روايت
(2)
چيل جمعو ٻارچ
|
1- |
ساراهيان سچو ڌڻي، ساراهيان سرور، |
|
چڙهيو شاهه شڪار تي، راهه وٺي رهبر، |
|
ڪاهيو آيو ڪٽڪ سان، هنيو نعرو نر، |
|
هن بانور هو بادشاهيءَ تي، ڪا نه
ڪيائين ڪا
نيڪ نظر، |
|
ڪٿي شان سڪندر جو، ڪٿي دارا سندودر، |
|
ڪٿي اقبال اڪبر جو، ڪٿي نوشيروان نر، |
|
قسمت ساڻ ڪٽڪ ۾، ڦاٿو اچي هو ڦر، |
|
سو ويو پيرن ۾ پرزا ٿي، جال وهائي جر، |
|
جمجما تي ”جمعو“ چئي، ڏمريو اچي ڏاتر، |
|
وهايو آگي انگ اکر، سورن جو سلطان تي. |
2- |
سورن جي سلطان ڪئي، طبيبن کي تار، |
|
هزارين حڪيم آئيا، ويٺا ويڄ به ڪن
ويچار، |
|
ڪنهن جي ڦڪي فرق نه ڪري، لکن لک هزار، |
|
سورن ان کي سانگهيئڙا ڪيا، بيماريءَ
ڏناهئس بار، |
|
روئي ۽ ريهون ڪري نيڻين وهائي نار، |
|
قضا سان ڪٽڪ ۾، لڙي پيو هو لار، |
|
سو ويو پيرن ۾ پرزا ٿي، مٿان ڏٺو پئي
ڏاتار، |
|
جمجما تي ”جمعو“ چئي، ڀلي جي ٿي
ڀُلڪار، |
|
قلم لکيو قهار، هاديءَ پنهنجي حق جو. |
3.- |
هادي پنهنجي حق تي ظاهر ظهورا، |
|
مغز سور مٿي جا، کُتس اچي کورا، |
|
ڪيئين لاڏاڻو لوڪ مان، ڇڏيئين سانگ
سمورا، |
|
جمجما جا ”جمعو“ چئي، ڪيئن پساهه
پورا، |
|
ڇڏي تخت طهورا، دانهه هليو دنيا مان. |
4- |
دانهه هليو دنيا مان، ڇڏيئين خزاني
جون کاڻيون، |
|
ڪيئين لاڏاڻو لوڪ مان، ڇڏيئين رس به
رهاڻيون، |
|
هزار حرم حاڪم جا، سي ور بنا
ويڳاڻيون، |
|
ڏاهيون ان ڏکن ۾، ٿيون آهن سورن ۾
ساڻيون، |
|
جمجما لاءِ ”جمعو“ چئي، روڄ به ڪن
راڻيون، |
|
ڏئي پَٽ سنديون پهراڻيون، کنيئون ميت
مقام ڏي. |
5- |
کنيئون ميت مقام ڏي، ڪانڌي هليا ڪاهي، |
|
کٽولو تنهن خان جو، هليا عاشق اُڏائي، |
|
آڻي ڪاڪ ڪنڌين تي، رکيئون لاهوتي
لاهي، |
|
وجهندا منهن مومل جي، جنهن ڪيئن ڇڏيا
آهن
خونياڻيءَ کپائي، |
|
هٿ کڻي هلندو هيڪلو، سڀڪو وارو وڄائي، |
|
جمجما کان ”جمعو“ چئي، قهاري پڇندا
ڪاهي، |
|
لاڳاپا لاهي، پوءِ آئيا ڪانڌي ڪاڪ تي. |
6- |
آيا هئا ڪانڌي ڪاڪ تي، ڍولُ رکن ٿا
ڍاري، |
|
اڳي ته سينگاري کنيئون سيج تي، وير به
وهنجاري، |
|
لڳي ويس مهر زبان تي، هاڻ سڄڻ پيو
ساري، |
|
آندائون مير مقام تي، رکيئون قبر
ڪناري، |
|
خان رکيئون کرڪ ۾، سهڻو سمهاري، |
|
جمجما کان ”جمعو“ چئي، ملائڪ پڇن ٿا
ماري، |
|
ڌوڙ مٿان ڍاري، وريا ڪانڌي ڪاڪ تان. |
7- |
وريا ڪانڌي ڪاڪ تان، واري ڏئي ونگ، |
|
هاڻ سسِيءَ کي سال ٿيا، رڙيو وٺي رند، |
|
نڪي ڄاڙيون ڄام کي، نڪي ڏاٺون ۽ ڏند، |
|
نڪي نارا هئس نڪ جا، نڪي ڪن ڪهنگ، |
|
نڪي هٿ پير حبيب کي، نڪي ٻانهون ٻنگ، |
|
ڪلر ڪيرائي ڇڏيا، سڀئي عضوا انگ، |
|
سوين ته سلطان جا، راڄن ڏٺا هئا رنگ، |
|
ڇڏيو پٽَ پلنگ، پيو آهي مير مٽيءَ ۾. |
8- |
پيو آهي مير مٽيءَ ۾، گهوٽ ڇڏيا آهن
گهر، |
|
ڌڙ ڍڪيئونس ڌوڙ ۾، ڪري قابو منجهه
قبر، |
|
پهريا مال پٽن تي، وڏا وڳ ولر، |
|
سسِيءَ تي مير جي، وهٽن ڏنا آهن ور، |
|
کنيو اچنس کُرن ۾، ٿُڏيو منجهان ٿر، |
|
سو پيو هو ڀر سمونڊ جي، ڪنڌيءَ پاس
ڪپر، |
|
ٻئي آيو گوهر گس وٺيو، پيس نيڪ نظر، |
|
عيسيٰ اتي علم جا، پڙهيا انجيل مان
اکر: |
|
’وجهه ساهه سسِيءَ: ۾، پاڪ ڌڻي پرور! |
|
ته پڇانس حقيقت حال جي، من ڪري خوب
خبر.‘ |
|
جمجما کان ”جمعو“ چئي، سڌي پڇيو سرور: |
|
’سائين! وڏي ساڻ وڳر، هوس تالابين تخت
تي.‘ |
9- |
’هئين تالابين تخت تي، ته کڻي خبر
ٻڌائينم خان!‘ |
|
چيائين ’نَولک نانوائين جا، هئا
پچائيندا پڪوان، |
|
ڪئين هاٿي هنبارين ۾، هئا جالورا جام، |
|
ڪئين قناتون ڪيتريون، هئا طنبو موٽ وٽ
طولان، |
|
نوَ لک نغارچن جا، هئا وڄائيندا
نوبتون نيشان، |
|
ڪارهن لک قيصر جا، صوبا مون وٽ سلطان، |
|
چڙهيو هوس شوق شڪار تي، طبل ساڻ
طوفان، |
|
ڪئين فوجون مون سان فالم هيون، جُنگ
ڀليراجوان، |
|
اچي لڳيم لهر لڱن تي، هينئين ڇڏيم
هام، |
|
وڻن ڪين وجود کي، ۽ تن اندر کي طعام، |
|
ڪئين ڪم هئم دنيا جا، تن جي ڪل پيم ڪا
ڪان، |
|
راڻين روڄ ڪيا هئا، ماڻهن ۾ ماتام، |
|
جمجما جهڙا ”جمعو“ چئي، ڪئين ڇڏي ويا
ملڪ ماڳ مقام، |
|
انهيءَ گس گمان، مونکي عيسيٰ گڏيو
آهين امرسين. |
10- |
عيسيٰ گڏيو هوس امر سان، ٿو پارس
ٻڌائيس پار: |
|
’سوين مون وٽ سونارا هئا، لکين مون وٽ
لُهار، |
|
ڪئين قلعيگر ڪيترا، مون وٽ کَٽي
خبردار، |
|
ڪئين وير واڍا هئا، مون وٽ نر
چاڙهيندا نار، |
|
ڪئين موچي مينگهواڙ هئا، ڌوٻي مون وٽ
ڌار، |
|
ڪئين واپاري واڻيا، هئا هندو لک هزار، |
|
ڪئين بانڪا برهمڻ هئا، پڙهيل پوٿيدار، |
|
ڪئين غريب رهندا هئا گسن تي، ڪاهي
مهري اُٺ متار، |
|
لکين تن ۾ لاڏُو هئا، ٻيا باري کڻندا
هئا بار، |
|
ڪئين جت جوان هئا، ڪوپا سڀ قنڌار، |
|
گوهر گس وٺيو آيو، ڪنهن ڏينهن ساڻ
ڪٺار، |
|
مير! ڏٺا هئا ماڪوڙين جا، هڏي منجهه
هزار، |
|
ڪيڙين کائي ڪيترا، ڪيا هئا نيش نهار، |
|
جمجما تي ”جمعو“ چئي، پوءِ ڪئي ڪاهه
قهار، |
|
ايڏي ساڻ اختيار، مونکي عيسيٰ گڏيو
آهين امرسان.‘ |
11- |
عيسيٰ گڏيو هئس امر سين، ٿو پڇيس پار، |
|
ڪيو هئائين عرض الله کي، تو وڌو آهي
سسيءَ ۾ ساهه سنار، |
|
پڇانس ٿو حقيقت حال جي، گويا ڪري ٿو
گفتار: |
|
هزارين مون وٽ هاٿي هئا، جوڙ وڏي
جنسار، |
|
ڏهه لک ڏڦيرن جا هئا، شڪاري ڪندا
شڪار، |
|
پنڌرهن لک پهلوانن جا هئا ڪُشتي ڪندا
قنڌار، |
|
ڪئين ملان مسيتن ۾، هئا ٻانگا
پاڙهيندا ٻار، |
|
ڪئين حافظ هئم قرآن جا، قاضي قضادار، |
|
ڪئين ڦيريدار فقير هئا، مون وٽ منگتا
مڱڻهار، |
|
ڪئين اڪابر عقل جا، هئام وير وڏا
وينجهار، |
|
ڪئين بنگلا وڏي بنياد تي، هئا درين تي
ديدار |
|
ڪئين پخالي پاڻي ڀري، ڪندا هئا ڇوهه
منجهان ڇٽڪار، |
|
هڪڙي ڏينهن آءٌ گوهر گس وٺيو، آيس
ڪاهي ساڻ ڪٺار، |
|
مون دانَه! دليل ڪيو،
ته مون جهڙو ملڪ ۾ ڪونهي خلقيو
خلقڻهار، |
|
تڏهن جمجما تي ”جمعو“ چئي، ڪئي ڪاهه
قهار، |
|
قدم کنيم ٻٽي چار، اچي ڪڙڪيم سور
ڪاپار ۾. |
12- |
ڪڙڪيم سور ڪاپار ۾، هئا ساٿ به مون
ساڻ، |
|
آءٌ مالڪ هوس ملڪ جو، مونکي ڪنهن جي
ڪانه هئي
ڪا ڪاڻ، |
|
راتو ڏينهن راڻين سان، ڪندو هوس راجا
روح رهاڻ، |
|
جڏهن ايندو ڪوٺائو ڪريم جو، تڏهن
سوڍيون نه هلنديون ساڻ، |
|
اڳيان دوزخ پيو ڌڌڪا ڏئي، جيئن ٻرن
ڀاڳين سنداڀاڻ، |
|
ايندا قاضي ڪريم جا، سٽي پڇندا سرواڻ، |
|
جمجما جهڙا ”جمعو“ چئي، هتان هزارين
هليا ويا هاڻ، |
|
ڪن پيا ڄاڻ ويڄاڻ، ملائڪ انهيءَ ماڳ
جا. |
13- |
ملائڪ انهيءَ ماڳ تي، ايڏو ڪن اختيار، |
|
هڪڙا سيارا سختيون، ٻيون بلائون
بيشمار، |
|
ٽي ونگي واٽ وندر جي، جا پرور
اُڪاريندو پار، |
|
آءٌ به مالڪ هوس ملڪ جو، پئي سڏايم
سردار، |
|
ايمان آندم انهيءَ ڏينهن جڏهن، ڪيئين
نوح نبي نروار، |
|
ٻيڙو ٺهرايائين ”ٻارچ“ چئي، جنهن جا
تختا ڪيئين تيار، |
|
عالم چڙهيو انهيءَ ۾، پر هڪڙي رهجي
وئي ريڍار، |
|
جمجما تي ”جمعو“ چئي ڪئي ڪاهه قهار، |
|
صاحب رب ستار، هو ٻيڙو اُڪاريو ٻاجهه
سين. |
14- |
ٻيڙو اُڪريو هو ٻاجهه سان، آيو لطف
ساڻ لهي، |
|
مائي موٽي آئي، کڻي مکڻ ۽ مهي، |
|
نوح نبيءَ پڇيو نرمل کان، ٻڌاءِ سچي
ڳالهه صحي، |
|
ري مٽيءَ ماڙي اڏيئي، اها قدرت رب
ڪئي، |
|
جمجما تي ”جمعو“ چئي، ويو رنج رهي، |
|
سورن ڪيو سهي، مير کي محلات ۾. |
15- |
مير سان محلات ۾، راڻين ڪيو هو راڳ، |
|
مڃ بيعت بُتن جي، پنهنجو ڀلو ورائيندو
ڀاڳ، |
|
لڳن عشق اندر ۾، درد اندر ۾ داڳ، |
|
ڏاهي اسان کي ڏس ڏنو، آهي جوڳيءَ اهو
جواب، |
|
ته پرور اوهان کي پٽ ڏيندو، پوءِ
وٺندس لاهو تي لاڳ، |
|
پر مون حاڪم!
هڪڙي ڏينهن حيلو آڻي، خاوند! لڌو هو
خواب، |
|
جڳ ڌڻيءَ وٽ ”جمعو“ چئي، ڪهڙو هلي
ڪندين جواب، |
|
توڏي هوت حساب، اهو حاڪم آهي حق جو. |
16- |
حاڪم کي حق جا، نيئر لڳا هئا نال، |
|
تيرهن لک تُرڪ هئا، جوڳي جُنگ جمال، |
|
ڏينهڪِ ڪندا هئا ڏيهه جي، صوبا سي
سنڀال، |
|
گهوٽ چڙهندا هئا گهوڙن تي، ٻڌي
لونگيون لال، |
|
ڪئين کيس کٽن تي، هنڌ هندورا جمال، |
|
مير جا ملڪ ۾، هئا وڄندا گهنڊ گهڙيال، |
|
دس چڙهندا هئا ديڳين جا، ٻيا نانوائي
نهال، |
|
ڪئين شاهه سخاوتون ڪندا هئا، مڏيون
لٽائيندا مال، |
|
لک حوالي لوڌَ جي، ڪندا هئا مِرُن جي
مقال، |
|
جمجما جي ”جمعو“ چئي، ڪئين ٿي ويا
سِسيءَ کي سال، |
|
ڇڏي مير مقال، هتان هليو ويندين
هيڪلو.‘ |
17- |
’هرڪو هلندو هيڪلو، مهندان اٿئي اوجهڙ
اُونڌاري، |
|
يا هندو هٽ جو هئين، يا واڻيو واپاري؟ |
|
يا ملون مسيت جو هئين، يا بدمعاش
باري؟ |
|
يا رئيس راڄن جو هئين، يا وڏيرو
ويچاري، |
|
بادشاهه سخاوتون ڪندو هئين، يا ڪَٽيل
هئين قهاري؟ |
|
جمجما تي ”جمعو“ چئي، ڪيئن قلن وهيو
ڪاري؟ |
|
وير وسائي واري، مسافر هليو هئين ملڪ
مان.‘ |
18- |
’مسافر! هليو هئين ملڪ مان، تو ڪا نه
ڪئي آڳاهي.‘ |
|
’ٻارهن لک ٻلهاڙو ڪندا هئا، مون وٽ
صوبا صفائي، |
|
چوڏهن لک چوڌاري هئا، مون وٽ سوين
سپاهي، |
|
هزارين حجام هئا، ڪندا راشن رسائي، |
|
ڏهون ڀاڱو ڏيهه تي، مون ٺُڪَ کڻي
ٺاهي، |
|
مُهر مڃيندا هئا منهنجي، ڪندا هئا راڄ
رسائي، |
|
جمجما جهڙا ”جمعو“ چئي، ڪئين خاڪ ڇڏيا
آهن کائي، |
|
جڏهن وير! مٽيم وائي، تڏهن ويم هاج
هٿن مان. |
19- |
ويم هاج هٿن مان، جڏهن غافل لڳم غم، |
|
آيم عزرائيل اوچتو، دير نه ڪيائين دم، |
|
اهي راڻيون تنهنجون رتول ۾، ڪهڙو
ڌاريون ڪنديون ڌرم، |
|
ٻانهيون تنهنجون ”ٻارچ“ چئي، پيون
ڪٽين ڪرم، |
|
ايندءِ ڪوٺارا ڪريم جا، غازي! ٿي گرم، |
|
ڏئين ها ورندي وريامن کي، نيڪ ٿي نرم، |
|
پوءِ جمجما! تنهنجو ”جمعو“ چئي، شاهه
رکي ها شرم، |
|
ڀلو ڪندءِ ڀرم، دانهه! تنهنجي در جو. |
20- |
دانهه پنهنجي در جي، ٿو خان ٻڌائي
خبر، |
|
اَٺ لک سڪولن جا، مون وٽ پڙهندا هئا
نينگر، |
|
ڪئين مير ماستر هئا مون وٽ سهڻا جوان
سڌر، |
|
ڪئين ملان مسيتن ۾، ٻيا قاضي کڻن ڪر، |
|
وڙهيو پون ونڊن تي، لولن تي لشڪر، |
|
ڪئين دربان هئم در تي، نَو ويهون
نوڪر، |
|
جمجما جي ”جمعو“ چئي، آهي خاوند کي به
خبر، |
|
سِسو بنا سِرَ، آهي ڪن ايامن جو. |
21- |
آهي ڪن ايامن جو، محبت لڳيم من، |
|
چڙهيس شاهه! شڪار تي، راجا! پٺيان
روجهن، |
|
هرڻ هڻي ويا، ڀڳا ڦاڙها ساڻ ڦرن، |
|
مرون ملڪ ڇڏي ويا، پيو شڪ شينهن، |
|
بارود خانا بيشمار هئا، ٻيون ڪلون
ڪاغذن، |
|
ڪئين توبچي تکا هئا، ويهندا منجهه
وڻن، |
|
هڪڙا بحر بندوقن جا، ٻيا توبون تو
رکن، |
|
هئا تجلا ترارين جا، ٻيا ڀالا ڀونڀٽ
ڪن، |
|
جمجما کي ”جمعو“ چئي، ڏنو ڏاج ڏکن، |
|
دسيو آهي دُکن، سِسيءَ کي سال ٿيا. |
22- |
سسيءَ کي سال ٿيا، جُڳ لنگهيا هئا
جام، |
|
آءٌ داناءُ هوس دهليءَ جو، منهنجا مڪي
منجهه مڪان، |
|
راجا هئس روءِ زمين جو، منهنجا سنڌ ۾
سامان، |
|
مشرق مغرب وچ ۾، هئم نيئر کتل نيشان، |
|
قلعا هئم ڪشمير تي، وڏا ڪوٽ ڪمام، |
|
ڪورٽون ٿينديون
هيون ڪابول تي، جتي رهندا هئا جج جو
ان، |
|
ڪئين ڊونڊا ڊپٽي هئا، دفتر پڙهندا
ديوان، |
|
ڪئين مون وٽ بٺيون بيشمار هيون جت
پچندا هئا پڪوان، |
|
دس چڙهندا هئا ديڳين جا، کائيندا هئا
آدمي انسان، |
|
تيرهن لک تاريخ آءٌ، خيرات ڪندو هوس
خان! |
|
مُهر مڃيندا هئا منهنجي، ڏيهه ڀريندا
هئا ڏان، |
|
ساڻ نه هليا سڪندر سان، طنبو ۽ طولان، |
|
جمجما جهڙا ”جمعو“ چئي، ڪئين ڇڏي ويا
ماڳ مڪان، |
|
هُت ته خرار پئي لٽايم خان! هِت
منهنجو دُڪوئي داخل نه ٿيو. |
23- |
دُ ڪوئي داخل نه ٿيو، دانا! ڪهڙا ڏنئي
دان، |
|
هزارين هيرا موتي ياقوت، ٻيا سون رُپا
سامان، |
|
آءٌ رهندو هوس روم ۾، شرعون ڪندو شان، |
|
ميڙا هوم سر تي، يمن پاسي جوان، |
|
تخت منهنجا تنبول تي، هئا شم ٻرندا
شمعدان، |
|
ڪئين بيٺا هوندا هئا سوداگر سمونڊ تي،
غورابن گدام، |
|
تيرهن لک تپيدار هئا، منهنجون ديهون
سنڀاليندا ديوان، |
|
پنڌرهن لکن جي پلٽڻ هئي، جنگي سڀ
جوان، |
|
صورت هئي سلطان جي، جيئن چنڊ ڦري
چوغان، |
|
سوا لک سچو ڪيئين، جيڪي نبي ڪري ويا
نيشان، |
|
آءٌ امتي هئس حضرت
الياس جو، جنهن جا آهن برن منجهه
بيان، |
|
انهيءَ جوڙ ”جمعو“ چئي، آهيان عيسيٰ!
منجهه ارمان، |
|
ڇڏي ملڪ مڪان، ڪئين هٿ ٺوڪي هليا ويا. |
24- |
هٿ ٺوڪي هليا ويا، جن کي ڪلمون پيو هو
ڪن، |
|
ڪارهن لک ڪَويِسَر، هئا مير ملائڪن، |
|
ڪئين ٽهليا ٽاڪرو هئا، ڪامي منجهه
ڪمن، |
|
لڳندا هئا ملاکڙا ميدان تي، جتي مالهي
ملهه وڙهن، |
|
ڪڏهن پوي ڪينڪي، ڏڌو کير ٿڻن، |
|
ڏيندا هئا انعام انهن کي، محبت رکي
من، |
|
ڪئين باغ باغيچا هئا، مٿي کوهه کُلن، |
|
ايندا هئا پکي پاڻيءَ تي، چمن تي چڳن، |
|
جمجما جو ”جمعو“ چئي، سور لڳو سڄڻن، |
|
ڪلمون پاڪ پڙهن، ساري ڄمار سردار تي. |
25- |
ساري ڄمار سردار جي، ٻيلي! پيا ڪن
پرور جي پچار، |
|
پيو ساهه سسِيءَ کي، جيڪا هئي ڌڙ کان
ڌار، |
|
عيسيٰ نبيءَ ان تي امن ڪيا، لٿا غم
غبار، |
|
جُڙي ستر ورهيه حياتي هن کي، لاٿس
ڏوهه ڏاتار، |
|
ٿيو تالابين تخت جو، پيو دُرس ڪري
ديدار، |
|
ڪري پيو عبادت اتي، پڙهي پيو توبهه جي
تار، |
|
جمجما تان ”جمعو“ چئي، لٿا حرف هزار، |
|
ڪلمي جي آڌار، وري جيئرو ڪيائينس جهان
۾. |
|
لااِلٰھ اِلاالله محمّد رسول الله |