روايت
[3]
سڪندر بادشاهه
ڪنهن ملڪ ۾ ’افلاطون‘ نالي هڪ شخص رهندو هو، جو
حڪمت ۽ علم نجوم جو ڄاڻو هو. هڪڙي ڏينهن پنهنجي
علم جي زور سان ڏٺائين ته اڄ کان ٻه سو ورهين بعد،
سڪندر نالي هڪ شخص پيدا ٿيندو، جو روءِ زمين جو
بادشاهه ٿيندو. پر ان وقت جيڪڏهن آءٌ سندس وزير
هوندس ته کيس ’نِڪونج ڪُن‘ ۽ ’ڪينَ‘ جي شهر جو سير
ڪرائي سگهندس؛ پر آءٌ ته ٻه سو ورهيه زنده ڪين رهي
سگهندس! اهو خيال ڪري انسان جي قد جيڏي هڪڙي پيتي
تيار ڪرائي، هڪڙيءَ ڪوٺيءَ ۾ رکايائين، جنهن ۾ دري
دروازو ڪونه هو. پوءِ هڪڙي دوا پنهنجي بدن کي
چڱيءَ طرح لڳائي، پنهنجي علاج جو ڪتاب لکي ان
پيتيءَ ۾ رکي، ڪوٺيءَ کي فقط سڪندر بادشاهه کولي
سگهي ٿو. پوءِ ڪوٺي سڄي بند ڪرائي، پاڻ پيتيءَ
اندر سمهي رهيو. انهيءَ ڳالهه کي ڪافي وقت گذري
ويو. هرڪو ماڻهو ڪتبو پڙهي درگذر ڪري ڇڏيندو هو.
قصو ڪوتاهه..... ٻن سون ورهين کان پوءِ سڪندر به
ڄائو ۽ آخرڪار پنهنجي ملڪ جو بادشاهه ٿيو. هڪڙي
ڏينهن گهمندي گهمندي اچي انهيءَ شهرن مان لانگهائو
ٿيو. جڏهن ان ڪوٺيءَ وٽان لنگهيو، تڏهن ڪتبو پڙهي
حيرت ۾ پئجي ويو. آخر حڪم ڏنائين ته: ڪوٺيءَ کي
کوليو وڃي. حڪم مطابق ڪوٺيءَ کي ڪنهن هنڌان ڀڃي
دروازو ڪيائون. جڏهن سڪندر ان ۾ داخل ٿيو، تڏهن ڇا
ڏسي ته اندر هڪڙيءَ پيتيءَ ۾ هڏائون پڃرو پيو آهي.
سيرانديءَ کان هڪڙو ڪتاب رکيل هو، جو کڻي کولي
پڙهيائين ته ان ۾، هڏائين پڃري جي چڱي ڀلي ٿيڻ جو،
سربستو احوال لکيل هو. سڪندر يڪدم حڪم ڪيو ته ڪتاب
۾ جيڪي لکيل آهي، ان موجب افلاطون جو علاج ڪيو
وڃي. حڪم موجب هڪڙي دوا ٺهي، جا ڇهن مهنن تائين
هڏائين پڃري تي هڻندا رهيا. قدرت سان ان تي گوشت
ورڻ لڳو. پوءِ وري تيل جي مالش شروع ٿي، جا پڻ ڇهه
مهينا ساندهه هلندي رهي. آخري هن کي پيتيءَ مان
ڪڍي پلنگ تي ليٽايائون. ٿورن ڏينهن بعد افلاطون
اکيون کوليون ۽ ڏسڻ لڳو. سڪندر ڏاڍو خوش ٿيو. ٽن
مهينن کان پوءِ افلاطون بلڪل چڱو ڀلو ٿي اٿي ويٺو.
ان وقت افلاطون اهڙو چڱو ڀلو ٿي چڪو هو، جو پاڻي
پي، اُٺ تي سوار ٿي، چڪر لڳائي واپس اچي ويٺو.
سڪندر هن کان پيتيءَ ۾ بند ڪرائڻ بابت پڇيو. جنهن
تي افلاطون ٻڌايو ته: آءٌ ٻه سو ورهيه انهيءَ هوا
۾ زنده رهي نه سگهان ها. مون پنهنجي علم جي زور
سان ڏٺو ته توهين ٻن سون ورهين کان پوءِ پيدا
ٿيندا ۽ سڄيءَ دنيا تي بادشاهي ڪندا، پوءِ جي آءٌ
اوهان سان گڏ هوندس ته ’نڪُونج ڪُن‘ ۽ ’ڪين‘ جي
شهر جو اوهان کي سير ڪرائيندس. تنهنڪري هوا کان
بچڻ لاءِ پاڻ کي پيتيءَ ۾ بند ڪرايم. تڏهن سڪندر
چيس ته: پوءِ ڀلا نڪونج ڪُن ۽ ڪِين جي شهر جو هلي
سير ڪراءِ. افلاطون چيو ته: هڪ سو ٻيڙا هر جنس جا
ڀرايو ته هلون. سڪندر تمام گهڻو خزانو لُٽايو تڏهن
به نوانوي ٻيڙا مال سميت تيار ٿيا. ٻيڙن ۾ چڙهڻ
کان اڳ افلاطون چيو ته: هڪ شرط آهي ته جوان عورت ۽
پوڙهو ماڻهو ٻيڙن ۾ نه چڙهي.
ڪجهه ڏينهن جي سفر کان پوءِ، سڪندر کي اچي پنهنجي
زال ياد پئي. انهيءَ حالت ۾ ڏاڍو پريشان گذارڻ
لڳو. افلاطون اهو حال ڏسي، سڪندر کي چيو ته:
جيئندا قبلا! جي مونکي اجازت ڏيو ته آءٌ واپس وڃي،
اوهان جي راڻيءَ جي تصوير ڪڍي اچي اوهان کي ڏيان.
اهو انجام ٿو ڪريان ته سندس صورت بلڪل نه ڏسندس.
سڪندر هن کي اجازت ڏني، هيءُ هڪڙو ٻيڙو ڪاهي واپس
روانو ٿيو. شهر ۾ پهچي محلات ۾ چوائي موڪليائين
ته: اندر جيڪو پاڻيءَ جو چشمو آهي، ان جي هڪڙي
پاسي ريشمي پردو ٽنگيو وڃي، ۽ ان جي پويان راڻي
اچي ويهي، جو مون کي بادشاهه جي حڪم سان تصوير
ڪڍڻي آهي. اطلاع پهچندي ئي سڄو بندوبست ٿي ويو.
راڻيءَ جو پاڇو ان ريشمي پردي مان نڪري پاڻيءَ تي
پيو، اتان ڏسي افلاطون، راڻيءَ جي تصوير چٽي؛
ايتريقدر جو راڻيءَ جي بدن تي جيڪي تِر هئا، سي به
تصوير ۾ اچي ويا افلاطون اها تصوير کڻي، ٻيڙي م
چڙهي اچي سڪندر وٽ پهتو. سڪندر تصوير ڏسي ڏاڍو خوش
ٿيو؛ پر جڏهن انهن تِرن تي نظر پيس، تڏهن اهڙي
ڪاوڙ آيس جو حڪم ڪيائين ته: ’هن جون يڪدم اکيون
ڪڍي مونکي آڻي ڏيو.‘ ڇاڪاڻ جو هن کي پڪ ٿي ته
افلاطون، راڻيءَ جي صورت ڏسي تصوير چِٽي آهي.
بادشاهه جي حڪم موجب، هن جون اکيون ڪڍي هڪڙي ٻيڙي
تي آڻي ڇڏيس، جتان سڪندر هن کي ڏسي نه سگهي.
جيئن ته سمنڊ جي گَس جي خبر فقط افلاطون کي هئي، ۽
هينئر اهو انڌو ٿيو ويٺو هو، تنهنڪري ٻيڙا بيراهه
هلندا رهيا. هلندي هلندي هڪڙي اهڙي هنڌ اچي اٽڪيا،
جتي رڳا نانگ ئي نانگ هئا. نانگن يڪدم گهيرو ڪري
سڀ ٻيڙا ٻڌي ڇڏيا. اهو لقاءُ ڏسي سڪندر ڏاڍو
پريشان ٿيو، ۽ حڪم ڪيائين ته: افلاطون کي وٺي اچو.
مهاڻن، انڌي افلاطون کي آڻي بادشاهه اڳيان حاضر
ڪيو. سڪندر چيس ته: افلاطون! چوڌاري نانگن جو
گهيرو ٿي ويو آهي، هنن جي ٻولي اسين سمجهون ڪونه
ٿا. تون کانئن پڇ ته ڇا ٿا چون! افلاطون نانگن کان
پڇيو، جن چيو ته: اوهين بنان اجازت اسان جي ملڪ ۾
ڪاهي آيا آهيو. تنهن تي افلاطون هنن کي چيو ته:
اسين ڀلجي اچي نڪتا آهيون، جي هاڻي اجازت ڏيو ته
ٻيو رستو ڏيئي هليا وڃون. آخر نانگن هنن کي رستو
ڏنو، ۽ هي ٻيڙا هاڪاري نڪري ويا.
هڪڙي ڏينهن مهاڻا ڏسن ته ڪاغذ جي گهوڙي تي هڪڙو
ماڻهو سوار ٿيو اڏامندو وڃي. ڊوري اچي افلاطون کي
اها خبر ٻڌايائون. جنهن چيو ته: اهو ارسطو هوندو.
هاڻي اوهين هيئن ڪريو، جو وري جڏهن اهو ماڻهو اچي
لنگهي، تڏهن پاڻي گهوڙي کي هڻندئو ته ارسطو پاڻيءَ
۾ ڪري پوندو. پوءِ رسو اڇلائي ڏجوس، جنهن کي وٺي
اوهان وٽ اچي پهچندو. ٻئي ڏينهن مهاڻا اڳئي انهيءَ
تاڻ ۾ بيٺا هئا؛ ته وري به اهو ساڳيو گهوڙي سوار
اتان اچي لانگهائو ٿيو. هنن يڪدم پاڻيءَ جو ڦوهارو
هنيو ته ڪاغذ جو گهوڙو ڀڄي پيو، ۽ سوار سوڌو اچي
پاڻيءَ ۾ ڪريو. پوءِ رسو اڇلائي، ارسطو کي ڇڪي آڻي
افلاطون اڳيان حاضر ڪيائون. افلاطون کي ڏسندي ئي
ارسطو چيو ته: يار! انڌو ٿيو ويٺو آهين؟ تڏهن هن
چيس ته: ڪنهن جي عشق کڻي انڌو ڪيو آهي... ارسطو!
تون منهنجو يار به آهين، ٻئي هڪڙي استاد جا شاگرد
آهيون. هاڻي مهرباني ڪري تون استاد کي منٿ ڪري،
مونکي بينائيءَ جي ڪا دوا آڻي ڏي. ارسطو چيو ته:
آءٌ ڪوشش ڪندس، اڳتي کٽي تنهنجي قسمت. پوءِ هن اتي
جو اتي ڪاغذ مان گهوڙو ٺاهيو ۽ افلاطون کي دلداري
ڏيئي گهوڙي تي چڙهي روانو ٿي ويو. ارسطو انهيءَ
گهڙيءَ پنهنجي استاد وٽ اچي پهتو، ۽ هن کي افلاطون
جي سڄي حقيقت ٻڌايائين. جنهن تي استاد ڪنهن دوا
مان سرائي ڀري، ارسطوءَ کي ڏني ۽ چيائينس ته: هيءَ
سرائي افلاطون کي هٿ ۾ نه ڏجئين، پر پنهنجي هٿ سان
سندس اک ۾ پائيندين، ته سندس هڪ اک ۾ روشني ايندي.
ارسطو اها ڪاني کڻي افلاطون وٽ آيو ۽ ملاحن کي
چيائين ته: افلاطون کي جهليو ته آءٌ پنهنجي هٿ سان
سندس اک ۾ دوا وجهندس، اهو مونکي استاد جو حڪم
آهي. تڏهن افلاطون چيس ته: اها ڪاني ڏي ته آءٌ
پنهنجي هٿ سان اک ۾ دوا وجهندس. هڪڙيءَ تي هو.
ٻيءَ تي هو. نيٺ ارسطو ڪاني کڻي افلاطون کي ڏني؛
جنهن وٺي کڻي وات ۾ وڌي. ٿوريءَ دير کان پوءِ
چيائين ته: ارسطو! استاد کي منهنجا سلام ڏجئين ۽
چئجئينس ته تنهنجيءَ دعا سان ٻئي اکيون ٿي
وينديون.... مون سڄي دوا تيار ڪئي هئي، باقي هُن ۾
ٽنڊڻ جي پيٽ جي کَل جي ضرورت هئي. تڏهن ارسطو چيس
ته: افلاطون! تون بيعقل آهين، سرائي اک ۾ وجهڻ ڏين
ها ته گهٽ ۾ گهٽ هڪڙي اک ته ٿي پوي ها! هاڻي
تنهنجي مرضي. ائين چئي هو روانو ٿي ويو.
ارسطوءَ جي وڃڻ کان پوءِ، افلاطون دوا تيار ڪرڻ کي
لڳي ويو. اڃان اڌ محنت دوا ٺاهڻ ۾ هئي، ته مهاڻا
ڊوڙندا آيا ته ’ٻيڙا تير وانگر تکا پيا وڃن، انهن
کي موڙڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي اٿئون پر سڀ ناڪام.‘
ٻيڙن ۾ شور مچي ويو. سڀ اچي ڊنا ته الاجي ڇا
ٿيندو! هوڏانهن افلاطون دوا تيار ڪري، کڻي اکين ۾
پاتي ته باقاعدي ڏسڻ لڳو. اها خبر سڪندر بادشاهه
کي به ٻڌائي ويئي. جنهن افلاطون کي گهرائي چيو ته:
افلاطون! آهي ٻيڙا سڌا ڪيڏانهن پيا وڃن؟ افلاطون
چيو ته: بادشاهه سلامت! پاڻ نڪونج ڪُن جي گهيري
اندر پهچي چڪا آهيون، جنهنڪري ٻاهر نڪرڻ مشڪل آهي.
باقي هڪڙي ٻيڙي جي پٺ سان ٻئي ٻيڙي جي اڳين ڪنڊ
ملايو؛ پوءِ جڏهن ڪُن جي مٿان ٻيڙا ايندا، ته ڪُن
جي ٻاهران ڦرڻ لڳندا، ۽ ڪُن ايترن ٻيڙن کي هضم ڪري
نه سگهندو. اها ڳالهه ٻڌنديئي، سڪندر حڪم ڪيو ته
سڀني ٻيڙن کي هڪٻئي جي پويان سڌائيءَ ۾ ڪري، پوءِ
سڀني جون ڪنڊون پاڻ ۾ ملايو، اهو حڪم ٻڌنديئي يڪدم
ٻيڙن جي پُٺ ۽ اڳ ملائي، ڪڙن ۾ بند ڪيا ويا. جڏهن
ڪُن جي مٿان آيا، تڏهن ٿوري ئي ڦيري سان سڀ ٻيڙا
ڪُن جي مٿان ڦرڻ لڳا. ڦرندي ڦرندي ڪي ڏينهن گذري
ويا. آخر سڪندر بادشاهه، افلاطون کي چيو ته: سڄي
ڄمار اتي ئي ڦرندي ڦرندي گذري ويندي ڇا؟ تڏهن
افلاطون چيو ته: بادشاهه سلامت! رسي سان ڀريل ٻيڙو
گهرايو. آءٌ هڪڙي چرخي ٺاهي، ان تي چڙهي، رسو
چيلهه ۾ ٻڌي، ڪوهه قاف تي وڃي لهندس، جتي ڪروڙن جي
تعداد ۾ گرڙ پکي آهن. انهن کي اتان اڏائيندس. پوءِ
اهي پکي جڏهن ڪُن جي مٿان ايندا، تڏهن هوا بند ٿيڻ
ڪري، ڪُن جي وهڪري ۾ فرق اچي ويندو، ۽ پاڻي بيهي
ويندو. ان وقت ٻيڙن جا سُکانَ موڙي نڪري وڃجو. پر
جيڪڏهن غفلت ڪيو ته هميشه لاءِ انهيءَ گهيري مان
نڪري نه سگهندو. افلاطون سڄي ڳالهه سمجهائي، رسو،
ٻه زيلون ۽ چار ڏونڪا چيلهه سان ٻڌي، چرخيءَ ۾
چڙهي مٿي اڏاڻو، ۽ نظر کان غائب ٿي ويو.
افلاطون اڏامندو اچي ڪوه قاف تي لٿو. چوڌاري نظر
ڦيرائي ڏٺائين ته کيس لکن جي تعداد ۾ پکي ڏسجڻ ۾
آيا. هن به پاسو ڏيئي، انهن پکين کان پري وڃي،
زيلون ڇوڙي پَٽ تي رکيون. پوءِ سمنڊ ڏي منهن ڪري،
وٺي زور سان واڄو ڪيو. پکس عجيب قسم جو آواز ٻڌو،
سي وٺي سمنڊ ڏانهن اڏامڻ لڳا. افلاطون برابر ٽي
ڏينهن پئي واڄو ڪيو. جڏهن سڀ پکي اڏامي ويا، تڏهن
اتي ئي سمهي رهيو.
سڪندر بادشاهه ۽ سندس ماڻهو، انهيءَ ڏينهن کان وٺي
آسمان ڏانهن ڏسندا رهيا. آخر هڪڙيءَ رات، آسمان ۾
پکين جي اڏامڻ جو آواز تمام زور سان اچڻ لڳو.
جنهنڪري يڪدم هوا بند ٿي ويئي، ۽ ڪُن جي ڦيري ۾
فرق اچي ويو. سڪندر بادشاهه حڪم ڪيو ته: يڪدم
سُکان موڙي، ٻيڙا هاڪاريو، جيئن انهن پکين جي
هوندي ئي ڪُن جي گهيري مان نڪري وڃون. يڪدم حڪم جي
پيروي ڪئي ويئي، ۽ ٻيڙا ڪُن جي گهيري مان نڪري
ويا.
هوڏانهن ٿَڪ سبب افلاطون کي سمهندي چار ڏينهن گذري
ويا. قدرت سان اتي نانگن جون بادشاهيون هيون. هڪڙي
زمين تي ۽ ٻي سمنڊ ۾. هنن ٻنهي بادشاهتن جي پاڻ ۾
اصل کان وٺي دشمني هئي. جيڪڏهن پاڻيءَ جو نانگ
زمين تي آيو ٿي، ته زمين جا نانگ کيس ماري ڇڏيندا
هئا؛ ۽ جي زمين جو نانگ سمنڊ جي ڪناري تي ويو ٿي
ته سمنڊ جا نانگ کيس ختم ڪري ڇڏيندا هئا. انهيءَ
ڳالهه کي به عرصو گذري ويو هو. هڪڙي ڏينهن سمنڊ جي
نانگن جو شهزادو پنهنجيءَ طاقت جي زور تي، زمين تي
گهمڻ لاءِ نڪري پيو. زمين جي نانگن جو پيرسن
بادشاهه به هن کي مُنهن ۾ ملي ويو، ۽ سڃاتائينس ته
پاڻيءَ جي نانگن جو شهزادو آهي، سو اچي هن جي
پويان پيو. برابر چار ڏينهن ڊوڙايائينس، جنهن ۾ هن
کي سمنڊ ڏانهن وڃڻ نه ڏنائين. پاڻيءَ جي شهزادي
نانگ، پاڻ کي بچائڻ لاءِ ڏاڍا وس ڪيا، پر ڪٿي به
بچڻ جو آسرو نظر نه آيس، آخر اتي اچي نڪتو، جتي
افلاطون ستو پيو هو اتفاق سان انهيءَ مهل افلاطون
سُتي سُتي اوباسي ڏني. نانگ به ٻي واهه نه ڏسي، هن
جي وات مان پيٽ ۾ گهڙي ويو. انهيءَ تي افلاطون ڇرڪ
ڀري اٿيو، ڏسي ته هڪڙو نانگ ويٺو آهي. هن يڪدم پهڻ
کڻي نانگ کي هنيو ته اهو زمين جو بادشاهه نانگ مري
ويو. پوءِ سمنڊ جو شهزادو نانگ، هن جي وات مان
نڪري، هن جي پيرن ۾ ڦيريون پائڻ لڳو، ۽ چوڻ لڳو
ته: تو مون تي نه، پر سمنڊ جي سڀني نانگن تي وڏو
احسان ڪيو آهي. زمين جي هن پوڙهي نانگ جي ڪري اسين
ٻئي ڌريون پاڻ ۾ هميشه وڙهندا رهياسين. اهو وڏو
دشمن نو ماري وڌو. هاڻي مهرباني ڪري منهنجي پيءُ
وٽ هل ته توکي انعام وٺي ڏيان. افلاطون گهڻو ئي
چيو ته: تون نانگ آءٌ انسان، توسان گڏ ڪيئن هلي
سگهندس پر نانگ چيو ته: تون منهنجي ڦڻ تي ويهه، ۽
ڪنهن به قسم جو خيال نه ڪر. افلاطون ٽپ ڏيئي نانگ
جي ڦَڻ تي ويهي رهيو. نانگ سمنڊ جي مٿان تيز هلڻ
شروع ڪيو، ۽ ٿوريئي وقت ۾ اچي پنهنجي بادشاهت ۾
پهتو. ٻين نانگن جو شهزادي کي زنده ڏٺو، سي ڏاڍا
خوش ٿيا. پوءِ سڀئي گڏجي بادشاهه نانگ جي درٻار ۾
حاضر ٿيا، شهزادي پنهنجي پيءُ کي سڄي حقيقت
ٻڌائي. جنهن تي اهو به تخت تان لهي اچي افلاطون جي
پيرن ۾ ڦيريون پائڻ لڳو ۽ چيائين: تو اسان تي وڏو
احسان ڪيو آهي. انهيءَ جُوءِ ۾ اسان جو وڏو دشمن
اهو هو، سو ختم ٿي ويو؛ هاڻي انهيءَ ملڪ ۾ بنا
خطري جي گهمي سگهون ٿا. ائين چئي افلاطون کي
چيائين ته: سائين! هڪ ڏينهن مهماني قبول ڪريو.
تڏهن افلاطون چيو ته: مونکي هن وقت اجازت ڏيو جو
تمام ضروري ڪم اٿم. تڏهن وري بادشاهه چيو ته: ٻه
ڏينهن! افلاطون چيو ته: مونکي ضروري ڪم آهي
تنهنڪري اجازت ڏيو. تڏهن وري به بادشاهه نانگ چيو
ته: چار ڏينهن! اتي شهزادي نانگ، افلاطون کي چيو
ته: هتي جو قاعدو آهي ته جي ’نه‘ ڪندين ته پيا
ڏينهن وڌندا، تنهنڪري ’ها‘ ڪر! افلاطون چيو ته:
چار ڏينهن مهماني قبول آهي.
چار ڏينهن مهماني کائڻ کان پوءِ، بادشاهه نانگ وري
درٻار ڪوٺائي ۽ افلاطون کي چيائين ته: گُهر جيڪي
گهرڻو هجيئي! تڏهن شهزادي نانگ، افلاطون کي چيو
ته: ٻيو توکي آءٌ ئي گهڻو ڏيندس، منهنجي پيءُ کان
اها جيڪا سندس پڇڙيءَ ۾ مُنڊي پئي آهي، سا گهرينس.
افلاطون چيو ته: سائين! مونکي اها پڇڙيءَ ۾ پيل
منڊي گهرجي. بادشاهه ٽي دفعا پڇي، منڊي لاهي کيس
ڏني. افلاطون منڊي پاتي ته انهيءَ منڊيءَ ۾ پنهنجا
ٻيڙا ڏسجڻ ۾ آيس. هن شهزادي کي چيو ته: مونکي
پنهنجي ٻيڙن وٽ پهچاءِ. شهزادي نانگ هڪڙي نانگ کي
حڪم ڪيو، جنهن هن کي ڦڻ تي چاڙهي، ٻيڙن ڏانهن رخ
رکيو؛ تان جو اچي پنهنجي ٻيڙن تي پهتو. سڪندر،
افلاطون کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. حال احوال ڪندي
افلاطون کيس سڄو احوال ٻڌايو. سڪندر عجب ۾ پئجي
ويو، ۽ افلاطون کي چيائين ته: ڀلا هاڻي ’ڪينَ‘ جي
شهر جو سير ڪراءِ! تڏهن افلاطون، نانگ واري منڊي
آڱر مان لاهي کڻي سڪندر کي پاتي، ته انهيءَ منڊيءَ
مان هن کي ’ڪين‘ جو شهر ڏسڻ ۾ آيو. هي ٻيڙا ڪاهي
اچي ڪين جي شهر مٿان بيٺا. افلاطون سڪندر کي ٻڌايو
ته: هن رسي ۾ ٻارهن مهينا طاقت آهي تنهنڪري سال
کان اڳ ورڻ جي ڪوشش ڪجو ۽ ڪين جي شهر ۾ جڏهن وڃي
پهچو تڏهن هي ڪپي جو رسو قابو ڪنهن جاءِ يا وڻ سان
ٻڌجو، جو واپسيءَ ۾ اوهان کي ڪم ڏيندو، نه ته اُتي
رهجي ويندو. افلاطون پوءِ ڪپڙي جو ٻيڙو ۽ ڪپڙي جو
رسو ٺاهي، سڪندر بادشاهه جي چيلهه ۾ ٻڌي، ناکئن
کي چيو ته: آهستي آهستي ڍر ڏيئي بادشاهه کي هيٺ
لاهيو، پر، جتي رسي کي ڇٻي اچي، اتي روڪجو. ڳچ دير
کان پوءِ جڏهن رسي کي ڇٻي آئي، تڏهن ناکئن يڪدم
رسو روڪي ڇڏيو.
هوڏانهن سڪندر بادشاهه وڃي ’ڪين‘ جي شهر ۾ پهتو، ۽
هڪڙي وڏي وڻ جي چوٽيءَ سان پنهنجو رسو مضبوط ٻڌي،
پاڻ شهر ۾ گهڙيو. قضا سان اتي جي بادشاهه جي مُنڊي
چورائجي ويئي هئي، جنهن لاءِ سپاهي ڊڪ ڊوڙ ۾ هئا ۽
سڀني جي تلاشي پئي ورتائون. هيڏانهن سڪندر بادشاهه
جي هٿ ۾ جيڪا منڊي پيل هئي، اُن جهڙي ساڳي منڊي
هِن بادشاهه جي هئي. فرق صرف اِهو هو ته سڪندر
بادشاهه جي منڊيءَ تي اندرئين پاسي نالو لکيل هو.
سپاهين جي جڏهن منڊيءَ تي نظر پئي، تڏهن هن کي کڻي
قابو ڪيائون، ۽ آڻي بادشاهه جي درٻار ۾ حاضر
ڪيائونس. بادشاهه به پنهنجي منڊيءَ ڏسڻ کان سواءِ
کڻي قيد ۾ هنيس. رات جو جڏهن بادشاهه پنهنجي
راڻيءَ کي منڊي ڏيکاري سمورو احوال ڪيو، تڏهن
راڻيءَ منڊيءَ کي چڱيءَ طرح ڏسي، بادشاهه کي ٻڌايو
ته: هن منڊيءَ تي ’سڪندر‘ نالو لکيل آهي، مڄاڻ اهو
روءِ زمين وارو سڪندر بادشاهه آهي. بادشاهه اها
ڳالهه ٻڌي اچي وسواس ۾ پيو. يڪدم سپاهي ساڻ ڪري
قيدخاني ۾ آيو، ۽ سڪندر بادشاهه کي هٿ ٻڌي معافي
ورتائين. پوءِ هن کي وڏيءَ عزت آبروءَ سان آڻي
محلات ۾ رهايائين.
ٿوري گهڻي ڏينهن اتي جي بادشاهه، سڪندر کي پنهنجي
نياڻي پرڻائي ڏني. آخرڪار هڪڙي ڏينهن سڪندر پنهنجي
وطن ورڻ لاءِ سنبريو، تڏهن راڻيءَ چيس ته: آءٌ
سمنڊ جي پيدائش آهيان، زمين تي رهي ڪانه سگهنديس؛
باقي هڪڙي اٽڪل آهي، جو جڏهن به توکي سڪ ٿئي، تڏهن
مونکي اتي ويٺي ئي ڏسي سگهين ٿو. اهو هن طرح، جو
هيءُ اَٽو پاڻ سان کڻي وڃ. هن مان پڪل ماني کائي
رڳو هن طرف نظر ڪندين ته آءٌ توکي نظر ايندس. پوءِ
هنن موڪلايو. موڪلائڻ وقت راڻيءَ کيس ٻين سو کڙين
سان گڏ اَٽي جي هڪ ننڍي ڳوٿري به ڏني. سڪندر
بادشاهه سڀ سوکڙيون کڻي، انهيءَ وڻ وٽ اچي، رسو
کولي پنهنجيءَ چيلهه کي ٻڌو؛ ۽ پوءِ رسو وٺي
لوڏيائين ته مٿي افلاطون ناکئن کي حڪم ڪيو، جن
بادشاهه کي مٿي ڇڪي ورتو. ٿوريءَ دير ۾ سڪندر
بادشاهه اچي پنهنجن ٻيڙن تي پهتو، ۽ افلاطون کي
پنهنجي سير جو سڄو احوال ڪري ٻڌايائين. پوءِ ٻيڙا
هاڪاري اچي پنهنجي ملڪ پهتا.
ٻئي ڏينهن سڪندر اهو اَٽو کڻي افلاطون کي ڏنو ته
تون هيءُ آٽو پنهنجي هٿن سان ڳوهي پچائي آڻي مونکي
ڏي. افلاطون آٽو وٺي، پنهنجيءَ جاءِ تي آيو. هن وٽ
لقمان نالي ڇوڪرو نوڪر هو، جنهن کي هن تاڪيد ڪري
اٽو ڏنو ته جلدي پچائي کڻي اچ. لقمان اٽو وٺي ڳوهڻ
لڳو. اتفاق سان ڳوهيندي ڳوهيندي ٿالهه اونڌو ٿي
پيو. هن اهو مٽيءَ وارو اٽو پچائي پاڻ کائي ڇڏيو،
۽ ٻيو اٽو ڳوهي پچائي، ڊڄندي ڊڄندي مانيون آڻي
افلاطون جي اڳيان رکيائين. افلاطون اُهي پڪل
مانيون آڻي افلاطون جي اڳيان رکيائين. افلاطون
اُهي پڪل مانيون آڻي سڪندر بادشاهه اڳيان حاضر
ڪيون. سڪندر مانيءَ مان ٿورو گرهه کاڌو ته ڪجهه به
ڏسڻ ۾ نه آيس، تڏهن افلاطون کان پڇيائين ته: هيءُ
اٽو اُهو ته نه آهي؟ افلاطون چيس ته: لقمان نوڪر
کي ڏنو هئم. بادشاهه ڇوڪر کي گهرايو ۽ چيائينس ته:
سچي حقيقت ٻڌاءِ ته هي اهو ساڳيو اٽو آهي؟ لقمان
چيو ته: جيئندا قبلا! اٽو ڳوهيندي ٿالهه اونڌو ٿي
پيو ۽ مٽيءَ ۾ خراب ٿي پيو، تنهنڪري اچي ڊپ ورتم،
۽ ٻيو اٽو ڳوهي سائين جن جي خذمت ۾ پيش ڪيو اٿم.
اُهو مٽيءَ وارو اٽو پچائي مون پاڻ کاڌو آهي. تڏهن
سڪندر چيس ته: ڀلا ڇا ٿو ڏسين؟ چي سائين: ’ڪين‘ جي
شهر ۾ اوهان جي راڻي ويٺو ڏسان، ۽ هوءَ به اوهان
کي ياد پيئي ڪري. افلاطون کي ڇوڪري جي واتان اهي
الفاظ ٻڌي، ڏاڍو ارمان ٿيو، ۽ انهيءَ ڏک ۾ مري
ويو.
شيرين فرهاد
]هن
قصي جون ٽي مستقل روايتون موجود آهن، جي هيٺ ڏنيون
ويون آهن: (1) پهرين روايت موجب شيرين، ارمن ملڪ
جي بادشاهه جي ڌيءَ هئي. پيءُ جي مرڻ بعد تخت جي
وارث ٿي. ان وقت ايران جو بادشاهه خسرو پرويز هو،
جو شيرين جي تصوير ڏسي مٿس عاشق ٿيو. خسرو پنهنجي
تصوير وزير جي معرفت شيرين ڏانهن موڪلي، جا ڏسي،
هوءَخسروءَ تي عاشق ٿي پئي. پوءِ ٻنهي پاڻ ۾ شادي
ڪئي. ايران ۾ فرهاد نالي هڪ شاهه ڪاريگر سنگتراش
رهندو هو، جنهن بادشاهه جي حڪم سان، جبل کان وٺي
شيرين جي محل تائين جبل ٽاڪـي نهر ٺاهي؛ جنهن مان
شيرين لاءِ کير ايندو هو. اتفق سان فرهاد شيرين کي
ڏسي ورتو، ۽ مٿس عاشق ٿيو. بادشاهه کان انعام ۾
شيرين طلب ڪيائين، جنهن انهيءَ خيال کان جبل مان
هڪ ٻيو رستو ٺاهڻ جو شرط ڏنس، جو سمجهيائين ته هو
جبل ٽاڪـي نه سگهندو، يا مري ويندو. پر فرهاد ٿوري
ئي عرصي ۾ جبل ٽاڪي رستو تيار ڪري ورتو. شيرين جي
دل ۾ به هن لاءِ محبت پيدا ٿي چڪي هئي. انجام موجب
شيرين فرهاد کي ملڻي هئي، پر خسروءَ اٽڪل ڪري هڪڙي
ڌُوتيءُ هٿان هن ڏانهن شيرين جي مرڻ جو اطلاع
موڪليو. هن اهو اطلاع ملندي ئي پاڻ کي تيشو هڻي
ماري وڌو. فرهاد جي مرڻ جي خبر ٻڌي، شيرين به
دانهن ڪري ڪِري پيئي، ۽ مري ويئي. هيءُ قصو منشي
وطن مل اردو تان ترجمو ڪيو، ۽ ميشرس پوڪرداس، سنڌ
پريس، شڪارپور مان سنه 1934ع ۾ ڇاپايو. (2) ٻيءَ
روايت موجب شيرين، ايران جي بادشاهه جي ڌيءَ هئي.
ان ملڪ ۾ فرهاد نالي قابل عمارت ساز رهندو هو.
بادشاهي محلات جي مرمت لاءِ کيس حڪم ٿيو. هن اوچتو
شهزادي شيرين کي ڏسي ورتو، ۽ مٿس عاشق ٿي پيو.
فرهاد هن جي عشق ۾ گهر ڇڏي جهنگ ۾ وڃي رهيو.
بادشاهه کيس انعام ڏيڻ لاءِ گهرايو، پر هن انعام
بدران شيرين جي گهُر ڪئي. بادشاهه جبل مان رستو
ٽاڪڻ جي شرط سان شيرين جي ٻانهن کيس ڏيڻ قبولي.
فرهاد رستو مڪمل ڪرڻ تي هو ته بادشاهه کيس شيرين
جي موت جو اطلاع ڌوتيءَ هٿان موڪليو. انهيءَ خبر
کان واقف ڪرڻ لاءِ شيرين فرهاد سان ملڻ ويئي، پر
رهاڻ ۾ اها ڳالهه وساري موٽي آئي. آخرڪار اطلاع
ملڻ شرط فرهاد ساهه ڏنو. هوڏانهن وري شيرين به
ڏاڪڻ تان ڪري پيئي، ۽ مري ويئي. هنن ٻنهي جون
قبرون جدا جدا ٺاهيائون، پر ٻئي ڏينهن گڏ جي هڪ ٿي
ويون. بادشاهه خواريءَ جي ڊپ کان ٻئي لاش پيتيءَ ۾
بند ڪري، نديءَ ۾ لوڙهائي ڇڏيا. (3) ٽئين روايت
”شهزادي شيرين“ جي نالي سان ملي آهي؛ جنهن جو مدار
سنڌ جي مشهور شاعر شاهه محمد ديدڙ جي چيل بيتن تي
آهي. هن روايت موجب مصر جي بادشاهه کي ”شيرين“
نالي شهزادي هئي ۽ وزير کي ”نوشابه“ نالي ڌيءَ
هئي، جي ٻيئي ساهيڙيون هيون. هڪڙي ڀيري نوشابه سخت
بيمار ٿي. ان ملڪ جي هوشيار حڪيم عبدالرحيم جي
علاج سان چڱي ڀلي ٿي. عبدالرحيم ڪنهن طرح سان
شهزاديءَ شيرين کي ڏسي ورتو. ٻئي هڪٻئي تي عاشق
ٿيا. عبدالرحيم شهزاديءَ جي فراق ۾ ملڪ ڇڏي پرديس
هليو ويو، ۽ ستن سالن کان پوءِ موٽيو. انهيءَ وچ ۾
شيرين سندس فراق ۾ بيمار ٿي مري ويئي. عبدالرحيم
جڏهن شيرين جي قبر وٽان لنگهيو، تڏهن اندران آواز
آيس. رات جو قبر کوٽي، شيرين جو لاش کڻي گهر آيو.
پڻس هوشيار طبيب هو، جنهن دوائن ذريعي شهزاديءَ کي
وري جيئرو ڪيو. آخر بادشاهه جي رضامنديءَ سان ٻنهي
جي شادي ٿي.
هن قصي جون جيتوڻيڪ پهريون ٻه روايتون واقعاتي طور
هڪٻئي سان اختلاف رکن ٿيون، پر قصي جي سٽاءُ گهڻي
تَڻي ساڳي آهي ۽ ٻئي روايتون سنڌ ۾ عام مشهور آهن.
ٽين روايت بلڪل مختلف آهي، ۽ ’شيرين فرهاد‘ جي عام
مشهور قصي سان نٿي ملي، البت ”شهزادي شيرين“ جي
عنوان سان قصو جڙيل آهي، تنهنڪري هن روايت کي پڻ
هت شامل ڪيو ويو آهي مرتب.
|