سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: مشهور سنڌي قصا

باب:

صفحو:14 

228-

پريان سندي پار جا، ويٺو گهڙي گهاٽ،

 

اوڏاهون جي اچڻ جي، ويٺو نهاري واٽ،

 

انهيءَ چيٽڪ چاٽ، ڪيو مائل محبوبن کي.

229-

اڄ تان عجيبن جو، ڪو اوڏو نه آيو،

 

ڪنهن جنهن رمز رفيق سو، ريهي رهايو،

 

ورايو وماس ڪري، چت کي چوايو،

 

ته لالن لکايو، جيڪس ڏمر ڏيل ۾.

230-

قاصد قريبن کان، الله اڄ ڪو آڻ*،

 

منهن مقابل ڳالهيون، ڪيون روح رهاڻ،

 

اڄ نه آيو هاڻ، ڪو قاصد قريبن جو.

231-

ڏمريا ڪهڙي ڏوهه، هن محبتي مشتاق تي،

 

گوليءَ اچڻ ڇڏيو، ٻاجهه مَ پوي پوءِ،

 

سي تسي ڪندا توهه، پنهنجي مهر مشتاق تي.

232-

پهر پڄاڻا رات جي، ڪامل کنيو ڪمند،

 

چڙهيو ملهه ماڙيءَ تي، ڪري فڪل فند،

 

هوڏانهن هو دلبند، اچي دوست دريچا ديکيو.

233-

گوليون گل اندام جونن، هيون ٻارهن هزار،

 

تن کي ويس قرمزي ڪيسري، جوهر جي جنسار،

 

سرکنڊ رپــــي ســــون جا، هئن ڳلي ۾ هـــــار،(1)

 

مڙئي من موهڻيون، سهجون ڪن سينگار،

 

جيئن کنوڻ ٿي کاهه ڪري، چمڪن تيئن چوڌار،

 

پسي تن جا پار، عاشق او گانو ٿيو.

234-

پسي کاهون کوئن جون، ٿيو عاشق او گانو،

 

تت پڻ تعظيمن جو، جنگ ڀريو جانو،

 

ڪري آگو احسانو، جو پر پهچڻ جي ناهه ڪا.

235-

لهي ملهه ماڙيءَ تان، هلي آيو هيٺ،

 

انهيءَ ڏسڻ ڏيٺ، ڪيو ديوانو داناءَ کي.

236-

دانهه ديوانو ٿيو، عاشق ڪري آهه*،

 

قاصد قريبن جو، آڻين ڪو الله!

 

نه ته ڪو رهبر راهه، آڻين اباڻن جو.

237-

دانهه ديوانو ٿيو، آيو جنگ تنهين جاءِ،

 

ٿيو ويهڻ ات ورجاءِ، سالڪ صبر قبول ڪيو.

238-

سالڪ صبر قبول ڪيو، نت نمايو نينهن،

 

مانجهي محبت مينهن، ٿو اوتي اکڙين مان.

239-

اچي سڪ سانوڻ ڪيا، دانهه کي درياهه،

 

جگر ٻيڙو جر تي، ٿيو من ملاح،

 

موجون جي محبت جون، سي ٿو سهجان جهلي ساهه،

 

عاشق اکين ماهه، اچي ڇول ڇَران ڪيو.

240-

ڪشور شاهه ڪٽڪ ڪڍيا، روٿون منجهان روم،

 

تن جو ديس ڪوهين ديرو پوي، ايڏي ڪٽڪ قوم،

 

سي پُريا پير پانوَ جي، زابر منجهان زوم،

 

ايڏي ساڻ هجوم، ٿا پڇائن پرڀونء ۾.

241-

ڪٽڪ ڪاهي ڪوٽ ۾، آيو وزير وري،

 

تنهن سڻائي شاهه کي، خبر هيءَ کري:

 

بانڪي شاهه بهرام کي، لڳي ذوق ذري،

 

شهزادو چڙهيو شڪار تي، وهلو تت وري،

 

آهُو نڪتو اوچتو، صورت سونهن سري،

 

جان پيڙس پڙ پري، جان هرڻ نه آيس هٿ ۾.

242-

مانجهي محبن سوهيو، راڻيون رڙن لاءِ وير،

 

قسم ڪونڌ پکيڙيا، ملڪن تي مهمير،

 

ڪي تائي ڪاڻ تجار ٿيا، ڪي فائق ڪاڻ فقير،

 

ڪي ونڪي ولايت ويا، ڪي آتا منجهه اُڪير،

 

گهمي گهتي موٽيا، جنگ مٿي جاگير،

 

اچيو چون وير: ڪل قابل جي ڪانه پوي.

243-

بادشاهه جي بيٽي کي، اندر رمز رهي،

 

پَڙها گهمايا پاتشاهه: اچو لال لهي؛

 

ساڳيو وزير هليو، سنڀري سو به سهي،

 

ڳولڻ هليو شاهه کي، پهلوان پهي،

 

اڇو صفو ڏٺئين سڃ ۾، پيا لک لهي،

 

پڇڻ لڳا پيرامرد کان، ٻاجهارا ٻئي،

 

هن ڀي ساري سڌ سهي، ڏنن ڏس بهرام جو.

244-

دانَهه بيٺو در تي، مورت ڪيس مستان،

 

کائڻ پيئڻ کؤن اڳي، حال ٿيو حيران،

 

پڇيائين پير ڀري، هُن جو ڪاٽي ملڪ مڪان،

 

ڏس ڏنومانس ڏيهه جو، سرهو ٿيو سلطان،

 

نالي گل اندام تان، ڪوڙين ٿين قربان،

 

راضي ٿيندس رحمان، جو پرين ميليندس پانهنجو.

245-

هي ڀي هليا اوڏهين، ساجهر ويل سوير،

 

ديهه آيا ديون جي، پانَهه ڀري پير،

 

هِي ڀي شاهه ڇڳير، اچي بانڪا لٿا باغ ۾.

246-

دهلجي ديو ويا، سورهيه سڀيئي،

 

جي آهن اهيئي، ته نوڪر انهيءَ جي نام جا.

247-

بانڪو آيو باغ ۾، هيڏي ساڻ همت،

 

دانَهه ٻَڌا ديو ها، سورهيه ڄڻا ست،

 

اسان ڀي ڪانه ڪئي، عاقل تنهن سان ڪٿ،

 

سڀ ڇڏيائين ڇوڙي، مير ڪري مروت،

 

سنگ چاڙهي منجهه سٿ، وير ويهاريوسين وچ ۾.

248-

وير ويهيو وچ ۾، ٿو حڪم هلائي*،

 

چئنچل ڏس چين جو، ٿو پانهه پڇائي،

 

سنگ لڳو سائي، ڪيائين هوانو هلڻ جو.

249-

چئچل آيا چين ۾، سنگ صلابت ساڻ،

 

پڇڻ لڳو ڀاتشاهه، ترت تنهين کؤن پاڻ:

 

ته هيڏي سان هاواڻ، ڪٽڪ ڪاڏي هليا؟

250-

هي جو براق بخت جو، شل ڪنهن کي مَ ڪيري،

 

آهي بانڪي بهرام جو، ديهه تنهنجي ديري،

 

تنهن لاءِ شهر تيري، هلي آيون روٿون روم جون.

251-

جنهن جو نانءُ بهرام، سو جنگي آهي جوان،

 

ڪهي لک ڪٽڪ کي، ٿيو راتو رات روان،

 

اسان فائق ڀانيو فرشتو، پر هي آدم ٿيو انسان،

 

هڪ نذر نيشاني نيزو ڇڏيو، ٻيو پانوَ جو پروان،

 

ڪو خط سڃاڻي خان، هوندو شهزادو هن شهر ۾.

252-

هن آڻي عَلم پيش ڪيو، ٿا پٽيو خط پڙهن،

 

تان ڪنهن کي اچي ڪانه ڪا، اوٽ سندي اکرن،

 

تڏهن وزير ويچار ڪري، کڻي ڏيکاريو ڏاهن،

 

ته حرف سڃاتا تن، جيڪي مڪتب ملوڪ سان.

253-

ڳولڻ لڳا ڳوٺ ۾، شهزادي کي شاهه،

 

ماڙيءَ ڌاري محب جي، ٿا نر جي ڪن نگاهه،

 

ته ڪاري پوش ڪلهن ۾، اچي وير ڏٺائون واهه!

 

دائن اُت داناهه، سڃاتو سهي ڪري.

254-

سڃاتو سهي ڪري، اڙٻنگ اعتباري،

 

بانڪي شاهه بهرام جي، ڪئي طالع تياري،

 

پاڪيزي پوشاڪ آندائون جوهر جنساري،

 

سينگاريائون سون سين ٿي هاٿي هانباري،

 

فائق في الحال فِيل تي، ڪئي هاتڪ هسواري،

 

وونڪي ساڻ وڄڻ لڳي نوبت نغاري،

 

بڻي بادشاهيءَ جي سلامتي ساري،

 

ديمن اتي ديم ڪئي، چورنگ چوڌاري،

 

ڪوپو ڪلاداري، هليو چڙهي هشام سان.

255-

دانَهه دولت سين ڪئي، گويا گل اندام،

 

ته هو ملائينم محبتي، پيوند جي پينام،

 

هليو راڄيو روم جو، اهڙي ساڻ هشام،

 

اسان ڪارون ڪين ڪيون، بانڪي ساڻ بهرام،

 

دانهه منجهان دام، ٿو وڃي وير وطن تي.

256-

چئي: دوستن سندي دام ۾، جيڪي پهس پون،

 

سي لائي لنو لالن سين، سُنک ٿي ڪين سمهڻ،

 

سي وطن ڪين وڃن، جي نهوڙيا نينهن پرين جي.

257-

جنهن درويشو درڪ ڪيو، سو دولهه دل دراز،

 

چڙهيو چاڪرن سين، وڃي گنو غماز،

 

چائي هليا چين مان، وٺي بر مان بهري باز،

 

ماري ٿو مجاز، مونکي محبوبن جو.

258-

لڳي جن لوري، هٿان حبيبن جي،

 

جهڄڻ ۽ جهوري، دلاسو دوستن جو.

259-

چئي: هو ملائينم محبتي، پر درد ڪيائين دور،

 

اڄ ڪچهريءَ ڪور، ٿو ديکي ڪين دماغ کان.

260-

ڪنور ڪچهري آئيو، جنگ وڏي سين جوڙ،

 

مٿس لاللان موڙ، ڇٽ شهزادي شاهه تي.

261-

فائق گڏيو فغفور سان، بانڪو شاهه بهرام،

 

آکيو عالمگير اڳيان، ڪامل ايءُ ڪلام:

 

ته جَنگ بلغاريءَ جَنگ جي، هئي مبارڪ مدام،

 

هيڪل ساڻ هشام، ويڙهه ڪئي ڪيئن وير تو؟

262-

تان چئي: مان وٽ لک، آهن ڪٽڪ باطني،

 

جيڪا ڪرين پرک، ته ديو آڻيان درٻار ۾.

263-

ڏسون سي ڏيکار، بانڪا ڪٽڪ باطني،

 

ويهندي ئي وارن کي، جُنگ جلايو مان جار،

 

تان ديو لکين درٻار، اچي هٿ ٻڌي حاضر ٿيا.

264-

پرکا پيئي پادشاهه، انت ورتو عظمت،

 

ته اسين تابع تنهنجا، اوهين واوَ ڏيو رخصت،

 

تڏهن سنگ اُتي سغفور ساڻ، مير ڳڻي مصلحت،

 

ته سروان جي آڻڻ ۾، فائق ڪج مَ فرصت،

 

تنهن ديو چيو داناءَ کي، ته اسان شير شريڪت،

 

اي تان نهايت، اسين نوڪر تنهنجي نانوَ جا.

265-

پوءِ موڪلائي تنهن جاءِ تان، جُنبيا پنهنجيءَ جاءِ،

 

تن سروان ۾ سراءِ، پهچائي پلڪ ۾.

266-

تڏهن وهانوَ جي وائي، ڪئي وير وزير سان،

 

تنهن سُڌ سڀائي، بات پڇي کان بادشاهه.

267-

تڏهن وير بادشاهه سان، وڃي وائي ويچاري،

 

ته وونڪا ڪم وهانوَ جو، جنگ ٿئي جاري،

 

تڏهن فائق فغفور جو، هو عاقل اختياري،

 

ته هوءَ آهي وات وڪيل پنهنجي، سهنجا سچاري.

 

ٿئي تڏهن تياري، جڏهن اوڏاهون اهنڪر ٿئي.

268-

تڏهن روح افزا راحت ڪڍي پي سروان نال،

 

گڏيو گل اندام کي، اچي کيڪاري خوشحال،

 

ان به بادشاهزاديءَ سين، ڳوريءَ ڳرهي ڳال،

 

ته مون هان موچاريون گهڻيون، آهيو اوچي سان اقبال،

 

سي وڻيون نه بهرام کي، ڀينر! ڪهڙي ڀال؟

 

اسين بادشاهزاديون برحال، پر آهي طالع اُتم تنهن جو.

269-

همشيره ديون جي، هيو سروان جنهن جو نانءُ،

 

سا آئي گراوني ڪوٽ مان، ڪارڻ واڪ وهانوَ،

 

ته عظمت وٺي آءُ، ڪنا فائق ڌيءَ فغفور جي.

270-

روح افزا رهاڻ ۾، اچي ويڻ ٻڌايو واهه،

 

سڄڻ ڀــــريءَ ســــــــٿ ۾، هيءَ ڳالهائي ڳالهه،(1)

 

هٿ شهزادي شاهه، آهي واڳ وهانوَ جي.

271-

تڏهن دايون دانائن ڏانهن، آيون کاڄ کڻي،

 

کاڌائون خوشيءَ مان، وين واهه وڻي،

 

مچايائون منڌ کي، ڏيئي گهُر گهڻي،

 

پر ديون جا ڌڻي! متان ڦٽائين فغفور کي.

272-

تڏهن سُڻي ڪيائون سڀڪا، ساهيڙن سڀر،

 

هِنئين ۾ حبيب جي، هيس اڳهين سڪ اپر،

 

لونگ ايلاچيون ان کي، گهڻيون ڏنائون گهر،

 

ٿيون سرهيون سربسر، ته ڪامڻ ڪانڌ قبوليو.

273-

پوءِ موڪلائي تنهن ماڳ تان، جُنبيون پنهنجي جاءِ،

 

ساهيڙيون وٺي ساءُ، سڀ سرهيون آئيون.

274-

روح افزا رهاڻ ۾، اچي ڪهڻي ايءَ ڪهي:

 

ته سويرو سعيو ڪيو، سهجان سڀ سهي،

 

ٿين ٻهڳڻ ڪاج ٻئي، اهو عزم گل اندام ڪيو.

275-

تڏهن ساڙي وار سراءِ ۾، ديو آندا داناءَ،

 

سنگ اڳيان سغفور جي، ٿو ڳالهه ڳالهاءِ:

 

ته سرو سان صلاح، آهي سٿ هن سڱ جي.

276-

تڏهن ديو اڳيان داناءَ جي، ڪيا سغفور سلام،

 

ته اسين مايا ملڪ مڏيءَ سين، آهيون گولا تنهنجا غلام،

 

هاڻي ڀر تون هام، هي سرو سان صدقو ٿئي.

277-

انهيءَ وير وهانوَ جي، ٿيو بانڪو خوش بهرام،

 

روح افزا راحت ڪيس، باريءَ بخش انعام،

 

شاديون ٿيون شام، ته راڄو ريڌو روم جو.

278-

ويهندي وِهانوَ جا، سڀني ڪيا سعيا،

 

فائق منهن فغفور جا عاقل اڏايا،

 

ديو مڙي داناءُ وٽ آڳانجها آيا،

 

سڀ سڻي سخني، مانجهيءَ مرڪايا،

 

چند ٽئي اسي چين ۾، پانڊوَ پهرايا،

 

ڪيا صاحب سوايا، وري ڪاج ڪرم سين.

279-

ڏيهان رس راڳن جا، هيون راتيان رهاڻيون،

 

ٿيون ماڳ مهمانيون، نت فائق فغفور جون.

280-

ماڳ مهمانيون هيون، نت ٿيون مان نينهن،

 

گذريا پورا پنڌرهن ڏينهن، ته راڄو سنڀريو روم جو.

281-

شهزاديءَ کي سغفور چيو: هل تون اسان ساڻ،

 

نوازيو نوڪر کي، هلي ماڳ ٿيو مهماڻ،

 

ديو اڏائي پاڻ، پانڊو پلڪ پڄايو.

282-

وڻ ڪينڪي وطن مان، کوهـي هن کنيو،

 

سڄو درخــــــت مشڪ جـــــــو، اچي پڙ پيو،(1)

 

ڀُڻڪو تنهن ۾ ڀونرن جـــــو، تنهين ويل ويو،(2)

 

ملهه مهمان ٿيو، ديهه اچي ديون جي.

283-

ديهه اچي ديون جي، ملهه ٿيو مهمان،

 

ڪارو ٻڌا ڪيترا، ڪن سهنجا سورهه ساڻ،

 

پانڊو اتان پاڻ، ٿا گهوريو گهورين جندڙو.

284-

پيارين پانوَ کي، ديو اچيو دارون،

 

ڪوڙين تن ڪارون، ٻيا وس وڏا ڪيا.

285-

چڙهي چاليهين ڏينهن تي، ڪهيا سڀ ڪٽڪ،

 

سڀني مهمانن جون، ٿا سهجان ڪن سلهٽ،

 

طنبو توشا کٽ، مڙني کي موجود ٿيا.

286-

تيرهين ڏينهن تيار، وريو وير وطن تي،

 

ناميا نائين ڏينهن تي، نڪري ٿيا نروار،

 

ڪٽڪ سان ڪشورشاهه، آين واڳيوار،

 

وڇڙيا ورهين جا، ڪري جمع جبار،

 

سو ڀَت سرهايون ٿيون، تسيون توه تبار،

 

جن جو ڪلمي ساڻ قرار، هوندا سي ايمان سان.

287-

بانڪي شاهه بهرام جو، قصو پڙهن ڪيئي،

 

پڙهڻ ساڻ پري ٿين، غم غدود سڀيئي،

 

مالڪ مڙيئي، غم لاهي غمگين جا.

 

لا اِلھ اِلا الله محمد رسول الله

 بانڪو شاهه بهرام*

چيل بهاول مهر جو**

 

1-

سارهه ڪيان سبحان جي، سارهه جنهن جو شان،

 

نُور مون نروار ڪيئين، سهڻو شاهه زمان،

 

نارل ڪيئين نبيءَ مٿي، فيض وارو فرقان،

 

عليءَ شير امير کي، ڪيئين شاهه والي شان،

 

اهڙو مالڪ مهربان، سو ويهه وساري ڪينڪي.

2-

ايشيا جي اولهه ۾، آ روم ملڪ مشهور،

 

’ڪشور شاهه‘ سلطان اتي هو، بخت سان ڀرپور،

 

نامور نادر هو، زابر سو ظهور،

 

فرزند تنهن فائق کي، هو سهڻيءَ چال شعور،

 

نالي ’شاهه بهرام‘ هو، باڪو سو ڪُهنور،(1)

 

سو هردم شوق شڪار سان، مرد هيو مخمور،

 

من هيس مذڪور، شب ۽ روز شڪار جو.

3-

هردم شوق شڪار جو، هو جيءَ اندر ۾ جوان،

 

هڪ ڏينهن اُسريو شڪار تي، کڻي تير ڪمان،

 

اڙدن سان امير هليو، سڀ کڻي سامان،

 

نوبتان وڄائي نادري، هليا يار يگان،

 

مصلحت اتي مڙني ڪئي، اهڙي بات بيان،

 

سامهون جنهن کي شيء ٿئي، ڪري ڪاهه سين ڪان،

 

اهڙي صلاح سنبري هليا، مرد سڀئي مردان،

 

اڳئون نڪتو اوچتو، مرگهه مٿئون ميدان،

 

وارو اتي وير ڪيو، پرس پهلوان،

 

گُٿو وارو گوهر سندو، ڪئي ڪاهه ڪويسر خان،

 

موجب لِکئي لوح جي، گهميو باڪو بيابان،

 

سبب انهيءَ سبحان، بهريوند بهرام ڪيو.

4-

بهريوند بهرام هو، اصل ڄائي ڄام،

 

ڏوريندي هڪ ڏيهه ۾، آيو سهڻو ويلي شام،

 

رئيس رهيو ات راتڙي، باڪو شاهه بهرام،

 

ساڻ نه هو ڪو شاهه سان، گهوڙي ريءَ غلام،

 

اتي وير ويچار ۾، ڪيو قادر جو ڪلام،

 

ڪيئن يوسف کڻي کوهه ۾، وڌو ڀائن وير وريام،

 

اُتون زابر لاءِ زليخا جي، ڪيو ٿرن ۾ ٿهرام،

 

اهڙا ڪم قادر جا، آهن ملڪن منجهه مدام،

 

اهڙيءَ طرح تمام، ڪئين راتيون گذاريئين رڻ ۾.

5-

راتيون رهندو رڻ ۾، اڳتي وير ويو،

 

نه جهانگي ڏسي ڪو جهنگ ۾، نه ٿر ۾ ٿانيڪو،

 

ڪڏهن ميون تي مرد پئي، ٿي قابل قوت ڪيو،

 

ڪڏهن صحرا ۾ شڪار ڪيُون پئي خورم خان ٿيو،

 

اهو وڇوڙو وير کي، قسمت پَڙ پيو،

 

واهه! چئي ان ماڳ تي، پاتو لال لِيئو،

 

نامئي کي نظريو، پهاڙ اتي ڪو پٽ ۾.

6-

مٿي پٽ پهاڙ تي، قابل ڪئي ڪاهه،

 

چست ڏٺي تنهن چوٽيءَ تي، عمدي جوان جڳاهه،

 

اوڏاهين امير ويو، چري گهڻي سان چاهه،

 

مرد لنگهيو محلي ۾، سهڻو ويل صباح،

 

حَسين اُت حور پسيئين، صورت عاليجاهه،

 

جَڙيل هئي جهنور سان، اها مورت مثل ماهه،

 

مرگهه نموني نيڻ هيس، ٺهيل اهڙي ٺاهه،

 

سڀني وصفن سهڻي، عمدي ڪئي الله،

 

حورپَسي حيران ٿيو، ڪيئن صاحب جي ساراهه،

 

وڻي وئي هئي وير کي، صورت ساهه پساهه،

 

نامئي ساڻ نگاهه، باڪي برهه خريد ڪيو.

7-

باڪي برهه خريد ڪيو، ڏسڻ سان ڏاهـي،

 

هڪ مرد ڏٺائين ان ماڳ تي، ويسر ورجائي،

 

ان مرد پڇيو شهزادي کون: اوهان جو اچڻ ڪيئن آهي؟

 

اولا اکين لاهي، بات اتي بهرام ڪئي.

8-

بات اتي بهرام ڪئي، محسن اڳيان مير:

 

ته انگ جيڪو ازل کون، لکي ٿي تقدير،

 

اهو لکيو ٿو پَري تنهن کي پڄي نه ڪا تدير،

 

باڪو بهرام نام اٿم، فهميدا فقير!

 

چڙهيس سير شڪار تي، اچي ٿيم اُڪير،

 

ڪاهيم ڪڍ هرڻ جي، کڻي تفنگ تير،

 

اهڙي نَر نظير، آيس اوهان جي ماڳ تي.

9-

آيس اوهان جي ماڳ تي، قسمت واڳ وَري،

 

ٻڍڙا! ٻڌاءِ تون به، خبر هاڻ کَري،

 

ڪهڙي سِر پَٽ تي، هِيءَ عمارت اُسري؟

 

کوليئين اتي آهه ڪري، درد جي دَري،

 

چئي: لکيل هئي ڪا لوح ۾، سندي برهه ڀَري،

 

اوڏاهون ازل کون، قسمت ڪين ٽري،

 

وڻج ڪندو هوس وير مان، خشڪي ۽ بحري،

 

ڪڏهن يمن، يورپ ڪڏهن، هند، سنڌ ۽ گجري،

 

هڪ ڏهاڙي اوچتو ويس مُلڪ چين چُري،

 

اتي فهميدي ’فغفور‘ جي، هئي سلطاني سڦري،

 

ڌيءَ تنهن جي هڪڙي، هئي حُسن حور پري،

 

پَسي اُن پريءَ کي، وڻج ويا وسري،

 

ساعت ڪانه سري، هوش عقل آرام ويو.

10-

هوش عقل آرام ويو، ڏسي گوهر ’گل اندام‘،

 

تصوير جي تاثير ڪئي، نيڻين ننڊ حرام،

 

اَڏيائين عاشقن لئي، ديدن اندر دام،

 

جيڪو ڏسي اُن حور کي، ٿئي مست مدام،

 

هزارين حيلا ڪيم، تنهين لاءِ تمام،

 

لُٽبم خزانا مال ڪل، جانب ڪارڻ جام،

 

اهو حيلو ۽ حڪام، ڪارگر ٿيو ڪونه ڪو.

11-

ٻيا به عاشق صحن ۾ هئا، گهڻا گهايل گهور،

 

عشق جي عليل کان، پري ٿيا مَ پور،

 

ڪئين وير وطن ڇڏي، ٿيا وڻجارا وهلور،

 

اَمُل اٺين ڏينهن جو، ٿي کڻي عين اُجور،

 

پَسي منهن مشتاق، رهن منجهه ويراڳي وچور،

 

عليل عشق مجاز ڪيا، ڪي سالڪ انهيءَ سور،

 

خان! اتي هئي کيڏ، آ ورهه جي وندور،

 

منجهئون هڻي حور، حيران ڪيائين حُب ۾.

12-

حيران ڪيائين حب ۾، گذاريم ورهه ريءَ وصل،

 

بيوس ٿي برهه ۾، ٽيٽ ڪيم هيءَ ٽل،

 

منهنجو جيئڻ جانب ري، ٿيندو ڪين اصل،

 

نقاش گهرايم نامور، اعليٰ ساڻ عقل،

 

جوڙيائون جهنور سين، مورت منڌ مثل،

 

ساڳئي نموني نار ٿي، ساڳي عين امل،

 

پوءِ جاءِ جوڙايم هتڙي، ڪاشيءَ سان ڪهگل،

 

تڏهن مونجهارو مس لٿو، مليو دلاسو دل،

 

اهڙي نينهن نقل، ورهه گذاريان وير ٿو.

13-

ورهه گذاريان وير ٿو، غازي ڪئين گذر،

 

شاهي تي شاهه ٿا، ساٿي ڪن سفر،

 

وڻج ڪري وري اچن، وڪڻي ڪل وکر،

 

اچي ڏين ادب سان، ساٿي مون ثمر،

 

پر مونکي سمو سهڻي جو، اُڪير جو اثر،

 

ويل نه وسري ورونهه کان، رهان ماندو منتظر،

 

عشق عين اکر، مليو اصل محبوب جو.

14-

بات سڻي بهرام کي، ٿيو نشو ۽ نينهن،

 

گوهر گل اندام لئي، مرد وسايو مينهن،

 

سگهو رب سميع، ڪندو ميلو محبوب سان.

15-

ڪندو ميلو محبوب سان، راضي ٿيندو رب،

 

ٻڍا! ٻڌي ته ٻول کي، لڳو عشق عجب،

 

سُپيريان جي سڪ اچي، ڏنو جيءَ جَلب،

 

اعليٰ آهي اصل کان، سندو نينهن نسب،

 

صاحب ڪري سبب، ته وڃي ملان محبوب کي.

16-

چئي: ملين ڪيئن محبوب کي، آ ورهه اوکي واٽ،

 

هڪ اوکا پنڌ پهاڙ جا، ٻي عشق جي اوساٽ،

 

ڪئين وير ويهي رهيا، گهر وساري گهاٽ،

 

نه ڳاڻا کڻج ڳاٽ، مرد! انهيءَ ميدان ۾.

17-

مرد ٿي ميدان ۾، وس ڪندس وارو،

 

پٽ ڄاڻان پهاڙ ۾، اڃان ويتر واڌارو،

 

محسن تنهنجي محبت مان، عشق رکيو آرو،

 

پرت وارن کي پرينءَ جو، نه ڪجي ورهه ويسارو،

 

ملڻ لئي محبوب جي، ڪندس پرتئون پسارو،

 

پرين سندي پار ڏي، آهي مرڻ موچارو،

 

ماهيءَ کي ري مهراڻ جي، سور سُجهي سارو،

 

ڀونرن جو ”بهاول“ آ، منجهه گلن گذارو،

 

وٺي چين ملڪ چارو، هليو غازي گل اندام ڏي.

18-

هليو غازي گل اندام ڏي، ٿيو رند روانو،

 

پائي هليو پريت جو، ڳل ڳچيءَ ڳانو،

 

نينهن جي نشي ۾، کائي نڪو کانو،

 

هڪ ورهه، ٻيو وڇوڙو، ٽيون ڪيس درد ديوانو،

 

عشق جي آڙاهه ۾، گهڙيو پتنگ پروانو،

 

ڪندو ٿاڪ ٿرن ۾، هليو مانجهي مردانو،

 

برهه بارانو، وير وسايو واٽ ۾.

19-

ورهه سندي واٽ ۾، مانجهي ٿيو محڪم،

 

هڪ هيس وڇوڙو وطن جو، ٻيو لڳس عشق اتم،

 

ٽيون فراقن فقير ڪيس، گوندر ڏيئي غم،

 

چوٿون جدائي جانب جي، ڪيس زور ظلم،

 

وير ووڙيندو هليو، کڻي چاهه چشم،

 

وحدت جي ورد ۾، پئي خان ٿيو خورم،

 

گوهر گل اندام سان، هيس لکيو قرب قلم،

 

ڪاهي اچي ’ڪاڪيشيا‘ ۾، دانَهه ڀريو دم،

 

ڪو اُتاهين علم، باڪي ڏٺو باغ ۾.

20-

باڪو آيو باغ ۾، ڏٺئين باغ بهار،

 

گهوٽ لهي گهوڙي تان، پانَهه ڪيو پسار،

 

هيون بلبليون گل بوءِ تي، ٻيو ڀونرن جي ڀڻڪار،

 

گل گلابي، گل صنوبر، ٽيون سورج گل گلزار،

 

گل رابيلي، گل سناسي، واهه هيس وڻڪار،

 

عطر ۽ عنبير جا، هئا چمن ڪيئي چوڌار،

 

سبزي ۽ سرهاڻ مون، پئي مرد لاٿو مونجهار،

 

مهر ڀريو ”مهر“ چئي، هو وڻن جو وڻڪار،

 

اُت محل اندر منڌ هئي، حُسن ۾ هاڪار،

 

ديواني ٿي دريءَ مون، ڪيئين دانهه جو ديدار،

 

ٿيس اُڪير اندر ۾، پَسي سونهن ڀريو سردار،

 

ڪئي مهماني ملوڪ جي، ڪري طعام تيار،

 

منڌ مڪو سمجهائي، ٻانهيءَ کي ٻيهار:

 

ڏيئي مهماني محب کي، اهو ڪج اظهار،

 

دانهه هي ديون جو، آ احڪامي آچار،

 

ماني کائي مير وڃ، هيءُ پانهه! ڇڏي پار،

 

آئيندو تو اختيار، آ اطلاع ڪم اسان جو.

21-

طعام کڻي تعظيم سان، آئي دانَهه ڏي دائي،

 

ماني ڏيئي مهمان کي، چيئين ٻول سندو ٻائي،

 

هيءَ جاڳهه جوءِ ديون جي، جو ان! اَٿي جائي،

 

آهن اجگر اڙد گهڻا، ٿَن عادت اڻائي،

 

اچن ته آگم ٿئي، هيءَ ٿَن پانهه پُهائي،

 

اصل کؤن آدم ذات سان، اٿن ٻهڳڻ ٻيائي،

 

گهڙيءَ بعد گهمي ڦري، ايندا تکا توائي،

 

تون باڪا هن بستان جي، وندر ڇڏ وائي،

 

اَٿي چورنگ چڱائي، کاڄ کائي وڃ خان تون.

22-

بات سڻي بهرام ڪيو، گفتگو سين غلام:

 

موجب امر الله جي، ڏيهه گهڻا ڏوريام،

 

جبل، ريگيون، روهه گهڻا، ورهه سين ووڙيام،

 

وَسئن ڏٺي ڪي ڏينهن ٿيا، بنا توشي طعام،

 

هي گل پسي گلبوءَ جا، وڇوڙا وسريام،

 

وڻڪاري وندر جو، اهو رايو رٿ ڪيام،

 

لاهي ٿڪ ٿرن جا، پوءِ ويندس ماڳ مدام،

 

اهڙي سين انجام، احوال پورو امير ڪيو.

23-

احوال ٻڌي امير جو، وري ٻانهيءَ ٻولايس،

 

واجب ويهڻ نه وير تو، هن ديون جي درس،

 

ست ڀائر ’سغفور‘ جا، هِن بالم ساڻ بهس،

 

ڏسي باڪا توکي باغ ۾، ڪندا رنج رقص،

 

گام ڀِري سان گس، وهلو وڃ وريام تون.

24-

اتي وري وير چيو، ٻانهيءَ کي ٻيهار:

 

ته نڪي مدعي مان ديون جو نڪي ڪيان ويڙهه والار،

 

نڪي عمر رهندس اِتهين، ورهه ڪري ويسار،

 

نڪي زبان ضرر ڪيم باغ ۾، نڪي ٻي گفتار،

 

ڪُهه وڙهندا ڪيهي سبب، عزم ڪيهي آچار،

 

جي ريءَ عدل اچي ڪندا اماري اولار،

 

ته ڪندس جنگ جذب سان، مڙان ته ڏيج ميار،

 

نعرو هڻندس نادري، وڄائي نينهن نغار،

 

الله جي آڌار، سورهه رهيو سر باغ ۾.

25-

ٻانهيءَ وڃي ٻائيءَ سان، اوريو هي حال:

 

ته ڪو پرس آهي پهلوان، وڏيءَ جوت جمال،

 

ڪيهر شينهن قوت ۾، ڀانئجي ٿو برحال،

 

چيائين چڱيءَ ريت سان، سُڻي هيءُ سوال،

 

ته ڪي گهڙيون رهي باغ ۾، خورم ڪيان خيال،

 

پوءِ ويندس مدامي مُلڪ ڏي، ڇڏي ماڳ محال،

 

مور مهماني کاڌي، جيئن معذورن مثال،

 

گولي آئي گوهر ڏي، ترت ڪري سا تال،

 

برتن سڀ باڪي وٽان، ويئي ڦيرائي في الحال،

 

جان وير ويٺو هو ورونهه ۾، ڏٺئين مينهن مٽي حال،

 

باڪي ديو بحال، سڃاتا سڀ سيگهه ۾.

26-

گهڙيءَ بعد گهمي آيا، ديو سندي ديري،

 

اُڙدن سان اچي لٿا، هينئين کي هيري،

 

مڙئي پنهنجي ماڳ تي، وريا واهيري،

 

ڪاٿون ڪل ڪيئن ٻين، پانَهه جي پيري،

 

تڏهن مُڪو ڀاءُ مانجهي ڏي، سغفور سَنـيري،

 

ته ڪير ريءَ اجازت باغ ۾، آيو ڪَهي ديري،

 

تنهن کي سورهه سزا ڏيئي اچ، قوت سان ڪـيري،

 

پوءِ فاسق منهن ڦيري، باغ هليو بهرام ڏي.

27-

باغ هليو بهرام ڏي، رکيو شور ’شماس‘،

 

آيو هلي امير وٽ، نڌر سو ناقاص،

 

ٿيو ڪاري وار وريام تي، بيهودو بدمعاش،

 

تڏهن وير وقوف سان، ڪيس خوءِ خلاص،

 

بائلي ڏيئي شهباز جيان، رند ڪـيريو راڪاس،

 

اهو پلٿو پانهنجو، پئي خاوند پسيو خاص،

 

نادر ڪري نراس، اَهلايو اجگر ديو کي.

28-

اَهلائي اجگر ديو کي، بيٺو مَلهه مٿي ميدان،

 

ڪر آدمزاد، ڪر ديوزاد، ڪر نادري نيشان،

 

ڪٿ روم، ڪٿ ڪا ڪيشيا، ڪٿ چين ماڳ مڪان؟

 

ڪٿ گوهر گل اندام ٿي، بهرام بات بيان،

 

اهڙا ئي ازل کون، آهن الله جا احسان،

 

احوال هي اظهار ٿي، پيو ديون جي ته ڌيان،

 

حال ٻڌي ٻيو ديو اٿيو، سنبري سين جولان،

 

نالي نانءُ ’ڪماس‘ هو، دهشت سين دهمان،

 

اچي شير شهمير تي، اُڇلي ڪٽاري ڪاران،

 

ترڪيس پير تيز مون، ويون مَتين کؤن مروان،

 

وارو اُت وريام ڪيو، پرس پهلوان،

 

ڪيري وڌائين قوت سان، ديو جيئن دوفان،

 

ٻڌي ديو درخت سين، ماريئين طبل ساهي طومان،

 

کيڏ کيڏي هيءَ خان، قوت ساڻ ڪريم جي.

29-

قوت ساڻ ڪريم جي، نعرو هنيو نادر،

 

اٿيو ’تميل‘ تيز مون زوريءَ ديو زبر،

 

مير کي ان مهل ۾، ڪا سوڀ لکيل هئي سر،

 

سو چورنگ چُنگ ڏيئي ڪري، وار ڪيو ويتر،

 

چُست ڪيو چنبي ۾، وير چڻيءَ وانگر،

 

تڏهن ڪاوڙ جي ڪاهه ڪئي، ’ڪميل‘ ديو ڪثر،

 

پر جنهن کي سوڀ ستار ڏئي، تنهن کي اوکي ناهه نظر،

 

سو به گهڙيءَ گهور ڪري، ٻڌو پانهه ديو پڌر،

 

همت ساڻ هنر، جنگ اتي جهونجهار ڪئي.

30-

’هاميءَ‘ سڻي هولچو، سڏيو کي ’شامي‘،

 

پاڻي کني پهلوان هليو، اجگر اُڀامي،

 

اکيون هاڙهي جي هيبت ۾، پيا آخر اُجهامي،

 

هڻي نعرو نظامي، نادر وڄايون نوبتان.

31-

سوز ڪري ’سغفور‘ هليو، کڻي سورهه ڏي شمشير،

 

آگ وانگر اُڀري هليو، رکي مدائي مير،

 

هيبتناڪ واري گهڙي پيو، دانهه سو دلير،

 

گسائي وارو گهڙي پيو، دانَهه سو دلبر،

 

وجهي ونگ وقوف سان، آهلايئين اجگير،

 

هو مانجهي جوان مٿير، جنهن جنگ فتح جهونجهار ڪئي.

32-

ڏٺو بلوو باڪي جو، پئي سمورو سڀن،

 

ڪن ماڙيءَ مان منهن ڪڍي، ڪن چڙهي ڪوٺن،

 

وڻن پکين وهواهه ڪئي، جوان سندي جلون،

 

ديون جي هئي دادلي، ’سروان‘ ڀيڻ سندن،

 

صدقي تنهن سر ساهه ڪيو، پانَهه جي پلٿن،

 

ست ديو هڪ آدمي! هي به سالڪ سڌ سمجهن،

 

”آلانسان سري واَنا سره“ آ ثابت سان ٻولن،

 

تڏهن اچي ڪِري امير جي، ڪامڻ سا قدمن:

 

سورهه! شان سندو ڏسي، ڪر مروت سان ماندن،

 

معافي ڏيو مڙن کي، جو هي پِين ڏوهه هٿن،

 

آيو اُت امير کي، چوڻ ياد چڱن،

 

ته ويهجي ڪنهن وڻ هيٺ، دير گهڙي ڪنهن دن،

 

عمر تائين ان وڻ جون، ٽاريون نه ٽُڪجن،

 

ڳڻي ڳاڻ سندي ڳائُن، خان پسي ڪيو خيال کي.

33-

خان پَسي ڪري خيال، ڪئي عورت سان هيءَ اور،

 

ته ڪُه ڪاهون ڪوڙن اچي ڪيون ريءَ قصور؟

 

وڙهان هوند ويرين سان، زنگ وڏي سين زور،

 

هڪ ڳڻيم ڳالهڙي، جا مانجهين ڪئي مور،

 

ٻيو مائي! تنهنجي مهمانيءَ، سڀ لاٿا مون شور،

 

ظاهر ان ضرور، وڙهڻ واجب ناهه مون.

34-

چئي: باڪا! بابت ويڙهه جي، آ سورهه تو شاباس،

 

تنهنجي ٿوري هڪڙي، نه آءٌ پڄندياس،

 

مال سر تو مٿان قربان، آءٌ ڪندياس،

 

هي اَسير ٿيا اُداس، آجو تن کي امير ڪر.

35-

آجو ڪيو اسيرن کي، باڪي بختاور،

 

اُٿي چميائون چشمن سين، پانَهه جا پَيزر،

 

بخشايائونس بيحال ٿي، ڪيل ڏوهه ڏمر،

 

گهوريائون گوهر مٿان، هيرا لعل جهنور،

 

محافي چاڙهي مير کي، آندو ديون در شهر،

 

ڪروڙين اچي قدمين پيس، عاجز ٿي اجگر،

 

موجود ڪيائون مير اڳيان، اڻ لڀ چيز اپر،

 

خورم ۽ خوشحال ٿيو، ٿيس ڏات سندي ڏاتر،

 

ڪيس بهاري ”بهاول“ چئي، پاڪ ڌڻي پرور،

 

اصل پانهه کي پاکر، علي شاهه مردان شير جي.

36-

علي شاهه مردان شير، ڪيس مدد مرتضيٰ،

 

اها رمز ڳجهي راز جي، هئي رٿِ رضا،

 

ڪو سالڪ ڄاڻي سرت سين، گوهر جي غذا،

 

ڪيئون شادمانا شاهه لئي، ٻيا سوين موڪ مزا،

 

ڏکن بعد سک اچي، ويا ورهه عيوضا،

 

ڪاٽي سور سزا، ٿيو وير وصل کي ويجهڙو.

37-

وصل کي ٿيو ويجهڙو، مير مشاقي،

 

ست ڏينهن سورهه ٿيو اُتي اوطاقي،

 

پوءِ پيس پور پرينءَ جو، ٿيو عليل عشاقي،

 

سڻايائين سغفور کي، بيان برهه باقي،

 

چئي: ڏس ڏيو ڪو چين جو، ته لهي گوندر غمناڪي،

 

ويهڻ واجب ناهه مون، هت يار بنان باقي،

 

ٿر ووڙي ٿاڪي، ويندس پِريان جي پار ڏي.

38-

چئي: پانهه! سولو پار آهي، باڪا ٿي نه بيرنگ،

 

مير! ويجهو اُو ماڳ آ، ديهه ديون سان دنگ،

 

کائي طعام، ڪر آرام، پانهه سمهي پلنگ،

 

راءِ رسيو کي رنگ، حال سڻي سغفور کان.

39-

حال سڻي سغفور کان، ٿيس ساعت سرهائي،

 

گهڙي دم باغ بهار ٿيو، ڪيس نينهن نوائي،

 

هن ڪوڙين اُلـيل عشق جا، ورهه ويرائي،

 

وري جاڳيس جوش اندر ۾، جيئن آڳ ٻري آئي،

 

 عاشق نت اکڙين مون بوند برسائي،

 

اصل دوا عشق کي، ڪانه لڳي ڪائي،

 

بنان ملڻ محبوب جي، آهن سور سودائي،

 

وصل جي وائي، نه وير وساري وات مان.

40-

نه وير وساري وات مان، برهه مٺڙي بات،

 

عاشق کي اکڙين مون، نه بس ٿئي برسات،

 

سغفور اتي شاهه کي، چيا لائق هي لفظات،

 

نه ماندو ٿي مير! تون، آ ڪم سولو ڪثرات،

 

هيءُ اسان جو ادا ڪر، جو حال چوانءِ حاجات،

 

آهه دانه! ’فرح ديو‘ هت، بيهودو بد ذات،

 

هڪ ڏکائي ڏيهه کي، ٻيو ڪري ڦران ڀاتون ڀات،

 

تنهن کي ناس نادر! ڪيو، سور ڏئي سڪرات،

 

سورهه! ڪري سانت، ٿيءُ ساٿي ڪار صلاح جو.

41-

ساٿي لاءِ صلاح جي، مير پڇين او ماڳ،

 

روش رهي ٿو ڪٿي، اٿس ڪهڙي منهن مهاڳ،

 

انهيءَ جو اڀاڳ، سنئينءَ ريت سڻائيو.

42-

چئي: سڻ سورهه! ان جي، چڱيءَ طرح چال،

 

کر رهي ٿو کوهه ۾، ساڻ مڏيءَ ۽ مال،

 

ڏک ڏونگر جي اچي، آهه وڏي زور زوال،

 

آرام ڪري ڪي ڏينهن ٿو، آمرون منهن مثال،

 

ڳاڻـي سڻي ڳال، ڪئي ڪاهه ڪفران تي.

43-

ڪئي ڪاهه ڪفران تي، رکي عين الف، مَنُ ميم،

 

”نصر من الله“ چئي، چڙهيو فهميد و فهيم،

 

ويجهو جڏهن وير ويو، انهيءَ ماڳ مُهيم،

 

تڏهن سغفور چيو شاهه کي، سنئينءَ سڌ سليم،

 

ته ڪئين ڪافر ڪنبائيا، غازي سو غنيم،

 

خان ڪهي ويو کوهه تي، باڪو سو بهليم،

 

اتي دهشت ديو جي، ٿي لانجهي لُونءِ لئيم،

 

لاٿئون هيٺ هنر سان، هاڙهو جوان حڪيم،

 

مير لاهي موٽي ڀڳا، سگهو سڀ سقيم،

 

هو قادر رب ڪريم، واهر والي وير سان.

44-

واهر واليءَ سندي، هئي سورهه سان شامل،

 

مير لهي ان ماڳ تي، پَسيو رنگ رمل،

 

خارجي خمار ۾، هو سڙيو ديو ستل،

 

ٻي سوڀياوان سهڻي، هئي عورت اُت اَمُل،

 

ان مهري اتي مير کون، پڇيو نانءُ نقل،

 

عورت سان اصل، بيان اتي بهرام ڪيو.

45-

بيان اتي بهرام ڪيو، مهريءَ سان معلوم،

 

چئي: نالو شاهه بهرام آ، ۽ ماڳ رهت آ روم،

 

ڪڍندس توکي قيد مون، ماري هي مذموم،

 

تون به چئو حقيقت حال، ڪيئن منڌ ٿئين مغموم؟

 

چئي: دانه! فرح ديو جو، زور وڏو هو زوم،

 

مونکي ڏسي هڪ ڏينهن جو، زور وڏو هو زوم،

 

مونکي ڏسي هڪ ڏينهن جو، ٿيو سڪايل شوم،

 

اها مَن ڪيئين محڪوم، وائِي وات وصال جي.

 

وصل لئي وڏيون ڪيون، ويڙهيون نت نعمان،

 

ڏيهه سڄو ئي ڏک ۾، بند ڪيو بي ايمان،

 

چڱن ويهي چونڊ ڪئي، اهڙي بات بيان،

 

ته هڪ سر ڏني ڪُل ڏيهه تون، مرلهن زنگ زيان،

 

تڏهن لاچار ٿي مربي سين، ڪئي صلاح اها سلطان،

 

اهڙيءَ ريت اباڻن کون، جدا ئي هان جوان،

 

نه سَر تِي صحبت آهه، نه محبت منجهه مڪان،

 

انهيءَ کان ارمان، آزاد ڪر اَسير کي.

47-

آزاد ڪر آسير کي، آندو چُوڻـي ۽ پاڻي،

 

ٿئي ٿو ملڻ مارن سان، ڪڏهن ورهن پڄاڻي،

 

روح افزا جي روح پڙهي ڪا آکاڻي،

 

هر دم اُڪير اندر ۾ آهي اباڻي،

 

پنهنجن ريءَ پرديس ۾ آهيان جوڳياڻي،

 

سورهه! ٿيءُ ساڻي، اُماڻ هن اَسير کي.

48-

اماڻ هن اسير کي، ماري هيءُ منڪر،

 

آهي گمراهه غافل ننڊ ۾، آرامي اجگر،

 

هڻ نڌر کي ننڊ ۾، زابر تبر زهر،

 

تڏهن باڪي چيو بام کي، اتي هيءُ اکر:

 

جو سُتي سان سورهه وڙهي، ڇڏي ڪهل قدر،

 

ڳاڻن ان کي ڳڻي چيو، بيهودو بشر،

 

ٻولائي ٻهون وڙهجي، کڻي سيف ثمر،

 

فتح جنهن کي فتاح ڏئي، رب سائين رهبر،

 

جاڳائڻ لئي جوان ڪيس، حيلا ات هنر،

 

کَٻي ساڻ کُڙيءَ ۾، ڏنس زور زبر،

 

آرسي اٿيو ڪينڪي، ڪوڙو او ڪافر،

 

تڏهن ”لافتيٰ الا علي لا سيف“ چئي، سنبريو شاهه سڀر،

 

هنيو نعرو حيدري، هن باڪي شير ببر،

 

اٿيو ديو دهشتي، ڏک جيئن ڏونگر،

 

وار ات وير ڪري، کڙو ڪيو خنجر،

 

ماري وڌائين ملعون کي، وڍي جان جگر،

 

فتحمند فائق ٿيو، غازي گهوٽ گوهر،

 

خان ماريو اُو کَر، ڪرم ساڻ ڪريم جي.

49-

ڪرم ساڻ ڪريم جي، ٿيو فائق فتحمند،

 

گهمي اها غازي ڏني، باڪي جاءِ بلند،

 

پانهه پسيو اُتهين، انيڪ مال عمد،

 

ماڻڪ موتي لعل سين، هو هيري ڀريو هنڌ،

 

هئا خزانا کوهه ۾، ٻيون چيزان ڀليون چند،

 

پوءِ پڪاري پيوند، ٿو لوڏي رند رَسن کي.

50-

پڙلاءُ سڻي پانَهه جو، ديو آيا ان دم،

 

ڪڍي خان کوهه مون، ڪري پيس قدم،

 

هٿ پير هاڙهيءَ جا، چميئون ساڻ چشم،

 

ڪڍيئون اسباب عمدا، ڪروڙين هر قسم،

 

عورت سا آجي ٿي، ڪنان گوندر غم،

 

قادر ساڻ ڪرم، ڪيو سوڀارو شاهه کي.

51-

سورهه سوڀ کڻي ڪري، جُنگ موٽيو جهونجهار،

 

دانهه ڌام ڌوم سان، وريو سو وينجهار،

 

چڙهي چورنگ هليو، محافي ۾ مڻيار،

 

نوبتان وڄائي نادري، سوڀو چڙهيو سرهار،

 

هاٿي گهوڙا اُٺ هئا، چورنگ کي چوڌار،

 

ديو پٺيان دانَهه جي هئا بيحد بيشمار،

 

گهوريندا گوهر تان، ويا هيرا لعل جهنوار،

 

بنرو گل بهرام هو، ڄڻ گلابي گلزار،

 

نادر اچي نروار، شهر ٻاهران شير ٿيو.

52-

شهر ٻاهران شير اچي، وارد ٿيو وريام،

 

سون اچي سوڀي جو، ڪيو سڪ سلام،

 

ٿيون شاديون شاهه لئي، مهمانيون مدام،

 

اچيو ڏين عام، واهه واڌايون وير کي.

53-

ٿيون واڌايون وير کي، وڙ ڪيس والي،

 

اهڙا جوان جهان ۾، آهن امل سر عالي،

 

اڃان تائين انهن جا، آهن نالا نرالي،

 

باڪو شير ببر هو، جذبئون جلالي،

 

ڀانيئين عشق عمالي، ڪاهيئين ڪڍ قريب جي.

54-

قرب ۾ قريب جي، اچي ٿيو اُليل،

 

هاري آب اکين مون، ٿيو ماندو غم سين ٻيل،

 

کائڻ خان وساريا، ڦٽو ڪيئن ڦُليل،

 

عشق جو اصل کان، خاص اهو آ کيل،

 

امير سو اربيل، هلڻ لاءِ حبدار ٿيو.

55-

هلڻ لاءِ حبدار ٿيو، تن ۾ ٿيڙس تانگهه،

 

اڏاريائين يار عجيب ڏي، قرب منجهارئون ڪانگ،

 

ويهڻ نه اچي وير کي، نينهن بڇيس نانگ،

 

يڪدل يارهين ڏينهن جو، کنيئين سنت سرسانگ،

 

محبت ڪنهن مهانگ، ويهڻ وساريو وير کي.

56-

ويهڻ وير وساريو، لنو لڳيس لوري،

 

سغفور تڏهن شاهه سين، اورَ اها اوري،

 

آڻيون گوهر گل اندام کي، جنهن جُنگ لائي جهوري،

 

پي پيالو وصل وارو، ٿيءُ مرد مخموري،

 

تڏهن وير ورندي ڏني، پُرجهه سان پوري،

 

ناهي مناسب محب سان، زبر ڪرڻ زوري،

 

ورهه جي واٽ ۾، اها گهٽتائي گهوري،

 

سڪ سانڍڻ، سور سهڻ، آ ماڳ منصوري،

 

”فاذڪروني“ فهم اچي، سڪ اندر سوري،

 

ڏيهه انهيءَ ڏوري، مونکي پئي محبوب جي.

57-

ڪچهريءَ مون ڪماس اٿي، ڪيو عرض اهو:

 

چئي: باڪا! ايڏهن بر جو، آ اوکو پنڌ پَهو،

 

ڪري سانگ سهو، وڃ اٽالي اُڙد سان.

58-

اٽالي ۽ اُڙد جي، رٿ نه باسي راءَ،

 

ويدس اڪيلو عجيب ڏي، سڪ گهڻيءَ سان ساءَ،

 

تڏهن سرِ جا وار شماس ڏنا، ٻيا ديون کي داناءَ:

 

وقت ڪنهن به وارن کي، ڏج تابش ڄيري تاءَ،

 

پوءِ باڪا ڏس بناءَ، اچون مڙئي ديو ميدان ۾.

59-

موڪلائي مانجهي هليو، ڪنهن موچاريءَ مهل،

 

ووڙيندو وير هليو، جانيءَ لاءِ جبل،

 

نينهن جي نديءَ مون، ٿيس آب اُڇل،

 

گوهر گل اندام لئي، وڏا ڪيائين ول،

 

”لاتقنطو من الرحمة الله“ سين اعتبار امل،

 

”ان مع العسريسرا“ سندا، ڏنئين دل کي دلاسا دَل،

 

ٿر ٿيلهيندو ٿاڪ ڪندو، ويو ڪارڻ وير وصل،

 

ڍونڍي جهر جهنگل، ويو باڪو بحر ڪنڌيءَ تي.

60-

باڪي اچي بحر ۾، ڏٺو عجب رنگ اظهار،

 

ملاح مڪُري جهاز جو، هو سمنڊ ۾ سينگار،

 

واپاري وڻجار جو، شرو نه هو شمار،

 

ڪي جڙي وڃن جپان ڏي، ڪي ماڳ ڪنڌي ملبار،

 

ڪي سلون سرانديپ ڏي، ڪي ڪاهين عرب پار،

 

لکين بهاريون بندر تي، ٻيو وير مزو واڌار،

 

”مهر“ چئي اتي مير جي، ٿي بيحد دل بهار،

 

اچي سلامي سردار، ملاحن جو مير ٿيو.

61-

ملاحن اتي مير کي، کيڪاريو کِلي،

 

اسان وٽ عجيب تون، آئين باڪا شير ڀلي،

 

سڀئي وڻجار وير وٽ، آيا منجهون حُب هلي،

 

مهمانيون مڙني ڪيون، دانَهه کي دلي،

 

وانگر گل گلاب جيان، پيو خان کلي،

 

اهڙي عزت امير کي، هئي الله ڏنهن اصلي،

 

بر ٿر ۾ باڪي سان، هو آڌر يا علي،

 

مانجهي ڄام هلي، غازي رهيو غوراب ۾.

62-

غازي کي غوراب ۾، ٿيو راز رهاڻي،

 

سوڀو ويهاري سيج تي، ڏنئون پيوند کي پهراڻي،

 

تحفا گڏ تعظيم سان، ڪيئون ڪامل ڪاڻي،

 

پنج ڏهاڙا پانهه رهيو، بندر ڀر وٿاڻي،

 

پوءِ هاتڪ چين: هاڻي، ڪيو ترت تياري چين جي.

63-

سنڀاري سبحان کي، ننگر کنيو ناکن،

 

ٽن مهينن پنڌ جو، هو سفر سامونڊن،

 

الله جل جلاله! ڪر واهر وڻجارن،

 

رساءِ ٻيڙو ٻاجهه سان، آهين مالڪ تون ملڪن،

 

اوٿر آب اڇل کان، ڏي امن کي عاصين،

 

جيئن ٻيڙو حضرت نوح جو، مون بچايئي بحرن،

 

”سلام عَليٰ نوح في العالمين“ انهيءَ اهڃاڻن،

 

مون آب اُواگهن، يا جليل! تار جهاز کي.

64-

پيا آب اُواگهه ۾، ڇڏي ڀر بحر،

 

ملاحن مناجات ڪئي، سڏي کي سرور:

 

بيواهن سان بحر ۾، والي ڪر واهر،

 

وڏاڻ ويريون ور گهڻا، ٻيو اونهو جر اَپر،

 

موج گهڻي مهراڻ کي، اچن کنيو اوٿر،

 

مرسل مير مڪي جا، اٿي نبي! ڪر نظر،

 

توهان بنان تار ۾، آهي نا آڌر،

 

جوش منجهون جهاز هليو، آب ڪپي اوڀر،

 

سڙهه کڻي ساڄا ٿيا، ناکئا نامور،

 

احمد اچي انور! رس مصطفيٰ مهراڻ ۾.

65-

رس مصطفيٰ مهراڻ ۾، مدت ٿي مرسل!

 

اچي آب اواگهه ۾، ڀلا! ٿي ڀرجهل،

 

رساءِ ٻيڙو ٻاجهه سان، نوري اي نرمل!

 

تو ري طاقت ڪانه ڪا، پيارا آهه پنهل،

 

جارائتو جهاز وڃي، ماريندو منزل،

 

سارين پيا سڪ سان پرور کي هر پل،

 

حفيظ، سميع، بصير تون، آخر ۽ اول،

 

هادي پاڪ حفيظ ٿي، اچي مالڪ هن مهل،

 

رساءِ توڙ رئچار چئي، قادر! ساڻ ڪهل،

 

منجهون آب اڇل، الله! تار امان سان.

66-

الله تار امان سان، اي والي واحد وحد!

 

اسي ڏينهين اچي رسيا، جاٿي هئي بلا جي حد،

 

نهنگ نام تنهن جو، هئي ڪوهه مثل سا قد،

 

اُٿلائي ٻيڙا ٻار ۾، هيبت نال حسد،

 

وڏاڻ جيئن ويجهو آئي، ڀو ڀري بيحد،

 

مهاڻا ماندا ٿيا، وين سار سڪڻ ۽ سڌ،

 

پڪاريئون پرور کي: رس الله پاڪ احد!

 

ڪر ڀلائي ”بهاول“ چئي، اي صاحب نام صمد!

 

تڏهن ڪوپي شاهه ڪمان کنئي، مانجهي جو ان مرد،

 

هنيائين تير هڪل سان، اپر زور زهد،

 

تيرن ڪجهه ڪين ڪيسن، توڙي گهڙيس منجهه گرد،

 

تڏهن ”لافتح“ جا فائق مِٺي ڪيا وات ورد،

 

اُڇلايئين آفت ڏي، کڻي ڪونڊ ڪمند،

 

گرفتار غازي ڪئي، جوان وڏي سان جهد،

 

مانجهي بلا ماري وڌي، موليٰ ڪيس مدد،

 

يا علي شاهه احمد، واهر ڪئي وير جي.

67-

واهر مليس وير ۾، ٿيس الله ڏانهن امن،

 

خوشيون جُڃ خيرات ڪيون، صاحب در سڀن،

 

شروع راڳ ويراڳ ٿيا، ويل وقت ۾ اُن،

 

نذر واپارين نياز سان، رکيو دانهه اڳيان ڌن،

 

نه هئو زابر زر جو، هيس مراد پرينءَ جي من،

 

لله ليکي لائق ڏنا، مڙيئي مال موهن،

 

تعريف تت تبار جي، هيس تار اندر ۾ تن،

 

ٽئين مهيني بعد آيا زمين ڀر زمن،

 

پنڌ منزلان ٽي هيون، باقي چين چمن،

 

دانَهه ٽيجهي دن، چورنگ آيو چين ۾.

68-

چؤرنگ آيو چين ۾، پَسيئين شهر عجيب شاهي،

 

بازاريون بستان ڀلا، ٻيا غنچا الاهي،

 

اتي مسواڙ تي مير اچي، هڪ محل وتو ماهي،

 

هئي جاءِ ڀلي جنسار سان، جا سهڻي سيباهي،

 

رازن وڏي رنگ سان، هئي ٺاهوڪي ٺاهي،

 

ٻيا گل چمن چوگان ۾، هٻڪار هر جا هئي،

 

ڏسي پار پرينءَ جو، ويس من مونجهائي،

 

دانَهه ديسيءَ کان پڇو: ڏَس ڳالهه اها ڏاهي،

 

شورش اها شهر ۾، ڇاکون آ ڇاهي،

 

چئي: ڌيءَ فغفور شاهه جي، آ صورت ساراهي،

 

نالي گل اندام آ، ڏانوَن ڀري ڏاهي،

 

عاشق ان لئي ڪيترا، آهن چريا بيٺا چاهي،

 

بلغاري بهزاد آيو، وٺي سالار سپاهي،

 

گهري فغفور شاهه ٿو وهانءَ واڌائي،

 

سا نه مڃي سلطان ٿو، جا هُن ڳالهه ڳالهائي،

 

انهيءَ لاءِ بهزاد آ، فوج ڪٿان ڪاهي،

 

دل ۾ تڏهن دانهه چيو، آ والي سدا واهي،

 

ٿيو رب مون سين راهي، آندئين موچاري مهل ۾.

69-

آيم موچاري مهل ۾، ڀانيان قرب ڪمال،

 

منهنجو تنهن محبوب سان، والي! ڪر وصال،

 

امير چڙهيو اسپ تي، لاهو تي سو لعل،

 

باڪي وڃي بهزاد جو، ڏٺو سرسلو سر حال،

 

موٽي آيو محل ۾، فائق سو في الحال،

 

عجيب وڃي ڪنهن اوٽ ۾، اها رٿِ ڪئي رهوال،

 

سانجهيءَ ويل وارن کي، ڏنئين تابش تو زوال،

 

سغفور آيو سيگهه مون، اُڙدن نال نهال،

 

دانهه تنهن ديون سان، سڀ بيان ڪيو برحال،

 

هاڻي لُٽيو بهزاد جو، مايا مڏي مال،

 

آءٌ اوهان جو آهيان، ڄڻ منيم جنگ مثال،

 

ڪاهي پيا ڪٽڪ ۾، بازن وانگر بحال،

 

شڪست ملي بهزاد کي، جنهن ڪيو ڪوهه ڪشال،

 

باڪو شاهه بهار ٿيو، ٿيس ڀلائي ڀال،

 

موليٰ مَنِيسَ ”مهر“ چئي، سميع سڀ سوال،

 

اهڙو الله جل جلال، جنهن قرب وڏا ڪريم ڪيا.

70-

قرب جي ڪريم ڪيس، عنايت اوڏاهون،

 

بهزاد تُرنئون ٽڙجي ويو، رند وٺي راهُون،

 

باڪو خوش بهرام ٿيو، هئس توهه توڙائون،

 

پروانو ٿي پريت سان، لکيئين اکر ارواحون،

 

باڪي فتح بهرام ڪئي، لکيئين معلوم مٿاهون،

 

دانهه ٽنگيو در تي، آڻي اتاهون،

 

خنجر پانهنجو خان رکيو، هاتڪ هٿانهون،

 

موٽي آيو محل ۾، پير وٺي پاهون،

 

ڪجن سڪون ساراهون، سوين ڀيرا ستار جون.

71-

جهونجهاري جي جنگ جو، حال سڻيو سلطان،

 

امير مُڪئين اوڏاهين، باڪي لاءِ بيان،

 

پَسيو اچي پڙ ۾، نه ساٿي، نه سروان،

 

نه فيل، نڪا فوج، نه نوبت جا نشان،

 

نه بلغاري بهزاد آ، نه اُهي سي عنوان،

 

باڪي شاهه بهرام جي، اُت آين هٿ امان،

 

هڪ خنجر، ٻيو خط لکيو آ، وڏيءَ جوڙ جوان،

 

اچي پيش ڪيئون پاتشاهه جي، اهي شيون وڏي شان،

 

ويچار ۾ وزير پيا، غازي منجهه گمان،

 

يا فائق فرشتو آه ڪو، يا اعليٰ مون انسان،

 

جو اهڙي نانءَ نڌان، ٿيندو مرد ظاهر ميدان ۾.

72-

ٿيندو مرد ظاهر ميدان ۾، جوان وڏو جوڌو،

 

ڪو سورهه شهنشاهه آهي، ڳالهه وڏيءَ ڳوڌو،

 

خنجر رکيائون خان جو، شامل خط سوڌو،

 

آهي اهڙو جنهن عهدو، سو پاڻهي ٿيندو پڌرو.

73-

باڪي برهه خريد ڪيو، ٿيو بيوس بيراڳي،

 

دوست جي ديدار لئي، دل وير اوڏانهن واڳي،

 

”فاذڪروني اذڪرڪم“ اها لنو لڳيس لاڳي،

 

عاشق کي عجيب جي، ٿي محبت مُهاڳي،

 

جانب جي جاڳه ڏي، هليو وير ويراڳي،

 

محب پَسي معمور ٿيو، سهڻل اُو ساڳي،

 

آيو سورهه سهاڳي، محبت جي ميدان ۾.

74-

محبت جي ميدان ۾، آيو ڪونڌ ڪَهي،

 

ٻيا به عاشق ٻَهُون هئا، صحن منجهه سهي،

 

’دولت‘ نوڪر نام سان، آئي لحظي ان لهي،

 

نذر لئي نامئي ڏي، آئي وڏي ٺاهه ٺهي،

 

ڏئي نذر مڙئي نينهن جا، پيا راز رهي،

 

باڪي وٽان بام کي، مُنڊي مام ڊَهي،

 

ويئي محلي سنڌ چڙهي، گوهر گل اندام ڏي.

75-

گوهر گل اندام ڏي، آئي گام ڀري گولي،

 

نذرات نامئي جِي، رکيئين سائڻ اڳيون سولي،

 

راڻي تڏهن راز سان آکيو اربيلي،

 

ته هي منڊي آ مام سا، جا غازي ڪَهن گولي،

 

آ لائق مثل لعل جي، مون تون عقل تولي،

 

اها ٻهڳڻ ڪئي ٻولي: ته احسان ڪنهن امير ڪيو؟

76-

احسان ڪنهن امير ڪيو، هيءَ منڊي قرب ڪثر،

 

پَساءِ مونکي پانهه اهو، جنهن مُڪي نشاني نر،

 

تڏهن ٻانهيءَ اتي ٻائيءَ کي، آکيا هي اکر:

 

جنهن دلق پهريو دل کي، سندو فيض فقر،

 

منڊي هيءَ مير ڏني، دانهه تنهن دلبر،

 

گلنار گوهر پسيو، کڻي نينهن نظر،

 

پَسي سا پُر نُور ٿي، اُڪير ٿيس اندر،

 

ٻانهيءَ کي ٻائيءَ چيو: اهو جو ان ملاءِ جيڪر،

 

جنهن پسڻ سان پانَهه هنيان، جادو منجهه جگر،

 

تڏهن سائڻ کي سڪ سان، ٻانهيءَ چيو ٻيهر،

 

عاشق ٿين راز رهن، ڪجي آزي هال اپر،

 

”وَنحن اَقرَب“ عجيب سو، ويجهو آهه وندر،

 

درس لنگهي کان در، آئي منڌ گولي سا مير ڏي.

77-

گوليءَ گوهر کان پڇيو: باڪا! ڪر بيان،

 

سڻاءِ مونکي سڪ سان، پانَو ذات نشان،

 

چئي: فقير ذات منهنجي آهي، عاشق نانءُ ايمان،

 

هر جاءِ فقير جي آ، رهت ماڳ مڪان،

 

ملڪ ووڙي محب لئي، هن ماڳ ٿيم مهمان،

 

سنيهو هي سائڻ کي، وڃي پيش ڪجانءِ پروان،

 

هُو قربئون ٿيو قربان، تنهن تي مهر ڪر محبوب تون.

78-

چئي: فقر توکي فقير ڪيو، نه ته ملڪ آهين مهمير،

 

ڪنهن درد ڪيو دلگير، نه ته آهين شهزادو شاهه تون.

79-

گولي ڦري گوهر کان، ويئي سنڌ چڙهي محلي،

 

سنيها سهڻي جا ٿي سائڻ ساڻ سلي،

 

ته عاشق مئل آ ائين، پتنگ جيئن جلي،

 

محبت ۾ مشتاق آ، ٿو هلت هيءَ هلي،

 

شاهي ڇڏي گدا ٿيو، برهه ڪيئين بِلي،

 

مونکي محب ملي، ٿو عاشق ائين چوي.

80-

سنڌ! وڃي چو مير کي، جُودئون هيءُ جواب،

 

عيشن اعليٰ شان آ، ناميو نينهن نواب،

 

برهه زليخا بيوس ڪئي، پسي خيال خواب،

 

بهريوند برهه ڪئي، منجهئون شوق شتاب،

 

نينهن مان نروار ٿي، خاصو ٿيس خطاب،

 

پَر ڪرين پتنگن جيان، ته عاشق تون اصحاب،

 

تڏهن مير محاب، ٿئي محبت جي ميدان ۾.

81-

کڻي سنيهو سڪ جو، هلي ٻائيءَ وٽان ٻانهي،

 

سڻايائين نياپو شاهه کي، آڻي اهليائي:

 

ته سبق پڙهه صبر جو، جيءَ ۾ اي جاني!

 

مدام ڏي محبوب کي سر مرد مهماني،

 

پوءِ مانجهي مهرباني، ٿيندءِ ائين عجيب ڏنَهن.

82-

چئي: آندءِ ڪو عجيب ڏَنهن، ڪو دلاسو دولت!

 

ماندو ڪيو محبوب جي، ڳجهيءَ مام ملت،

 

وري آک عجيب کي، هلي هيءَ هلت،

 

مشتاق سان محبوب ڪر، راز جي رغبت،

 

نهار مون ڏي نياز مون، ته ٿئي ساهه سرت،

 

اسم پرين! تنهنجو پڙهان، ٿم برهه اهڙيءَ ڀَت،

 

پسي قرب ڪرت، مهر ڪر محبوب! تون.

83-

کڻي سنيهو سڪ جو، هلي سگهو ڏي سائڻ،

 

نياپو چيائين نياز سان، قدم ڀري ڪامڻ،

 

عاشق اُداسي عشق ۾، اٿس محبت اعليٰ مڻ،

 

ملڻ جي مشتاق سان، ڳَڻ مهر ڪا ڳڻ،

 

هو قربئون تو ڪارڻ، آ عاشق انتظار ۾.

84-

چئي: انتظاري بيقراري، آ عشق ريت رسم،

 

وري وڃ نه وير ڏي، ڏسون فائق جا فهم،

 

اصل عشق شهباز سان، هِن ڪهڙا شان شرم،

 

ٿو کڻي ڪيئن قدم، ڏسون محبت جي ميدان ۾.

85-

محبتي محبوب ڏي، نرتئون نهاري،

 

پانڌي ڪونه پرينءَ ڏَنهون، آيس اوتاري،

 

ماندو تڏهن مير ٿيو، سو گهايل ڪيئن گهاري،

 

روز گهاريو گوهر اهو، سهڻي کي ساري،

 

چڙهيو مَلُ ماڙيءَ تي سميع سنڀاري،

 

رند هليو سو رات جو، وکڙي واڌاري،

 

ٻانهيون گهڻيون ٻائيءَ جون، کڙيون صورت سينگاري،

 

تنهن حُسن هاڪاري، ڪيو اباڻو امير کي.

86-

اباڻو ات امير ٿيو، ديدار بنان دانَهه،

 

محڪم ٿي مانجهي ويٺو، پريت ۾ پانَهه،

 

سڄڻ جي سامهن، عاشق اڏيو اوطاق کي.

87-

پيوند جي پڇا لاءِ، مُڪا ڪشور شاهه ڪٽڪ،

 

ووڙ ڪيائون وير جي، شهر شهر هرهڪ،

 

پين پتو پانَهه جو، ماڳين چين ملڪ،

 

پُري تنهن پلڪ، آيا فائق شهر فغفور جي.

88-

فائق جڏهن فغفور ٻڌي، اهڙي ڳالهه ايها،

 

امير مُڪئين اوڏانهن، ڏسو ڪرهن ڪيها،

 

تن رومين جي رهت جا، رنگ پسيا ريها،

 

پڇيائون پرديسين کان، ڇو ڪيو سالاري سيها،

 

تن باڪي شام بهرام جا، ڏنن نرتئون سنيها،

 

جي حال هي سڻين ها، سڻايائون سلطان کي.

89-

سلطان سگهو تن کي، گوهر گهرايو،

 

فرماين فائق اتي ته احوال آلايو،

 

سماچار سڀوئي تن سڪئون سڻايو،

 

شاهه، خنجر ۽ خط تن کي، پرتئون پسايو،

 

پرواني جي پڙهڻ ۾، تن حيلو هلايو،

 

مٿين ٻهڳڻ ٻولايو: هي فتح شاهه بهرام ڪئي.

90-

تڏهن فغفور شهر ڦولاهيو، جانب لئي هرجاءِ،

 

ڦولهيندي فائق پسيئون، ماڙيءَ مير وٽاءِ،

 

سونهـين سڃاتو سيگهه ۾، دائيءَ دل سان لاءِ،

 

سينگاري سهڻي کي، منجهان حب هلياءِ،

 

هنباري ۾ هاڙهو، سو چاڙهي وير وياءِ،

 

ماڻڪ گهورين مير مٿان پيا، گهڻي سِر گهماءِ،

 

لائق آڻ لٿاءِ، ڪهي ڪچهري شاهه جي،

91-

ٻاڻيءَ کي ٻانهيءَ چيو: ٿو ديس وڃي داتاءُ،

 

برهه جي بازيءَ جو، نه دانَهه کيڏيو داءُ،

 

قول وساريو ڪونڌ ٿو، وڃي ڪشور وير وياءُ،

 

تڏهن گوليءَ کي گوهر چيو: ناميو ناهه نياءُ،

 

ڪڏهن ويندو ڪينڪي، سڪ مَٽـي سا ساءُ،

 

عشق جن کي اَزلي، آهي شير سڀاءُ،

 

”اَلست بربڪم“ اصل کؤن سڻيون لاهوتين لقاءُ،

 

”قالو بليٰ“ قرب سين، اهو ٻهڳڻ ڪيو ٻولاءُ،

 

سي بهار ٿيا ”بهاول“ چئي، ٿين رحمت رنگ رساءُ،

 

جن کي برهه آ بقاءُ، سي پاڙين قول پريت جو.

92-

فغفور چيو فائق کي: بيان سڻاءِ شهزاد!

 

شڪست ڪيئن تو شاهه ڏني، باڪا! کي بهزاد،

 

چئي: تابع ڳجها انبار ڏنا، اُڙد ڪري امداد،

 

تنهن حملي کان هليا ويا، اهي بلغاري بيداد،

 

مونکي من مراد، موليٰ ڏني آ مرتضيٰ.

93-

چئي: پساءِ اڙد اسان کي، پانَهه پسون پاڻ،

 

تڏهن وارن کي تَـؤُ وير ڏنو، ڄيري ۾ تنهن ڄاڻ،

 

ديو آيا داناءَ وٽ، سورهه سي سرواڻ،

 

چيائون چورنگ کي: آهيون دليون تنهنجا درواڻ،

 

ڪر حڪم ته حاصل ڪري، وڃي وسايون وٿاڻ،

 

چئي: روح افزا راحت مُنجو، ٻي سروان ساڻ،

 

ويسر نه ڪجو وار جي، متان آڻي ڪائي ڪاڻ،

 

سڀاڻي سڃاڻ، ڪندس تنهن جي قرب جي.

94-

شهزاديون شاهه ڏي، مِهرئون مُڪائون،

 

سي اچي رسيون راءَ کي، مهر منجهائون،

 

وري ٻولي ٻوليانئون، شاديءَ جي صلاح جي.

95-

شاديءَ لاءِ صلاح جي، امير سي آيا،

 

چيئون وير وزير کي، ڪر سنبت جا سعيا،

 

وڃي چئو وريام کي، ڏي راز منجهون رايا،

 

ٿين لايا سجايا، باڪو شاهه بهار ٿئي.

96-

وزير اچي وريام کي، ڪئي خاص خبر،

 

ته: شهزاديءَ جي سڱ جي، ٿا گهر ڪن گوهر،

 

سڻي ذاتي هي ذڪر، ڏي شادي مبارڪ شاهه جي.

97-

شاديءَ باري شاهه جي، اُتو فغفور شاهه فائق،

 

هوءَ آ وات وڪيل پنهنجي، سوڍي منجهان سڪ،

 

شادي ٿئي شاهه جي، جڏهن پيوند ڏَنهن ٿئي پڪ،

 

شاهه اهو سالڪ، ڪيو ويچار سڀ وزير سان.

98-

اچي وزير اميرن سان، اها ڪهي ڪهاڻي،

 

تڏهن روح افزا راحت مُڪي، ٻي سروان سياڻي،

 

سي مليون اچي منڌ سان، ڄاڻ قرب ڄاڻي،

 

چيائونس: ڪانڌ قبولج ڪامڻي، راز منجهئون راڻي،

 

تڏهن گوهر گل اندام ڏننِ ورندي وراڻي:

 

توهان وڻيون نه وير کي، اٿو صورت شاهاڻي،

 

چيئون: تون آن سوڍي سيباڻي، آهيون شاهي اسان به شان سان.

99-

واڌائيءَ لئي وهانوَ جي، اسان هون آئيون،

 

ڪانڌ قبول ڪامڻي! آٿئي ڀليون ڀلايون،

 

باڪي ساڻ بهار ٿي، ڪر وصل جون وايون،

 

تڏهن سروان کي سگهڙ چيو: ٻئي منڌ ميندي لايون،

 

ٿئي شادي ٻاجهه سان، اِن ارادي آهيون،

 

ٻانهيون آيون ٻائِن ڏي، کڻي مانيون مهمانيون،

 

کاڌائون گڏ خوشيءَ سان، ٿيون بيحد بهاريون،

 

ٿيون ويڙهي واڌايون، ڪانڌ قبوليو ڪامڻي.

100-

موڪلائي منڌ کان، آيُون ٻايُون هي ٻيئي،

 

روح افزا راءَ کي چيو: ٻاهر وٺي نيئي،

 

وري سروان جي سڱ لاءِ چوي پانَهه کي پيئي،

 

شادي مربي شاهه جي، ڪيون لال لانوان ڏيئي،

 

تڏهن دانَهه گهرايو ديون کي، عاشق اتيئي،

 

تڏهن دانَهه گهرايو ديون کي، عاشق اتيئي،

 

بيان اهو باڪي ڪَين، سرت سان سڀيئي،

 

حال سڻي هيءُ ئِي، ڪا صلاح ڪر سغفور تون.

101-

سغفور تڏهن شاهه اڳيان، چيو هي حرف،

 

ته: مجال اسان کي مير! آهن تنهنجا لک لطف،

 

توڙي ڪامل ٻي آڪف، ته به ماٺ اسان کي مير آ.

102-

تڏهن باڪو شاهه بهار ٿيو، رند گهڻو راضي،

 

سرت مون سغفور به، ڀلي کٽي بازي،

 

روح افزا خلعت ڪيس، نادر نوازي،

 

اميدان اندر جون، گوهر پسيون غازي،

 

فيض مليس فتاح کان، ٿيو فائق فياضي،

 

سوين آيا سازي، ساهي رنگ شروع ٿيا.

103-

شروع خوشيون ٿيون خان لئي، شاهه ڪيون شاديون،

 

مليس مرادون ”مهر“ چئي، ٿيس عيش آباديون،

 

ڪيس الله امداديون، لانوان لڌيون لاڏلي.

104-

لانوان لڌيون لاڏلي، ڪم ڪيس قادر،

 

ڪيئي آيا ڪامل ڏي، سوين سوداگر،

 

تن کي پهرايو پانَهه اتي، جُنگ کڻي جابر،

 

اتي هاتڪ جي هر هر، ڪري نيڪي سڀڪو نياز سان.

105-

شاهه گهڻو ئي شاد ٿيو، ٿيس رهاڻيون راڳن،

 

ڪٿي رنگ راڳن جا، ڪٿي طوئفن تال ٿين،

 

ڪٿي رانديون ڪن راز سان، ڪٿي گيت سهراڳائن،

 

ٿا وري رنگ رچن، سهڻي جي شاديءَ جا.

106-

شاديءَ بعد شاهه جي، ٿا وري قيل ڪهن:

 

اسان وٽ عجيب هل! ٿا دليون ديو چون،

 

پانَهه پندرهين ڏينهن هليو، موڪلائي مڙن،

 

آيا ديهه ديون جي، ٿا اتي لال لهن،

 

جانب لئي جنسار سان، ٿا سيج سينگارن،

 

اچو ڏيهه ڏين، واهه واڌايون وير کي.

107-

واڌايون وير کي، مليون اچي مدام،

 

پنجويهين ڏينهن پانهه هليو، والي ملڪ وريام،

 

وڃي مليو والد کي، ڪم ڪري سرانجام،

 

هليون واڌايون وير کي، ڳلي ڳلي سر عام،

 

ڀلائي ٿيس ”بهاول“ چئي، ٿيو باڪو خوش بهرام،

 

ڪلمون اکر انعام، پڙهو نت پريت سان.

 

لا اِلھ اِلا الله محمد رسول الله

 

* بيت (230) د روايت مان ورتل آهن.

(1)  هيءَ مصرع د روايت موجب.

* بيت (236) ۽ (241) د روايت مان ورتل آهن.

* بيت (248) د روايت مان ورتل آهن.

(1)  هيءَ مصرع د روايت موجب آهي.

(1)  ۽

(2)  مصرعون د روايت موجب آهن.

*  هيءَ روايت اتر (تعلقي ميرو خان) مان غلام قادر کان ملي.

**  سگهڙ بهاول ذات مهر، تعلقي پني عاقل ضلعي سکر جو رهاڪو هو. سندس ڏور ۽ بيت مشهور آهن. ڏور جا شاعر الهرکيو مهر ۽ شاهنواز ڪٽوهڙ سندس ٻالڪا آهن. اٽڪل ٻه ٽي سال اڳ ستر سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين.

(1)  ڪوهه نور.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org