪي ڦٽڪي مري ويو. بس پوءِ ته هي ٻئي ڏاڍا سرها ٿيا ۽ ان وقت ئي موٽي محلات ۾ اچي، سڀ هيرا جواهر ساڻ ڪري، ڪکن ڪائين جو هڪ مضبوط ترهو ٺاهي، سمنڊ ۾ گهڙي پيا.

هلندي هلندي، واٽ تي ڪيترين ئي سامونڊي بلائن جو مقابلو ڪندي، آخر اچي هڪڙي ٻيٽ(2) تي لٿا. اتي شهزادو ملڪان کي اتي ڪناري تي ويهاري، پاڻ ڪجهه ميوو هٿ ڪرڻ لاءِ باغ جي ڳولا ۾ روانو ٿيو. ميوو پٽيندي اوچتو ڪن ماڻهن جو آواز ٻڌي، شهزادو حيران ٿي ويو ۽ وڌي انهن آد مزادن سان مليو، ۽ کانئن خبرچار پڇيائين. تڏهن هنن ٻڌايس ته: هن ملڪ جي بادشاهه تاج الملوڪ جي ڀائٽِي شهزادي ملڪان ڪيتري وقت کان گم ٿي ويئي آهي، ان جي جدائي ۾ سندس ماءُ پيءُ تمام پريشان آهن. اسين ان شهزاديءَ جي ڳولا ۾ پيا ڦرون. اهو ٻڌي شهزادو ڊوڙندو اچي ملڪان وٽ پهتو ۽ کيس مبارڪ ڏيئي سربستو احوال ٻڌايائين. ملڪان به اهو ٻڌي ڏاڍي سرهي ٿي ۽ سيف الملوڪ کي چيائين ته: ادا! هاڻي پاڻ اچي منزل تي پهتا آهيون، اميد ته هاڻي سڀ دک درد دور ٿي ويندا. پوءِ هي ٻئي ڄڻا فقيراڻو ويس ڪري، هلندا هلندا اچي تاج الملوڪ واري شهر ۾ پهتا. شهزادي ڇا ڪيو جو ملڪان کي هڪ هنڌ ويهاري پاڻ تاج الملوڪ جي محلات ڏانهن روانو ٿيو. تاج الملوڪ ان ڏينهن ڪو شڪار تي ويل هو، سو شهزادو وري اچي واٽ جهلي ويهي رهيو ته شايد بادشاهه هتان لنگهي، پر جڏهن اتي به ملاقات نه ٿي سگهيس ۽ محلات مان به هن کي ٻاهران ئي موٽائي ڇڏيائون، تڏهن هن تاج الملوڪ ڏانهن هڪ درد ڀريو خط لکي موڪليو. خط پهچڻ سان بادشاهه هن کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ کانئس حقيقت حال پڇيو.(1) سيف الملوڪ پنهنجو سڄو داستان مصر مان نڪري، ڏک ڏاکڙا سهي هيستائين پهچڻ تائين ٻڌايو. هن جو احوال ٻڌي تاج الملوڪ پڇيو ته: شهزادا! منهنجي ڀائٽي ملڪان ڪيتري وقت کان گم ٿي ويئي آهي، تو به هيڏو سارو سفر ڪيو آهي، توکي ته ڪٿي ڏسڻ ۾ ڪانه آئي؟ تڏهن سيف الملوڪ چيو ته: سائين! توهان جي ڀائٽي ملڪان هڪڙي ديوَ جي قبضي ۾ هئي، جتان آءٌ کيس، ديوَ کي ماري، پاڻ سان وٺي آيو آهيان ۽ هن کي ٻاهر ويهاري آيو آهيان. اهو ٻڌي تاج الملوڪ توڙي اميرن ۽ وزيرن ۾ خوشي ڇانئجي ويئي. پوءِ ته يڪدم وڃي ملڪان کي پٽ پٽيهر پهرائي، شهزادي سميت کين پنهنجي محلات ۾ وٺي آيو ۽ سيف الملوڪ جا ٿورا مڃڻ لڳو. (2) هيڪاري جڏهن ملڪان جي واتان سيف الملوڪ جا ڳَڻ ٻڌائون، تڏهن ان کي اندر وٺي آڻي عزيزن وانگر حرمن ۾ ويهاريائون. پوءِ ته ملڪان جي ملڻ جي خوشيءَ ۾ ڪي ڏينهن پئي اتي جشن هليو. ان وچ ۾ ملڪان جي پيءُ کي به قاصد هٿان اها خوشخبري پهچي ويئي، سي به اچي اُتي پهتا (3) ملڪان ماءُ پيءُ سان روئي ڀاڪر پائي ملي ۽ ورهن جا وڇوڙا لاٿائون. ملڪان جي پيءُ به سيف الملوڪ جا ٿورا مڃيا، ۽ کيس عزت سان پنهنجو ڪري ليکيائين. آخر ٻئي ڏينهن ملڪان، ماءُ پيءُ ۽ شهزادي سميت پنهنجي ملڪ سرانديپ رواني ٿي. اتي پهچي جڏهن ملڪان پنهنجي پيءُ کي ٻڌايو ته: سيف الملوڪ تمام گهڻيون تڪليفون سهي مونکي ديوَ کان ڇڏايو ۽ هيترو وقت مونکي پنهنجي سڳي ڀيڻ وانگر رکيو اٿس. بادشاهه اها ڳالهه ٻڌي شهزادي تي ويتر وڌيڪ مهربان ٿيو ۽ هن کي گهڻيون خلعتون ڏيئي عزت بخشيائين. پوءِ ته اُتي به نوان سو ان جشن شروع ٿي ويا.

هڪڙي ڏينهن ملڪان جي پيءُ خلاصگائيءَ ۾ ويهي، سيف الملوڪ کان سفر جو مقصد ۽ سربستو احوال ورتو. جڏهن کيس خبر پئي ته سيف الملوڪ هيترا ڪشالا بديع الجمال جي عشق ۾ ڪڍيا آهن، تڏهن کيس دلداريون ڏيندي چيائين ته: شهزادا! تو جيڪو احسان اسان تي ڪيو آهي، اُن جو ٿورو ته اسين عمر تائين لاهي ڪونه سگهنداسين، پر تڏهن به آءٌ توسان قول ٿو ڪريان ته جنهن ڳالهه لاءِ تو هيتريون مصيبتون سٺيون آهن، ان ۾ آءٌ تنهنجي هر ممڪن مدد ڪندس. اهو ٻڌي سيف الملوڪ وڌيڪ سرهو ٿيو ۽ پوءِ اتي ئي رهڻ لڳو.

انهيءَ ڳالهه کي اڃان ٻه ٽي ڏينهن گذريا ته شهزادو، چڱي لشڪر سان گڏ جي شڪار تي نڪتو. واٽ تي هڪڙي هنڌ ڏسي ته سندس جگري دوست وزيرزادو سعد، تمام ڏتڙيل حال ۾ آٻالن ڪپڙن ۾ هڪڙي بٺيءَ تي بيٺو باهه ٻاري. شهزادي، سعد کي يڪدم سڃاڻي ورتو، سو يڪدم ٻن ماڻهن کي ان ڏانهن موڪليائين ته هو کيس پار پتا ٻڌائي شاهي محل ۾ وٺي هلن ۽ کيس شاهي پوشاڪ پهرائي عزت سان ويهارين. ائين چئي شهزادو باقي ماڻهن سان گڏ شڪار تي هليو ويو،(1)۽ ٻه همراهه سعد کي پاڻ سان وٺي اچي محلات ڀيڙا ٿيا جڏهن شهزادو شڪار تان موٽيو، تڏهن يڪدم سعد کي پاڻ وٽ گهرايائين، پر هن کيس نه سڃاتو. پوءِ ته ٻئي جانب يار ڀاڪر پائي هڪٻئي کي مليا ۽ روئي جدائي جا داغ ڌوتائون. ان ڏينهن کان وٺي وزيرزادو سعد ۽ شهزادو سيف الملوڪ وري به خوش ٿي گڏ گذارڻ لڳا. پوءِ هڪ ڏينهن سعد پنهنجي سفر جو سربستو احوال شهزادي کي هن طرح ٻڌايو ته: شهزادا! تو سان گڏ هڪ تختي تي ٽُلڪندي اوچتو هڪ وڏي لهر آئي، جنهن ڌوڪي مونکي الائجي ڪٿان جو ڪٿان وڃي ڪڍيو. چوطرف پاڻي ۽ پاڻيءَ جي شور کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو. آءٌ اهڙيءَ طرح پورا پنج مهينا ان تختي جي سهاري، لهرين ۾ لڙهندو رهيس. آخر هڪ ڏينهن اچي ڪناري تي پهتس ۽ يڪدم پيٽ قوت لاءِ ان ٻيٽ ۾ هيڏانهن هوڏانهن جهوتون ڏيڻ لڳس. ان پيٽ ۾ ”سنجنھ“ نالي ميوي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪو نه هو، پر خدا جي رضا تي راضي رهي ان تي گذارو ڪري، وري اچي هڪڙي ٻئي ٻيٽ تي پهتس. اتي ميوا جام هئا، جي کائي ڍو ڪيم. اتي باداميون ۽ ٻيا ميوا ڏسي ٻه ٽي ڏينهن رهڻ جو خيال ڪيم. هڪ ڏينهن ڪي زنگي وحشي اتي اچي نڪتا، جن مونکي وٺي قابو ڪيو. اول ته پاڻ ۾ چيائون ته هن کي ڪَهي ڪباب ڪريون، پر پوءِ وري صلاح ڪيائون ته ’هن کي ڪجهه ڏينهن هتي ويهي کارائجي پيار جي ته ٿلهو متارو ٿئي ته پوءِ ڪباب ڪجيس. پوءِ ته روزانو مونکي بادام ۽ ٻيا ميوا کارائڻ لڳا ۽ آءٌ به ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ٿلهو متارو ٿي پيس. مونکي سڻڀو شڪار ڏسي، هنن وري مونکي سندن سردار ڏانهن تحفو ڪري موڪلڻ جو فيصلو ڪيو، ۽ ٻئي ڏينهن ڪي زنگي مونکي وٺي اوڏانهن روانا ٿيا. رستي ۾ هڪ نئن، جيڪا تار پئي وَهي، سا پار ڪرڻي هئي؛ سو جڏهن سڀ ان جي وچ سير ۾ پهتا، تڏهن آءٌ وجهه وٺي هنن کان ڀڄي نڪتس. هو ترڻ جا تکا نه هئا، تنهنڪري مونکي پڄي نه سگهيا، ۽ آءٌ تکو تکو ترندو اچي هڪڙي ٻئي ٻيٽ تي پهتس. اتي پهچڻ سان وري ’نجاس‘ نالي هڪ قوم جي جهنگلين جي چنبي ۾ وڃي ڦاٿس، جن وري وٺي وڃي هڪڙي پڃري ۾ بند ڪري ڇڏيو. انهن جهنگلين جا هٿ ماڻهن جهڙا هئا، پر سندن پير اُٺ جهڙا هئا؛ ۽ کين دُنبي جهڙو پڇ پڻ هو. هو روزانو مونکي جانورن وانگر گاهه آڻي ڏيندا هئا. هڪ انسان ۽ کاڌي لاءِ گاهه! بس منهنجي لاءِ پنهنجي قسمت تي روئڻ کان سواءِ ڪو چارو ڪونه هو، سو رات ڏينهن روئي پيو وقت گذاريندو هوس. منهنجي ڳالهائڻ تي هو خوش ٿي چوندا هئا ته ”هي پکي ڏاڍو مٺو ٿو ٻولي.“(1)  هڪ ڏينهن منهنجو ٽنگيل پڃرو پَٽَ تي ڪري پيو، جتي کارڪن جا ڍير لڳا پيا هئا. آءٌ اهي کڻي کائڻ لڳس. اهو ڏسي هنن پاڻ ۾ چيو ته ”هي پکي ته کارڪون به ٿو کائي!“ ان بعد هنن به فيصلو ڪيو ته ”هن کي سردار ڏانهن ڏياري موڪلجي.“ ٻئي ڏينهن هو هڪ ٻيڙي تيار ڪري، مونکي وٺي اوڏانهن روانا ٿيا. قدرت سان هلندي هلندي هو هڪ اهڙي ٻيٽ وٽان اچي لانگهائو ٿيا، جتي مسلمانن جي حڪومت هئي. تن جو هنن وحشين کي ڏٺو، سي هنن تي ڪاهي آيا ۽ کين ماري، سندن مال متاع کڻي اچي شهر ’عمان‘ ۾ پهتا. آءٌ به رلندو رلندو اچي ان شهر ۾ پهتس، ۽ ڪاٺيون ڪري پيو وقت گذاريندو هئس. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اچي هتي پهتس ڌڻي تعاليٰ پاڻ وڇڙيلن جو ڪيئن ميلو ڪرايو، سو تو پاڻ ڏٺو. شهزادي کي سعد جو درد ڀريو احوال ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ هيڪر وري به ڀاڪر پائي هن سان مليو. پوءِ ته اَٺ ڏينهن ائين ئي پاڻ ۾ رهاڻيون ڪندي گذاريائون.

هڪڙي ڏينهن دستور موجب شهزادي ۽ وزير زادي ويٺي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪيون ته شهزاديءَ ملڪان کين خوشخبري ٻڌائي ته: اڄ شام جو شهزادي بديع الجمال پنهنجي ماءُ سان گڏجي هتي ايندي، ۽ خدا گهريو آهي ان سان توهان جي ملاقات به جلد ٿيندي. اهو ٻڌي سيف الملوڪ بيحد سرهو ٿيو، سو ملڪان جي وڃڻ کان پوءِ سعد کي ساڻ ڪري اچي محلات جي باغيچي ۾ ويٺو، ۽ راڳ رنگ جي محفل مچائي خوشيون ملهائڻ لڳا. ڪجهه وقت کان پوءِ اوچتو هڪ طرف کان چنڊ جي چانڊاڻ وانگر روشنيءَ جا شعاع ٿيڻ لڳا. اهو ڏسي سيف الملوڪ يڪدم اٿي اُڀو ٿيو، ۽ ان شعاع ڏانهن وڌڻ لڳو. تڏهن ان مجلس ۾ ويٺل هڪ وزير چيس ته: شهزادا! اڳتي نه وڌ؛ ڇو ته اهو سرانديپ جي بادشاهه جو جشن پيو ٿئي. هنن کي اها خبر ناهي ته ڪو تون مهمان آهين، ان ڪري متان ڪو نقصان نه رسائين. اهو ٻڌي شهزادو اتي ئي بيهي رهيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ چوطرف خوشبوءِ پکڙجي وئي، ۽ سڄي باغ جا گل ڦل ٻهڪڻ لڳا. آخر گلستان ارم جون پريون به اچي محلات اندر داخل ٿيون. بديع الجمال، ملڪان سان ملي ڏاڍي خوش ٿي، ۽ پوءِ ويهي هڪٻئي کي حال احوال ڏيڻ لڳيون. حال احوال ڏيندي ملڪان، بديع الجمال کي سيف الملوڪ جي بهادري، حسن ۽ شرافت بابت اهڙيون ته ڳالهيون ٻڌايون، جو خود هن کي به ان شهزادي ڏسڻ جو اشتياق پيدا ٿي پيو. هن جڏهن اها خواهش ملڪان کي ٻڌائي ته هوءَ کيس وٺي ان باغ ۾ آئي، جتي سيف الملوڪ ويٺل هو. بديع الجمال جڏهن باغ جي ويجهو پهتي ۽ پري کان ئي سندس نظر شهزادي تي پئي، تڏهن هن جو مردانو حسن ڏسي، سندس هوش حواس ئي گم ٿي ويا سندس اکيون جيئن شهزادي ۾ کپي ويون، تيئن ڪو وقت گذري ويو؛ پر هن کان هڪڙو قدم به اڳتي چريو ته ٿيو. ملڪان جو هن کي هيترو محو ڏٺو، سو چيائينس ته: بديع الجمال! جيڪڏهن شهزادي جو حسن ڏسڻو اٿئي ته هل ته وٽس ويهي رهاڻ ڪريون. پر بديع الجمال شرم کان اڳتي نه وڌي سگهي، سو نٽائي چيائينس ته: نه ادي! اسان پرين ۽ هن آد مزاد جو پاڻ ۾ ڪهڙو ميل! هلو ته هلون. سيف الملوڪ اها گفتگو شايد ٻڌي پئي، سو بديع الجمال جي انڪار تي درد مان نيت ڏيئي چوڻ لڳو: ”منهنجو من بديع الجمال ئي موهي مست ڪيو آهي، جيتوڻيڪ هوءَ پرين جي بادشاهه شهپال جي ڌيءَ آهي ۽ آءٌ هڪڙو آد مزاد، تڏهن به جيڪڏهن آءٌ ان کي هٿ نه ڪري سگهيس ته سڄي دنيا مونکي مهڻا ڏيندي. خدا ڪري ته اهي گسلتان ارم کان اچن ۽ مون تي اچي ڀلايون ڀال ڪن.“ بديع الجمال بيت ٻڌي ويتر گهايل ٿي پئي، پر ان وقت صبر کان سواءِ ڪوبه چارو ڪو نه هئس.

رات جو ملڪان ۽ سندس ماءُ اچي بديع الجمال سان رهاڻ ڪرڻ ويٺيون، ۽ رهاڻ ڪندي کيس سيف الملوڪ جو حسب نسب ۽ حال احوال ٻڌايائون ته هو ڪيئن تنهنجي لاءِ دک درد سهي، بادشاهي ڇڏي اچي هتي پهتو آهي؛ ۽ چيائونس ته: هاڻي تون روبرو هلي سڌ سماء وٺينس. هن کي ته اڳ ۾ ئي سيف الملوڪ جي عشق جي تير گهايل ڪري وڌو هو، سا ويتر پنهنجي عاشق جي تڪليفن جو ٻڌي بيقرار ٿي پيئي. آخر رات جو جڏهن سڀ وڃي سمهي رهيون، تڏهن هيءَ لڪندي ڇپندي اٿي ان باغ ۾ آئي، جتي ڏينهن جو سيف الملوڪ ڏٺو هئائين. هڪ چوڏهينءَ جي چانڊاڻ، ٻي گلن ڦلن جي بهاري، تنهن بديع الجمال جي دل ۾ عشق جو نئون رنگ پيدا ڪري ڇڏيو، ۽ هوءَ شهزادي لاءِ هيڏانهن هوڏانهن نهاري واجهائڻ لڳي. آخرڪار ڳوليندي ڳوليندي اچي سيف الملوڪ جي سيج وٽ پهتي ۽ ان کي ننڊ مان اٿاريائين.(1)

شهزادي سجاڳ ٿيندي پنهنجي اڳيان جو حسن جي حور ڏٺي، ته ڪو وقت ته ان کي ڏسندو ئي رهيو. آخرڪار پڇيائينس ته: اي ماه لقا! تون سج آهين يا چنڊ؟ مونکي يقين نٿو اچي سو آءٌ پنهنجي محبوب کي حقيقتاً پيو ڏسان يا هڪ خواب آهي. اهو ٻڌي بديع الجمال ڪنڌ هيٺ ڪري سيف الملوڪ جي قدمن ۾ ويهي رهي، ۽ آزمائش خاطر پنهنجي منهن تي ڪپڙو ڏيئي چيائينس ته: آءٌ پري آهيان ۽ تون هڪ انسان آهين، انسانن جي اها عادت آهي، جو پنهنجي مقصد لاءِ هر قسم جا انجام ڪندا آهن، پر پوءِ بيوفا ثابت ٿيندا آهن. سو تون به هينئر ته گهڻو ئي ٿو حيلا هلائين، پر جڏهن تنهنجو مقصد پورو ٿيو ته پوءِ توکي پنهنجو ڪو به قول ياد نه ايندو. تڏهن سيف الملوڪ اکين ۾ آب آڻي چيس ته: اي حسن جي ملڪه! جيسين منهنجي سرير ۾ ساهه آهي، تيسين توکان ڪڏهن به منهن نه مٽيندس. آءٌ قول ٿو ڪريان ته تنهنجي محبت لاءِ جيڪڏهن منهنجي سر جي ضرورت ٿي، ته اهو به توتان صدقو ڪري توڙ نڀائيندس. پر جي توکي اڃان به اعتبار نه ٿو اچي ته پوءِ هي خنجر پاڻ کي هڻي، هينئر ئي ٿو توتان صدقي ٿيان. ائين چئي سيف الملوڪ يڪدم خنجر ڪڍي پاڻ کي هڻڻ تي هو، ته بديع الجمال يڪدم سندس هٿ جهلي ورتو ۽ چيائينس ته: اي محبوب! تون دلگير نه ٿيءُ، مون فقط تنهنجي آزمائش ٿي ورتي. آءٌ ته اڳ ۾ ئي تنهنجا ڳُڻ ٻڌي، توکي دل ڏيئي ويٺي آهيان. اهو ٻڌي شهزادو به سرهو ٿيو ۽ پوءِ ڳچ وقت تائين ويهي روح رهاڻ ڪرڻ لڳا. آخر جڏهن فجر جو وقت ٿيو، تڏهن بديع الجمال، شهزادي کي دلداريون ڏيئي موڪلايو. وڃڻ وقت چيائينس ته: منهنجي ملاقات جي مام ملڪان توڙي ماڻس سان هرگز نه ڪج. شهزادي ساڻس اقرار ڪيو.

ٻئي ڏينهن ملڪان ۽ ماڻس وري اچي بديع الجمال کي ريجهائڻ ويٺيون ۽ کيس سيف الملوڪ جي ڏکن ڏاکڙن جا واسطا ڏيئي، ان سان شاديءَ لاءِ آماده ڪرڻ لڳيون. جڏهن هنن تمام گهڻيون ميڙون منٿون ڪيس، تڏهن چيائين ته: منهنجي هن سان نه ڪا ڏيٺ ويٺ آهي ۽ نه وري هو اسان جو عزيز آهي، تنهن هوندي به جيڪڏهن توهان سڀني جي اها مرضي آهي، ته پوءِ آءٌ اوهان جي دل نه رنجائيندس. اهو ٻڌي ملڪان ان وقت ئي وڃي شهزادي کي خوشخبري ٻڌائي مبارڪون ڏنيون. رات جو وري به هيءَ شهزادي سان ملي، ۽ کيس چيائين ته: سڄڻ! هاڻي تون ٻيو ڪوبه فڪرنه ڪر، خدا ڪندو ته چڱي ٿيندي. پر هاڻي تون پنهنجي حال جي حقيقت منهنجي وڏي پڦيءَ سروبانو(1) سان وڃي ڪر، جا سرانديپ کان اٺن ڏينهن جي پنڌ تي هڪڙي ٻيٽ تي رهي ٿي؛ ڇو ته جيسين اها رضامند نه ٿيندي، تيسين منهنجا ماءَ پيءُ به راضي نه ٿيندا. اهو ٻڌي بديع الجمال جي ٻانهي ’خوبان‘ دانهن ڪري چيس ته: شهزادي! هن ويچاري عاشق تي رحم ڪر، هن ويچاري گهڻي ئي ڏک ڏٺا آهن، تنهنڪري ان دور دراز پنڌ تي اڪيلي سِر هن کي تڪليف نه ڏي. اهو ٻڌي شهزاديءَ پنهنجيءَ خاص ٻانهي ’آفريد‘ کي خط ڏيئي، شهزادي سان پُيءَ ڏانهن روانو ڪيو، جنهن ۾ پنهنجي رضامندي جو اظهار به لکيائين. بديع الجمال جي پڦيءَ سروبانوءَ ڏانهن وڃڻ کان اڳ شهزادو پنهنجيءَ بيٺڪ ۾ آيو، ۽ سعد کي اچي سموري خوشخبري ٻڌايائين، ۽ پوءِ هن کان موڪلائي، آفريد (2) سان گڏجي، وري نئين سفر تي روانو ٿيو.

آفريد پري، شهزادي کي تخت تي ويهاري، تخت کڻي وٺي اُڏاڻي، ۽ جبل ٽڪر لتاڙيندي اچي ان شهر ۾ پهتي، جتي بديع الجمال جي پُي سروبانو رهندي هئي. جڏهن سروبانو پريءَ جي ڪچهريءَ ۾ پهتا ته سڀ پريون شهزادي کي وڪوڙي ويون. سروبانوءَ جو هڪڙي آد مزاد کي پرين جي آستاني ۾ ڏٺو، سا ڪاوڙ جي پئي ۽ چيائينس ته: اي آد مزاد! جلدي ٻڌاءِ ته تون هتي ڪيئن پهتو آهين، نه ته اتي مارائي ڇڏينديسانءِ. اهو ٻڌي سيف الملوڪ، بديع الجمال وارو خط ڪڍي کڻي ڏنس. خط پڙهڻ کان پوءِ ڏاڍو افسوس ٿيس، سو يڪدم هن کي وٺي پاڻ وٽ ويهاريائين، ۽ پٽ پوشاڪون پهرائي هن کي وڏي عزت سان پنهنجي محلات اندر وٺي ويئي. اُتي پڻ هن جي چڱي خاطري ڪيائين. ٻئي ڏينهن صبح جو سروبانو، آفريد پريءَ سان گڏ سيف الملوڪ کي چندن جي چِشمي تي رهڻ لاءِ موڪليو ۽ پاڻ شهپال ڏانهن رواني ٿي. چندن جو چشمو جنهن باغيچي ۾ هو، ان ۾ عقل حيران ڪندڙ گلم غاليچا وڇايل هئا، ۽ هر قسم جو کاڌو پيتو موجود هو. رهڻ لاءِ تمام سهڻيون جايون ٺهيل هيون. آقي باقي باغيچي جي وچ ۾ قدر تي چشمو هو، تنهن سيف الملوڪ کي ويتر مست ڪري ڇڏيو. سو هو اتي پهچڻ سان خوشبودار پاڻي جي حوض ۾ وهنجي اتي ئي هڪ غاليچي تي ليٽي پيو. اوچتو ڪي ديو اُڏامندا اچي اتي نڪتا؛ جن جهڙپ ڏئي، کڻي وڃي کيس هڪڙي اونداهي کوهه ۾ بند ڪري ڇڏيو.(1) باغيچي جي محافظ پرين جو هيءُ لقاءُ ڏٺو، سي روئنديون پٽينديون، ڪي سرانديپ ڏانهن ته ڪي گلستان ارم ڏانهن ڀڳيون. سيف الملوڪ جي گم ٿيڻ جو ٻڌي، بديع الجمال ته بيهوش ٿي ڪري پيئي، پر سڄي محل ۾ ٿرٿلو مچي ويو. شهپال بادشاهه کي جا اها خبر پيئي، تنهن يڪدم چئني ڏسين تي ڳولائو موڪليا، پر شهزادي جو ڪوبه پتو ڪو نه پيو. آخر گهڻي پڇا ڳاڇا کان پوءِ پتو پيو ته شهزادي کي ان ديو جو ڀاءُ کڻي ويو آهي، جنهن کي شهزادي ماري ملڪان کي آزاد ڪرايو هو. اها خبر جڏهن بديع الجمال کي پئي ته هوءَ هيڪاري نااميد ٿي پئي ۽ اهڙي ته بيمار ٿي، جو وڃي کٽ داخل ٿي. هن جو اهو حال ڏسي سندس پڦي سروبانو يڪدم شهپال وٽ ويئي، ۽ چيائينس ته: جيڪڏهن شهزادو نه لڌو ته سڄي دنيا اسان تان کلندي ۽ آسپاس جا بادشاهه توکي طعنا ڏيندا، تنهنڪري تون پاڻ لشڪر وٺي وڃ، ۽ پنهنجي ناٺيءَ کي آزاد ڪرائي اچ. اهو ٻڌي شهپال ان وقت ڏمرجي، وڏي لشڪر سميت اوڏانهن ڪاهي ويو، ۽ سخت ويڙهه کان پوءِ آخر سيف الملوڪ کي آزاد ڪرائي وٺي آيو.(2) شهزادو جڏهن سلامتيءَ سان گلستان ارم پهتو، تڏهن سڄي ملڪ ۾ خوشيون ٿي ويون. سروبانو توڙي بديع الجمال پڻ خير خيراتون ڪيون.

ٻئي ڏينهن صبح سان سروبانوءَ، شهپال کي وڃي چيو ته: ادا! هاڻي شهزادي سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال جي شاديءَ جو جلد انتظام ڪيو وڃي. شهپال پنهنجا سڀ امير وزير گهرائي، انهن سان ان سڱ بابت صلاح مشورو ڪيو، جن سڀني پنهنجو راض ڏيکاريو. ان کان پوءِ وري شهزادي سيف الملوڪ کي گهرائي، پڪ ڪرڻ لاءِ کانئس وري حسب نسب بابت پڇيائين. شهزادي کان جڏهن خبر پيس ته هو ديون ۽ پرين جي مرشد حضرت سليمان جي دوست عاصم شاهه جو فرزند آهي، تڏهن کيس خوشيءَ مان بديع الجمال جو سڱ ڏيڻ منظور ڪيائين. پوءِ ته ان وقت ئي شاديءَ جون تياريون شروع ٿي ويون. سڄو شهر سينگاريو ويو، ۽ هر جاءِ خوشيءَ جون محفلون مچي ويون. آخرڪار سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال جي شادي وڏي ڌام ڌوم سان ٿي گذري. پوءِ ته سيف الملوڪ جون سالن جون سڪون گهڙيءَ ۾ پوريون ٿيون ۽ سڀ ڏک ڏاکڙا وسري ويس.

ڪجهه ڏينهن سرانديپ ۾ رهڻ کان پوءِ، هڪ ڏينهن بديع الجمال ملڪان کي گهرائي چيو ته: ڀيڻ! جيڪڏهن توکي ڇڏي وينديس ته تنهنجي جدائي به منهنجي لاءِ ڏکي ڳالهه ٿي پوندي، تنهنڪري جي تنهنجي دل چئي ته توکي وزيرزادي سعد سان پرڻايان، ته جيئن پاڻ هميشه گڏ رهون. ملڪان جي هائوڪار ڪرڻ تي وري هنن جي شاديءَ جون تياريون شروع ٿي ويون، ۽ هڪ دفعو وري به سرانديپ خوشيءَ مان ٻهڪڻ لڳو. سعد ۽ ملڪان جي شادي شان شوڪت سان ٿي گذري. هاڻي سعد به خوش ٿيو ۽ بديع الجمال ۽ سيف الملوڪ جا ٿورا مڃڻ لڳو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سيف الملوڪ واپس وطن ورڻ جو خيال ڏيکاريو. جنهن تي شهپال کين خوشيءَ سان اجازت ڏني؛ ۽ کين ڏاج ۾ جيڪي مال متاع ڏنا هڻائين، انهن سميت هڪڙي تخت تي ويهاري، پرين هٿان روانو ڪيائين. پرين شهزادي، وزيرزادي، بديع الجمال ۽ ملڪان کي گهڙيءَ کن ۾ اچي مصر ۾ پهچايو.(1)

هنن جي صحيح سلامت مصر پهچڻ تي عاصم شاهه، وزير توڙي سڄي رعيت ۾ خوشي ٿي ويئي. شهزادو ۽ وزيرزادو به پنهنجي عزيزن سان ملي ڏاڍا خوش ٿيا. ان خوشيءَ ۾ ڪي ڏينهن ته سڄي بادشاهيءَ ۾ ٻئي خير خيراتون هليون. بادشاهه ۽ وزير پنهنجي نُهرن کي وڏي عزت ڏني ۽ نوان سنوان ڏاج ڏنائون. اهڙيءَ طرح سيف الملوڪ جي سچي عشق ۾ ڪاميابي ٿي، ۽ هن محبوب سان ملي، باقي زندگيءَ جا ڏينهن خوشيءَ سان گذاريا.


 

 

روايت(1)

چيل جمال جو*

 

(مصر ملڪ جو بادشاهه شاهه عاصم نالي هو. کيس اولاد ڪو نه هو. نجومين جي صلاح سان يمن جي شهزاديءَ سان شادي ڪيائين، ۽ شهزاديءَ جي سهيلي وري پنهنجي وزير صالح کي پرڻايائين. بادشاهه کي ”سيف الملوڪ“ نالي پٽ ڄائو ۽ وزير کي ”صاعد“ نالي پٽ ٿيو. نجومين جي ٻڌائڻ تي- ته سيف الملوڪ کي چوڏهن ورهين جي عمر ۾ ڪشالا ڪڍڻا پوندا. بادشاهه، سيف الملوڪ ۽ صاعد کي هڪڙي خاص محلات ۾ رهايو. چوڏهن ورهين جي عمر ۾ بادشاهه، سيف الملوڪ کي هڪ صندوق تحفي طور ڏني، جنهن ۾ هڪ چادر ۽ حضرت سليمان جي منڊي پيل هئي. شهزادو چادر واري ڇپيل مورت تي عاشق ٿي پيو ۽ ان جي فرق ۾ بيمار ٿي پيو.)

شهزادي جي اها حالت ڏسي، بادشاهه حڪيم طبيب گهرايا، مگر فائدو نه ٿيو. شهزادي جي آزار جو سبب ڪنهن کي به معلوم نه هو، تنهنڪري بادشاهه، صاعد کي هن جي احوال معلوم ڪرڻ جو چيو. صاعد، سيف الملوڪ کي ريهي ريبي، کانئس حقيقت معلوم ڪري بادشاهه کي ٻڌائي. تڏهن بادشاهه ڳڻتيءَ ۾ پئجي، اميرن وزيرن کي صلاح مشوري لاءِ گهرائي چيو:

اي امير وزير منهنجا ڪا خبر آن کي آه،

ته ڪٿان رسي چادر مون کي آئي هٿ منجها،

اِيءُ آهي هديو حضرت سليمان جو، موڪلئو مون ڏانهه،

آءٌ ويٺو هوس ڏينه هيڪڙي، منجهه ڪنه مڪانا،

تان خاڪ اُڏائي غبار منجها، ٿئو آڻي انڌارا،

پُڻ ظاهر ٿيون غبار منجها وري تنه ويرا،

ست پريون صورت انسان جي سهڻيون سالورا،

هيون ٻه نينگريون ننڍيون تن کي پاڻ معشوق بيمثلا،

ڏسنديهي دل وڃي، عشق ۾ وگهريو وجودا،

اچي ويٺيون مهندان منهنجي، هٿ ٻنڌي هيجا،

تين آءٌ ڊرنُس هيبت ۾، پسي پرين جو قسما،

تان ڏنائون دلاسو دلداري، مونکي تسلي تشفا،

ته تون ڊرڄن ڪهڙي سبب ڪري، بزرگ بادشاهه!

آهي حضرت سليمان موڪلئو اسان کي توڏانه،

وٺي آندوسون هديو تولئي، تنه پيغمبر پارا،

توکي موڪلئو نبيءَ دين جي خاصو اي تحفا،

تڏه آنيس آءٌ تعظيم سين، ٿئس حاضر تن اڳيا،

تڏه ڏنائون هيءَ چادر ابريشمي ۽ انگشتري ۽ اسبا،

چي: وٺ هديو حضرت سليمان جو، پڻ رکج محفوظا،

تڏهن اُٿي تِنه ڪپڙي جي وٺنيم تعظيما،

پُڻ چمي انگشتري ۽ اسب کي رکئم ساڻ رضا،

پوءِ ڪِيم ڪشادو چادر کي چوطرفا،

تان لِکي ڏٺيم تنه تي ايئن هيءَ صورتا،

تين ڏسنديهي تنه صورت کي ٿئس ماڳهين مبتلا،

وَهيو قرار جان جو، عشق مُڪو ايذاء،

تڏه مون پڇيو پرين کي، ته هيءَ جا صورت آه،

ساڪ ڏسي ڪنهين ٻيءَ چادر ۾ اُڻيائين ان طرحا،

ڪر آهي اي صورت اصلي ابتدائين استادا،

ڏسي صورت معشوق جي، ڪيائين مثل تنه صورتا؟

هاڻ بيان ڪاريگري ڏسو هن صورت کي ڪَرين سڀ ڪسيا،

پر آهي صورت بديع الجمال جي، جا پريزاد آه،

سا ڌيءَ شاهبال بادشاهه جي، پوٽري شاهرخ آه،

آهي بادشاهي گلستان ارم ۾ سنديس سڪوفتا،

تته شاهبال اُڻايو ڪپڙو، هيءَ چادر چاه منجها،

تنه ۾ لکيائين سَنديهَس ڌيءَ جي ئنقَش صورتا،

پوءِ مُڪائين هديو حضرت سليمان ڏونه، جو پيغمبر پاڪا،

۽ حضرت سُليمان هلايو تو ڏونه هديو منجها محبتا.

تڏه چيم تن پَرين کي. آئين آهيو منهنجا مزمانا،

پُڻ ڪِيم رخصت تَن کي ڪنه ساعت پڄاڻا،

۽ ويڙهي رکيم هن چادر کي ۽ مُنڊيءَ گهوڙي کا،(1)

۽ پڻ ته ڄاتم عقل يقين ڪري، نه پِيم پروڙا،

ته ڪا پيدا ٿيندي تنه چادر منجها ههڙي حرڪتا،

هاڻي مشڪل ٿِي ڳالهڙي، ڪيئن ڪبي تدبيرا.

حضرت سليمان به حيات نه آهي، ۽ نڪي هن شهر جي آسپاس ڪو اهڙو ماڻهو آهي، جنهن کان ”گلستان ارم“ جي پري ”بديع الجمال“ بابت خبرچار معلوم ٿي سگهي؛ تنهن کان سواءِ هوءَ پريزاد ۽ شهزادو آد مزاد، ٻنهي جي دل ڪيئن گڏي. اي وزير! مونکي ته اها ڳالهه تمام مشڪل پيئي ڏسڻ ۾ اچي.

تڏه چيو ’نوشُ پُٽر هامان‘ جي ۽ صالح حميدا،

ته شاها! تدبير ان ڳالهه جي، آهي ان طرحا،

ته هلي حضور ۾ شهزادي جي، ڪَريهون دلاسا،

پڻ ڪريهُون خوش خاطر تنه کي ته ملندو مقصودا،

اسين ٿا موڪليون ماڙهو پانهجا منجهه سڀڪنه و لانا،

وٺي آڻين خبر بديع الجمال جي ۽ گلستان ارم ڪَنا،

۽ مهلت گهرانداسون هيڪڙي وَره جي ٻاره مهينا،

وٺي رضا شهزادي ڪنا ڪنداسون طلبا،

صحي سڀڪنه ولات ۾ پڇا پروڙاءَ،

پوءِ جي پيدا ٿئي ڪتَهين، ته ڀلي بهترا،

ناته پڄاڻا ٻارهين مهيني جي جيڪين قصيبا.

بادشاهه وزير جي صلاح موجب، اميرن وزيرن سان گڏجي شهزادي وٽ آيو، ۽ کيس ساري حقيقت ٻڌائي ٻارهن مهينا مهلت ورتائين. پوءِ بادشاهه پنهنجي ماڻهن کي خزانا ڏيئي چئني طرفن موڪليو. ٻارهن مهينا پورا ٿي ويا، پر ڪٿان به بديع الجمال جو ڏس نه مليو، تڏهن سڀ ماڻهو نااميد ٿي موٽي آيا. جيتوڻيڪ بادشاهه اها ڳالهه شهزادي کان لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر ڪنهن طريقي سان هن کي معلوم ٿي ويو، ۽ هيڪاري بيمار رهڻ لڳو. آخر بادشاهه مجبور ٿي هلي شهزادي وٽ آيو، ۽ کيس سارو حال ٻڌائي، پنهنجي مجبوري ظاهر ڪئي. ان بعد چيائينس ته: هاڻي جيڪي تنهنجي دل ۾ هجي، سو ٻڌاءِ ته ان جو ڪو تدارڪ ڪريون.

تڏهن چيو شهزادي تِنه کي، اي بابا ڀلارا!

تحقيق تو ڏٺيون ئي مشقنون گهڻيون مُنهين لاءِ،

نه ڏسن مائِٽر فرزند لئي ڪـي ان پر آزارا،

توڪيون رنج محنتون ۽ گهريون دعائون ڌڻيءَ ڪنا،

پر خدا منهنجي بخت جي، ايءَ لکي تقدير آه،

هاڻي آءٌ ڪريان تدبير ڪهڙي، ڇڏي رضا ڌَڻيا،

پر ئي اچي منهنجي دل ۾. اِيءَ مصلحت مورا،

ته جي ڏِيـين موڪل مونکي، راضي ٿي رضا،

ته ڦران چوڌاري جهان ۾، ڏوري ڏيهن کا،

۽ ڪريان سير چين ماچين ۾، جت نادر نقاشا،

آهين صنم تراش صورتگر گهڻا زماني رسما،

سي ٿا لکن صورتون معشوقن جون ۽ پڻ پَرين ٿا،

آءٌ پڻ وڃي ان ولات ۾، ڪريان پاڻ پڇا،

ته ڪو چِٽري صورت بديع الجمال جي، گلستان ارم ڪنا،

پُڻ مان هوءِ خبر ڪته استاد کي ان جي مڪانا،

ته پڄاڻا ان محبت جي، آهي اُميد ڪنا الله،

مان ملائي مولو مونکي، منهنجو معشوقا.

انهيءَ تي بادشاهه پٽ کي چيو ته: ابا! مون الله تعاليٰ کان سوال ڪري توکي پِني ورتو آهي، تنهنڪري تون سک سان ويهي وقت گذار. آءٌ ٿو مسافر ٿي وڃي ڳولا ڪريان. شهزادي وراڻيو ته: بابا! ائين هرگز نه ٿيندو، اهو محبت جو ڪتاب مون تي نازل ٿيو آهي، خدا گهريو ته آءٌ پنهنجي مقصد ۾ ضرور ڪامياب ٿيندس.

پوءِ ڪري قبل قال ڪيترو، پِئو پٽ ٻئي پر چئا،

تڏه ڏٺو فائدو تِنه جي جهلڻ ۾، ملڪ عاصم صفوانا،

ته متان هلاڪ ٿبي ان حب ۾، مري محبت سان،

تين رضا ڏنائينس رايو پسي، پرڻـي پرور کا،

رضا ڏنائينس رايو پسي، سَندو سِي عشق اُها،

ڪئائين چار سَوَ ٻيڙين جا تِنه دم تيارا،

جي وڏيون گهڻيون ڀريون مال سين، دولت د ُني منجها،

تِني سڀنئون وڏي ٻيڙي ڪيائين ڪارڻ سواريءَ شهزادا،

آسي گز ڊيگهه ۾ سا هئي، چاليهه گز عرضا،

تِنه ۾ ڪئائين حجرا ۽ بنگلا ڪيترا ڪوٺا ڪٽهڙا،(1)

منجهن تخت پلنگ سون جا، سين زينت زيادا،

پَڻ صندوقون مال خزاني جون ۽ سامان گهڻو سقرا،

توشي تَناوَل طعام جون، ديڳيون دُرستا،

۽ سوار سڀئي سرت پرئا، بهادر ۽ بالا،

لشڪر عسڪر شجاعت وتِرا، ٻيا نوڪر ناخدا،

۽ معلم استاد ڪيترا مُجم موچارا،

۽ مَطرب خوش آواز ڪيترا، جي ڪن سُرسين سرودا،

ڪن خوشيون خوبيون پاڻ ۾، ڳائڻ ڳاچ وڏا،

پَرڻـي پاڻ ڌڻيءَ کي، ڪئائون سوار سڀني کا،

پوءِ روئي ’سيف الملوڪ‘ کان موڪلايو بادشاه،

پوءِ موڪلايو ماءُ سنديس اچي روئي رحمنا،

بائيون ٻانهيون گهر جون، سڀ روئن رت ورنا،

پڻ رنو سڀ لشڪر بادشاهه جي، ڏسي تن غرما،

۽ روئي موڪلايو ’صاعد‘ اچي، پنهنجي پيءُ ڪنا،

هلئو همراه سيف الملوڪ سين، ڪيائين قائم رفاقتا،

ايءُ آهي حق دوستيءَ جو، مٿي يارن ئا،

جي اَهُکِي سَهکي پاڻ ۾، هوئن هيڪاندا،

سِڙه کنيائون، سفر هليا، بَحريءَ ڀَلايا،

تِين نڪري رعيت شهر مصر جي ڪري واويلا.

جي ڪريان قصو سڀ تَن جو ماتم مذڪورا،

ته لکندي قلم ڪاهل ٿيـي ۽ سست سڻڻ وارا،

هلئو عاشق حُب حبيب جـي، ٿي مسافر مورا،

پُڻ بادشاهه وهاري تخت تي پنهنجي صالح حميدا،

سِپاري بادشاهي ڪـيڻَس عدل اَحڪاما،

پاڻ داخل ٿئو منجهه حجري ڪارڻ عبادت موليٰ،

رکئائين توڪل رب تي منجهه سڀڪنه اَمورا،

واحد نه وڃائيندو تِنه جو موليٰ مقصودا،

جو پَرڻي ڪَمڙا پانجها رب کي توڪل طريقا،

”ومَن يّتوڪل علي الله فَهُو حَسبھ“ چيو پاڻ خدا،

اِلهِي احسان سين واحد رب وڏا،

مقصود مون مشتاق جا، پرور پاڻ پُڄاءِ،

ساريان ڪونه سرير ۾ وسيلو واحد تو ڌارا،

پُشت پناه تون پاتشاه، تون اجهو احسانا،

مطلب مدعا مون مسڪين جي، ڪرپوري پانشاه،

ملاين محبت سين مونکي مُلڪ جا موليٰ،

جافڪِبتان ”جال“ کي ايُ عشق اندر ۾ آه،

سا پوري ڪرين پاتشاه تون محبت مجازا،

اِلـٰـهيٰ ارحم الراحمين ڪر قادر قبولا،

پُڻ موت وقت منهنجا ڌڻي سُهکو ڪڍين ساه.

لاالٰھ اِلاالله محمد رسول الله.

 

بسم الله اِلرحمٰن الرّحيم

 

تان جڏه رسئا چين ماچين کي بحري ڀَلايا،

پڄاڻا چاليهن ڏينهن جي، فضل ساڻ خدا،

اچي چَئِن سون ٻيڙين جا لشڪر هيٺ لٿا،

وڄئا نقارا خوشيءَ جا، ٿيون شاديون شوق منجها.

تِين هو چين ماچين ۾ فغفور بادشاهه،

وڃي ڪن ماڙهوئن تنه کي، اِيءَ رسائي خبرا،

ته آيو پُٽر بادشاهه مصر جو وٺي لشڪرا،

ماري وٺندا ملڪ ماچين جو ۽ حڪم هلائيندا؛

تڏه ملڪ فغفور غمگين ٿي ڪيو لشڪر تيارا،

نيزن، خنجرن ۽ تيرن سين ۽ گرزن ۽ شمشيرا،

اُڀاريائين ڪوٺن تي ڪوٽ جي ۽ مٿي دروازا،

ٻئو پَڻ ڪٽڪ جنگ جو ميڙيائين موجودا،

سو سنڀايائين سامهون ٻَنڌا هٿيارا،

وڄئو نقارو جنگ جو ٿئو هُل هُڳاءُ،

چڙهئا سوار گهوڙا گهور(1) ڪري ڪٽڪ ڪو ڪارا،

اچي ٻاهر اُڀا شهر کي، ٻن گاوئَن جي قدرا،

پڻ چار قاصد پهرين چاڙهي هلايائون پنهنجا،

ڪارڻ پڇڻ احوال لشڪر جي، ته آيا ڪڄاڙي لاءِ.

سيف الملوڪ جا ماڻهو، فغفور شاهه جي قاصدن کي پڪڙي وئي آيا. شهزادي هنن کان احوال معلوم ڪري، فغفور شاهه ڏانهن پيغام موڪليو ته ”اسين ڪنهن خراب نيت سان اوهان جي ملڪ ۾ ڪونه آيا آهيون، فقط گهمڻ ۽ شيل شڪار جي سانگي آيا آهيون. پوءِ فغفور شاهه پاڻ شهزادي جي استقبال لاءِ هلي آيو، ۽ کيس مهمان ڪري پاڻ وٽ رهايائين. آخرڪار حال احوال ڏيندي هڪڙي ڏينهن سيف الملوڪ پنهنجي عشق جو احوال هن کي ٻڌايو. بادشاهه يڪدم پنهنجي ملڪ جا ڪاريگر نقاش گهرائي، کين بديع الجمال جي تصوير ڏيکاري. آخر هڪڙو پير مرد نقاش درٻار ۾ آيو، جنهن جي عمر هڪ سو ڇويهه سال هئي، اُن سيف الملوڪ کي ٻڌايو ته:

تان پر ئي مڙس چيو ته: تِنه جي تان مونکي خبر نه ڪا،

پر آهي مصلحت هيڪڙي، ان پر اِصلاحا،

آهي ڏٺو قسطنطنيه شهر مون عجيب ۽ اعليٰ،

۽ ماڙهو سڀڪنه طرف جا اُت اچن وڃن پئا،

تت البت پوندي خبر معشوق جي، اَنهين مڪانا،

پر جي نه ويندا تِنه شهر ڏونه ۽ ڪندا ٻيو قصدا،

ته مور نه حاصل ٿيندي ڪٿهي تهين جي خبرا،

تڏه چيو شهزادي تِنه کي، اي پرئا مت ڀورا،

آهي قسطنطينه طرف ڪهڙي صحي سو شهرا،

پُڻ ڪيتري مدت واٽ ۾ ڪِيوءِ گذرانا؟

تان چـي: آهي طرف فلاني، جي وڃو هن واٽا،

جي هوندو واءُ موافق ٻيڙين کي، ته حڪم ساڻ خدا،

پڄاڻا ٻن ورهن جي، وڃين آئين رسندا،

تان ته آهي خوف هلاڪت جو، جي لڳندو مخالف واءُ.

تڏه سيف الملوڪ موڪلايو، ڪنا فغفورا،

سڀ لشڪر پنهنجو ٻيڙين ۾ ڪيائين سوارا،

پاڻ ويٺو پنهنجي ٻيڙيءَ ۾، جا مقرر سنديس مورا،

۽ صاعد چڙهيو ٻيءَ ٻيڙيءَ ۾، از روءِ علاحدا.

اها هنن جي حڪمت هئي، جو هڪ ٻيڙيءَ ۾ نه چڙهيا. ڇاڪاڻ ته سمنڊ جي خطري تي ڀروسو ڪونه هو. آخر هنن سڙهه سنوان ڪيا ۽ چاليهه ڏينهن بنا خوف خطري جي اڳتي هلندا رهيا.

جڏه چاليهه ڏينهن گذرئا، هلندي بحر منجها،

تِين مخالف پيدا ٿئو، لڳو ڏاڍو سخت واءُ،

پَڻ دريا هنيون دهشت جون هڪلون هيبتاء،

اُٿيا موجا سِٽراڻا محيط جا، لهرين ڏنا لوڏا.

مثل جبل عظيم جي هڪڙيون ٻين مٿا،

ڪڏه نِئور ساڻين آسمان کي، لهريون ٻيڙيءَ کا،

ڪڏهين وڃيو وجهن اونهيءَ کڏ ۾، ٿيون هيٺاهيون هيٺا،

پُڻ وڄڙيون وراڪا وجهئو، ڪيائون ٿي ڪڙڪا،

۽ گجئو گنبذ اَڀن جو، رڙيون مُڪيون رعدا،

۽ وِٺو مينه وڏڦڙو، سين هڪل هيبتا،

ڪَرَ مشڪون ڇڙيون اَڀن جون، پلٽيون پاڻيءَ ما،

اچي نازل ٿئو ناگهان تکو طوفانا،

۽ پڻ ٿيون اونداهيون راتڙيون اَپر اِن حدا،

جِين ڪنه نه ڏٺو ٿي ڪنه کي ذرو ظهورا،

مگر ٿي هيڪ ٻئن جا سئائون آوازا،

تان لڳي لهر چَڪر جي، مانند گِردابا،

تين ڦِري مثل جند جي، ٻيڙي منجهه دريا،

تڏه ماڙهوئن پڙهئا زبان سين ڪلما شهادتا،

۽ منقطع ڪيائون اميدون پنهنجون ڪنا حياتا،

ته هيءُ طوفان نزال ٿيو ڪهڙيءَ مصيبتا،

تان جا اوچتو ان حال ۾، سين قضا قديرا،

ٻڏا پج هزار ماڙهوئن جا، ٿئا غرق منجهه دريا،

۽ رات اونداهي نِڪَڻي ڪاري ڪانڀارا،

نه هئي ماڙهوئن موت جي خبر شهزادي کا،

۽ صاعد ٻڌي ٻيڙي پنهنجي، ساڻ ڪشني شهزادا،

حلقو ٻڌائين وچ ۾، ته متان ٿين وڃي جدا،

تان جان لڳي لهر هيڪڙي، سخت منجهه دريا،

تنه جدا ڪيو ٻنهي ٻيڙين کي، حلقو ڇني وِچا،

۽ واءُ وٺي هلئو طرف هيڪڙي، ٻيڙي شهزادا،

ٻئي طرف ٻيڙي صاعد جي، وٺي وَهيو واءُ.

صبح جو سيف الملوڪ ڏٺو ته چئن سوَن ٻيڙين مان فقط سندس ٻيڙي سلامت هئي، باقي ٻيڙيون ۽ مال خزانا سمنڊ داخل ٿي ويا هئا. اتي شهزادي کي پنهنجي دل گهر ئي دوست صاعد جو خيال ٿيو. هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين پر نظر نه آيس، تڏهن سمجهيائين ته صاعد به ٻين ماڻهن سان ٻڏي ويو. سو ان صدمي کان زار زار روئڻ لڳو. آخر نوڪرن چاڪرن کيس دلاسا ڏنا. پوءِ الله تهار ڪري ٻيڙي اڳتي هاڪاريائين.

تان حڪم سين حڪيم جي قادر قدرتا،

اچي رسي ٻيڙي شهزادي جي، منجهه زنگين جزيرا،

جي آد مخور احمق هئا، صورت سٽراڻا،

جڏهن ڏٺائون ٻيڙي شاهه جي، ڀري ماڙهوئن سان،

تِين ڊوڙيا چوطرف ٻيڙيءَ کي کڻي هٿيارا،

وَاُولـــٰئِک يقاتلون الناس ويا ڪلون لحمهم“ اِي سندين عادتا،

پُڻ ويڙهي ويا ٻيڙيءَ کي چُري چوطرفا،

جڏه ڏٺو ماڙهوئن ٻيڙيءَ جي ۽ پَڻ شهزادا،

ته هي اچن آدمخور اسان ڏونه ڪارڻ قِتالا،

تڏه کڻي هٿيار اُتريا مٿي ڪنارا،

هڻي تراريون تن کي، ڪيائون گهڻا قتلا،

پڻ بعضن کي زخمي ڪري وڌائون پَٽ مٿا؛

تڏه حملو ڪئو زنگين مِڙي مجموعا،

دهل وِڄايائون، سڱيون ڦوڪيائون ڌُٻايائون ڌَرا،(1)

هئا گهاٽا گهڻو مِرُن ڪنا، ويتر ڪُتن ئا،

اچي اسير ڪيائون ٻيڙيءَ کي ۽ لشڪر شهزادا،

جهلي هلئا سڀن کي، وٽ سَندِهُن بادشاهه،

پُڻ آيو بادشاهه پليتن جو، مٿي ڪناري دريا،

اچي تخت وڌائين عاج جو، منجهه تنه مڪانا،

جهجها پايا جڙي سون سين ۽ لعل ياقوتا،

موتي زَمُردَ سبز سين ۽ پڻ فيروزا،

پوءِ چڙهي ويٺو تنه تخت تي سندن سلطانا،

ڏاڍو هيبتناڪ صورت ڪري، پسڻ پليتا،

۽ ظالم زيانڪار عادت ڪري، ڪوجهو قبيحا،

۽ هئو قد تنه ڪُفار جو مثل منارا.

آد مخورن جي بادشاهه جي خوفناڪ صورت ڏسي، شهزادي کي ڏاڍو خوف ٿيو، ۽ الله تعاليٰ کان پناهه گهري، ان جي آڏو اچي بيٺو. جڏهن آدمخورن پنهنجي بادشاهه کي ٻڌايو ته هن پنهنجن ڪيترن ئي ماڻهن کي ماريو آهي، ۽ ٻيا زخمي آد مخور بادشاهه جي اڳيان پيش ڪيائون، تڏهن هو ڏاڍو ڪاوڙيو.

تين غصو چڙهو گَڏ ئل کي، آيو منجهه غضا،

وٺي ماڙهو بادشاهزادي جا تنه پاپي پليتا،

ڏنا وراهي پنهنجي لشڪر ۾، ته موڪلئو مَطبخ ڏانه،

رنڌي پچائي هنن کي، وڃي کائو خوشيءَ منجهان

پُڻ جيڪي آيس نظر ۾ ڪي ماڙهو موچارا،

سي مُڪا پنهنجي مطبخ ۾، تنه خبيث کيڻ لاءِ،

پوءِ کائي ويٺا خوب چور سي ماڙهو موچارا،

۽ باقي چار ماڙهو هيڪڙا ۽ پنجون شهزادا،

مُڪائين مطبخ ۾ پنهنجي ڌيءَ جي، تنه احمق احسانا،

هيءُ آهي مليو شڪار اسان کي، تنهنجو هيءُ بُخرا.

سيف الملوڪ جي سهڻي صورت ڏسي، هوءَ مٿس عاشق ٿي پئي ۽ پنهنجن ماڻهن کي حڪم ڪيائين ته: هن کي منهنجي خاص باغ ۾ اهڙيءَ طرح وڃي رهايو، جيئن ڪنهن کي به خبر نه پوي، ۽ سندس خدمت ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏجو. شهزادو باغ ۾ خوش رهڻ لڳو. ستن ڏينهن کان پوءِ زنگي بادشاهه جي ڌيءَ هارسينگار ڪري شهزادي کي پاڻ وٽ گهرايو.

جڏهن ڏٺي صورت تِنه جي سيف الملوڪا،

تين ڊِرنو گهڻو هيبت ۾ دهشت درازا،

اڳ نه ڏٺي هئائين ڪڏهين اهڙي صورت ڪا،

نه سُئي هئائين ڪنن سين، مثل تِنه مورا،

ڇڏڻ بيان تِنه بِدڪار جو بهتر لکن ٿا،

هو قد وڏو ڪَر منارو، ۽ مٿو گنبذ جي مثلا،

ٻه اکيون ٻِن طسن جڏيون ڀِرون ڪمانا،

پِنبڻِ وار وڏا گهڻو، جهڙا تير تُڪا،

لَبَ ڊر گها مثل اُٺن جي، لُڏن لامارا،

آڱريون ڊر گها مثل اَٺن جي، لَڏڻ لامارا،

آڱريون ڊِرگهيون ٿلهيون جِين ٽاريون وڻ مٿا،

بَبا وڏا بدبخت جا مثل مَشڪُن ئا،

نافُ مثل نقاري جي وڏو وڏايا،

رانون ٻئي تيڏيون، جيڏيون هونِ هاٿي کا،

رنگ پڻ ڪارو نير جهڙو دانگي دُرشتا.

پوءِ شهزادي جي آڏو ويهي، شراب ڪباب گهرائي، شهزادي کي کائڻ لاءِ چيائين. سيف الملوڪ لاچار ساڻس گڏ کاڌو پيتو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ نشي ۾ مخمور ٿي ويو. آخر زنگيءَ جي ڌيءَ کيس هوشيار ڪري، ساڻس محبت جون ٻوليون ٻولڻ لڳي. مگر شهزادي کيس گهٽ وڌ ڳالهائي، ڌِڪي پري ڪيو. تڏهن ڏاڍيءَ ڪاوڙ ۾ شهزادي کي هڪڙي ڪوٺيءَ ۾ بند ڪرائي ڇڏيائين. وري ستين ڏينهن شهزادي وٽ آئي ۽ محبت ڪرڻ لاءِ کيس منٿ ميڙ ڪرڻ لڳي، پر شهزادي جواب ڏيئي ڇڏيس.

تڏه آئي پليت ڏمر ۾، غضب جي غيظاء،

حڪم ڪيائين حدامن کي، جي نوڪر سندس هئا،

ته آڻي ڏِهو هنن سڀن کي رَسيون ۽ ڪهاڙا،

ته ڪاٺيون وڍي جهنگل منجها آڻين مونهين لاءِ؛

پوءِ ڏنائون رسو ڪهاڙو سڀن کي، توڻي بادشاهه.

شهزادو ۽ سندس چارئي ساٿي روزانو جهنگ مان ڪاٺيون ڪري ايندا هئا. ڪاٺين ڪندي شهزادي جي هٿن ۾ لڦون پئجي ويون. آخر هڪ ڏينهن پنهنجي چئني ساٿين سان پڇي نڪرڻ جي صلاح ڪيائين.

تڏه ترهو ٻنڌي ڪاٺين جو، رکي مٿي دريا،

پُڻ ميوا ڀريائون تنه ۾، طرحن طرحن جا،

ڪنان قسم انگور ۽ کارڪن ۽ آنجير، باداما،

۽ چار مغز نيشَڪَر ۽ ٻئا پُڻ ميوا،

جيڪي هئا تِنه جزيري ۾ حاضر تِنه ويرا،

سي سڀ رکي منجهه نُرهي، چڙهي سڀ ويٺا،

پَرڻي پاڻ ڌڻيءَ کي هاڪاريائين هِتا،

پُڻ کيندا وَهيا واٽ ۾، ميوا تن منجها.

شهزادي ۽ سندس ساٿين انهيءَ سفر ۾ ڪئين عجائبات ڏٺا. رات ڏينهن ساهه مٺ ۾ هوندو هون. ڪيترين ئي آفتن سان مقابلا ڪيائون. اهڙيءَ طرح چار مهينا سفر ڪيائون.

جڏه چار مهينا گذرئا، ان مدت پڄاڻا،

تان ته اچي رسئا جزيري هيڪڙي، مٿي ڪناري دريا،

ڪيائون شڪرانو رب جو ۽ ويٺا جاءِ بجاءِ،

هئا چشما تِنه ۾ مٺي پاڻيءَ جا جاري جِريانا،

پُڻ ميوا طرحن طرحن جا، پڪا گهڻو پختا،

ڪَنا قسم اَنجيرن جي ۽ چار مغز خَرما،

ٿي کاڌائون تن ميون منجها مٺا موچاري ساء،

پُڻ آيا جڏه آرامگاه ۾ ڪنه مدت پڄاڻا،

ڪئائون شڪرانا رب جا، مٿي نعمتن نُورانا.

پوءِ سيف الملوڪ سنگتين جي صلاح سان هڪڙو وڏو وڻ جاچي ان تي آرام ڪرڻ جي جاءِ ٺاهي؛ ڇو ته هيٺ جانورن جو خوف هو. اڌ رات جو درياءَ مان قسمين قسمين جانور نڪري خشڪيءَ تي آيا. پڇاڙيءَ ۾ هڪ وڏي مڇي آئي، جنهن جي آواز جي هيبت کان سڀ جانور ڀڄي وڃي درياء ۾ گهڙيا. سيف الملوڪ ۽ سندس سائين کي به ان مڇيءَ کان ڏاڍو ڊپ ٿيو. آخر صبح جو مڇي درياء داخل ٿي، ۽ هي به وڻ تان لهي، ميوا گڏ ڪري، ترهي تي چڙهي اڳتي روانا ٿيا.

جڏه ٽري ورهه ڪامل گذرئا مدت مديدا،

تِين اچي رسئا جزيري کي هيڪڙي، ڏٺائون عجبا،

اچي اُلٿا تنه جي ڪنڌيءَ تي، چئن رفيقن سان،

’ملانُوه‘ نالو تنه جزيري جو لکئو ڪتابا،

اُت پڻ هئا درخت ڪيترا ۽ ميوا موچارا،

۽ پُڻ چشما مٺي پاڻي جا وَهَنِ وَڏايا،

پوءِ ميوا کاڌائون، پاڻي پيتائون، فرحت ۾ آيا.

ان جهگل ۾ عجيب قسم جا وڻ ڏسڻ ۾ آيا. هڪڙي وڻ جو نالو ”وَقواقُ“ هو، جنهن ۾ ماڻهن جون سسيون ميون مثل لٽڪيل هيون، جي رات جو وڻن مان ڇڄي هڪٻئي سان ڳالهائينديون ڊوڙنديون هيون ۽ صبح ٿيڻ سان وري وڃي وڻ ۾ شامل ٿينديون هيون. ٻيو ”قَهقھ“ ۽ ٽيون ”مشعل“ وڻ هو؛ جن مان وري رات جي وقت کِلڻ جا آواز نڪرندا هئا. سيف الملوڪ ۽ سندس ساٿين کي ان جهنگل ۾ گهمندي ڪي ڏينهن گذريا. آخر هڪڙي ڏينهن ڪي ماڻهو ڏسجڻ ۾ آين، جن جا مٿا ڪُتن جي مثل هئا. انهن کي ڏسي شهزادو سائين سميت وٺي ڀڳو. اهي شخص به هنن جي پويان ڪاهي پيا ۽ شهزادي جي ٻن ساٿين کي جهلي، چيري ڦاڙي ڇڏيائون.

ڀڄندا وَهِيا ڏينھ ٽري، ڪتاتَن جي خوف ۽ خطرا،

جِين نه ڦري نهاريائون پوئتي، ڪارڻ تنين لاءِ،

جڏه اچي رسئا تِنه مڪان ۾، ’قَبتِير‘ جنه جوتان،

اُت پُڻ ڏٺائون قلعو هيڪڙو وڏو وَڏايا،

پَڻ هو دروازو ڪوٽ جو ڪَنا ڏندن ئا،

جي ڏند وڏي مڇيءَ جا صورت سونهارا،

صاف سونهارا زينت وڏيءَ اڇا عاج ڪَنا،

پُڻ ماڙيون وڏيون عمارتون تنه ڪوٽ ۾، ۽ پَڻ بازارا،

پر ڪونه هو آدمي منجهه تهين صورت انسانا،

نڪي پکي پرند ڪو، نه ٻئو ڪو جانور ان جاءِ،

بلڪ هئي بادشاهي ڀولڙن کي منجهه تنه مڪانا،

۽ همراهه هوندا هئا تن سين، سَگسَر ٻئا صحيا،(1)  

هئا ڪندا حڪومت تنه ڪوٽ ۾ ساڪن سڪونتا،

جڏه اچي اوڏو ٿئو تِنه ڪوٽ کي سيف الملوڪا،

تان ڏٺائين ڀولڙا باندرا، ٻهر شهر ڪَنا،

ڪن ٿي چاريون ٻڪريون، ڪن ٿي ميڙيون ڪاٺين کا،

۽ ڪن ڪئا ٿي ٻئا ڪمڙا، ٻهر شهر ڪنا.

جڏهن شهزادي تي نظر پين، تڏهن کيس ساٿين سميت جهلي، پنهنجي بادشاهه جي آڏو آندائون؛ جو هڪڙو آد مزاد هو. بادشاهه شهزادي کان خبرچار پڇي، مگر شهزادي چيس ته: پهريائين پنهنجو قصو ٻڌاءِ. تنهن تي هن چيو ته: منهنجو نالو ’عبدالله‘ آهي، ’رائِض‘ جو پٽ آهيان، ۽ شهر ’بِصرام‘ جو سوداگر آهيان. هڪ دفعي ٻيڙيون مال سان ڀرائي، مسافريءَ تي نڪتس. هڪڙي طوفان ۾ سڄو مال ٻڏي ويو. مونکي هڪ تختو هٿ اچي ويو، جنهن تي چڙهي هن ٻيٽاريءَ تي پهتس. هتي جا رهاڪو ’وانر‘ ۽ ’سگر‘ هئا، جن مونکي کڻي پنهنجو بادشاهه بنايو. ان بعد سيف الملوڪ پنهنجو داستان کيس ٻڌايو. تڏهن امير عبدالله چيس ته: هتي ڪي اهڙا به باندر آهن، جن کي گلستان ارم جي خبر آهي. پوءِ سيف الملوڪ ۽ سندس ساٿي مهمان ٿي اتي رهيا.

تان جڏه رهيا ڏينه ڪيترا، مدت معدودا،

منجهه ملڪ سَگسَرن ۽ ڀولڙن جي، وٽ امير عبدالله،

اُٿئو شعلو عشق جو، جوش رسئو جانا،

آيس ياد صورت ’بديع الجمال‘ جي موچاري مورا،

تين ڪنا عشق بي آرام ٿئو مثل مجنونا،

روئڻ لڳو رت ورنو محبت مجازاء،

وري رخصت گهريائين عبدالله ڪنا، ته وڃي گلسنانا،

تڏه امير عبدالله سوار ڪئو، شهزادو سَهجا،

مٿي گهوڙي پنهنجي، ڪري زينت زيادا،

پُڻ هڪڙو باندر پَرئو قابل، ساڻن ڪيائين همراهه،

واٽ ڏيکاري سرحد لنگهائي اِنهين کا،

۽ وٺي گهوڙو اسانهجو، اچي موٽي اسان مهندا؛

پوءِ هلئو ٻنهين يارن سين شهزادو صحيا،

۽ هلئو وانَرو ساڻن، ٿي رهبر رفيقا،

پَڻ جي ڪنه وقت هلڻ ڪنا، ٿي ڪاهل ٿئو آسپا،

ته ياندر تنه جي ڪنن ۾، ٿي ورچئو وات وڌا،

تنه ڪري ٿي ڊوڙيو ڊڪئو ميدان ۾ تازي تکايا،

جڏهن لنگهائي سرجد بادشاهه کي ڪيائين روانا،

۽ اُڀي رهيو باندرو، انهيءَ واٽ اُنا،

تين آترئو شهزادو گهوڙي تان، ٿئو پيرين پيادا،

۽ گهوڙو ڪئائين حوالي باندر جي، وٺي تِنه واڳا،

۽ چيائين ته وڃي سلام ڏي تون، کي امير عبدالله،

ته هاڻي پرڻئو آهين تون رب کي، ۽ اسين وڃون ٿا پَرئا،

پوءِ هليو ٻن يارن سن، منجهه سفر شهزادا،

پُڻ نه ٿي سڃاتائون وڻ کي، ته وڃون ٿا ڪيڏانه،

پُڻ ٿي هلئو پيادو پنڌ ۾، سخت رسئو حالا،

پر مبارڪ پهڻ سين، ڦاٽي ڦَچَ ٿئا،

پُڻ آيس ياد دل ۾، يار صاعد تنه ويرا،

تين روئڻ لڳو افسوس ڪري، هاري جر هِنياء،

پر پڻ هلئو وئو ميدان ۾ هاتِڪُ همت سان،

تان وڃي رسئا ڪنه جزيري کي، عجب جهڙي مڪانا،

’لارَنُ‘ نالو تنه جزيري جو لکيو ڪتابا،

”لارن“ جزيري ۾ قدرت جا عجائب تمام گهڻا هئا. اتي جي زمين سون جي ۽ اوٻڙ چاندي جي هئي. اتي صندل جا وڻ تمام گهڻا هئا. ان هنڌ ڪتن جيڏا ماڪوڙا هئا، جي ماڻهوءَ کي کائي ڇڏيندا هئا. سيف الملوڪ به پنهنجي ٻن ساٿين سان اهي عجائب ڏسندو، اڳتي هلندو رهيو.

تان جان اوچتو پکي پيدا ٿئو عظيم منجهه هوا،

ڪنا آواز پکڙانڊين ان جي، ڌٻئو جبل وئا،

پُڻ ڀڳا پکي ٻئا مڙئي، ڪنا تنه جي هيبتا،

۽ پُڻ ڀڳا مِرون سڀ جهنگ جا، شينهن ۽ بگهاڙا،(1)

وڃي داخل ٿئا پنهنجي مڪانن ۾، ويٺا مامُونا،

پُڻ نه هو مطلع واقف تِنه پکي جو سچو شهزادا،

ته ڪا آهي بلا ههڙي، جين ماري مرن کا،

پُڻ اُڀي رهيو اُتهين ڊرڄي ڪنا دهشتا،

رکي پاسو ڪنهين ڪاٺيءَ تي، سندي درختا،

۽ ويٺا يار شهزادي جا پُڻ پکي جي خوفا،

تان آيو پکي اوچتو، اوڏو ان ماڳا،

تين. اچي نظر پيس ٻن يارن تي، سندي شهزادا،

سي وٺي ٻنهي پکڙانڊين ۾ اڏاڻو اتا،

مثل جبل عظيم جي، هلئو منجهه هوا.

اهو پکي اڏامندو وڃي هڪڙي جبل تي لٿو، جتي هڪڙي وڻ ۾ سندس آکيرو هو. پکي، شهزادي جا ٻئي ساٿي پنهنجي ٻچن کي ڏيئي، پاڻ وري شهزادي کي جهلڻ لاءِ اڏاڻو. شهزادو اتي ئي ڊپ ۽ ارمان ۾ ويٺو هو، تان جو وري پکيءَ کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي، وٺي ڀڳو. پکي به لامارو ڏيئي، کڻي آڻي آکيري ۾ ڇڏيس. سيف الملوڪ اتي پنهنجي ساٿين جا عضوا ڏٺا، جي پکيءَ جي ٻچن کائي ڇڏيا هئا، جن مان تازو رت پئي ٽميو. هو اهو لقاء ڏسي خدا تعاليٰ کي ٻاڏائڻ لڳو. پکي اڃان هن کي کائڻ تي هو، ته قدرت سان انهيءَ مهل، هڪڙو نانگ جبل مان پيدا ٿيو، جو وڻ تي چڙهڻ لڳو. پکي، سيف الملوڪ کي ڇڏي نانگ ڏانهن وڌيو. نانگ ڇا ڪيو جو پنهنجو پڇ زمين سان مهٽي، پکيءَ ڏانهن ڇنڊيائين ته هن جون اکيون نڪري ويون ۽ انڌو ٿي زمين تي ڪري پيو. پوءِ نانگ پکيءَ جا ٻچا ماري کاڌا، ۽ جبل ڏانهن موٽڻ تي هو ته شهزادي همت ڪري، تلوار ڪڍي، ڀَر ڪري نانگ کي هنئي، ته هو ٻه اڌ ٿي پيو، ۽ اتي ئي ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويو. ان بعد شهزادي پنهنجي ساٿين جا ٽڙيل پکڙيل عضوا ميڙي، چشمي جي ڪناري تي دفن ڪيا. ساٿين جي مرڻ تي ڏاڍو ڏک ٿيس، پر رب جي رضا تي راضي رهي، يارن جي وڇوڙي ۾ روئندو، افسوس ڪندو اڳتي روانو ٿيو.

تان وڃي داخل ٿئو غربت ۾ هلئو حيرانا،

پُڻ رسيس شعلو عشق جو، وري ويتر اُن ويرا،

تِين ڪنا آتش عشق جي، عاجز ٿئو اهڙا،

جو خواب اکين پاڻ تي ڪيائين حراما،

”ڪل نوم عليٰ المحب حرام“ اي رکيائين دستورا،

پُڻ نه آيس ايذاءُ نظر ۾، ڪَهين جو اصلا،

نه ڪو خوف درندن گزندن جو، نه موت جو مورا،

بلڪ هلئو هلي واٽ ۾ ڪاهي تعجيلا،

پُڻ ڪنا ڊرگهائِي سفر جي ٿئا پير آزردا،

جڏه پير ٿڪا ضعيف ٿئا، سُست سختيءَ سان،

تِين هلئو مونن هٿن سين، ٿئو رَهه ۾ روانا،

تان چوٿون وره پڻ گذرئو، هلندي واٽ مَٿا،

تان جان ڏٺائين هلندي ان واٽ ۾، ڪو قلعو وڏو ڪوٽا،

تڏه هلئو طرف تنه ڪوٽ جي، سگهو شتابا،

پُڻ نه ڪو ڏٺائين اُن ايام ۾ ڪو ميوو درخنا،

هئي زمين خشڪ گهڻو، سُڪي سُڃ مثلا،

تِين ڪنا عاجزي بک جي، ٿئا هڏ ماندا،

تَڏه کاڌائين پاڙون وڻن جون ۽ پنڙا تنهين سندا،

اُڃڻو بکيو اندوه ۾ هليو حيرانا،

حيران دل، پريشان دل، اندر اداسا،

سينو بِريان، چسم گريان، روندو راه مَٿا،

قدم در قدم دسيدم هلئو همت سا.

تان جان رسئو ڏينه هيڪڙي، درخت انجيرا،

جو وڻ اُڀو هو ميون ڀرئو، بلند گهڻو بالا،

۽ پُڻ هيون نهرون مٺي پاڻيءَ جون، ٿي رهيون وڻ هيٺا،

کائي ميوا تنه وڻ جا ۽ پيتائين پاڻيءَ کا،

پُڻ ويهي تنه وڻ هيٺ ڪيائين آراما.

پُڻ نظر ٻڌي تنه ڪوٽ سين، هو ويٺو هوشيارا،

پوءِ هليو وري شتاب اچي ٿئو ڪوٽ کي اوڏا،

هو اَڏئو مٿي چوٽيءَ جبل جي، سو قلعو ڪَيوانا،

پوءِ چڙهئو تهين جبل اتي، اونچٻي عُلؤا،

ستين ڏينه وڃي جل جي ڪوٽ تي رسئا،

۽ قصد ڪيائين منجهه پهڻ جو، داخل دروازا.

ان ڪوٽ جو دروارو مڇيءَ جي ڏندن مان ٺهيل هو. ڪوٽ جي ٻاهران محل، ماڙيون ۽ بازاريون سڀ سينگاريل ڏسڻ ۾ آيس. دڪانن تي قسمين قسمين موتي موجود هئا. مشڪ ۽ عنبر جي خوشبوءِ سان دماغ تَر ٿي ويس، پر اتي ڪو ماڻهو يا جانور نظر نه آيس.

تين حيران ٿئو دل ۾ ڀلو ڀلارا،

ته اچي پيس ڪهڙي مڪان ۾، جت ڪونهي مخلوقا،

پُڻ هو رکئو حاضر ڪئو طعام ۽ شرابا،

سو کائي پي خوش ٿئو، ڪري شڪرانا،

پوءِ ڪري توڪل الله جو، اُٿيو صحي اُتا،

اچي ڏٺائين تماشو ڪوٽ جو ڦري چوڌارا،

تان ڏٺائين دروازو هيڪڙو، تِنه کي منجهارا،

جان داخل ٿئو درٻار ۾، تان ڏٺائين تخنا.

اهو تخت عود مان ٺهيل هو، جنهن جا پايا سون جا هئا ۽ سڄو هيرن، لعلن ۽ ياقوتن سان جڙيل هو. ديوارون به عجب جنسار سان چِٽيل هيون. اتي قسمين قسمين پکي پڃرن ۾ ٽنگيل هئا. جن مٺي آواز سان ٻوليون پئي ڪيون. اتان وري هڪڙو دروازو ٺهيل هو، جنهن کي جادوءَ جو ڪلف چڙهيل هو. اتي جادو جو هڪڙو شينهن ويٺل هو، جنهن شهزادي کي ويجهو ايندي ڏسي، پنهنجو وات ڦاڙيو.

تڏهن ترار هنئي شهزادي تنه کي، تپي تيز منجها،

 جين ٻه ٽڪر ٿي زمين تي شينهن ڪرئو في الحالا،

پُڻ لٿو قفل، در اُپٽئو ۽ ٿيو ڪشادا،

۽ داخل ٿئو تنه محل ۾ ڀلو ڀلايا،

تان تخت ڏٺائين سونَ جو مرصع موتين ئا،

۽ هئا جڙيا پايا تنه تخت جا، ساڻ موتين ياقوتا،

پُڻ دختر بني آد مزاد هيڪڙي صاحب جمالا،

سونهڻي سڀني پَرين ۽ زينت زيادا،

آهي سُتي تنه تخت تي، ڊرگهي درازا،

مثل چوڏهين چنڊ جي هُئي حسينا،

تڏه اوڏو اچي تنه نينگر کي سچو شهزادا،

جان هڪل هنيائين زور، جاڳايائين ڪري فريادا.

انهيءَ نازنين تي جادوءَ جو اثر ٿيل هو، تنهنڪري شهزادي کي ڪو به جواب نه ڏنائين. تڏهن هن حيران ٿي کيس اٿاري ويهارڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر نينگري بيخبريءَ جي حالت ۾ رهي. ان تي شهزادو وڌيڪ حيران ٿيو، ۽ محلات ۾ هيڏانهن هوڏانهن جهوتون ڏيڻ لڳو. اوچتو ان نينگريءَ جي سيرانديءَ کان هڪ پٽي رکيل ڏسڻ ۾ آيس. ان تي لکيل هدايت موجب پٽيءَ جي هڪ ميخ کي ڦيرايائين.

تڏه اٿي خبردار ٿي، وري ويٺي تنه ويرا،

چيو شهزادي ادب سين، ڪيڻس سلاما،

وعليڪ السلام وارئو شهزاديءَ تهين وير، چياين مرحبا،

اي جوان تون ڪير آهين، جو آئين هن محلا،

هت اچڻ پکي جانور جو، پُڻ مورا مشڪل آهه،

تون آد مزاد هن مڪان ۾ آئين ڪنه طرحا.

چئو تون حقيقت پانهجي سڻائي سڀڪا،

تان چيو شهزادي تنه کي، آءٌ سيلاني مردا،

۽ آهي قصو دور دراز منهنجو وڏو وڏايا،

اڄ ڏهه وَره وهيا گذري، جين ٿيس غريبا،

وطن ڇڏي پانهجو، ٿيس مسافر مُورا،

پُڻ گهڻا خشڪي بحرا جا ڏٺم تماشا،

عجب عجائب ڪيترا مشاهدا مورا،

پر نه ڏٺم تماشو عجب ڪو مثل هن محلا.

تِين حيران ٿي سا نينگري، ڪري تعجب توڙا،

تان پُڻ چيو شهزادي تنه کي، ڦِري ٻيهارا،

اي ڀيڻ منهنجي، حقيقت تون سگهي صحي سڻاءِ،

تون ئي ڪرين گذر ان طرح ڪهڙو، منجهه هن مڪانا.

تنهن تي هن عورت ٻڌايو ته: آءٌ سرانديپ جي بادشاهه جي ڌيءَ آهيان. هڪ ڏينهن آءٌ پنهنجي ماءَ سان گڏجي باغ ۾ گهمڻ ويس. باغ ۾ پاڻيءَ جو تلاءُ هو. آءٌ وهنجڻ جي خيال سان تلاءَ ۾ اڃان گهڙيس ئي مس ته اوچتو سخت طوفان لڳو، ۽ قدرت سان هڪڙو پکي پيدا ٿيو، جو مونکي چنبن ۾ کڻي اڏاڻو ۽ اچي هن ماڙيءَ تي ڇڏيائين. پوءِ پاڻ پکي مان صورت مٽائي، انسان ٿي، تخت تي چڙهي ويٺو. هزارين پريون سندس خذمت ۾ اچي حاضر ٿيون. اهو شخص پرين جي بادشاهه جو پٽ هو، جو مون تي ڪيتري وقت کان عاشق هو. ان ڏينهن وجهه لڳس، سو مونکي کڻي آيو. ان بعد مون سان شادي ڪرڻ لاءِ چيائين، پر مون کيس جواب ڏيئي ڇڏيو. تڏهن ڪاوڙجي مونکي هن حالت ۾ ڇڏي ويو آهي. انهيءَ حالت ۾ سڄا سارا ڏهه ورهيه گذري ويا اٿم.

تِين رُنو تنھ جو احوال سڻي، سيف الملوڪ.

وري چيائين سيف الملوڪ کي، اي ڀائي برادر ڀاءُ!

تون پڻ ڪو قصو مذڪور ڪر، مون سين مٿائين مورا،

تان چيو شهزادي تنھ کي، اُو قصو گهڻيرو آهه،

بيان ڪندي جنھ کي، لڳن ڏينھ جهجها،

نه تمام ٿيندو ماڳهين منهنجو مذڪورا،

متان اچي ديُو ان وقت ۾، اوچتو پاڻ اُتا،

پُڻ ڏسي وٺي مونکي تو وٽ، آڻي غيرتا،

پوءِ ڪري هلاڪ توکي ۽ ماري مُنهين کا.

تان چيو نينگريءَ امير کي ته اچڻ تنه ويرا،

سو آهي هن مڪان ۾ پنجين ڏينھ جي پُئاءُ،

پڄاڻا پنجن ڏينهن جي سو ايندو ابليسا،

تڏه ڪئو قصو شهزادي تنھ سين توڙئون تفصيلا،

جيڪا گذري واٽ ۾، ڪر آغاز سندو عشقا،

سڀ شروع ڪري تفسير سين ڪئائين تماما.

هن عورت جڏهن سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال جي عشق ۽ صاعد وزيرزادي جي جدائيءَ جو حال ٻڌو، تڏهن اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي آيس، ۽ سيف الملوڪ کي چيائين ته: شهزادا! آفرين آهي توکي، جو عشق جي راهه ۾ ايڏا ڪشالا ڪڍيا اٿئي... پر هاڻي دلگير نه ٿيءُ، ڇو ته بديع الجمال جي ملڪ کي اچي ويجهو ٿيو آهين. تنهن کان سواءِ بديع الجمال کي آءٌ چڱيءَ طرح سڃاڻان ٿي. ويچارو سيف الملوڪ پنهنجي محبوب جو نالو ٻڌي، بي اختيار سجدي ۾ ڪري پيو، ۽ ڌڻي پاڪ جا شڪرانا ادا ڪيائين، جنهن هن وقت تائين کيس مصيبتن کان پناهه ۾ رکيو هو. شهزادي پوءِ هن عورت کي منٿ ڪئي ته ’مونکي بديع الجمال جا پار پتا ٻڌاءِ.‘

تين چيائين اي ڀاءُ منهنجا، عاشق سچارا،

اسين ٻه ڀينرون آهيون، هيڪڙو آهي ڀاءُ،

۽ آهي پِيو اسان جو منجهه سرانديپ سلطانا،

پر حقيقت جا بديع الجمال جي، سا آهي انهي ترتيبا:

جو جڏه وڏي ڀيڻ منهنجي، ڄائي منهنجيءَ ماء،

تڏه حڪم ڪيائين داين کي ۽ پڻ غلامين کا،

ته وٺي کوڙئو طنبو باغ ۾ خاصوئي خيما،

تِن وڃي طنبو کوڙئو ترتيب جو منجهه تنھ بستانا،

پوءِ ڄائو منهنجيءَ ڀيڻ کي تنھ منجهه منهنجيءَ ماء،

۽ ست ڏينھ ان باغ ۾ هئا هيڪاندا،

ٿي ڪيائون تماشا ڪيترا خوبيون خوشنودا،

تان جڏه ست ڏينھ گذرئا مُدت مديدا؛

تين ويٺي هئي ماءُ منهنجي هيٺ ڪنه درختا،

تان جان حڪم سين الله جي، جو قادر قدرتا،

آئي پري هيڪڙي سُونهڻي صورتا،

لباس پاڪيزو مٿس صاحب جمالا،

ويٺي منهنجيءَ ماءُ اڳيان اچي ان ويرا،

پُڻ سلام ڏنائين منهنجي ماءُ کي منجها محبتا،

تين ڊر ڄڻ لڳي ماءُ منهنجي، پسي پريءَ جي شڪلا،

تان چيائين ته ڊرڄ تون ڪيم ڪي، مَ ڪر ڪو خطرا،

آءٌ آهيان عورت بادشاهه جي، جو سندو پَرين آه،

نالو ’شاهپال‘ تنھ جو، پُٽر ’شاه رخ‘ پانشاهه،

آهي گلستان ارم ۾ تِنھ جي سلطنتا،

آءٌ آيس واسطي سير جي، ڪارڻ تماشا،

مون ڪوٺي ڀيڻ پنهنجي تو، اڄوڪي ڏينها،

هاڻي ٿئا حق تنهنجا مون تي لازم لُزوما،

پڻ ست ڏينھ هونديس هن باغ ۾ حاضر تو وٽا،

آهي مونکي اثر بوءِ آدميءَ جو، رسئو ڪنه ويرا،

هاڻي هيءَ ڄائي ڌِيڙي تو آهي عاجزا،

سا ڪر حوالي منهنجي، ڏي مونکي هن وقتا،

ته کير پياريان تنه کي منجهان پنهنجي ٿڻن ئا،

تڏهه ماءُ منهنجي ڄائي هئي، ڀيڻ منهنجي جا،

سا کڻي ڏنائين تنه پريءَ کي، ۽ رکيائين تنه رضا،

تڏه چميون ڏنيون منهنجي ڀيڻ کي تنه پري پيار منجها،

وري کير پياريائينس پنهنجو ٿِئي خوشحالا،

تڏه وري چيو تنه پريءَ کي موٽي منهنجي ماءُ،

اي ڀيڻ! جي هوءِ همراه تو سين فرزند في الحالا،

تڏه کڻي ڏنائين هٿ منهنجي مان منجها محبتا،

ته آءٌ پيارينديس کير تنھ کي پنهنجو ڪري وياء،

تڏهن حڪم ڪيائين پرين کي، جي هيون وٽس همراه،

سي وٺي آيون تنه ساعت ۾، پينگهو في الحالا،

جو مُرصع هو موتين ۽ سون سين جَڙئو جنسارا،

لعلُن زمرد فيروزن سين، هو چِٽرئو چوطرفا،

لوڏي تنھ درخت مٿان وڌائون زمينا،

هئي ڌيڙي تنھ پينگهي ۾، صورت حسينا،

پاڪيزي پروش آڳري زينت زيادا،

نالو بديع الجمال تنھ جو، ۽ ڌيءَ شاهيال ملڪا،

پُڻ ڪيترا هزار پرين جا هئا اُڀا ان مهندا،

هٿ ٻڌي حضور ۾ تنھ پينگهي کي اڳيا،

سا ڏنائين منهنجيءَ ماءُ کي ڪري محبتا،

تڏه وٺي ماءُ منهنجي تنھ کي چمئو چاه منجها،

۽ کير پياريائين تنھ کي پنهنجي بُبَن ئا،

تنھ کي وَرهه گهڻائي گذرئا، مُدت مديدا،

هاڻ وڏي ٿي حسن ۾ وتري، سا پري پاڪيزا،

بديع الجمال نالو تنھ جو شان وڏي شرفا،

پڻ نه آهي برابر تنه جي حسن سين ڪامورهين منجهه ملڪا،

نه ڪين جنن انسانن ۾، نه ديون پرين ئا،

نه آهي مشابهت مثل صورت تنه جي ٻي صورت ڪا،

آهي حسن سندس حيرت جهڙو، جلوو جمالا،

پڻ اچي سڀڪنھ مهيني ۾ مهندا منهنجيءَ ماءَ،

پوءِ گهر رهي ست ڏينھ اسانجهي سين عزت اڪراما،

پڄاڻا ستين ڏينهن جي وڃي پنهنجيءَ ولاتا،

پڻ جا ڀيڻ منهنجي آهي وڏي مون ڪنا،

جنه گڏ پيتو هو کير تنه سين منجهه ننڍپڻ عمرا،

ڪڏهين وٺي وڃي تنھ کي گلستان ارما،

ڪري خدمتون موچاريون تنھ جون، پوءِ ڪري رخصتا،

اي سيف الملوڪ سردار صادق سچا ڀائي برادر ڀاء،

آءٌ ڪوه ڪريان تدبير ڪهڙي، جين آهيان اسيرا،

پر جي هئي قيد ڪنا مونکي خلاصي ڪا،

ته البت ڏيکاريم توکي، سا پري پاڪيزا.

ملڪان جي واتان سمورو احوال ٻڌي سيف الملوڪ حيرت ۾ پئجي ويو. پوءِ هن کي چيائين ته: ڀيڻ! ارمان نه ڪر، اميد آهي ته جلد ئي مرد ود ديوَ کي ماري، توکي هتان آزاد ڪرائيندس، ۽ هلي پنهنجي وڇڙيل عزيزن سان ملنداسين. تڏهن ملڪه جواب ڏنس ته: شهزادا! افسوس ئي ان ڳالهه جو اٿم، ته ديوَ کي پاڻ ماري ڪين سگهنداسين. ڇو ته ديو جي عمر ست سو ورهيه آهي، ۽ سندس ساه هڪڙي ڪبوتر ۾ آهي، جيڪو وري هڪڙي پڃري سميت سمنڊ ۾ پيل آهي، ان پڃري کي فقط اهو ڀڃي سگهندو، جنهن وٽ حضرت سليمان جي منڊي هوندي. اتي سيف الملوڪ اها منڊي ڏيکاريس، جا پيءُ کان تحفي ۾ ملي هيس، ۽ سفر ۾ ساڻس گڏ هئي. پوءِ ته ٻئي ڄڻا ڌڻي پاڪ جا شڪرانا ادا ڪري، اسفند يار ٻيٽ ڏانهن روانا ٿيا، جو وچ سمنڊ ۾ هو، ۽ ديو جو پڃرو به اتي ئي رکيل هو.

اچي منڊي ڏيکاريائون بحر کي، ڪيائون معائنا،

تان برڪت حضرت سليمان ابن دائود جي، جو نبي نور هدا،

نڪري تابوت درياء منجها اچي ٿئو اوڏا،

تڏه ڪڍي ٻهر تابوت کي شهزادي شوقا،

لاهي قفل مٿان تنه جي ڪڍيائين ڪبوتر کا،

جو ويٺو هو اُن تابوت ۾ پکي پرندا،

تنه ڪيو قصد اُڏامڻ جو پکي پروازا،

تان محڪم جهلي هٿ سين، سِسيءَ ڪبوترا،

ماري موڙي مٿو تنه جو ڪيائين جدا،

تان پيدا ٿئو اُن ساعت ۾ اچي غبار اَڀن ئا،

ڌوڙ اُڏاڻي، گوڙ ٿئو، مٿهُون منجهه هوا،

پُڻ وٺو مينه رت جو، پئا ڇنڊا زمينا،

۽ مثل مٿي ڪبوتر جي، جدا جسم ڪنا،

ڪِري پئو مٿو ديوَ جو، جين ڌرتيءَ ڪيو ڌڪا،

مثل چوٽي جبل جي، پئو پَٽ مٿا،

پُڻ ڇڻيو جسم ديوَ جو، جو هئو مرد ودا،

مهندا پيرن شهزادي جي، مثل وڏي جبلا،

پوءِ جهلي ملڪه تنه کي ۽ پڻ شهزادا،

گِيهري وڌائونس درياء ۾، ڪيائون پُرتابا،

پُڻ ڪيائون شڪرانو رب جو، جو قادر ڪريما.

ديوَ کي ماري گاهه ۽ ڪاٺين مان ترهو ٺاهيائون، ۽ پوءِ اُن ۾ مٺو پاڻي ۽ کاڌي لاءِ ميوا رکي، کڻي سمنڊ ۾ هاڪارائون. قدرت سان ٽئين ڏينهن طوفن اچي لڳو، جنهنڪري ترهو وڃي هڪڙي ڪُن ۾ ڦاٿو، جنهن ۾ جنڊ وانگر ڦرندا رهيا. آخرڪار چاليهين ڏينهن سڻائو واءُ لڳو، جنهنڪري ڪُن مان نڪري، ترهو تمام تکو هلڻ لڳو. اهڙيءَ طرح ڏکن بُکن جون تڪليفون سهندا، ڪشالا ڪڍندا، دريائي جانورن سان وڙهندا، نيٺ هڪڙي ڏينهن اچي ”واسط ٻيٽ“ ۾ پهتا. شهزادو ۽ ملڪه اُن پيٽ تي مهينو رهي، سفر جو ٿَڪ لاٿو. هڪڙي ڏينهن شهزادي کي اُتي جي رهاڪن مان خبر پئي ته واسط ٻيٽ، سرانديپ جي بادشاهه جو ڏاني آهي. شهزادي جڏهن ملڪه کي اها خوشخبري ٻڌائي، تڏهن هن خوش ٿي چيس ته: شهزادا! پاڻ هاڻي ڏکن کان اچي آزاد ٿيا آهيون، ڇاڪاڻ ته هن ٻيٽ جو حاڪم تاج الملوڪ آهي، جو منهنجو سڳو چاچو ٿئي. اُن جي مون سان تمام گهڻي پريت آهي، تنهنڪري تون اُن کي وڃي منهنجي خبر ٻڌاءِ! پوءِ سيف الملوڪ وڻن جي چڱيءَ طرح اوٽ ٺاهي، ان ۾ ملڪه کي ويهاري، تاج الملوڪ ڏانهن روانو ٿيو.

تان اتفاق ٿئو ان ڏينه، سين قادر جي قضا،

هئو تاج الملوڪ نِکڙئو ڪارڻ شڪارا،

جڏه سُئو هُنگارو گهوڙي جو سيف الملوڪا،

ته اُڀي رهيو واٽ اُتي، ٿِي منتظر مورا،

پُڻ شڪار ڪري موٽئو، وريو بادشاها،

پوءِ اچي ويٺو ڪنه مڪان ۾ وڇائي مسندا،

سڀ لشڪر لنگهي ادب سين آيو مَلڪ کي مهندا،

تعظيم تڪريم سڀ آندائين صحي بجاء،

پُڻ ٿي پڙهيائين هن تسبيح کي ظاهر زبان منجها،

”سبحان ذي الفرد والعظه والقدره والڪبرياء

والجبروت سبوح قدوس رب الملئڪه والروح“

جڏهن ڏٺو سيف الملوڪ کي مهندا بادشاهه،

تين اکيون ڀريائين آب سين ڏسي سنديس طرحا،

ظاهر پڇيائين مٺيءَ زبان سين ته اي جوانا!

تون ڏسجين غريب اشراف ٿو، آهين ڪير شخصا؟

تڏهن سيف الملوڪ پنهنجي سورن جو داستان هن کي ٻڌايو. وري تاج الملوڪ کانئس پڇيو ته: اي شهزادا! توکي هيتري مدت گهمندي گذري آهي، منهنجي ڀائٽي ملڪه کي ڪٿي ڏٺو هجئي ته ٻڌاءِ، ڇاڪاڻ ته اها ڪيترن ورهين کان گم آهي. تنهن تي سيف الملوڪ، ملڪه سان ملڻ، ديو کي مارڻ ۽ کيس گڏ وٺي اچڻ جو قصو ڪري ٻڌايس. تاج الملوڪ اها خوشخبري ٻڌي، اگهاڙين پيرين ڊوڙندو اچي ملڪه سان مليو. پوءِ هنن کي وٺي آڻي محلات ۾ ويهاريائين. انهيءَ خوشيءَ ۾ خزاني جا در کلي ويا. ملڪه جي ملڻ جي خبر پهچائڻ لاءِ يڪدم سرانديپ ڏانهن قاصد روانا ٿيا، ملڪه جي واتان سيف الملوڪ جي اشرافت ۽ بهادريءَ جي تعريف ٻڌي تاج الملوڪ کيس پنهنجو پٽ ڪري سڏيو.

ملڪه جي موٽي اچڻ جي خبر جڏهن سرانديپ پهتي، تڏهن اُتان ملڪه جا ٻه ڀائر، فخر الملوڪ ۽ زيب الملوڪ پنهنجيءَ ڀيڻ کي وٺڻ لاءِ واسط ۾ آيا. اهي به سيف الملوڪ جي حسن ۽ شرافت کي ڏسي سندس دوست ٿي ويا. هڪڙي ڏينهن ماني کائيندي سيف الملوڪ، بديع الجمال کي ياد ڪري ڳوڙها ڳاڙڻ لڳو. تڏهن ٻنهي ڀائرن کيس دلداري ڏني. آخرڪار سهي سنڀري ملڪ کي ساڻ وٺي سرانديپ روانا ٿيا. ملڪ پنهنجي پيءُ ماءُ سان ملي، ۽ کين سيف الملوڪ جي حال کان واقف ڪيائين. اڃان بديع الجمال جي وٽن اچڻ ۾ هفتو کن دير هئي، تنهنڪري شهزادو اتي شڪار وغيره سان دل وندرائڻ لڳو.

تان جان هلئا سير شڪار تي هيڪڙي ڏينها،

سڀ چڙهيا هئا گهوڙن تي سوار سلطانا،

پڻ ٻئي پُٽڙا هئا بادشاهه جا ۽ سيف الملوڪ،

۽ پاڻ پڻ سوار هو سرنديپ سلطانا،

جڏه اچي رسئا بازار ۾ سندي ئي شهرا،

ته مٿي دڪان بٺاري جي ڏٺائون جوانا،

۽ آهي پريشان حال سندسي مثل مجنونا،

گڏئو گوندر افسوس ۾ ۽ هيين حيرانا،

۽ هو بيٺو مهدا بٺاري جي، ٿي ڪيائين سوالا،

پرڏيهي پشيمان ٿِي ڪيائين مانيءَ جي طلبا،

جڏه نظر پئي جوان اُتي، سندي شهزادا،

ته ٿورو سڃاتائين ڪيڻَسِي، ڪر آهي آشنا،

وري چوڪس نهاريائين، نظر ڪيائين چيتاري چيتا،

ته سڃاتائين صورت سنديسي ته ڪر صاعد آهه،

تڏه اکيون ڀري آب سين چيائين غلامن کا،

ته وٺي وڃو هن جوان کي پنهنجي مڪانا،

محفوظ رکجو ڪيڻسِي جانسين وران شڪارا،

تڏه ڊوڙئا غلام شهزادي جا منجها هيبتا،

اچي وٺتائون صاعد کي ڏاڍائيءَ منجها،

۽ وٺي وهيا ان کي منجهه مڪان شهزادا،

جڏه موٽي آيو شڪار ڪنا سيف الملوڪا،

ته پڇيائين ڦري غلامن کان ته ڪٿي اُو شخصا؟

غلام يڪدم صاعد کي شهزادي وٽ وٺي آيا. صاعد هن کي ڪونه سڃاتو. تڏهن شهزادي جي پڇڻ تي پنهنجي وڇوڙجڻ ۽ ڏکن ڏاکڙن جو بيان ڪري ٻڌايائين. شهزادو هن جي واتان دردن جو داستان ٻڌي بيهوش ٿي ويو. غلامن جڏهن اها حالت ڏٺي، تڏهن صاعد کي جادوگر سمجهي سختيون ڏئي ڀڄائي ڪڍيائون. شهزادي هوش ۾ اچڻ بعد صاعد جي پڇا ڪئي. حقيقت معلوم ڪري غلامن کي سخت سزا ڏنائين ۽ صاعد جي وري ڳولا ڪرايائين ۽ اعلان ڪيائين ته جيڪو ماڻهو صاعد کي ڳولي ايندو، ان کي هزار دينار انعام ڏيو.

تِين اُٿيا ماڻهو لشڪر جا، نهاريائون نظرا،

ڪيائون جستجو گهڻي تنه جي منجهه سڀڪنه مڪانا،

تان پڻ نه ڏٺو ڪنه صاعد جو ڪٿهين اُهڃاڻا،

تڏه اٿئو پاڻ مسند تان سچو شهزادا،

۽ ڦرئو تنهين مجلس ۾ پيرين اگهاڙا،

راوي روايت ڪئي هن پر حڪايتا،

ته ويٺو هو ڪنه گوشي ۾ صاعد صحيا،

پُڻ ٿي سُئائين ڳالهيون سڀن جون تڪلم ڪلاما،

ته ٿا ڪرين مذڪور منهنجو ۽ نهارين مون کان،

متان وٺي مارين مونکي، ڪر ڪنم هلاڪا،

تان اوچتا ان حال ۾ آيا ٻه شخصا،

تن اچي اُتان صاعد کي ڪوٺي سي آيا،

۽ پڻ اچي ڏنائون منجهه حضور سيف الملوڪ کي

منجها گهڻي مجنا،

تِين چيو شهزادي تِنه کي، اي صاعد منهنجا ڀاءُ!

ته آءٌ آهيان سيف الملوڪ، اُهوئي تنهنجو رفيقا.

تان صاعد نه مڃي ايءَ ڳالهڙي، چئي آهي خِلافا،

اي بادشاهه! سردار مُلڪ جا، سچا شهزادا،

ته ڪيئن هوندو سيف الملوڪ حيات سو جو منهنجو محبوبا،

پڻ ڪيئن اکين سين پسندس آءٌ سو منهنجو معشوقا،

موليٰ ملائي سو مونکي، قادر سين ڪرما،

تڏه شهزادي چيو تنه کي ۽ ڏنو اُهڃاڻا،

ڪنا وصال بديع الجمال ۽ اَول عشق ڪنا،

ته ٿي تسلي صاعد کي سڻي نشاني سا،

پُڻ گهڻو نهاري نظر ڪري سڃاتائين صحيا،

پُڻ اٿي گڏئا پاڻ ۾ ٻئي رفيق سچا.

سي ملئا هيڪَ ٻئن کي، جي مُدت وڇوڙئا،

”فاذڪروني اَذڪر ڪم“ ڪئا موليٰ ڪم پورا،

تين زار زار رفائون رت واهيائون پنهنجي فراقا،

پڻ دعا گهريائون، شڪر مڃيائون، مٿي ملاقاتا.

صاعد جي اچڻ جي خبر جڏهن ملڪان کي پئي، تڏهن پاڻ پيءُ ماءُ سان گڏجي شهزادي وٽ آئي؛ جي پڻ صاعد سان ملي ڏاڍا خوش ٿيا. ان بعد صاعد وهنجي سهنجي نوان ڪپڙا ڍڪيا، ۽ پوءِ ڪجهه ڏينهن آرام ڪري سفر جون تڪليفون لاٿائين. سرنديپ جي بادشاهه به صاعد کي ڪيتريون سوکڙيون ڏنيون. صاعد جڏهن ٻه چار ڏينهن آرام ڪيو، تڏهن هڪڙيءَ رات شهزادي کانئس سفر جو احوال پڇيو. جو هن عام درٻار ۾، اميرن وزيرن آڏو سربستو هن طرح بيان ڪيو:

بسم الله الرحمٰن الرحيم

راوي روايت ڪئي ڪنا ڪتابا،

ته صاعد بيان ڪيو قصو پنهنجو منجهه حضور شهزادا،

ته اي سردار سرور منهنجا بزرگ بادشاهه،

جنه ڏينه ڪشتي منهنجي ٿي جدا آن ڪنا،

تين رسي تَري منجهه بحر جي طوفان جي سبا،

پُڻ واءُ لڳو وڏاندرو سخت سِٽراڻا،

سو چاليهه ڏينه طوفان هو ڏاڍو ڏاڍايا،

تان جان لڳو واءُ موافق ڪو موجب حڪم خدا،

تنه نيئي ٻيڙي منهنجي وري ڪنه طرفا،

تان ساڪت ٿئو واءُ، اُڀو هيڪڙي ڏينها،

۽ رسي ڪشتي منهنجي هيڪڙي جزيري کا،

تين مون ڪئو شڪرانو رب جو مٿي سلامتي صحيا،

۽ نه هو تنه جزيري ۾ ڪو ميوو موجودا،

جو ٿي قوت منهنجو وڃي، ڪارڻ گذرانا،

مگر هئو تنه مڪان ۾ سَجَنَه ساهيو لاءِ،

اُو پڻ آهي قسم ميوي جو لذت منجهس نه ڪا،

پوءِ ڪنا گهڻائي بک جي کاڌم تنه منجها،

پُڻ حيران ٿئس سبب بک جي اَپر اتان کاءِ،

نه هيم قدرت ڪا هلڻ جي طاقت تماما،

پُڻ هئا تنه جزيري ۾ نانگ نسورا،

۽ مون پڻ خوف تِن جو هئو هميشاه،

۽ نه ڪيم ننڊ ڪڏه تنه دهشت جي سببا،

پوءِ ڀڳس ان مڪان ڪنا پسي بلائن کا،

پڻ ڪين قدر رکيم سَجنه جو ڪارڻ فُوتا،

سو کڻي وڌم ٻيڙيءَ ۾، ۽ ٿئس سوارا.

پوءِ ٻيڙيءَ کي هاڪاري سمنڊ ۾ ڪاهي پيس. ان بحر تي لکين قسمن جون عجيب بلائون هيون. هڪڙيءَ مڇيءَ تي قدرت جي طرفان واري واري سان ٽي ڀائر سوار ٿيندا هئا. انهن مان ننڍو ڀاءُ، جو مڇيءَ جي پڇ تي سوار هو، تنهن منهنجي ٻيڙيءَ کي تکو هلائي هڪڙي ٻيٽ تي آڻي ڇڏيو. ڇهه مهينا ان ٻيٽ تي رهي، وري ٻيڙي هاڪاريم. ٻارهين مهيني بعد ٻئي ڪنهن ٻيٽ جي ويجهوئي طوفان ۾ ٻيڙي ڀڄي پيم. هڪڙي تختي جي وسيلي لڙهندو ٻيٽ تي آيس. اتي وري هڪڙي جهنگلي قوم جي ور چڙهيس، جن جو منهن سوئر جهڙو ۽ ڳالهائڻ ماڻهن جهڙو هو. اهي مونکي پنهنجي سردار ڏانهن وٺي پئي ويا، ته واٽ تي کانئن جند ڇڏائي ڀڄي نڪتس. اڳيان وري شيدين وٽ گرفتار ٿيس. اهي به مونکي پنهنجي سردار ڏانهن وٺي هلڻ لاءِ ٻيڙي ۾ چڙهيا.

چاليهه نوڪر شيدين جا مون سين هئا همراه،

تان پڻ ڏينه هيڪڙي ٿي قادر جي قضا،

باد مخالف اُٿئو ۽ دهشت ڪئي درياء،

۽ نه هو بادبان ٻيڙيءَ کي، ٿي هلي خالي سا،

تنهنڪري مترد ٿيا افسوس ۾ سي شيدي شريرا،

تان لڳيون لهريون وڏيون گهڻيون سين حڪم حڪيما،

سي کني هليون ٻيڙيءَ کي ڪاهي ڪُواٽا،

واٽ وڃائي پنهنجي ڀؤ ۾ سڀ ڀُلا،

اچي پُياسون بحر عمان جي سرحد ۾ صحيا،

پُڻ گهڻو جُهد پِٽيائون، سعيو ڪيائون ڦيرڻ ڪشتيءَ لاءِ،

تان پڻ نه ڦِري ڪشتي تن جي وري ٻئي طرفا،

۽ آئي اوڏ ڙي عمان جي ڪنڌيءَ ڪنارا،

جڏه ماڙهوئن تنه ولات جي ڏٺو زنگين کا،

ته اُٿي سڀ تيار ٿئا، ڊڙئا جاءِ بجاءِ،

۽ وٺتائون ٻيڙي زنگين جي ڪري اَسيرا،

۽ ماري سڀن زنگين کي ڪنائون قتلا،

جيئن هئي زنگين سين عمانين جي عداوتا،

هئا کِيندا زندگي عمانين کي جان هلي جيرا،

تڏه آءٌ هلي ويس سعيي سين تن عمانين اڳيا،

ڪئوم قصو پانهنجو مٿان ٿي مورا،

تڏه آين رحم مون مٿي ۽ ٿئا مشفق مهربانا،

۽ آءٌ رهيس تن وٽ ڪي ڏينه ڪيترا،

پُڻ ڪنا فراق تنهنجي هوش حيرانا؛

شب و روز ان افسوس ۾ اَپر اَندوها،

پڻ هلئس تنه مڪان ۾ ڪنا ڪارڻ تو طلبا،

پڻ رسيس هزار محنتن کي ڏسي گهڻا ڏکڙا،

پڄاڻا تيرهن ورهن جي منجهه تنهنجي ملاقاتا،

پڻ هاڻي وَهيا سڀ ڏک منهنجا، تنهنجي ڏسڻ سا،

۽ رنج مڙئي رحمت سين مبدل ڪئا موليٰ،

آهي شڪرانو حمد رب کي پڻ سڀڪا ساراها،

جنه ملايو محبوب سين مونکي مدت پڄاڻا.

صاعد سي سورن جو داستان ٻڌي سڀني اميرن وزيرن، سرانديپ جي بادشاهه ۽ شهزادي سيف الملوڪ، هن جي جوانمرديءَ تي آفرين چئي. پوءِ وري شهزادي پنهنجي سفر جو سربستو احوال صاعد ۽ ٻين درٻارين کي ٻڌايو. ان بعد ٻئي دوست محلات ۾ موٽيا ته ملڪه خوشخبري ٻڌاين ته: بديع الجمال ٽن ڏينهن بعد هتي ايندي. شهزادو انهيءَ خبر کان تمام گهڻو خوش ٿيو.

تان جڏه ٽري ڏينه گذرئا مُدت مشهورا،

تڏه آئي بديع الجمال سرنديپ ۾، ڪارڻ گڏ جن لاءِ،

جا مادر ملڪه جي، عورت سرنديپ سلطانا،

مٿي وعدي پنهنجي، آئي مهيني پڄاڻا،

وٺي ست سو پاڻ سين پرين جا همراه،

اچي بديع الجمال داخل ٿي، سَند هن دروازا،

تين سڃاتائين پريندهين ملڪه کي، ته ڀيڻ منهنجي آه،

وجهي ڀاڪر گڏجي تنھ کي رنائين رحمتا،

۽ چيو بديع الجمال ملڪه کي، مشفق مون ڀيڻا،

تون هئين هيتري مدت ويئي ڪنه طرفا،

۽ اسين هئاسون تنهنجي فراق ۾ حيران هميشاه،

پڻ نه هئي خبر تنهنجي اسان کي، مُورهين مطلقا.

تڏهن ملڪه هن کي پنهنجي قيد ٿيڻ واري حقيقت ٻڌائي. ان تي بديع الجمال افسوس ڪندي چيو ته: اسان کي ته اسفنديار ٻيٽ جي خبر ڪانه هئي، نه ته انهيءَ ديو کان تنهنجي جند آزاد ڪرايون ها. وري ملڪه کان پڇيائين ته تنهنجي جند ڪيئن آزاد ٿي. جنهن تي هن سيف الملوڪ جي اچڻ ۽ ديو کي ماري آزاد ڪرڻ جو احوال ٻڌائي چيس ته:

۽ پڻ آهي عاشق صادق تنهنجو گهڻو فدوي فرمانا،

مون پڻ ڪئو وعدو تنه سين، آهي سندوئي الله،

پهرين ڪنديس ڪم تنهنجو مقصد مُرادا،

هاڻي رکي رضا منهنجي تون وڃي تنه اڳيا،

ڏيکار ديدار پنهنجو تنھ عاشق صادق کا،

ته وعدو منهنجو وفا ڪري، سچي ٿئي سڀڪا،

تان چيو بديع الجمال ننھ کي، اي ڀڻ بيعقلا،

آءٌ ڪين ڏيکاريان نامحرم کي پنهنجي صورتا،

ايءَ رک راز تنهنجي من ۾، مخفي ڪري مورا،

پر جي سُڻندا مائٽَر منهنجا عَياذا بِالله،

ته ڪندا اُن بني آدم کي فنا في الحالا،

۽ نڪي مونکي آنهجي گهر ڏي ڪڏهن ڪندا رخصتا،

سببب انهين جي، اُو آدمي، اسين پَرين جي ذاتا،

ڪهڙي نسبت اُن کي، جُڙندي مون ئي سان،

۽ ڪهڙي وجه پيءُ منهنجو، ٿيندو راضي ساڻ رضا،

متان چئن ٻيهار ڳالهه ايءَ ڪڍين مون مهندا،

متان سُڻن هي پريون، منهنجون رفيقا.

اهو ٻڌي ملڪه ۽ ماڻس فڪر ۾ پئجي ويون، خيال ڪرڻ لڳيون ته ڪهڙيءَ ريت هن جا مائٽ راضي ٿيندا؟ اتي بديع الجمال کي به سيف الملوڪ جي ڏسڻ جو خيال ٿيو ته جنهن شخص بادشاهي ڇڏي مون سان ملڻ لاءِ سالن جا سال ڪشالا ڪڍيا آهن، اهو ضرور سچو عاشق آهي، تنهنڪري هڪڙو ڀيرو ضرور کيس ڏسجي.

پوءِ اُٿي ڪنهين بهاني سين، نَکڙي طنبوءِ منجها،

وڃي گوشي ۾ ڪنهين باغ جي، ڳُجهو ڳُجهايا،

مخفي مُنه شهزادي ڏونه ڪئائين نرت نگاهه،

تان ويٺو آهي دستور بادشاهن جي، مٿي بساطا،

ٿا ڳائين سرود وٽس ڪيترا، احسن الحانا،

پُڻ آئي ٿي طنبوءَ منجهان اڪثر خوشبويا،

سا چڙهي مغز ۾ بديع الجمال جي، معطر سا مُشڪا،

تين وئو مغز سندُ سي، ٿي دل ۾ ديوانا،

اُن حال سيف الملوڪ ڏونه جان ڪئائين ترت نگاهه،

تن ڪُٺِي اکين عاشق، سا ماري مسڪينا،

دکيس درد دل ۾، آٽِي منجهه عشقا،

سو پِرڪا سيف الملوڪ ڪَنا، پاڻان زيادا،

ان پر عاشق ٿي سيف الملوڪ تي، ويچاري واجهاءِ،

پُڻ بيهوش ٿي زمين تي ڪِري في الحالا،

ٿي ليٽي خاڪ زمين تي، ديواني دردا،

جڏه گذري مُدت ڪا، ساعت پڄاڻا،

تين اُٿي آئي هوش ۾ وري تنه وقنا،

پَڻ ٿي ڦري مثل مست جي، گِرد خيمي شهزادا،

”وصل قلب الحبيب اليٰ قلب الحبيب“ ايءُ هي دستورا،

وري موٽي پنهنجي طبوءَ ڏونه ساعت پڄاڻا،

تين نه هئي خبر ملڪه کي، ۽ نڪا ان جي ماءُ،

ته ڪا بديع الجمال بيتاب ٿي وڌس عشق اُهاءُ،

جڏهن ملڪه ۽ ماڻس، بديع الجمال کي پريشان ڏسي کانئس ان جو سبب پڇيو، تڏهن هن دل جو حال ٻڌئڻ کان انڪار ڪيو؛ جنهن تي طرحين طرحين جون ڳالهيون ٻڌائي سندس دل وندرائڻ جي ڪوشش ڪيائون. مگر بديع الجمال کي ڪنهن به ڳالهه جي سُرت ڪانه هئي. آخر سيف الملوڪ جي عشق ۾ کائڻ پيئڻ به ڇڏي ڏنائين، ۽ صبر هٿان ڇڏائي ويس، رات ڏينهن، اُٿئي ويٺي سيف الملوڪ جو خيال هوس:

تڏه ڪوٺئائين ڏينه هيڪڙي، ڀيڻ کي مهندا،

چي: اي ڀيڻ ڀلاري منهنجي، مُونِس مصاحيتا،

ويهي ڪر بيان مون اڳيان، قصو ڪهاڻي ڪا،

مانَ تنه جي سڻن سين مونکي اچي آراما.

تڏه چيو ملڪ تنه کي، اي ادي! اِن ويرا،

ڪر ڪريان ڳالهه اکين ڏٺي، جا نَوادرِ نقلاءِ؟

ڪر ڪنين سُئي ڪا ڪريان، آکاڻي عشقا؟

تڏهن چيو تنه ملڪه کي، جا ڏٺئي اکين سا،

سا ڪر بيان مون اڳيان، سچي سرت منجها.

تڏه ڪيو قصو سيف الملوڪ جو، مله تنه مهندا،

اول ابتدا عشق ڪَنا، تان سرانديپ ۾ سَهياءُ،

تين اٿئو بديع الجمال کي، ڪيو شعلو عشق اُهاء،

۽ ليٽڻ لڳي وِڇاڻَ تي، ٿي مدهوش مستانا،

۽ بند پئس پکي روح جو، منجهه عشق جي پڃرا،

۽ پڻ ٿي ماشق زياده عشق ۾، جاڳئس جوش جفا،

وري چيائين ازروءِ ظاهريت جي، ملڪه کي مهندا،

ته اي ڪهڙي ڪيئي ڳالهڙي، پوري بيانا،

مون ٿي چيئي، حڪايت ڪا سڻاءِ مون کا،

ته تو آئي هن جوان کي، وچ ۾ وهارئاءُ.

تڏهن ملڪه وراڻيس ته جيڪا اکين ڏٺي حقيقت هئي، سان بيان ڪئي اٿم، سچ پڇ تون اهڙي سنگدل آهين، جو پنهنجي سچي عاشق کي منهن به نٿي ڏيکارين. هاڻي هلي هن کي منهن ڏيکار ته منهنجو وعدو سچو ٿئي. پر بديع الجمال هن کي صاف جواب ڏئي روانو ڪيو ته: آءٌ هڪڙي نامحرم کي ڪيئن پنهنجو منهن ڏيکاريان.

قصو ڪوتاه- ملڪ کي جواب ته ڏنائين، پر کيس ويتر عشق هڻي گهائي وڌو هو. سيف الملوڪ کان سواءِ اندر کي آرام نه هوس. تڏهن پنهنجي ناني شهربانو- جا شهر بستان يمن ۾ رهندي هئي. ڏانهن خط لکيو، جنهن ۾ سيف الملوڪ جي ڏاکڙن ۽ پنهنجي عشق جو ذڪر ڪري لکائينس ته: هاڻي ڪيئن به ڪري منهنجي ماءُ پيءُ کي راضي ڪر ته جيئن سيف الملوڪ سان شادي ڪري سگهان.

پوءِ ويڙهي لَفيفو ڪري ڏنائين عِقريتا،

جو تکو اُڏامي تڪڙو هلي منجهه هوا،

ته نيئي رساڻ منهنجيءَ نانيءَ کي منهنجو مڪنوما،

۽ پُڻ سگهو آڻي ڏي ان جو مونکي جوابا.

تڏهن ڪري ڪاغذ هٿ ۾ سو اُڏئو آتا،

هلئو وئو هواءِ ۾ منجهه هيڪڙيءَ ساعتا،

اچي رسئو بحت جو شانَ کي، جو تکو وهي درياء،

سو پُڻ لنگهي هلئو، وڃي رستو جبل کا،

سو هئو جبل ڄيري جو، مَٿن مَچ ٻرندا.

اُتان پُڻ اُڏڻو تڪڙو، منجهه هيڪڙي جهنگلا،

سو جهگل هئو آتس جو، بيايان ٻرندو باء،

سڀ لنگهي هيڪڙيءَ ساعت ۾ اچي ٿئو اوڏاءُ،

رسئو اچي شهر بُستان سِيمي ۾، ٿئو داخل دروازا،

اچي ڪئائين سلام شهربانو کي، اُڀي ادب منجها،

ڪڍي رقعو بديع الجمال جو، ڏنائين تنه کا،

سو ڪاغذ پڙهي شهربانو ڪري معلوم،

اکيون ڀريائين آب سين ڪٿائين افسوسا:

آءٌ پاڻهي ڪنديس تنهنجي ڪم جي سرانجامي سڀڪا،

تون م ڪر خطرو ان ڳالهه جو ذرو ڪنه وَجهاء،

آءٌ ملائينديس محبوب تنهنجو حاضر هشيارا.

اهو خط کڻي عفريت هڪڙيءَ ساعت ۾ اچي بديع الجمال کي پهچايو؛ جا نانيءَ جو دلاسو پڙهي تمام خوش ٿي. هاڻي بديع الجمال کي عشق جي آتش هيڪاري سک ڦٽائي ڇڏيو. نيٺ پنهنجي دائيءَ سان صلاح ڪيائين ته ڪيئن به ڪري انهيءَ آدمزاد جي صورت ڏيکار. ان مهل ملڪه به اچي اُتي نڪتي، ۽ بديع الجمال کي شهزادي سيف الملوڪ سان ملاقات ڪرڻ لاءِ وري به منٿ ميڙ ڪرڻ لڳي. هوءَ اندر ۾ ته اڳئي راضي هئي، پر پوءِ ٻاهريون ٻنو رکي، ملڪه جي تمام گهڻي زور ڀرڻ تي هائوڪار ڪيائين.

آئي مهندا سيف الملوڪ جي، هلي هيج منجها،

جڏه نظر پئو تنه اتي، سندو شهزادا،

ته صحي سڃاتائين ڪيڻَس، پسي منه معشوقا،

ته هيءَ آهي صورت اُهئي محقق تحقيقا،

جا هئي زريفت چادر ۾ آڻي استادا،

۽ چمڪي پيشاني تنه جي، مثل چنڊر چوڏهيا،

مُه موچارو سَندُسي زينت زيادا،

هلي اچي مثل ڪَيڪ جي خوشتر خراما،

قد سَرو رَوان، نڪ آفت جان، اَبرو ڪمانا،

لب هئا مثل مرجان جي، غنچه دهانا،

جوءِ روشن، دل ڪش حُسن، وِتري جلوي جمالا،

فرحت انگيز، نشاط آميز، خوبا رُخش حالا،

آئي هلي حضور ۾ سا مهندا شهزادا،

تِين سڃاڻي شهزادو تنه کي، اُٿئو اُن ماڳا،

هٿ ٻڌي حاضر ٿئو، محبوب کي مهندا.

ان بعد بديع الجمال ۽ سيف الملوڪ پاڻ ۾ ڳالهيون ٻولهيون ڪيون. بديع الجمال، شهزادي کي گهڻئي عذر ڏنا، پر پوءِ هن جي ثابت قدميءَ کي ڏسي صلاح ڏنائينس ته هتان ٻارهن ورهين جي پنڌ تي منهنجي ناني رهي ٿي، ان کي وڃي راضي ڪر. پوءِ هن کي هڪڙي جڙادار تخت تي ويهاري، ديو کي حڪم ڏنائين؛ جو شهزادي سميت تخت کڻي اُڏاڻو ۽ ٻارهن ورهين جو پنڌ هڪڙيءَ ساعت ۾ ڪري، اچي سِمين ولايت ۾ پهتو؛ ۽ شهزادي کي آڻي شهربانو جي محلات اڳيان لاٿائين.

پوءِ آيو مهندا طنبوءَ جي، سو سچو شهزادا،

تِين تخت ڏٺائين عُود جو، رکئو تنه مهندا،

هئا جڙئا جواهر تنه ۾، لعلون فيروزا،

مرصع هئو سونَ سين، سو زينت زيادا،

۽ عورت محتشم هيڪڙي وڏيءَ حشمتا،

حُسن جمال وتري، زينت زيادا،

سبز ڪپڙا سندسي، پَرهڻ پاڪيزا،

ويٺي هئي تنه تخت تي، مريع موجودا،

تڏه اچي بادشاهزادي ڪئو، تنه کي سلاما،

ادب، تواضع، تعظيم سين ويٺو تنه مهندا،

پُڻ هئي شهربانو کي تنه جي حقيقتا،

ڪنا لکي بديع الجمال جي، خبر هيس سڀڪا،

جڏه ڏٺائين صورت شهزادي جي، آزر وُ جمالا،

ڏسي پاڪيزگي لطيف سندس، ٿي سرهي خوشحالا،

پڻ ڪئائين آفرين بديع الجمال جي، مٿي ئي عشقا،

صورت نديع الجمال ۽ شهزادي جي، ڪئائين دل تي منقوشا،

پر وري خيال ڪيائين دل ۾، توڙئون تدبيرا،

ته ڪريان امتان آزمودو سندو شهزادا،

ته ڪين آهي ڪامل پنهنجي عشق ۾، ڪين سست بي همتا.

وري چيائين نهاري شهزادي ڏونهه، غضب جي غيضا،

اي جوان! ڪير آهين تون، تو ڪهڙي توفيقا؟

جو آئين ولات ۾ پرين جي، ڌاران رضا رخصتا،

ٿو ڪرين خيال ڪچا دل ۾، پريزادن ڏانه،

وري چيائين پنهنجي لشڪر کي، ڏمر ڏاڍ منجها،

ته: پري ڪرهو هن جوان کي، منهنجي اکين ئا.

شهربانو جو حڪم ٻڌي ديو، شهزادي ڏانهن وڌيا، مگر هن تي ڊپ جو رتيءَ جيترو به اثر ڪونه ٿيو. تڏهن پڪ ٿيس ته برابر عاشق صادق آهي. پوءِ کيس دلداري ڏيئي، پاڻ سان گڏ وٺي، شاهبال جي شهر ڏانهن رواني ٿي، ۽ شاهبال جي راضپي کان سواءِ شهزادي کي وٽس وٺي وڃڻ مناسب نه ڄاڻي، هن کي شهر کان ٻاهر هڪڙي باغ ۾ ويهاري ويئي. ايتري ۾ هڪڙي پري اتان اچي لانگهائو ٿي، جنهن هڪڙو آمزاد ڏسي کانئس احوال پڇيو. جنهن تي شهزادي اسفنديار ديو کي ماري، ملڪ کي ڇڏائڻ ۽ بديع الجمال جي عشق جو احوال ٻڌايو. پوءِ اها پري ائين ٻڌائي ته ’توکي شاهبال ۽ شهربانو گهرايو آهي‘، کيس ڪلهي تي کڻي اُڏاڻي ۽ هڪڙي جبل جي چوٽيءَ تي ڪيرائي، سندس هٿ پير ٻڌي ڇڏيائين. پوءِ پريءَ ٻڌايس ته جنهن اسفنديار ديو کي تو ماريو، اهو قلزم جي حاڪم جو ڀاءُ هو. تنهنجي ڳولا ۾ اسان زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيو آهي. پوءِ شهزادي کي آڻي پنهنجي سردار اڳيان اڇلايائين. سردار، شاهبال جي ڊپ کان هن کي مارائڻ جي بدران انڌاري کوهه ۾ وجهائي ڇڏيو.

شهربانو، شاهبال کي احوال ڏيندي، شهزادي سيف الملوڪ جي حسن، بهادري ۽ بديع الجمال سان ان جي عشق جو بيان ڪيو. تڏهن شاهبال ان کي ڏسڻ لاءِ پريون موڪليون، جن گهڻي ڳولا کان پوءِ موٽي اچي شهزادي جي گم ٿين جي خبر ٻڌائي. شهربانو اها خبر ٻڌي. افسوس ۾ ڪپڙا لٽا ڦاڙي موٽي آئي. بديع الجمال به شهزادي جي گم ٿيڻ تي واويلا ڪرڻ لڳي. آخرڪار روئندي روئندي بيهوش ٿي ويئي. کيس گهڻي دلداري ڏنائون، پر هن کي ڪنهن طرح آرام نه آيو. اهو حال ڏسي شاهبال کي به ڏاڍو ارمان ٿيو.

پڻ حڪم ڪئو لشڪر کي ملڪ شاهبال بادشاهه،

موڪلئائن عفريت ڪيترا ۽ پريون پروانا،

ڪارڻ طلب شهزادي جي، ته ڪرهو وڃي پيدا،

تِين ٿي نهاريائون سعيو ڪيو، وچ مشرق مغربا،

ڪيائون جستجو عاشق جو منجهه سڀڪنه ديارا،

تان پيدا نه ٿئو ڪٿهين اُن جو اُهڃاڻا،

جڏه ڇهه مهينا گذرئا اي مدت مديدا،

تِين آيو ديو هڪڙو، ڪڏه ڪنه ڏينها،

ڪنا ملازم سالار قُلزم جي چاڪرن منجها،

آيو حضور ۾ ملڪ شاهبال جي ويٺو ادب سان،

پوءِ ڪري ڪيتريون ڳالهيون چيائين وري مهندا،

ته مون سُئو واٽ ۾، اي بادشاهه ڀلارا،

ته ڪنا نوڪرن سالار قلزم جي، چاليهه سي نفر هئا،

سي وٺي وَهيا ڪو بني آدم گلستان اِرم منجها،

واسطي بدلي برادر ان جي، جو ٿئو هو قتلا،

منجهه جزيري اسفنديار جي، اُن آدمي جي هٿا،

هاڻي بند ڪئو آهينِ سو کوه ۾ مبتلا،

جت انڌاري ۾ رات ڏينه جي خبر پوي نه ڪا.

اها خبر ٻڌي شاهبال يڪدم اسي هزار ديون ۽ پرين جو لشڪر چاڙهي موڪليو. قلزم جي سالار به شهزادي جي ٻانهن ڏيڻ کان انڪار ڪري، مقابلي لاءِ لشڪر گڏ ڪيو.

جڏهن لشڪر مَلڪ شاهبال جو آيو ان ماڳا،

وڄئو نقارو جنگ جو، ۽ ٿئو هُل هُڳاءُ،

ٻڌيون صفون لشڪر جون، جهونجهارين جوش چڙهئا،

پُڻ ٻڌيون صفون لشڪر جي، فلزم سالارا،

پُڻ طرف سپاهن جو، گڙ ٿئو غوغاءُ،

آٿئا بهادر همت سن، مانجهي مردانا،

گردن دُور ڌڙن کان، ديون جا پئا پَرين جا،

اُٿئو غبار گرد پيرن جو، منجهه موڪري ميدانا،

ڪنا دم سپاه ديون جي، غضب ڪَرت ڪيا،

ٿي نِڪرئا چَمڪارا ڄيرن جا، وا اَڀن ڏانه،

اچي وڌائون هيڪ ٻئن ۾ تراريون تيزا،

نهوڙي نيزن سين بهادر ڪئائون ڀُڪا،

۽ تِڇي تيرن زخم ساڻ، سٽيائون وڏا شجاعا،

اهڙيءَ طرح ميدان ۾ سختي ڪئائون ساءُ،

جِين آيو سالار قلزم کي اهڙو انڌارا،

روز روشن ڪيڻَس ٿئو، ڪاري رات قِسما،

پڻ وهيون نهرون رت جون ٻنهين طرفن ئا،

ڀڃئو اَعضا انگڙا تن جا تڪڙا ڪئائون ٽڪرا،

ٿئو غالب لشڪر شاهبال جو فضل ساڻ خدا،

پڻ ٿي موڪلئو لشڪر ٻئو شاهال بادشاهه،

هيڪڙو ٻئي جي پٺ ۾ ڪري تاڪيدا،

تين هئا سردار لشڪر جا، جي دانا امير،

تِنين ڏوريون وڌيون واٽ ۾، پکيڙي پَٽ مٿا،

وري شروع ڪئو جنگ جو، اهڙي سختي سا،

جين نه اچي لکڻ قلم ۾ تَن جي تعريفا،

تين هو سالار قلزم جو، جو ويٺو بادشاهه،

سو ٿئو عاجز اهڙو ڪنا اُهکايا،

جو نه رهيس طاقت جنگ جي نڪا مقابلا،

نه اُڀي سگهئو تاب جهلي، ٿئو مغلوبا،

پوءِ لشڪر سڀ فرار ٿئو، ڀڳو هيبتا،

ڪونه اُڀو ميدان ۾، مُوران تن منجها،

۽ لشڪر طرف شهبال جو پئو تن پٺيا،

مارئو تراڙيون تن کي، وڍئو وجودا،

ٿي ڊوڙئا پٺيءَ تن جي اهڙي طريقا،

جين سِبنه بُکئو ڊوڙئو ڪر پٺيءَ ٻڪريا،

تان وڃي تن جي ديري کي اَچي ٿئا اوڏا،

تين ماريائون بهادر تن جا ماير ۽ اُمرا،

۽ اُٿئو هلڪارو لشڪر جو غلغلو ۽ غوغا،

جين گجئو گنبذ اَڀَ جو، مثل دور رعدا،

ڪر آيو مينھ آسمان جو مٿي زمينا،

تين ٿي آيو سالار قلزم جو ڊوڙايو گهوڙا،

تان حڪم سين حڪيم جي قادر قدرتا،

اچي پئا پر گهوڙي جا، منجهه رسي بند ٿئا.

شاهبال جي لشڪر، قلزم جي سالار کي گرفتار ڪري، شاهبال ڏانهن موڪليو، پوءِ لشڪر شهر ۾ ڪاهي پيو. اتي هڪڙي پريءَ ڊڄي، کين شهزادي سيف الملوڪ جو ڏس ڏنو. شهزادو ويچارو کوهه ۾ ڳري ڪنڊا ٿي ويو هو. لشڪر جا ماڻهو ان کي کڻي موٽي آيا. شاهبال سندس علاج جو بندوبست ڪيو. شهزادي جي تندرست ٿيڻ تي، بديع الجمال، ملڪه ۽ شهربانوءَ کي خوشخبري ملي. جي کن پل ۾ اُڏامي اچي شهزادي وٽ پهتيون. شاهبال به شهزادي جي صورت ۽ سيرت تي موهجي پيو هو، تنهن هڪڙيءَ رات هن کان سندس احوال پڇيو. شهزادي ان کي به پنهنجي عشق ۽ ڏاکڙن جو داستان ٻڌايو. شاهبال کيس آفرين چئي انعام اڪرام سان نوازيو. پوءِ شاهبال، قلزم جي سالار کي قيد مان ڪڍي، ملڪه جي کڄي وڃڻ جو قصو ٻڌايو؛ ۽ کيس سزا ڏيڻ تي هو ته شهزادي ان جي سفارش ڪئي؛ جنهن تي شاهبال ان کي معافي ڏيئي لشڪر سميت کيس پنهنجي ملڪ موٽايو. ان بعد شهزادو به شهربانو، بديع الجمال ۽ ملڪه سميت سرنديپ ۾ موٽي آيو.

قصو ڪوتاه، سرانديپ ۾ سيف الملوڪ پنهنجي دوست صاعد سميت عيشن تماشن ۾ گذاري رهيو هو. آخرڪار هڪڙي ڏينهن وزيرزادو صاعد، سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال جي شاديءَ جو پيغام شاهبال ڏانهن کڻي ويو، جنهن پنهنجي ڀاءُ تاج الملوڪ ۽ ٻن پٽن فخرالملوڪ ۽ زيب الملوڪ کي گهرائي، ساڻن مصلحت ڪئي.

سڀني جي گڏجڻ تي شاهبال هڪ وڏي مجلس ڪئي، ۽ شراب ڪباب تيار ڪرائي گڏجي کاڌائون. اهڙيءَ ريت، رات جو مجلس ۽ ڏينهن جو شڪار ڪندا رهيا، تان جو ڪافي وقت گذري ويو، مگر جنهن ڪم لاءِ آيا هئا، تنهن جو ڪوبه ذڪر نه ڇيڙيائون.

تڏه پُڻ شهربانو چيو هيڪڙي ڏينها،

ڪوٺي سيف الملوڪ کي سچي شهزادا،

ته جي ڪَر هو شروع ڪار خير جو ته سونهاري سڀڪا،

جي مونکي منهنجي ولات جي، فڪر گهڻيري آه،

ته ڪنه پر هوندو ملڪ منهنجو ساڻ رعيتا،

ته پُڻ چيو شهزادي صاعد کي، دوست دلدارا،

ته مدت گهڻي مونکي گذري، نِڪري شهر منجها،

پُڻ ڪا تاهه خبر ماءُ پِئو جي، نڪا وزيرن ئا،

۽ ڪيئن هوندو احوال شهر جو، سندو رعيتا،

جي هُونِ حاضر هن وقت ۾، منهنجي وَهانءَ ويرا،

ته تان موچارو مسرور گهڻو، آرزو مونکي آهه،

تِين صاعد اچي بيان ڪئو، سندو ڪيفيتا،

منجهه حضور ملڪ شاهبال جي، ڀلي بادشاهه.

بادشاهه اها ڳاله ٻڌي ويهه هزار ديوَن ۽ پرين جا سيف الملوڪ جي ماءُ ۽ پيءُ کي وٺي اچڻ لاءِ تيار ڪيا. صاعد هڪڙي جڙيل تخت تي ويهي، ديوَن پرين سان گڏ مصر روانو ٿيو.

اُڏاڻا آسمان ڏُونه پَريون ۽ پڻ عِفربتا،

ڪارائيءَ منجهه آسمان جي هلئا منجهه هواء،

پڄاڻا ڪيتريءَ مدت جي رسئا مصر کا،

اچي ٻهر شهر مصر کي ڏنائون ديرا،

طنبو مخمل، زريفت جو ۽ پُڻ حُريرا،

ساڻ ڏورينِ ريشم جي ڪئائون مضبوطا،

۽ سيخون سون رُپي جون هنيائون زمين مٿاءُ،

پُڻ وڇاڻَ وڇايائون تنه ۾ حَرير سَغلانا،

آڻي وڌائون تنه مٿي گَليم ديباچاءَ،

جي رنڱيا طرحن طرحن جا مُنقش موچارا.

مصر جي ماڻهن ديون ۽ پرين جو لشڪر ڏسي، ڊوڙي اچي عاصم شاهه سان خبر ڪئي؛ جنهن صالح وزير کي حقيقت آڻڻ لاءِ روانو ڪيو. هو ديوَن ۽ پرين جو لشڪر ۽ انهن جا خيما ڏسي حيران ٿي ويو. سون، رپي، زري، بخمل جي ڪمي ڪانه هئي. آخرڪار هڪڙي خيمي ۾ هڪڙي آدمزاد کي تخت تي ويٺل ڏٺائين. بادشاهي آداب بجا آڻي، تحفا هن جي آڏو رکي، کيس بادشاهه جو پيغام ڏنائين:

ته چَئي بادشاهه اسانهجي توکي گهڻي دعا،

پَڻ چيو آهي سلام ڏيئي، توکي اهڙو پيغاما:

ته فرزند قره العين منهنجو، جاني مون ولداءُ،

سو ڪري اختيار فقيري پاڻ تي، ڪنهين سبب ڪنا،

منه رکڻائين ملڪ غربت ڏانه، ڇڏي سلطنا،

هاڻي ڪا ناهه خبر تنه جي، هيتري مدت پڄاڻا،

آهيان تنه جي افسوس ۾، آءٌ سنجهي صبوحا،

ڪنا فراق تنه فرزند جي، ٿو رُئان روزمراء،

پُڻ ڪا ناهه خبر رعيت جي، نه لشڪر سندري ڪا،

آهيان هيڪلو ويٺو حجري منجهه عبادت موليٰ،

پُڻ جيڪي پنهنجي فرمان ۾ هئي زمينا،

سا سڀ وٺي ويا مون ڪنا، باغي بدڪارا،

آءٌ ٿيس بي همت دل جو، تهين جدائيءَ سببا،

باقي ناهي شهر مصر ري، مون وٽ ڪو ڳوٺا،

جي خواهش مبارڪ ۾ تنهنجي تسخير آء،

۽ هوئي ارادو بادشاهيءَ جو، سندي شهر مصرا،

پاڻهين پنهنجي هٿن سين، ڏيان آءٌ توکا.

اهو پيغام ڏيندي، صالح وزير جي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا ۽ چيائين ته: آءٌ ڪنهن ڊپ سبب ڪونه ٿو روئان، پر بادشاهه جي پٽ سان منهنجو پٽ به گڏ هو، ان جي صورت تو جهڙي هئي، تنهنڪري توکي ڏسي منهنجي اکين مان لڙڪ ڪِري پيا آهن.

تين طاقت نه رهي صاعد کي، ويهڻ سندي ڪا،

اُٿيندي والد جي پيو پيرن تاءِ،

چميون ڏنائين، پيرين پِئو، ٿي رُنائين رحمتا،

اي قلمه ٻنهي جهانن جا، بابا ڀلارا،

آءٌ اُهِي فرزند آهيان تنهنجو تحقيقا،

۽ هيءُ جو لشڪر مون سين آهي همراها،

سو خدا پنهنجي ڪرم سين، ڏنو شهزادي کا،

آهي سيف الملوڪ شهزادو سرهو، ملئو مقصودا،

پُڻ لشڪر جنن پرين جا، آهين تنه وٽ موجودا،

هيءُ تان آهي ڪِي تن منجها، ٿورڙو قدرا.

تين وٺتو ڀاڪر منجهه پُٽَر کي صالح حميدا،

چميائين مُنه ڏاڙهي تنه جي منجها محبتا،

جيڪين ٿئو غوغاءُ روئڻ جو، جڏه پئؤ پُٽر ٻئي گڏئا،

سو لکڻ ڪنا پري ٿئو، اُت ماٺ موچاري آه،

پئو روئڻ تمام لشڪر ۾ سڀهين سپاها،

توڻي ديوَ ڪين پريون، توڻي انسانا،

تين ماڙهو اُٿي ڪي ڊوڙئا صالح وزير وٽا،

اچي خبر ڪئائون بادشاهه کي سندي ئي مصرا،

ته اي لشڪر عفرتين جو ۽ پڻ پَرين ئا،

آيو همراه صاعد سين، جو ابن صالح حميدا،

هلايو شهزادي تنه کي سيف الملوڪا،

پڻ قصو سڄو ئي تنه جو ڪيائون بيانا.

عاصم شاهه تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ صاعد کي پاڻ وٽ گهرائي اُن کان حال احوال ورتائين. پوءِ خدا جو شڪرانو بجا آڻي، شهزادي سيف الملوڪ سان ملاقات جو اشتياق طاهر ڪيائين. تڏهن صاعد پاڻ ڏهن هزارن ديون ۽ پرين سميت مصر ۾ ترسيو، ۽ باقي لشڪر کي عاصم شاهه سميت گلستان ارم ڏانهن روانو ڪيائين. شاهبال، عاصم شاهه جي ڏاڍي خاطرداري ڪئي. رات جو محفل ۽ ڏينهن جو شڪار. اهڙيءَ طرح، مهمانيءَ ۾ چار مهينا گذري ويا. ان بعد، سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال جي شاديءَ جي تياري ڪيائون.

تڏه ٿئو سعيو مڙن کي، ڪئائون شادي شروعا،

مجلس بنايائون سوهڻي، معطر سين مُشڪا،

ڪوٺيائون امير اَڪابر، پنهنجا سپه سالار،

قاضي، مفتي، محتسب ۽ فاضل فهيما،

وڇايائون قيمتي قالين ۽ جِيلا،

پڻ تخت مرصع سون جا، مُڪلِلَ موتين سان،

لعل ياقوت فيروزن سين، مزين منقوشا،

تنه تي ويهاريائون شهزادو، سٻين شرف وڏي شانا،

پوءِ ٿئو حڪم مُطرين کي ته ڪَرهو سرودا،

ٿيون خوشحاليون شاديون، وڄڻ لڳا واڄا،

بَربَط دائره، قانُون ۽ چنگن جا چرچا،

نڱئا سُرود سُرناين جا، موسيقي رمزا،

پڻ اهل نشاط سوهڻيون ڪن رقص رهاڻ منجها،

پڻ سرود الحان دائودي، ڪئائون ان طرحا،

جين زُهرو آيو ٿي رقص ۾ ڪنا اَڀن ئا،

ڪئائون سينگار مجلس کي، سين اهڙي طريقا،

جين لکڻ ڪنا قلم جي، ٿئو بيحد بيانا،

پڻ لڳا نقارا شاديءَ جا، وڄايائون دماما،

نفيرون، مَزامِير، ڌُڪڙ شروع ساز ڪئا،

جڏه ٿي رات وهانءَ جي مبارڪ مورا،

تين ڪئائون شهزادي سيف الملوڪ جو بلند اقبالا،

۽ بيبي بديع الجمال سين، وڌائون درست دعا،

موليٰ ٻنهي جي مَن جي ملائي مدعا،

خواهش هُين خبر جي، ۽ چڱائيءَ جو چاءُ،

تان مولي ملائِي موجب تِنهين، تن جي مرادا،

برڪت تن جي عشق جي، ۽ صدق ۽ صبرا،

الاهي سڀني عاشقن کي، ملاين معشوقا،

آهين ڪرم تو ڪريم جا، وڏا وڏايا،

تيس چيون مبارڪون شهزادي کي عاصم بادشاهه،

پُڻ چيون مبارڪون شهزادي کي صالح وزيرا،

۽ چيون مبارڪون تاج الملوڪ ۽ مڙنِي شاهنشاه،

۽ پُڻ سڀني ماڙهوئن لشڪر جي چيون مبارڪون مُها،

۽ ڏنائون کيرون مَلڪ عاصم کي هليو هيج منجها،

۽ ڏنائون کيرون مَلڪ شاهبال کي منجها محبنا،

سڀني بادشاهن، اميرن وزيرن، ديوَن پرين، شهزادي سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال کي تحفا ڏنا. شاهبال ۽ شهربانو پنهنجي بادشاهين جون واڳون شهزادي جي حوالي ڪيون. ان بعد، چاليهه ڏينهن خوشيءَ جون محفلون هليون. رعيت شهزادي جي عدل انصاف جي تعريف ڪرڻ لڳي. آخرڪار، سيف الملوڪ کي پنهنجي دوست صاعد جي يادگيري آئي، ۽ پوءِ ماءُ پيءُ سميت موڪلائي، مصر ڏانهن روانو ٿيو. سندس وڃڻ لاءِ جڙادار تخت حاضر ٿيا، جي ديوَن جي ڪلهن تي رکيل هئا. ساڻس گڏ هزارين ديوَن پرين جو لشڪر هو، سي اک ڇنڀ ۾ اچي واسط پهتا.

آهي ڪتابن ۾، لِکن هن پر روايتا،

ته جڏه عزم ڪئو گلستان اِرم جو تاج الملوڪا،

مٿي ڪوٽ شهزادي جي، ڪارڻ شاديءَ لاءِ،

هلئو گلستان ارم ڏونه دوستيءَ سببا،

ڇڏيائين شهر هيڪلو، سُڃي ولاتا،

پُڻ هو بادشاهه، زنگين جو بدبخت بيعقلا،

جڏه خالي ڏٺائين تاج الملوڪ جو نگهبان منجهه شهرا،

۽ نه ڪو هو امير تاج الملوڪ جي شهر کا،

جين سڀ وئا گلستان ارم ڏونه ڪارڻ ويهان لاءِ،

تين غنيمت ڀانئي وقت کي ڪئائون لشڪر طيارا،

سو موڪليائين شهر واسط ڏونه ڪارڻ صبضي لاءِ،

تنه اچي ساري قبضو ڪري وٺني ولاتا،

پُڻ هئا ٿورا ماڙهو جي تاج الملوڪ سدا،

تِنين نه تاب جهلئو تن جو ٿئا مرد سڀ ماندا،

۽ وٺي زنگين تن جِي ماري ولانا،

ڪئائون پنهنجي تصوف ۾ جاري سندن حڪما.

اهو حال ڏسي شهزادي سيف الملوڪ، زيب الملوڪ جي مدد سان ديون ۽ پرين جو لشڪر ساڻ ڪري زنگين جي ٻيٽ تي حملو ڪيو. هڪڙي ئي حملي ۾ زنگين جو بادشاهه مارجي ويو، ۽ ڪيترائي زنگي قيد ٿيا. آخرڪار زنگين جو ملڪ به پنهنجي هٿ ڪري تاج الملوڪ کي تخت تي ويهاريائون. ان بعد اتي جو پورو بندوبست رکي، اُسهڻ جي تياري ڪيائون.

وري سنبهي سوار ٿئا، سگها شتابا،

هو بادشاهه سرنديپ جو، پڻ ساڻن همراها،

۽ فخرالملوڪ پُٽر تنه جو، پڻ هو تِنين سان،

پڻ هو ساڻن بادشاهه شهر واسط جو تاج الملوڪا،

۽ مَلڪه پُڻ همراه هئي، ساڻ بديع الجمالا،

ڪوٺي تن سڀن کي هلئا مصر ڏانه،

جڏه ست ڏينه گذرئا هلندي واٽ مٿا،

تين اچي رسئا مصر کي حڪم ساڻ خدا،

ڪري سواري شهر ۾ ٿئا داخل دروازا،

پڻ گڏئا يار دلدار صاعد کي ملئا محبتا،

۽ پڻ جيڪي ننڍا وڏا سندن هئا آشنا،

گڏئا تن سڀن کي، ڪري ملاقاتا،

ڪئائون شاد مانيون خرميون پاڻ ۾ سراهيون صحيا،

ملئا مقصد مراد کي، ڪئائون خوشيون خيراتا.

هوڏانهن جڏهن صاعد ڏهه هزار ديوَ ۽ پريون وٺي مصر ۾ آيو، تڏهن ڏٺائين ته غاصبن ۽ دشمنن، عاصم شاهه کي ڪمزور ڄاڻي، سڄو ملڪ پنهنجي قبضي هيٺ آڻي ڇڏيو هو. ڇاڪاڻ ته عاصم شاهه، پٽ جي جدائيءَ ۾ وڃي گوشه نشين ٿيو هو. اهو حال ڏسي صاعد، عاصم شاهه کي گلستان ارم ڏانهن موڪلي، جنگ جي تياري ڪيائين.

جڏهن بهادر سَندهس لشڪر جا آيا ميدانا،

۽ پريون عِفريت پڻ تن سين هئا همراها،

ٿئو شروع جنگ جو ٻنهي طرفن ئا،

تين عفريت پکيڙيون رسيون وڌيون ميدانا،

پوءِ وڌائون تراريون تن ۾ مارئائون گهڻا مَردا،

جڏه ڀڄڻ لڳا ميدان منجها، ٿئا پُٺيرا،

تان پير تِن سڀن جا ڦاهيءَ ۾ ڦاٿا،

تين کينچي گيهري رسين سان، جهلي ڪئائون قيدا،

جين هيڪ هيڪڙي عفريت بند ڪئو هزار ماڙهن کا،

ڪري قيد پاڻ سين، وٺي سي آيا،

منجهه حضور سردار صاعد جي عاصل وزيرا،

تان جان ٿوريءَ مدت سي سڀ سرڪش اطراقا،

ٻڌي آندائون، محبوس ڪئائون، مڪائون زندانا،

ڪئائون ولاتون پنهنجي تصرف ۾ سڀئي شهرا،

ٿِي زينت زياده مصر جي، قادر جي ڪرما،

آئي رونق آبادي شهر ۾ ٿئا مدعي مقهورا،

ٿي جديد السلطنت سلطان جي، ڪَر نئون هلئو حڪما.

جڏهن عاصم شاهه، سيف الملوڪ ۽ ٻين همراهن سان مصر ۾ موٽي آيو، تڏهن صاعد جي جوانمرديءَ جو احوال معلوم ڪري نهايت خوش ٿيو، ۽ انهيءَ خوشيءَ ۾ هڪڙي مجلس ڪيائون. پنهنجي سفر جو بيان ڪندي، سيف الملوڪ کي سگسرن جي امير عبدالله جي يادگيري آئي، جنهن ساڻس ڪنهن وقت مدد ڪئي هئي. خيال ڪيائين ته ويچارو امير عبدالله انسانن جي صحبت کان محروم هو. تنهنڪري ڇونه کيس ڪي ٻانهيون ۽ ٻانها تحفي طور موڪلي ڏجن، جو جانورن جي صحبت مان نجات مليس.

تڏه ڪئائين تهين ساعت ۾، تنه دم تيارا،

ٻه سؤ غلامن گرجِيين ۽ پڻ حبشين ڪنا،

ٻه سؤ ٻانهيون سونهڻيون ڪنا چين ۽ هندستانا،

۽ چار سو خوجن جا، جي ويهن حويلين تا،

سونهڻا مثل چنڊر جي زينت زيادا،

پڻ تحفا هَديا ڪيترا موچارا مورا،

ڪري همراه صاعد سين ڪئائين روانا،

پُڻ حڪم ٿئو لشڪر کي ترت تنه ويرا،

جي ڏهه هزار پرين جا ۽ پُڻ عفريتا،

منجهه رڪاب صاعد جي ڪيائون تعين تيارا،

سڀ اُٿي اُڏاڻا هواءِ ۾، اوڏا اَڀن کا،

تان منجه ڪارائِي آسمان جي وڃن اُڏاڻا،

پُڻ منجهه ٿوريءَ مدت جي اچي سي رسئا.

امير عبدالله، صاعد سان ملي، احوال معلوم ڪري شهزادي سيف الملوڪ جا ٿورا مڃيا؛ ۽ ان سان ملڻ جي خواهش ڏيکاري. پوءِ امير عبدالله صاعد ۽ سندس لشڪر کي پاڻ وٽ ڪجهه ڏينهن مهمان ڪري ٽڪايو. ان کان پوءِ، ڪجهه ديوَ امير عبدالله جي ملڪ ۾ ڇڏي، مصر ڏانهن سفر سنباهيائون.

اچي گڏئو مَلڪِ عاصم سين امير عبدالله،

۽ صاعد پڻ ملڪ عاصم سين ڪئي ملاقاتا،

پڻ اچي گڏئا تاج الملوڪ کي ۽ فخر الملوڪا،

پڻ وُزرا اُمرا جي هئا، سڀ ٻئا سالارا،

ڪعائون شادي مبارڪبادي ٿئا خوشحالا،

پڻ اچي گڏئا سيف الملوڪ کي منجها محبتا،

تين ٿئا جمع گهڻا بادشاهه شهر ۾ مصرا،

جهڙو بادشاهه سرنديپ جو، ۽ تاج الملوڪا،

۽ عبدالله امير وانَرن جو، ۽ ملڪ عاصم شاه،

۽ عاشق صادق سيف الملوڪ ڀلو شهزادا،

رکئائون بِناء دوستيءَ جي، هيڪ ٻئن سان،

پڻ هئا همراه عبدالله سين، جيڪي وانرا،

سي نچڻ لڳا ناز سين، ڪئائون ڪيترا تماشا،

جين ٿيندو هو عجب ماڙهن کي پَسي تن کا،

۽ پسي خلقتون خدا جون، وحشي صحرا جا،

ته مولي ڪئا بني آدم جا مسخر مطيعا.

]ڪن ڏينهن جي رهاڻين بعد هرڪو پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽيو. سيف الملوڪ پرين ۽ ديون کي به پنهنجي ملڪ گلستان ارم ڏانهن موٽڻ جي اجازت ڏئي، پاڻ بديع الجمال سان گڏ حياتيءَ جا ڏينهن خوشيءَ ۾ گذاريا.[


 

 

روايت [2]

چيل بهار ٻپڙ جو*

 

1-

جو تعريفن جهڙو، تنهن تعريف جڳاءِ،

 

ملڪ تنهن مالڪ جو، ٻئي جي لڳي نه لاءِ،

 

پاڻ ويهاري پاتشاهه، جوڙي جاءِ بجاءِ،

 

خوشيون ڏي خداءِ، مدايون ميٽي ڪري.

2-

مدايون ميٽي ڪري، ڪوڙين پڄائي ڪاڄ،

 

مهتر سليمان هو، پيدا مؤن پَتلاڄ،

 

هادي ڏنس هٿ ۾ سڀيئي سرتاج،

 

عرض ڪيو علاج، ٿا محڪم بيهن مجري.

3-

ٿا محڪم بيهن مجري، ڌرتيءَ نرڙ ڌريُون،

 

هئا تنهنجي حڪم ۾، پکي، ديوَ پريون،

 

جَڙيون جال جوهر سين، دالا، درس دريون،

 

ٻيئي مُلڪ ڀَريون، هيون تابيني تانهجي.

4-

هيون تابيني تانهجي، واري سليمان،

 

هاشم شاهه مصر ۾، هو عاقل سان احسان،

 

جامر سڀ زبون ڪيا، کنو کڻي خان،

 

سورهيه پٽ سفيان، عدل کان امير ٿيو.

5-

عدل ۽ انصاف جو، صاحب هو صراف،

 

گرگ، ٻڪريءَ گڏ ٿي ثابت چِنو صاف،

 

راڄي رائر رعيت تان، ڪيو مڙيئي معاف،

 

اُنهيءَ جو انصاف چوڻ کان چوڻو ٿيو.

6-

پر مصر جهڙا چار سو، ٻيا ڀي ڪامل هئس ڪوٽ،

 

تن کان هئا عاشق جا، سٻر سپاهي سوٽ،

 

خرچ خزانا تن کي، ٻهُون ٻيڻا آذقا ۽ اوٽ،

 

تنهن عاقل پنهنجي اقبال سان، گهڻا نوايا گهوٽ،

 

چئنچل ڏيئي چوٽ، هيسي سڀ هٿ ڪيا.

7-

ستر، سڀ چون، ورهيه گذريا وِير کي،

 

ته ڪمي هئس ڪانه ڪا، خرچن خزانن،

 

تان هڪ ٻار نه ڄائو تن، عمر لنگهيندي ايتري.

8-

ويٺي وير ڪنهين جان ڪيو وير وهم،

 

جيڪر ڪو جوان هو، جي هوند ڄائو ڄم،

 

ته هي ملڪ خزانا مال، ٿيو تنهين کي تم،

 

اهو غصو گوندر غم، وٺي ويٺو پاڻ کي.

9-

وٺي ويٺو پاڻ کي، ڪري غم گمان،

 

نڪا ڪري ڪچهري، نه دفتر نه ديوان،

 

همه ڪل حيران، اُنهيءَ ويل وير ٿيا.

10-

صالح هو سڀن ۾، وڏو وزيرن،

 

خذمتدار خلوتيا، ٿا تنهن کي تت چون،

 

وڃ وهلو تون شاهه ڏي، ٻيا تان ڪين وڃن،

 

ته ڪهڙي پيئي من، جيئن نو مونجهارو ماڳ ڪيو؟

11-

تڏهن صالح پٽ جممشيد جو، ويو هلي وٽ وير،

 

پيش وڃي پتشاهه کي، ڪيو سلام سڌير،

 

ته قبلي عالم ڪيئن ٿيا، فقط هيئن فقير،

 

ڏس متان ڏيهن جي، ڀلا ڀڄيئي سِير،

 

مونکي ڏي من ڌير، جيئن تو مونجهارو ماڳ ڪيو.

12-

تڏهن سُڏڪِي ڀري ساهه، قبلي عالم جي کنيو،

 

ته ’ادا! منهنجو دشمن دوس تي، پوي نه پرواهه،

 

نڪي خزانا گهٽ ٿيا، ٻيو ٿورو ناهه سپاهه،

 

پُٺ منجهان ئي پانهنجي، ڪو ٿئي شامل نالي شاهه،

 

ته هيءَ مسند، مال متاع، تنهن ٻيٽي کي برجاءِ ٿئي.

13-

تڏهن وير وزير، ڏني مانجهيءَ کي مصلحت،

 

ته سڀڪي ٿيندو سٿرو، ناميا! سان نئڙت،

 

صبح ويل سڌير ٿي، تون سر ويهه تخت،

 

ڪوٺ حڪيم حساب جا، تان ڏسن ستاري ست،

 

ته من ڪامل ڪري ڪٿ، ڏسي ڏين جواب ڪو.

14-

سڻي سخن وزير جو، کِلي ٿيو خوشحال،

 

پيڙهي ويٺو پاتشاهه، صبوح ٿي سرحال،

 

تنهن دم اندر داد جا، بيهاريا برحال،

 

نيا نجومي ڪيترا، دم تنهين در حال،

 

آگه ڪيائين اُن کي، ايءُ مذڪور محلا،

 

ته ٻاجهه منجهانرا ٻال، ڪو مونکي ڏيندو مون ڌڻي؟

15-

تڏهن حڪيمن حجاب، اُتيئي ايڏو ڪيو،

 

ته ڏينداسين ٽئين ڏينهن تي، جيڪو سو جواب،

 

ڪڍي ڪو ڪتاب، ستارو سهي ڪري.

16-

ستارو سهي ڪري، ڪيائون فڪر فلاح،

 

اُتائون احوال سو عالمگير اڳياءُ،

 

ته يمن جي شاهه کان، جي سڱ وٺين سهجاءُ،

 

ته توکي تنهن منجهاءُ، ٿيندو پٽ مبارڪ پاتشاهه!

17-

ٻُڌي مبارڪ ٻار جي، سرهو ٿيو سلطان،

 

تنهن خزانا خيرات ڪيا، بيحد بي بيان،

 

نجومي نهال ٿيا، وٺي دولت دان،

 

سَرهو سڀ جهان، سُڻي سڀيئي ٿيا.

18-

تڏهن پنهنجي اڳيان پتشاهه، ڪامل ڪوٺيا ڪي،

 

ته هُونِ حڪيم عقل جا، جوهريا جابر جي،

 

سي وڃن پار يمن جي، حال وٺي سڀ هي،

 

اول طرح چئي تن کي، پوءِ سخن سان سڱجو.

19-

تن ڏي شروع ڪيون شاهه، سوغاتون ۽ سِبو رَيُون،

 

پهرون ئي پنجاهه اُٺ، ٺهيا موتن ٺاهه،

 

تن ۾ ست گوهر سفيد هئا، ويتر چڱا واه،

 

تن کي ڏوڻو ڏئي کان ڏنو اوجر پاڻ الله،

 

چار سا ٻانهيون سي هيون، جي نيڪيون ساڻ نگاهه،

 

تن کان منهن موٽائي ماهه، ئي لڪايو لڄ ڪري.

20-

گهوڙا کنيائون گهوٽ لئي، چار سا ۽ چار،

 

جن جا پير پکين کان اڳرا، اُڏامڻ ۾ الغار،

 

زنگي، فرنگي، حبشي، خوجا خذمتدار،

 

ٻيا ڀي تن سان ڪيترا، هئا ڪَمهون ڪمدار،

 

پڇي اچي سي پار، ٿيا ولايت ويجهڙا.

21-

تڏهن جاسوسن جِيهين، سڌ سڻائي شاهه کي،

 

ته ڪٽڪ ڪارونڀار، اچي ٿو اِيهين؛

 

ڪوٽن کي ڪِيهين، جهلي محڪم ڪريو محاسبا.

22-

پوءِ ڦيرائي في الحال، اوڏي مڪائين ايلچي،

 

تَنهين پڇيو تن کان، هيءُ مذڪور محال،

 

ته ڪير آهيو، ڪيڏانهن اچو، چئو حقيقت حال؟

 

ته اَٿو ڪو سوديومال، ڪي، يا ڪي شهر يمن کان.

23-

تڏهن ملوڪن سا مام، چئي مُڪي شاهه ڏي،

 

ته اسين ڏوران ٿا اچون، شهر مصر کان شام،

 

هي سوغاتون سلام، هاشم مُڪا تو مَڻي.

24-

سڻي سنيهو تن جو. پاتشاهه پرتو،

 

جُڙيون جايون جاڳهون، چيو وير، وِهو!

 

ڏسو هيءُ ڏهو، جيئن آن جان فدا ڪريان.

25-

تڏهن صبح وير سوير، ڪڍي ڪچهري پاتشاهه،

 

ويا ملوڪ مصر جا، ڀري پانَوَ پير،

 

نيئي نظر گذاريا، تحفا تنهين وير،

 

وڏ- شرمي دل شير، قابل سڀ قبول ڪيا.

26-

ڪري سڀ قبول، خاصي وٺتا خط،

 

پڙهي پروانن کي، ٻئي ٻڌئين هٿ،

 

سڀيئي صدقو ڪريان، جي هُرنم ڌيون ست،

 

مانجهيءَ ايءَ مصلحت، ڏني عاجزائن کي.

27-

اچي تن عاجزائن کي، دل ڏني داناهه،

 

کَني ۽ دستار سين پرڻائي پتشاهه،

 

سُتت ئي ساڻ صلاح، وٺي وطن ڏي وريا.

28-

سڀڪنهن کي سون سين، پهرايو پُرسن،

 

ڏنا شاهه يمن جي، گهوڙا کي گهوٽن،

 

ٻيڻا مال متاع، ٻيا ميوا کي ماڙهُن،

 

ڌيءَ ڏنائين تن، سين پنجن وزيرن پانهنجي.

29-

بيٽِي شرف شاهه جي، نالي منڌ ’نگار‘،

 

تنهن نينگريءَ ناز پَئي، ڪِي پيءُ سان ايءَ پچار،

 

ته ساڻ سهيلي سردار، ڏي مون ڌيءَ وزير جي.

30-

تنهن ڀي رهسي راڻيءَ، لڌيون کي سين لائون،

 

ڪيون پوريون پرور پاتشاهه، سَڀي سکائون،

 

ماڻهو مڪائون، موٽيا شهر مصر ڏي.

31-

جڏهن ويجها ٿيا وري، مڻي مصر ملڪ ڏي،

 

آگه هاشم کي ٿي، خبر ايءَ کري،

 

تنهن هنڌ جوڙايا حجرام لائي بفت زري،

 

پسي حُور پري، ماڳ تنهين مشغول ٿيو.

32-

پسو پهرينءَ رات، سنگا ٿي صورت کي،

 

نَوَ مهينا نَوَ ڏينهن، پيئي جا پرڀات،

 

ته ڏاتر منجهان ڏات، پٽ ڏنو کي پاتشاهه،

33-

شادي طبل شروع ٿيا، پييون پُٺايون،

 

هاشم اڳي مڃيون سهسين سکائون،

 

خزانا خيرات ڪري، لکين لٽيائون،

 

ورتيون هي وايو، ته غازيءَ، فقير غني ڪيا.

34-

پوءِ مبارڪون ڏيئي، صالح ويٺو سامهون،

 

ته وهلو تت وزير کي واڌائي ويئي،

 

ته گهر تنهنجي گهور ٿي، پُٽائي پيئي،

 

’اوهين آڻيو ٻيئي‘، هاشم چيو تن کي.

35-

دائي دست ڪري، آئي ٻهڳڻ ٻاروتن ۾،

 

ويجهي ٿي شاهه کي، پهتي پير ڀري،

 

وهسيو تن وري، فرزند پسي پانهنجو.

36-

پسي فرزند پانهنجو، سرهو ٿيو سڌير،

 

هاشم چيو تن کي، آڻيو وٺي ورتيو وير،

 

دونُون دائي هيڪڙي، مر جان پين کير،

 

وڏي نانءِ وزير، هيءُ پٽ ٿيندو پاتشاهه.

37-

نالو حڪيمن، رکيو ’سعد‘ وزير جو،

 

سيف الملوڪ سهجون شهزادي نالو تت چون،

 

عقل، شعور، ڄمار جا وڏا طالع تن،

 

چوڏهن ورهين پڄاڻا، هي ٿا مسافر ٿين،

 

مگر ملوڪن، پوندا پنڌ ڪشال جا.

38-

قضا دل ڌري، کڻي پالڻ ويهاريا پاتشاهه،

 

شهزادن جي شبيهه جي، پيئي پچر پري،

 

سالڪ چوٿين سال کي، جان پهتا پير ڀري،

 

ڪامل قياس ڪري، کڻي پڙهڻ ويهاريو تن کي،

39-

عقل، شعور، اقبال کي، پهتا پُرس پڙهي،

 

وڃن سَيل سواد تي، چوڏهين ورهه چڙهي،

 

گهارينِ ڪانه گهڙي، شهزادا شڪار ري.

40-

اُڻنديئي صباح، ٻئي جان ويا مجري شاهه جي،

 

هن ڀي سون رپي جون صندليون، وڌيون آڻي واه،

 

ويٺا وير تن مٿي، ٻئي ماندر ماهه،

 

انهن کي اُتي ڏسي، ڪيا شڪرانا شاهه،

 

کنيو نيڻ نگاهه، ٿا وهسن وير تنهن کي.

41-

ٿو وهسيو وير چوي، پسيو تنهن جا پار،

 

پوءِ خان خزاني ڏي ڪيو نظر نيڪ نهار،

 

ڪوٺي چيائين ڪَن ۾، خاصي خذمتگار،

 

ته هن پر جا آهه پيار، سا سگهو آڻ صندوق تون.

42-

سگهي آڻي صندوق سا، پسِي پَٽيائون،

 

تنهن ۾ مُنڊي مهتر سليمان جي، ۽ ڪپڙو هو ڪائون،

 

سو پانو ڏنو پُٽ کي، ترت ڪڍي تائون،

 

سعد به سونپيائون، گهوڙي ۽ سروپاءِ سان.

43-

تڏهن شهزادي کي شاهه، ٿي نامئي ڪي نصيحت،

 

ته منڊي مهتر سليمان جي، هيءَ سانڍ برابر ساهه،

 

ٻيو هيءُ ڪپڙو قربدار اٿئي ويتر واه،

 

هي سوغاتون به صلاح، ڏنيون هئائين مون مَري.

44-

پوءِ ڀري مجرو شاهه جو، اُسهيا الله آهر،

 

موٽي ويا ماڳ تنهين، ٻئي ٻهڳڻ يار،

 

ساڻن ڪَلونت ڪيترا، تن گويا ڪئي گفتار،

 

تن آلاپيو اِلحان سين، منجهان نينهن نظار،

 

ٿي کِيا منجهه خمار، سي صورتوند سمهي رهيا.

45-

تڏهن ڪامل کي ڪپڙي جي، ڪاتَنَ ۾ هئي تات،

 

نازل ننڊ وههِ ٿي، اُٿيو سو اڌ رات،

 

پَٽيائين پاسي ڪري، چوريءَ چپ جپات،

 

بانڪي ڏٺي بات، تنهن ۾ صورت سڦري.

46-

تنهن ۾ صورت سڦري، هئي پَرين جي پاري،

 

عاشق انهيءَ ڏي، پيو نيڻين نهاري،

 

روئي زارون زار ٿو، هئي هنجون هاري،

 

سيفل سونهاري، نيڻين ننڊ حرام ٿي.

47-

نبڻين ننڊ حرام ڪئي، منجهان نينهن نزاڪ،

 

لڳيس ناوڪ نينهن جي، چِت چڪيا تنهن چاڪ،

 

اُن آهون اُتيئي ڪيون، دانهون درد فراق،

 

پاتشاهي پوشاڪ، ڦاڙي تنهن ڦٽي ڪئي.

48-

اُٿيو اُڊڪا کاءِ، سعد صبح جو سيج تان،

 

ته پانوَ ڪونهي پلنگ تي، جاني انهيءَ جاءِ،

 

دل ۾ اُن دليل ڪيو، تڏهن تنهن ٻواءُ،

 

صورت ڏي سلطان ويو، متان ريجهي راءُ،

 

مڇڻ مون ڪناءُ، ڪو شهزادي شڪ ڪيو!

49-

پر جان اُٿيو پوءِ، ڪري قيمتي ڪپڙا،

 

سعد صفي مون مڪتو، حيرت ڪري هوءِ،

 

وڃي جان پير ڀري پِرين ڏسي تان ٿو چوءِ،

 

راءُ ويٺو هت روءِ، ڪڇي ڪين زبان سان.

50-

ڪڇي ڪين زبان کان، ڪنهن کي چوي ڪين،

 

گرد ڪيائين غم ۾، اهڙا عبش اسين،

 

جدا نازڪ جان تان، کنيو جامو چولي چين،

 

انهيءَ برهه ”بهار“ چوي، جيئن جر ري ماهي جين،

 

ٻولي ٻولي ٻي نه، بنان دانهن دوس جي.

51-

هنن جهيڙيندي پاڻ ۾، هاشم پڻ آيو،

 

چئي: اچن شوق شڪار جي، تن لحظو نه لايو،

 

سڻي حالت هن جي، تنهن فائق فرمايو،

 

جيڪي چڱن چوايو، سو سڀ سگهڙن سچ چيو.

52-

بيٽي جي بَتشاهه کي، ٿي ماندائي مَعلم،(1)

 

تنهين وير تکو هليو، ڪري ڪڍ قدم،

 

سو صحي اچي سيفل جو، جان حال پسي حاتم،

 

تان دانه کڻي نه دم، دانهن بنان دوس جي.

53-

تڏهن جانب سندو جار، پسي پيو پيءُ کي،

 

جوان وڏو ٿيو جوش، ڪري ڪين قرار،

 

ته هي درد ڪٿان دلدار، وهايئي ويهي ڪري؟

54-

پڇو پانوَ کانءُ، ٿي هاشم اُٿي خبرون،

 

دانهون ڪريو درد مان، منٿون ڪيون ماءُ،

 

سعد به روئي ٿو سوز مان، ڀر بيٺو ڀاءُ،

 

وهلا وِير وزير ويا، ڊوڙي تنهن ڊاءُ،

 

ته ڀي راز نه سلي راءُ، روئي راتو ڏينهن ٿو.

55-

روئي راتو ڏينهن ٿو، ڪنهن فراقيو ڦٽ،

 

ڪي طب ڏسيو تعويذ ڪن، ڪي مشڪ عنبر ڇٽ،

 

درد پسيو دل جو، ڪي چون: ديوَ دٻايو سٽ،

 

عالم عرضون بند ٿيا، ڪارڻ سلام سهٽ،

 

لکين ٻڌيو هٿڙا، ڇنڊين کِهه اُتان تنهن کٽ،

 

تان پانوَ مٿان پَٽ، اُٿي ڪين اونداهه کان.

56-

تڏهن سڏايا سلطان، پنهنجي اڳيان پتشاهه،

 

اُنِي سڀ علاج ڪيا، تان ڪنهن جي هلي ڪانه،

 

کاڌو خاطر ايتري، ٿي اُلوفا احسان،

 

ڪارُون ڪاڻ جوان، ڪريو تان ڪرم ٿئي.

57-

تڏهن صالح ڪيو سلام، اُٿي اڳيان شاهه جي،

 

حيلي حڪيمن جي، ورچي ڪين وريام،

 

ته سعد منهنجو هت هيڪلو، تنهن کي تنها چوءِ تمام،

 

زاريون ڪري جي نه مڃي، ٿئي نهايت نام،

 

تڏهن رکي پنهنجي پيٽ تي، ڪڍي ڪٽارو ڪام،

 

ته انهيءَ قول ڪلام، مانَ ڪا سليس ڳالهڙي.

58-

جُنبيو جانب يار ڏي، اُٿي سعد وزير،

 

پڇيائين پانوَ کان، نرتيون هيءُ نظير،

 

ته گڏ ڄاوا، گڏ اُپنا، گڏ پيتوسون کير،

 

جي نه سليدين ڳالهڙي، سچا رکي سير،

 

ته هي ڪٽارو ڪير، ٿو لوهوءَ ۾ لعل ڪريان.

59-

تڏهن روئي تنهن راڻي، وٺتو هٿ وزير جو،

 

حالت منهنجي حال جي، تون نه ادا! ڄاڻي،

 

جيڪي ڏٺو مون، سو جي تون ڏسين هاڻي،

 

ته پاونگ پلاڻي، هوند بَر ۾ بيراڳي ٿئين!

60-

تان چئي: چئو چڱيان ٿي يار، ڳالهه پنهنجي ڳجهه جي،

 

جيئن ڏٺئي تيئن ڏيکار، مون سونهارا سردار،

 

ماءُ پيءُ سڀ مشتاق ٿيا، تنهنجي ڪاڻ قرار،

 

ڪر گويا ڪنه گفتار، ته اُنهيءَ جو علاج ٿئي.

61-

تون سڻ جانب چيائين. مونکي نينهن نهوڙيو،

 

مورت آڳري ماهه کان، هئي ڪپڙي ۾ ڪِيائين،

 

تنهن ڇڪائي ڇيهون ڪيو، هينئڙو هڌائين،

 

اُٿي ڪريو ڪِيائين، ته وڃي ملان محبوب کي.

62-

سُڻي سخن هيءُ سعد، پُري ويو پتشاهه ڏي،

 

اڳيون ويهي اُمراءَ جي، عاقل ڪيو استاد،

 

ته ڪا هئي مورت ڪپڙي ۾، تنهن سيفل ڪيو ماد،

 

لائي ڪريو مَ لڄ، ڪر ٿئي درد انهيءَ جو داد،

 

ٻُڌي فلق فساد، تنهن هاشم کي عجب ٿيو.

63-

تڏهن اڳيان وزيرن، هاشم ڪيو اظهار،

 

ته هڪ ڏينهن ويٺو هوس تخت تي، تان اُڀريو گردغبار،

 

ست پَريون پيدا ٿيون، تنهين مون تڪرار،

 

چي: نرس مَ ڪر شاهه تون، وهم ڇڏ ويچار،

 

اسين ڏوران آئيون، اهو ڪري اقرار،

 

جو مهتر سليمان سُجهي ٿو سونهارو سردار،

 

تنهين هيءُ ڪپڙو قربدار، مُنڊي مُڪي تو مَڻٻي.

64-

تڏهن اُٿي تن اڳياءُ، ڪيم تعظيمون تن کي،

 

اُپٽي پڇيم ڪپڙو ته هيءَ مورت ڪنهن وياءَ،

 

ڪهڙي صورت سواءُ، ڪر نقل لکيل نار جو؟

65-

جُنبي تن جواب ڏنو، طرح وڄائي تال،

 

آهي پَرين جو پتشاهه، ڌيءَ تنهين شهوال،(1)

 

شهر گلستان ارم نالو، نالي بديع الجمال،

 

آن ڀي عاشق اُن تي، ٿيس دم تنهن در حال،

 

پوءِ چيم ڪاٿي مهتر سليمان ٿيو، ڪاٿي ملڪ مقال؟

 

يار وري هيءُ حال، ڪَٺڻ جهڙو ڪم ٿيو.

66-

ڏسنديئي ڏينهن تنهن، مون ڀي ڌيان ڌريو،

 

آءٌ پڻ عاشق ان تي هئس چوڏهن ورهيه چريو،

 

ماڙهُو مون ڀي موڪليا، ته ڪا وڃي سڌ ڪريو،

 

تان آيا وير وريو، ڪل پيئي تن ڪانڪا.

67-

ڪي ڀينر چار چون، ٻيا ڪي ڀينر ست،

 

نار تنهن ۾ ننڍڙي، آهه بديع الجمالت،

 

روءِ راڻيءَ جي سهي، ڪو ديو پَري دهشت،

 

سڀ مڃيو سرتيون، واکاڻين وحدت،

 

ايڏيءَ سان عظمت، آهي بيٽي بتشاهه جي.

68-

تڏهن پهه ڏنو کي پاتشاهه، وزيرن ويهي،

 

ته سعد وڃي سيفل کي، طرح چوي تيهي،

 

ته اُٿي خان خوش ٿي، درد مَ وجهه ديهي،

 

لهنداسون لوچي ڪري پرٿڻي پيهي،

 

تنهن کان اڳيئي، نينهن نه نبري تو سندو.

69-

ڪري سعد سلام، وڃي سڻايو سيفل کي،

 

ته چوڏهن مهينا تون عاقل ڪر رام،

 

اسان ماڻهو موڪليا، پلپل ڏيئي پيغام،

 

خان کنيرو خوش ٿيو، وهسيو تت وريام،

 

تڏهن طلبيائين طعام، ۽ ڪامل اوڍيا ڪپڙا.

70-

سَرهو ڏٺو سونَ کان شهزادي کي شاهه،

 

تنهن چونڊي ڪڍيا چار سو، جي عاقل هئا اُمراه،

 

ته اوهين گلستان ارم جي، آڻيو ڪا آگاهه،

 

تن ديسان ديس سڌايو، پار ولايت واه،

 

دوڙي مان درگاه، اُسهيا الله آهر سي.

71-

ڪي هليا هند ڏي، ڪن ڪِي عرب اُڪير،

 

ڪنهين سرنديپ سڌايو، ڪي ڪابل ۽ ڪشمير،

 

ڪي ماوراءالنهر ويا، ڪن ڪئي ترڪستان تدبير،

 

پاڻوواڻي منهن ويا، لنگهي سمونڊ سير،

 

سڀ ڏيهه ڏوري مير، موٽيا پار مصر جي.

72-

سي موٽيا پار مصر جي، مُنهن اتان موڙي،

 

آکه ٿي هاشم کي، ته هنن ڪين لڌو ڏوري،

 

گوهر ڏسي غم ٿيو، طرح تنهن توڙي،

 

ته متان وڃي ڪو ڙي سيفل سلي ڳالهڙي.

73-

سيف الملوڪ سعد سان، ٿو کِليو ڳالهائي،

 

ڪڏهن وڃي شوق شڪار جي، ڪڏهن ڪچهري لائي،

 

ڏينهاڙي ڏينهن گهڻو ٿو مدت مٽائي،

 

ڪنهن اچي چيس اوچتو، ثابت سمجهائي،

 

ته جي مُڪئي دانه دوڙائي، سي خالي موٽيا خابرو.

74-

شهزادي شور ڪيو، سڻي حقيقت هيءَ،

 

پروانو پڙهي ڪري، ٿيس جنجل مٿي جيءُ،

 

روئڻ ڳرڻ ريءَ، ڪنهن سان ڪڇي ڪينڪي.

75-

ڪڇي ڪين زبان سين، نڪي ڳالهائي،

 

نڪي گهُري گهوٽيو، کاڄ نڪي کائي،

 

راتو ڏينهان روح ۾، رنڊيو رنجائي،

 

غم وڌو گهائي، پُورَ پريءَ پئمال ڪيو.

76-

عاشق جو احوال، وڃي اُتائون هاشم کي،

 

ته سبفل وري سوز ڪيو، جيئري سر جنجال،

 

ڪامل ڦاڙي ڪپڙا، هَئي وڃايو حال،

 

ڪريو فڪر في الحال، جيئن از نه وڃي بند مان.

77-

ويو سلطان وري، سڻي حقيقت ههڙي،

 

تنهن اچي ڏني مت ملوڪ کي، جا سُجان سري:

 

ته اسين آڻيون آدمي، پڄي پيءُ پري،

 

اسان ماڙهو موڪليا، ڏيندا خبر کري،

 

تن لکي آندا چار سو، مورت زيب زري،

 

ته ڪانه ڏٺي ڪٿئين، اهڙي حور پري،

 

تو جا ڌيان ڌري، ساڳڻي سليئون ڳالهڙي.

78-

چئي: اي قبلا سردار! سڻ عرض هن عاشق جو،

 

بنان بديع الجمال جي، توڙي حورون هُون هزار،

 

پڻ مَٽ محبوب سان نه ڪريان، ويهون ڀاڱو وار،

 

پڄي ڪانه پِرين سين، تُل تنهين تڪرار،

 

تو ڀي وس وڏا ڪيا، توتي ناهه ميار،

 

مونکي موڪل جي ڏئين، ته گهمان ديس دوار،

 

مان ملنم يار، ڪُهي جن ڪباب ڪيو.

79-

تڏهن هاشم کي اندوهه، ٻُڌي ٻيڻو ٿيو،

 

چئي: تو ڏٺي تسليٰ ٿئي، هينئڙو ڪندو ڪوهه،

 

دانھ! منهنجي دل تي، تون ايڏو رک مَ روهه،

 

جي ڀي تون نه رهين، ڪرين واري ستم ستوهه،

 

ته ڪٽڪ توسان ڪهمڪي، شامل ڪريان شڪوهه،

 

شل طالع ڪريئي توهه، جيئن ملين محبوبن کي.

80-

تڏهين جُڙيا جَهاج، خان گهڻيرو خوش ٿيو،

 

ٻيڙي سيفل سعد جي، ٿي علاحدي ساڻ عاج،

 

 ساڻس ست اُمراءِ هئا، جي لائق ڀريا لاج،

 

تن پنجن ورهين جو توشو کنيو، کيڻ خرچ، خراج،

 

ورنه سي ورساج، جنبي جهازن ۾ چڙهيا.

81-

جُنبي جهازن ۾ چڙهيا، صاحب سنڀاري،

 

معشوق جن جي من ۾، سي ڪيئن ويهن وساري،

 

عاشق اوتاري، ٿي اچي موڪلايو ماءُ کان.

82-

چئي: مادر! موڪل ڏينم، ته وڃي پهچان پِر کي،

 

منجهان روح راضي ٿي، دم دم دعا ڪرينم،

 

تنهن پرور کي پرنينم، تان وڃي ديکيان دوس کي.

83-

پانه روئي پُٽ سان، ڀڙ ڀاڪر پايُون،

 

جي مون سُکائون مڃيون، سي اميدون نه آيون،

 

دالن ۾ دايون، روڄ وڏوئي روس ڪيو.

84-

جرجلو ۾ ڳوٺ، سيفل! تو ريءَ سڃ ٿي،

 

هي ڪچهريون ۽ ڪوٽ، مڙيئي مون ماتام ٿيا.

85-

رويو رويو ڳالهه، آتڻ ۾ ماڻس ڪري،

 

پِرين وڃن پرڏيهه ڏي، وجهيو جيءُ جنجال،

 

ڀلا! تنهنجي ڀال، من موٽي ملن مون اچي.

86-

چئي: شال مَ وڃين ڏور، پِرين پراهون مَ ٿئين،

 

ماري ڪيئي معذور، مادر وجهي مامري.

87-

چئي: مَ روءُ مادر! ماٺ ڪر، مون سئلان ۾ هاج،

 

موٽان تان ميهڻو، وڃان ٿو سقلاج،

 

تنهن سپاريو سرتاج، عالم جنهن جي آسري.

88-

چئي: جيئندي پَرياڻي، جو ٿو وڃين وير تو!

 

منهنجو جيئڻ مس ٿئي، هَئي تو ريءَ هاڻي،

 

ڄاڻندڙ ڄاڻي، جو ساهه نِين ٿو پاڻ سان.

89-

چئي: توڙي ورهه پنجاهه، هجي پنڌ پرين جو،

 

منزل ڪري هيڪڙي، صدقي ڪندس ساهه،

 

ڄاڻي هيڪ الله، جو هينئڙي سري نه هن ري.

90-

مادر چئي مراد، سيفل پڄائين سعد جي،

 

دردو ندن جا داد، آکا! ڪج احسان سين.

91-

سيفل سندو سعد، قادر! تون ڪم ڪرين،

 

موليٰ! تون مراد، ترت پڄائين تنهن جي.

92-

اُڀو روئي پاڻ، پُٽ سين بيٺو پاتشاهه،

 

راڄو راڄن جو ڌڻي، سڀڪو روئي سپاهه،

 

تو ريءَ ماندو ساهه، سيفل! وڃ مَ سڃ ڏي.

93-

تان چئي: پلئي رهان نه پِري ري، بابا! ڪر تون بس،

 

مير، وزير، مصري، آهن دانهَ تنهنجي وس،

 

جَنهين پار پرين ٿيا، آءٌ گام وڃان تنهن گس،

 

جِيان جنهين جي جس، سي صاحب ميڙي سپرين.

94-

موٽڻ منهنجو نه ٿئي، ڪريو ڪسوسي ڪانهَ،

 

اوهين پرتيو رب کي، الله جي امانَ،

 

ڪري زاريون ساڻ زبان، موڪلايو ماءُ کان.

95-

چئي: وڃي ملندين پرين کي، الله جي احسان،

 

سيفل سرت سجان، شل موٽي اچين مان گَهرين.

96-

مون تڙ ويٺي اڄ، پرين پڳهه ڇوڙيا،

 

کين پتڻ، کين پاتڻي، کين تنهين جي لڄ،

 

آساوندي پَهچ، پِرين پرتا رب کي.

97-

مون اُيٺي تڙ پاس، پرين پڳهه ڇوڙيا،

 

ٿيا سڻاوا سپرين، دم دم دعا ڪندياس،

 

آس نه لاهيندياس، شل موٽي ايندا مون گهَرين.

98-

سورهه ساڻ سهٽ، ٿو مال مهاڻن ڏئي،

 

هيري، ماڻڪ، موتين، ڪِي پانوَ پيل پرٽ،

 

چڙهيا جوان جهازن، ٻَڌي جهُوڙ جهمٽ،

 

آڏا عاج بندي ٿيا، گرڻا، گل گنبٽ،

 

سڙهه سڄا سقلات جا، لاڄُون لاڳي پٽ،

 

سونا ڦُل ڦرهن تي، کنا ساڻ کرٽ،

 

سمنڊ کٿوريءَ واسيو، ساڻ سرهائيءَ ڇٽ،

 

خان ويٺا سر کٽ، جُهلي ڇَٽ ڇڳير تي.

99-

رکيو ڌرم ڌيان، ٿو پهرائي پاتڻي،

 

طلا ڪاري تن کي، ڏئي سروپايون سجان،

 

سهڻا سونهري، طنبو سان طولان،

 

جُڙي جهازن تي چڙهيو شاهه ڪري سامان،

 

تيئن سمنڊ تي سوجهرو. جيئن وڄون ۾ آسمان،

 

کين خوشيءَ سان خان، سڀ سکاڻي ٿيا.

100-

پاڻ ڪيو پرورش، ٿو پهرائي پاتڻي،

 

اولا جنهن عاج جا، اوُچا سين اطلش،

 

جي هئا ڪمي ڪش، تن سڀ ڪڙتا قيمتي.

101-

سنبهي ساڻ سڀن، چڙهو جنگ جهاز تي،

 

محڪم ملاحن ڪيو، لوڏي کي لاڄن،

 

سڙهه چاڙهي ساڄا ڪيا، ترت پنهنجا تن،

 

اُڀا ائين چون، مهاڙ تنهنجي مون ڌئي.

102-

ڇوڙي پڳهه شتاب، ٿيلهيائون ٿانءِ ڪري،

 

ڇول ڇليون ڇلڪا ڏئي، اُڇل منجهان آب،

 

ڇڏيائون غوراب، سنوان ڪري سير تي.

103-

تڏهن مڙهه سنوان جوسين، تن لاهارا جهاز ڪيا،

 

سٽيندي سمونڊ ۾، ويا چاليهين ڏينهن چين،

 

ڪنهن کي ٿيو هڏڪين، سڀ سلامت رسيا.

104-

وڃي چيائون فغفور کي، ته ڪي ڪٽڪ آيا،

 

تنهن چڱا چونڊي ايلچي، دانَه دوڙايا،

 

ته ڪيڏانهن اچو، ڪير آهيو، ڪِي پنهنجا پرايا؟

 

اٿوَ وڙهڻ جي وايا، ته اسين ڀي اُسري اچون.

105-

تڏهن سڏائي سلطان، آڻي ويهاريا ايلچي،

 

ويڙهه هڏهين نه ڪريون، توسين توڙ تمان،

 

خرچن خزانن جي ڪمي آهي ڪانه،

 

پنهنجي ڇڏي پتشاهي، ڪريون ٿا سيل سجان،

 

گذر منجهه گمان، گهمون خاطر ٻئي خيال تي.

106-

تڏهن ايلچين اظهار، وڃي سڻايو سلطان کي:

 

ته هيءُ نازڪ منجهان نور، پرس ٿيو پيداوار،

 

ڪامل قدرت جو ڌڻي، صورت جو سينگار،

 

پيو پڇي گلستان پار، ٻي ٻولِي ٻولي ڪانڪا.

107-

تڏهن فائق هليو فغفور، ملڻ ڪاڻ ملوڪ جي،

 

پُرجهي شاهن پاڻ ۾، مجلس ڪِي معمور،

 

سيفل جو سوز سڻي، ٿيس سٽاڻو سور،

 

ڳالهه ڳڻيائون ڳجهه ۾، موٽي هيءُ مذڪور،

 

ته ڪو پَريو، پُراڻو جهُور، پهه پار پَڇون تنهن کان.

108-

تڏهن پڇيائون کان پير، خير گلستان ارم جي،

 

اُنهيءَ اُتو، مون اڄ ٻُڌا، اهي نانو نظير،

 

رهن  ’ڳنڍي‘ شهر ۾ ٿا مسافر، مير، فقير،

 

پنڌ مهيني جو ڪري، وڃي آنيو سڌ سڌير،

 

هن ڀي سڙهه چاڙهي جو سير، ڪيا اُوپاري اوڏهين.

109-

تن ويندي سمونڊ ۾، ڪيو پنڌ مهيني ماڻ،

 

پَئي واو پَڻي ڪيو، مي متو مهرياڻ،

 

خان خزانا ڪيترا، ڪوڙين ڪيا قربان،

 

ڦرهو ڦَرهي نه مِڙيو، ڀڳو پيڙين پاڻ،

 

سيفل سرت سڄاڻ، پيو اُجهامي اُنهين.

110-

ٽي راتيون، ٽي ڏينهن، گذريا منجهه غبار،

 

ڪنهن کي ڪنهن جي نه پوي، اتي خبر نه چار،

 

تِتي ڏسي نه سعد کي، سيفل جان ٿي سار،

 

ٻُڏي ويو ٻيهار، ياد ڪري تنهن يار کي.

111-

ته هئو محب مون پرين، ڪارڻ هليو مان،

 

نه ڄاڻان تنهن سان، قادر ڪيئن ڪيو.

112-

ڏٺائين ڪي ڏور، ويندا وهندو آب ۾،

 

تڏهن شهزادي ملاحن کان، پڇو پهرين پور،

 

ته هلون هن حضور، ته ٿيون وسينءَ کي ويجهڙا.

113-

تڏهن موڙي ملاحن، رکيو مُنهن جهاز جو،

 

ويجها ٿي وسينءَ کي، وڃيو تت پڇن،

 

اڳيان آدمخور هئا، ٿا زنگي ذات چون،

 

تن وڌا هٿيارين هٿڙا، جهدئون جوانن،

 

پيا هڻن هڪ ٻين کي، سورهيه سانگ نه ڪن،

 

ٻي پٿري هئي پاڻيءَ تي، آتشاري اُن،

 

وڌائون ويل تنهين، ساڙي سونهارن،

 

سيفل ساڻ سَتن، وٺائون ويري ڪري.

114-

پهس کڻي ويا پيل، شهزادي کي شهر ڏي،

 

پنهنجي اڳيان پاتشاهه، وجهي نيائون نيل،

 

مجرو ملوڪن ڪيو، ڪارڻ ضرورت زيل،

 

بيٽي تنهن بالغ هئي، ويٺي تنهين ويل،

 

سا ڪُميءَ جهڙي ڪاري هئي، نانءُ تنهين آربيل،

 

صورت پسي شاهه جي، تنهن جي روح ڏني ريل،

 

هي تان ڏيو هيل، ته آءٌ کاوان آدمي.

115-

تڏهن کڻي ڏنائون، ستن سان سلطان،

 

پوءِ ائين چيائون، ته هي طعمو آهي تانهجو.

116-

پون عاشق پور، تڏهن سهن سڀ جو،

 

سوين بلائون سورم ڪاٽڻ آيس پِر لئي.

117-

زنگياڻي زوري، کڻي هلايو حجري،

 

تنهن جو قد مناري جيڏو، سر گنبذ گوري،

 

ناسان بٺ تنور جان، ئي طس اکيون توري،

 

ٿڻ ٿلها رڇ جان، ٻوٽا جيئن ٻوري،

 

انهيءَ کؤن اوري، منهن ڪوجهو ملعون جو.

118-

ڏند ڏاندارين جهڙا، ڪونڊن جيڏا ڪَن،

 

اولا ٻانهو اُن جون، رانون کوهارن،

 

اُٺ چپن کان اڳرا، اهڙيءَ سونهن سمن،

 

الله! ساڻ اَمن، سيفل بچائين سور کان.

119-

جيڏا گُند گهرن ۾، تيڏا پيٽ پرين،

 

سئيءَ پاهي کؤن سنهڙيون، هيون اکيون عجيبن،

 

اهڙا اڇا سپرين، هئا دانگيءَ جهڙي ورن،

 

ڳالهائين ٿا ڳوٺن ۾، ڄڻ ڪتا ٿا ڀونڪن،

 

سدا وتن سُنگهندا، منهن تي ڇڄ مکن،

 

سدا ڀڻڻ سُوڻا، آڀاڻا وتن،

 

سيفل سيفل ڪن، اهڙيءَ صورت سونهن سين.

120-

دائيءَ وڃي درحال، معلوم ڪيو منڌ کي،

 

ته رانول رتي روءِ، آهيس جوت جمال،

 

ڪيهر ڪئنچن کان، سيرت صورت سال،

 

سو ٻُڌي نام نهال، مُنڌَ اُلٽي محل تان.

121-

منڌ اُلٽي محل تان، پري پير ڀري،

 

چئي: رازق روءِ بروءِ، آندءِ وير وري،

 

نيڻن نيڻ ڌري، آءٌ ته نئون ڪريون نينهن کي.

122-

آءُ چڙهي اوري، ميان! محلاتن ۾،

 

درد تنهنجي ڌار ڪيا، هڏ ڀڃي هوري،

 

ويهڻ مون وِههُ ٿيو، ڪين تڳان تو ري،

 

قلوبان ڪوري، اچ ڪڍون آرار کي.

123-

ڪوه ڪشالا ڪيترا، ڪَيئي جنهين ڪاڻ،

 

سي صاحب مڙيئي سپرين، ڪر تون روح رهاڻ،

 

دائِي! سيفل آڻ، ته من کان ماندائي لهي.

124-

بصر بُلائي ٿي ڪَنڍيون ڪٺمالون ڪري،

 

سر کنڊ مٽي ميٽ ڪريو ٿي لوڻ لڱين لائي،

 

اگر ڪٽيو اکين ۾، ٿي سينڌ سرمون پائي،

 

ٽاريون ٽؤنر ڪري، ٿي موڙ مٿي ٺاهي،

 

گهري ويٺي وڻراهه ۾، پاٿاري پائي،

 

ته مون جهڙي ملڪ ۾، ڪا ڄاپندي ڄائي،

 

سيفل! تو آئي، ڪي ئي گهاريان ڏينهڙا.

125-

سيفل سخن سڻي ڪري، عاشق ڪڍي آهه،

 

ور توهُون موت ڀلو، جو سختي ٿئي کي ساهه،

 

تڏهن زنکياڻيءَ زوم ڪيو، ويتر تنهين کان واهه،

 

کڻي اُڇليائين ڏور ڪري، منهن موڙي کي ماهه،

 

اهڙو ئي ڪيو الله، جيئن رازق رکيس رن کان.

126-

ڪي پِيهن، ڪي ڪن ڪاٺيون، سندا سيفل يار،

 

تن کي مهينا پنج گذريا، تڳندي انهيءَ تار،

 

ڳالهه ڳڻيائون پاڻ ۾، ويهي هڪڙيءَ وار،

 

جي ڀڄون، ته اُبهون، ڪنهين ديس دوار،

 

نه ته ساري سڀ ڄمار، هت هونداسون بند ۾.

127-

سي ڦرهو ٻڌي نَر، سانجهيءَ موٽيا گهر ڏي،

 

صبح ساجهڙ نڪري، وڃي ٿيا سائر سَر،

 

پنج مهينا پنڌ ڪيو، ويچارن ويتر،

 

ڪل پاڻيءَ ري نه پوي، ٻي جا لڳي لهر،

 

اڳيان جزيرو پيدا ٿيو، ڀِري لڳا جنهن ڀر،

 

شڪر سائينءَ در، جو آيا ڇُٽي اُنهين.

128-

سيفل سهج منجهان، گهمي جزيري وچ ۾،

 

ميوا هئا ماڳ تنهين، کائي خوش ٿيا،

 

ٻيون بادايون ”مهار“ چوي، ڪماندن گَها،

 

پر ڊڄي سَپن جي ڊاءَ، وڻ سرِ سُتا راتڙي.

129-

جان گذري آڌي رات، تان مڇين منهن پٽيا،

 

سهسين بلائون مڙيون، ڪانه ڪنهن جي ذات،

 

تن جون اکيون ٻرن مشعلا، ڪن صاحب سندي تات،

 

پُرسن کي پرڀات، مس جهڙو ڏينهن ٿيو.

130-

ڀڳا ڏسي ڀو، ترهو وجهي تار ۾،

 

وڃي ترهو ترندو، جاڏي ريلي رو،

 

جزيرو پيدا ٿيو، گذريو ڏينهن سو،

 

تک لنگهي سو تو، اچي ٻئي ڪنهن لٿا ٻيٽ ۾.

131-

سهجون سيفل خان، گهمي جزيرو سو ڏنو،

 

ميوا هئا ماڳ تنهين، بيحد بي بيان،

 

کائي ستا خوش ٿي، صورتوند سجان،

 

صبح جان سيفل اُٿي، ته هي جاڳن ڪين جوان،

 

ساهه سندن سبحان، پڃي نيون پاڻ ڏي.

132-

تڏهن چُري چيائين، رضا سرِ ٿِي روح کي،

 

متان دل لاهي دلگير ٿئين، ائين اُتائين،

 

جيڪا گهُر رب جي، سا سڀ مڃيائين،

 

ته سنجهه صبح سائين، آگو ٿو احسان ڪري.

133-

پوءِ روئي، يارن کي دفني، ائين اُتائين،

 

بلا باسي پاڻ تي، هيءَ جفا ڪيائين،

 

ته لکيو لوح قلم ۾، مون سر تيلائين،

 

حال پريشان هيڪلو، کي کنيائين،

 

ڪتي جيڏيون ڪوليون، هئي زمين سونائين،

 

مِٺو چشمون ماڳ تنهن ڏوران ڏٺائين،

 

لٽا لاٿائين، وير گهڙي وهنجڻ لڳو.

134-

ڪپڙا جان ڪري، نازڪ وهنجي نڪتو،

 

اُوندهه سڀ جهان ٿيو، ويچاري وري،

 

ڀڳو ڀَڄي نه سگهيو، منجهيو خيال ڪري،

 

پکي گُرڻ پَري، اچي کنيو اوچتو.

135-

گَنُو کي گُرڻ کڻي، اُڏاڻو آڪاس،

 

قدر آني جيتري، ساري پينءَ ٿياس،

 

موٽي ڪيائين ميل زمين ڏي، ٻچا جت هياس،

 

تنهين ڪاڻ کنياس، طعمو ڪري تن جو.

136-

سارهه ڪري سبحان جي، سيفل سندي ستار،

 

ته اي پنهنجي پهت پاتشاهه، سنگتين لهين سار،

 

سوکِي ڪر سچا ڌڻي! آهي اوکِي جا آپار،

 

سي ڪوهه ڄاڻان ڪيڏهين ويا، جي هئا جانب يار،

 

پر آهين عاشقن جو، تون طبيب تبار،

 

جاني ميڙ جبار! جيءُ سِڪي ٿو جن کي.

137-

ويجهو ٿيو وڻراهه کي، جتي جهنگل جهر،

 

پکيءَ جو دشمن هو، عظمت سان اَجگر،

 

وڻ تي چڙهيو ويل تنهن، ڪر کڻي ڪاريهر،

 

ٻچن ڪاڻ ”ٻپڙ“ چوي: ڏاڍو ٿيس ڏمر،

 

گُرڻ هٿان گوهر، ڪري دانهن ڪِري پيو.

138-

اُن سر اُمارو، پکيءَ جيڏو ئي ڪيو،

 

تڏهن نڪتو وسيهر وات مان، ڄيري جو ڄارو،

 

تنهن ساڙي گُرڻ گرو ڪيو، ساڻ کنڀن سارو،

 

جڏهن ٿيو واسينگ جو وارو، تڏهن ڳهي ويس ٻچن سان.

139-

ايڏيءَ عظمت ساڻ، وڻ تان لٿو ويل تنهين،

 

سيفل سوَ حيلن سان، مس لڪايو پاڻ،

 

هيءَ ڀي ڀڳو اوڏهين، جاڏي واسينگ وٿاڻ،

 

ڄولي تنهين ڄاڻ، منهن ڪيو اُن پار ڏي.

140-

جاڏي سانگ سبيل، تاڏي پار نه مليس تنهن پار جو،

 

بنان قادر، ڪا ٻي واٽ نه آهه وَسيل،

 

جيڪا رضا رب جي، سا مڃي سڀ اصيل،

 

هيءُ دل ۾ ڪري دليل، اُٿي اوڏانهين هليو.

141-

اٿيو علي الصباح، ڏينهان ڪري پنڌڙا،

 

راتيان سمهي وڻن تي، ڀو ڊڄندي ساهه،

 

پيرين پيس ڦوڪڻا، عاشق ڪڍي آهه،

 

پر ڊنو ڊاءِ الله، نه ته ماريائين ٿي پاڻ کي.

142-

خبر پيئي خان، پنڌن پير پٿون ڪيا،

 

واٽ آيس ويجهڙي، اڳيان آگي جي احسان،

 

پُريو تنهن پار ڏي، وٺي رند روانَ،

 

سامهان تنهن سلطان، وڻ ڏٺا ڪي ويجهڙا.

143-

وڃي چڙهيو وڻ تي، سنڀالي سائين،

 

لعل وٺيو لامن کي، ڪل جا ڪيائين،

 

صُفو تنهين سڃ ۾، ڏوران ڏٺائين،

 

هليو اوڏانهين، پُريو تنهن پار ڏي.

144-

جان سيفل صُفي کي، وڃي ويجهو ٿيو تنهن وير،

 

شينهن ڏٺائين در تي، دهشت ساڻ دلير،

 

نه ڪو پاڻي مينهن جو، نه ڪي پکيءَ پير،

 

فهميدي فڪر ڪيو، ته ڪيئن بر ۾ بيهي شير،

 

تڏهن کنو کڻي کَنير، ماري ڪُنيل ماد ڪيو.

145-

پوءِ ڪڙو قوت سان ڀڃي، گهڙي ويو منجهه گهر،

 

ته چڱا صفا چار هئا، ڪنهن اڏيا ڪاريگر،

 

تخت تنهين جو، هو جڙيو ساڻ جوهر،

 

تنهن سِر سُنو آدمي، پاڪيزو ڪو پر،

 

پاند کڻي جان پسي، حريري چادر،

 

عين هئي اَپڇر، منڌ نه ماڙهن جهڙي.

146-

چُري پري ڪينڪي، نڪي ڳالهائي،

 

عجب ٿيو عاقل کي، ان پر اُٿلائي،

 

جاري پاس جوان جان وري واجهائي،

 

تان سونين آکرين ڦرهي، تنهن لائي لڪائي،

 

جان دانه آڻي در تي، چمي چِت لائي،

 

تڏهن ڪامل ڪَر ساهي، نازڪ اُٿي ننڊ مان.

147-

پر ڦيرائي ڦرهِي، الدر جان آڻي،

 

ته ستي راڻي سيج تي، ٻڌي ڪنهن ٻاڻي،

 

هن صورت مورت سا ڪڍي، سالڪ سڃاڻي،

 

تان مقابل محبوب جي، هيءَ ٽڙي نه ٽائي،

 

انهيءَ اهڃاڻي، ڦرهي تنهن ڦٽي ڪئي.

148-

پانوَ پردي پوءِ، ننڊ ٻڌي ڪنهن نار جي،

 

پڇيائينس پير ڀري، ته هيءُ هنڌ ڪنهن جو هوءِ؟

 

تڏهن پاڻ تنهين پتشاهه کي، جارون چيو جوءِ:

 

ته ميان! ديون جي دوار ۾، ڪاڏ هن اچي نه ڪوءِ،

 

نَر، ڪيهو نالوءِ، ڪيڏهن اچين، ڪير تون؟

149-

تڏهن منجهان نِرت نياز، چيو شهزادي شعوروند،

 

 ته حالت منهنجي حال جي، قصو درو دراز،

 

سگهو ڪيو نه ٿئي، منجهان روءِ رياض،

 

پر راڻِي، چو تون راز، ڪامل آهين ڪير تون؟

150-

تان چئي: ميان! نالي سر انديب، منهنجو شهر گلستان،

 

بيٽي هيس تنهن جي، جو بادشاهه نجيب،

 

وهنجڻ ويونسن باغ ڏي، ڪري زينت زيب،

 

ته پيو واچوڙو وچ ۾، لهي رنگ رقيب،

 

تنهن ڪري فڪر فريب، هت آندائين مون کڻي.

151-

تان چئي: آندءِ هن هنڌ ڪيئن، واچوڙي تنهن واء؟

 

ڪي شڪر جِن سَٽ ڏني، ڪِي ديو نيو دانء؟

 

توکي تنهن هنڌاءُ، آيو ڪيئن اُٺاءِ؟

 

ساري سڌ سڻاءِ، نالو پڻ سلينم تون.

152-

چئي: ملڪان منهنجو نان، ماءُ پيءُ مونکي ڪوٺيو،

 

هت اچي هن ماڳ تي، اکيون پٽيم جان،

 

تان هئو هيءُ پاتشاهه، لکن ديون سان،

 

تن مڙني مجرو ڪيو، اڳيان اُسري مان،

 

طرح نهاري تان، موڪل گهريائون ديو کان.

153-

سڀيئي ديوَ سڏائي، ڏنائين موڪل،

 

مون تي مهرڊن ٿيو، موٽي تنهن مهل،

 

چئي: مٿئي عاشق آهيان، هي ماڳ سندءِ مومل،

 

خوش رک خاطر پنهنجي، تون جل مَ جهوريءَ جل،

 

ماڻهين پڻهين ڏور ٿيا، تو کان هن ٿَل،

 

هت پکيءَ جي ڀَل، ڪاڏهن اچي ڪو آدمي؟

154-

تڏهن شهزادي ملڪان کي اُتو، سچ چو سياڻي!

 

ڪيئن وڃي شوق شڪار جي، ڪيئن اچي ڏينهائي،

 

ڪيئن پياري پاڻي، ڪيئن کارائي کاڄ تو؟

155-

ميان! کلي کاڄ ڏئي، اچي اُٿاري ننڊ مان،

 

جڏهن ڏينهن ٿئي، تڏهن وڃي سيل شڪار جي.

156-

چئي: سُتي توکي سيج تي، مدت ڪا ويئي،

 

تو ليکي ڏينهن گذريو، پر ٻي رات لنگهي ويئي

 

هنن ڳالهين ڪنديئي، ويو مهينو گذري.

157-

چئي: پڇان ٿي تو مان شاهه! ته چو پنهنجي جِت جي،

 

ته ڪير آهين، ڪاڏ هن اچين، ڪهڙي سانگ صلاح،

 

سل ڳالهه ڳجهاندر ڳالهه، ته معلوم ڪو مذڪور ٿئي.

158-

چئي: ساراهيان سو ڌڻي، جو صاحب ڀونء سماءُ،

 

سيفل نالو منهنجو، پڇي رکيو پيءُ ماءُ،

 

ٻَڌي ٻارو تن ۾، سوگهو ڪيائون ساهه،

 

پُري پرين لئي ٿيس، طالبو توڙاءُ،

 

آءٌ پڻ عاشق ٿي هليس، جوڙي جهازاءُ،

 

ڇوليءَ سي ڇني وڌا، ڦِٽائي ڦرها،

 

اُڀريو گرد غبار ٿي، منجهه ڪري موڙهاءُ،

 

جت ڏاڍو سنڌ سمونڊ جو، تک گهڻيرو تاءُ،

 

ساڻم ست امير هئا، جن کي ڪلنگيون ڪاپاراء،

 

تن ۾ جو وزير مون هو، سو هڏيئي همراهه،

 

جيڪا رضا رب جي، سا مڃي سون موراءُ،

 

پنڌ ڪري پيدا ٿيس هاڻي هن هڌاءُ،

 

تان چئي: ويهه ته ڪريون ڳالهڙيون، آن ڀيڻ، تون ڀاءُ،

 

راڻا! تو سين راهه، ڪونه ڳرهيندو ڪو ٻيو.

159-

ته ڏنئي جيءَ کي ڪيئن جفا؟ موٽي ملڪان پڇيو،

 

سا ڪري مون ڳالهه سڻاءِ، حال سڄو ئي پانهجو.

160-

تڏهن روئي راڻي حال معلوم ڪيو منڌ کي،

 

ته هئو پاتشاهه مصر جو، هاشم قرب ڪمال،

 

هيءُ فائق فرزند تنهن جو، سيفل صورت سال،

 

هئا تنهين جي حڪم ۾ خزانا ۽ مال،

 

عشق پيو اوچتو، باني بديع الجمال،

 

هاڻي واحد ڪيو وصال، اوهان سان آڻي ڪري.

161-

هيءُ قصو، هيءُ ڪم، جڏهن سُئائين اُن جو،

 

راڻيءَ رت رنو، ٿيو ويتر وينگس وهم،

 

ته ادا! هيءَ جي هئي تنهين، جتي ڄائو ڄم،

 

ته هوند تنهنجي سور سهم، ڪو دارون ڪيم

تنهن ديس ۾.

162-

دارون ڪيم تنهن ديس ۾، جي هيس ويجهي ويڻ،

 

گڏ ڄاوا، گڏ اُپنا، گڏ کاڌاسون کينُ،

 

اها بديع الجمال جا چيئي، سا سڳي منهنجي ڀيڻ،

 

حورن کان به حسين گهڻو، نازڪ سندس نيڻ،

 

سڌر تنهن جا سيڻ، پر هيءُ ڪٺڻ جهڙو ڪم ٿيو.

163-

چئي: ملڪان خاتون! هاڻ چئو جا اٿيئي ڳالهڙي،

 

ڪِي چَٽ ڏيو، چَٽ ساڻ، ٿي دل ڌتارين مون سندي.

164-

تڏهن ڪامل قسم ڪري، سيفل اڳيان سچ اُتو،

 

ته جي ملان پيءُ ماءُ کي، ته مونهان سڀ سري،

 

پر ملڪ وطن پانهنجو، ٿيو اڄ پري،

 

هوند ڪريان باتيون بديعل سين، لڳي اُن ڳري،

 

پر معلوم ناهه مري، ڪِي جيئري آهي جڳ ۾.

165-

چئي: تڏهن هزارين هزار، شڪرانا در ڌڻيءَ جي،

 

چمن ۾ چانڊاڻ ٿي، جيئن سو گل بهار،

 

تيئن هينئڙو خوش هاڻي ٿيو، لٿا غم غبار،

 

هيءَ وٽ وڻندي، پيئي پريان جي پار،

 

چئو الاهي تهار، مانَ ملنئون سپرين!

166-

چئي: توکي ڇڏي نه ويندوس، جوتون يار جي پار جي،

 

ملڪان خاتون، مرندوس، يا ماريندس ملعون کي.

167-

تڏهن ڪري صلاح پهيائون، ته ڪنهن پر وڙهون هن سان،

 

دل کي دلگير ڪري، وِڪر وڌائون،

 

ٻهڳڻ ٿيا ٻائُون، ڪري انديشو پاڻ ۾.

168-

ڏکن پٺيءَ سکڙا، چڱن چيو آهه،

 

هيڪر پڇي ڏينم ديوَ کان، اها بات بتاءِ،

 

ته آهي ڪهڙيءَ جاءِ، ساهه تنهنجو سانڍيو.

169-

چئي: هڪ ڏينهن پڇيم ديوَ کان، اِيءُ ڪري ارمان،

 

ته ساهه تنهنجو سپرين! آهي ڪهڙي منجهه مڪان؟

 

من جِي تون مهربان، سڌ سلينم ڳالهڙي.

170-

تڏهن هڪل هيبت ساڻ، دليئون اُٿي ديو ڪئي،

 

ته توکي انهيءَ ڳالهه جو، ڪنهن ڄاڻايو ڄاڻ؟

 

مون اُتيئي ماٺ ڪئي، اهو ڪري ارمان،

 

ته تون ٿو نين پاڻ، مون هت ڇڏين ٿو هيڪلي.

171-

تڏهن مون تي مهر ڪري، دلداري ديو ڏني:

 

ته ساهه منهنجو سپرين! تو هان ناهه پري،

 

سخت پاس جزيري، ڀر درياءَ تري،

 

سو گهو آهه صندوق ۾، ويجهو وٽ وري،

 

مُنڊيءَ ساڻ مري، جنهن کي هجي سليمان جي.

172-

تڏهن گهڻو خوش ٿي خان، ورتو هٿ وينگس جو،

 

ته مُنڊي آهي مون وٽ، سندي سليمان،

 

تون اُٿي لاهه آرمان، جو وريو بخت ”بهار“ چوي.

173-

پوءِ دانهَ هليا تنهن پار ڏي، جاڏي اُهو جر،

 

مُنڊي سليمان جي، ڏيل اُنهيءَ هو ڏر،

 

سٽيائين صندوق مان، ڪڍي ڪبوتر،

 

اُڀريو گرد غبار ڪري، هن دوڙي پوريو در،

 

ته ٽڪر ٿيو ٽڪر، رت وهي ريلو ڪيو.

174-

دانه ماريو ديوَ کي، ايڏو ٿيس اقبال،

 

پڄي کنيائون پاڻ سان، ماڻڪ موتي مال،

 

وجهي ترهو تار ۾، نڱيا ڪري نيڪال،

 

تن کي پاڻيءَ ۾ ٿيا، مهينا پنج محال،

 

ملوڪن مڇيءَ مان، ٿي ڪيو قوت ڪمال،

 

اهڙو وٺي حال، اچي ٻئي ڪنهن لٿا ٻيٽ تي.

175-

اُت ميوا پسي موڪ، هن مهينو مهلت ڪي،

 

نڪا وسئن ويجهڙي، نڪا جهنگل جهوڪ،

 

جت ٿي ڦٽايا ٻيڙا ڦُوڪَ، تت هاديءَ رکيو هن کي.

176-

ڪُنن ڪشالن ۾، وَڪنا ٿيا واهي،

 

سيفل ات سمهي پيو، منڌ ڪشتي ڪاهي،

 

واڳو وات وجهي ڪري، رمي ٿيو راهي،

 

ملڪان خاتونءَ مام سان، ڪِي عاقل آگاهي،

 

ته همت، هٿ همراهي، اُٿي گهر الله کان.

177-

تڏهن سيفل اُٽي سنڀريو، تاءُ ڏيئي کي تن،

 

ڇِڪي ڇڏائي ڇوهه مان، واڳوءَ کان سا وَن،

 

شهزادي شمشير سان، بدو ڪيو ٻه کَن،

 

پريان ڦردي پن، وڃي ترهو ترندو.

178-

وڃي ترهو ترندو، ڪيو خير خداءِ،

 

هن کي ڪل ڪانه پوي، موران سندي ماءِ،

 

اڳيان آين اوڏڙي، ڪا جزيري جاءِ،

 

منڌ تتي موٽاءِ، رهيا مهيني راتڙيون.

179-

تڏهن ميوا ميڙڻ ڪاڻ، سيفل ويو سنڀري،

 

عاقل کي آواز ڪن پيو، آدم جي اُهڃاڻ،

 

تن کان پڇيائين پير ڀري، منهن مقابل پاڻ،

 

اوهان ڏٺي مون ڏينهن ٿيا، اڄ مهر ٿي مان ساڻ،

 

توهين ڪڄاڙي ڪاڻ، هت گهمو ٿا هيڪلا؟

180-

چئي: هڪ شهزادي شان سين، ملڪان تانءَ ويتر،

 

سا ڀائٽي تاج الملوڪ جي، سونهن قراري سر،

 

اُها ويئي، ووڙيندا وتون، نهاريندا نينگر،

 

ماڻس پڻس وڃي پيا وڏي وهم وڪر،

 

آڙهه ٻجهي ٿو ايڏهن، اُتهون زور آپر،

 

هاڻ گهمي وڃون ٿا گهر، اُهو ڪين لڌوسون آدمي.

181-

تڏهن مانجهيءَ مبارڪ مير، اچي ملڪ ان کي ڏني،

 

ته شڪر ملياسين سپرين، ڏانهن ساڙيهه سڌير،

 

پرسب پتيجا ڏنا، نياپا ساڻ نظير،

 

اها هجيئي کير، جو اڄ ڏٺاسون آدمي.

182-

تڏهن ملڪان اُتو، سچ، ادا! آهي ملڪ اسان جو،

 

هاڻي ڏک لٿا سک ٿيا، ڳالهه ڀانئي ٿي ڳچ،

 

تون ڀي سنڀري آچ، ته اٿي هلون اِن سان.

183-

اُتان ٻيئي اُٿيا، دانه تنهين دم،

 

سمجهايو سلطان کي، ڪامل چئي ڪم،

 

رکيا شاهه شرم، هاديءَ هتي هن جا.

184-

جڏهن هليا هوءِ، موٽي پنهنجي ملڪ ڏي،

 

تنهين ساڻ تيار ٿيا، دانهَ ڄڻا دوءِ،

 

ڏسڻ منجهه فقير هئا، پڇيا ڪنهين نه پوءِ،

 

وڃي لٿا لوءِ، ٿوري گهڻين ڏينهڙي.

185-

تڏهن ملڪان ويهاري، هليو شاهه شهر ڏي،

 

تان اڳيون چڙهيو شير شڪار تي، جان نرمل نهاري،

 

هي ويهي رهيو واٽ تي ته هو مَرُ مِرُن اچي ماري،

 

پوءِ دانه وڃيو در اُتي، ٿو عاريضو ڪاري،

 

ته وڃڻ ويچاري، ڪونه اندر ڇڏي اُن کي.

186-

تڏهن لکي مڪائين، هن پر عاريضو شاهه ڏي،

 

ته درد ڀريو ڪنهن ديس کان، آيو ڪبوتر ڪائين،

 

وڃي ماڙيءَ هيٺان موٽيو، چُوڻو چڳيائين،

 

صبحاڻي سائين! متان ڪو خيال خاطر تي ڪري.

187-

خاص لکي تنهن خط، کڻ هلايو حضور ۾،

 

سو آڻي ڏنو شاهه کي، ڪنهن سنڀالي ستت،

 

پڙهِي پُرجهِي تنهن جو، اُن پروڙيو اَت،

 

ته مهلت ڪريو مت، او آڻيو وٺي آدمي.

188-

تڏهن سيفل ڪيو سلام، اچي اُت آزي ڪري،

 

جا پَر پتشاهن جي، سا تنهن ڪِي تِت تمام،

 

قابل پڇيس ڪلام، ته ڪاڏ هن اچين، ڪير تون؟

189-

تڏهن شهزادي شعورو ند، ڪيو اڳيان هيءُ اَلاءُ،

 

ته ڄائس ملڪ مصر ۾، اُتي اٿم پيءُ ماءُ،

 

مونکي ڏينهن ڇڏي ٿيا، ڪارنهن ورهه سڄاءُ،

 

ڪُر، ڪشالا ڪيترا، لُڙ، لهريون ۽ واءُ،

 

هاڻي دلگيري دور ٿي، سکن پيو سماءُ،

 

آيس تو اڳيانءُ، آگي جي احسان سان.

190-

اڳيان تاج الملوڪ جي، ويٺو هو وزير،

 

پڇيائين پانوَ کان، نرتئون هيءُ نظير،

 

ته مصر جي ملڪ جو، تون ڪو آهين امير،

 

ڪِي فراقي ٿئين فقير، ڪِي پيوند آئي پنڌ جو.

191-

چئي: آهيان آءٌ امير، يار! مصر جي ملڪ جو،

 

ٿيس فراقان فقير، درد هڻي درويش ڪيو.

192-

حالت پنهنجي حال جي، تڏهن چيائين،

 

سندي سيفل ڳالهڙي، جڏهن ٻڌائين،

 

اتي تاج الملوڪ جو، ميڙو ڏٺائين،

 

وري پڇيائين، درد پنهنجي دل جو.

193-

ته يار! ڏٺئي ڀائٽِي منهنجي، ملڪان سندس نانءُ،

 

وئي تنهن کي وير، ٻارهن ورهه ٿيا،

 

تون گهمين جو ان جهان، آءٌ ائين پانئيا،

 

اُها ڪٿاهين ڪا، ڏٺئي ان قريني ڪامڻي؟

194-

تان چئي: سڻ مون کان پاتشاهه! سنيها ساري،

 

آءٌ آيس تو مڻي، سڀ اِها اختياري،

 

دٻائي آنديم ديوَ کان، منڊيءَ سان ماري،

 

سا ٻاهر ويهاري، هوت ڇڏي مون هيڪلي.

195-

تڏهن ڏنا نياپا نار جا، اتي ڪامل چڱيءَ ڪار،

 

تنهن مان تهان پوءِ ڪيا، سهج وڏا سرڪار،

 

پاڻ پيادو پاتشاهه، پُريو تنهين جي پار،

 

چاچي ڀائٽيءَ پاڻ ۾، رنو زارون زار،

 

چاڙهيائون چوڏول ۾، ناز وڏي سان نار،

 

ڪري ڪوڏ ڪنوار، منڌ آندائون محلات ۾.

196-

منڌ آندائون محلات ۾، پردي ساڻ پناهه،

 

قصو سڀ ڪري ويئي، پٽي آڳيون پتشاهه،

 

ته پاسي پري مَ ڪِجا، ري سيفل ماندو ساهه،

 

آڻيو لڳ الله، متان هوئي هِت هيڪلو.

197-

هُو هوندو هِت هيڪلو، ورنه ويچارو،

 

سو پانوَ پيءُ کان اڳرو، ڪنان ڀائن ڀلارو،

 

چئي چئبو ڪيترو، سڀ قصو سارو،

 

تڏهن سيفل سونهارو، اندر آندو اُن وٺي.

198-

سيفل صورت سونهڻو، اَپر آوڙيونِ،

 

ملڪان خاتون مام سان، پَر ۾ پرجهايونِ،

 

وڏو وهم ٿيونِ، موٽي تنهن ملوڪ جو.

199-

تڏهن پيتائون شراب، ٽي راتيون ٽي ڏينهڙا،

 

سوين ساز سرود ٿيا، رانديون رنگ رباب،

 

پسي خصلت خان جي، حرمن ڪيا نه حجاب،

 

چون ’ادا، ادي‘ پاڻ ۾، منجهه آهين اِنهين آب،

 

اِنهيءَ شرط شتاب، سوار مڪائون سرنديپ ڏي.

200-

هُت وڃي هسوار، ڪِي معلوم ملڪان کي سڏي،

 

شاديون ٿيون سرنديپ ۾، هزارين هزار،

 

پاڻ پيادو پاتشاهه، پُريو تنهين جي پار،

 

ملڪان رنو ماءُ پيءُ سان، اَپر ڪڍي پار،

 

شهزادي کي شاهه ڪِي خوشيءَ سان کينڪار،

 

آءُ مٿان تو گهوريو، سو لڱا، سو وار،

 

ساري سڀ ڄمار، تنهنجي ٿوري پڄان نه هڪڙي.

201-

لڳي دمامين چوٽ، ملڪان وٺي موٽيا،

 

سروپايون سيفل کي، ڪامل بخشيا ڪوٽ،

 

تون پٽ، آءٌ پيءُ، تنهنجي آڌر اوٽ،

 

هي گهوڙا، ٻيلي، گهوٽ! پنهنجي هٿ هلاءِ تون.

202-

ڪيائون سرهو سيفل کي، ڏيئي دلداري،

 

موٽي ملڪان ڏي ويو، عاقل اعتباري،

 

تنهن حالت ساري، پڇي ڌتاري ڌيءُ کان.

203-

حالت ملڪان هيءَ، اڳيان پَرٽِي پيءُ جي،

 

ته هن جيڏي ڪونه ڪري، جفا مٿي جيءَ،

 

اِن مونکي ائين ڏٺو، جيئن ماءُ کي ڌيءَ،

 

سُڻي جهليس سيءَ، سندي سيفل ڳالهڙي.

204-

موٽي وٽ ملوڪ، وري وهلو جان ويو،

 

مون سان تنهنجو ملڪان، قصو سڀ ڪيو،

 

ڊڄ نه ڪنهن جي ڊاوَ ڀئي، تنهنجي وار نه وهم ٿيو،

 

ائين ڀانء پيو، ته اٿم پاتشاهي پانهنجي.

205-

تڏهن ڪُر،ش تِت ڪري، چيو شهزادي شاهه کي،

 

ته قبلا! اسان کي اوهان ڏينهن، ڪونهي زيان ذري،

 

سهسين ڀَتين سک ٿيا، ويا پاپ پري،

 

جنهن لئي جفا حيءَ ڪئي، تنهن کي پسان پير ڀري،

 

تنهن جي وٽ وري، سُڌ ڪريو سلطان ڪا.

206-

چئي: اڄ پڄاڻان پوءِ، هت ايندا ڏهين ڏينهڙي،

 

ملڪان، ماڻس تنهنجو، حال چونديون هوءِ،

 

پهڻ ٻِي پگهاربا، سڻي سيفل سور سندوءِ،

 

ديکان ديکي دوءِ؛ محبتي مانَ ڪري.

207-

تڏهن اهڙيئي آچار، ويٺي ڏٺو وير ٿي،

 

وڃي بيهي واٽ تي، پيو ڏسي ان پار،

 

ڏک ڪاٽي ڏينهن لنگهيا، باقي رهيا پنج چار،

 

چڙهيو شاهه شڪار، سيفل کي ساڻ ڪري.

208-

ويندي لنگهيا وير کي، ڏينهن ست ڪِي اَٺ،

 

ڏٺائين ٻاريندو ڪاٺيون، بيٺو مٿي بَٺ،

 

هيڪر اُتي هٽ، سيفل سڃاتو سعد کي.

209-

سڃاتائين سعد کي، سهي ڪري سعد،

 

دوس گڏيس دل جو، جو هوس يقينا ياد،

 

هڏ نه ٿيو هيڪاندِ سيفل اڳيان شاهه جي.

210-

سڃاتائين سعد کي، سونهاري سردار،

 

ڪوٺي اُتائين ڪَن ۾، خاصي خذمتدار،

 

هيجان حالت پانهنجي، پهچ پري پردار،

 

جانسين موٽان ڏنهن شڪار، تانسين هو هن تي.

211-

تنهن منجهان ڏمر ڏاهه، وڃي ويچارو وٺتو،

 

سگهو سو سمجهي ويو، ٿو ڪري آزيون آهه،

 

ته ڪهڙي ڪاڻ گناهه، ٿو ميان مونکي جهلئين؟

212-

وير اُنهيءَ روئي، هن حال وڃايو پانهنجو،

 

جَنيل تنهن جوان کان، پَٽ ڪري پيئي،

 

هٿ ٻنڌي ٻيئي، وٺي نيائينس پاڻ سان.

213-

هن چيو چوايو، تان ٻانهي ٻاهر نه ڇڏيو،

 

تان شهزادو شڪار ڏنهن، موٽي جان آيو،

 

تنهين ويل طلب ڪري، فائق فرمايو،

 

ته اُهو آڻايو، جو مون ڏٺو آدمي.

214-

تڏهن وَهندو وٺائي، آندائون عاقل کي،

 

سيفل، سعد وزير سان ٿو ڳُوڙهو ڳالهائي،

 

ٿو اُتي اَلائي، پر سگهي ڪين سهم کان.

215-

تڏهن دل وٺي دلگير، ويهاريائينس وٽ ۾،

 

کارايائينس کاڄ، مهندان پنهنجي مير،

 

ڊڄ نه ڪنهن جي ڊاوَ  ڀي، سرهو ٿيءُ سڌير،

 

سڀ سل مون ڳالهڙي، جيڪا ويڌن وير،

 

تڏهن تنهن فقير، اُکيڙيا ڦٽ آهه ڪري.

216-

ته بلبل سندا باغ، ڪڏهن هئا گل گل چاهه چمن جا،

 

سي اڄ ويندا رهيا، تن جي دانهن زماني زاغ،

 

متان دل جا سڻي داغ، ڪو صاحب کي سوز ٿئي.

207-

چئي: پولو هڏ مَ پانءِ، دقت ٿيندي ڪانڪا،

 

ثابت ڳالهه سڻاءِ، ته سندءِ سوز سهي ڪريان.

218-

چئي: هاشم نانءِ امير، جو مصر جي ملڪ جو،

 

پٽ اڳيان تنهن پاتشاهه، هوس آءٌ وزير،

 

گڏ ڄاوا گڏ اُپنا، گڏ پيتوسون کير،

 

ٿيو عاشق اوچتو، مٿي مورت مير،

 

ڪيو مسافر ماڳ تنهن، کڻي سڪ سڌير،

 

سو جدا جهازن مان، ٿيو تختن مان ٿا غير،

 

قسمت ڏاڍو ڪِيرُ، جنهن آڻي وڌو هن ڏيهه ۾.

219-

تان چئي: هاشم پٽ امير سين، ڪا هُيئي ريجهو هاڻ،

 

گهڻا ملڪ گهمي ڪري، آئين هٿ تون هاڻ،

 

اُنهين جي اُهڃاڻ، ڪو ٻيو ڏٺئي آدمي؟

220-

ووءِ ووءِ ڪندو وت، تنهين ڪاڻ جهان ۾،

 

چئو ڪا جنس جوان جي، ڪهڙي قد قامت؟

 

اسم ڏَس اُن جو، ڀيري ڀليءَ ڀت،

 

ڏي سندي اُن سُرت، ته تنهنجو سور سهي ڪريان.

221-

چئي: طرح طبيعت تو، تنهن سڪان سلابت کي،

 

نانو پڇين جنهن نر جو، سيفل سندس هو،

 

سعد ڀي تنهن جي سوز ۾، سڙيو وتي سو،

 

اهو نه ڄاڻان ڪيئن ٿيو، بر بحر خشڪيءَ ۾.

222-

ٻيڙا علحدا عاج جا، ۽ سونا تخت صندوق،

 

سٺ اُمرائن اهڙي، جي مڙيئي محب ملوڪ،

 

سٽيا  جت سمونڊ ٿي، تتي ڪل نه پيئي ڪوڪ،

 

هي اچي هيڏي پيو، سنديءَ قسمت روڪ،

 

مير مري ويا موڪ، بر بحر خشڪيءَ ۾.

223-

تڏهن نالو ٻنڌي پانهنجو، ڪيائين سعد سهي،

 

تخت تنهين تعظيم تان، پيو لڄاوند لهي،

 

سرهائيءَ سک مان، ويو وير وَهي،

 

تنهن ثابت سعد سڃاتو، منجهان سڪ صحي،

 

راجا راز رهي، پيو اُجهامي اُتهين.

224-

تڏهن ائين اُتائون، ته هي ويري آهي وير جو،

 

مُٺين، لَٺين  مار سان، ڪُٽي ڪڍيائون،

 

منجهه عقل آندائون، گَنو کي آب گلاب سان.

225-

جڏهن سُڌ ۾ ٿيو سلطان، تڏهن پڇي بردارن کي،

 

ڪاڏي ڪيو، ڪيڏانهن ويو، هو جو هت جوان؟

 

اُٿي آڻيو سو وٺي، منهنجو ساهه سندو سامان،

 

ڪهڙو ڪري گمان، اوهان ڪوهه ڪڍي ڇڏيو؟

226-

تڏهن ڊوڙيا جاءِ بجاءِ، ڦولهڻ ڪاڻ قفير جي،

 

پڙهو ڦيرايو پاتشاهه، موتين ٿالهه ڀراءِ،

 

ته ڪو پيسن وٽ پيدا ڪري، لهي تانءِ خداءِ،

 

تيتر روئِي راوت لاءِ، حال وڃايائين پانهنجو.

227-

تڏهن ڪِي زاري، ڪِي زر، شهزادي شعور ڪيو،

 

ڦولهڻ ڪاڻ فقير جي، پيٺا درون در،

 

هي ڏورين، هُو لڪي گهڻو ويچارو ويتر،

 

ڪنهين ماڳ مڪر، هن حيلن سان هٿ ڪيو.

228-

تڏهن سهجي سلام، ڪيا اچي سعد حضور ۾،

 

چئي، ادا! اوري آءٌ تون، لاهه ملاحظو مام،

 

آگي سڀ اگهائيا، قادر سڀ ڪلام،

 

جوپ پيتاسون جام، سورن جا سنسار ۾.

229-

تڏهن سعد ڀي سڃاتو، سچ هيءُ سيفل آهه،

 

تنهن روئي ريهون ڪري، ڀڙ ڀاڪر پاتو،

 

ڪري ويٺا پاڻ ۾، اندر اورانو،

 

ڄاڻندڙن ڄاتو، هڪٻئي جو حال ڏسي.

230-

راوَ روئڻ جي راز ۾، ٻهڳڻ پيا پيئي،

 

سڌ سرانديي شاهه کي خبر جا پيئي،

 

سو اُٿي آيو اُن ڏي، پڇي سڀيئي،

 

تنهن دلداري ڏيئي، وٺي ويهاريا وَٽ ۾.

231-

جڏهن ڪوسا ٿيا حمام، وهنجڻ ڪاڻ وريام جي،

 

لاهي گنديون گودڙيون، پَٽ پهرايس ڄام،

 

فرشين فرش پيا، طرحين پڪا طعام،

 

هزارين حاضر ٿيا، اچي گولا ۽ غلام،

 

ويهاري وريام، تنهن کان خان پڇيون ٿي خبرون.

232-

تڏهن سعد سخن ڪيو ايءُ، جڏهن رضا ٿي رب جي،

 

هڪڙي دڙ ٻڙد ونس درياءَ جي، ٻيو دهشت جهڙو ديو،

 

تختا سڀ تالان ٿيا، رهيو هڪ تختي تي هيءُ،

 

جت نه هو ملاح نه مِي، لهرن تت لپيٽيو.

233-

ڇهين مهيني جر مان، هي لهرن لنگهائيو،

 

تان جزيري جي جاءِ کي، جڏهن اوڏڙو آيو،

 

تڏهن سنبهي ڪيم سعيو، ڪارڻ پنهنجي قوت جي.

234-

هو جزيرو خشڪيءَ ۾، ميوا تت مهين،

 

سنجهن جي داڻن ري، ٻيو هڏ هئو ڪين،

 

سو مون آب امين، الله آهر اختياريو.

235-

ڪنهن ٻئي مهيني ٻيٽ، اچي وير! ٿيس ويجهڙو،

 

اُت باداميون بسيار هيون، ٻيا ميوا مٺي ميٺ،

 

ڪارڻ هڪري پيٽ، کڻي کڻبا ڪيترا،

236-

اُتم ٿي ارواح کي، ته ڏينهن ٻه ٽي گهاريو،

 

ته زوريءَ زنگين ورتو، ڪم قضا ڪاريو،

 

ڪي چون ڪُهو کڻي، ڪي چون مَ ماريو،

 

نيڻي گهر بيهاريو، هي ٿيندو ٿلهو ٿوري ڏينهڙي.

237-

تڏهن ڳارو پايو ڳَر، وٺيو وتنم پاڻ سان،

 

ڀڃيو مغز بادام جا، ٿا گَونٽ کارائين گهر،

 

ائين اتي اُن پر، ٿيس ٿلهو ٿوري ڏينهڙي.

238-

تان ويهي ڪيائون ولهه، پِٽين مجلس پاڻ ۾،

 

هي پهر وُنيو پاڻ سان، پنهنجي ڏنه پتشاهه،

 

اڳيان آين اوڏڙي، ڪا ڀَري نئن نگاهه،

 

پيارو ٿين ساهه، تري نه ڄاڻن تار ۾.

239-

ههڙيءَ ويل وري، ڪڏهن لهندس ڪانڪا،

 

ڇڪي ڇڏائي تن کان، ويس پاڻي تار تري،

 

اُها جُوءِ مونکي آئڙي، منجهان خيال کري،

 

ويندس ماڳ مري، ته به هنڌ نه پڄندس ههڙي.

240-

اتي لڳ آساس، رهيس راتيون ڏينهڙا،

 

پڙ پيس تنهن قوم جي، جنهن جو نانءُ نجاس،

 

هڪ اڳئي عشق اُداس، ٻيو پُڄي پاتائون پڃري.

241-

سي سائو گاهه سوير، پائي ڏيندا هئا پڃري،

 

گاهه نه کائي آدمي، هي ٿا هيرائينِ هير،

 

سُورن لايا سير، دهشت کان دانهون ڪريان.

242-

دهشت کان دانهون ڪريان، هو ٿا لوڏين لام،

 

ڳالهن ٻولِن پاڻ ۾، ڪُپَر ڪن ڪلام،

 

خوش ٿي کلن خام، ته هيءُ لَنوين ۽ لاتيون ڪري.

243-

هيڪر پڃرو پَٽ تي، ڇوهان پين  ڇڻي،

 

مون ڀي ميوا کارڪون، کاڌيون اُت کڻي،

 

تڏهن مونکي واهه وڻي، کاراڻن ٿا کارڪون.

244-

ڪنهن ڏس ڏنن ڏاهي، ته هيءُ پکي لائق پاتشاهه،

 

سي چڙهيا سائر سامهون، سڙهه اولا ساهي،

 

ڪشتين کي ڪاهي، نيئي واءُ وڌو ٻيءَ واٽ تي.

245-

واوَ وڌو ٻيءَ واٽ تي، جت ملڪ ئي مسلمان،

 

نڪتو ڪٽڪ ڪوٽ مان، جريدو جوان،

 

بدو بي ايمان، اچي ماريائون مهت سان.

246-

ڪشتيون مال متاع، وٺي آيا شهر عمان ۾،

 

سعد ڀي تنهين سين ٿي ڪيو، ڪاٺيون، پاڻي، گاهه،

 

اهڙو ئي الله، جيئن موليٰ پرين ميڙيا.

247-

تڏهن پڇيس شهزادي، ته ادا! اهي هئا ڪهڙا آدمي؟

 

جن پانئي ۾ پڃري، سي سل ته سڻيان ڳالهڙي.

248-

چئي: هٿ منهن ماڻهن جهڙا، اُٺن جهڙا پير،

 

پُڇ دُ نبي جهڙا، هئا حيوانن جي هير،

 

کين ڏونگهيون، کارڪون، پاڻوواڻا ٻير،

 

سائو گاهه سوير، پائي ڏينم پڃري.

249-

جڏهن ويو ڪِري سڀ قصو، سعد حقيقت حال جو،

 

پڇيائين پانَوَ کان، تڏهن تنهان پوءِ،

 

جنهن لئي جفا جيءَ ڪيئي، پَر ڀونءِ پنڌ پيوءِ،

 

ڪنهن ڏيهه ۾ ڏس ٿيوءِ، قريبن جو ڪٿهين؟

250-

چئي: اڄ صبح ايندام، دلبر هن دوار ۾،

 

منهنجي ڪارڻ مينٿو، ملڪان جن ٿيندام،

 

ڏسڻ سان ڏيندام، ماڻهو شال مبارڪون.

251-

تڏهن گهڻو سرهو ٿي سعد، شڪرانا شروع ڪيا،

 

ته ملندا پرين، مُهت ٿيو، ڌڻيءَ ڪيو سڀ داد،

 

بخششون، ”بهار“ چوي، مڱندن مليون معناد،

 

لٿو فلڪ فساد، غم ۽ غير غبار جو.

252-

پنڌ ڪشالا محنتون، سڀي ساب پيام،

 

ڏس پريان جي ڏيهه جا، ڏاتر ڏياريام،

 

قادر ڪم ڪيام، شل جانب ايندا جُوءِ ۾!

253-

چيو سيفل سعد کي، منجهان دل دماغ،

 

هل نه ڳرهيون ڳالهڙيون، باتيون اندر باغ،

 

ميٽيون من جا داغ، پي پيالا پاڻ ۾.

254-

خيما خوشيءَ مان هڻي، پيتائون شراب،

 

نازن، سازن سُنر ٿيا، رانديون رنگ رباب،

 

ته سامهون ٿيو سوجهرو، مشعلي مهتاب،

 

پڇيو مير وزير کان، تنهين جاءِ جواب،

 

ته ڪهڙي اڄ حساب، باهه ٻري ٿي باغ ۾.

255-

چيو وزير وراءِ، اڳيون شهزادي شاهه کي،

 

ته وڃ مَ انهيءَ پار ڏي، پري پير مَ پاءِ،

 

سلطان سرانديب جي، جشن ڪيو اِن جاءِ،

 

هن کي خبر نه ڪاءِ، ته ڪو درس آيو منجهه دائري.

256-

ساراهيان سچو ڌڻي، جو قادر جوڙي ڪم،

 

ڏئي ڏاڻ وڏاندرا، لاهي غصا، گوندر، غم،

 

گلستان جون گُجريون، آيو کان ايرم،

 

جن جون بيٺڪون باغن ۾، اوتارا اُتم،

 

انهيءَ واس وهم، اچي هوءِ ڪيائون هنڌڙا.

257-

هوءِ ڪيائون هنڌڙا، عطر ساڻ عنبير،

 

گل ڦل سڀ گلزار ٿيا، سونا فرش سرير،

 

چمن کٿوريون چڪيون، حوض گلاب حرير،

 

ايڏيءَ ساڻ اُڪير، اچي مليون سي ملڪان کي.(1)

258-

مليون سي ملڪان کي، ۽ ملڪان ملي تن،(2)

 

خوبان کان خبرون، ٿيون پَرياڻيون پڇن:

 

ادي! تنهنجو اُلڪو، هو جيڪي اَبي جن،

 

مڪا هئاسون مُلڪن تي، جارون جاسوسَن،

 

خبر پيئي ڪانه ته ڪا دغا ڪِي ديون،

 

توکي آندو ڪن، بر بحر خشڪيءَ مان وٺي؟

259-

اُتائينس احوال، ته چوندي سانءِ چٽو ڪري،

 

ٿيندو نه ٿورڙي ۾، سڀ قصو سر حال،

 

آن سين ڪنديون سين پاڻهي، هيڪڙو هي حال،

 

ڀري جام جمال، پِيون پيالا پاڻ ۾.

260-

وٽيون وراهين ٿيون صراحين ساقي،

 

حورئون ناز حسين ڪيا، سربانو باقي،

 

تاڙيائون طاقِي، غم غصي غيرت جي.

261-

عطر، مشڪ، عنبير جي، ٿي کيڏ کڙي خوشبوءِ،

 

هيڏانهن به مهتاب ملوڪ ڪيو، روشن روءِ بروءِ،

 

تڏهن پرياڻين پاڻ پڇو، خاطر منجهان خوءِ،

 

ته هن جريديءَ جُوءِ، آهي سرتيون ڪهڙو سوجهرو؟

262-

تڏهن ملڪان جي ماءُ، اُتو اڳيان هي اُهڃاڻ،

 

ته جنهن ماريو ديو مٿانگرو، تانگهي تير نياڻ،

 

تنهن آندي امانت ڪري، شامل صورت ساڻ،

 

اُهو اسانهجي باغ ۾، ماڳ آهي مهماڻ،

 

ٿو پرچائي پاڻ، هن گلزاري گلن ۾.

263-

تان چئي: سکر سٻوجهو سپرين، آڪابر آهي،

 

جنهن دٻايو ديو کي، لپيٽي لاهي،

 

ڏسڻ پيو ڏاهي، اُٿو ته هلون اُن پار ڏي.(1)

264-

گل ٽڙيا گلزاري، چوڌاري چمن جي،

 

هڪڙو اوش انگن جو، ٻي سلابت ساري،

 

ٽي صورت سونهاري، ٿي چمڪي چوڏهين چنڊ گهاءِ.

265-

دان دلوچا دلمچا، تن سر سٽيا سيئي،

 

پريون پريانيون پد مڻيون،(2) ٽپ اُٿيون ٽيئي،

 

گرد ڪيائون گاڙا، ڏيکاري ڏيئي،

 

ڪا جا نِگھ نَر تي، وڃي پرياڻيءَ پيئي،

 

تنهن کي سار سنڌان ويئي، پسي حسن حيران ٿي.

266-

نار نهوڙي نُور، ۽ نُور نهوڙيو نار کان،

 

پسي ملوڪ مصر جو، ٿي حيراني کي حور،

 

تير لڳس تقدير جو، گهائي اندر گهور،

 

سڪ سيفل جي سور، چوٽيءَ تائين چُور ڪِي.

267-

چوٽيءَ تائين چُور ٿي، سگهي ڪين چُري،

 

جيئن هڻجي بندوق هرڻ کي، ڏيئي طرح تري،

 

کڻي پير نه پر تي، پوي ڪاريهر ڪِري،

 

اندر تاوڪ نينهن جي، گهايس منجهه گهڙي،

 

متيون وييون منڌ کان، ويل تنهين وسري،

 

ڏيئي ڳاٽ ڳري، هيءَ بيٺي حيران ٿي.

268-

ڪنهن ڇِڪائِي ڇِڪ، متيون وييون منڌ جون،

 

چوريءَ چمن مان ٿي وجهي لياڪا لڪ،

 

سنديءَ سيفل سڪ، جهوريءَ جهڻڪ جهني ڪئي.

269-

پاڻ هلون ٻيئي، ملڪان اُتس مام ۾،

 

پسون زيب جوان جو، وٽ تنهين ويهي،

 

پرياڻيءَ پاڻ چيو، دهلجي ديهي،

 

ته اسان آدم ذات سان، آهه قرابت ڪيهي،

 

سرتيون سڀيئي، موٽو ته وڃون ماڳ تي.

270-

تڏهن خوبان ساڻ خيال، موٽي اُتو مير کي،

 

تڏهن چنچل چنگ هٿ ڪري، طرح وڄايو تال،

 

ته من موهي مست ڪيو، باني بديع الجمال،

 

پرين جو پتشاهه، هوءَ ڌيءَ تنهين شهوال،

 

ماڻهو ڏيندم ميهڻا، جا ڪي ساهه سنڀال،

 

ڀلو ڪندم ڀال، ايندا شال ايرم کان.

271-

تڏهن پيهي پڇيائين، ته هن ڪهڙو بيت بيان ڪيو،

 

ملڪ اسان جو، ماءُ پيءُ، ڪاٽي ڏٺائين،

 

ڪا ڪل ڏيو ڪائين، ته هي آهي ڪهڙو آدمي؟

272-

ملڪان ساڻس ماءُ، اچي ويٺيون ويجهڙيون،

 

حالت هن جي حال جي، اُتائونس اڳيانءُ،

 

ته پاتشاهه جو مصر جو، هيءُ ورنه تنهن وياءُ،

 

سليماني ڪپڙو، هن جارون ڏٺو جاءِ،

 

تو تنهين ۾ ڏسي، ٿيو طالبو توڙاءُ،

 

سک ڇڏيائين سيج سين، سُور چکيائين ساءُ،

 

هيڪر هلي مقابلي، سندس لهه سماءُ،

 

تنهن عاقل ڏانهن الله، شل اُبتڙ مَ ٿئي.

273-

اڳ هيس هيڻي، دل ۾ دونس درد جي،

 

ويتر باهه برهه جي، ٻاريس هن ڀيڻي،

 

لُڇي ڪُڇي ڪينڪي، جهوريءَ ڪئي جهيڻي،

 

هئي وات نه وهيڻي، پر هٿان ٿئي نه هن جي.

274-

سمهي آٿي منجهه سُور، سلي ڳالهه نه ڳجهه جي،

 

ٻيون سڀ سمهي رهيون، بيدرديون غم دور،

 

کنيو عشق اليل جي، پرياڻيءَ کي پور،

 

ڇڏي تڪيا ۽ تُور، پار مڻيائين پِر جو.

275-

پار مڻيائين پر جو، اوٽ عشق جي آر،

 

پڇئين باغين بلبلن، ته پِرين ڪهڙي پار؟

 

ڏسي چمن چنبيليون، نينهن نهوڙي نار،

 

پهه ڪندي، پڇندي وتي، جوش تنهين جي جار،

 

دردن جي درياءَ ۾، گهڙي تارون تار،

 

منجهان کيپ خمار، پيئي چمن ۾ چانڊاڻ ٿي.

276-

چمن ۾ چانڊاڻ ٿي، سو چوڏهينءَ جو چنڊ،

 

سيفل ستو هو سييج تي، تنهن جي نينهن ٻڌي هئي ننڊ،

 

اُٿاريائين عاشق کي، پڙهي محبت منڊ،

 

جيئن کير، مصري، کنڊ، تيئن گلزاري ۾ گڏ ٿيا.

277-

گلزاريءَ ۾ گڏ ٿي، پڇيو جوان جواب،

 

ته ڪِي سج، ڪي چنڊ تون، ڪِي منهنجو ئي مهتاب،

 

ڪي ثابت پسان سپرين، ڪي خاطر لهان خواب،

 

صورت مورت سان ملي، ڪيائين تسليٰ تاب،

 

انهيءَ شرط شتاب، کڻي حبيب هنج ڪيو.

278-

کڻي حبيب هنج ڪري، ههڙو چس حال:

 

ته جانڪون جانب مون ڏٺي، تنهنجي جوت جمال،

 

تانڪون سڪ تنهنجي سپرين، هوم خاطر منجهه خيال،

 

ٿيس تڏ هانڪون طالبو، ٿي ووڙيم لڳ وصال،

 

هاڻي ڀلي ڪيو ڀال، تنهن جي ڀال ڀلو ٿيو.

279-

پنهنجي ڀال ڀلو ٿيو، ڪِي ڀلي ڀلائي،

 

جنهن کي سڪيو ٿي ڄندڙو، ڄماندر ڄائِي،

 

سي صاحب ميڙيم سپرين، انور عطائي،

 

ٿي پنهنجي پتشاهي، ڇانئين اڄ ڇٽ ڪري.

280-

ڇانيائين ڇٽ سين، ٿيو مون مٿيئي ڇٽ،

 

پرينءَ پاڻ هٿن سان، پنُر پياريو پَٽ،

 

اڄ عاشق تي اُڀريو، نوري نيڪ تکٽ،

 

پسي جڳ جڳٽ، محبتي معمور ٿيا.

281-

محبتي معمور ٿيا، ساجن جي صلاح،

 

عاشق جي افسوس جي، آڳي ٻڌي آهه،

 

جن جو رند نه راهه، لوچي تن لعل لڌو.

282-

هيم جنهن سان هاج، لوچي لعل لڌم سو،

 

مٿي مون مهرون ٿيون، ڪوڙين پنا ڪاج،

 

ڏاتر ڏنا ڏاج، قادر پنهنجي ڪرم سان.

283-

بديعل ٿي بيزار، آيس پوءِ بشر جي،

 

منهن تي ڏيئي ڪپڙو، اهو ڪيائين تار،

 

آهين وڏو ڪو آدمي، آءُ ڪر تون اظهار،

 

نه تو آرائينءَ پڇيو، ڇو ڀيلين باغ بهار؟

 

وڏيءَ گستاخيءَ سين، ڇنئي موتين هار،

 

گنج پسيو گلزار، ٿو چوريءَ چونڊين گلڙا!

284-

تڏهن سخن سڻي سلطان، دل منجهارا دانهن ڪي،

 

هن حياتيءَ حال جي، آڌر تون ايمان،

 

بئنت پير بشر جو، اٿئي مُنهن سندو سبحان،

 

منهن تان لاهه ڪپڙو، اهو اَٿَو احسان،

 

ڏيئي گوش گيان، عرض سڻ عاشق جو.

285-

تڏهن منهن تان لاهي ڪپڙو، اُتو پرياڻيءَ پوءِ،

 

ته اي بيگانا آدمي! وڏو مون سُنهن وڌوء،

 

چئو حقيقت حال جي، ڪيهو ڪم سندوءِ؟

 

متان هٿان پرياڻيءَ پوءِ، سندءِ پنڌ پري پوي.

286-

تان سڻ حقيقت حال جي، ڪري گوش گيان،

 

صدا ڪريان ٿو سِر جي، دلبر توکان دان،

 

آهي آن کي سٿري، اها سڀ آسان،

 

ٿيءُ مون تي مهربان، صاحب ڪارڻ سپرين!

287-

چئي: اوهين آهيو آدمي، ٿا ٽانگهيو نينهن نياڻ،

 

مقابل محبوبن سان، ٿا حيلا ڪريو هاڻ،

 

جڏهن لهيو ڪاڻ، تڏهن ويندي وفا نه ڪريو.

288-

چئي: جانسين جيئندوس، هوندم ساهه سرير ۾،

 

تانسين مجلس محبوبن جي، مور نه مٽيندوس،

 

ڪندس نه بس ”بهار“ چوي، راهه وٺي رڙهندوس،

 

هي سرِ توتان صدقو، گهوريو گهوريندوس،

 

وڏيون تو وٽ وينتيون، ڪوڙين آءٌ ڪندوس،

 

نباهي نيندوس، سنگت تنهنجي ساٿ جي.

289-

چئي: سيفل ڳالهه سندياءِ، سڻي رهيس سڀڪا،

 

حيلا ٿو هاڻي ڪرين، وسيري پوءِ ويندياءِ،

 

ياد نه پوندءِ جوش کان، ڀَلائي ڀُلندياءِ،

 

ڪير ائين چوندياءِ، ته تو پت نه پاري پانهنجي.

290-

چئي: سيفل! ڳالهه سندياءِ، جيئن پاڻيءَ تي چِٽ،

 

ويساهي ويندين وري، وجهي ورهه ورٽ،

 

اهو داغ منهنجي دل تان، ڪين لهندو ڪرٽ،

 

تون تان هڏهين نه مٽ، ونءُ مانجهي ماٺ ڪري.

291-

تڏهن عاشق آهه ڪري، منجهان سوز سڙي پيو،

 

ڪڍي ڪٽارو چيلهه مان، مٿي ڌڙ ڌري،

 

تنهنجو منهنجيءَ ڳالهه تي، پِتو تان نه پَري،

 

هي مَرُ جان هت مري، مقابل محبوب جي.

292-

تڏهن پرياڻيءَ پرچي ڪيو، نرتان هيءُ نظير،

 

چئي: سچي سيفل تو هئي، توڙان تاري تير،

 

کسو خنجر خان کان، ٿي نيڻين اُگهي نير،

 

ته آءٌ تو تان صدقو، تون دوس مَ ٿيءُ دلگير،

 

هيءَ ري زرخريد ظهير، ڳنهي ڳڻن سان ڪيئي.

293-

ڳنهي ڳڻن سان ڪيئي، هيءَ باندين جي باندي،

 

جيئن پوي رند رُپي کي، چوڪس ٿئي چاندي،

 

تيئن نباهي آندي، تو جهڙي ڪونه ڪري.

294-

تڏهن عهد ٻڌي اقرار، دست ڪيائون دوستي،

 

من جا واقف منهنجا پرين، حياتيءَ جا هار!

 

تو ريءَ دوس نه دوستي، يار نه توريءَ يار،

 

هيءَ ڀوري ٻئي ڀتار، پاس نه ڏيندي پلنگ تي.

295-

تڏهن ٻُڌي دلاسو دوست جو، خوش ٿيو سو خان،

 

سرها چمن گلڙا، سرهو جڳ جهان،

 

سرهو سڀ جهان، سرها سڀيئي ٿيا.

296-

هنن اوريندي پاڻ ۾، اچي چِڙين چانگاريو،

 

محبتين موڪل جو، جهجهو جر هاريو،

 

شال مَ پون ڏينهڙا، اچنِ اُجاريو،

 

پاڙو ڏور پرينءَ کان، قادر مَ ڪاريو،

 

جاتسين جياريو، ته هجون هيڪاندا هوت سان.(1)

297-

جان وڃي واجهائي، گَنُو ڀري گام،

 

جيئن سونهين ساهه سرير ۾، تيئن لڏيو لڏي لام،

 

اُتو پرياڻيءَ پتشاهه کي، سندي ناز نظام،

 

ته متان منهنجي تون سلين، ملڪان ماڻس مام،

 

مر مون آڻين تو مٿي، منجهان نينهن نجام،

 

هن ڀي ڀري هام، ته ڪنهن پر سلينديس ڪينڪي.

298-

پوءِ ملڪان ۽ ماڻس، اچي ويٺيون ويجهڙيون،

 

تن ساري ڳالهه سيفل جي، سچي ڪئي ساڻس،

 

جاڏي جاءِ جوان جي، تاڏي هن تاڻيس،

 

پوءِ اهو سخن سيباڻس، تڏهن اُٿي هلي اُن سان.

299-

چئي: هي نه مٽ مائٽ مان، ته مون ڄاڻ سڃاڻ،

 

ڪيئن ڳالهايان تنهن سان، وڃي بيگاني ساڻ،

 

پڇان خبر خير جي، ٻَڌي پهه پرياڻ،

 

وڏو ٿيو مونکي آهي، اوهان سندو ارمان،

 

چئي: مر مهت لهي مهماڻ، آيو جو آس ڪري.

300-

تڏهن وڃي ڏنائون، مبارڪون مير کي،

 

خاطر مراد خوشيءَ جي، جوين جوٽيائون،

 

زيور، زريون، هار، هس، پُويو پاتائون،

 

ٽي راتيون ٽي ڏينهڙا، لٽڪا لٽيائون،

 

ايهين اُتائون، ته عمر سڀ افراد هئي.

301-

تن جوڙي چڱي جاءِ، ٻيهر ڀي ٻول ڪيا،

 

اُتو پرياڻيءَ پتشاهه کي، هاڻ فڪر مَ ڪو فرماءِ،

 

حالت پنهنجي حال جي، پڦيءَ کي پهچاءِ،

 

سروبانو تانءَ جنهن جو، سگهڙ سرت سڻاءِ،

 

ڪندو ڪم خداءِ، پر هوءَ ڀي ڀلي همراهه هئي.

302-

تڏهن خوبان پسي ڪم، دل کان تنهين دانهن ڪِي،

 

نه ويچاريءَ جو وس، اهو در تنهنجي تي دم،

 

هاڻي هن غريب کان، ٻيو ڪار مَ ڪم،

 

ڪر قادر لڳ ڪرم، ته عاشق اوباهو ٿئي.

303-

تڏهن اُتو افريدان کي، جا بيٺي هيس ڀر ۾،

 

ته ڙي! پهچائج پڦيءَ کي، نازڪ ڪل بر ۾،

 

پر منهنجيءَ مام منجهه، پُر جهائج پَر ۾،

 

ته جو ڪانڌ لکيو ڪَر ۾، تنهن سڃاڻج سلطان کي.

304-

جيئن ٿا گهرو موڪل، تيئن منهنجو ساهه مُسي هِنيون،

 

من موهن منهنجا پرين! جي توکي پايان پل،

 

شل موٽي ڪا مهل، پهر اهڙيائي مَ ٿئي.

305-

وڃڻ جي وائي، متان ڪا مون سين ڪريو،

 

آءٌ اڳئي آهيان، ڪن ڏکن ڏسائي،

 

لالن ليلائي، متان تو ريءَ مري وڃان.

306-

چئي: جانڪون مون لائي محبت، جانب تنهنجي جيءَ سان،

 

تن ۾ طلب تڏ هانڪون، وسهج ايءَ وحدت،

 

توهان جي ورهه وڏي ڪِي، هينئڙي سين حالت،

 

موٽ، مَ لاءِ مدت، متان هت مري رهان.

307-

چئي: البت آءٌ ايندوس، پرين توڏي پاڻهين،

 

آيس ڏورئين ڏيهه تان، سا محبت نه مٽيندوس،

 

پائي پاند ڳچيءَ ۾، پيرين آءٌ پوندوس،

 

نباهي نيندوس، سنگت تنهنجي ساٿ سان.

308-

جڏهن آيو ۾ اوطاق، تڏهن سعد پڇيو سيفل کان:

 

ته اڄ ڪائي هُئين قبلا! نور ڀريا نزاڪ؟

 

تڏهن کلي خان خوش ٿي، حال ڏنو هوشناڪ،

 

پوءِ مانجهيءَ کي مشتاق، ڏنيون مير مبارڪون.

309-

تڏهن سرهو سعد ٿيو، پيو سرهو سلطان،

 

سرها چمن ڦلڙا، وڻ ٽڻ سرها ويران،

 

سرها پکي باغ جا، ٻيو سرهو سڀ جهان،

 

جو ايڏيءَ سڪ سبحان، سو شل ڪامل قراري ٿئي.

310-

تڏهن صبح تي وييون، ملڪان ماڻس منڌ ڏي،

 

سيفل جو سخن وٺي، پدمڻيون پييون:

 

ته ادي! جنهن ڪيو اسان تي احسان، پاڻان ڏک ڏييون،

 

دانهَ تو ري در ڪنهين، سڀيئي سييون،

 

جيڏين سان جٻيون، ڪيون پارج پانهنجون.

311-

تڏهن روئي راوت رت، موڪل مِڙني کان مڱي،

 

سعد سونپيائين تن کي، سو مَر هجي هت،

 

اها اُڏاڻي آفريدان، کڻي خان تخت،

 

اڳيان ٽڪر، ٽولاڪا، ٽڪريون، پهڻ وڏا پريت،

 

ڀولا، ڀَٽون ڀِڪُن ۾، ٻيا هاٿي سان هيبت،

 

تنهنڪري ستونو ست، لحظي منجهه لنگهائيو.

312-

اچي شهزادي شهر ۾، جان اکيون اُپٽيائين،

 

وڻ محل اشينين جا، ڏوران ڏٺائين،

 

تن کي ريهو رُپي سون جو، هو ڪهگل ڪوڏائين،

 

بنيو فرش بلور جو، ٻي يعقوتي جائين،

 

پڇا ڪيائين، ته ڪا آهي سروبانو سراءِ ۾؟

313-

جڏهن منجهه ڪچهريءَ ڪؤنر، وير وڃي ٿيو ويجهڙو،

 

ته پيرا آهن پرين جا، ٻيو دهشت جهڙو دور،

 

حريريءَ چادر سان، ٿو منڌ تي ڍري چونر،

 

جتي: عام نه وڃي اور، تتي نيئي آفريدان اوڏو ڪيو.

314-

تڏهن فرتئون تنهين نار، صحي سيفل کي چيو،

 

ٻه ٻهڳڻ ٻٽيهه لکڻا! ٿو دونڪين منجهه دوار،

 

متان وڃي ٻئي يار، پوين پَرين جي پڙلاوَ ۾.

315-

تڏهن صورتوند سلام، عاشق اُتهين ڪيو،

 

پڇيو پرياڻيءَ پتشاهه کان ته آهين ڪير ڪدام؟

 

ڪَهه ڪهڙو اٿئي ڪام؟ نه ته اڄ ماريندءِ هر مهل ۾.

316-

مهل تنهين مشتاق، ڏنو خط حضور ۾،

 

تنهن روئي رت لکايو، تختي اندر طاق،

 

سروبانو سوز کان، گڏجي ٿي غمناڪ،

 

پرياڻيءَ پڙهي ڪري، چِت چُري پيس چاڪ،

 

اُن سونهري سيفل کي، آڻي پهرائي پوشاڪ،

 

پاڻ اڳيان اوطاق، وير ڏٺائين ويجهڙي.

317-

صبح تي سعيو، تن ساجهر سيفل جو ڪيو،

 

اُتائين آفريدان کي، اصل جنهن سين آيو،

 

ته حوض گلابيءَ هنڌ ۾، نيئي پانوَ پهچايو؛

 

اوهين سگهو سڌايو، اسين ڀي اينديون سين ايڏهين.

318-

تڏهن آفريد اُڏاڻي، ساڻ وٺي سيفل کي،

 

تنهن حوض گلابيءَ هنڌ تي، ڄاڻ چڱو ڄاڻي،

 

اکيون جان پٽي تان پَٽ هو، ٻيو پوشيدو پاڻي،

 

تتي طرحين تماشا ڪيا سروبانوءَ ساڻي،

 

ته هيءَ نه هئي نماڻي، پر تنهنجي مام مطيع ڪي.

319-

گل هئا گلزار، ٻيون جايون جنت جهڙيون،

 

درسن ڪارڻ دوس جي، کٿورين خنڪار،

 

گلم، غاليچا، گل رنگي، چمن چڱا چوڌار،

 

ميوا اُت موچار، ٻيون موڪ مٺايون مصريون.

320-

مهندان تنهين مير، لنگهي آفريدان اوڏهين،

 

هيءُ ڌري سر سُمهي پيو، ڪا جا گهُلِي هير،

 

تان اچي ديوَ اوچتي، پڇي سڌ سڌير،

 

چائي ويس چنبن ۾، سڻي ويڌن وير،

 

سو لحظي منجهه لنگهي ويو، ڪئين نديون نير،

 

سندو حال حمير، نيئي ڌريو مهندان مير جي.

321-

تڏهن هاشم ائين اُتو، ته کڻي هي قابو ڪريو،

 

هن سان ڀي اهڙي ڪريو، جيئن هن جو ڀاءُ ٿيو،

 

پر چڱي پين چتِ ۾، جڏهن چڱي هينئن چيو،

 

ته ماريو ڪِيم ملوڪ کي، هو تان مون ويو،

 

مرجان هوءِ پيو، کڻي وجهو ڪنهن کوهه ۾.

322-

تڏهن ٻڌي وجهي منجهه کوهه، تن لنبي لائي ڇڏيو،

 

اچي پاڻيءَ اَن جي، هئا لهندا سار صبوح،

 

صحبت سڪ پريان جي، ٿيو راهه مونجهارو روح،

 

اُتهين لنگهيندي لوهه، ٿيس چار مهينا چاهه ۾.

323-

تڏهن ڪو شاهه اڳيان شهوال، منڌ وڃي مذڪور،

 

جنهن آندي اُچائي ديوَ کان، ملڪان سيتي مال،

 

تعجب شاهه تمام ٿيو، عرض سڻي احوال،

 

وَنءُ وڃو وٺي اچو، جتي هجي حاضر حال،

 

هن جا دشمن ديوَ د جال، متان آزارين اصيل کي.

324-

جان وڃن تان ناهه، انهيءَ حوض گلابي هنڌ تي،

 

سي وڃي پڇي موٽيا، ترت سپاهي تاءِ،

 

قلزم چيو ڪاهه، ديونَ نيو درياءَ تي.

325-

لڇي پڇي شاهه، چي: ڪَر ڪريو ڪا جوان جي،

 

ڪارڻ ڪرهه قوي ٿيو، ٿو سڏائي سپاهه،

 

بديعل پيئي بيمار ٿي، ته محب ملايو ماهه،

 

دانهون ڪيو دوس، روز پڇائي راهه،

 

سختين ويڙهيس ساهه، نينهن نهوڙي ناهه ڪي.

326-

جڏهن ٿي سروبانوءَ سڌ، بديعل جي بيمار جي،

 

تنهن پَري پُرجهايو پتشاهه کي، اها ٻُنڌائي ٻڌ،

 

ته پرڀونء جا پتشاهه! سي طعنا ڏيندا تو هنڌ،

 

تتي جوڙ نه ٿيندءِ جُڌ، جو ناٺي نيائون ڳوٺ مان.

327-

تڏهن ڪري دانهن دلير! ٽپو ڏيئي اُٽيو،

 

نقيبن نعرا ڪيا، فوجن ٻڌا ڦير،

 

چڙهي خان کَنير، ويٺو ديسين سان درياءَ تي.

328-

ديرو ڏيئي درياءَ تي، ويٺو نَر نِسنگ،

 

پرين ديون کي هڻي، ڪيو ترارين سين تنگ،

 

سبب ٿيو ڪنهن سنگ، هاشم وٺنائين هٿن سان.

329-

تڏهن وينگس اچي وٽ، چيو شاهه اڳيان شهوال جي،

 

ته هي ڏياري مُنجو سعد ڏي، ڄولي ڄاڻي ڄٽ،

 

ته ڀاءُ برابر ڀاءُ جي، مر ماري ڪريس مَٽ،

 

ساهه نه پيو سرٽ، هن ماريندي ملوڪ کي.

330-

تڏهن ٿيو هاشم تنهين هنڌ، عرض ڪري عاجز،

 

ته جيئرو آهي جوان سو، ڀانوَ پَرئين پنڌ،

 

راءُ چڙهيو تنهن رند، خبر لهڻ اُن کوهه جي.

331-

تڏهن ٿيا ٻهڳڻ ٻئي گڏ، شامل شاهه شتاب،

 

سڏيائون سيفل کي، ڏنائين سو حيلن سان سڏ،

 

جو رڃ اندر هو رڏ، سو چنڊ نڪتو چاهه مان.

332-

تڏهن ٿيو شڪستو شهوال، شڪل ڏسي شاهه جي،

 

پنهنجو انت ڏيو احوال، ته ڪيئن خان گذاريئي کوهه ۾؟

333-

تڏهن ڪِي جو ڳالهايو، سو سيباڻو سڀن کي،

 

عاشق کي آگلس کان ويو ورايو،

 

سڏ نه ڪري سعيو، هيءُ پلئي لڳو پار وڌو.

334-

پلئي لڳو پار وڌو، جان عاجز کي اوٽي،

 

شاهه مبارڪ شير دل، جڏهن ملڪ ڏي موٽي،

 

ڇڏيو ڇوڙي کڻي، هاشم هن هوٽي،

 

سيفل سهيٽي، تو شابس مير نه ماريو.

335-

ٻُنڌي بيداديون، تنهن ملڪ تان معافي ڪيون،

 

شڪرانا سيفل جا، ٿيون سرهايون شاديون،

 

ان کان علاحديون، وٺي خيراتون خان ڪيون.

336-

ڪيون شاهه اُتي شهوال، خيراتون خان تان،

 

سرهي سروبانو ٿي، سرهي بديع الجمال،

 

سيفل جي سنڀال، ٿي پلپل پڦيءَ کان پڇي.

337-

پلپل پڦيءَ کان پڇي، ته محب ملايو ماءِ،

 

جاني آيو جاءِ، ته مر منهنجو ئي مهمان ٿئي.

338-

ٿي ساهيڙيون سڏاءِ، پڦيءَ کان موڪل وٺي،

 

ته اديون! آيم سپرين، سڄڻ هن سراءِ،

 

پهريون ملڪ مال مان، ٻيو حيلو حال هلاءِ،

 

ڪي ڪريان ٻي ڪاءِ، مهماني محبوب کي.

339-

آور ڪريندي اوءِ، تن رات منجهانرا ڏينهن ڪيو،

 

سڏائي سيفل کي، تنهن رنگ مٽائي روءِ،

 

سنجهي تيئن صبوح، تن رڱي رَتا رت ۾.

340-

ويٺا محب ملي، روئي رنگ رياض سان،

 

ٽهڪيا ٽونر ٽِلي، عشق پيچ عطر جا.

341-

ڏارا وڃن ڏلي، هي سچ سيفل پاريو،

 

هاڻي هي جڏو جياريو، جهن کي آڌر آهه آنهجي.

342-

ڪِي سروبانوءَ سورَ، ويهي انهي ڳالهه جي،

 

تنهنجي فرزند ڪاڻ فراق جا، گهائيا ٿي گهور،

 

هاڻي دولت ڀريا دور، رضا ڏي راضي ٿي.

343-

تڏهن رضا ڏيئي راضي ٿيو، ورتي هيءَ وايا،

 

شهر گلستان ايرم جا، سڀ آڪابر آيا،

 

سيفل جا سعيا، مڙني ڪيا مصلحات جا.

344-

مڙني جي مصلحات جو، ورتو هيءُ وايو،

 

بازارين بناو ٿيا، چندن چڪايو،

 

حريري جا حاشين تي، جوهر جڙايو،

 

ڪٽهڙا ڪافور سان، ڪهگل ڪرايو،

 

آتش بازيون اُٿيون، جهڳ مڳ جهڙ لايو،

 

تن ڇڏيون جوڙايو، جايون جنت جهڙيون.

345-

راڄن مڙيا راڄ، سرسلا سامان ٿيا،

 

کيا سڀ خمار ۾، منگتا ۽ محتاج،

 

پرڻائي سيفل کي، ڏيهه ڏنائون ڏاج،

 

ڪوڙين پڄايا ڪاج، آگي آسائن جا.

346-

ڪوڙين سيفل ڪم، پنا سڀ پريت مان،

 

مبارڪون مير کي اچي ڏنيون عالم،

 

شابس شير شرم، تو جيڏي ڪونه ڪري!

347-

سيفل ڪيو سلام، جڏهن وڃي شاهه جو،

 

تنهين ويل تخت تي، ٿو ويهاريس وريام،

 

خوشيون خرش ڪلام، ٿو آلائي عاقل سان.

348-

رنگ ڪري روءِ نه، سو ويهي شاهه وهم ڪيو،

 

سيفل تون ساڙيهه، ڇاکي وڃين ڇو نه؟

 

توڙي طلب وطن جي تو نه، ته ڀي اُٿي ونءُ اوڏهين.

349-

چئي: نه ڄاڻان ساڙيهه، ته قلا! او ڪاڏي ٿيو،

 

اوهين منهنجو ماءُ پيءُ، نيئي ڏيکاريو ڏيهه،

 

اهو نباهي نبه، نيندس تنهنجي نانوَ جو.

350-

تڏهن اُتو فهميدي، آڻايو آفريد کي،

 

ته هن دم حال في الحال، نيئي ملڪ مصر رساڻيو.

351-

ڪيائون مصلحت من، مصر ڏي موٽڻ جي،

 

موتي خرارين ميا، ٻيو پاند نه پوشاڪن،

 

جڙيا تخت جواهر سان، ترت کڻي سي تن،

 

سونون ڇٽيون ڇانوَ تي، سڳورين سر سونهن،

 

دونون دلر ديس ڏي، چڙهيا ائين چون،

 

جيئن اسين محبتي مليا، تيئن شل ٻيا پڻ ملن،

 

سي آفريد کڻي آندن، ساري سرانديب ۾.

352-

جڏهن آيو ڪؤنر کڻي ڪامل، معلوم ٿيو ملڪان کي،

 

بديعل آڻي باغ ۾، تنهن سان سيفل ٻيو شامل،

 

هو عقل جو عامل، وڃي مليو محبوبن کي.

353-

ٿيون شاديون شادمانا، سرهايون سرانديب ۾،

 

ڀَرين ڀريا سر سهاڳ جا، طرحين طولانا،

 

تنهن ڪري بادشاهي بانا، آندا ڪامل ڪوٽ ۾.

354-

منجهه سرانديب سڃان رهيا پاٽي ڏينهڙا،

 

بديعل ڪيا ملڪان سان، پانوَ سر بيان،

 

سا پرڻايائون سعد کي، ڏيئي جس جوان،

 

چڙهيا چارئي ڄڻا، توزڪ سان طولان،

 

آفريد ساڻ اَمان، موٽي مصر رساڻيا.

355-

ٿي هاشم کي آگاهه، ته آيا مير مصر جا،

 

گم ڪيائين غم کي، منهن جو تجلو ماهه،

 

خزانا خيرات ڪيا، در تائين درگاهه،

 

سڀ ڀٽ سرهايون ٿيون، مليو سيفل ماهه،

 

آندا پرين الله، وڇوڙيا جي ورهن جا.

356-

صبح تي سلطان، اُٿي ڪڍي ڪچهري پانشاهه،

 

ڇڏي رائر رعيت کي، ئي ورنئين ڏيئين دان،

 

ڪلمون ساڻ زبان، پڙهو مڙيئي مومنا!

357-

عشق جي آڪاس هئي، سيفل سعد کي،

 

ڪڍي ڪشالا ڪيترا، ٻيا پريان جي پاس،

 

پهرين ملڪان سان مليا، پوءِ بدبعل پيئي باس،

 

تنهن پوءِ بشر جي، وڌس منجهه وساس،

 

عشق چاڙهي آنگاس، بديعل سيفل ميڙيو.

 

لاالھ الاالله محمد رسول الله

 

-              ™ -


 

 

روايت [3]

چيل محمود شيخ*

 

1-

ساراهيان سچو ڌڻي، جنهن پيدا ڪيا پير،

 

مالڪ جوڙيا ملڪ ۾، واحد لک وزير،

 

ٻيٽو هاشم شاهه جو، جنهن کي اندر منجهه اُڪير،

 

سُجهي شهر ولايت ۾، پري بديعل مير،

 

هلي هـــــن پــــار ڏي، ڪيون ســــاڌ وزيــــر،(1)

 

جوڙيو جنگ جهاز کي، ڪوڏ هڻايو ڪير،

 

لڳي اُتر هير، سيفل سفر سنبهيو.

2-

سيفل سفر سنهو، رميو مٿي راهه،

 

رکي محبت من ۾، ڪئي ڪست منجهارون ڪاهه،

 

دُرس پئي دس ديو جي، مٿي نيڪ نگاهه،

 

امر ٿيس الله، ڦَرهو ڦُٽي وڃي هڪ رهيو.

3-

ڦرهو ڦٽي هڪ رهيو، جنهن ۾ رهيو جوانن جوڙو،

 

ننهن وچون ڪرٽ وهي ويو، گهاٽو ڪيو گهوڙو،

 

پوءِ وجهي وينگس وڇوڙو، ساڌ لڙهي ويو سير ۾.

4-

ترهي تري تڙ ڪيو، سيفل ورتي سُڪ،

 

نڪا اُڃ عجيب کي، نڪا بانڪي بُک،

 

سڄڻ ساريو ”شيخ“ چوي، لڙيو پونس لڙڪ،

 

ڏولاوا ۽ ڏک، ٿيا ڪامل سامهان ڪيترا.

5-

سڀئي سُور سامهان ڪري، هليو دانهه دل لائي،

 

ڪو وڻ اُڀريو برپٽ ۾، اَمر سان آهي،

 

جنهن ۾ حاڪم وڌا هٿڙا، چڱا چتائي،

 

اُڀو ورنهه واجهائي، ڪو صُفو ڏٺائين سُڃ ۾.

6-

صُفو ڏٺائين سُڃ ۾، جنهن تي آيو وير وري،

 

گهٽي نه ٿيس گهڙڻ جي، ٿيس ڳالهه ڳري،

 

مُنڊي هئي ملوڪ وٽ، نازڪ نَوَ گهري،

 

جنهن جي دهشت ساڻ دري، ڪامل ڪئي هئي ڪوٽ کي.

7-

ڪامل ڪئي هئي ڪوٽ کي، آيو دل جهلي داناء،

 

سهڻي پري سڦلي، پئي سالم کڻي ساهه،

 

لاٿائينڪپڙو منهن تؤن، ٿي ويس سرس شعاع،

 

مورت هئي ملوڪ سا، تنهن جو ڪيائين تر ڀاءُ،

 

صورت گهڻي سڦري، هيڏانهن تر گهڻو تجلاءُ،

 

پوءِ ڄاڻي هڪ الله، جا پري ڏٺائين پَٽ ۾.

8-

پري ڏٺائين پَٽ ۾، هيءَ ڪيئن جاڳي جوء،

 

سوني اکر ڦرهي مٿان، حاڪم ڏٺي هوءِ،

 

تنهن جا سالڪ سبقپڙهي ويو، عاقل اُٿلايوءِ،

 

سا ننڊ مون جاڳي ڪامڻي، رت ورنا روءِ،

 

پنهنجو نالو ڏَس ڪوءِ، منهنجو نالو اٿئي ملڪان پري.

9-

نالي ۽ ذات جي، توکي ڪهڙي سُڌ سڻايان،

 

ڀائٽِي تاج الملوڪ جي، آءٌ سڳي آهيان،

 

سوٽ بديع الجمال تو، پلؤ ڏيئي پرڻايان،

 

ميندي پاڻ هٿن سين، تو لاڳ هلي لايان،

 

هلي بديعل ڏيکاريان، ڪيان روح مقابل ڳالهڙيون.

10-

پنج سو پرين جا، تڙ ٿي ڪيائون،

 

تنهن کي بيٺي ڏٺائون، وچؤن واچوڙو آيو.

11-

پئي هيس پناري پليت جي، مَٺي منهن ڪاري،

 

سيفل توکي سڌي آهيان، تون مڙد وجهين ماري،

 

اڳيؤن سير سمونڊ جي، آگو اُڪاري،

 

پوءِ بديعل ڏيکاري، ڪيان روح مقابل ڳالهڙي.

12-

وٺي پڪ پري کؤن، وڃي ٿيو جوان جاءِ بجاءِ،

 

آيو ديوُ دريءَ مون، ٿيو پلڪ ۾ پيدا،

 

ننڊ ۾ سُتي ڪامڻي، تنهن جو مان رکيو موليٰ،

 

ڪري سچي ساهه جي، ديو لنگهيو درياءَ،

 

مرد چيو ملڪان کي، ڪو ورتئي سُڌ سماءُ،

 

چئي سليماني ڪپڙو، توسان ڀيڙو هجي ڀاءَ!

 

ڪر داخل منجهه درياءُ، سو کڻي وڃ خوشيءَ مون.

13-

ماري وڌ ئون ملعون کي، اُت ديو ڪري دانهون،

 

ملڪان چيو مرد کي، تنهنجي ملڪ آهيان آءٌ،

 

من مرادون پير پڄايون، جيڪي هيون روح ۾ رٿائون،

 

موٽ پرين پاهون، هلون دلبر تنهنجي دس ڏي.

14-

ملڪان توکي ٿو چوان، مونکي ونگا آڇ مَ ويڻ،

 

هلي تنهنجا اوڏهين، سڌر ٿيندا سيڻ،

 

مون ڏي نياڻي کڻ نه نيڻ، ميريءَ دل ”محمود“ چوي.

15-

سيفل توکي سڌي آهيان، پنهنجو اچي پاڻ،

 

آهين وينگس ڪنهن ولايت جو، سوڍا سرت سڄاڻ،

 

پوءِ هٿ ماڻهو اٿئي مهماڻ، ٻڌ جئين ترهو تار جو.

16-

ٻڌي ترهو تار جو، ات سيفل سينگاري،

 

تنهن تي چڙهي منڌ ملڪان، وينگس ويچاري،

 

پوءِ ويٺا کائڻ مڇي ”محمود“ چئي، ري بڪل کاري،

 

مالڪ کي ”محمود“ چئي، هئي سڌ خبر ساري،

 

ڪئي پرور پوئواري، وڃي پهتا ڪنهن ٻئي ٻيٽ تي.


 

 

روايت[4]

چيل منو چانڊيو*

 

1-

ساراهيان سچو ڌڻي، خالق پاڻ خدا،

 

وڏائي تنهن واحد کي، ٻئي کي ڪِيم جُڳاءِ،

 

پاڻ ڌڻي پيدا ڪيو، هادي هاشم شاهه،

 

پُٽ تنهن کي هڪڙو، ورنهه وير وياءُ،

 

سو پڙهڻ وهاريئين پنهنجو، رکي سرت سماءُ،

 

پڙهي سو پختو ٿيو، دل لائي داناءُ،

 

ٿيس معلوم ”منو چانڊيو“ چئي، ڏٺائين صورت جو سڀاءُ

 

ڪو جو وريس واءُ، ٿو ڳهلو ڳالهائي ڪينڪي.

2-

ڳهلو ڳالهائي ڪينڪي، مُور نه کائي ماني،

 

هن جا مِٽ ”منو“ چئي، ٿيا هيڪر حيراني،

 

سونُ توتان صدقي ڪيون، ٻي دنيا ديواني،

 

هل ته پرڻايونءِ پدمڻي، جيڪا صورت سبحاني،

 

جا تو پسي پيشاني، سا ڪانهي منڌ مري ويئي.

3-

انهيءَ منڌ مرڻ جو، ڪو ٿا ڪوڙ ڪهو،

 

پري مونکي پاڻ کان، ساعت نٿا سهو،

 

ويندس، رهندس ڪينڪي، متان مونکي جهليو،

 

سنگتي منهنجو سو، جيڪو ساڻي ٿيندو سور ۾.

4-

سنگتي سڀيئي، يار رکن ياري،

 

پوئتي پوڻ جي، وجهندا ڪا مَ گهاري،

 

مڃ منٿ مائٽن جي، ڪر عاقل اعتباري،

 

ڪري ترت تياري، توکي ويهاريون سيج تي.

5-

انهيءَ سيج ويهڻ کان، مونکي بنهين آهي بس،

 

بنگلا وڏي بناوت سان، منهنجو روح انهي رس،

 

گهوٽ لائي گس، ڪو ڏجو سونهون ساٿ جو.

6-

ڪونهي سونهون ساٿ جو، هڪ راتيون ٻيا رُخَ،

 

ڪوسي واءُ وڻڪار جي، لَهرون ڏئي ٿي لُک،

 

سيفل وڃين ٿو سڃ ۾، ساڳيان ساريندين سُک،

 

تار وَهي ٿي لِک، اڳيان ٻُجهي سير سمونڊ جي.

7-

ٻُجهي سير سمونڊ جي، جنهن ۾ ڊپ نڪو ڊاءُ،

 

درياءُ پيو دور ڪري، سو وير! ڀانيان واهه،

 

ساريو روز سڪي ٿو، اندر سو ارواح،

 

بنا بديعل جي، منهنجو سک نه ويهندو ساهه،

 

ڀيڙو ٿيندم ڀاءُ، ڪو ساڌ پهرئين سڏ سان.

8-

سڻي سڏ سيفل جا، ساڌ ڪيو سعيو،

 

ڪريو نيل ڦليل تڙ تان، ٿي اُتانهين آيو،

 

ڪامل ڪچهري وچ ۾، اچي ٻاوَن ٻولايو:

 

ڀڄي ماڻهو پري ٿيو، ڪهڙو اَٿو ميڙو مچايو؟

 

يار پڇي ٿو يار کان، منهن منهن سان لايو،

 

ڏي حقيقت حال جي، تو ڪيئن سک ڦٽايو،

 

ڪي محبت لڳئي ”منو“ چئي، ڪٿي تو پيچ پرين پايو،

 

تو وير ويهاريو، نه ته ڪو ساٿ سڄو ئي سُور جو.

9-

ساٿ ٻه ٽي سورن جا، آيم خريدار کڻي،

 

هڪڙا هلايم هٿن تي، ٻي ڪيم گهور گهڻي،

 

ڀانءِ ته منهنجي ڀاڳ ۾، مُڪا پاڻ ڌڻي،

 

ماري پنهنجي من کي، آءٌ ڪندس پاڻ پڻِي،

 

هتان خان کڻي، هل ادا! ايـرم شهر ڏي.

10-

انهي ايـرم شهر ڏي، توکي هلندس وير وٺي،

 

متان مرد ماندو ٿئين، تنهنجي ڀريندو پير پڻي،

 

هوش رک هوشاڪ ٿي، اٿئي سيفل ڳالهه سٺي،

 

امر مهل اُٿي، تون پيءُ پرچاءِ پنهنجو.

11-

ڪيئن پيءُ پرچائي پنهنجو، جنهن کي اندر نه آرام،

 

ڦاڙيو ڪپڙا ڦٽا ڪري، سو مير ٿيو مستان،

 

سڀني ۾ سر ڪردو هو، اچي سيفل ڪيو هو مان،

 

پيءُ سڃاڻي پٽ جو، مٿي ڪيو هو مان،

 

ورندي تنهن والد کي، ٻي ڪامل ڏني ڪانه،

 

ٻڌ ته ٻڌايان توکي، آءٌ بادشاهه بيان،

 

سيفل کي آهي سڪ کنيو، سو اڳي کؤن نادان،

 

هن ڦٽو ڪيو طعام، اوڏو ناهي اَن کي.

12-

اوڏو ناهي اَن کي، سو کاڄ نٿو کائي،

 

تنهن کي آءٌ ڇا ڪيان، منهنجو وس ناهي،

 

ڪٿي ملڪ پرين جو، ڪٿي ويندو ڪاهي،

 

آسابند آهي، ڪو سيفل منهنجي ساهه جو.

13-

ساهه برابر سپرين، مونکي پرين آهي پيارو،

 

روئي رت اکين مان، ڏينهن سڄو سارو،

 

سمهي نه سک ڪيو، جنهن جي اندر ڪيو آرو،

 

موڪل ڏينس ”منو“ چئي، تون نر هڻي نعرو،

 

سيفل سوڀارو، تو وٽ ايندو سلامت سپرين.

14-

جيسين ايندو سلامت سپرين، مون وٽ وير وري،

 

تيسين تڳندس ڪينڪي، ويندس ماڳ مري،

 

ساڌ تو سيفل جي، ڪئي آهي چوريءَ دل چري،

 

موڪل ڏين ”منو“ چئي، مونکي ئي ڳالهه ڳري،

 

پرڻائي پري، تون سگهو موٽج سڄڻا!

15-

ملي موڪل مير کي، ٿو ٻاون ٻولائي،

 

ڪاريگر تنهن ڪَم جا، وٺو سگها سڏائي،

 

جهاز پنهنجو جوانن کان، بيٺو جُودئون جوڙائي،

 

چِٽ گل رکوس ٺاهوڪا، ٻيا ٺاهه به ڪئين ٺاهي،

 

هاڻي لاڳاپا لاهي، آهي سيفل سفر سنڀيو.

16-

سيفل سفر سنڀيو، سنڀالي ستار،

 

مٺو محمد مصطفيٰ، آهي آڙين جو آڌار،

 

ڪلمون منڍ قرآن جي، اَگي ڪيو اظهار،

 

سي پڙهندا ويا پاڻ ۾، گويا سا گفتار،

 

ٻه ٽي منزلون پنڌ جون، ڪيائون پاڻيءَ ۾ پاتار،

 

اڄ ته اتر پار کان، ٿيو ڪڪر ڪارونڀار،

 

جهُڙ اوڏاهين جهوئيو، ٿي مٿان مينگهه ملهار،

 

جهَڪون جهولا ڪيترا، ٿيا اوڏانهين اَنڌڪار،

 

هن جا ديوَ دوفان ڪيا، دوست سڀئي دلدار،

 

هئن مال ”منو“ چئي، هڪ هيرو ٻيو جنهوار،

 

هڪ جيڏا سنگني هن کان، ڌڻيءَ ڇني ڪيا ڌار،

 

سمونڊ سِجهائي ڇڏيا، ويا پاڻيءَ ۾ پاتار،

 

ٻه ڄڻا ٻِٽ يار، هڪ سيفل ٻيو ساڌ رهيا.

17-

سيفل ۽ ساڌ رهيا، تن جو تَرهو ٿو تري،

 

عجب رنگ الله جا، ٿو ڪهڙا ڪم ڪري!

 

جهاز پنهنجو جوانن سا، هليو ٿو ڀڙ ڀري،

 

سمونڊ سِجهائي ڇڏيا، ڪونڌر ڪيئن ڪري،

 

ظاهر منجهه ذري، هن جو ڦَرهو ٻه ڦاڪون ٿيو.

18-

ڦرهو ٻه ڦاڪون ٿيو، جاني ٿيا جدا،

 

سڏ ڪيائون سڪ مان، اوري آءُ ادا!

 

قلم وس ڪريم جي، هئا واحد انگ وڌا،

 

ڏنائين وڇوڙو ورهين جي، ويا لهوارا لڙهندا،

 

ملڻ لاءِ ”منو“ چئي، ڪيئون سائينءَ کي صدا،

 

ساٿين ڳولي سِير مان، وڃي لاهوتي لڌا،

 

سي راوت ويا رئندا، ڪندا عرض الله کي.

19-

ڪندا عرض الله کي، سِڌي وٺيو سِير،

 

ڪئين ڏهاڙا ڪيترا، پئي کاڌئون کنڊون کير،

 

ملڻ لاءِ ”منو“ چوي، ٿي پوڄئون پير فقير،

 

ڪيو ساهه سُڌير، پيا لڏن لهرن وچ ۾.

20-

سيفل چڙهيو سُڪ تي، ڪو حڪمت ساڻ هلي،

 

صفو ڏٺائين سير ۾، جنهن کي ڪانهي ڪا ڳلي،

 

ساري محمد مصطفيٰ، هن ياد ڪيو علي،

 

مُنڊي مهتر سليمان جي، هُن لاهي هٿ جهلي،

 

اَمر ساڻ الله جي، دري پئي کُلي،

 

گهوٽ گهڙي ويو گهر ۾، جنهن جي ساعت هئي سولي،

 

سُتل ڏٺائين ننڊ ۾، اُت نازڪ نار ڀلي،

 

مورت تنهن صورت سان، هن روبروءِ رَلي،

 

هڪ تر نه هو نار کي، ٻي آئي سڀ ملي،

 

وِڪر ويٺو ولهو، هن پنهنجي دل پَلِي،

 

ته ننڊ انهيءَ نار جي، آهي ڪا اَولي،

 

سوني اکرين ڦرهي، هئي سالڪ ڪنهن سَلي،

 

مٿان کٽ کلي، سا ننڊئون جاڳي نازڪڙي.

21-

ننڊئون جاڳي نازڪڙي، ڀليو ڏٺائين ڀير،

 

خبر پڇي ٿي خان کان، تون ڪامل آهين ڪير،

 

بَدو ڏاڍو بڇڙو، آهي ديو دلير،

 

جيڪو ماري ماڻهن کي، اٿس واٽهڙن سان وير،

 

ڪامل! هن ڪوٽ ۾، ناهي پکيءَ جو پير،

 

سو اٿئي ڏئوت ڏڦير، تون پاسو ڪر پليت کان.

22-

پاسو تنهن پليت کان، ڪريان ڪهڙيءَ پر؟

 

نڪا وَسئون ويجهڙي، نڪو ناڻو زر،

 

بچائج بدُوءَ کان، آيس گهڙي تنهنجي گهر،

 

حال به سارو ڪر، بديعل جي باغ جو.

23-

بديعل جي باغ جو، تون بانڪا! ٻُڌ بيان،

 

’سيفل آيو ئي سڪ مان، ڪو ساڻِ کڻيو سامان،

 

هن جا سمونڊ سِجهائي ڇڏيا، ديو ڪيا دوفان،

 

ماري هن ملعون کي، هجي مهتر سليمان،

 

ٻي طاقت ڪنهن کي ڪانڪا، توڙي جُنگ هوءِ جوان،

 

آهين تون انسان، ڪيئن پليندين پليت کي؟

24-

پليندس پليت کي، اتي نيٺ آءٌ،

 

آهيان پوٽو مهتر سليمان جو، سيفل منهنجو نانءُ،

 

وڙهيو هئم وچ تي، ڪو ڏائڻ ڪري ڏانءُ،

 

منڍي تنهن مردار جي، وڍيان جيرا جگر هانءُ،

 

مرون کائيندا مانهه، ان ماڙيءَ ۾ مردار جو.

25-

مرونءَ جي مارڻ جو، تون ست ٿو سارين،

 

رهي اڄوڪي راتڙي، ڪا گهڙي هت گهارين،

 

بديعل جي باب ۾، سڀ عاشق اُجارين،

 

مُنڊيءَ سان مارين، جي هجئي مهتر سليمان جي.

26-

مُنڊي مهتر سليمان جي، مون سان هئي هميشه گڏ،

 

ساڌ لڙهي ويم سير ۾، هو ته منهنجو هڏ،

 

ٿين رضا رب ڪريم جي، مٿان سائينءَ سڏ،

 

مونکي ميل ”منو“ چئي، ڪو مدعي ساڳو سڳ،

 

هڻي دشمن ڌڪ، آءٌ وٺان ويـر وقوف سان.

 

 

روايت [5]

چيل قاسم

 

1-

حمد هزارين هاديءَ جا، جو آهي حق حقاني،

 

ڪُل قدرت ڪامل قادر جي، رارق رب رحماني،

 

شان ڪري ڇا بيان بشر، آ سان شرف لاثاني،

 

ديو، پري، انسان، ملائڪ، حوران ڪل حيراني،

 

”ڪر فيڪون“ خالق خلقي، ڪل مخلوق زماني،

 

عرش ڪُرش ۽ لوح قلم، محفوظ آ دُر معاني،

 

لکيو لوڙي روز ارل جو، فرد ڪري فرماني،

 

هندو، مسلم، سک، يهودي، ڇا ناسخ نصراني،

 

ڪافر مطلق مشرڪ ملحق، کائن رزق رباني،

 

ٻي ٻي جوڙ خداوند جوڙي، شغل رکي شاهاني،

 

ڏاند ڏبي جي شاخ تي ڌرتي، لرزي منجهه لرزاني،

 

نيلي ڇت ڀي ڇانوَ ڪري ٿي، لرزي منجهه لرزاني،

 

راتيون جاڳن تارا ڪتيون، نوبت چنڊ نشاني،

 

شوقون شمس ته شرمائي، ڪري ري ناغي نگراني،

 

جهڙ بادل، برساتيون بوندون، آبر وسي باراني،

 

کنوڻ کنوي ٿي، کيج ڪري ٿي، گوڙ رهي گهمساني،

 

ٿر بر ٽوڀا تار ٿين ۽ بحر ڪري طغياني،

 

رند پروڙن رمز اها ٿا، درس پڙهن دل جاني،

 

”قاسم“ ٿيو قربان هميشه، حمد پڙهي سبحاني،

 

عاصي آ اَرماني، ڪر غور غريب گدا جو.

2-

بعد خدا جي ڪل مخلوقون، اَفضل نور رباني،

 

نور هُديٰ منظور خدا، آ عربي نور نشاني،

 

’طٰـــھٰ‘ ۽ يُسين‘، ’مزمل‘ جنهن جي پاڪ پيشاني،

 

ڪل نبين تي قدم مبارڪ، صاف رکي سلطاني،

 

عيسيٰ، موسيٰ، نوح نبي کان شان رکي شاياني،

 

وڌ صورت ۾ سهڻو صاحب، توڙي ماه ڪنعاني،

 

منهون ڪلام خدا جو ٻولي، گوهر گل افشاني،

 

قمر ٿئي ٻه ٽڪرا موجب فائق جي فرماني،

 

ري تخمي خرمي مان پيدا نخل ٿئي لاثاني،

 

عيسيٰ جهڙو رتبو تن جو، جي هن در درباني،

 

نالائق آ لام لڳو، ڪر مرسل مهر بگاني،

 

منجهه سڪرات قبر محشر جي، عربي ڪر آساني،

 

ويل حشر حساب ڪتابون، ڏي نجات نوراني،

 

سج نيزي جي پاند برابر شور ڪري شاهاني،

 

’نفسي نفسي‘ نبي پڪارين، جي تاب رکن تاباني،

 

آسري تنهنجي اُمت عربي! ڪر اُتي احساني،

 

اسان نِڪارن بد بڇڙن جي، عيب نه ڏس عصياني،

 

عيب ڏسي لاريب اندر ٿي آهي گهڻي ارماني،

 

ڪر شفاعت شافع، آهي عين ڪئي عرباني،

 

فرض، ڪفايه، سنت، واجب، ڇا ظاهر ڇا پنهاني،

 

اصل ادا اسان کان ناهي، شوق رکون شيطاني،

 

دنيا، دار آ ڌوڙ جون ڌڻيون، فاني آهي فاني،

 

دل رکي جو دائم ان تي، سو مردار آهي مرواني،

 

هڪ ڪلمي جي نشاني، جا ڇڏائيندي ڇولين کان.

3-

موسم سرد ۽ خشڪ هوا، ٻيو سيءُ شروع ٿيو پارو،

 

ڏند کڙڪڻ، ٽڙڪڻ ڏڪڻي، ڪنبڻي ڪيو ڏسڪارو،

 

پيو پچاني يارو اڳ هو، اڄ اُتر جو وارو،

 

سردي سخت ستايو سڀ کي، ڏيهه پيو ڏهڪارو،

 

حرف زمان تي ايندي سان پئي ٿڙڪي، ويو ويچارو،

 

بُڊ پئي ڀَڙڪيا، باهه ٻري ٿي، متو مچ متارو،

 

چُلهه جي ڀر ۾ ٺَؤئي ٽپڙ تي، عاشق ڪيو اوتارو،

 

سـيڪيس سـيڪ، جان تَتُس، پوءِ آيس عجب اونگهارو،

 

اک وچڙي، آرام ڏنس، ٿيس ننڊ ۾ نور نظارو،

 

حضرت پير حمايت ٿيس، سو سيد صاف سوڀارو،

 

دستگير اڄ دست ڏنس، جو ڀاڳ ورايس وارو،

 

سائي سبز پوشاڪ پرين کي، سونهين سونهن سونهارو،

 

هٿ ۾ هاسو(1) خاص خلاصو، مهدي هو موچارو،

 

رمز رکي تنهن رهبر آڻي، عاشق کي اُٿاريو،

 

حڪم ڪيو تنهن هادي، آهي ازلئون اهو اشارو،

 

”سيفل“ جوڙ سنڌيءَ ۾ سالم، صاف زباني سارو،

 

عشق اُٿاري آڳ اندر ۾، نينهن هنيو اُت نعرو،

 

برهه لڳائي باهه بدن ۾، ورهه ڪيو وسڪارو،

 

تاب انهيءَ بيتاب ڪيو، هو چلوي جو جنسارو،

 

جودئون جاڳي جوش منجهون، مون يار کنيو يڪتارو،

 

حرف زبان تي آيو جيڪو، اوڀارو لهوارو،

 

مان ڀي چيو سو چاهه منجهان، جيئن عاشق جو هو آرو،

 

ڪوڙو ڪوڙ جهان آ جملي، ڪوڙو ڪوڙپسارو،

 

پر عاشق مدامي، دائم ازلئون، باب انهيءَ جو بارو،

 

عاشق شان شهيدن جهڙو، وڻج رکن واڌارو،

 

هو ٿا کاڻن کاڄ خدا کان، ملهه وارو موچارو،

 

هي درس ديدار جي خاطر رڄيا، کاڄ نه کائن کارو،

 

مر جان موت قبولين، پر نه محبت جو ڪن مارو،

 

سيفل عاشق صادق هو، جنهن رکيو قلب قرارو،

 

مان ڀي بيت پڙهان بديعل جا، جنهن حسن رکيو هاڪارو،

 

مانَ طفل تن جي مون ۾، عشق ڪري اوٻارو،

 

عشق عميق سمنڊ اڙانگو، سوز کڻان ساندارو،

 

جي قرب ڪري ڪوهيارو، ته پهچام پار  پرين جي.

4-

عاصم شاهه شهنشاهن جو، ملڪ مصر جو والي،

 

ٻارهن ملڪ جنهين جي تابع، شان شرف کان عالي،

 

فوج درياءَ جي موج وانگون، جيئن رکي واڳ سنڀالي،

 

لشڪر لک اٺارهن جنهن جي، پڪڙي هلي دوالي،

 

ڪڪرن جي قطار جيئن، تيئن هاٿي رکن هبالي،

 

گرڙ ڪرن، گجگوڙ رکر، ڪن رعد سندي رکپائي،

 

مير امير ٿيا تابع تنهن جي، شاهه رکي شهپالي،

 

پابند حڪم هزار رهن، آ معاف نه تن مشڪالي،

 

تابع منجهه فرمان فدا، ٿا پيش ٿين پائمالي،

 

هر هڪ حڪم ته محڪم ماهر، فوراً منجهه في الحالي،

 

ملڪ مليرون برتر افضل، هردم سبزه سالي،

 

ڏيهه ڏڪار ڏسي نه ڏورئون، خوشتر منجهه خوشحالي،

 

صلح صفا ثابت سو سالي، جُلهه نه ڪئي ڪنهن جالي،

 

جنگ جهيڙي جي ڪڏهن انهن وٽ ، ڪانهي قبل تالي،

 

سڀڪو صاف حساب ڪتابون، قرضون مرضون خالي،

 

فسق فجور نه تن جو سونهون، بري تنهون بدحالي،

 

بيشڪ بڇڙائي نه اوڏا، پِر کان بد افنائي،

 

هن حشمت جي هوندي عاصم، رکي مونجهه ملالي،

 

کلندي خوش ٿيندي ته ڏٺي، ان جي جنس جمالي،

 

ظاهر ذرو نه ٻاهر تنهن جو، جذبپ جوش جلالي،

 

مير منجهيا منجهه مام انهيءَ ڪن بيشڪ نمڪ حلالي،

 

عاصم شاهه جو صالح سان هو ڪافي قرب ڪمالي،

 

عرض ڪيائون ان کي، پڇ تون حال اهو في الحالي،

 

ته ڪهڙي سببؤن شاهه ڏني سک راحت کي نيڪالي،

 

صالح ويو خذمت ۾، جت هيءَ هلي قيل مقالي،

 

چئي: قبلا! ڪهڙي خيال کان، تو آڀال نه اڄ تائين ڀالي،

 

غم وهم جي ڪهڙي آهي، نازڪ ڳالهه نرالي،

 

ڏک جي باهه بٺي ٿي ٻاري، ڪاڙهي منجهه ڪٺالي،

 

جام شرابي عام اوهان لئي، لاهيو مونجهه ملالي،

 

دل ڪر دردئون دور هميشه، مست رهي متوالي،

 

جي آ وسواس خيالي، ته ختم ڪريوس خير سان.

5-

مونجهه ملان نه مٽجڻ جي، ائين شاهه عاصم فرمايو،

 

خوش تدبير وزير اوهان جو، جهٽ جهٽ پڇڻ اجايو،

 

آ تقدير انهيءَ تي قادر، جو آدم جو ڄايو،

 

لکيو روز زل ته مِٽي، منجهه قرآن سمايو،

 

ڀاڱي ڀاڱ اسان جي پلئه، جو ڪجهه قسمت پايو،

 

ڪري قبول مڃي تقديران، چشمن تي مون چايو،

 

ڏوهه ٻين تي ڏيڻ آ ڪوڙو، ڪونهي بخت ڀڙايو،

 

بخت، تخت ۽ تاج عبث آ، اوڙڪ مال پرايو،

 

هليو هماء جي پٺيان آيو، بيشڪ بوم جو سايو،

 

ري اولادي آدم ائين، جيئن بي پاڙيءَ جو پايو،

 

ڦَل ٻاجهون بي فيض شجر، جيئن مان ۽ شان وڃايو،

 

ٽِڪ ٻاجهون جيئن منڊيءَ هو سليمان خاڪ رلايو،

 

ديمي درس خزانو ڄاتم، نظري مال پِرايو،

 

ملڪ وسيع، املاڪ عجائب، ڪنهن جي ڪم نه آيو،

 

بي پسري پيءُ ماءُ جهان مان، ڪهڙو ڪاڄ ڪمايو،

 

فڪر رهي ولاد جو هردم، جنهن هيءَ حال بڻايو،

 

آ اولاد دنيا جي زينت، خود خالق فرمايو،

 

ٻيو سڀ لوڪ سهايو، هڪ بڻي باب بندي جي.

6-

صالح صاف تسليٰ ڏني، قبلا! نه گهٻرايو،

 

مُلڪ خدا جو موڪرو آهي، عرشئون آس نه لاهيو،

 

علم جفر جو جائز جنهن ۾، سارو حال سايو،

 

نظر نجومي جيڪو اچي، تنهن کي ترت گهرايو،

 

رمز رمل جو رهبر ڪوئي، آڌوتي آڻايو،

 

فڪر ڪري جو فال ڏسي، سو نائق پير پڇايو،

 

جوڳي جُڳ جا جام اچن، ڪي منتر باز ميڙايو،

 

حال پڇون احوال اهو، فرمان اهڙو فرمايو،

 

شام عاصم هر شهر اندر، هڪ دانهوڙي دوڙايو،

 

ڪل فقير ڪٺا ٿيا، ميرن ميڙ تي مچ مچايو،

 

ڍارا ڍار پيا هڪ پاسي، فال وارن ڦِرڙايو،

 

نحس سعد ستارا ڳڻي، نقش نجومين ٺاهيو،

 

زهره زحل جي زاويي تي، اچي منگل کي به ملايو،

 

ٿي يڪ زبان بيان ڏنائون، هر ڪنهن گوش اڙايو،

 

چئي: عاصم شاهه! مبارڪ، تنهنجو موليٰ وهڻ وسايو،

 

اَس اميد ٿئي ٿي پوري، ائين ڪتاب ڏَسايو.

 

ٿي تقدير ڪري تدبيرون، موليٰ ڀاڳ ڀڙايو،

 

دختر شاهه قحطان جي  رکي حسن سندو سرمايو،

 

ثاني تنهن دل جاني جي نه ٻيو ڄمندو نه ڄايو،

 

خوب خصائل حور شمائل، صفتون شان سوايو،

 

نورئون نور اطوار اطهر کان شمس وڃي شرمايو،

 

قمر ڪري قربان انهيءَ تان، قرب مان ڪنڌ ڪپايو،

 

جهومر جوت جهڪي تارن جي، پوي جي تن تي سايو،

 

مست شرابي چشم خماريا، تاب انهيءَ جڳ تايو،

 

ملڪ وتن مشتاق انهيءَ جي، شوق ۾ سيس نوايو،

 

شهزادا ٿي افتادا ڪن وصل وصال جو سعيو،

 

تنهن پريءَ پيڪر سان، پنهنجو پاند پلئه اٽڪايو،

 

بطن مبارڪ تنهن ملڪ جي، گوهر گنج سمايو،

 

شاهه کي ٿي شاد ماني فرحت، پنهنجو روح پسايو،

 

حڪم ڪيائين هر ڪارن کي، در دولت جا لاهيو،

 

هر غريب غني دولت جو، حصو اچي ورهايو،

 

دان وٺي شادان ٿيا، جنهن جو مڱيو سو پايو،

 

ڪل وزير امير کي دعوت ڏئي درٻار آڻايو،

 

سڀني کي شاهه عاصم اطلس، ململ، مخمل پهرايو،

 

ڇا دشمن ڇا همسايو، وٺي خير خيراتون خوش ٿيو.

7-

شاهه فرمايو صالح کي، ڪر تڪڙي ترت تياري،

 

ڏهه هزار سوار سنڀاري، ڪيو صباح سواري،

 

اُٺ اطلس جا جام ڀري، پيو هاٿي ساڻ هنباري،

 

تحفا ملڪ مشهوري جا، کڻ جوڙ رکي جنساري،

 

سونا پيالا جن تي هجي چٽيل نقش نگاري،

 

هيرا لعل هزارين هجن، جن جي ٿئي نه شماري،

 

ٻانها ٻانهيون ملڪ مصر جا، خاص ڪري خريداري،

 

ناڻي ناهه نهايت ڪا، ني خرزينون خريداري،

 

دولت دمي ديڳين ۾، کڻ واڌو واڌ واڌاري،

 

سونا روپا برتن جن تي، چٽ چمڪن چوڌاري،

 

پوءِ طبل وڄائي بگل کڻي ڇڏ باز باد ۾ بحري،

 

پيادا بي پشته، تن جي ڇڏ دعويٰ ۽ درڪاري،

 

ڏيک ڏٺي جيئن ڏڪي وڃن، ڇا ترڪي ڇا تاتاري،

 

ڏيل سندن ڏهڪاءُ ڏئي، جيئن قبل وتن فرماري،

 

ڇري، ڌار ترار تکي، گز، نيزو، ڪان، ڪٽاري،

 

شاهه قحطان جي خدمت ۾، هوش رکي هوشياري،

 

ڏي سلام پيام اسان جا، داءُ رکي درٻاري،

 

فڪر فهم ۽ رمز عقل سان، البت رک عياري،

 

راض رکي ناراض نه ٿئي، جيئن تاب نه ڏئي تڪراري،

 

هر حالت ۾ هائو ڪري، نه ڪين ڪري ناڪاري،

 

مقصد محض مراد ملي، طالب کي مطلب واري،

 

دهشت دائم ڪر تون قائم، دم هجي دهڪاري،

 

عجز هجي، پر اهڙو نه، جيئن نر سمجهي ناداري،

 

ائين نه سمجهي عادت اَنهنجي  عيب رکي ٿئي عاري،

 

حاصل مطلب ظاهر ٿئي، هر ڳالهه مان خوش اطواري،

 

عاصم جي فرمان تي صالح، صدق ٿئي سو واري،

 

اوڙڪ هليا ملڪ ارم ڏي، بار ڀريندي باري،

 

پهتو ساٿ يمن ۾، هو منجهه صالح جي سرداري،

 

طنبو هڻي طولان رهيا، منجهه خان خيال خماري،

 

شاهه قحطان جي ميرن وزيرن، ويهي ڳالهه ويچاري،

 

ته عزم رکي ڪو رزم جي خاطر، آيو آ تڪراري،

 

قاصد ويا قحطان جا جودئون، صالح رمز سنڀاري،

 

چئي: شاهه قحطان جي خذمت ۾ مان نياز کان نرواري،

 

ڊنو لشڪر شه قحطان جو، رعب ٿين ڪجهه طاري،

 

چئي: جيڪر لڳي لڙائي، ٿيندي ناحق خاص خواري،

 

ٽپڙ ٻڌي ٿيو راتي راهِي، بار ٻڌي برداري،

 

ملڪ مصر جي ماڻهن جي آ سڀڪنهن بازي هاري،

 

ٻار ٻچا ڪيئن روليون رڻ ۾، توبه تي ٻي زاري،

 

صالح صاف لباس گهرايو، مڙهيل ميناڪاري،

 

هڪ سو چونڊ امير هليا، منجهه صالح جي سالاري،

 

پهتو شاهه قحطان جي خذمت، ناز ڪري نرواري،

 

دست ٻڌي درٻاري، ڪن صاف سلام سڀن جو.

8-

صالح، شاهه قحطان جي خذمت، پيش ڪري نذرانا،

 

هيرا، لعل، جواهر، زمرد، موتي دُر بگانا،

 

مشڪ، عطر، کستوري جي تعريف ڪرن بيگانا،

 

اطلس، ابريشم ايراني، شان رکن شاهانا،

 

شمع ڪافوري تي هرگز، پر نه هڻن پروانا،

 

جام شراب مصفا ڏٺي، اڻ پيتا مستانا،

 

شيشا صاف بلوري بيحد، مينا ۽ پيمانا،

 

رنگ برنگي سوغانن تي، عاقل ٿين ديوانا،

 

طلسم هوشربا جي ڏٺي، هوش ڇڏين فرزانا،

 

تحفا تزڪ منجهان جي آيا، تن جا ڪئين افسانا،

 

فخر رکي شابانا، ڪري پيش پرين پادشاهه جي.

9-

شاد ٿيو شاهه بيشڪ، پر هن رمز رکي شاهاڻي،

 

صالح ساڻ سلوڪ رواجي رکيس ڄاڻي واڻي،

 

رسم رکي شاهه حشم منجهان، بخشي خلعت پهراڻي،

 

صالح ٿيو مايوس، مگر هن صبر رکي سمجهاڻي،

 

رات لنگهي فڪرات ۾، صالح وات نه آندي واڻي،

 

موڳي کي مايوسي ۾، منهن لڳي اَن نه پاڻي،

 

صالح صاف نه سمجهيو، هن هئي مام نه اهڙي ماڻي،

 

لڇي ڦٿڪي پلڪ پٽيائين، آخر ويل وهاڻي،

 

رات روئي موڪلايو، جيئن ٿئي هر هڪ جي موڪلاڻي،

 

دعا گهري تنهن دل سان، جنهن جي دل هئي دردن هاڻي،

 

مالڪ ڪئي مقبول مهر مان، وڃي آس اگهاڻي،

 

صالح سنڀري نڪتو، پر هيس دل دردن جي گهاڻي،

 

مُنهون ملول ٿيو ٿي معلوم، مام هيءَ مير پڇاڻي،

 

ٿي خوش، پڇي خير جون خبرون، رکي شان شاهاڻي،

 

صدق منجهان تنهن صالح کي، مرحات ڏني من ڀاڻي،

 

تخت جي ڀر ۾، وقت انهي؛ تنهن پٿراڻي پٿراڻي،

 

صالح جي دل ۾ ڀي هاڻي سام سرت ساماڻي،

 

شاد ٿيو ارشاد ٿيس، ڪر پنهنجي بيان ڪهاڻي،

 

صاف بيان ڪئي تنهن صالح، عاصم جي آکاڻي،

 

هاڻي صلح جي ڳالهه سيباڻي، جو پرچي ويٺا پاڻ ۾.


 

 

مل محمود ۽ مهرنگار

 

]هيءَ قصو سنڌ ۾ آڳاٽي وقت کان رائج آهي، ۽ مشهور درويش ”شاهه محمد مڪي“ عرف ”جئـي شاهه“ (مدفون ڪَچو قلعو، حيدرآباد شهر) ڏانهن منسوب آهي. هن قصي جون ٻه روايتون مليون، جي هيٺ ڏجن ٿيون. بنيادي قصو غالباً ساڳيو هو، جنهن ۾ رفته رفته مڪاني طور تبديليون آيون. شاهه محمد مڪي جو حضرت علي رضه جي زماني ۾ سنڌ ۾ اچڻ، ۽ ان وقت جي حاڪم نيرون راجا سان لڙائي ڪرڻ، ۽ حضرت عليءَ جو سنڌ ۾ اچي مل محمود جي مدد ڪرڻ، ظاهراً هڪ ڏند ڪٿ آهي، ۽ تاريخي اعتبار کان صحيح نه آهي- مرتب.[ 

 

 

-              ™ -

 


 

 

روايت(1)

 

مل محمود، جنهن جو اصل نالو ”محمد“ هو، اصل مڪي شهر جو رهاڪو هو. جهڙو سونهن ۾ سرس هو، تهڙو ئي سورهيه مڙس هو. سير شڪار جو به ڪوڏيو هو. هڪڙي ڀيري هو شڪار ۽ گهمڻ سانگي سنڌ ۾ اچي نڪتو. ان وقت حيدرآباد شهر کي نيرون ڪوٽ چوندا هئا، ۽ منجهس نيرون نالي راجا حڪومت ڪندو هو. محمد به گهمندو ڦرندو ٿوري گهڻي ڏينهن اچي نيرون ڪوٽ وٽ ڊاٻو ڪيو، ۽ ڪوٽ جي ٻاهران جهنگل ۾ شڪار ڪرڻ لڳو.

نيرون راجا کي مهرنگار نالي تمام حسين ڌيءَ هئي، جا پڻ پهلوانيءَ ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ هئي. ملڪ جو ڪو به پهلوان هن جي اڳيان بيهي ڪونه سگهندو هو. هوءَ پڻ شڪار جي شوقين هئي، تنهنڪري راجا نيرون خاص هن جي لاءِ شڪار گاهه رکايو هو؛ جنهن ۾ ٻئي ڪنهن ماڻهوءَ کي شڪار ڪرڻ جي اجازت نه هئي. اتفاق سان ان ڏينهن مهرنگار به شڪار جي خيال سان جهنگل ۾ آئي. اتي هن جي نظر اوچتو وڃي محمد تي پئي. سو جڏهن هڪڙي ڌاريي ماڻهوءَ کي پنهنجي شڪار گاهه ۾ ڏٺائين، تڏهن ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي ويئي، ۽ سپاهي موڪلي کيس پاڻ وٽ گهرايائين.

محمد پنهنجي هٿيارن پنوهارن سميت، سپاهيءَ سان گڏجي اچي مهرنگار وٽ حاضر ٿيو. شهزادي مهرنگار ان وقت مرداني ويس ۾ هئي. تنهن ڏاڍي رعب تاب مان هن کان پڇيو ته: اي شخص! تون ڪير آهين، ۽ هتي بنان موڪل شڪار ڇو ٿو ڪرين؟ محمد نماڻائيءَ سان جواب ڏنو ته: آءٌ پرديسي آهيان، ۽ سير شڪار جي خيال سان هن ملڪ ۾ آيو آهيان. شهزادي مهرنگار وري ڪاوڙ مان چيس ته: آءٌ هن ملڪ جو شهزادو آهيان، توکي خبر ڪانهي ته هن جهنگل ۾ مون کان سواءِ ٻئي ڪنهن به شخص کي شڪار ڪرڻ جي موڪل ڪانهي! تڏهن محمد وراڻيس ته: زمين خدا جي آهي، ان جو مالڪ به فقط اهو ئي آهي. مونکي خبر ڪانه هئي ته هن ملڪ جي رعيت جا حڪمران زمين جا به مالڪ ٿيندا آهن. هڪ پرديسي ۽ اڪيلي ماڻهوءَ کان ههڙو جريت وارو جواب ٻڌي سمجهي ويئي ته هيءُ ماڻهو ڪو معمولي ڪونهي. تڏهن وري چيائينس: ڀلا، جي اهڙو جرئتمند آهين ته مون سان مقابلو ڪندين؟ محمد جي هائوڪار ڪرڻ تي، مهرنگار ڏانهس هٿ وڌائي چنبي ڇڏائڻ جو مقابلو ڪيو. پهريائين مهرنگار، محمد جو چنبو جهليو. هو سٽ ڏيئي چنبو ڇڏائي ويو. وري محمد، مهرنگار جو چنبو جهليو. هن گهڻيئي زور ڏنا، پر چنبو ڇڏائي نه سگهي. انهيءَ ڇڪتاڻ ۾ اتفاق سان شهزادي مهرنگار جو پٽڪو لهي پيو، ۽ سندس ڊگها ڪارا وارا ظاهر ٿي پيا. مهرنگار پنهنجو راز ظاهر ٿيندو ڏسي، ڏاڍي شرمسار ٿي. ويتر هن پرديسي شخص جي سونهن ۽ همت تي به موهجي پئي هئي، سو پنهنجي شڪست قبول ڪندي، هن سان محبت جو اظهار ڪيائين. آخرڪار شڪار جو وقت پورو ڪري، محمد کي ساڻ وٺي، شهر ڏانهن هلڻ لڳي. واٽ تي خيال آيس ته محلات جي چوطرف ته سخت پهرو بيٺل آهي؛ جيڪڏهن محلات جي چوڪيدارن مونکي هڪ ڌاريي مرس سان محلات ۾ ويندي ڏسي ورتو، ته پوءِ ڳالهه ڳري ٿيندي. تڏهن محمد کي چيائين ته: تون شهر جي ٻاهران ڪجهه وقت انتظار ڪر ته آءٌ محلات ۾ پهچي، تنهنجي لاءِ زنانو ويس موڪليان، ۽ تون انهيءَ نموني سان بنان ڪنهن کٽڪي محلات ۾ اچي سگهين ٿو. محمد اها صلاح قبول ڪئي. مهرنگار اتي ئي هن کي ڇڏي هلي ويئي. ٿوري وقت کان پوءِ مهرنگار جي هڪ خاص ٻانهي زنانو ويس کڻي آئي. محمد اهو ڍڪي، ٻانهيءَ سان گڏ اچي محلات ۾ داخل ٿيو. ڳچ ڏينهن هيءُ انهيءَ ويس سان محلات ۾ پنهنجي محبوب سان رهاڻيون ڪندو رهيو. نيٺ ڪن ڏينهن پڄاڻان شهزاديءَ جي شاديءَ جو وقت اچي ڀريو. راجا نيرون طرفان انهيءَ خوشيءَ ۾ جشن ملهائڻ ۽ سازن سرودن وڄائڻ جو حڪم ٿي ويو. شهزادي مهرنگار، جا هاڻي انهيءَ شاديءَ جي خلاف هئي، تنهن پنهنجي محلات اندر جشن ڪرڻ جي منع ڪري ڇڏي. راجا نيرون هيءُ حال ڏسي عجب ۾ پئجي ويو. گهڻئي پڇا ڳاڇا ڪيائين پر پتو نه پئجي سگهس. خود شهزادي به پيءُ جي پڇڻ تي نٽائي ويندي هئي. آخرڪار بادشاهه، نجومين کي گهرائي، کين حقيقت معلوم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. نجومين ڪتاب ڏسي وراڻيس ته: جيئندا قبلا! محلات اندر هڪ مرد رهي ٿو، جنهن سان شهزاديءَ جي محبت آهي. اهو ئي سبب آهي جو هوءَ شاديءَ کان انڪار ڪري ٿي، ۽ جشن ملهائڻ جي اجازت نٿي ڏئي.

نجومين نجوم سان، سهي ڪيو مل محمود کي،

ته آهي نامحرم محلات ۾، پڪ ڏنائون راجا کي.

هن خبر راجا نيرون کي ويتر ڳڻتيءَ ۾ وجهي ڇڏيو. حيران ٿي ويو ته هيڏي ساري پهري مان ڪيئن هڪ ڌاريو مرد محلات ۾ وڃي سگهيو! تنهن کان سواءِ ان کي ڪيئن ڳولي هٿ ڪجي؟ راجا گهڻئي چاري محلات ۾ ڇڏيا، محلات جي ڪنڊ ڪڙڇ ڪري ڳولي، پر محمد هٿ نه آيو. ڇاڪاڻ ته هڪڙو ته هو زناني ويس ۾ هو، ٻيو ته مهرنگار کيس پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ لڪائي ڇڏيو هو. انهن نجومين ۾ هڪڙو انڌو نجومي هو؛ محمد جي هٿ نه اچڻ تي، ان نجوميءَ راجا کي چيو ته: آءٌ محلات جي وڏي دروازي وٽ ڪرسي وجهي ويهندس. پوءِ محلات جي ٻانهين مان هڪ هڪ ٿي منهنجي اڳيان لنگهي، ۽ مونکي هٿ ڏيندي محلات مان نڪري. اميد آهي ته انهيءَ طريقي سان اهو ماڻهو جهلجي پوندو. راجا نيرون اها ڳالهه قبول ڪري، محلات خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ٻانهيون هڪ هڪ ٿي محلات مان نڪرڻ لڳيون ، ۽ انڌي نجوميءَ کي هٿ ۾ هٿ ڏينديون درووازي کان ٻاهر نڪتيون. محمد به زناني ويس ۾ جڏهن دروازي وٽ آيو، ۽ نجوميءَ کي هٿ ۾ هٿ ڏنائين، تڏهن هن سڃاڻي ورتس ۽ سندس هٿ قابو جهلي، سپاهين کي هڪل ڪيائين، جن يڪدم هن کي ٻڌي راجا جي اڳيان آندو. جنهن حقيقت معلوم ڪرڻ کان پوءِ هن کي قيد ۾ وجهڻ جو حڪم ڏنو. قيد ڏانهن ويندي محمد، شهزادي مهرنگار کي ٻڌائي ڇڏيو هو، ته هن ملڪ ۾ سڀ منهنجا دشمن آهن، ۽ مونکي هن آفت مان آزاد ڪرائڻ جي طاقت به ڪنهن ۾ ڪانه ٿي سجهي، باقي مڪي شهر ۾ منهنجو جاني دوست حضرت علي ڪرم الله وجه رهي ٿو؛ ان کي جيڪڏهن منهنجي هن حال جي خبر پيئي ته هو هڪدم هليو ايندو. اهو ئي هڪ اهڙو شخص آهي، جو مونکي هتان آزاد ڪرائي سگهي ٿو.

محمد ته وڃي اونداهي کوهه ۾ قيد جا ڏينهن ڪاٽڻ لڳو، پر هيڏانهن شهزادي مهرنگار کي اچي جهوراڻي ورايو. آخرڪار مهرنگار هڪ خاص قاصد کي مهرون ۽ موتين جو ٿالهه انعام ڏيئي، سڄو احوال حضرت عليءَ ڏانهن موڪليو. حضرت علي رضه پنهنجي دوست بابت هيءَ خبر ٻڌي بي آرام ٿي پيو ۽ ستت ئي سهي سنڀري قاصد سميت نڪري پيو، ۽ ڪن ڏينهن پڄاڻا اچي نيرون ڪوٽ ۾ پهتو. چون ٿا ته حضرت عليءَ پنهنجي دلدل کي سڌو آڻي نيرون راجا جي ايوان ۾ بيهاريو. هڪڙي ڌاريي شخص کي محلات ۾ ڏسي، نوڪرن ۽ ٻانهين ۾ ٿرٿلو پئجي ويو. گهوڙي جي هڻڪارن ۽ حضرت عليءَ جي دهشت اڳيان ڪير به ويجهو اچڻ ۽ ڪجهه ڳالهائڻ جي همت نه ساري سگهيو. محلات جي ٻانهين ۽ نوڪرن، شهزاديءَ کي هن حقيقت کان واقف ڪيو. ايتري ۾ اهو قاصد به اچي حاضر ٿيو، جنهن کي شهزاديءَ خود حضرت عليءَ ڏانهن موڪليو هو. قاصد کي ڏسڻ شرط شهزادي سمجهي وئي ته حضرت علي آيو آهي. پوءِ ڊوڙي اچي حضرت عليءَ سان ملي، ۽ کيس سموري احوال کان واقف ڪيائين. حضرت علي دلدل کي ورائي انهيءَ کوهه وٽ آيو، جنهن ۾ محمد قيد هو. کوهه جي منهن تي تمام ڳري ڇپ آيل هئي، جا چاليهه پهلوان مس چوري سگهندا هئا. حضرت علي ڇپ کي لت سان هٽائي، کوهه ۾ لهي پيو. محمد زمين جي زلزلي ۽ گهوڙي جي ٽاپن مان سمجهي ويو هو ته حضرت علي اچي ويو آهي، ۽ پڪ ٿيس ته پهريائين محلات ۾ شهزاديءَ وٽ ويو هوندو. کيس اها ڳالهه نه آئڙي، سو حضرت عليءَ کي ويجهو ايندو ڏسي پٺ ورائي بيهي رهيو. حضرت عليءَ ويجهو وڃي پڇيس ته: دوست! هن روش جو ڪهڙو سبب آهي؟ تنهن تي محمد وراڻيو ته: سائين! توهين جڏهن منهنجي مدد لاءِ آيا، ته پوءِ محلات ۾ وڃي شهزاديءَ جي روبرو ٿيڻ جو ڪهڙو ضرور هو! اتي حضرت عليءَ مرڪي وراڻيو ته: ”آءٌ تنهنجي ڏس پتي پڇڻ ۽ خود شهزادي جي حال معلوم ڪرڻ لاءِ اتي ويو هئس. ايترو ٻڌي محمد، حضرت عليءَ جي پيرن تي ڪري پيو ۽ معافي گهرڻ لڳو. پوءِ حضرت علي کيس ساڻ ڪري کوهه مان ٻاهر نڪتو ۽ گڏ جي محلات ۾ آيا.

هوڏانهن نيرون راجا کي ڪن خابرن، حضرت عليءَ جي اچڻ ۽ محمد کي قيد مان آزاد ڪرڻ بابت سڄي خبر وڃي ٻڌائي. نيرون يڪدم پنهنجي سپه سالار کي جنگ جو حڪم ڏنو. اڃان حضرت علي، محمد سميت محلات کان ٻاهر نڪتو ئي مس ته نيرون جو لشڪر اچي سامهون ٿيس. ٻنهي ڌرين ۾ ڏاڍي جنگ لڳي. هن مقابلي هلندي اچي فجر جي نماز جو وقت ٿيو. اتي حضرت عليءَ، محمد کي چيو ته: آءٌ نماز پڙهي ٿو وٺان، ۽ تون لڙائي ڪر. ائين حضرت علي وڃي نماز ۾ بيٺو، ۽ محمد ۽ مهرنگار نيروني لشڪر جو مقابلو ڪندا رهيا. جيسين حضرت علي نماز مان فارغ ٿئي، تيسين هي ٻئي ڄڻا مقابلو ڪندي ڪندي شهيد ٿي ويا. حضرت علي نماز کان فارغ ٿي وري اچي ميدان ۾ بيٺو ۽ اڪيلي سر سموري لشڪر کي ماري مڃايائين. پوءِ محمد ۽ مهرنگار جي لاشن کي شاهه مڪائي جي قلعي ۾ دفن ڪري، پاڻ واپس وڃي وطن پهتو.

 

روايت(1)

 

ڳالهه ٿا ڪن ته ”مل محمود“ نالي مڪي ۾ هڪڙو پهلوان هو، جو حضرت علي رضه جن جي خذمتگارن مان هو. هڪڙي ڏينهن مل محمود کي هند ۽ سنڌ گهمڻ جو شوق ٿيو؛ سو نبي ﷺ جن کان موڪل گهريائين. نبي ﷺ جن کيس چيو ته: تون حضرت عليءَ کان اجازت وٺ، مل محمود وري حضرت عليءَ کان اجازت گهري، جنهن چيس ته: تون مڪي جو پهلوان آهين. هند ۽ سنڌ جا پهلوان توکي اڪيلو ڏسي، توسان وڙهندا ۽ تڪليفون ڏيندا، تنهنڪري انهيءَ ارادي تان لهي وڃ. مل محمود عرض ڪيو ته: يا حضرت! آءٌ وڙهڻ ڪونه ٿو وڃان، فقط گهمڻ جي ارادي سان وڃان ٿو، تنهنڪري اجازت گهران ٿو. حضرت علي چيس ته: جيڪڏهن تنهنجي هروڀرو اها مرضي آهي ته پوءِ منهنجي نصيحتن کي ياد رکج. پهرين ته دشمن جي ملڪ ۾ وڃين ٿو، اتي الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن کان به نه ڊڄج. پر جيڪڏهن تون دشمن جي اڙيءَ هيٺ اچي وڃين، ۽ توکي تمام گهڻيون تڪليفون ڏين، ته پوءِ الله ۽ ان جي رسول کي سنڀالي، مونکي هڪل ڪج انشاء الله، دشمن جا ڇيهه ئي ڇڄي پوندا.

مل محمود وٽ ”قيس“ نالي نهايت ڀلو گهوڙو هو. اجازت ملندي ئي هو گهوڙي تي سوار ٿي روانو ٿيو، ۽ واٽ تي ملڪ گهمندو ٿوري گهڻي ڏينهن اچي سنڌ ۾ نڪتو. جڏهن جهرڪن جي ڀر ۾ ”ٻڌڪن“ ٽڪرن وٽ پهتو، تڏهن پنج سو سپاهين جو هڪ ڪٽڪ ڏسڻ ۾ آيس. سپاهين جو هڪڙي ڌاريي ماڻهو کي پنهنجي ملڪ ۾ ڏٺو، تڏهن سردار کي ٻڌايائون. جنهن وري حڪم ڪيو ته هن کي جلدي ٻڌي وٺي اچو ته پنهنجي بادشاهه وٽ وٺي هلون. فقط حڪم جي دير هئي، پنج ئي سو سپاهي مل محمود کي ڦِري ويا. مل محمود پنهنجو ارادو ظاهر ڪري، هنن کي جنگ کان پلڻ جي ڪئي، پر هو پنهنجيءَ هوڏ تي قائم رهيا ۽ تلوارون ڪڍي سندس ويجهو آيا. جڏهن ڏٺائين ته هيترن سپاهين سان ڇڄڻ جي ڀيڻي ڪانهي، تڏهن الله ۽ ان جي رسول کي ياد ڪري، حضرت علي کي هڪل ڪيائين ته: مشڪل ۾ حامي ٿيءُ. هڪل سان ئي ڪافرن جا هٿ لڏيا، تلوارون هٿن مان ڪري پيون، ۽ گهوڙا پٺ ورائي بيهي رهيا. سپاهين ڊوڙي وڃي سردار کي ٻڌايو. سردار عجب ۾ پئجي ويو، ۽ چيائين ته: انهيءَ پهلوان سان آءٌ اڪيلو مقابلو ڪندس. سردار وڌي ويجهو آيو. سندس برابر ٻيو پهلوان ڪونه هو، سو جڏهن مل محمود جي سامهون آيو، تڏهن تلوار ڦٽي ڪري گهوڙي تان لهي هوڪاريائين ته: اي پهلوان! آءٌ هٿين خالي آهيان، مون ۾ پنج سو پهلوانن جي طاقت آهي، تون تلوار ۽ گهوڙي سوڌو اچ ته فقط پاڻ ٻئي مقابلو ڪريون. مل محمود يڪدم تلوار مياڻ ۾ وجهي، گهوڙي تان لهي جواب ڏنس ته: آءٌ به پهلوان آهيان، جنگ جهيڙو منهنجو مقصد نه آهي. جيئن ته تون هٿين خالي آهين، ان ڪري آءٌ به هٿين خالي اچان ٿو. ائين چئي، اچي پهلوان سان هٿ اٽڪايائين. پهر سوا جي مَلهه کان پوءِ، مل محمود دشمن کي ليٽائي وڌو ۽ هن جي سيني تي گوڏو رکي، تلوار جو وار ڪرڻ تي هو ته کيس محسوس ٿيو ته هي سردار مرد نه آهي، بلڪ عورت آهي. مل محمود هڪدم ٽپ ڏيئي اٿي بيهي رهيو. سردار چيس ته: وار ڪر. مل محمود وراڻيس ته: هڪڙيءَ عورت تي وار ڪرڻ پهلوان جو شان نه هي. ”ملاح“ نالي هڪ شاعرانهي واقعي تي ڏور چيو آهي ته:

ڪاهيو آڻي ڪٽڪ سان، جوڙ وڏي جنسار،

راجا سان راهه ڪيائين، گويا اها گفتار،

جاني اتي جواب ڏنو، پسي پري جا پار،

حملو سارو هٽي ويو، ڀَلـي جيءَ ڀُلڪار،

ريهه ڪري راڻي پيا وار جا ڇڙي چوڌار،

ويس کٽي کٽڻهار، مهل انهيءَ ملاح چئي.

سردار اٿي کڙو ٿيو، ۽ احسانمنديءَ جي نگاهن سان ڏسي چيائين ته: اي پهلوان! سچ ٿو چئين، منهنجو نالو نگار آهي، ۽ نيرون راجا جي ڌيءَ آهيان. تڏهن هن به چيس ته: منهنجو نالو مل محمود آهي، مڪي جو رهاڪو آهيان ۽ حضرت علي جو خاص خادم آهيان. جيتوڻيڪ هتي ڪيترائي ڪافر پهلوان آهن، ليڪن مونکي ڪو به خوف ڪونهي. نگار چيس ته: پهلوان! آءٌ عورت آهيان، اڪيلي سر مون ۾ پنج سو پهلوانن جي طاقت آهي، هن وقت تائين مونکي ڪنهن نه نايو آهي، هاڻي آءٌ تنهنجي زال ۽ تون منهنجو مڙس. تون مونکي ۽ منهنجي لشڪر کي تڏهن جيتي سگهيو آهين، جڏهن تنهنجو الله، تنهنجو رسول ۽ تنهنجو مذهب سچو آهي. تنهنڪري آءٌ به مذهب اسلام تي ايمان آڻيان ٿي، مونکي ڪلمون پڙهاءِ. نگار ڪلمون پڙهي مسلمان ٿي. ان بعد مل محمود کي چيائين ته: ستن ڏينهن کان پوءِ منهنجي شادي ٿيڻي آهي. ڪوٽ ۾ محفل متي پيئي آهي. مونکي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪئين پهلوان اچي گڏ ٿيا آهن. آءٌ پنهنجي پيءُ کان شڪار لاءِ موڪل وٺي هتي آيس، ۽ توسان ملاقات ٿي. هاڻي آءٌ محلات ۾ وڃان ٿي، ۽ تون مونکي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪر. ائين چئي نگار موڪلائي رواني ٿي.

نگار جي وڃڻ کان پوءِ مل محمود ڪوٽ ۾ آيو، ۽ ڀريءَ مجلس ۾ نيرون راجا کان نگار جو سڱه گهريائين. راجا جي پهلوانن هن جي گستاخي ڏسي مٿس حملو ڪيو. پر مل محمود جي هڪڙيءَ هڪل سان ئي سندن ڍ ر ڍرا ٿي پيا، ۽ مٿس حملي ڪرڻ جي همت ئي نه ٿين. هنن کي راجا گهڻوئي هشڪاريو، پر پهلوانن جواب ڏنو ته: هن پهلوان کي قابو ڪرڻ اسان جي وت کان ٻاهر آهي. کيس فقط ڪاپڙي پهلوان ئي وٺي سگهندو.

نيرون راجا يڪدم ڪاپڙي پهلوان ڏانهن ماڻهو ڊوڙايو. ڪاپڙي پهلوان ان وقت سو ورهين جو هو، ۽ اکين کان انڌو هو. هو راجا جي حڪم تي اچي حاضر ٿيو، ۽ حقيقت ٻڌي راجا کي صلاح ڏنائين ته: ڪچهريءَ جا ٻيا دروازا بند ڪري فقط هڪڙو دروازو کليل رکو. پوءِ ان دروازي مان سڀڪو نڪرندو مونکي هٿ ڏيندو وڃي. حڪم موجب سڀڪو دروازي مان نڪرندو ڪاپڙيءَ سان هٿ ملائيندو ويو. آخر مل محمود جو وارو آيو. اُن خيال ڪيو ته: جن هٿن سان نبي ﷺ ۽ حضرت علي رضه جا هٿ ڌئاريم، اهي هٿ ڪيئن هن ڪافر جي هٿ ۾ ڏيان! اهو خيال دل ۾ آڻي فقط ڏائي هٿ جو آڱرٺو ڪاپڙيءَ جي هٿ ۾ ڏنائين، جنهن ورائي کڻي قابو ڪيس، ۽ چيائينس ته: اي پهلوان! آءٌ ٻڌندو آهيان ته حضرت علي تمام پهلوان آهي، ان سان مقابلو ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هئم، ڪيلن سو ورهين جو ٿي ويس، پر نه اکين سان ڏٺم ۽ نه وري مقابلو ٿيو. اتي سپاهين مل محمود کي ورائي کڻي سوگهو ڪيو. پوءِ راجا جي حڪم موجب هن کي گنجي ٽڪر جي هڪڙي غار ۾ وجهي، مٿان هزار مڻن جي ڇپ رکي ڇڏيائون. مل محمود پڇاڙيءَ جو ايترو چيو ته: حضرت علي ضرور منهنجي مدد لاءِ ايندو.

عشق ڪن کي ڪهايو، ڪن کي پيڙايو ۽ ڪن کي ٻوڙايو. مل محمود به نگار جي عشق ۾ غار جو باندي ٿيو. هن قصي جي انهيءَ واقعي تي هڪڙي سگهڙ ڏور چيو ته:

ساهڙ کان سهڻيءَ، بيهي پڪا پڇيا پار،

موٽ منهنجا من تون، محبتي ميهار،

عاشق کي اداس جي، تن ۾ لڳي تار،

سٽي ويو ساڻيهه ۾، جت هئا چنيسر چوڌار،

اُت بگل بينون بيهي ويا، ڏسي حسن جو هٻڪار،

جڏهن لکيو لکڻهار، تڏهن پوري ڇڏيائونس پورب ۾.

مل محمود جي گرفتار ٿيڻ کان پوءِ ستين ڏينهن نگار جي شادي اتم نالي پهلوان سان ٿي. رات جو جيئن گهوٽ خوشيءَ ۾ ڀر جي نگار ڏي ٿي آيو، تيئن هن هڪل ڪيس ته: خبردار، جو پير پلنگ تي رکيو اٿئي! آءٌ مسلمان آهيان، منهنجي شادي ان پهلوان سان آهي، جيڪو غار ۾ بند آهي. اتم پهلوان، نگار جي همت ڏسي ماٺ ۾ اچي ويو. شهزاديون ۽ وڏ گهراڻيون، نگار سان ملڻ آيون. انهن ۾ هڪڙي پوڙهي اصحابڻ به هئي، جا نگار کي شاديءَ جون مبارڪون ڏيڻ آئي هئي. جنهن وقت نگار جي نظر اصحابيءَ جي ماءُ تي پيئي، تڏهن هن ٻين عورتن کي ڇڏي اچي اصحابڻ کي ڀاڪر پاتو، ۽ پاسو وٺي چيائينس ته: آءٌ مسلمان ٿي آهيان، منهنجو مڙس مل محمود مڪي جو پهلوان آهي. جنهن کي راجا ڪنهن ريب سان گنجي ٽڪر جي غار ۾ قيد ڪرايو آهي. مون اُتم سان ستن ڏينهن جو انجام ڪيو آهي. جيڪڏهن ستن ڏينهن اندر حضرت علي رضه اسان جي مدد ڪري جند آزاد ڪرائي ته واه نه ته آتم جي زال ٿي رهڻو پوندم. هاڻي تون هيئن ڪر، جو جيڪا دولت کپئي، سا کڻي وڃ ۽ پنهنجي پٽ کي حضرت عليءَ ڏانهن موڪل ته تنهنجو اصحابي گنجي ٽڪر جي غار ۾ دشمن بند ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي اچي ڪا مدد ڪر. اصحابڻ چيس ته: ڌي! تون منهنجي نياڻي آهين، تنهنجو نياپو موڪلڻ منهنجو فرض آهي، دنيا دولت جي مونکي گهرج ڪانهي. ائين چئي موٽي گهر آئي.

ٻنپهرن جو اصحابي ڪاٺيون ڪري آيو.(1) ماءُ، پٽ جي اڳيان ماني رکي، کيس واءُ هڻن لڳي. پٽ بسم الله ڪري گرهه کنيو ته قدرت سان گرهه وات تائين نه پهتو ۽ ڪري پيو. اصحابي، ماءُ کي چيو ته: اما! اڄ ڪا ڳالهه تنهنجي پيٽ ۾ آهي، جا مونکي ٻڌائڻ کان پيئي هٽڪين. ماءُ چيس ته: پٽڙا! تون پهرين ٿانيڪو ٿي، ماني کاءُ ته پوءِ توکي ڳالهه ٻڌايان. پٽ چيس ته: اما! مانيءَ جو فڪر نه ڪر، پهرين ڳالهه ٻڌاءِ آخر پٽ جي گهڻي زور ڀرڻ تي چيائين ته: ابا! نيرون راجا جي ڌيءَ نگار، مسلمان ٿي آهي، جنهن کي نيرون راجا گنجي ٽڪر جي غار ۾ قيد ڪرايو آهي. شهزادي نگار جي مرضي آهي ته تون حضرت عليءَ ڏانهن قاصد ٿي وڃ، ۽ سموري ماجرا ٻڌائي مل محمود لاءِ مدد وٺي اچين. اهو ٻڌي اصحابي ٽپ ڏيئي اُٿيو ۽ ماءُ کي چيائين ته هاڻي اَن پاڻي مون تي حرام آهي، پهرين نياپو پهچائيندس، پوءِ ماني کائيندس. ماءُ چيس ته: ابا! ٻارهن مهينن جو پنڌ آهي، تون ٻارهن ئي مهينا مانيءَ کان سواءِ ڪئين رهي سگهندين؟ اصحابي وراڻيو ته: آءٌ ٻارهن مهينن جو يڪو روزو رکندس. پوءِ ماءُ کيس چادر جي پلو ۾ ماني ڳڀو ٻڌي ڏنو؛ ۽ هو ماءُ کان دعا گهري مڪي ڏانهن روانو ٿيو. اصحابي گهوڙي تي چڙهي روانو ٿيو، ته خدا جي قدرت سان زمين سوڙهي ٿي ويئي، ۽ اصحابي جو گهوڙو ڄڻ اُڏامڻ لڳو. تان جو ٻارهن مهينن جو پنڌ هڪڙي ڏينهن ۾ ڪري، هو سج لٿي مهل اچي مڪي ۾ پهتو. اصحابي سڌو نبي ﷺ جن جي ڪچهريءَ ۾ آيو، جتي حضرت علي سميت جملي اصحابي ويٺا هئا. ڪچهريءَ ۾ گهڙڻ سان، جڏهن نبي ﷺ جن جي نگاهه اصحابيءَ تي پئي، تڏهن فرمايائون ته: ڀلي آئين هندستاني اصحابي. پوءِ حضرت عليءَ کي اشارو ڪيائون، جنهن اصحابيءَ کي ڀر ۾ ويهاري احوال پڇيو. اصحابيءَ احوال ڏيئي ڇيهه ڪيو، تڏهن حضرت عليءَ، نبي ﷺ جن کان اجازت وٺي پنهنجي پهلوان جي مدد لاءِ تيار ٿيو. ان واقعي تي ڪنهن سگهڙ ڏور چيو ته:

هير پنهنجي رانجهي لاءِ وڏا ڪيا وس،

ڳوليئين پئي ڳوٺن ۾، گام نهاري گس،

قاصد ڪيائين ڪست مان، ڏيئي دنيا جا دس،

سو به سٽي ويو ساڻيهه ۾، جت راجائن جا رس،

سڃاڻي سڀ سرس، جهليئين هٿ حبيب جو.

حضرت علي ڏاڍي جوش مان ان وقت ئي سنڌ ڏانهن روانو ٿيو. دلدل اُڏامڻ لڳي، تان جو ساڳئي ڏينهن اڌ رات جو نيرون ڪوٽ ۾ اچي لٿا. پهريدار سڀ ستا پيا هئا، تنهنڪري حضرت علي هلندو اچي نگار جي ڪوٺيءَ ۾ پهتو. ان وقت هوءَ ستي پئي هئي. سندس ڀرسان ٻئي پلنگ تي اُتم ستو پيو هو. اوچتو نگار جي اک کلي ته هڪ نوراني شخص کي پنهنجي پلنگ وٽ ڏٺائين. يڪدم اُٿي ويٺي، ۽ حيرانيءَ مان ڏسڻ لڳي. تڏهن حضرت علي چيس ته: آءُ اهو آهيان، جنهن ڏانهن مدد لاءِ تو نياپو موڪليو هو. نگار اهو ٻڌي تمام خوش ٿي. پوءِ اُتم ڏانهن اشارو ڪيائين. حضرت علي اُتم کي هڪل ڪئي ته هن جو رت سڪي ويو. ٽپ ڏيئي پلنگ تان اٿيو ۽ تلوار کڻي حضرت علي جي مقابلي ۾ آيو، پر حضرت علي جي هڪڙي ئي وار ۾ وڍ جي ٻه اڌ ٿي پيو. پوءِ حضرت علي نگار کي ساڻ وٺي، مل محمود کي ڇڏائڻ لاءِ گنجي ٽڪر تي آيو. غار جي منهن تي هزار مڻن جي ڇپ پيل هئي، جنهن کي سو پهلوان گڏجي چوريندا هئا. حضرت علي ان ڇپ کي اهڙي لت هنئي، جو ڏري چار ٽڪر ٿي پري وڃي پئي، ۽ غار ۾ هٿ وجهي مل محمود کي ٻاهر ڪڍيائين. اتي مل محمود خدا جو شڪرانو ادا ڪيو. پوءِ ٽيئي ڄڻا دلدل تي سوار ٿي مڪي ڏانهن روانا ٿيا. جڏهن ”ٻڌڪن ٽڪرن“ وٽ پهتا، تڏهن فجر ٿي وئي، تنهنڪري نماز پڙهڻ لاءِ اتي لهي پيا.

هوڏانهن روزانو صبح جي وقت نيرون راجا پوڄا لاءِ مندر ۾ ويندو هو. سندس رستو نگار جي محلات هيٺان هو. سو جيئن اتان اچي لنگهيو، تيئن محلات جي ڇت مان رت ٽمندو ڏٺائين. يڪدم محلات ۾ آيو، ۽ اتم پهلوان کي ٻه اڌ ڏسي پڪ ڪيائين ته حضرت علي اچي ويو آهي. تڏهن يڪدم لشڪر کي حڪم ڪيائين ته: گنجي جي غار تي وڃي، حضرت عليءَ کي گرفتار ڪري اچو. حڪم جي دير هئي، لشڪر گنجي جي غار تي پهتو. ڏٺائون ته ڪاريءَ وارا ڪک لڳا پيا آهن. لشڪر پيرو کڻي ٻڌڪن جي ٽڪرن وٽ پهتو، ته هنن کي نماز ۾ مشغول ڏٺائون. سپاهين کي همت نه ٿي جو اڳتي وڌن. نگار جڏهن ڏٺو ته دشمن اچي ويا آهن، تڏهن تلوار مياڻ مان ڪڍي، هنن تي ڪاهي پئي ۽ ڪئين سپاهي اڪيلي سر ماريائين. آخر پاڻ به وڙهندي وڙهندي شهيد ٿي ويئي. مل محمود نماز مان فارغ ٿي دشمن جو لشڪر ۽ پنهنجي شهيد ٿيل زال ڏسي، هڪل ڪري لشڪر ۾ ڪاهي پيو. ڳچ جيترا دشمن ماري، آخر پاڻ به شهيد ٿي ويو. اتي حضرت علي نعرو هڻي ذوالفقار سان حملو ڪيو. سندس هڪڙيءَ هڪل ئي دشمن جا هِنيا ڏاري ڇڏيا هئا، آقي باقي جو ذوالفقار وڄ وانگر سندن گردن لاهڻ لڳي، تڏهن لشڪر جا باقي پهلوان ڀڄڻ جا سانباها ڪرڻ لڳا. پر حضرت علي کين ڀڄڻ جو موقعو ئي ڪونه ڏنو. اک ڇنڀ ۾ دشمن ماري ميدان خالي ڪيائين. پوءِ نگار ۽ مل محمود جي لاشن کي ڏسي ڏاڍو غمگين ٿيو ۽ ٻنهي شهيدن جا سر ڌڙن سان گڏي بار گاهه ايزدي مان دعا گهريائين. خدا جي قدرت، جو دعا قبول پئي ۽ ٻئي ڄڻا ڪلمون ڀري اٿي ويٺا. حضرت عليءَ ٻنهي کي دلدل تي سوار ڪيو. ان واقعي تي شاعر ملاح ڏور چيو آهي ته:

رانجهو پنهنجي راز سان، ويو کيت کڻيو،

فرض ۾ فالم ٿي، ويو قرب ۾ ڪڙيو،

پلٽڻ انهيءَ پليت جي، وئي چوڌاري چڙهيو،

سخا شهزاديءَ جي، اوهين ويهي ڳالهه ڳڻيو،

کنو انهيءَ خان جو، پئي لشڪر ساڻ لڙيو،

ويو مانجهي مير کڻيو، مهل انهيءَ ”ملاح“ چوي.

ڪجهه وقت بعد ٽيئي ڄڻا مڪي شريف ۾ حضور جن جي ڪچهريءَ ۾ اچي حاضر ٿيا. حقيقت حال حضرت عليءَ پيش ڪيو. چئني طرفن کان مبارڪون وري ويون. ان کان پوءِ حضورﷺ جن، حضرت عليءَ کي چيو ته: هاڻي مل محمود کي اسين ”شاهه محمود مڪي“ سڏيون ٿا ۽ کيس نيرون ڪوٽ جي بادشاهي وٺي ڏي. حضرت علي، نبي ﷺ جن جي حڪم موجب نيرون تي حملو ڪري آيو، ڪوٽ فتح ڪري شاهه مڪيءَ کي حڪومت وٺي ڏنائين ۽ پاڻ واپس مڪي روانو ٿي ويو. ڪجهه وقت بعد مل محمود ۽ نگار وفات ڪئي، کين نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) جي ڪچي قلعي ۾ دفن ڪيو ويو؛ جتي ٻئي قبرون گڏ جي هڪ ٿي ويون، ۽ اڃا سلامت آهن.


 

*  هن قصي جو مدار ٻن روايتن تي آهي: (1) محمود شيخ جو بيتن ۾ چيل ”ليليٰ مجنون“؛ روايت ش ۽ (2) وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان محمد بچل کان مليل ”ليليٰ مجنون جي ڳالهه“ روايت م.

(1)  روايت ش مطابق.

(1)  روايت م موجب.

(1)  روايت م موجب.

*  هيءَ روايت وچولي (تعلقي سنجهوري) مان ميوي خان ”موج“ لغاري کان ملي.

**  سوانح عمري ڏسو حاشيه ص 39.

(1)  ويءُ = وِههُ، زهر.

(1)  سيئن =وَسنئن، آبادي.

(1)  بهبن ڀَـؤنڪِين. (2) ڄولٻي =ڳولي. (3) جيڏاڻ = جيئدان.

*  هن متن جو مدار ٽن منظوم روايتن تي آهي: (1) بيتن ۾ ”قصو خدا دوست جو“، منشي محمد صالح، لس ٻيلي واري جي قلمي بياض تان ورتل، روايت ل. (2) محمد امين ڀوتاڻي، ويٺل دُر بجي، ڪوهستان جي زباني قلمبند ڪيل اڻپوري روايت. (3) ثناء الله ”ثنائي“ جي چيل ”مثنوي محمود غزنوي عرف سچو عشق“، مطبوع پاڪستان پريس، لاڙڪاڻو، روايت ث.

(1)  روايت ث موجب محلات جي دريءَ ۾ رسي ڦاسائي چڙهيو ٿي ته بادشاهه ڏسي ورتس:

مٿي محلات جي ڦاهي اڙائي، چڙهي ٿو چور جان گهرو چتائي. محمد امين ڀوتاڻي، ويٺل دُريجي ڪوهستان جي روايت موجب، قصي جي شروعات هن طرح آهي: ڪنهن ملڪ ۾ محمود غزنوي شادي ڪئي. پنهنجي ملڪ ڏينهن موٽڻ مهل زال کي نشانيءَ طور منڊي ڏنائين. خدا دوست ڄائو ته ساڻس کيس اها منڊي ڏني. جوان ٿيڻ تي پيءُ جي شهر ۾ اچي هڪ ’دين جو پيءُ‘ ۽ هڪ سونارو ڀاءُ ڪيائين. وزير زادِي خدا دوست جو حسن ڏسي مٿس عاشق ٿي. هو روز رات جو مٿي محلات ۾ ويندو هو، هڪڙيءَ رات محمود غزنوي ڏسي ورتس.

(1)  روايت ث موجب بادشاهه کي وٺي پيءُ وٽ آيو، جنهن ضامن پوڻ کان انڪار ڪيو. ان بعد دوست وٽ آيو، جو سندس ضامن پيو:

وٺي پيءُ پانهنجي ڏي سو ويو هو،

پڻس ڀي ڪينڪي ضامن پيو هو.

ٻڌي هي ڳالهه ان جي يار جاني،

اچي غم ۾ ڏيڻ ٿيو هي زباني.

ته هن آءٌ ضامن ڇو نه ٿيندس،

سري هن يار تي اڄ ڇو نه ڏيندس.

(1)  روايت ث موجب ننڍپڻ کان وزير زاديءَ سان محبت هيس. جڏهن هوءَ وڏي ٿي گهر ۾ ويهي رهي، تڏهن هو روزانو رات جو ڪمند جي وسيلي محلات ۾ ويندو هو، ۽ سڄي رات پيئي گڏجي قرآن شريف جو جو دور ڪندا هئا:

ادا هن ڳالهه کي ڪي سال ٿيندا،

اچون ٿا پاڻ ۾ هي حال ڏيندا،

نه ناغو ڪو ٿيو آهه ۽ پيو آهه،

دل ۾ ڪو کنڌو روا ٻيو آهه.

(1)  روايت ث موجب خدادوست، پرهه ڦٽيءَ جو وزير زاديءَ کان موڪلائي دوست جي گهر پهتو، ۽ اوجاڳي سبب سمهي پيو. صبح جو جڏهن بادشاهه جو ماڻهو ان کي وٺڻ لاءِ ويو، تڏهن سندس دوست انهيءَ خيال کان ته ’متان دوست جي ننڊ نه ڦٽي‘، سو پاڻ زال کي وصيت ڪيائين ته جي مونکي ڦاسي اچي وڃي ته تون خدا دوست سان شادي ڪجانءِ. ائين چئي، پاڻ وڃي بادشاهه وٽ حاضر ٿيو.

(2)  روايت ث موجب وزيرزادي ڪاريءَ پوشاڪ ۾، ۽ ڪاري گهوڙي تي سوار ٿي، ان مهل آئي، جنهن مهل خدا دوست کي ڦاسيءَ تي ٿي چاڙهيائون. اتي بادشاهه محمود به حاضر هو.

*  هيءَ روايت منشي صالح محمد ٻرُي، لس ٻيلي واري جي قلمي بياض تان ورتل آهي. ٻي اڻپوري روايت محمد امين ڀُوتاڻي، ويٺل دُريجي، ڪوهستان، جي زباني قلمبند ڪئي ويئي.

(1)  محمد امين جي روايت موجب.

*  ”تاريخ طاهري“ فارسي متن. (ص 25- 27)، مطبوع، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، تان ورتل.

(1)  روايت ]2[، ]3[، ]4[، ]5[، ]8[، ]10[ ۽ ]11[ موجب بادشاهه جو نالو ”هاشم شاهه“ هو.

(2)  روايت (6) موجب وزير جو نالو ”صالح پٽ حميد“ هو.

(3)  روايت (5) موجب سلطان شاهه قحطان ”ملڪ ارم“ جو بادشاهه هو.

(4)  روايت (2) موجب سلطان شاهه قحطان جي ڌيءَ جو نالو ”نگار“ هو.

(1)  روايت (1) موجب وزير زادي جو نالو ”صاعد“ هو، ۽ روايت (5)، (11) ۽ (12) موجب وزير زادي جو نالو ”ساڌ“ هو.

(1)  روايت (2) ۽ (3) موجب پيتيءَ ۾ منڊي سان گڏ ”ڪپڙو“ هو؛ ۽ روايت (6) موجب ’زريءَ جو ٿانُ ۽ هڪ سليماني ويندو‘ هو. روايت (7) موجب چادر ۽ وينڊو هو. روايت (10) موجب منڊيءَ سان گڏ ڪپڙن جو وڳو ۽ هڪ پريءَ جي مورت پيل هئي.

(1)  روايت (8) موجب بديع الجمال جي پيءُ جو نالو ”شوڀل“ هو، پر ساڳيءَ روايت ۾ ٻئي هنڌ وري بديع الجمال سرانديپ جي بادشاهه ”شهوال“ جي ڌيءَ ڄاڻايل آهي.

(1)  روايت (1) ۽ (6) موجب ان شهر جو نالو ”قسطنطنيه“ آهي.

(2)  روايت (3) موجب اهو طوفان هڪڙي ديوَ آندو.

(3)  روايت (11) موجب طوفان مان شهزادي سان گڏ ڇهه ڄڻا بچي ڪناري تي پهتا. رات جو ميوو کائي ستا ته ڪا زهريلي بلا آئي، جا شهزادي جي ڇهن ئي ساٿين کي پورو ڪري وئي، باقي شهزادو اتان بچي وري اچي ڀولڙن واري ٻيٽ ۾ پهتو. اتان ڀولڙن کي ڀنگ کارائي ڀڄي نڪتو. ان بعد وري اچي زنگين جي چنبي ۾ ڦاٿو. اتان زنگين جي سردار جي ڌيءَ کي، جا مٿس عاشق هئي، ڀڄائي، ان ملڪ جي سرحد کان ٻاهر اچي ان کي ماري پورو ڪري، پوءِ اڳتي روانو ٿيو ۽ اچي ملڪان وٽ پهتو.

(1)  روايت (1) ۾ زنگين جي شهزاديءَ جو نالو ڄاڻايل ڪونهي.

(2)  روايت (1) ۽ (6) موجب زنگين کان بچي نڪرڻ کان پوءِ سيف الملوڪ سان گڏ باقي ٻه ساٿي بچيا، جي هن مان گڏ باندرن واري ٻيٽ تي پهتا، جن هنن ٽنهي کي وٺي وڃي سندن حاڪم ”امير عبدالله“ اڳيان پيش ڪيو. جنهن هنن ٽنهي کي مهمان ڪري ٽڪايو ۽ پوءِ دڳ لائي ڇڏيو. واٽ تي شهزادي کي ٻنهي ساٿين سميت گرڙ پکي کنيو، ۽ شهزادي جي ٻن ساٿين کي ماري، پوءِ شهزادي کي مارڻ تي هو ته نانگ اچي ٿو، جنهن کي ڏسي پکي اڏامي ويو ۽ نانگ کي شهزادي تلوار سان ماري ڇڏيو. روايت (7) موجب باندرن جي حاڪم جو نالو ”ملائم شاهه“ هو. روايت  (8) موجب شهزادي کي ستن ساٿين سميت، آربيل ڪاوڙ مان اڇليو ته هو وڃي جهنگ ۾ ڪريا. جتان ڀڄي اچي ان ٻيٽ تي پهتا، جتي پوءَ سندن موت ٿئي ٿو. روايت (6) موجب شهزادو طوفان مان پنجاهه ساٿين سان بچي اچي زنگين ۾ ڦاٿو. روايت (7) موجب فقط شهزادو اڪيلو اچي زنگين ۾ ڦاٿو.

(1)  روايت (1) ۾ هيءُ واقعو ناهي،

(2)  روايت (1) موجب شهزادي کي گرڙ پکي هڪ رڻ پٽ مان کنيو. روايت (7) موجب ان پکيءَ جو نالو ”ڪورن پکي“ هو، جو شهزادي کي کڻي اڏاڻو ته هن ڪنهن اٽڪل سان پاڻ کي ان جي چنبن سان آزاد ڪيو ۽ واريءَ جي هڪ ڍير تي اچي ڪريو.

(1)  روايت (3) ۽ (4) موجب شهزادو منڊيءَ جي زور سان ان جاءِ ۾ دري ڪري اندر لنگهي ويو. (2) روايت (8) موجب سيف الملوڪ جو هٿ اتفاق سان دروازي جي ڀر ۾ هڪ طاق کي وڃي لڳو، ته اها عورت سجاڳ ٿي پئي. (3) روايت (1) موجب، ان ڦرهيءَ تي لکيل هو ته: پٽيءَ جي فلاڻي ميخ کي ڦيرائڻ سان شهزادي سجاڳ ٿيندي.

(1)  روايت (4) موجب شهزادي ملڪان کي ٻڌايو ته: آءٌ حضرت سليمان جو پوٽو آهيان. (2) روايت (5) ۽ (6) موجب ملڪنا جي پيءُ جو نالو ”سلطان اعظم شاهه“ هو. (3) روايت (8) موجب ان ديو جو نالو ”مارچ“ هو.

(1)  روايت (10) موجب ملڪان شهزادي کي ٻڌايو ته: بديع الجمال منهنجي ماسات آهي. روايت (12) موجب ملڪان ٻڌايس ته: آءٌ بديع الجمال جي سوٽ آهيان. روايت (9) موجب ملڪان شهزادي کي ٻڌايو ته: آءٌ ”گلستان ارم“ جي بادشاهه تاج الملوڪ جي ڌيءَ آهيان.

(2)  روايت (8) موجب ملڪان شهزادي کي بديع الجمال بابت ٻڌائي ٿي ته: اسان جي باغ جي هڪ وڻ ۾ گلستان ارم جي بادشاهه شهپال جي زال جوو واسو هو. هڪ ڏينهن اها پري ڪنهن ڏورانهين سفر تي وڃڻ وقت، پنهنجي ڌيءَ بديع الجمال کي منهنجي ماءُ وٽ ڇڏي وئي، جا مون سان گڏ نپجندي رهي. آخر اڍائي سالن کان پوءِ پري واپس آئي ۽ بديع الجمال کي واپس وٺي وئي، پر ان ڏينهن کان وٺي هاڻي ايندي آهي ته بديع الجمال سميت اسان وٽ اچي رهندي آهي.

(1)  روايت (8) موجب اهو ڪبوتر هڪڙيءَ صندوق ۾ بند هو ۽ اها صندوق هڪ تلاءُ ۾ پيل هئي.

(2)  روايت (1)، (6) ۽ (7) موجب جنهن ملڪ ۾ اهو ٻيٽ هو، ان جو نالو ”واسط هو.

(1)  روايت (1) ۾ تاج الملوڪ شڪار تان موٽندي، رستي ۾ شهزادي کي گڏيو. (2) روايت (1) ۾ هي واقعو ڪونهي. (3) روايت (1) موجب ملڪان جي ڀائرن فخرالملوڪ ۽ غريب الملوڪ کي اطلاع مليو، جي اتي آيا ۽ پوءِ ملڪان کي تاج الملوڪ وٽان پاڻ سان سرانديپ وٺي ويا.

(1)  روايت (1) موجب شهزادو ان وقت ئي شڪار جو خيال لاهي، واپس موٽي آيو. روايت (7) موجب سيف الملوڪ بادشاهه سان گڏ شهر جي گشت تي ويو ته هڪ هنڌ ڏتڙيل حال سعد ڏٺائين. پوءِ ان کي پاڻ وٽ سڏي، نشان پتا ڏئي سڃاڻپ ڪرايائين ۽ پوءِ کيس محلات ڏانهن موڪليائين. روايت (9) موجب سعد رلندو رلندو هڪ دائي جي معرفت اچي ملڪان جي پيءُ وٽ پهتو. جو هن تي رحم کائي محلات ۾ وٺي آيس. اتي ملڪان هن تي عاشق ٿي پئي ۽ حال احوال وٺڻ کان پوءِ کيس سيف الملوڪ سان ملايائين.

(1)  روايت (3) موجب سعد انهن جهنگلين لاءِ ڪاٺيون ڪرڻ ويو  هو ته شهزادي ڏسي ورتس.

(1)  روايت (1) موجب اها ملاقات ملڪان جي معرفت ٿي ٿئي.

(1)  روايت (1) موجب اها پري بديع الجمال جي ناني هئي، ۽ ان جو نالو ”شهربانو“ هو. روايت (6) ۽ (7) موجب اها پري بديع الجمال جي ڏاڏي هئي، ۽ ان جو نالو ’سربانو‘ هو. (2) روايت (7) موجب شهزادي کي ’ديو عفريت‘ کڻي، اُڏائي سروبانو وٽ وٺي ويو. روايت (8) موجب شهزادي کي ٻه پريون سروبانو وٽ وٺي وييون.

(1)  روايت (3) موجب شهزادو گلستان ارم ۾ پهتو ته شهپال خود آزمودي خاطر هن کي هڪڙي کوهه ۾ بند ڪري ڇڏيو. پر پوءِ بديع الجمال کي اُن جي فراق ۾ بيقرار ڏسي، شهزادي کي آزاد ڪيائين.

(2)  روايت (6) ۽ (7) موجب شهپال لشڪر وٺي ديون تي ڪاهي ويون، ۽ انهن جي سردار ’دهمن‘ کي گرفتار ڪري، سيف الملوڪ کي آزاد ڪيائين.

(1)  روايت (1) موجب شهزادو، بديع الجمال، وزير زادو سعد ۽ ملڪان سامونڊي سفر ڪري اچي مصر پهتا. روايت (9) موجب سيف الملوڪ ۽ سعد، پنهنجي زالن سميت سامونڊي رستي وطن پئي آيا، ته رستي ۾ هڪ ظالم بادشاهه کين جهلي، سندن پيڙو بند ڪرائي ڇڏيو، ۽ کانئن محصول ۾ بديع الجمال ۽ ملڪان جي ٻانهن گهريائين. پر هنن انڪار ڪيو ۽ رات وچ ۾ هزارين مزور ڪري، پنهنجو ٻيڙو آزاد ڪرائي، سلامتيءَ سان اچي مصر ۾ پهتا.

(1)  هيءَ روايت ليٿو ۾ ڇپيل هڪ جهوني ڪتاب تان ورتل آهي، جو تمام زيون حالت ۾ هٿ آيو. ڪتاب جا منڊ وارا 36 صفحا ۽ آخر ۾ 270 کان پوءِ جا صفحا ضايع ٿي ويا هئا. هي سڄو قصو نظم ۾، ’الف اشباع‘ واري قافيي جي طرز ۾ آهي. هتي سمورو نظم ڏيڻ ممڪن نه هو، تنهنڪري قصي جا ڪجهه ٽڪرا نظم ۾ ڏيئي، باقي قصو مختصر طرح نثر ۾ ڏنو ويو آهي. قصي کي مڪمل روايت جي صورت ڏيڻ لاءِ منڊ وارن 36 زبون صفحن ۽ پڇاڙي ۾ کٽل ڳالهه کي چورس ڏنگين ۾ رکيو ويو آهي. قصو ڇهن بابن تي مشتمل آهي (اصل ڇپيل ڪتاب جا صفحا 1، 56، 98، 140، 159 ۽ 257). هر هڪ باب جي خاتمي تي مصنف مناجات طور ڪجهه مصراعون چيون آهن. قصي جي وچ ۾ ڪن واقعن لاءِ تصديق طور شاعر ڪتابن جي لکڻي جو حوالو ڏنو آهي. مثلاً: ”امة البحر نالو تن جو لکئو ڪتابا“ (ص 79)، ”پڻ آهي لکي ڪتابن ۾ ههڙي حڪايتا“ (ص 79)، ”ڪتاب عجائب المخلوقات ۾ تفصيل ان جو اَج“ (83)؛ ”لارن نالو تِه جزيري جو لکيو ڪتابا“ (ص 100)؛ ”راوي روايت لکي ڪنا ڪتابا“ (ص 126). 

*  ڪتاب جي منڍ ۽ آخر وارن صفحن زبون ٿي وڃڻ سبب شاعر جو نالو معلوم ته ٿي سگهيو. البت پهرئين باب جي آخر ۾، صفحي 56 تي ”جانڪيتان جمال کي، ايءُ عشق اندر ۾ آم“ مصرع مان شاعر جو نالو ”جمال“ معلوم ٿئي ٿو.

(1)  اصل: منڊي کُريکا.

(1)  اصل: ڪوٽا ڪُٽُوراءَ.

(1)  اصل: گُرا گُور.

(1)  اصل: دَهل وڃايائون سِنگُيون ٺُوڪياءُ ڌُپاياءٌ دَرا.

(1)  سَگسَر= ڪنن جي مُنهن وارا ماڻهو.

(1)  اصل: .... مينه ۽ ڀگارا.

[2]  ”قصو سيف الملوڪ جو“، مطبوع سنڌ پريس، شڪارپور، ڇاپو يارهون، سنه 1928ع تان ورتل.

*  بهار ٻَپَڙ، ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي وقت جو شاعر هو.

(1)  معلوم

(1)  ۽ (2) غلام نبيءَ جي روايت موجب.

(1)  غلام نبيءَ جي روايت موجب: هلو ته هلون ويجهڙي.

(2)  غلام نبيءَ جي روايت موجب.

(1)  غلام نبيءَ جي روايت موجب: ته هجان هيڪاندي هوت سان.

[3]  هيءَ روايت وچولي (تعلقي سانگهڙ) مان علي اڪبر لغاري کان ملي.

*  سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيه ص 39 .

(1)  يعني ’سعد.‘

[4]  هيءَ روايت خود شاعر جي زباني قلمبند ڪئي ويئي.

*  منو چانڊيو، ويٺل لڳ شهمير راهو، تعلقو سڪرنڊ، اٽڪل ويهارو سال اڳ وفات ڪيائين.

[5]  هيءَ روايت اُتر (تعلقي اُٻاوڙي) مان فاضل قائمي ڏهرڪائي کان ملي.

(1)  عصا، لٺ.

(1)  هيءَ روايت سگهڙ ٻيڙي فقير ڪنڀار جي زباني قلمبند ڪئي وئي.

(1)  هيءَ روايت وچولي (تعلقي هالا) مان قاضي نورمحمد کان ملي.

(1)  چون ته اهو اصحابي، راجا نيرون جي لشڪر سان جنگ ڪندي شهيد ٿيو. پوڙهي اصحابڻ به انهيءَ اصحابيءَ جي ماءُ هئي. حيدرآباد واري قلعي جي اترئين دروازي سامهون ”اصحابيءَ جي قبر“ جي نالي سان ڊگهي قبر مشهور آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org