1- |
وڏائي تنهن واحد کي، جو الله اڪبر، |
|
خالق رازق ڪل خلائق، پاڪ والي پرور، |
|
مڃيان محمد مصطفيٰ، جو امت جو آڌر، |
|
صحي شفاعت سيد ڪندو، عاصين سرور، |
|
سو لڪ لنگهائيندو لڪيون، اڀي راهه مٿي
رهبر، |
|
مڃيان چارئي يار رسول جا، جن ڪيو دين
عمل ازبر، |
|
ابابڪر، عمر، شاهه عثمان، ۽ علي چوان. |
2- |
وحده لا شريڪ لھ، خالق سڀ خلق، |
|
اپائيندڙ عالَمين، ماڻهو، ديو، مَلڪ، |
|
ارڙهن ڪروڙيون عالَمـين، زمينون ۽
فلڪ، |
|
تان به لِکَ نه پيئي لکَ، قادر جي
قدرت جي. |
3- |
قادر جي قدرت جي، وڏي وڏائي، |
|
هئي هميشه لاعيوب، جهن جي بلند
بادشاهي، |
|
آهي، هوندو، سو ڌڻي، ٻيا سڀ تو در
طماعي، |
|
ٿو مڱي مدامي، مدعا منصب مَن جا. |
4- |
هڪ فائق فارس شهر جو، هو عادل مرد
امير، |
|
سو عقل ادب انصاف سين، وڌ گهڻو هئو
زير، |
|
حيا، علم، حشمت ساڻ حسين، هئو سو صورت
سونهن ڪثير، |
|
تهن ٿي ڪيو تواضع تدبير، جيئن ماڻهو
سڀ مشتاق هوا. |
5- |
سو شهزادو شهزور، هئو عادل عدالت
اڳرو، |
|
قصو تهن جو ٿو ڪريان، جو ’بانڪو بهرام
گور‘، |
|
هيئان لٿن هور، پَسي تنهن بادشاهه کي. |
6- |
جهڙي هيس سونهن سرس، تهڙو هئو تنظيم
۾، |
|
مهت محاسبي ماڻهن سان، وڏا ڪندو هو
وس، |
|
تهن وٽ عالم آزو بند هئا، هر جاءِ ۽
هر گس، |
|
جن جهڙائي جَس، تن تعريفون تهڙيون. |
7- |
سو ڏٺو جن جوان، تن نه ويو وسري،
|
|
تهن جو شوق شڪار سين، هئو شير شجاع
سلطان، |
|
سو غازي گورخرن جو، ڄڻ موت هئو مستان، |
|
تهن شهزادي جو شان، ٻولڻ کؤن ٻَهُون
چوان. |
8- |
هڪ ڏينهن ٿيڙس شوق شڪار، وڌ سير ذوق
وريام کي، |
|
تهن ڪامل ڪوٺايا ڪيترا، چوطرفان
چوڌار، |
|
سن تنين جو ستن کون، سترسين ڄائي هو
ڄِمار، |
|
سي مڙيئي ٿين سوار، هيڪاندا گهرجن
هِمتين. |
9- |
تڏ ٿيا سڀيئي ترت تيار، ليکو لشڪر
ناهه ڪو، |
|
هٿ ڪمانون، چيلهه تپاچا، هو سڀڪوئي
سوار، |
|
سنج سونهري، خلعت سڀڪنهن، جوڙ چڱيءَ
جنسار، |
|
چڙهيو شهزادو شڪار لئي، ڪري گويا اي
گفتار، |
|
چئي: سو
صحي ٿيندو سنگسار، جهن کؤن ويندو نسنگ
مِرو نڪري. |
10- |
تيڏي ڪيائون ڪاهه، جيڏي بڇڪر شاهه
بهرام ڪئي، |
|
رڻ رفتار رئي ڪيو، ساڻن رند سپاهه، |
|
سو فرسنگ سلطان چيو، ويڙهه ڪريجا
واهه، |
|
جهن پر ڪهيو شاهه، تهن پر آيا ويڙهه
وري ڪري. |
11- |
واري وريامن، مِرُو آڻي مُچ ڪيا: |
|
آهو، گوڪن، گورخر، ڳانجهه نه ڳاڻيٽرن، |
|
شهه سي وحشي ويڙهه ۾، جهليا جوان
مردن، |
|
اُڀا روجهه رڙن، اچي مرن ۾ ماتام ٿيو. |
12- |
سو دولهه درميان، ٿي سير ڪندو سلطان
ويو، |
|
هوس نگاهه نخچير ۾، ڪامل دست ڪمان، |
|
تان تهن کي ناگهه نظر آيو، ڪو گور
وچئون گردان، |
|
سفيد سارو سهڻو، عجب هوس انهڃاڻ، |
|
قسمن قسمن ڪيترا هوس، خط خال نقش
نيشان، |
|
ڪو جڙيو هو جواهرن سين، مالهه موتي
مرجان، |
|
چئني قدمن قيمتي، هوس زريون زيور
گِران، |
|
اڃا چوڻ کان چوڻا هئا، تهن جا سونهن
مقابل بيان، |
|
صفا صورت صفت تهن جي، بيحد بي بيان، |
|
سو سامهون کي سلطان، اچي اُبِيٺو
اوڏڙو. |
13- |
ڏسندي عاشق ٿيو امراء، ڪو رنگ الاهي
راهه ڏٺو، |
|
جان تهن کي وڌي ويجهڙو، پاڻ ٿيو
بادشاهه، |
|
تان چري قطرو ڪينڪي، مرو تهن ماڳا، |
|
عجب ٿيو عاقل کي، تهن جي پَسِي شِڪلا، |
|
جان لائق لايس هٿڙا، تهن کي ڊپ نڪوئي
ڊر اهه، |
|
اُتهن ”ابراهيم“ چئي، وير واري ڪيو
ويساهه، |
|
تهن کي ڪمند پائي ڪنڌ ۽، هليو راوت
راجا راهه، |
|
ڪامل قابل وچ ڪٽڪ جي، آيس سنگهر پائي
شاهه، |
|
مڙي آدسين انبوهه ڪيو، عامگير اڳيا، |
|
مير، وزير، مُتصدي، توڻي سڀ سپاهه، |
|
چون: ڪان ڏٺيا سون ڪٿهن، ههڙي صورت ڪا
سوا، |
|
اچي سفيد پفسي شڪلا، مڙني چيو حمد
حڪيم کي. |
14- |
ميان قادر قدرت تنهنجي، تون ٿو جوڙين
جوڙ جبار، |
|
جي سمنڊ سارو کير ڪرين، ته به پهچين
پهچڻهار، |
|
جي ڏونگر سارو سون ڪرين، توجي برڪت
بيشمار، |
|
جي سُڪا وڻ ساوا ڪرين، ته ٿين باغ
بهار، |
|
”يُخرج
الحي
من الميت وَ يخرجُ الميت من الحي“
ايڏي سگهه ستار، |
|
اُت جي هئا حاضر سو هزار، تن سڀني
مِرو مشاهدو ٿيو. |
15- |
اُتو شهزادي ايئن، ته: ان تي آئي رکو
سنج سونو صُفرو، |
|
۽ زرهون زينتدار، هن کي ترت ڍڪيو
تيئن، |
|
وات لغامون، پٺ پلاڻي، هاڻي هيڪا
گهرجن هيئن، |
|
ايهن ڪريو تصور تعظيم تهن کي، خوب ٿئي
خوش جيئن، |
|
تان جيئن موسم وسن مينهن، تيئن اچي
پاڻٺين پاليٽ ڪئي. |
16- |
پر مشڪ عطر عنبير سين، مليائونس
مضبوط، |
|
ٿيو ساڻ سنجن ثابوت، هاڻي ڪا گهٽ
گهرجي ڪانه ڪا. |
17- |
تڏهين راوت قدم رڪاب ٿي، سوار مٿس
سلطان ٿيو، |
|
ڏنيس ماڻهن مبارڪون، بيحد بيحساب، |
|
ته ٿيو رب راضي راڄيو، جنهن ڏنئي اسپ
جهڙو آفتاب، |
|
تان جي هجن تازي تڪڙا، ته به هن جي
اچي ڪو نه اعراب، |
|
انهن شاهه شاديءَ جا شڪر پڙهي، ڏنو جو
ان جواب: |
|
ته ڏاتيون ڏاتار اوڏڙو، هٿ صاحب جي
ساب،
|
|
تنهنڪري شوقئون شوق شتاب، غازي گور
هلائبو. |
18- |
جان غازيءَ گور هلائيو، سگهه ڀرئي
سردار، |
|
تان شيرين حرڪات هلڻو، راهه چڱو
رفتار، |
|
مڙيئي موچارا تِهن جا، پنڌ قدم ڪردار، |
|
هي به عاشق اتيئي ٿيو، پَسي تهن جا
پار، |
|
چيو وير وجود ۾ ته: هيڪر اٿاريانس
الگار، |
|
تان ڪري اُڌَڪ اڏاڻو آغاز ۾، نه ٿئي
وير جهلڻ وار، |
|
سو کني خان روان ٿيو، ڏس الاهي اسرار، |
|
سي مڙيئي ماڻهو متفڪر ٿيا، جي هئا
حاضرات هزار، |
|
ٿا ڪن هئي هئي هوءِ هونگار، ته ڏسو
ڪيڏو ڪَزيهو ٿيو.
|
19- |
اچي ٿيو غوغا گوڙ تمام، عالم ۾ اندوهه
ٿيو، |
|
حرمن هُوءِ گهڻي، ٿئي محلن ۾ ماتام، |
|
ڪيو برهه بي آرام، ٿيو ملڪ ماندو مالڪ
ري. |
20- |
چاليهه حرم هئاس، جن ٿي ماڻيا سک سهاڳ
جا، |
|
سي سڀ گوندر گڏيا، ويڙهي سور وياس، |
|
هئي هئي ڪيو هڻن هٿڙا، ڪڙهن ٿا ڪيڻاس: |
|
ته آڻي والي وارئين، ميان محلن پاس، |
|
اڳيان رب ڪرين تون راس، ولها وارين
بخير. |
|
روئڻ مقابل راو، جي موٽي محلن ۾، |
|
ته سو ورهين صدقي ڪريان، ڳوڙها ڳلن
تا، |
|
پرس پرين ويا پر ڏيهڙي، سُور چکائي
ساهه، |
|
کُهه کاڄ کنڊون، ٻن لذتون، کير ڀايان
کارا، |
|
کُهه کٽون، ٻن پٿراڻيون، تڪيا تن
ڌارا، |
|
اي مون پرين پيارا! وارج وير وصال جي. |
22- |
اچي ماڳ تهن مصلحت، ڪا جا ڪيائون پاڻ
۾: |
|
ته هن ملڪ والي ناهه ڪو، جو هلائي
حُڪمت، |
|
ڏسو مالڪ ٻاجهون ملڪ ۾، ڪان هلي قدرت، |
|
آهي مامون وزير شاهه جو، خاص خوبي
خصلت، |
|
اُهو هر ڪم ڪامراني، ڪندو عادل عدالت، |
|
سو جڏهن ويهندو جاءِ تي، ڪندو مالڪ
مملڪت، |
|
تڏهن شهر موٽي شاهه جو، فيض ڪندو
فرحت، |
|
عالم، علماء، شرفاء، ٻيا فاضل فضيلت، |
|
تن ويهي واهه ملوڪن ڪئي، ناهي اها
نروت، |
|
جاسين سڌ پوي سلطان جي تاسين ڪريو
قبوليت، |
|
تن وٺي سر تخت، ويهاريو وزير کي. |
23- |
پر ڏسو تان پنڌ ڪشالا پُور، جي گور
غازي کي ڪرائيا، |
|
اچي ڦوڙائي فراق جا، ٿيس سٽاڻا سور، |
|
وڇوڙي وڏا ڪيا، دُک دليان دهدور، |
|
رب رکين تون راڄيا! ڪنان اهڙي زور
ضرور، |
|
دست گردن گور جي، وڌائين وهلور، |
|
مَت چڪ ٿيان چن چور، ڪِري ذرا ذرا
زمين تي. |
24- |
(سور سورن) سيئن، مَ ڏي ڦوڙائي فراق
جا،
|
|
چڙهيس شوق شڪار جي، هڏ نه ڀاتم هيئن، |
|
تو بنا رب ڪارڻي، ٻئي در قادر وڃان
ڪيئن، |
|
او کيون تون سو کيون ڪرين، اڙين آڌر
ڏيئن، |
|
ٿي ڪيائين خدا خدا جيئن، تيئن ٿي مٿس
موليٰ مهربان ٿيو. |
25- |
جڏهين ٿيو رب راضي رحمان، تڏهين تهن
ڪيو موٽي
ميل زمين تي، |
|
ڌرتي تهن کي دور هئي، اوڏو هئو آسمان، |
|
سو لهندو لمندو آئيو، قُوت گور گران، |
|
تهن آڻي ڌَر اوپر راوت رکيو، پاڻ ٿيو
پنهان، |
|
تڏهين سر هو ٿيو سلطان، تهن جو طالع
يار تيار ٿيو. |
26- |
اکيون جان اُپتيون، سونهاري سردار، |
|
تان وڻ: ساوا سبز گهڻو، بَهوت ميوا سڀ
موچار، |
|
بهر بَداميون نارنگيون، اکروٽ اپار، |
|
تون، صوف، زردالو، شفتالو، ليمان
لذتدار، |
|
پساءِ ڪهڙا قيمتي، انب، انجير، انگور،
ات انار، |
|
پٻڻيون، پٽاهڙيون، ٻيا زنبق زينتدار، |
|
سوسن، سوپل، ٻيا ناير نخلندار، |
|
ڪانز، بانز، ڪبوتر، ڪوئلون، ڪڏيو ڪن
ڪوڪار، |
|
ساريون ريلون، ڍرڪن ڍيلون، چَتن جي
چانگهار، |
|
مور قمري ماڳ تهن، ڪن لات چڱي للڪار، |
|
هو به آبيٺو اوڏڙو، ويجهو وڻ چَنار، |
|
اوچ اتم اعليٰ گهڻو، بهوت بيشمار، |
|
تهن پاسي ڪيترا هئا، گل ڦل ۽ گلذار، |
|
گل لالا، گل سورجا، گل ريحاني رنگدار، |
|
ٻيا گل چڱا پاس چنار جي، گل چوطرفان
چوڌار، |
|
جاءِ ته جنت جهڙي، ٻي کٿوري خنڪار، |
|
تخت ڪائين ديد اتاهين، حيرت ٿيس
هيڪار، |
|
طِلا مُرصع موتي مٿس، مالهه جهڙي
مروار، |
|
عاج، آبنوس اتهن، پاسي تخت رکيا
تڪرار، |
|
اهڙي رونق رنگ هُوءِ، جي رنگ رنگي
رنگدار، |
|
سـؤ هزار لَک ليکجي، ويهي ڪر ويچار، |
|
خاصا خاصا خوب خونچا، جن ليکو ناهه
شمار، |
|
پَسي پيالا بَهوت بلوري، جمرودي
جنسار، |
|
سونا روپا طبق تِهن، طرحين طرحين طعام
تيار، |
|
تَريا ڀُڳيا ماس مِرُن جا، جشن جال
اپار، |
|
ٻي ڪمي ڪبابن ڪانه هئي، ماس پکين
موچار، |
|
ڌريا هئا دُنگ دارون جا، رکيا سي
رهوار، |
|
جي هئا غم غمي غمدار، سي پسي خان خيال
پيو. |
27- |
پَسي خان خيال پيو، ٿيس سونچو منجهه
سرير، |
|
غم غازي کي آيو، دل ٿيس دلگير، |
|
ته ڪاڏي ملڪ مالڪي، ڪاڏي تخت وزير، |
|
ڪٿي حڪم حاڪمي، هت ٿيم دل حقير، |
|
موٽي چيو وير وجود ۾، سالڪ مت سڌير: |
|
الله عالمن جو ڌڻي، ڏيندڙ رازق رزق
ڪثير، |
|
ته مان تي مهربان اڄ ڪيو، قادر ڪرم
قدير، |
|
پَسي طرح تماشا تڪيا، ٿيو مشاهدو مير، |
|
رنگ پَسي ريڌو گهڻو، آرام ٿيو امير، |
|
وڃي ويٺو تخت اتي، قدرت ساڻ قدير، |
|
تان ڪا گهٽ ڪيڏان ڪانه هئي، قسمن قسم
ڪثير، |
|
عجب جي اسرار هئا، سي ويهي ڏٺا وير، |
|
ويهي دستر خانا دست، اُپٽيا ساڻ اڪير، |
|
اتي بسم الله بهرام پڙهي، شهزادي
سڌير، |
|
ڪامل ڪباب نعمتون، آيا کيڻ سندا کير، |
|
کائي خان خوشحال ٿيو، ماڳ تِهن من
ڌير، |
|
تهن آهر عالمگير، ٻيا ويهي پيتا سام
شراب جا.
|
28- |
هتي بي جهجها جام، ڏٺام جشن جهانن جا، |
|
قادر ڪرم ڪيام، ويا گوندر گذري. |
29- |
جيڪي ڏاتار ڏئـين ڏينهن، سي نه ڏي ڪو
ٻيو، |
|
اهکيون سهکايون ڪرين، اڙين آڌار ڏيئن، |
|
قلم قادر هٿ ۾، ڪاتب ڪندا ڪيئن، |
|
پاڻ وهيڻو پادشاهه، ريس ڪانهن رب
سينء، |
|
تان نا گه ديو نگاهه ۾، تهن کي اچي
ابيٺو جيئن، |
|
ڪر شير نهيب سهڻو، صورت جهڙس شينهن، |
|
جيئن شڪل هوس شڪار ڏينهن، ساري طرح
تيئن، |
|
زر زيور هوس زينتي، مرصع مينا سيئن، |
|
خط خال نقش نيشان، هئا عجب جواهر
جيئن، |
|
سونيون سنگهرون سي تان گهڻيون، اکرن
لکيو ايئن، |
|
تن کي ڏاتر ڏاتيون ڏيئن، جن تي راضي
هو من راڄيا. |
30- |
اچي تهن ڏنو سلام، ديو اڳيان داناءَ
جي، |
|
نائي سر سجود ۾، تهن صهي ڪيا سلام، |
|
خاڪ چمي خذمت ۾، هي ڪهيا ديو ڪلام: |
|
ته اي آدمزادا آدمي، شاهه بهادر
بهرام، |
|
جڏهن ڪيو ٿي شوق شڪار جو، تو مشغولي
مدام، |
|
توکي پَسي پاتشاهه، ٿيس عاشق دل
انجام، |
|
اچي وڏا ڪندو هوس وس، تو پسڻ خاطر
تمام، |
|
هي گستاخي گهڻي ڪري توکي آندم، هاڻي
عاقل ڪر آرام، |
|
باغ باغيچا خان خوشحالي، ڏس جنت جهڙا
جام، |
|
پس تان جڙيا جواهرن سين، توشڪ سڀ
تمام، |
|
ڏس خاصا خاصا خوب خونچا، طرح طرح تيار
طعام، |
|
اهي سڀ عيش آرام، محب موافق سپرين. |
31- |
پر وڏي ادب استقبال، وڌي ٿيس ويجهڙو، |
|
تهن عزت شرف شعور سين، خان ڪيو
خوشحال، |
|
غم لٿا، گوندر گيا، واحد ڪيا وصال، |
|
ٿيو راضي راڄيو، شهزادو سريال، |
|
هاڻي نه رهٻي عذر احمال، ويٺا جانب
جاءِ نشين ٿي. |
32- |
راوَت ويٺو رمزون ڪري، پاڻ ڪري پرمل، |
|
لِکئي منجهئون لِک نه لهي، ڪهن جو
ناهه وار وصل، |
|
کڻي سرمداڻي ديو سفيد، آيو مرد مهائين
مل، |
|
چئي: ڪامل پاءِ ڪجل، هي سرمون حضرت
سليمان جو. |
33- |
جو آندو اُڪير ۾، سو ڪجل ڪڍيائين، |
|
اکين ۾ آڻي ان کي، واري وڌائين، |
|
ساڄي پاسي ساهه، جان کڻي نظر
نهاريائين، |
|
هيون جي جوان جهڙيون، سي ڏهه سو
ڏٺائين، |
|
سي سڀ هيون سهائين، هئي گهٽ ڪهن ۾
ڪانه ڪا. |
34- |
ڏهه هزار ٻئي طرفان، ڏائي ٿا ڏسجن، |
|
سي به هوا آفريدي اهڙا، جهڙا جابر جات
پسن، |
|
پسي سونهن سندين، عجب عاقل کي ٿيو. |
35- |
سي سڀ مهندان مير، اچي خذمت منجهه کڙا
ٿيا، |
|
نائي سر سجود ۾، اڀا ساڻ اڪير، |
|
پسي تن کي پادشاهه، ٿيو سرهو منجهه
سرير، |
|
موٽي اشارو امير، ڪيو ديو پرين کي دوس
ڏانه. |
36- |
ديو پرين کي دوس ڏانه، ڪيو اشارو
امراءَ، |
|
تان ان شهزادي کي ساهه، ٻيو پنجاهه
پرين آيو. |
37- |
پر اهڙي سونهن سنديان، جهڙي ڪانه
ڏٺياسون ’ڪوهه قاف‘ ۾، |
|
هڪ هڪ حور حسين هئي، تهن جي تعريفان، |
|
هڪ هڪ وڳو زينتدار هو، جامن جواهر
جڙيان، |
|
ڳل ڳل مينا، سرسر موتي، ڪن ڪن ياقوت
ڳتان، |
|
هٿ هٿ ڇوڪر ڇلڙا، پڳ پڳ بڇو بهوت
بنيانِ، |
|
زر زيور هون زينتي، پرهڻ پاڪيزان، |
|
ڇا ڪهان مشڪي دهان لذت لسانان، |
|
ڪر اکين ۾، ابراهيم چوءِ، ماڻڪ
موچاران، |
|
سي اچي بيٺيون شوق شاهه جي، ڪري توجهه
تعظيمان، |
|
تن جي سازن سر سرود هئا، عجب آواز ان، |
|
ڪماچا ۽ ڪِينرا، رنگ چنگ ربابان، |
|
سي مڙيئي مشاهدا ڪيا، اچي سازن سُر
ڌريان، |
|
تن ٻيا جي پيتا سام شراب جا، هئا ڪيف
ڪافوران، |
|
جشن جال ٿيان، من مرادون پنيون. |
38- |
اتو شهزادي شاهه، دولهه ديو سفيد کي: |
|
ته هــــــت هن کــــــــــان اڳيئي
جـــــي آندومس الله،
|
|
ته هي جشن، هي لذتون، ٿي ماڻيم سهسين
شاهه، |
|
هي باغ بهشتي، جنت جايون، دوس مليم
دلخواهه، |
|
ڏس جيئن راحت رسي روح کي، آرام ڪيو
ارواح، |
|
تڏهن ديون امراء، دلاسيو داناءُ کي. |
39- |
ات جشن ڪيائون جال، وڏا سازن وس ڪيا، |
|
اُلهي سج اوير ڪئي، ورين وير وصال، |
|
ڪمي قنديلن ڪانه هئي، ٿي ٻرين ماڳ
مشال، |
|
سي هئا باغ روشن شمس جيئن، ٿيا خوب
خوشي خوشحال، |
|
ماهه تنين جي مات ڪيو، جلوو ۽ جمال، |
|
ڪيا ڀلي ڀلايون ڀال، تڏهن مڙيئي موجود
ٿيو. |
40- |
اُتو ديو سفيد، شهزادي سلطان کي، |
|
جا اٿئي من اميد، سا ظاهر ڪر زبان
سين، |
41- |
ات حاضر جي حضور ۾، هيون پَرياڻيون، |
|
جي عجب سهڄڻ سُونهڻيون، هيون سڀئي
سُڄاڻيون، |
|
هئا تن سازن تارن سرودن، نڪين ويهي
وساڻيون، |
|
سي خدمت ۾ کڙيون هيون، سٿ ڳڻ
سينباڻيون، |
|
تن مان هڪ جون
هيون عجب اهڃاڻيون، جاننڍي منجهن
نازنين. |
42- |
سا راوت رکي روح ۾، من لايس محبت، |
|
عشق بي آرام ڪيو، تهن جي سونهن پسي
صورت، |
|
جان تهن کي ديو اشارو ڪري، آڳهه ڏنيس
البت، |
|
سا خوشيءَ ساڻ خذمت، اچي حاضر ٿي حضور
۾. |
43- |
ٿي ڪيائين ڪشالي نال، بي عين ڪشالي
نين مليا، |
|
تن برسي بوند برهه جي، ڪئي وانگي
ميگهه مثال، |
|
پر ڪي ٿين قادر ٻاجهون، صحبت ۾ سر
حال، |
|
سي قربان قربي پاڻ ۾، ٿيا ”براهم“ چئي
برحال، |
|
تڏهن ويجهي ٿين وصال، جڏهن تن کي وچون
عشق امين ٿيو. |
44- |
اچي گڏيا پاڻ ۾، عاشق ۽ معشوق، |
|
محبت ۾ موجود ٿيا، ٿين صحبت ساڻ سلوڪ، |
|
هئا ٻئي محب ملوڪ، ڪا گهٽ ڪيڏان ڪانه
هئي. |
45- |
ڏهئي سازن ساڻ شهزاديون، ڏهئي ڪٽورا
هاٿ، |
|
سڄو ڏينهن خذمت منجهه کڙيون هيون، جن
جو ٻولڻ ڀلي بات، |
|
تن ويٺي بانا ڪيا باغن وچ، انگ چنگ
ساري رات، |
|
تن من مرادون پنيون، هئي تِن جن جي
تات، |
|
اهڙي عشق الول ۾، اچي پرهه ڦٽي پرڀات، |
|
ڪيائون رکي ڳل ڳلن سر ڳالهيون، پين جي
پَهات، |
|
اها زاغن باغن وائي وات، ته آيو سورج
اوڏڙو. |
46- |
ڪيو سورج شعاع، رات وهاڻي ڏينهن ٿيو، |
|
تان سَنڌ سَنڌ نازڪ نازنين، ڪيو ويتر
وڄ اُهاء، |
|
املهه نين نسورا ڪر، مُک تهن جو جهڙو
ماهه، |
|
تهن جي جلوي جمالاء، فسخ ڪيو فانوس
کي. |
47- |
پيئي پرين ۾ پچار، ته ڪيو ڪوسو آب
قريب لاءِ، |
|
هئي حمامن خوب کٿوري، نافهان نت نبار، |
|
ڪري عطرن ذوق زبان سين، سِر واسيائونس
وار، |
|
آندائون تهن کي حمام ڏي، ڪري خوش طبع
کينڪار، |
|
توجه ۽ تعظيم سين، آڻي ويهاريائون تهن
وار، |
|
اچي شهزادو سرهو ٿيو، پسي حمامن
هٻڪار، |
|
عجب جي، صفت کؤن باهه، جوڙ سندين
جنسار، |
|
تن وهنجاريو وريام کي، سونهاري سردار، |
|
موٽي آڻي تن اُپٽيا، بُڪچا بيشمار، |
|
تان تن ۾ ڪپڙا قيمتي، زغا زينتدار، |
|
تڏهين تن کي پريزادي پاڻهي اُتو
نازنين نروار، |
|
ته محب منهنجي منٺار، ڪجائو خوب خزمت
گهڻي ڪا. |
48- |
تن سينگاري سڌير، آندو دولهه ديو سفيد
ڏانهن، |
|
خلعت ڍڪي خان اچي، مانهندان بيٺس مير، |
|
تهن پسي شهزادي شاهه کي، ڪيو نرتائين
نظير، |
|
ته هن لائق، لائق ناهه ڪو، جو وڳو ڍڪي
وير، |
|
تڏهين دوس دلاسي ديو ڪئي، تواضع
تدبير، |
|
چئي: سَرهو ڪر سرير، آءٌ سهسين سرهو
آهيان. |
49- |
موٽي جشن جهجهوئي، ڪيائون ڪوڏ قريب
سان، |
|
اڳي کؤن ڀي اڳري، واهه هين وائي، |
|
گل ڦل ميوا ماڳ مشاهدو، ڪباب طعام
تريائي، |
|
سي طعام تناول تن تان، راوت خان ٿيو
خوش کائي، |
|
محبت صحبت ڪيف قريبان، هين منجهه مُک
مٺائي، |
|
هئا جانب جاني، شامل ثاني، ويتر سونهن
سوائي، |
|
تن باغن ماڳن سير سدا ڪيا، لائي لالن
لئون لائي، |
|
تن ياري پانجي پاري، جن جي واري رازق
وڌائي، |
|
تن نه اوڏو، لهرن لوڏو، جن سان هاديءَ
جي همراهي، |
|
هن کؤن ويتر هت اچي ٿي، تهن عاقل عادل
جي امرائي، |
|
مڙيئي صاحب سڻائي، ڪئي باري شاهه
بهرام سين. |
50- |
روزان روز هر روز، هڪ بِڪر پاس بهرام، |
|
اها ڏات ته ديو سفيد ڪئي، عاقل لي
انعام، |
|
چوي من متان ڪين لوڏئين، ٿج وڏي دل
وريام، |
|
توسين باجهه سٻاجهي ڪئي، ٻيا مطيع سڀ
مقام، |
|
اي ساهه شجاع سرهو ٿيءُ، تا ايام
الايام، |
|
مون وٽ محب مدام، شال باغن هوندين
بادشاهه. |
51- |
اِنهن ڪيئي ڏينهن لنگهي ويا، آئي مدت
مُديرا، |
|
عرض ته ديو سفيد ڪيو، اڳيان کي
امراءُ، |
|
ته آهي ڀاءُ برادر منهنجو، نالي
’سُرخابا‘، |
|
سو ڪر خدائي آيو، ڪهي ڪوهه قافا، |
|
تهن جا قاصد اچن ڪيترا، روزان روز
مرا، |
|
سو آهي درميان ديو ويٺو، شادي خاطر
شاهه، |
|
رضا رخصت ٿئي ان کون، محبت مهر منجها، |
|
ته سو پرڻائي بادشاهه، موٽي اچان ڏهن
ڏينهن ۾. |
52- |
تهن کـــــي رضــــــا راوَ
ڏنـــــــي، ته وانءُ وهيلو آءُ،
|
|
متان ويهين اڳرو، ڏهن ڏينهن کان، |
|
سو ڀلو سياڪـي ڀاءُ، وڃي گڏي آءُ غازي
تون. |
53- |
تڏهن تِهن ڏني شاهه کي سوني ڪنجي،
جيبان ڪڍي جو ان، |
|
چئي: ٿو ڪريان نصيحت هيڪڙي ساتون
سمجهه سلطان! |
|
جي من ماندو تو ٿئي، اي پرين پهلوان! |
|
ته در اٿئي اوڏڙو، اي صورتوند سجان! |
|
وڃي تهن کي کولئين، ڪڙا ڪُرف ڪلان، |
|
سڀئي ڪڍج هن ڪنجي سان، ڪري الله جي
احسان، |
|
ته اڳيون زور زمين کي، باغ چکا بستان، |
|
سي هزار درجن هن باغ کون، بهتر راحت
بيان، |
|
آهي مَلڪزادا! معاف تو، ايءُ مڙوئي
ماڳ مڪان، |
|
موٽي ويتر پارت ديو پرين کي ڪيائين،
خاطر ساڻ زبان: |
|
ته هي شهزادو شعر روند، آهي شرف وڏي
سين شان، |
|
اچي وڻيم واهه وجود ۾، ان عاقل جا
ارڪان، |
|
ڏهه سو سِر سارا قربان، ڪِجائو فدا
قلب قريب تان. |
54- |
اها پارت ڪري بادشاهه جي، اٿيو الهه
تُهار، |
|
هليو رخصت وٺي راوُ کون، هٿ چمي
هيڪار، |
|
ڪرم ڪامل جن تي ڪيو، رازق رب جبار، |
|
تن سين ريس نه رتيءَ جيتري، تان جي ڪن
حيلا هزار، |
|
جن تي تُسبي تن سان وسي، ڏاتيون هٿ
ڏاتار، |
|
واليءَ جي وهار، ٿيو شرف اعليٰ شاهه
جو. |
55- |
هاڻي سيئي عزت آبرو، سيئي رضائون، |
|
سيئي شرف شاهه کي، سيئي بُڪائون، |
|
سيئي پريون پدمڻيون، سيئي گُن غذائون، |
|
سيئي جشن جال ٿي ڪوڏان ڪيائون، |
|
پسي شبيهه شاهه جي عبرت آندائون، |
|
”گفتند ترا هر شبي نازنين“ اهو ٻولڻ
ٻوليائون، |
|
جيئن ئي اُتائون، هِن به تيئن ٿي مزا
ماڻيا. |
56- |
سي هئا گل گلابي، سيئي رنگ رباب، |
|
سيئي طعام شراب، سيئي نشا نينهن جا. |
57- |
لڳن ڏينهن ٻه چار، مٺا محبت گاڏوان، |
|
ملڪزادي من ۾، اچي پيئي آر، |
|
ته باغ ديکيان هن ديو جو، آهي ڪيهڙيءَ
ڪار؛ |
|
جان سر ڪندو سلطان ويو، جان تيغ کڻي
تلوار، |
|
سو دولهه در کان ٻهار، اچي اُبيٺو بيگ
بهادر بادشاهه. |
58- |
جان بيگ بهادر بادشاهه، آيو دولهه مٿي
در، |
|
تهن کي سونا ڪرف ڪڙا هئا، سونا پهڻ
سڌر، |
|
سو ڪرف ڪنجيءَ سان ڪڍيو دانهه دلاور، |
|
اندر پيهي جان آيو، تان چڱا باغ بهر، |
|
ڪمي ميون ڪانه هئي، هئو مڙوئي مِٺو
جر، |
|
باغبانن بَهوت بنايا هئا، سونا روپا
فرش سکر، |
|
عود گلابي واهه وڻيا ٿي، جال شيرين
هئا جر، |
|
سو هزارين گل گهڻا هئا، اڪثر کؤن به
عطر، |
|
تيئن ڦرندو باغن آيو عمدي الله آهر، |
|
تان ڪو دوس دريچو آيو، ناگه منجهه
نظر، |
|
هئي سو فرسنگ کان تهن جي، آب لالائي
اڪثر، |
|
تهن کي فُلاڪاري ديوار هئي، چوطرفان
چوڌر، |
|
طبقان طبق مٿي هئا، ثابت ست سٻر، |
|
تن کي چئني ڪنڊن چار ڪنگرا، اوڄ اعليٰ
ازبر، |
|
تهن پاسي ڪيترا هئا، گل ڦل ۽ گلزار، |
|
مڙيئي مالا مرصع مُچ هئا، جَڙيا ساڻ
جنور، |
|
ڪـي گل لالا، ڪي زردا، ڪي ڪَچنالي
ڪيسر، |
|
ڪـي گل ريحاني رنگدار هئا، ايزان ۽
احمر، |
|
جال چندن گل جان هئا، ۽ جاءِ گلن
جعفر، |
|
سو وڃي ستو غازي وچ گلن، پائي گل پٿر، |
|
سُتي ماڳ ملوڪ کي، ڪا ڪن پيئي ڪُوڪر، |
|
عاقل جان آگاهه ٿيو، سُڻي ڪيائن نرت
نظر، |
|
تان چئنين ڪُنڊن چار ڏٺائين، قابل
ڪبوتر، |
|
ساوا سبز سهڻا گهڻو، ڪنڌ تني ڪيسر، |
|
سي پاسي پَليهر اچي اُبيٺا آب لاءِ. |
59- |
پر اڳئي چڱو ڏَس، ديو ڏنو هو داناءُ
کي: |
|
ته جيڪڏهن پريءَ ذات پار جو، هٿ ڪري
ڪو ڪس، |
|
تهن آدمزاد اُپس، موٽي سا موافق ٿئي. |
60- |
هو به هيون پکين ويس، پرياڻيون ويٺيون
چار، |
|
واري سي وهنجڻ ٿيون، رکي ڪپڙا آب
ڪنار، |
|
هيون خوشي خوب خيال ۾، هر بابت هيڪار، |
|
هي به اچي اندر در اُبيٺو، دوس ڪرڻ
ديدار، |
|
تان تن ۾ جا ننڍي هئي، نازنين گهڻي
صورتدار، |
|
’بانو‘ پري ”براهم“ چئي، من چڱي
موچار، |
|
سا تن چئن منجهه چڱي هئي، سونهن شبيهه
سردار، |
|
تهن کي پسي بادشاهه، اچي لائي آر، |
|
عاشق عشق الول ڪيو، ڪنهن جنهن کيپ
خمار، |
|
تهن جو وڳو سڃاڻي وير کنيو، وهلو
تيڏيءَ وار، |
|
سو غازي منجهه گلزار، پيهي پاڻ پنهان
ٿيو. |
61- |
هي به وهنجن وهسن پاڻ ۾، کِلن خوشيون
ڪن، |
|
اهڙي رونق آب مان، جيئن ميگهـين مينهن
وسن، |
|
اڳ ماري معشوقن، ڪئين عاشق اگين
چاڙيا. |
62- |
حيرت ۾ هيڪار، تن جو شغل پسي سلطان
ٿيو، |
|
ڪا جا ٻولي پاڻ ۾، ٻولين ٿيون اظهار، |
|
ته آدمزادو آدمي، ڪو آيو ديون جي
درٻار، |
|
هلو ته پسون تهن بادشاهه کي، جو
آندوديون جي دهدار، |
|
اهو صورت گهڻو سالور سڀ گُنون، سُجهي
سونهن وڏي سردار، |
|
تهن هئي ڏاهٻي ۽ ڏاتار، اڄ هلو ته
درسن هلي ديکيون.
|
63- |
اُتو پرياڻي پَرين کي، بانو پريءَ
بات: |
|
ته ستي خواب خمار ۾، ڪو جو راول ڏٺم
رات، |
|
ته اديون آدمذات، ڪرمان ڪُون وڳو کڻي
وير ويو. |
64- |
هاڻي وڃڻ جي وائي، ڇڏيو وير وريام
ڏان، |
|
وڃي ٿينديو ڪانڪا، اڳيان چڱائي، |
|
ڏسو ته جن لنئون لائي، سي لوٺيون
ڀُوڻن لوڪ ۾. |
65- |
هلو هلو هـير، وڃون موٽي پنهنجي ماڳ
تي، |
|
اٿيو ساهيڙيون، ڪريو ڪپڙا، ٿيڙي ويرا
وير، |
|
جان هلي آيون هنڌ تهن، ڀري پرياڻيون
پير، |
|
تان ناهه وڳو تهن نار جو، جا هئي
سندين مُنهن مٿير، |
|
سا ماڳ تهن مشڪل ٿئي، لڳيس اهکي ڳالهه
انڌير، |
|
چئي: سهڻي تعبير سرتيون، اچي حاضر
ٿيڙم هير، |
|
هو ته پيرهن پَرهي پنڌ ٿيون، هن ٿئي
ويهڻ جي وير، |
|
تهن کي اچو ڏين اُلير، هاڻي فڪر فهم
فراق جا. |
66- |
سو ڪامل کڻي ڪپڙا، اٿي جان آيو، |
|
غازي سو گلن مان، خوش ٿئي کِلايو، |
|
پسي پرياڻي بادشاهه کي، جَسو جاڳايو، |
|
ارتو آب اکين مان، ويتر تِهن واهيو، |
|
تهن توڪل ۽ تعظيم سين، چڱو هادي
هلايو، |
|
تنين نه پايو، ادب اندازو پاڻ ۾. |
67- |
هاڻي توڪل ۽ تعظيم تن ۾، ادب اندازو
ڪر، |
|
متان وجهين مون تي، ڪا ڪچي ڳال ڪُپر، |
|
اسان پَرين اها پر، جيئن ڪهن بشر
ڀيڙيون نه ٿيون. |
68- |
پر بَديءَ جا بهتان، شال قادر ڪهن تان
مَ ڪري، |
|
هاڻي ڏينم ڪپڙا، ته سي ڪريان سونهارا
سلطان، |
|
نباويهي سچا سخن ڪنداسين پاڻ ۾ صاحب
جي فرمان، |
|
کي ڏني خلعت واري خان، پيراهڻ رکيائين
پاڻ ڳري. |
69- |
تڏهين نِرتان تهن نار، اُتو بانو، شهه
بهرام کي: |
|
ته هي پيراهڻ رکيوئي پاڻ وٽ، سو ڪامل
ڪهڙي ڪار؟ |
|
تڏهين روئي زارو زار، تهن سڀا ڳالهه
سچي ڪئي. |
70- |
”اي توکي پري پسي پِيهه، من منهنجي
مشاهدو ٿيو، |
|
هاڻي جهليو پليو نه رهي، روح ۾ رهي
ريهه، |
|
توکي ساجن سپرين! حال حقيقت هيءَ، |
|
اي دلبر دل قوي! نَون ڪين نام الله
جي.“ |
71- |
اُتو پرياڻي بادشاهه کي: سڻ بادشاهه
بهرام! |
|
اوهين جي آهيو آدمي، تن جي محبت ناهه
مدام، |
|
تن ڪهڙا قول ڪلام، ڪهڙا وچن واعدا! |
72- |
چئي: مان کي ڪو سڃانين، اڳ ته ڏٺوءِ
ڪڏهين، |
|
سو ڪيئن ڄاڻين، ته تو حرف ناهي
هيڪڙو.“ |
73- |
توکي نه ڏٺم ڪڏهن، ڪيم اَنهنجي آزمائش
نه ڪا، |
|
ته ڪي نيهن نِباها آهيو، سو به مان کي
ناهه سماء، |
|
ٻيو هُدو پرين نه کڻان ته ڪِين آهن
وفا بيوفا، |
|
پر پنهنجي ڳالهڙي، سچي چوان شاهه، |
|
ته ڪهڙي ڳالهه قميص کي، واري رکيوئي
راهه، |
|
هاڻي خاطر لڳ خداء، سڀ چئج وير وجود
جي. |
74- |
تڏهن رت روئي راوت، معلوم ڪيو منڌ
سان، |
|
”هئي هِيون حيران ٿيو، تن ڇڏي طاقت، |
|
تنهنجي صحبت سلابت، ويتر من مطيع
ڪيو.“ |
75- |
هئي هيون ٿيو حيران، جهليو تان نه
رهي، |
|
ووءِ وروڻو جِندڙو، برهه ڪيو بيران، |
|
تنهنجي محبت ماري من ماٽ ڪيو، ورهين
کان ويران، |
|
تيلان هي پيران، جانڪي جهليم جيءَ
سين. |
76- |
اهو معلوم ڪيو مذڪور سڀ، قصو منڌ قريب
سان، |
|
ڪيو ظاهر زبان سين، چوري لعل لطيفان
لب، |
|
چئي: ”رکج شرم شعور سين، الله لڳ
ادب.“ |
|
ٻئي جيئن ڪندو ادب، ته اٿو حرف حقاني
پاڻ ۾. |
77- |
تن ٻنهي ٻڌا ٻول، نت نت نوان نينهن
جا، |
|
سچا سخن حلال جا، ڪيا ڪامڻ راجا قول، |
|
ورين وير وصال جي، ڪيا عاشق عشق الول، |
|
سي محبت ۾ معمور ٿيا، هئا رنگ رتول، |
|
لٿن حيراني هول، هاڻي دوس دهان ڪن
ڳالهيون. |
78- |
عاشق عشق الول ۾، محبتي معمور، |
|
سچا سچيءَ سڪ سين، سنمک سلن نه سور،
|
|
لڇن ڪڇن ڪينڪي، ٿيا چت جنين جا چور، |
|
زهد زاريون سِرزبان سين، ڪرين محبت جا
مذڪور، |
|
تن کي پُورن مٿي پُور، اچن دور درياءَ
جيئن. |
79- |
دل ماندي لئي دوس، من ماندو لئي
سڄڻين، |
|
اُتو پَرياڻي بادشاهه، آهه منجهان
افسوس، |
|
’اي ميان! جيءَ کي ڏيئي جوش، ڦٽيوئي
تن فراق سين.‘ |
80- |
تڏهن اُتو شهزادي شاهه، تان ڪين واقف
ٿئي ورونهن: |
|
اچي من وڌوئي مامري، دل پرين دلخواهه، |
|
هاڻي عقل ڳالهه نه اُجهي، ڪا جا
ڳرهيان ڳانهه، |
|
شامل ساجن سپرين، محب موافق ماهه، |
|
ويتر سک وجـــود ۾، شـــــام ريـــــن
سحر صاح، |
|
هاڻي نيهن ڪاتي ۽ ماهه، ڪهڙو ليکو پاڻ
۾. |
81- |
ڳالهيون ڳڻ ڪرين، ريجهيو روح رچنديون، |
|
ساهه ڳنڍيون وٽ ساهه سان، نيڻن نيڻ
ڌرين، |
|
شربت سُرڪ ڀرين، مٺا محبت گاڏوان. |
82- |
جڏهن نئون نيهن، تڏهين نت نت ڳالهيون
نيهن جون، |
|
نت نت قول قريب سان، سو گند سارو
ڏينهن، |
|
جن مهر وسي، ارواح چُڪي، ڪر اڳيان
قابو ڪيهر شينهن، |
|
ايءُ محبت سندو مينهن، جهن تان وسي
سوئي پُسي. |
83- |
مون جيئن هاريوءِ، ارتو آب اکين مان، |
|
محبت سندي مامري، ٻر جثو ٻاريوءِ، |
|
کِيڻ ڪاريوءِ خـــــير ڪين، ويهڻ
نــــه واريــــــوءِ،
|
|
مونکي هڏ ماريوء، پاڻ ٿو سَگهو ويهين
سپرين. |
84- |
چئي: هنِ گهايل گهاءُ مَ هڻ، ڪش مَ
تير ڪمان مان، |
|
وجهه مَ وڍيل کي، اندر فڪر ۽ فهم، |
|
هاڻي خاوند خاطر کڻ، مان ڏان نيڻ
سٻاجها سپرين! |
85- |
ويهه وسايون مينهن، نيڻن نو بهار
جيئن، |
|
پڪو ڪري پريڻو روح ۾ راتو ڏينهن، |
|
ڪيئن لاهيون نيهن، جهن اندر آکيرا
ڪيا. |
86- |
جهلڻ جاءِ نه ڪا، جان ڪين جثو پلي
جهليان، |
|
وڃي پيو ورونهن ۾، هئي هئي هينئڙي
هاءِ، |
|
سُهيو سُکيو جندڙو، سور سٽاڻا کاءِ، |
|
من کي ماٺ جڳاءِ، هڪ زبان زاري ري نه
رهي. |
87- |
زبان کي زاريون، پيوم پاڻا پوءِ سين، |
|
جن کي عشق آتش ٻريو، سي ورونهن
واريون، |
|
محبت جي ماريون، تن جو جيڻ جنازي
گاڏئون. |
88- |
جن پاڻهين پنهنجو جهليو ڀرم ۽ شرم، |
|
لڄا خاطر لوڪ ۾، گهڻو رکيائون غم، |
|
پر عقل مَت شرم، ٽيئي نيهن نهوڙيا. |
89- |
اُتو پرياڻي بادشاهه کي: تون آهين
جانب منهنجو جيءُ، |
|
پر هي جو باغ بهشي بادشاهه، وڏو پسين
ٿو وي، |
|
سو ديو جوڙايو هن دوس لاءِ، اها سڻج
ڳالهه سَويء، |
|
ديکڻ درسن ديو سو عاشق راهي ايءُ، |
|
پر من منهنجو نه مڃي، سڻ حرف حقاني
هيءُ، |
|
هو تان ڏاڍو ڏاڍائي گهڻو، قوت ديو
قويء، |
|
هاڻي مان کي مَدت ٿيء، ته توسان
ڳرهيان ڳالڙي. |
90- |
تان سُڻو ڪامِڻ ڪم، ڏَسيو جو ڏاتار
کي، |
|
چئي: آيو ديو دوار ۾، رکي قوتدار قدم، |
|
ڪيم کينڪارج تهن سين، رکج داناهه ڳورو
دم، |
|
وجهج پاڻ وجود تي ويتر اڃائين وهم، |
|
سو جڏهن ورچي ٿڪي ٿيندو نهايت نرم، |
|
توسين سو گند سليمان جو ڪندو ديو قسم، |
|
تڏهن تهن کي چئج حقيقت حال جي، ڏسي
عقل مت فهم، |
|
ڏس ته انگ اڳيئي لکيو، آهي قادر وس
قلم، |
|
تڏهن تو جو مالڪ گهاءِ مرم، پاڻهين
پوريون ڪندو بادشاهه. |
91- |
آيو ديو ڪهي، ڏانهن ڀاءُ برادر
پاهنجي، |
|
باغن منجهه ”براهم“ چئي، تنهن اچي هاڪ
هئي، |
|
سا سڻيندي سرحال ٿيو ثابت ڳالهه صحي، |
|
سو موٽي ويو ماڳ تنهن، وهلو وير وهي، |
|
هن به اچي خاڪ چمي، خدمت ۾ ڪرمش جان
ڪئي، |
|
تهن منجهان مهر پئي، اچي ’سفيد‘ سلام
ورايو. |
92- |
تڏهن ڪڇيوئي ڪين، اڳيان دلاور ديو جي، |
|
پاڻا پاڻي، رنو رت گاڏئون، هئي هئي آب
حِنين،
|
|
عقلمند امين، ڏس هنر شاهه هلائيو. |
93- |
جان پريون ديو پڇايون، ”ته هن کي ڇا
ٿيو؟“ |
|
چُونِ ”جيئن تو چيو، تيئن اسين خدمت
منجهه کڙيون هيون.“ |
94- |
تڏهن وڏا ڪري وس، ديوَ ٿڪو داناءَ کي، |
|
تنهن جا ڪرمش ڪيا ڪي ڪيترا، اڳيان
شاهه شمس، |
|
تان پي پنڊ سندي پارس، ڳالهه نه سلتي
ڳجهه جي.
|
95- |
تڏهن سندوسو گند سليمان، ڪيو وير
اڳيان وريام جي، |
|
چئي: اسان کي آهي دين دائود جو قسم
جاءِ قرآن، |
|
جا مدعا اٿئي من جي، سا تون شاهه سلج
سلطان! |
|
هٿ ڏاتيون رب رحمان، آن به ڪوتهه
ڪنديس ڪانڪا. |
96- |
تڏهن روئي روئي رت، هن پنهنجو ڳرهيو
حال، |
|
چئي: سڻج ديو سفيد! تون، هن عاشق جو
احوال، |
|
محبت ماري من مات ڪيو، وڌم جيءَ تي
جار جنجال، |
|
اصل عاشقن جو وڃي حال ڪري بدحال، |
|
هاڻي واحد لڳ وصال، ڪرڪو خاطر رب
رنجور جو. |
97- |
چئي: وهم نه رک وريام! ڪر نه ملاحظو
مير تون، |
|
معلوم ڪر مذڪور سو، جيڪو برهه اٿئي
بهرام! |
|
تنهنجي طلب تمام، پاڻهين پوري ڪندو
بادشاهه. |
98- |
چئي: ڏٺيم سونهن صورت، تِنهن من
منهنجو مستان ڪيو، |
|
هڪ پسي پريءَ ذات کي، اچي عجب ٿيم
عبرت، |
|
اهڙي عشق الوٽ ۾، تَن ڇڏي طاقت، |
|
هاڻي مير مَدت، ڪرڪا محبت سندي ميلاپ
جي. |
99- |
تان چئي: تهن جو نالو ڇا؟ جنهن تنهنجو
حال هڻي بيحال ڪيو، |
|
ڪندو جي خدا، ته ويندئي ورونهن ورهين
کي. |
100- |
چئي: برهه ڏيئي بانو، من منهنجو مستان
ڪيو، |
|
تهن ڪاڙهي قلب قريب ڪيو بدن بيرانو، |
|
سُمهان سُک نه جندڙي، تن نه توانو، |
|
سو ساجن سمانو، ملي ته ماندائي لهي. |
101- |
چئي: ڪٿي سو لڳئي نيهن، ڪاٿي ڏٺاءِ
سپرين؟ |
|
جو تون سارو ڏينهن، سُڏڪين ساهه کڻين. |
102- |
چئي: جا تو ڏنيم پاڻ، ڪڍي ڪنجي جيب
مان، |
|
وڃي دولهه اُپٽيم در کي، تنهن سوني
ڪنجي ساڻ، |
|
منجهه ئي باغ بهاريا، هي خزانن جي
کاڻ، |
|
جيئن من گُهري تيئن ٿئي، روح ۾ رمز
رهاڻ، |
|
اِنهن پر پرياڻ، هلي آءٌ آيس حوض تي. |
103- |
هلي آيس حوض تي، وهلو وير وَهي، |
|
تان سوني ديوار سڦري تهن کي ثابت هئي
صحي، |
|
تهن جي چئن ڪنگرن چار ويٺا، اچي ڪبوتر
ڪهي، |
|
اتان اڏامي آئيا لحظي منجهه لهي، |
|
تن اچي هاڪ هئي، پَرين پاڻي پاڪ تي. |
104- |
سي پرياڻيون پانيءَ پاس، وڳا رکي
وهنجن ٿيون، |
|
تان جا ننڍي منجهن نازنين، عجب سونهن
سندياس، |
|
ڏند ڏاڙهون ڪڻ جئن، هيري رنگ هواس، |
|
املهه نين نسورا، واسينگ وار سنداس، |
|
نڪ ته باريڪ لسو گهڻو، اهڙي اهڃاڻاس، |
|
پسي رهي پاراس، تنهن جو وڳو سڃاڻي مان
کنيو. |
105- |
جڏهن پييون ٻهر اچي، ڪنڌيءَ آب ڪنار، |
|
تان جا هئي ننڍي منجهن نار، سا ڪامڻ
پڇي ڪپڙا. |
106- |
تڏهن هلي چُريون هوء، هوءَ سوري ويٺي
اُتهن، |
|
ڪپڙا ڪري ڪڇ ۾، آيس تهان پوءَ، |
|
منڌ پَسي مشتاق ٿئي، رت ورنو روءِ، |
|
هيڪر من مهنجو مجنون ڪيو، جلوو پسي
جوءِ، |
|
هو ٻئي من مليا پاڻ ۾، هاڻي ٿيو نه
گُهرجي ڪوءِ، |
|
اها غازي اٿم گوءِ، سا ڏاتر لڳ ڏيار
مون. |
107- |
تڏهن اچي بدن لڳس باهه، ٻريس ڄيري
ڄندڙو، |
|
سپـيريان جي سوز ۾، ٿو سور سٽاڻا
کاءِ، |
|
ڌوڙ مَليو ٿو هو چوي: هئي هئي جانب
هاءِ! |
|
هئي حسن بانو هيران ٿيم، هاڻي ڪانَهه
ڪاءِ، |
|
هيون هنڌ نه هيڪڙي جثو جَم نه جاءِ، |
|
جيءُ جلي ٿو جوش ۾، ور وُڻو واجهاءِ، |
|
ٿيو من مشاهدو، دوس تَماري صورت سونهن
سواءِ، |
|
پر جا پاڻهين ڪيم پاڻ سين، ووءِ ووءِ
تهن ڪر واءِ، |
|
سو لڇيو لالن لاءِ، هئي ڪيو هڻي هٿڙا. |
108- |
هوند نه ڀاتم هيئن، ڪو موٽي پوندس
مامري، |
|
ناتي ڏينهن قيامت سينءَ، هوند ڪنجي
ڪڏهن نه ڏيان. |
109- |
هيئن نه ٿيس هوند، پر پاڻهين ڪيم پاڻ
سان، |
|
هيءَ برهه سندي بوند، جيڪس لکي هئي
لوح ۾. |
110- |
لوح قلم ۾ دانهن، ڪهن جي پهچي ڪانه
ڪا، |
|
ات نه پهتيم ٻانهن، جت ٿي انگ اڳئي
لکيا. |
111- |
هاڻ ڇا چوان توکي، جنه تو ياد مُٺوءِ
يار کي، |
|
سهيو سکيو جندڙو، جيءَ وڌوءِ جوکي، |
|
لاب کڻي سو تهڙو، پوک جهڙي پوکي، |
|
هيءَ دل وجهي دوکي، پاڻ ٿو سمن شاديءَ
جا ڪرين. |
112- |
ڪريانءِ هوند ڪنگال، آهي ڪمي ڪُريزن
ڪا نه ڪا، |
|
پر سو گند سليمان جي بخت ڪيوءِ برحال، |
|
هاڻي پڇي تهن پريءَ کان، هيڪر ثابت
ٿيان سرحال، |
|
ڪو آهيس خوشيءَ
جو خيال، ڪر تون ٿو باب بنائين
پانهنجا! |
113- |
تان چئي: پڇي ڪرپروڙ، تهن کان ثابت
ديو صحي ٿئي، |
|
ته محبت سندا مذڪور، پاڻهين ٿين پڌرا. |
114- |
هاڻي توکي بخشيم بادشاهه، پر ڪوٺي
پڇان پَرياڻي، |
|
تڏهن شاهه پريون موڪليون، تن وڃي
واکاڻي، |
|
بانو حسن، براهم چئي، آهي سٿ ڳڻ
سيباڻي، |
|
شـــــرم، شاخت، شعور سين، ڏمجـــــي
ڏينهاڻـــــي،
|
|
هل هلي هاڻي، ڪريون ديو مقابل مارڪا. |
115- |
ڪوٺي تن آندي، سا هلائي حضور ۾، |
|
اها پريائي پَرين سان آئي هلي
هيڪاندي، |
|
جا هئي دلبر دل ماندي، تهن سين ديو
دلاسي ٻوليو. |
116- |
چئي: هيءُ آدمزادو آدمي، سو شرف وڏي
سين شان، |
|
هنڌ، حويليون، بنگلا، تهن جا اوچا محل
مڪان، |
|
هيري، لعل، زمرد جي، تهن کي ڪمي آهي
ڪانه، |
|
تهن کي کاڻيون خزانن جون، ٻيا آگي جا
احسان، |
|
تهن خلق پنهنجيءَ خُلق سين، ڪئي مطيع
مهربان، |
|
وڻيم واه وجود ۾، تِهن عاقل جا ارڪان، |
|
سو توکي بخشيم بادشاهه، ظاهر ساڻ
زبان، |
|
ڪهن کي قدرت ناهه قدير سين، يَڪ ناخن
ناتوان، |
|
لکئي منجهئون لِک نه لهي، اچي پارڻ
پيم پروان، |
|
هاڻ مت وارئين ڪين ڳالڙي، ڪري گفت
زبان در دهان، |
|
ٻيا آن کي داتا دُهرادام، ڏيندو صحبت
سلابت جا. |
117- |
چئي: توکي وڻي جا، تنهن کان ڪنڌ نه
ڪڍڻو، |
|
ڪياءِ جا مُنها، تهن کي وَر وراڻي
ناهه ڪو. |