متن ۾ هن قصي جي تفصيلي روايت شروع ۾ ڏني وئي آهي،
۽ ان بعد ٻه روايتون ٻيون شامل ڪيون ويون آهن، جن
مان هڪ ’مولوي غلام الله خليفي ولد ميان دائود
صاحب عباسي‘ (ساڪن چودره تعلقي وارهه) جي آهي. اهو
قصو هن سنه 1318هه ۾ سنڌي مثنوي ۾ منظوم ڪيو ۽
ڪراچي مان ڇپيو. ٻي روايت عوامي شاعر شيخ محمود جي
جوڙيل بيتن جي آهي. انهن ٻن روايتن کان سواءِ سنڌ
جي ٻين شاعرن، بزرگن ۽ سگهڙن پڻ هي قصو جوڙيو، جن
مان ٻه قابل ذڪر آهن. مشهور ساعر غلام مرتضيٰ شاهه
’مرتضائي‘ ٺٽوي، سنڌي مثنوي ۾ ’يوسف زليخا‘ منظوم
ڪيو، جو تاجر ڪتب پوڪرداس سنه 1920ع ۾ شڪارپور مان
شايع ڪيو. ٻيو سنڌ جي مشهور اهل دل ۽ مجاهد بزرگ
شاهه تاج محمود امروٽي منظوم ڪيو، جو ”پرت نامه
سندي يعني يوسف زليخا“ جي عنوان سان اول سنه
1346هه ۾ ڇپيو ۽ وري موجوده وقت ۾ مولوي محمد عظيم
سنه 1952ع ۾ شڪارپور مان ڇپايو. انهن معياري
تصنيفن کان سواءِ، يوسف زليخا جا بيت ۽ ڏوهيڙا
هيٺينءَ طور ڪتب فروشن طرفان ڇپيا.
-زليخا جا بيت ۽ ڏوهيڙا، لاڙڪاڻو 1914
-زليخا جا بيت (ٽي ڀاڱا)، شولداس ٿانو رداس،
شڪارپور 1918
-يوسف زليخا جا بيت (گرمکي صورتخطيءَ ۾)، شڪارپو
1919
-زليخا جا بيت ۽ ڏوهيڙا، سکر 1919
3. حضرت سليمان ۽ بيبي بلقيس: قرآن شريف ۾ هن
حڪايت جي حقيقت بابت ذڪر آهي، مگر ’بلقيس‘ جو نالو
ڪونهي. مغرب جي يهودين ۽ ڪرستانن جي روايتن ۾
’حضرت سليمان ۽ شيبا جي راڻي‘ جي ڳالهه مشهور آهي.
ٿي سگهي ٿو ’شيبا‘ ساڳيو ڏکڻ عربستان وارو ملڪ
’سَبا‘ هجي، مگر سَبا جي حڪمرانن بابت عرب روايتون
وڌيڪ واضح آهن. علامه زمخشري جي تحقيق موجب بلقيس
ڏکڻ عربستان جي حِميري بادشاهه تَبع بن شَراحِيل
جي گهراڻي مان هئي. تُبع ’قصر مَعاربِ‘ (معارب جو
محل) جو مشهور والي هو. حبش جي روايتن موجب، حبش
جو شاهي گهراڻو (جنهن مان موجوده بادشاهه هيلي
سيلاسي آهي) حضرت سليمان ۽ شيبا جي راڻي جي اولاد
مان آهي، مگر انهن روايتن ۾ ’شيبا جي راڻي‘ کي
’ماڪيدا‘ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو.
4. شاهه بهرام: هي قصو سنڌ ۾ ڪافي آڳاٽي وقت کان
مشهور ۽ مقبول رهيو آهي، ۽ هن جلد جي مواد سهيڙڻ
وقت پڻ ان جون ست روايتون مليون، جن جي بناء تي هن
قصي جون ٽي مستقل راويتون متن ۾ قائم ڪيون ويون
آهن.
انهن مان پهرئين روايت (ص ص 117-150) سڀ کان اول
غالباً لسٻيلي جي نامور شاعر شيخ ابراهيم جي جوڙيل
”قصو شاهه بهرام گور ۽
حسن بانو جو“ ذريعي سنڌ ۾ رائج ٿي. شيخ ابراهيم
اهو قصو 18- صدي عيسوي جي پوئين اڌ ۾ سنڌي بيتن ۾
جوڙيو، جو ٻولي توڙي اسلوب بيان جي لحاظ سان هڪ
شاهڪار آهي. اها ساڳي روايت ويهين صدي جي شروعات
کان وٺي هيٺين ڇاپن ذريعي عام پڌري ٿي:
- وڏو قصو بهرام بادشاهه جو، تاليف ڪيل حاجي امام
بخش خادم جو، جنهن جو پهريون ڇاپو منشي پوڪرداس،
مفيد عام پريس لاهور مان سنه 1902ع ۾ ڇپايو. ٻيو
ڇاپو جنوري 1916ع ۾، ۽ ان بعد ٽيون ڇاپو پڻ شايع
ٿيو.
-وڏو قصو بهرام شاهه بادشاهه جو، جو منشي آوترام
ولد ديوان نيڻومل ڀرين جي رهندڙ اردو مان ترجمو
ڪيو ۽ هريسنگ، مصطفائي پريس لاهور مان سنه 1903ع ۾
ڇپايو. ٻيو ڇاپو 1921ع ۾ سکر مان شايع ٿيو.
-اصل وڏو قصو بهرام شاهه بادشاهه جو، جنهن جو
پهريون ڇاپو هيمنداس بڪ سيلر سيپٽمبر 1922ع ۾ سکر
مان شايع ڪيو.
-قصو بهرام شاهه جو، سکر 1926ع.
شيخ ابراهيم جي جوڙيل قصي توري مٿين ڇاپن واري
ڳالهه، ايران جي مشهور بادشاهه بهرام گور جي آهي،
جنهن کي گورخرن جو شڪار ڪندي، ’سفيد ديو‘ گهوڙو
بنجي، اڏائي کڻي وڃي پنهنجي باغ ۾ رهايو، جتي هو
’حسن بانو‘ پريءَ تي عاشق ٿيو، ۽ بالآخر حسن بانو
کي ڳولي لڌائين، ساڻس شادي ڪيائين، ۽ ڪشالن بعد
وري موٽي اچي پنهنجي بادشاهي هٿ ڪيائين.
ٻي روايت (ص ص 217- 226) شاعر ڇتي کٽيءَ جي بيتن ۾
جوڙيل قصي ”بانڪو شاهه بهرام“ (ص ص 227- 272) جي
آهي. هي روايت پهرئين روايت کان غالباً اڳ سنڌ ۾
رائج ٿي؛ ڇاڪاڻ ته ڇتو کٽي، شيخ ابراهيم کان اڳ جو
هو ۽ ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي آخري دور يا ميان
غلام شاهه جي اوائلي دور ۾ ٿي گذريو. هيءَ ڳالهه
روم جي بادشاهه ’ڪشورَشاهه‘ جي پهلوان شهزادي
’شاهه بهرام‘ جي آهي، جو چين جي بادشاهه ’فغفور
شاهه‘ جي ڌيءَ ’گل اندام‘ تي عاشق ٿيو، ۽ ڪشالا
ڪڍي، ديون سان مقابلا ڪري، نيٺ وڃي گل اندام
ماڻيائين.
ڇتي کٽيءَ جا چيل بيت پڻ پنهنجو مٽ پاڻ آهن، جن کي
سنڌ جي هنرمند قصه- خوانن ڳاهن طور بانڪي شاهه
بهرام جي ڳالهه سان گڏ مجلسن ۽ محفلن ۾ پئي ڳايو
آهي. هي قصو غالباً ٿاڻي بولاخان يا ڪراچي طرف جي
ڪنهن سنڌي استاد جي ڪوشش سان ڪافي آڳاٽو ليٿو مان
ڇپيو.
تازو هن پوئين دور ۾، اتر سنڌ جي هڪ عوامي شاعر
بهاول پٽ ڦلڻ مهر (ويٺل عزيز پور، تعلقو پنو عاقل
پڻ ’بانڪو شاهه بهرام‘ هن ساڳي روايت سان سنڌي
بيتن ۾ ”16- ربيع الاول 1358هه“ تي جوڙي راس ڪيو،
جو سنه 1938ع ۾ ’مطبوع محموديه پريس‘ سکر مان شايع
ٿيو.
ٽئين روايت (ص ص 303- 315) ٺٽي ضلعي جي اترئين
ڀاڱي جي آهي، ۽ سٽاء ۾ پهرين ٻنهي روايتن کان
نرالي آهي. ان موجب شهزادي بهرام جي ڄمڻ بعد سندس
پيءُ مري ويو ۽ وڏي وزير ملڪ تي قبضو ڪيو.
شهزادي بهرام کي بچائڻ خاطر
سندس ماءُ ملڪ ڇڏي هڪ ٻئي بادشاهه وٽ وڃي پناهه
ورتي، جنهن جو نالو ’شامون‘ هو، ۽ جنهن شهزادي
بهرام جي پٽ وانگر پرورش ڪئي. بهرام جڏهن وڏو ٿيو
ته مصر ويو ۽ بالآخر اتي جي بادشاهه جي ڌيءَ ’حسن
گل راڻي‘ سان شادي جو خيال ڪيائين. ساڳئي وقت چين
جو بادشاهه پڻ حسن گل راڻي جي هاڪ ٻڌي، سندس سڱ
لاءِ اچي مصر ۾ سهڙيو؛ ۽ پڻ جابر جادوگر طرفان
’روشن ديو‘ سڱ لاءِ پيغام کڻي اچي پهتو. فتح بانڪي
بهرام جي ٿي، جنهن ديون جي لشڪر کي ماريو ۽ بالآخر
’حسن گل راڻي‘ سان سادي ڪري، واپس شامون بادشاهه
وٽ پهتو. پوءِ کيس ماءُ کان معلوم ٿيو ته سندن ملڪ
تي وزير قابض آهي ۽ هو ٻئي هت پناهگزين آهن. پوءِ
شهزادي بهرام شامون بادشاهه جي صلاح سان پنهنجي
ملڪ تي چڙهائي ڪئي ۽ وزير کي شڪست ڏيئي بادشاهي هٿ
ڪيائين.
مٿين ٽنهي روايتن ۾، سورهيه شاهه بهرام آهي. پهرين
روايت ۾ هو ايران جو بادشاهه بهرام گور آهي، جو
ايران جي روايتي تاريخ ۾ معلوم ۽ مشهور آهي. هو
ساماني سلسلي جي بادشاهه ’يَزد جرد اول‘ جو پٽ هو
۽ ساساني خاندان ۾ پنجون بهرام بادشاهه هو، جنهن
430 کان 438/ 440ع تائين حڪومت ڪئي. اڃان ننڍو هو
جو پڻس کيس تعليم ۽ تربيت خاطر عرب بادشاهه مُذر
ڏانهن موڪليو.
، جتي هو عربي توڙي يوناني سکيو ۽ پڻ جوانمردي جو
ثبوت ڏنائين جو گورخر ماريائين، جنهنڪري ’بهرام
گور‘ جي نالي سان مشهور ٿيو. سندس پيءُ جي مرڻ بعد
موبذن (مذهبي اڳواڻن) کيس گادي تان ٿڌڻ ٿي چاهيو
پر منذر بادشاهه جي وچ ۾ پوڻ سان بهرام کي بادشاهه
چونڊيو ويو ۽ هو ايران جي تخت تي ويٺو. ٽئين روايت
هن تاريخي روايت سان ملي ٿي. ’شامون بادشاهه‘ مان
مراد شاهه جي سرحد تي غساني حڪومت سان دنگئي
’حيرا‘ جي حڪومت جو بادشاهه منذر ئي سمجهڻ گهرجي.
بهرام گور جي قصي کي فردوسي شاهنامي ۾ تاريخي
روايت طور بيان ڪيو، پر افساني طور ان جي مشهوري
تڏهن ٿي، جڏهن نظامي گنجوي پنهنجي ’خمسه‘ اندر
چوٿون نمبر مثنوي ۾ بهرام گور جو افسانو ’هفت
پيڪر‘ جي عنوان سان سنه 595هه ۾ منظوم ڪيو. سنڌ
جون روايتون سٽاء ۾ ’هفت پيڪر‘ جي روايت کان
نراليون آهن. ڪن پارسي روايتن موجب بهرام گور شڪار
جي خيال سان هندوستان واري اراضي ۾ ويو ۽ اتي ڪنهن
ڀاڱي جي حڪمران جي ڌيءَ سان شادي ڪيائين. ان آڳاٽي
سمي ۾ ايران جي اڀرندي طرف هندوستان جي حدن اندر
اول ’سنڌ‘ هئي ۽ پوءِ هند. ٿي سگهي ٿو ته بهرام
سنڌ ۾ آيو هجي، جتي سنڌوندي جي ٻيلن ۽ ماٿري ۾
گورخرن جي شڪار جي شهرت هئي. ساساني دور ۾ سنڌ ۽
ايران جا سياسي لاڳاپا تاريخ مان پڻ ثابت آهن، ۽
بهرام گور جي افساني بابت سنڌ ۾ ايترين سارين
روايتن جو ويندي اڄ تائين رائج هجڻ، غالباً انهن
آڳاٽن تاريخي لاڳاپن جو يادگار آهي.
5. سڪندر بادشاهه: سنڌ ۾ سڪندر بادشاهه بابت ڪافي
ڳالهيون هلندڙ آهن. هن جلد ۾ ٽن ڳالهين بابت
روايتون شامل آهن، جن مان ٻي (ص ص 321- 329) سنڌ ۾
زياده عام مروج آهي. سڪندر بادشاهه سنه 325 ق. م.
۾ پنجاب مان ٿيندو سنڌوندي ذريعي سنڌ مان لنگهيو
هو. جيئن ئي سنڌ جي سرحد ۾ گهڙيو ته اول اپر سنڌ
(الور- روهڙي وارو ڀاڱو) ۽ لاڙڪاڻي جي حڪمرانن
سندس مقابلا ڪيا. ان بعد سيوهڻ جي قلعي کي گهيرو
ڪيائين، جتي سندس مقابلو ٿيو. سيوهڻ جو شهر توڙي
قلعو ساڳيءَ ڀيڻيءَ تي آهن، جتي سڪندر جي زماني ۾
هئا ۽ انهيءَ آڳاٽي دور جا قديم يادگار آهن. ان
بعد سڪندراعظم، سنڌوندي جي دو- آبي واري مرڪزي شهر
۾ پهتو، جنهن جو نالو يوناني تاريخ نويسن
”پٽالـين“ لکيو آهي. غالباً ان مان مراد ’پاتال‘
يعني لاڙ جو ڪو شهر آهي، جنهن جا آثار اڃان تائين
تحقيق طلب آهن. سنڌوندي جي ڇوڙ وٽان سامونڊي ڪناري
جي بستي ”بابريڪان“ ۾ لنگرانداز ٿيو، جنهن کي ڪن
لکندڙن ”بنڀور“ واري بستي قرار ڏنو آهي. بنڀور
حقيقت ۾ ’ديبل بندر‘ آهي، جنهن جي تاريخ اسلامي
فتوحات جي شروعات کان وٺي معلوم آهي. ديبل بندر
ستين صدي عيسوي جي پوئين نصف ۾ هڪ بين الاقوامي
شهرت وارو سنڌ جو بندر هو، ۽ ٿي سگهي ٿو ته ان کان
هڪ هزار ورهيه اڳ، سڪندر بادشاهه جي آمد وقت پڻ
ننڍي بندر جي صورت ۾ موجود هجي.
بهرحال سڪندر بادشاهه سنڌ ۾ آيو، ۽ انهيءَ ڪري سنڌ
۾ سڪندر بادشاهه بابت ڳالهين جي مقبوليت فطري آهي.
مگر ارغونن ۽ ترخانن جي دور (16 صدي) کان وٺي
نظامي جي فارسي شاهڪار ”سڪندرنامي“ (جو ’خمسه‘ ۾
پنجون نمبر مثنوي آهي، جا نظامي سنه 587هه ۾ تصنيف
ڪئي) جي مطالعي ذريعي سنڌ ۾ سڪندر بادشاهه جون
يادگيريون تازيون ٿيون. گذريل صدي جي آخر ۾ ٺٽي جي
مشهور شاعر مير سيد غلام مرتضيٰ شاهه ’مرتضائي!
سڪندر نامي جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ۽ سندس ”سنڌي
سڪندر نامون“ محمد يوسف ڪتب فروش ڪراچي، لاهور جي
اسلامي پريس مان ليٿو ۾ سنه 1312هه/ آگسٽ 1894ع ۾
ڇپائي پڌرو ڪيو. انهيءَ سنڌي ترجمي ذريعي سنڌ ۾
سڪندر بادشاهه بابت روايتون ويتر عام ٿيون.
6. شيرين فرهاد: هي ايران جي ساساني دور جو مشهور
عشقيه داستان آهي، جنهن موجب بادشاهه خسرو پرويز (
590-627هه) عشق پئي شيرين سان شادي ڪئي. ان بعد
سنگتراش معمار فرهاد، شيرين واري محلات ۾ ڪم ڪندي،
شيرين کي ڏسي مٿس عاشق ٿيو ۽ ديوانو ٿي ’شيرين
شيرين‘ ڪندو ڦرندو رهيو. بدنامي کي روڪڻ لاءِ هن
ديواني کي ريجهائڻ جي رٿ رٿي وئي ۽ کيس بادشاهه
طرفان چيو ويو ته جي هو ”بيسِتون“ پهاڙ کي ٽاڪي
آرپار سرنگهه تيار ڪندو ته شيرين سندس ٿيندي. مقصد
هو ته فرهاد ايڏو پهاڙ ٽاڪي ڪونه سگهندو ۽ سندس
عمر انهيءَ ڪشالي ۾ پوري ٿي ويندي. مگر هن سچي
عاشق شيرين خاطر سرنگهه کي ذري گهٽ وڃي پار پڄايو،
جنهن تي بادشاهه پريشان ٿيو ۽ وزيرن سان صلاح ڪري
فرهاد کي خبر پهچايائين ته شيرين مري وئي. هن خبر
ٻڌڻ سان فرهاد پنهنجي تيشي سان پاڻ کي پورو ڪيو يا
صدمي سببان پساهه ڏنائين. شيرين کي هن سچي عاشق جي
سڄي ڄاڻ هئي ۽ هن صدمي کان متاثر ٿي هوءَ پڻ محلات
ڇڏي فرهاد تائين پهتي ۽ مٿس دم ڏنائين.
بادشاهه خسرو پرويز ۽ شيرين جي ڳالهه آڳاٽي دور
کان ايران ۾ توڙي ايران کان ٻاهر مشهور ٿي. غالباً
مُتنَبي (يا ڪنهن ٻئي عرب شاعر) پڻ پنهنجي شعر ۾
’قصر شيرين‘ (شيرين جي محلات) ۽ خسرو پرويز جي
شيرين سان محبت ڀرين رس رهاڻين جو ذڪر ڪيو آهي:
”فنا خسرو شاهنشاهه يَلهُو بِشيرينِ“ (ان محلات ۾
شهنشاهه خسرو، شيرين سان محبت ٿي ونڊي). ’قصر
شيرين‘ جا آثار اڄ تائين کنڊرن جي صورت ۾ موجود
آهن فرهاد وارو افسانو غالباً بعد ۾ فارسي شاعري
ذريعي هن قصي جو مکيه باب بنيو ۽ نظامي گنجوي جي
افساني (’خمسه‘ جي ٻي مثنوي، تصنيف سنه 571هه)
ذريعي ملڪان ملڪ مشهور ٿيو. سنه 991هه ۾ شاعر
’وحشي‘ ”فرهاد شيرين“ جي عنوان سان مثنوي لکڻ شروع
ڪئي، جنهن کي پوءِ ’وصال‘ شيرازي پورو ڪيو. فارسي
شاعرن جي جوڙيل انهن افسانن ۾ هي قصو تفصيل سان
موجود آهي.
سنڌ ۾ هي داستان ڪافي آڳاٽي وقت کان مشهور رهيو
آهي. لس ٻيلي جي روايتن موجب، اهو جبل جو فرهاد
ٽاڪيو هو، سو ’ٻيلي‘ جي شهر کان اتر- اولهه طرف لس
ٻيلي جي سرحد تي واقع آهي. ’شيرين فرهاد‘ جي ڪتابي
روايت غالباً پهريائين وطڻ مل، اردو مان سنڌي نثر
۾ ترجمو ڪئي ۽ ان ۾ پنهنجي طرفان موقعي بموقعي
سنڌي بيت اضافو ڪيا. اهو ترجمو پوڪرداس پهريون
ڀيرو سنه 1920ع ۾ شڪارپور مان شايع ڪيو ۽ ان جو
ٻيو يا ٽيون ڇاپو سنه 1924ع ۾ ڇپيو. سنه 1928ع ۾
سکر مان پڻ قصو ’شيرين فرهاد‘ شايع ٿيو.
هن جلد ۾ وطڻ مل واري ترجمي جي اختصار کي قصي جي
’پهرين روايت‘ طور رکيو ويو آهي. ان بعد ’ٻي
روايت‘ ڏني وئي آهي، جا ٽنڊي الهيار مان ملي ۽ سنڌ
۾ عام مشهور آهي. ان ۾ بادشاهه خسرو پرويز جو نالو
ڪونهي ۽ فقط ’ايران جي شهزادي‘ شيرين ۽ فرهاد جي
محبت جو داستان سمايل آهي.
مشهور شاعر شاهه محمد ديدڙ، ”شهزادي شيرين“ جو قصو
بيتن ۾ جوڙيو، جنهن جي سٽاء ’شيرين فرهاد‘ واري
داستان کان نرالي آهي. اهو قصو مصر جي شهزادي
شيرين ۽ حڪيم عبدالرحيم جي عشق جو داستان آهي، پر
جيئن ته ان جو عنوان ”شيرين شهزادي“ آهي، انهيءَ
ڪري نالي جي نسبت جي لحاظ سان اهو داستان پڻ ’ٽئين
روايت‘ (ص ص 363- 381) طور هن جلد ۾ شامل ڪيو ويو
آهي.
7. ليليٰ مجنون: هي عربن جي مشهور عشقيه قصن مان
آهي؛ بلڪ دنيا جي عشق ۽ محبت جي اهم داستانن مان
آهي جو ملڪان ملڪ مشهور آهي.ا صل عربي حڪايت مختصر
طور هيئن آهي ته: قَيس بن المُلوح (يا قيس بن
مُعاذ) بَنُو عامر قبيلي جو هڪ نوجوان هو، جو
پنهنجي قبيلي جي ڇوڪري ليليٰ بنت سَعد تي عاشق ٿيو
۽ سندس سڱ گهريائين، پر ليليٰ جي پيءُ کيس سڱ ڏيڻ
کان انڪار ڪيو؛ جنهن تي قيس، ليليٰ جي عشق ۾
ديوانو ٿي پيو ۽ بربيابان ووڙيندو ’ليليٰ‘ ’ليليٰ‘
پڪاريندو رهيو، ۽ انهيءَ ڪري ’مجنون‘ (ديوانو) جي
لقب سان مشهور ٿيو. انهيءَ عشق ۽ ديوانگي واري
حالت ۾ سنه 80 هجري ۾ وفات ڪيائين. عالمن جي راءِ
۾ ’مجنون‘ محض ’ليليٰ مجنون‘ افساني جو هڪ خيالي
ڪردار آهي. فارسي شاعرن خاص طور ’ليليٰ مجنون‘ جي
حڪايت ۾ پنهنجي شاعري جا گل پوتا، ۽ ان کي هڪ
دلپذير افساني جي صورت ۾ پيش ڪيو، جو خصوصاً
نظامي، امير خسرو، جامي، هلالي ۽ هاتفي جي جوڙيل
شاهڪارن ذريعي مشهور ٿيو. نظامي گنجوي جي ’خمسه‘ ۾
مثنوي ’ليليٰ مجنون‘ تُرڪي ۾ حمدي ۽ فضولي جا
جوڙيل ’ليليٰ مجنون‘ شاهڪارن جي حيثيت رکن ٿا. ٻين
ٻولين ۾ پڻ هي داستان منظوم ٿيو، جن مان ٽيو نمبر
آهي، جا هن سنه 584هه ۾ جوڙي ۽ سڀ کان اول مشهور
ٿي.
سنڌ ۾ ’ليليٰ مجنون‘ جو داستان آڳاٽي وقت کان وٺي
مشهور آهي. سنڌي شاعرن سنڌيءَ ۾ جيڪي ٻاهريان قصا
منظوم ڪيا آهن ۽ اسان تائين پهتا آهن، تن ۾ ’ليليٰ
مجنون‘ سڀ کان آڳاٽو آهي، جو ڪڇ جي شاعر سيد فاضل
شاهه تاريخ ”27- رمضان 1126هه“ تي جوڙي راس ڪيو.
ان کان 75 سال کن پوءِ خليفي عبدالله نظاماڻي سنه
1208هه سنڌي مثنوي ۾ ’ليليٰ مجنون‘ منظوم ڪيو. اهي
ٻئي قصا آڳاٽو ڇپيا: سنه 1858ع ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ ’عربي
صورتخطي ۾ سنڌي انتخاب‘
لنڊن مان شايع ڪيو، جنهن ۾ فاضل شاهه جو ’ليليٰ
مجنون‘ پڻ شامل آهي. ان بعد ’مطبع فتح الڪريم،
بمبئي‘ مان فاضل شاهه توڙي خليفي عبدالله نظاماڻي
وارا جوڙيل قصا ”ليليٰ مجنون فاضلي“ ۽ ”ليليٰ
مجنون خليفه“ جي عنوان سان ڇپيا.
غالباً ان بعد سنه 1889ع ۾
ماستر هريسنگ، مصطفائي پريس لاهور مان ’ليليٰ
مجنون‘ ڇاپارايو، جنهن جي سرورق تي عنوان هن طرح
ڏنل آهي ”قصو ليليٰ ۽ مجنون جو، اصل جوڙيل جناب
سيد فاضل محمد صاحب، محترم ميان قادر بخش ولد محمد
سليمان رهندڙ شڪارپور جي ترجمون ڪري موڪليو.“ اهو
عنوان ذرا منجهائيندڙ آهي؛ ڇاڪاڻ ته اهو قصو ساڳيو
سيد فاضل شاهه وارو آهي، جو ميان قادربخش، ٽرمپ
واري ’انتخاب‘ يا ڪنهن قلمي نسخي تان هريسنگ وارن
ڏانهن اتارو (۽ نه ترجمو) ڪري موڪليو. خوش نصيبيءَ
سان اسان کي فاضل شاهه جي ’ليليٰ مجنون‘ جو- ڊاڪٽڙ
ٽرمپ واري ’انتخاب‘ کان به اڳ سنه 1275هه ۾ خود ڪڇ
۾ لکيل هڪ قلمي نسخو مليو، جنهن کي ميان قادربخش
واري اتاري سان ڀيٽي، هن جلد ۾ شامل ڪيو ويو آهي
(ص ص 395- 436).
فاضل شاهه ۽ خليفي عبدالله نظاماڻي جي جوڙيل
’ليليٰ مجنون‘ کان سواءِ هي قصو سنڌ جي ٻين شاعرن
پڻ سنڌي ۾ منظوم ڪيو آهي؛ جن ۾ مل محمود پلي، عرض
محمد چانڊيي
۽ فقير علي محمد قادري جا
جوڙيل ’ليليٰ مجنون‘ شايع ٿي چڪا آهن. حاجي امام
بخش خادم پڻ ’ليليٰ مجنون‘ مرتب ڪيو پر شايع نه
ٿيو آهي.
سنه 1920- 1930ع واري عرصي ۾ سنڌ ۾ ڪتب فروشن ڪافي
ڀيرا ليليٰ مجنون جو قصو ڇپايو. جيئن ته:
-اصل وڏو قصو ليليٰ مجنون جو، بيتن ۾ جوڙيل ميان
عرض محمد چانڊيي جو، هريسنگ ۽ سنس، سکر (8- ڊسمبر)
1921ع.
-ليليٰ مجنون، مل محمود پلي، سيد مٺن شاهه،
حيدرآباد
-ليليٰ مجنون تصنيف فقير علي محمد قادري، لاڙڪاڻو.
-ليليٰ مجنون (53 صفحا)، هيمنداس بڪ سيلر، شڪارپور
(24 مئي) 1921ع.
-ليليٰ مجنون مرتب هوتچند، سکر 1921ع
-لييٰ مجنون، پوڪرداس ۽ سنس (؟)، شڪارپور 1924ع
-ليليٰ مجنون، ڪراچي 1926ع
’قصو ليليٰ مجنون جو، سکر 1927ع
8- قصو خدا دوست جو: هڪ عشق ۽ محبت جو داستان آهي
جنهن کي سلطان محمود غزنوي جي دور ۾ غزني شهر جي
ماحول ۾ ڳايو ويو آهي. لس ٻيلي، ڪوهستان ۽ ميرپور
ساڪري طرف جي سگهڙن وٽ هن داستان جي رهاڻ عام آهي،
۽ هن جلد ۾ شامل بيتن جون ٻه روايتون پڻ لس ٻيلي ۽
دُريجي مان مليون. تازو سنڌ جي خوشگو شاعر ميان
ثناء الله ثنائي جو جوڙيل قصو ”مثنوي محمود غزنوي
عرف سچو عشق“ جي عنوان سان پاڪستان پريس لاڙڪاڻو
مان ڇپيو؛ جنهن مان پڻ متن ۾ شامل ڳالهه (ص ص
500-508) جي ڪن ٽاڻن ۽ اهڃاڻن کي حاشين ۾ نروار
ڪيو ويو آهي. هن جلد مرتب ڪرڻ وقت، اسان کي هن قصي
جون اهي ئي روايتون دستياب ٿي سگهيون، پر سنڌ ۾ هي
قصو گهڻي وقت کان وٺي مشهور آهي ۽ گذريل صدي جي
آخر ۾ ان جي ڇپجڻ جو پڻ اهڃاڻ ملي ٿو. قاضي محمد
عنايت الله مٽيارن واري جو ”مسجع عبارت ۽ غزلن
سان“ جوڙيل ”نتيجھ عشق، خدا دوست جو قصو“ 1313هه ۾
يا ان کان ٿورو اڳ ڇپيو؛
ان بعد سنه 1921ع ۾ ”خدا دوست“ جي عنوان سان ۽ وري
سنه 1927ع ۾ ”قصو خدا دوست ۽ هڪ عورت جو“ عنوان
سان سکر مان ڇپيو.
9. سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال: هي داستان دنيا جي
وڏي ۾ وڏي ۾ پهرئين مشهور افسانوي دفتر ”الَف
لَيلھ و لَيلةِ“ (هڪ هزار ۽ هڪ راتين جا داستان)
جي ڳالهين مان هڪ ڳالهه آهي،
جا سنڌ توڙي هند ۾ هڪ مستقل افساني طور مشهور ٿي ۽
ان کي ڪيترن ئي شاعرن فارسي توڙي علاقائي ٻولين ۾
منظوم ڪيو.
سنڌ ۾ هي قصو سمن جي دور يا اڃان به آڳاٽي وقت کان
مشهور رهيو؛ ايتريقدر جو سنڌ وارن هن قصي کي
پنهنجو بنائي ڇڏيو. بديع الجمال ’الف ليله‘ واري
افساني جو ڪردار آهي، پر سنڌ جي پنهنجي مقامي
روايت موجب ’بديع الجمال‘ جو داستان، دلو راءِ جي
دور ۾ سنڌو درياء جي اروڙ وٽان وهڪري بدلائڻ سان
وابسته آهي. ان روايت مطابق دلوراءِ جي حڪومت واري
دور ۾، هڪ سوداگر اچي اروڙ وٽ لنگر انداز ٿيو. کيس
بديع الجمال نالي هڪ سهڻي ڌيءَ هئي ۽ دلوراءِ
دستور موجب حڪم ڪيو ته سوداگر ’بديع الجمال‘ کي
شاهي محل ڏي موڪلي. سوداگر مهلت گهري، ۽ ان عرصي ۾
اروڙ وٽان درياء کي ٻنڌ ڏياري، درياء جو رخ
ڦيرائي، پنهنجا ٻيڙا ان نئين وهڪري مان ڪڍي ويو ۽
سندس نياڻيءَ جي لڄ رهجي آئي. درياء جي رخ ڦيرڻ
سببان پوءِ دلوراءِ جي بادشاهي پڻ برباد ٿي وئي.
’بديع الجمال‘ جي قصي جي هيءَ آڳاٽي سنڌي روايت،
مير طاهر محمد نسياني پنهنجي ڪتاب ”تاريخ طاهري“
(تصنف سال 1027هه) ۾ قلمبند ڪئي آهي، جنهن ۾ فقط
بديع الجمال جو نالو ڄاڻايل آهي. پر سنڌ جي عوام
’بديع الجمال‘ سان گڏ ’سيف الملوڪ‘ کي به ڪو نه
وساريو ۽ سندن اهڃاڻن کي اڄ تائين ياد رکيو آهي.
مقامي روايتن موجب ’اڀرندو نارو‘ ان وقت مکيه
درياء هو ۽ سيف الملوڪ انهيءَ درياء رستي ’بديع
الجمال‘ جي ڳولا ۾ آيو ۽ درياء جي ڪناري تي منزلون
ڪيائين. سندس ٻَڌايل کوهه، تعلقي بدين ۾ ’ڪڍڻ‘ جي
شهر کان 15 ميل کن اوڀر- ڏکڻ طرف، هڪ شاهي ڀٽ تي
موجود آهي ۽ اڄ تائين ”سيف الملوڪ جي وانء“ جي
نالي سان سڏجي ٿو. انهيءَ وانء کي ويجهو اتر- اوڀر
طرف، هڪ ڪافي وڏي تانگهي ڍنڍ موجود آهي جا ”پرين
جي تلاء“ جي نالي سان سڏجي ٿي. بديع الجمال پري
انهيءَ تلاءَ تي چوڏهين رات وهنجڻ ايندي هئي ۽ کيس
ملڻ لاءِ سيف الملوڪ سامهون ڀٽ تي کوهه کڻائي، محل
اڏائي اچي رهيو. اسان اهي آثار ڏٺا آهن ۽ ڏسڻ وٽان
آهن. ازانسواءِ شهزادو سيف الملوڪ جڏهن اتي ڪي
ڏينهن رهيو ته سندس ساٿ مان ڪن وفات ڪئي، جن کي
(سيف الملوڪ جي وانءِ کان) 3 ميل اتر-اوڀر طرف، هڪ
مقام ۾ دفن ڪيو ويو ۽ انهيءَ ڪري اڄ تائين ان کي
”سيف الملوڪ جو مقام“ سڏين ٿا.
”الف ليلھ“ جي افساني مطابق سيف الملوڪ مصر جي
بادشاهه عاصم شاهه جو پٽ هو، جو بديع الجمال پريءَ
تي اڻ ڏٺو عاشق ٿيو ۽ پنهنجي والد جي وڏي وزير
صالح جي پٽ ۽ پنهنجي هم عمر رفيق ’سعد‘ کي ساڻ
ڪري، مصر مان ٻيڙن جو ساٿ سنباهي روانو ٿيو؛ ڪيترن
ڏکن ڏاکڙن بعد آخر وڃي بديع الجمال پري کي ڳولي
لڌائين ۽ ساڻس شادي ڪري، ڪشالن بعد خير سان وري
واپس وطن وريو. ’الف ليله‘ وارو هي افسانو پڻ
يارهين صدي هجري کان اڳ سنڌ ۾ مشهور ۽ مقبول رهيو،
تان جو ٺٽي جي نواب امير ابوالبقا (1052- 1057ع)
جي فرزند امير ابوالمڪارم شهود ان کي فارسيءَ ۾
منظوم ڪيو. نثر ۾ پڻ هي قصو سنڌ ۾ رائج رهيو. تازو
لنڊن ۾ (سيپٽمبر 1963ع) فارسي نثر ۾ ٺٽي جو لکيل
هڪ خوشخط ۽ مصور قلمي نسخو ”داستان قصه سيف الملوک
پسر عاصم بن صفوان وبديع الجمال“ جي عنوان سان
اسان جي نظر مان گذريو، جنهن جي آخر ۾ هيٺين ريت
قلمبند ٿيل آهي:
”تمت کتاب سيف الملوک و بديع الجمال بعنوان حضرت
الوهاب
از دست فقير پر تقصيرالراجي الي رحمة ربه الغني
عبده
محمد وارث و بتاريخ چهارم شهر شعبان المعظم سنه
1189هه در دارالصفا بلده تهة في يوم السبت بوقت
نماز عصر بالخبر والظفر صورت اختتام يافت.“
سنڌ ۾ هن افساني جي مقبوليت انهيءَ مان ظاهر آهي،
جو هن جلد مرتب ڪرڻ وقت سڄيون ساريون يارهن مختلف
روايتون (ص ص 517-180) دستياب ٿيون؛ جن مان تاريخ
طاهري واري روايت ۽ پنج منظوم روايتون متن ۾ شامل
ڪيون ويون آهن، ۽ ٻين جا اختلاف شروع واري تفصيلي
ڳالهه (ص ص 521- 548) جي حاشين ۾ نروار ڪيا ويا
آهن. موجوده معلومات جي بناء تي چئي سگهجي ٿو ته
سنڌي ۾ هي قصو پهريائين شاعر بهار ٻَپڙ، ميان
نورمحمد ڪلهوڙي جي آخري دور يا ميان غلام شاهه جي
اوائلي دور ۾ سنڌي بيتن ۾ جوڙيو. ميان غلام شاهه
جي اوائلي عروج بابت بهار ٻيڙ جي سرائڪي نظم جي
هيءَ مصرع مشهور آهي ته: ”گُلان وچون گل پيدا ٿيا،
ڪجهه کُليا هي ڪجهه کُلسي.“ بهار بعد سنه 1199هه ۾
لطف علي ’سيفل نامون‘ جوڙيو جو پهريون ڀيرو لاهور
مان سنه 1872ع ۾ شايع ٿيو. بهار جو چيل ’سيف
الملوڪ‘ سرڪاري تعليم کاتي جي طرفان سنه 1884ع کان
اڳ ٻه ڀيرا سايع ٿيو ۽ سنه 1884ع ۾ ان جو ٽيون
ڇاپو ۽ سنه 1890ع ۾ ان جو چوٿون ڇاپو ڪراچي مان
شايع ٿيو. ٽيون ڇاپو 87 صفحن (ڊيمي سائيز) تي
مشتمل آهي ۽ مٿان سرورق تي عنوان ۽ ٻي عبارت
هيٺينءَ طرح ڏنل آهي:
”قصو صيفل ملوڪ ۽ بديع الجمال جو
سنڌي بيتن ۾ ٺاهيل بهار نالي ذات ٻيڙ، جو آخوند
عبدالرحيم پٽ محمد وفا عباسي جي تعليم کاتي لاءِ
ورنيڪيولر لٽريچر ڪاميٽي جي پيش ڪيو.“
بهار ٻپڙ کان سواءِ، جمال نالي هڪ شاعر ’سيف
الملوڪ‘ جي قصي کي ابوالحسن، مخدوم محمد هاشم ۽
ٻين بزرگن جي ’الف اشباع‘ واري قافيي سان نظم جي
نموني تي، هم قافيه مصراعن سان ڊگهن بندن جي صورت
۾ منظوم ڪيو، جو سنه 1305هه کان اڳ ’مطبع فتح
الڪريم، بمبئي‘ مان ليٿو ۾ ڇپيو. اسان کي اهو ڪتاب
شڪسته حالت ۾ (اڳيان توڙي پويان صفحا ڦاثل) مليو،
جنهن جو اختصار متن ۾ (ص ص 549- 602) شامل ڪيو ويو
آهي. نظم جي سٽاء مان ڀانئجي ٿو ته شايد جمال
پنهنجو قصو ٻارهين صدي هجري جي شروع يا وچ ڌاري
جوڙيو. بهار ۽ جمال جي جوڙيل قصن کان سواءِ، هن
قصي جون ٽي ٻيون روايتون به هن پوئين دور جي عوامي
شاعرن (محمود شيخ، منو چانڊيو ۽ قاسم) جون چيل هن
جلد ۾ شامل ڪيون ويون آهن.
10. مل محمود ۽ مهرنگار: هي خالص سنڌ جو عوامي قصو
آهي، ۽ ’نيرون ڪوٽ‘ جي اسلامي فتح جو هڪ افسانوي
يادگار آهي. ان جو مرڪزي نقطو مل محمود ۽ نيرون جي
ڌيءَ ’مهرنگار‘ جي محبت جو داستان آهي. نيرون ڪوٽ
موجوده حيدرآباد جي قلعي واري ماڳ تي هڪ قديم بستي
هئي، جنهن کي چوڌاري شاهي ڪوٽ هو. راجا ڏاهر جي
ڏينهن ۾، جڏهن سامونڊي ڪناري لڳ مسلمانن جي ٻيڙن
کي ڦريو ويو ته اهي مسافر نيرون ڪوٽ ۾ نظربند ڪيا
ويا. اتي جو حاڪم ٻڌڌرم جو پوئلڳ هو، جنهن قيدين
سان سهڻو سلوڪ ڪيو. هو صلح جو خواهان هو ۽ محمد بن
قاسم جي فتح وقت پڻ هن ساڻس صلح ڪيو ۽ قلعي جو
دروازو کوليو. هن افساني جي لحاظ سان، مل محمود
عربستان مان نيرون ڪوٽ ۾ آيو ۽ مهرنگار تي عاشق
ٿيو، جنهن تي راجا نيرون کيس قيد ڪري هڪ اونداهي
کوهه ۾ رکيو. پوءِ حضرت علي، مل محمود جي مدد لاءِ
آيو ۽ جنگ لڳي جنهن ۾ مل محمود ۽ مهرنگار (جنهن مل
محمود جو ساٿ ڏنو) ٻئي مارجي ويا، جيتوڻيڪ فتح
حضرت علي جي لشڪر جي ٿي. ظاهراً اهو بيان هڪ
افسانو آهي، جنهن جو تاريخ سان ڪو تعلق ڪونهي.
عوام جي خيال ۾ مل محمود ساڳيو ’شاهه محمد مڪي‘
آهي، جو حيدرآباد جي ڪچي قلعي ۾ مدفون آهي. تحريري
روايتن موجب سيد محمد مڪي 5- صدي هجري ۾ مڪي کان
نيرون ڪوٽ ۾ آيو، مگر اهڙي پڪي ثابتي موجود ڪانهي.
افساني جي اهڃاڻن مان گمان نڪري ٿو ته شايد سيد
محمد مڪي، محمد بن قاسم جي لشڪر سان گڏ يا ان کان
به اڳ نيرون ڪوٽ ۾ آيو هجي ۽ مهرنگار سانس ندس
محبت جو داستان شايد سچو هجي. سنڌ جي سگهڙن ڏورن ۽
ڳجهارتن ۾ هن قصي جا ڪافي اهڃاڻ ڏنا آهن.
|