سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: مشهور سنڌي قصا

باب:

صفحو:12 

118-

تڏهن روئي جهڙو رت، تهن ڏني رخصت راو کي،

 

تهن ڪوٺايا ڪيترا ڪري ديو پريون دعوت،

 

مُلڪ مِڙي مُچ ٿيا، اچي ٿيا هم ڪسان حيرت،

 

ٿيا راڳڻيون ريجهه گهڻا، خوب خوشيءَ خصلت،

 

ڪي مڙيو ڪن مشڪرا، ڪي ٿا ڪَرين ڪثرت،

 

ڪي پين ٿا شام شراب جا، ڪي پين شيرين شربت،

 

ڪن طرحين طعام تيار ٿيا، ڪي تان واه ڪرين وحدت،

 

ڪمي سازن ڪانه هئي آوازن عبرت،

 

اهڙي عشق الول ۾، ٿي روح رسي راحت،

 

وصل نه تهن سان واهه جو، جاسين ٿئي قسمت،

 

من پرڻايو بادشاهه کي، ڪري ماڳ مصلحت،

 

ڏان ڏنائون ڏاتيون، ڏيج ڏاجا حرمت،

 

شاديون شڪر شروع ٿيا، آگي جي عظمت،

 

اچو کيرون ڏين خان کي، ساڻ مبارڪيون مروت،

 

سڀ اُبـيٺا ادب سين، خاڪ چمي خدمت،

 

ڏس قادر جي قدرت، ٿيو شرف اعليٰ شاهه جو.

119-

جهڙو جن نصيب، تهڙو حاصل تن کي،

 

جن جو قابو بخت قريب، ٿئي وار نه ونگو تن جو.

120-

سُتي عشق الوٽ ۾، اچي صبح ٿين سهاءُ،

 

انهن بانو پريءَ بناءُ ڪيو، جيئن سورج جو شعاع،

 

تان غازي بهرام گور جو، ويتر شمس سهاءُ،

 

مڙئي مشاهدي تهن جو، پسن جلوو جمالا،

 

دولهه سندي در تي، تاڙيون تانَ وڄيا،

 

ناچو نچيو ڪيترا، ڪن مڙيو مشڪرا،

 

اچن سَهـين سوغاتون شاهه کي اڳر علوفا،

 

گهورون پون گهوٽ تان، جَنور ياقوتا،

 

نازئون ڪيا نازنين، تنهن وير تماشا،

 

مڙيو مڱن مڱڻا، ڏاتيون ڏاتارا،

 

وڏا وِناڻن وس ڪيا، آپر آوازا،

 

ليکي ليکيان ڪيترا، سَهـين ساز هئا،

 

ڪجي صفت تهن صاحب جي، واحد واکاڻا،

 

ڪيائون خوشيون خير خدا، سڀ گدائي غني ٿيا.

121-

چئي: هي چڱا ڏينهن، جي آيم حاضر شاهه حضور ۾،

 

صورت سهي نه سگهان، آءٌ نهوڙيس نِيهن،

 

هاڻي ويهه وسايون مينهن، مٺا محبت گاڏوان.

122-

اچي ورين وير وصال جي، ٿا خوشيءَ ڪن خيال،

 

آگي جي احسان سين، ٿين معافي ڏينهن محال،

 

ڪامل مهندان ڪامڻي، رکي موتين مال،

 

تهن وچ طرحين طرحين ڪيترا لائق لعل،

 

جن جهڙائي مال، تن تهڙي ادب اندازي ڳالهيون.

123-

جيءَ محبت جيءَ مينهن، جيءَ سا محبت مٺي سڄڻين،

 

جيءَ سو ريجهڻ رين جو، سنگت سارو ڏينهن،

 

جيءَ سو محبت مينهن، جنهن تان وسي سوئي پُسي.

124-

پر محبت مٺائي، ٻيو جهڙ مٺو ناهه ڪِين:

 

هڪ رُٺا پرچن پاڻ ۾، ٻيا ملن ورهه واجهائي،

 

واهه تنين وائي، اهڳ کٿوريان اڳري.

125-

هاڻي قصو فارس شهر جو ٿو ڪريان بات بيان:

 

جڏهن کڻي ديو سفيد سلطان کي ٿيو راهه روان،

 

پٺيان وريامن وهاريو وزير کي، ڪري پر پرياڻ،

 

تهن بدڪار بدي ڪري، بد رکيو بُهتان،

 

ماڻهو متفڪر ٿيا، ڪُل همه حيران،

 

في الحرمن نمڪ حرام ٿيو، بدنظر نادان،

 

جو اهڙو گَدودي گمان، سو ڏيندو هِت هُت حق حساب جا.

126-

تڏهن ديو ڪوٺايائين چار، پهه ڪري ديون سين:

 

ته ملڪزادو ۽ ملڪزادي، نيو وهلو وطن پار،

 

تهن سهسين سوغاتون ڪريو گهڻو درڪار،

 

ڏيج ڏيو تهن ڪامل کي، چڱيءَ ڀت چوکار،

 

تهن کي ديو سفيد ڏنا، پنهنجي سِر جا وار:

 

ته ڏاڍي مهم ڏاکڙي، هن کي باهه دکائي ٻار،

 

تنهن وير توکي رسندس راڄيا، ترت اچي تڪرار؛

 

تڏهن جو تخت طلا، مرصع موتي، جنهوري جنسار،

 

سو تن آڻي رکيو شاهه حضور ۾، وهلو تيڏيءَ وار،

 

پارت ڪئي تهن بادشاهه جي بيحد بيشمار،

 

ته هي نيئي شاهه رساڻيو شهر سندس، دم قدم درٻار،

 

راهه رکئو تهن جي رضا رخصت اپار،

 

اهڙي ئي آچار، تن بالا تخت بلند نيو.

127-

بالا تخت بلند، کنيو ديون تهن ديس مان،

 

سوتن آندو في الحال فارس شهر ۾، جت هوس حاڪمي هند،

 

جو سالڪ وير سچند، تن آڻي رکيو تخت تجارن پاسي تي.

128-

اُتو شهزادي شعو وند اڳيان ديون کي ايئن:

 

ته هيڪر شڪل منجهه شتر ٿيو، هوجي اوچا جبل جيئن،

 

مر ته ماڻهن مشاهدو ٿئي، اوهان جي صورت پسي سيئن،

 

آءٌ ته هيڪر هيئن، سمجهه ڪري سرحال ٿيان.

129-

اچي پيئي رات، اُلهي سج اوير ڪئي،

 

تڏهن سَر مُهري سودا گرن ڏانه، راوت رکي رجعات،

 

عقل کڻي اشرفي هاتڪ ڏنيس هاٿ:

 

ڪا جاءِ ڏسيو ته برجاءِ ٿيون، هي ڏانُ تمهارو ڏات،

 

سو مانجهي منجهه محلات، نيئي شاهه ويو شان ۾.

130-

عزت شرف اقبال سين تنهن وهاريو وريام،

 

هربابت هرڪار ۾ ٻهُون ٿين بر ڪام،

 

پاڻي عطر مشڪ آب گلابي، تن ڪوسا ڪيا حمام،

 

توجهه ۽ تعظيم سين طرحين پڪا طعام،

 

شربت ۽ شراب جا آڻي جال رکيائون جام،

 

تن کي مِٺي لفظ لسان سين اُڀا ڪن سلام،

 

موٽي تهن کي پڇيو بادشاهه ويهاري وريام:

 

ته ڪهڙو مالڪ هن ملڪ جو، سنديس نيڪي بدي نام،

 

ڪيئن سو عادل عدالت ۾، ڪهڙا سندس ڪام،

 

راڄ رنجايائين رنج سين، ڪيئن منجهه رام،

 

اهي سچا ڪهه ڪلام، ته معلوم ٿئي مذڪور سو.

131-

تڏهن روئي رت ورنو، تهن معلوم ڪيو مذڪور،

 

ته هت جو راڄا راڄن جو ڌڻي، سوهو نسنگ نسورونور،

 

تهن ڪيو هو لائق لحاظ سين، ملڪ مڙوئي معمور،

 

سو سخي صلابت سنگين سُوڙو، ڀرم حيا ڀرپور،

 

تهن جو عدل امور، گهڻو لـيکي سوا لک هو.

132-

هيس طرح طبيعت تهنجي، سندس اسم ’شهه بهرام‘

 

هو دل درياء، دانهه، غازي، عهدي، عقل وريام،

 

هو دائم المدام، تهن جو شوق شڪار سين.

133-

اها سموري ڳالهه شڪار جي، ٻڌايائين شهه بهرام:

 

ته امر الاهي آئيو، اهو رباني فرمان،

 

اچي ديو ديرن جي اڳيان کڻي هليو خان،

 

عالم پيو اندوهه ۾، ڪل همه حيران،

 

اچي مردن ڪيو مارڪو، ويهي پر پرياڻ،

 

تن وهاريو سندس وزير، کي، جو بَدُو بي ايمان،

 

ڪوجهي ڪمن، ڪُوڙو، نسورو نادان،

 

ڪُل حرمن نمڪ حرام ٿيو، انڌو بدار ڪان،

 

پر حرم هڪ هو شاهه جو، ان رکيو ايمان،

 

سا تهن غافل ويهاري ڪنهن گنبذ ۾، ٻيو خورد سندس طفلان،

 

ٻيو چئي چُوندس ڪيترا، اُن ڪاذب جا ڪم ڪچا ڪِردان.

 

اهو بهرام بات بيان، مڙوئي معلوم ڪيو.

134-

تان جان ٻئي ڏينهن، چڙهيو شوقئون شاهه شڪار کي،

 

جيڏانهن مرون آڳاندرا، تيڏانهن قصد ڪيو،

 

تانسين گرهه نه کائي ڪامڻي، جانسين صيد نه ساڻ هو،

 

سو چڙهي وير ويو، مُنڌ وهاري ماڳهين.

135-

مُنڌ وهاري ماڳهين، هليو راڄا لاءِ امير،

 

پٺيان جو فارس شهر ۾، ڦٽل راجا هو وزير،

 

سو خر کوٽو خنزير، جان ڦرندو بازار آڻيو.

136-

سو ڦرندو بازار آئيو، ڪاذب منهن ڪارو،

 

شوم شيطان شومتي بدبخت بدڪارو،

 

اندو احمق لعنتي ناري نصارو،

 

سو ڪنان نيڪ عملن راهي، پاپي پسارو،

 

دنيا هُل هُڳاءُ ڪيو، پسي پتيل پاڳارو،

 

تڏهن اُٿي ڪيو ٿي ڪامڻي، ڪنهن دريءَ ديدارو،

 

تهن جو نظارو، پسي سگ صحي ڪيو.

137-

سگ سکر سو وار، ان ڪميڻي ڪمذات کان،

 

هي ڌڻ ڌڻين جو ڌڻي، بَهيو ڪري ڀونڪار،

 

هن کي لعنتن لک هزار، جو مُٺو گِري مالڪـين.

138-

ڪري ماڻهو مُڪائين، ساجهر سوداگر کان،

 

ته ’ايءُ آهي ڪهڙو آدمي؟‘ پر ۾ پڇيائين،

 

ڪاٿئون ۽ ڪِيائين، هيءُ گهر اوهان جي آئيو؟

139-

تڏهن اُتو سوداگر: ته هيءُ آهي پُرس وڻجارو پرديس جو،

 

سودي سٺ سلوف کي، ساڻس خوب شتر،

 

سو ٻَهاري پاڻ ٻَهر، ويو ساجن شير شڪار تي.

140-

چئي: آڻيو مُنڌ اِها، ماڻهو مجوسيءَ موڪليو،

 

وڃي گهر سوداگر سُوندلي، ويٺي آهي جا،

 

حڪمن هٿ جهلي ڪري، سا پڄي آڻيجا!

 

خالي جــــــي ايندا، ته ٿيندا خالـــــي خـــــان خسائرا.(1)

141-

تڏهن در مٿي دڙڪو، تن اچي اڳانجو ڪيو،

 

پسي پريزاد تن کي، ڪيو روئڻ ۽ رَڙڪو،

 

ڪيو ڪرف ڪڙن ڪڙڪو، هِي ٿِي پاڻ اُڀي ڪهن پاس تي.

142-

هي پاڻ اُڀي ڪهن پاس تي، ٿيو هُل هڳاءُ،

 

راڻيءَ رنجائو ٿيو، تن گوڙ سُڻي غوغاءُ،

 

تِهن اُتو ائين لچن کي، روئي رت مُهان:

 

ته اوهين پَل پاسي ٿيو، هيڪڙو دوڙي دروازي کان،

 

تحقيق ٿيندو تيئن، ڪندو جيئن خدا،

 

اينديس هن هنڌا، ٿي پيرهڻ پرهيان پنهنجا.

143-

جڏهن پورا پَرهيا پانهنجا، پريءَ پيرهان،

 

سا ڪامِڻ ڪبوتر ٿئي، نڪتي دريءَ درميان،

 

جت هو هچارو حرڪتي، جهن جا ڪم ڪچا ڪردان،

 

تِهن بدڪار اڳيان ڪِهن ڀَت اچي، سو پکي ويٺو پاڻ،

 

جهڙا هئس نام نشان، تهڙا تهن ظالم جا ظاهر ڪيا.

144-

اچي پکي ڪئي پُڪار، اڳيان درس ويهي ديوار تي،

 

چئي: نامعقول نا اهل! سندوءِ ڪم ڪچو، ڪچا ڪردار،

 

اي نامرد نمڪ حرام، بدبخت بيڪار،

 

ڏانه حرمن نمڪ حرام ٿئين، سو به حق ڏيندين هيڪار،

 

سو ورنهه وري آئيو، پنهنجي دي مٿي دوار،

 

تهن کي چوکا ورهيه چار ٿيا، سر سفر سردار،

 

آءٌ بِي حرم تهن حاڪم جو، جهن جا ڏيهان ڏيهه ڏڪار،

 

تهن ڪهي ڪوهه قاف کان آنديس عقلدار،

 

تيڏانهن به مَدي رکياءِ من ۾، منافق مردار،

 

هاڻي الله تهار، ادا! سڻ سوداگر سنيها.

145-

ساري سلام ڏيج، منهنجا شاهه بهرام کي،

 

ته هن رنجل رنجايو جندڙو، تهن جو تابير ڪريج،

 

ڪا جي هوندياءِ محبت من ۾، ته وهيلن وريج،

 

پوءِ سگهي سار لهيج، منهنجي ’سبز سليماني‘ شهر ۾.

146-

پوءِ تهن ڪٽڪ ڪوٺايا، ميڙي لشڪر مُچ ٿيو،

 

’ته سيگها ٿئي سنڀرو‘ تن کي ڦِٽل فرمايو،

 

چئي: ساجهر شر شڪار تي، جو وهلو وير ويو،

 

هاڻي پڄي تهن بادشاهه کي جيڪو ماريندو،

 

شهر انعامي تهن کي آءٌ ڏهوڻا ڏيندو،

 

سُڻي سوداگر سو، قصداً گهوڙو ڪاهيو.

147-

تان ويندي گڏيس واٽ ۾، شاهه سخي سلطان،

 

غازي دلير گنو تي هوء پانڊو پهلوان،

 

هن کي پسي بادشاهه هُت ٿيو حيران،

 

هن پڇيو ساهُو سردار کان مِڙيئي بات بيان،

 

’ته مُنهن ملول مَن ماندو، اچين ڪاهيندو ڪهن ڪاڻ‘؟

 

چئي: هئي هئي خاني خان، هِت تون ڪهڙي ڳالهه ڳڻيندين!

148-

تڏهن سڀ حقيقت هال، تهن مڙيئي معلوم ڪيو:

 

ته اي ميان راڄا راڄن جا ڌڻي، تون شال عقل سرحال!

 

بيگ بهادر بهرام غازي، جڏ تو عمل هئا اقبال،

 

سو ڏينهن مڙوئي سُک هو، هر بابت هر حال،

 

تو پڃاڻا بادشاهه! هن ڪيو ڪاذب ملڪ ڪنگال،

 

هاڻي تهن جو وهم و بال، سو به سڀ لوڙيندو لعنتي.

149-

چئي: ڪيئن مان کي سڃاتوءِ، جو تون نانءُ ويٺو نروار چوين،

 

ڪنهن آدمزاد اُتوءِ، ڪين پنهنجي من پاڻهين معلوم ڪيوءِ؟

150-

چئي: ڪيئن تون ڳجهو ٿئين، جهن جو بادشاهه ڀرتوءِ،

 

ڪِين کان ٻين ٻڌوم، ڪِين تنهن شان سڃاتم شاهه کي.

151-

پر هي اهکي ڳالهڙي آ، ٿو ثابت چوان شاهه کي،

 

جو هينئر ٿيو شاهه فارس جي شهر جو والي وزيرا،

 

سو ڦرندو بازار آئيو موڳو ملعونا،

 

تهن جو گوڙ سڻي غوغاء، اچي آدمين انبوهه ڪيو.

152-

تهن ڪري نظر نهاريو، مٿي ڪامِڻي ڪا،

 

تان پيئي تهن پِٽيل جي ناگه نِگاها،

 

هو جو فاسق بدعتي کريل خنزيرا،

 

تهن يڪدم ماڻهو موڪليو فاسق في الحالا،

 

تن اچي در مٿي دڙڪو لايو ڀُلي ڀُلڪارا،

 

اُهکيون سوهکيون ڪري، خاوند ملڪ خدا،

 

تهن بانو سِر بچاء، هلي ڪيو ڪهن هنڌ سان.

153-

سا ٿَئِي ڪامڻ ڪبوتر، ڪيو پَريءَ ويس پکين جو،

 

تهن هلي ٻوليو بيداد سان، جو بدو بد نظر،

 

جو ڪوڙو، ڪپتيو، ڪساکيو اون ڪجر،

 

تهن اُتائين انڌي کي ساريءَ پر وکر،

 

تو ڏانهن منڌ مڪو سنيهو، ڳاڙي آب اکين اڪثر،

 

آڳانجهو اکين مان، تِهن ٿي جال وهايو جر،

 

چيائين: محب مان تي مت رکين ڪو مالڪ ڏک ڏمرم

 

هن پِٽيل مَن پچايم، پائي جثو جيءُ جگر،

 

هاڻي قيد الماءَ قوي ٿيو الاهي امر،

 

جي هوندياءِ محبت من ۾، نيڪو نينهن نظر،

 

تان ڏيئي بازن ڀر، اچج سبز سليماني شهر ۾.

154-

سالڪ مت سڌير، هاڻي کڙو خبردار رهه،

 

هن به تو ڏانهن ڪٽڪ ڪاهيو (بگڙي بلهزير)،

 

سو ڪين ٽرندو ڪڏهن، جانڪين تهن کي هٿ آئين امير،

 

هاڻي سو ڪووس هلائج وير، جيئن سائين بچاو ساهه ٿئي.

155-

اها سڻندي ڳالهڙي، من ٿيس ماندو،

 

چئي: جو شامل ساجن سپرين، هوم هيڪاندو،

 

جهن جي صحبت صلابت کون، وير نه هوس واندو،،

 

سو من موافق محبوب پرين، هو ارادي آندو،

 

سو لالن ليلاندو، اڄ ٿيو پنڌ مسافر سپرين.

156-

اڳي پرديسين، مان سان وس وڏا ڪيا،

 

جن پانڌيڙو سپرين، سيئي رت رئن،

 

پيا تن کي چاڪ چڪن، جن جا تن طبيب موٽي ويا.

157-

وطن ورائي ويا، جيڪس ساڻيهه ساريو سڄڻين،

 

اڃان هليا اڄ پرين، ته ڪر مونکي سالن سو ٿيا،

 

اچي ساڻم سک ٿيا، تنين جي تعظيم جا.

158-

تن ڏيئي تعظيم، واري من مطيع ڪيو،

 

هئا ڪامل قرب قريب جا اندر روح رحيم،

 

جي هوم هردم دوس حليم، سي تهن پاپي دل پنهان ڪيا.

159-

تڏهن تهن ورنه ٻاري وار، باهه دکايا ديو جي،

 

تهن وير مڙي مُچ ٿيا ڪٽڪ ڪارونڀار،

 

ساهُو ديو ’سفيد‘ سين، آيا لشڪر لک هزار،

 

اچي تن خاڪ چمي خدمت ۾، ڪئي خوب خوشي کينڪار،

 

پڇيائين بادشاهه کان، پنهنجا هٿ ٻڌي هيڪار:

 

’ته چئو حقيقت حال مڙوئي، اي سگهه ڀريا سردار!

 

اي دوست دلاور يار! جان ڪو توجو تدارڪ ٿئي.‘

160-

اُتو شهزادي شعوروند، هاتڪ پنهنجو حال،

 

جو مڙوئي معلوم ڪيو، زبون ڪم زوال،

 

سو تهن اول آخر آکيو، ديو اڳيان درحال،

 

هڪ سبز سليماني شهر جو، فڪر ڏسيو في الحال،

 

ٻيو ته هِن جو مٿو ۽ مال، زيان ڪر زبون تون.

161-

تڏهن اُتو ديو بهرام کي: ’جا تو پڇي حقيقت،

 

سا سبز سليماني شهر جي مان کي ناهه ماهيت،

 

سو گند توسين سليمان جو، جهن جي اسان کي هيبت،

 

ته ڪڏهن سئوسون ڪينڪي، هيڏي هن مُدت،

 

پر اوهان کي ڪندس مير مَدت، جي ڪرم واريندو ڪارڻي.

162-

ڀائر اٿم چار، جن جا ڪِلا ڪوهه قاف تي،

 

سي پڇائيندس بادشاهه اُتهن ڳالهه ڪري،

 

ڪو مان تن کان ڏي، ڪا سڌ خبر ان شهر جي.

163-

تهن اُتو آفريدن کي، شاهه اڳيون سلطان:

 

ته هن بَرن ۾ بنائيو، ڪي باغ چڱا بستان،

 

آڻيو تخت جواهرن، جو مُرصع هوءِ مرجان،

 

تهن تي ويهاريو وريام کي، مانَ خوش ٿئي سو خان،

 

اهڙي بات بيان، تن مڙوئي معلوم ڪيو.

164-

تهن دم ديو مڪائين چار، جي هئا زابر زور ڪري،

 

تن هلي تخت ’هامُون‘ جو کنيو، قهرئون قصد ڪري،

 

حاضر تن حضور ۾، آندو هامون وزير کي،

 

جو جهڙيائي ڪري، سو تهڙيائي تيئن لهي،

 

مردود، منافق، مرچُوٺ، پسي کت کري،

 

سو بدبخت، بدڪار، بڇڙو، ڏس ڪيئن ٿو مرند مري،

 

تِل تِل ديون طعام ڪيو، ڪرقل قل قُوت ڪري،

 

رت نه ڪو رتيءَ جيترو، پئيس تان پري،

 

ذرو ساڻ ذري، گڏ گڏيل جو نه پيو.

165-

اُتائون حڪم ساڻ خدا، آيو فارس شهر ۾،

 

جهن جي ڪٽڪن ڪمي ڪانه هئي، جي هئس هيڪاندا همراهه،

 

جن جو سَرمُهروديو ’سفيد‘ هو، ساڻن شامل شاهه شجاع،

 

اچي پُٽ ۽ راڻي ڪڍيا، پنهنجا غازي گنبذ کان،

 

ترت وهاريو تهن تخت تي، ورنَهه پاڻ وياءُ،

 

خلق مڙيئي خوش ٿَئِي، ڪيائون شڪرانا،

 

مڙني مَن مرادون پنيون آسون الاها،

 

هُن راجاءَ راڻيءَ کي شرف ڏياريو شاهه،

 

جي هئا حرامي حرم ٿيا، سي ڪامل قتل ڪيا،

 

پارت ڪارڻ پُٽ جي، تهن آڻايا اُمرا،

 

تن کي تان هئي نصيحت ڪئي، پاڻ ويهي بادشاهه،

 

ڪر ڏيئي ابن آلاما، پاڻ باغ چتايو بادشاهه.

166-

هاڻي وير وريام، ٻڌا ڪشالا پنڌ جا،

 

تهن کي ڪهن پر ڪانُ هنيو پرياڻي پيغام،

 

مَن وجهلڻ وڍيس همه هفت اندام،

 

نانگن نيهر نسورا، برهه ڪيس بي آرام،

 

بـــــرهه شاهـــــه بهـــــرام، وڏي مـــــان وهـــــلـــــو آئيـــــا.(1)

167-

’هاڻ وهان تان ورونهن، سمهان سک نه جندڙي‘-

 

اندر عجيبن جا اچي درد دکايس دونهن،

 

ڏس ته هينئڙي هاجون ڪيون، تنهنجي صحبت سونهن،

 

جي آهن راهه آ سونهن، تن جو تون صاحب سونهون آهيـين.

168-

نڪا سونهان راهه، اڳ نه ڏٺم ڏيهه ڪو،

 

سو آءٌ ڪندس ڪيئن ڪري، ڪوهن مٿي ڪاهه،

 

روئڻ راماڻو اکڙئين، شام، رين، سحر، صباح،

 

من ۾ محبوبن جي، آٺئي پهر اُها،

 

هاڻي اينهين ڪر الله، جئن هيڪر وڃي ديکيان درسن دوس جو.

169-

سائيم ڪريان ڪيئن، جئن هِت اسين هُت پرين،

 

سمهان سک نه جندڙي، ننڊ وساريم نينهن،

 

ٿيم پراهين پنڌ تي، روئڻ راتو ڏينهن،

 

ڇِڄان، کِجان، ساريان، مُنهن وسايو مينهن،

 

ڪج الاهي ايئن، جئن وڃي هيڪر جيئري ملان جانب کي.

170-

هاڻي نه ڄاڻان، ته ميڙو مئي ڪين جيئري!

 

پر به ڏيندس ڏاڍي ڏونگرين، پهڻن سر پاڻان،

 

ڪوهه ڏوريندس ڪيترا وڃي ويڳاڻان،

 

ٻن سي جئڻ ڏينهڙا، جي پرين پڃاڻان،

 

جن سان روئڻ راماڻان، تن سان مان موليٰ ميلائو ڪري.

171-

پر سچو نانء سندوءِ، سچو صاحب سائين آنهيـين،

 

آگا آزردن جو آنهيـين وڏو وسيلو،

 

تهن جي ڪرمن ڪمي ناهه ڪا، جن سين راحم رحم ڪيو،

 

آءٌ به سوالي سندوءِ، تون ڏاتار ڏڏن جو.

172-

تڏ ديو کنيو تهن شاهه، تخت وهاري تهن ديس مان،

 

تن آدمي کنيو آڪاس ڏان، اُپاڙي اُمراء،

 

هليا سي هوا ۾ ڪري هل هڳاء،

 

تن راوت راجا راءِ، باغن آندو بادشاهه.

173-

ڦولي سو ڳولي، کڻيو باغ نهاري بادشاهه،

 

تان پرين پنهنجا نه پسي، اڃان روح پيس رولي،

 

پاڻان روئي رتولي، رتيون اکيون رت مان.

174-

ٿو رويو منهن ڌوئي، اوتيو آب اکين مان،

 

لڙڪ لالن ورنا نيڻن نچوئي،

 

لون لالن لِيوئي، ڳاڙيو آب ڳلن تان.

175-

هئي هئي ڪيو هٿ هڻي، ساريو سي ويـرُون،(1)

 

من ۾ محبت گاڏهيون، هيون جي هـيرون،

 

سي اديون اويرون، آيس عجيبن ري.

176-

جئن جئن پوئِس جاد، جانب جيءُ جئي تي،

 

تئن تئن فراقان فرياد، آلاپي ۽ آهون ڪري.

177-

آهون ۽ دانهون، ڪري قريبن ري،

 

ساري سپـيرين جو پنڌ پنڌ پراهون،

 

لالن لاءِ لاهون، ور ڏيو واڪا ڪري.

178-

چئي: ساجن وري آءٌ، هي نه رسڻ ڏينهڙا،

 

وڍ نه وڍيل جو، جئن ڦٽيل فراقا،

 

هن کي اندر اولاڪا، ٻهر نه خبر خلق ۾.

179-

تڏهن سفيد ديوَ سڏايو، غازي پنهنجو گام،

 

اچي مِڙي لشڪر مُچ ٿيا، تهن وٽ تمام،

 

جان ويٺا وري سي، سهجان پڙهي سلام،

 

ته شهر سبز سليماني جو، ڪهڙي طرف ڪلام،

 

جان پڇيو تن کي بادشاهه، آڌر ڏيئي آرام:

 

جا هجي حقيقت حال جي، سا ڪَهو سچ ڪلام،

 

تڏهن سو گند سليمان جو، ڪيو تن قسام،

 

ته اهو پريون پري گام، جي اوري هو ته اسان سُئو.

180-

اُتو شاهه شتاب، ’وهان هت نه گهڙي هيڪڙي‘،

 

تڏهن ويهي ڪيائون پاڻ ۾، ٻڌي هڪ حرف حجاب،

 

ثابت اِنهن شهر جي، مانَ هجي سڌ خبر ’سر خاب‘،

 

وڃي تهن کؤن سوال جواب، ڪري معلوم ڪريو تهن ملڪ جي.

181-

تڏهن تخت کنيو ديون، شاهه بهادر بهرام جو،

 

ان امالڪ آڻي رکيو، جت حڪم هو کي تن،

 

پسي شبيهه شاهه جي، عبرت آندي اُن،

 

تن سڀني کي ’سرخاب‘ پڇيو، ويهي پاڻ وٽن،

 

چئي: هي آدمزادو آدمي، توڙان آندو ڪامل ڪن؟

 

تخت کنيو اٿو تهن جو، ڪامل ڪهڙي اٿو من-

 

تڏهن جيڪا ڳالهه هئي جن، سا مڙيئي تن معلوم ڪئي.

182-

چئي: جي ڄاڻين تون جاني، ڀلي ڪري آئين ڀاءُ تون،

 

ڪندس توسين قرب جي آن محبت مزماني،

 

نظر نه آيم ڪڏهين اهڙي نشاني،

 

هاڻي توکي بخشيم بادشاهه، هي سڀ سلطاني،

 

ڪج ڪا احساني، وڃڻ وارج ڪيم ڪِين.

183-

چئي: تانسين وهان نه مور، جانسين دوس نه ديکيان پنهنجو،

 

سپيريان جي سور کان، چت چري ٿيو چور،

 

سو ڪيئن من ٿئي مامور، جو وڍيل ٿو وري ڪري.

184-

چئي: ڪهڙو ڪم سندوءِ، ڪهڙيءَ ڳالهه ڳريو وڃين،

 

ڪو وٽان دوس ويوءِ، ڪين ٿو نوان دوس نهارئين.

185-

تڏهن رت ورنو روئي، شاهه پڇيو سرخاب کان،

 

آکيائين احوال سو مذڪور مِڙوئي،

 

درد اُٺايس دل جي، ساري سڀوئي،

 

چئي: هاڻي ڏس ڏي ڪوئي، سبز سليماني شهر جو.

186-

تڏهن سر خاب سوز گهڻو ٿيو، تهن ڪٽڪ ڪوٺايا،

 

مِڙي لشڪر مُچ ٿيو، آڳانجها آيا،

 

تن اچي خاڪ چمي خدمت ۾ سِر نوڙي نمايا،

 

هن به سبز سليماني شهر ڪري پانڊو پڇايا،

 

تان سو گند سليمان جا، تن ٻيهي ٻڌايا،

 

تڏهن ويتر وسايا، لُڙڪ لال اکين مان.

187-

چئي: ميان وسههُ ڪر ويساهه، اهو ڪنين سئو سون ڪونڪو،

 

توسين ٿو ڪريان سو گند سليمان جو، ۽ آهي وچ الله،

 

هن هيڏي عمر ۾، ان جو مونکي پيو ڪونه سماءُ،

 

ته ڪهڙي طرف ڪهن ديس ۾، ڪيڏان شهر ڪو آهه،

 

پر اڃان آهي اڳتي، منهنجو بيگبهادر ڀاءُ،

 

ڪِلو اٿس ڪوهه قاف تي ’ڪندڪ‘ تهن جو ناء،

 

تهن وٽ اچن ڪيترا، ديسين ديو دراءُ،

 

وڃي تهين کان، مانَ سُڌ پوي ڪا شهر جي.

188-

سرخاب ايء صلاح، اڳيان چئي شاهه بهرام جي،

 

چئي: سانه ساريان ڪاسو کڙي، جهڙو شرف تَمارو شاهه،

 

آهي سر جي سليماني وٽم قدرتي ڪلاهه،

 

هميشه حضور ۾ جان هوندي سا همراهه،

 

تان امر ساڻ الله، ڪڏهن پسندس ڪونڪو.

189-

سا حاضر ڪري هٿ ۾، کڻي سو آئيو،

 

بخشي شاهه بهرام کي، تهن فڪر فرمايو،

 

هاڻي قصد ڪيوءِ ڪوهه قاف ڏان، سمن ۽ سعيو،

 

تڏهن پارت ڪري بادشاهه جي، تهن لِکي لنگهايو،

 

ڀاءُ پنهنجي ڀاءُ ڏان چڱو چوايو،

 

ته خدمت ڪجائو هن خان جي، جو اوهان ڏان آيو،

 

آهي قدر تهن جو جهڙو، تهڙو رکجائوس رايو،

 

سئوسين، پانڊو پهچايو، حاضر ديو حضور ۾.

190-

حاضر ديو حضور ۾، اچي وهاريا وريام،

 

تهن سين مڙيئي مذڪوره ڪيا، تن ساري سڀ تمام،

 

ته هن ملڪزادي جا ملڪ ۾ هئا ننگ موچارا نام،

 

هاڻي ڦوڙائي فراق جا، تهن برهه ڏٺا بهرام،

 

سُن ڪندڪ! تو ڏان ڪيترا مُڪا سُرخاب سلام،

 

ڪج تدارڪ تهن جو، جو عاشق بي آرام،

 

تهن لاءِ ماڳ مقام، پڇج شهر سبز سليمان جا.

191-

چئي: جيءُ جاني، جيءُ يار! جيءُ ڀلي ڪري آئين،

 

اڄ توکي پسي بادشاهه! نيڻ ٺريم نار،

 

اڄ ئي اڄوڪو ڏينهڙو، جهن ۾ دوست آئين دلدار،

 

جيئن هي وريم وير وصال جي، تهن ساعت تان صدقي سو وار،

 

ساهه صدقي، قلب صدقي، تو تان سِر صدقي سو وار،

 

تو جيئن قابل راڄا ڪونه ڏٺم، ساري سڀ ڄمار،

 

سو پڳ چميو پزار، آهون ڪيو اکيـين رکي.

192-

تڏهن سڀ ڪندڪ ڪوٺي پڇاپاڻ، سبز سليماني شهرجا،

 

’اوهين ديو گهمو ٿا ديسيون، هرڪو پاڻان واڻ،

 

اهڙي ئي پرياڻ، تهن جو ڪو ڏس ڪونه ٿيو.‘

193-

چون نڪين ٻڌوسين ڪنين، نڪين ڏٺوسين اکيـين،

 

جي ڪوڙ ڪنداسين، ته اٿئون سوگند سليمان جو.

194-

تڏهن رويو راوت روءِ، هئي ڪيو هڻي هٿڙا،

 

ڳاڙهو آب ڳلن تان، تهن کي پلٽيو پوءِ،

 

آڳانجهو اکين مان، مينهن وسايو منهن ڌوءِ،

 

چئي: قريبن جو ڪو مان کي، ميان مارڳ اچي ڪوءِ،

 

رويو راوت روءِ، آلاپي ۽ آهون ڪري.

195-

چئي: هِت اسين هُت پرين، هاڻي ڪرم نه ڄاڻي ڪيئن،

 

مونکي موليٰ ميلئـين، صاحب ساجن سيئن،

 

ڪج اِلاهي ايئن، روح ريجهائو جيئن ٿئي.

196-

چئي: هئي هئي هن دنيا ۾، جي آءٌ نه ڄائو،

 

ته جو هي ڪشالو آئو، سو هوند مڙوئي معاف ٿيو.

197-

هاڻي الله تو جو نام، ته مون وڏو آسرو،

 

هي ڏک لهندا، سک ٿيندا، ايندم دل آرام،

 

اها بات ڪيو بهرام، سائينءَ ڪري سڏڙا.

198-

چئي: دل جهلج دل يار، من مان ڪين لوڏئين،

 

اي غازي! غم نه رک تون، دلاور دلدار!

 

اُهکيون سهکيون ڪري، تهن ڏاتيون هٿ ڏاتار،

 

اي ميان! چوان حقيقت هيڪڙي، ساشاهه سڻج سردار!

 

هاڻي ٿو مير موڪليان وکي پنهنجي ڀاءُ برادر يار،

 

جهن جو چوٿون ڪِلو ڪوهه قاف تي، ڏيهان ڏيهه ڏهڪار،

 

البت ان شهر جي، هوندي تهن پيئي ڪن پڪار،

 

تهن خاصا خبردار، لکيا ڪاغذ ديو ’ڪندوال‘ ڏان.

199-

تڏهن عصا کڻي آيو، سندي حضرت سليمان،

 

تهن اچي اُتوشاهه بهرام کي، ظاهر ساڻ زبان:

 

ته هن ۾ قدرت قدير جي، بيحد بي بيان،

 

تان جي ڪڙا ڪرف زنجير ڪـي، توڻي هُون گِران،

 

ته هِن لڳي هڪ نه رهي، اي شاهه صحي سلطان!

 

سا توکي بخشيم بادشاهه، پرين پهلوان!

 

هاڻي شاهه سفر سامان، ڪريو تان ڪندوال ڏان.

200-

ڪيا تڏهن ڪشالي جا ساهن سامانا،

 

’ڪنُدڪ‘ لکيا ’ڪندوال‘ ڏان پارت پروانا:

 

ته رضا رکجو راوَ جي، جهن جا ڏيهه ڏُورانا،

 

تڏهن هو تخت کڻي شاهه جو، ٿيا راهه سر روانا،

 

سي مانجهي مردانا، اٺئين پهر آئيا.

201-

اٺئين پهر آئيا، سر ڪنهن ڪوهه قاف،

 

سڀ صاحب سڻائي ڪئي، منزل ٽين معاف،

 

سڀني سلام تهن شاهه کي ڪيو، ديون دل صاف،

 

تهن گياليون گلم غلاف، ٻيو تخت مڪو تهن شاهه کي.

202-

سو تخت پسي بادشاهه، ٿيو سرهو منجهه سرير،

 

جو طلا مرصع موتين هو، جوهر جوپ جڙاء،

 

تن آڻي رکيو ساهه، حاضر ديو حضور ۾.

203-

پسي پريندي پائمال ٿيا، تهن جي صورت سونهن شعاع،

 

تهن جي جلوي جمالا، فسخ ڪيو فانوس کي.

204-

جان ديو اڳيان آيوس، تان هن مانهندان مٿاهرو ٿيو،

 

سِر گَردن گبر جيئن، هٿ منار هئوس،

 

قدر ڏونگر ڏاڙهه جيئن، مٿو متاروس،

 

اهڙي رونق آئيو، ڪر ڏَيا شينهن ڏٺوس،

 

تنهين دم ترو ۾ پسي من پيوس،

 

هن به جهلي حُبان هٿ سندوس، نيئي تهن وهاريو تخت تي.

205-

تهن ترت وهاريو تخت تي، وٺي ساڻ ادب استقبال،

 

عزت، شرف، شعور سين، تهن خان ڪيو خوشحال،

 

تهن طرحين طعام گهرايا، فهميدي في الحال،

 

تن شربت شوق شراب ڪيا، دم تهين در حال،

 

ڪمي ڪبابن ڪانه هئي، اهي ٿو قتب ڪري ڪندوال،

 

کائي خان خوشحال ٿيو، ڪيفن من ڪمال،

 

تڏهن پريءَ جمال جو بادشاهه کي، وڃي پيو ياد وصال،

 

تهن وير راوت روئي، ڪيو حال هڻي بيحال،

 

جان ڏسي تان لڙڪن لال، ٿو وسي ڳاڙهو آب ڳلن تان.

206-

چئي: هي روئڻ رولاڪو، ڇو سمن کي سارو ڏئين،

 

مـــــن وڌوءِ مـــــامــــــــــري، آڻـــــي اولاڪـــــو،

 

سو ٽڪر ٽولاڪو، ڏنوءِ ڪهڙي ڪشال ۾.

207-

تڏهن خط هٿ خان، ڏنا ’ڪندڪ‘ جا ’ڪندوال‘ کي،

 

جان مڙيئي معلوم ڪيا، پڙهي پِرتان پروان،

 

تان ٻيو لفظ لکيو ئي ڪو نه ڪو، ٻاجهئون ’سبز سليمان‘،

 

پارت لکي بادشاهه جي بيحد بي بيان،

 

پر هن به راوت رنو گهڻو، اُتس ظاهر ساڻ زبان،

 

چئي: هاڻ لڳ سائين سبحان، ڪر مان سين دوس مدد ڪا.

208-

تڏهن دلاسي شاهه کي، اُتس ائين اڳياءُ:

 

ته اها حقيقت اَنهنجي، اڳيئي ثابت سُيم شاهه،

 

ڏک درد اوهان جي دل جو، ٿيو مان کي معلوما،

 

تهن خاطر ڪيترا ڪيم راههه سِر روانا،

 

مُڪم ديو ديسين تي تُرتان توانا،

 

ته شهر سبز سليماني جي، اوهين ڪل ڏيو مون ڪا،

 

تان جي هتان وير ويا، تن مان وري وريو ڪونه ڪو.

209-

هاڻي ور جان سـي اچن،تان تن کان پڇي صهي ٿيان،

 

سي ڪهڙي خبر ڪن، ڏسون ته ڪيئن ڏوري آئيا.

210-

جڏهن وري سي آيا، خالي موٽي خابرو،

 

جان مڙيئي تهن مذڪور ڪري پانڊو پُڇايا،

 

تان تن خبر ڪانه ڪئي، جي هئا هن هيجان هلايا،

 

سي قسم کڻي آئيا ابن دائودا:

 

ته آياسون ڏونگر ڏوري ڏاڍڙا، بر ۽ بحرا،

 

هاڻي وسهه ويساها، تان ڪر پتو پيو سون ڪونه ڪو.

211-

تڏهن جان جهليو روح جهلي، تان دل دانهن ري نه رهي،

 

جهن جو هِنيون جانب سان جلي ويو، سو ٻين سان ڪيئن روح رلي،

 

جهن جو نيئي هنيون ساجن ساهه سوگهو ڪيو،

 

سو ڪيئن حملي منجهه هلي،

 

سو رويو روءِ رت ورنو، مٿان مُنج ملي،

 

پر عام نه سور سلي، ساڻ خام نه ڪري خبرون.

212-

ساڻ خام نه ڪري خبرون، تهن کي روئڻ روح رهاڻ،

 

سپيريان جي سوز ۾، ٿو ڀوڄ پڇاڙي پاڻ،

 

سَٽـي پاڻ پٽن سين، لئي پر پرياڻ،

 

چئي: الله پرين آڻ، نا ته تي اسان کي اوڏهين.

213-

تڏهن سو گند سليمان جو، اچي ڪندوال قسم ڪيو،

 

چئي: جو شهر پڇو ٿا سبز جو، سو اسان ڪنين ڪين سُئو،

 

جان ڏوريندڙ ڏوري آيا، تان به پرو ڪون پيو،

 

تان به هڪ جوڙو جوان هٿ ڪري کڻي سو آيو،

 

چئي: هي حضرت سليمان جو آهي ڪفش قيمت جو،

 

سو ٿي سانڍيم ساهه سين، جي مقابل جو،

 

سو هوندو جهن جي پير ۾، تهن کي ٿڪجڻ مور نه ڪو،

 

سو اوهين ڪامل قبوليو، اٿوَ پاءِ مبارڪ بادشاهه!

214-

تڏهن سرهو ٿيو سلطان، تهن چيو حمد حڪيم کي،

 

ته قادر پنهنجي قدرت سين، آڳي ڪيو احسان،

 

ٿيو مان تي مولو مهربان، هاڻي پيئي ڪهل ڪريم کي.

215-

سو خان ٿيو خوشحال، تهن شڪرانا شروع ڪيا،

 

چئي: مان تي موليٰ مهربان ٿيو، ڀلي ڪيو ڀال،

 

واحد هاڻي وصال، ڪندو محب جي ميلاپ جو.

216-

ڏنيس ڏات خدا، اها ٿَئي موڪل مير سان،

 

چئي ديون سِر جا ثابت، ڪيس اڳرا وار عطا،

 

اُهي سبب ڪرم سين ڪريم جي، ٿيس حاضر سر همراهه،

 

آيس ڏاتيون ڏاتر ڏانه، ٿَئي برڪت شهه بهرام سين.

217-

ويٺا ورونهن پاڻ ۾، ته هاڻي ڪريون ڪيئن!

 

پر رازق جي راضي، تن نه ڏجاڻا ڏينهن،

 

حڪم صاحب سينءَ، آيو ديو کڻي ٻئي ديو کي.

218-

آيو ديو کڻي ٻئي ديو کي، ڏس الاهي اسرار،

 

ڏسجي تان پريو پراڻو پير مرد، وڏي کيس ڄمار،

 

ٻُڍو، جهن جو نجهرو جهونو گهڻو، لاهمت هيڪار،

 

سو ڪري ڪَرمشون ڪندوال کي، ويجهو ويٺو وار،

 

تهن کي پڇو بادشاهه، ديون جي دهدار،

 

ته ڪيڏي عمر تو جي، ڪا سنن اٿئي سار،

 

چئي: جي ليکي منجهه شمار، ته هڪ هزار سالن ساريان.

219-

جڏهن ايڏي اٿئي عمر، تڏهن سُرت هوندي تو سڀڪا،

 

گهڻا ملڪ گهميو هوندين، بيحد بر بحر،

 

شهر ’سبز سليمان‘ جي، ڪِٿهن ڪا پيئي ڪر،

 

ته ڪهن طرف؟ ڪهن ديس؟ ڪهن پر ڏانهن؟ ڪا ڏيهُون خان خبر،

 

ته اُٿي آلاهر، پُوريون تهن پار تي.

220-

چئي: سبز سليماني شهر جو، مان کي پُڇين پاڻ،

 

تهن جاتو کي وڻ وَٽ ساري وير ڏيان، سرون سنگ پَهان،

 

ثابت مان توکي ڏيان، انهين جا اُهڃاڻ،

 

اي ميان مهربان! تهن جي مان کؤن ڳجهي ڳري ناهه ڪا.

221-

سڻ ديون جا اُمراء، توسين سڀڪا ڳالهه صحي ڪريان،

 

تهن سبز سليماني شهر اڳيان، جيڪي ڪوهه وريا،

 

تن اُتان منهنجي آهي راتو ڏينهان راهه،

 

سو نه ڳجهو مان کان، وِسهي ڪر ويساهه،

 

تهن سڻي حقيقت سا، شڪرانا شروع ڪيا.

222-

چئي: هاڻ ڏينهن ڀايان ڏهه ماهه، رات ته وَرهان ئي وِتري،

 

 پَل پهرائين پَري، پَهر نه پهر بجاءِ،

 

ساعت سريم سال کان، ڪريو گذر گاهه،

 

توکي ڪيم معلوم سڀڪا، ٻي ڪهڙي ڳرهيان ڳاهه،

 

هاڻي اٿي لڳ الله، ڪر سمن سڀاڳي شهر جو.

223-

تڏهن اُتو تهن ديو کي، آندو هو جهن ديو،

 

ته: هن شهزادي شاهه جي، پارت پاڻ آٿيو،

 

تانسين جَم نه ڇڏيجاس، جانسين رضا راو نه ڏيو،

 

جيئن جتان پاڻ چئبو، تهان ڪوتهه ڪجا ڪانه ڪا.

224-

تڏهن آڻي تخت رکايو تن، تازو تخت روان هو،

 

اچي موڪل مڙني ڪئي، واهـي آرتو آب اکين،

 

هي به اُڀا آهون ڪن، ته وڃي شال ملندين سڄڻين.

225-

تڏهن تخت کنيو تن، جيئن وهلو وهي واءُ،

 

سو اُپاڙي آڪاس ڏانهن، هليا منجهه هوا،

 

ڪهن کي معلوم ڪين هو، تن جو صاحب اي سماءُ،

 

او ڪيڏان ويا ڪاهيندا، معلق ارض سماءُ،

 

ڏيئي بازن وانگي بائليون بانڪا، ڪهي ڪوهه قاف ويا،

 

تهن جبل جوان ڏسي، جان ڪئي ناگه نگاها،

 

تان تهن کي نظر آئيو، ڪو ساروئي ’سزا“،

 

وڏائي وڏو گهڻپ، بيحد حسابا،

 

اهڙي رونق رنگ هو، ڪر جنسار جمرودا،

 

اُتهن عالم جو انبوهه هو ڏٺائون ڏورا،

 

تڏهن ديو اُتو داناءَ کي، مِٺو ڪري مُنها،

 

اجهو ’سبز سليماني‘ اٿوَ، هو ديون دروازا،

 

اسان کي هتان مهند هلڻ جي، ڪانهن قدرت ڪا،

 

هاڻي ٻيلي تو الله، شال وڃي جانب کي جيئري ملين.

226-

تڏهن موڪل گهري شاهه کان، هو ويا وير وري،

 

تهن آسري الله جي، وَڌِي وک ڀري،

 

سهسين ڏٺائين ڪيترا، اڳيان ديو پري،

 

هيڪر جيءَ اندر جانب جي، تهن کي اچي برهه باهه ٻري،

 

ته اي صاحب سندم سائين، ٻي تو ري ناهه ڳري،

 

ڏي داتا دلبري، سگهو معلم محب ملاءِ تون.

227-

تڏهن سِرَ تاج، هٿ عصا، جوڙو پڳ پيو،

 

اُڀي حضرت سليمان تي، ٿي درود پاڻ پڙهيو،

 

ٿيس حاصل بخت، ”براهيم“ چوي، واصل ورق وريو،

 

سو دانههَ در لنگهيو، اندر پيهي آئيو.

228-

تان هزارن هزار، ڪمي ديون ڪانه هئي،

 

پَرين پَرو ناهه ڪو، هيون بيعدد بِسيار،

 

ڪي ديو ڪارا، ڪي ڪمرا، ڪي بدرنگ ڀوڪار،

 

ڪي رڇ نسورا ڀولڙا، ڪي هَمه هيبتدار،

 

هئا ڇٽيهه طائفن جا، ليکي منجهه شمار،

 

ٿي اُنهين وچئون آئيو، موڙيو نه منهن منٺار،

 

جهن وقت طلب طعام نعمت ٿئي، آڻي کاڌا خبردار،

 

تان پيئي ڪانه پڪار، پرين بادشاهه کي.

229-

سڄو ڏينهن سارو، پئي ڪندو پنڌ ويو،

 

تان جي منزل ماندو ته ڪيو، هوس جهڄڻ جهيجارو،

 

ڪَرهه ڪيڏارو، آيس فوج فراق جي.

230-

هاڻي اچي پيس رات، ڪهي ڪهن سِر ماڳ تي،

 

اندر عجيبن جي هئي، تهن کي طلب تات،

 

’نارالعشق آحرق مِن نارجهنم‘ اها برهه سڻايس بات،

 

پرهه ڦٽي پرڀات، اُٿي پانڌيڙو پنڌ ٿيو.

231-

اٿي پانڌيڙو پنڌ ٿيو، وڃي رميو مٿي راهه،

 

سو ڏينهن سڄو ئي شاهه کي، هئي قدمن مٿي ڪاهه،

 

اچي نازڪ نماز شام ٿيو، جو هو علي الصاح،

 

تهن بازو مٿي بادشاهه، ٻئي راوت پيئي راتڙي.

232-

تان بي پرو ڪون پيوس، پرين جو بادشاهه کي،

 

سا رات وهاڻي ڏينهن ٿيو، سورج اُڀريوس،

 

اچي مَن تي محبوبن جو، دل تي داغ دُکيوس،

 

ڪو سوزن جي سُرڪ جو، چُهاڪو چکيوس،

 

نوري نازڪ مُنهن تان، اچي عينن آب وهيوس،

 

جان آيو اڳانهين پنڌ تي، قدمن راهه رکيوس،

 

تان حاصل ورق وريوس، اڳيان پريون ڏٺيون بادشاهه.

233-

اڳيان پريون ڏٺيون بادشاهه، هزارين هزار،

 

ڪوتاهه هين ڪانه ڪا، هيون بيعدد بسيار،

 

سي ڪنديون وڃن پاڻ ۾ اهائي پچار،

 

تن کي حرف حڪايت حاڪم جي، صفت سندي سردار،

 

تڏهن سڻي سا توار، تنين هليو هيڪاندو ٿئي.

234-

هليا وڃن هوء، هي به وِرونهن ويو ٿي تن سين،

 

الاهي اسرار جو ڪهن نه پرو پوءِ،

 

هي پسي ٿو هُن کي، هِن نه ڏسي ڪوءِ،

 

سڄڻ ساريون، هَنجون هَاريون، راوت رويو روءِ،

 

مر مران، مور نه وران، وڃان لالن لوءِ،

 

ڪاٿي هوندم، آڌر ڏيندم، شال اچي نيندم اوءِ،

 

سڏ ڪيو سائين چوءِ، ڪري سائل صاحب سڏڙا.

235-

جاڳهه نوان ڪوٽ هئا، سي ڏوران ڏٺائين،

 

ڏسي تان لکين لکائين، پرين پاراندو ناهه ڪو.

236-

وڌي آيو ويجهڙو، هلي سو هيڪار،

 

تان هيري لعل زمرد جي، ڪمي ناهي ڪار،

 

بنگلا جڙيا بستي سان، جنوهر جوڙ جنسار،

 

سو سڀ طِلا ڪارو ڪم هو، مينا هفت هزار،

 

چمن گل چٽام هو، چڱا ڪيا قابل ڪاريگر ڪار،

 

اڃان هئا اپار، جر هئا بنيا فرش بلور جا.

237-

سي تان هزارن هزار، اڃان ليکي پورو لک هو،

 

اهي قائم دائم در تي، ٿا ڇمڪن ڇڙيدار،

 

تن کي طلا عصائون جوهر جڙيون، هيون مرصع مروار،

 

تن جو ترس نه رکيو تن ۾، مهائين مزار،

 

ديون پرين هُل هُڳاءُ ڪيو، در پائي ڌمڪار،

 

پر غازي گستاخي گهڻي ڪري، سو در لنگهيو دلدار،

 

هئا سهسين سامان، بنيا محل مڙيئي سوچار،

 

تن ڪڙن چٽ چڱا هئا، رنگ چڱا رنگدار،

 

سونا فرش ڏٺائين تنهن، بيهي سي بسيار،

 

ڪمي ڪُرسين ڪانه هئي، جوهري جن جنسار،

 

پرين پرلو، ساوڻ سرلو، ڪر وچون ميگهه ملهار،

 

جهڙو ’سليماني‘ شهر سُئو، تهڙا سبز سندا سينگار،

 

تخت ياقوتي تڪرار، اچي شاهه ڏٺو بادشاهه کي.

238-

شاهه ڏسي بادشاهه کي، ٿيو هاتڪ حيراني،

 

حيرت ۾ هيڪار پيو، نازڪ پرين نگراني،

 

اُڀو عاقل اُتهين، ڪا مدت مرداني،

 

موٽي رکيو راوت روح ۾، خائف ۽ خاني،

 

پرتو پرين کي بادشاهه، اهو ساز سامياني،

 

هي به فائق فرزاني، اُٿي عقب اُنهين جي هليو.

239-

هلي آيو اُتهن، جت هئي خوب باغن خوشبوءِ،

 

ڪمي ميون ڪانه هئي، اتي گلن روءِ،

 

لکين لک وڻن هو، جنهين حيرت جهڙي هوءِ،

 

جانب پاسن جوءِ، ٿيا وصالي وڻراهه ۾.

240-

ٿيا وصالي وڻراهه ۾، جت وهن موچارا واهه،

 

سي بيعدد بسيار هئا، ڪجي صاحب جي ساراهه،

 

گل سبزي، آب سبزي، باغن سبز بناءُ،

 

گِران بر ”براهم“ چوي، ميون مڙيو ماهه،

 

مڙيئي شجر، ”شيخ“ چوي، گل ڦل گلزاراءُ،

 

ايندي راوت راءِ، ڏٺي ماڙي مُنارن سان.

241-

ماڙي منارن سين، شاهه ڏٺي سردار،

 

عجب انهي رنگ هو، قصر قيمتدار،

 

جن تي طلا مرصع، جوپ جڙاءُ، هو بلندي بيشمار،

 

سهڻي ماڙي سڦري، سهڻا سندس سينگار،

 

سي چاليهه چمن چوطرفان، جي ڀلا باغ بهار،

 

تڏهن سو هزارين پريزادن، ڪئي خاڪ چمي کينڪار،

 

جان عاقل هلي آئيو، ڪهن ڪنڌيءَ حوض ڪنار،

 

تهن ۾ ثابت حضرت سليمان جي، رنگ نگين نروار،

 

تهن تي طلا مرصع موتي هو، جوهري جنسار،

 

سو آڻي پرين رکيو پاس تي، وهلو تيڏيءَ وار،

 

جو حرم سندي سردار، سا آڻي ترت وهاري تخت تي.

242-

جان اچي ويٺي تخت تي، سا پرياڻي پرمل،

 

تان بيشڪ بانو حسن جي هئي شڪل شمائل،

 

دُر عيان اجمل، هئي حورنئون حسين گهڻو.

243-

چيو وير وجود ۾، ته الاهي لاشڪ سنديس ماءُ،

 

هاڻي ڪندو خيرخدا، ته اکيون آهن اوڏڙا.

244-

اُتو تڏهن هن پرياڻيءَ کي، سندس ور وري،

 

ڪيو آهي اِنهن نانهه ننگ کي، جا لاهي ٽڪاڻا ٽري،

 

ڪري عشق آدمذات سين، اها کريل آهه کري،

 

هاڻي منج دائي ياپري، ته ڪهن وارڻ واريون تهن کي.

245-

وان وهلي وان، هتي دائي دم نه ويهه تون،

 

سڀ سلج ڳالهيون جيڪي چيون مانءِ،

 

ته هو بني آدم بيوفا، نڪا توڪل تهين سان،

 

سڱ نه سياڪو تهن سين، نه پنهنجي قبيلي ڪڙمان،

 

اب سين ٻول ٻڌيونءِ ڳالهيون، جي بنهه بيگانا،

 

مت ڪين پيڪا لڄائين پنهنجا، جي سڌر سمانا،

 

اُلَهه اِنهه ڳالهان، ان سان رت نه رتيءَ جيترو.

246-

سڀ حقيقت سا، جڏهن دائي سُئي دهدار کان،

 

اٿي هلي اوڏهين، جيڏهين ٿيس صلاح،

 

شاهه به تهن سين هليو، ثابت سر ڪلاهه،

 

اڳيان بلندي ڪوٽ بهتر گهڻو ۽ افضل عمارتا،

 

اتهه اچي چوڪيدارن کان، دائي ڪنجي دست ڪئي.

247-

ڪنجي دائي دست ڪري، آئي مٿي در،

 

تان آڏا در درن هئا، ثابت ست سٻر،

 

ڪفف ڪنجيءَ مان ڪڍي، تهن ڪيا پيداور،

 

تان جَڙيو تخت جوهر، تن کي ناگه نظر آئيو.

248-

تهن تخت اتي تڪرار، بانو شاهه بهرام ڏٺي،

 

تهن کي آهه ڪري دل دانهه دکي، پر دم رکيو دلدار،

 

ٻيو ڪامل ڪڇيو ڪِين ڪين، وير انهيءَ اظهار،

 

تهن کي اچي نيڻن سان نير وهيو، بره سندو بسيار،

 

پاسي پئي ڀتار، ويٺو ڪهن وٽ ٿي.

249-

تان پيرن نيل زنجير، وار واسينگ وانگي،

 

سرونون قد ويترو، سونهي شهزادي،

 

تهن کي دائي سڀائي، اُتا سلام پيءَ ماءَ جا.(1)

250-

ٽڪ ٽڪاڻي کان متان ٽرين، متان پوئي ملام،

 

ڪڙمن قبيلن اچي، نيڪنام ٿين بدنام،

 

مت وجهين تون روح تي، ڪي ڪوجها ڪم ڪمام،

 

هاڻي ويهي پيڪن جا پيغام، معلوم ڪيا مُنڌ سان.

251-

هاڻي سڻو بانو جون باتيون، جي ڪيون ٻائي دائيءَ سان،

 

چئي: هي ڏينهن ڏُجاڻان ليکيان، جي راوت ريءَ رميا،

 

اوهين ٿا جوڙ پڇو جاتا، پر مون جو پڪوقول قريب سان.

252-

رويو رويو چوءِ، تهن دائيءَ درد دل جو،

 

سو مانَ سج نه لهي، جو پِريءَ ٻاجهون پوءِ،

 

او جانب جي ڏٺوءِ، ته مان کي هوند نه چيئي هيترو.

253-

جي هوند دوس ڏٺوءِ دائي (هيڪر هوت اکين سين)،

 

ته هي وڙهڻ جي وائي، هڏ ڪڏهن مان سان ڪياءِ ڪانه ڪا.(1)

254-

ڏٺوءِ جي دائي، هيڪر دوست اکين،

 

ته لڳئي آگ بدن، هوند بنهه ٻاريوءِ جندڙو.

255-

پر ڪڏهن من نه ٿيوم ماندو، ٿي وڇوڙي وايون ڪريان،

 

دائي هن درد کان، من وير ناهي واندو،

 

پر تقدير تبارڪ جي، امر ائين آندو،

 

ٿيو هوم هيڪاندو، تهن لاءِ وڍيل من واڪا ڪري.(2)

256-

هاڻي اوهان تان کلن، کلان تان، خوش نه جندڙو،

 

جيئن ڪئين جهانن ۾، ڪٺيون قريبن،

 

پيا چاڪ چڪن، پر نڌڪ ساهه نه نڪري.

257-

اچي نه ڄاتوم، هي جي هتي هيس حق سين،

 

پر جيڪين لکيو لوح ۾، پارڻ سو پيوم،

 

اڳ به سکن ڏک ڏنوم، هاڻي بِي سو صاحب سک نصيب ڪري.

258-

اڄ من سرهو سرهي ساهه، سرهو روح سرير ۾،

 

سکر سوڻ پرين جا، اڄ ويتر ٿيم واهه،

 

ڄاڻي پاڻ الله، اڄ آيا ڪين ايندا پرين.

259-

اچي جي جاني، پرڏيهان پنڌ ڪري،

 

ته ڪريان هوند قريب کي، آن محبت مهماني،

 

جا دِل ديواني، سا هوند ڏٺي جاءِ ٿئي.

260-

تڏهن شاهه پڙهي شڪران، چيو حمد حڪيم کي،

 

طالع وريو، توهه ٿيو، آگي ڪيو احسان،

 

جهن جانب مور نه مٽيو، اسان ڏانهن ايمان،

 

قلب ڪريان قربان، ساهه صدقي سپرين تان.

261-

وري سا ويئي، دائي دل قرار ڪري،

 

در واري ڪرف ڪڙن سان، ڪيو محڪم مڙوئي،

 

تان ڪا پڪار پيئي، حويليءَ ۾ هوء جي.

262-

ٿيو حويليءَ هڳاء، اپاڙيو آهون ڪري،

 

جهَلي تان جهڄي هنيون، سڏ ڪيو روءِ شاهه،

 

سُڻي سا سرهي ٿي، ڪري سرت سماء،

 

چئي: سچي ساجن آئيو، ٿي جهن کي سڪيو ساهه،

 

جو ڏک ڪٽي، سک وٽي، ايڏوئي الله،

 

هاڻي پو پڌر اوري آءٌ، جان جانب آهين جيئرو.

263-

تان لاهي اتان سر ڪلاهه، تهن کي اڳيون آيو بادشاهه،

 

ته ڪر چوڏهين ماهه چنڊ جيئن، ڪيو شعاع شاهه،

 

پسي پرياڻي بادشاهه کي، دانهه اپاڙي دانهه،

 

چئي: آندا پرين الله، اڄ سڏ منهنجا صاب پيا.

264-

جيءَ جيءَ سا وير، جهن ۾ وڇوڙيا ملن سپرين،

 

دوست گڏيا دلجاء ٿي، مڙيا وڇوڙيا مير،

 

هن آڱر سان اشارو ڪيو، تان پانڊوءَ کنيا پير،

 

تان زيل ڀڳا زنجير، سي قيد لهي پيا ڪامڻي.

265-

محب مليا محبوب سي، منجهه انور عيش اڪير،

 

ماڳ ٿين من ڌير، ڏس ڪيڏا ڪرم ڪريم جا!

266-

جان تهن درن کي هڪ وار، هنئي عصا سليماني،

 

تان حڪم ساڻ حڪيم جي، ٿيا ڪرف ڪڙن کؤن ڌار،

 

عجب عبرت ۾ پيا، هئا جي در تي چوڪيدار،

 

ترت پريون تهن وار، اندر پيهي آئيون.

267-

اچي ڏٺائون، جان هلي حويليءَ ۾،

 

تان آواز اچندي اُتهين، ٻن جو ٻڌائون،

 

وري وڃي ويجهڙو، پرين پڇايائون،

 

ائين ئي آتائون، ته هي قدرت آهي ڪهڙي؟

268-

اندر ٻولي ٻن جي، هي ڪوڪٽ ڏسجي ڪو،

 

چئي: سڀ سلي ڏي ڳالهڙي، ته اسان پرو پوءِ،

 

اسين پسي سو، ثابت صهي ڪري وڃون.

269-

چئي: ڀينر اڄ ڀتار، اديون مان وٽ آئيو،

 

جليو جندڙو جهن لاءِ، نه هوم قلب قرار،

 

سوئي پسي پرتو، لٿم جيء تان جار جنجار،

 

تهن تان آءٌ صدقي ٿيان سو وار، مان کي اوهين مبارڪون ڏيو.

270-

سو هاڻي ڏيکار، جو ساجن تنهنجو سپرين،

 

جو سڀ گن سالڪ سپرين، تو جو دوست آهي دهدار،

 

هاڻ هيٿن ٺار، پسڻ ٻاجهون پَري جون.

271-

تن مان هيڪڙي مُڪائين، ته در مان اچي دائي،

 

سا وڃي حاضر ٿي حضور ۾، ترت لنگهي تيائين،

 

تهن دائي سين در حال ڪئي پَري پهريائين،

 

معنيٰ تهن مذڪور جي، تهن کي سڀ ڏسي ڏنائين،

 

سا هلي آئي هُنئين، تهن وير تتائين،

 

اچي معلوم بانو ماءُ سين، سڀ مذڪور ڪيائين،

 

اڳيان سڀ سڻيندي، ڳالهڙي، ائين اُتائين:

 

جان ڪهن حالت ۾ آهين، تان وڃي پسي پروڙي آءُ تون.

272-

هلي سا ويئي، دائي در لنگهي ڪري،

 

وڃي حاضر ٿي حضور ۾، تان ٻولين ٿا ٻيئي،

 

هيءَ حيرت ۾ پيئي، ته هي عجب عجائب ڪهڙو!

273-

بانو خوش ٿَئي خوشحال، جان خوشيءَ ڪري خبرون،

 

اتي آهي سوجهرو، شاهه پري جو مک ماهه مثال،

 

پيرن قيد نه ڪامڻي، ٿي ويٺي وهسي منجهه وصال،

 

اچي منجهه استقبال، سا پيئي پرياڻيءَ کي.

274-

ڪري ڪنيز ڪرمشون، اُتس ايئن اڳيان:

 

اي پري پاسي پاهنجي، ڪر آهي آدم آوازا،

 

پسي پروڙيان ڪينڪي، سو آهم تن ۾ تَرددا،

 

ٿيم عجب عبرتا، سا ڪر معلوم مان کي ڳالهڙي.

275-

چئي: سودائي آيم دوست، جهن لاءِ من منهنجو مشتاق هو،

 

لهرن درد لنگهي ويا، جيءُ تان لٿم جوش*

 

..... ....... ...... ...... ..........

276-

........ ....... ..... ...... .....

 

پسي شعاع شاهه جو، اُهمون ٿيس ارواح،

 

دهشت دائي نه سهي سگهي، سندي راجا راءُ،

 

ٿيو شمس مقابل شاهه، اڃان ڪين راوت رونق وٺندو.

277-

تڏهن بغل ويهاريو بهرام، ٿو دلاسي دائي،

 

عزت شرف شعور سين، تهن توجهه ڪيس تمام،

 

پسي تهن پاتشاهه کي، ٿي دائي دل آرام،

 

چئي: ’نيڪ ٻڌم جو نام، تهن کان هي ڏاتر ڏهه ڀاڱا وترو‘.

278-

چئي: سڀ عمر ساري، ههڙي صورت ڏٺيم ڪانڪا،

 

هڪ صاحب صورت جو ڌڻي، ٻيو عاقل اعتباري،

 

جهن ٿر، ڏونگر، روهه، رُلي پنهنجي پت پاري،

 

هاڻي هتي وير وهڻ واري، شال شاهه ڪندو شادي جي.

279-

’اي بانو! ڀلي ڪري آيوءِ، آءُ ٿي وڃيو تو جِي مائين معلوم ڪريان‘.

 

سا وري ويئي پوئتي، دائي در لوءِ،

 

سا پاهنجي اڳيان بادشاهه کي، هٿ ٻڌيو هيئن چوءِ،

 

چئي: سو آيو بهرام بادشاهه، جهن جهڙو ڪٿ نه ڪوءِ،

 

جيئن سورج شعاع صبوح جو، روشن راتيان پوءِ،

 

سو صورت سيرت سڀ گنون، اهڙو مون اڳ نه ڏٺوءِ،

 

دل درياءِ دادلو، جاني ڏٺم جو،

 

تهن ماهه مڙيوءِ، ]تارا پڻ تائب ٿيا[.

280-

تهخاني اچي خان، پڇيو پري پرياڻيءَ کان،

 

اي پري، جا مون سان ڳرهياءِ ڳالهڙي، ڪري زائفان زبان،

 

سي سڀ رکيون سين روح ۾، ساڻس بات بيان،

 

هي گت پت ڳالهه گمان، ڪا ڏس نيڪ نصيحت ڪامڻي.

281-

چئي: هن مقابل ڪوهه ڪشال، وڏا روهن وس ڪيا،

 

هي اُتائون آئيو، جتان ٻئي جي ناهه مجال،

 

گهر تڙ گهوري هليو، مُلڪ خزانا مال،

 

سڻيو ٿو گهڻو سوز ٿئي، انهيءَ جو احوال،

 

پر ساڻس حضرت سليمان جي، برڪت آهي برحال،

 

ڪو ڏسندس ڪونه ڪو، اهڙي قرب ڪمال،

 

مڙيئي ان مذڪور جي، آهي ساري سرت سنڀال،

 

مان ٿين وصال، هاڻي لکيو قلم قبول ٿيو.

282-

تڏهين مير، وزير، مُتَصدي آيا اڪابر،

 

تن مڙي مصلحت سا ڪئي، ڏسي خوب خبر،

 

چون: سڻ بادشاهه پرين جا، دانهه دلاور!

 

ته جو آيو بادشاهه، ڏڙهه ڏوري ڏونگر،

 

تو وٽ ڪمي ڪانه هئي، پر الاهي امر،

 

انهن لاءِ مزار تي آهن، عدل عمل اڪثر*

 

پر هاڻي غمن گڏجي آئيو، جيڪس لکيو لوح اکر،

 

سندي سبز سليماني شهر ۾، هئي حقيقت هيڪر،

 

اٿي دل جا دلاور، تهن کي رضا رخصت راءُ ڏي.

283-

تڏ شاهه سرهو سلطان، پرين جو بادشاهه ٿيو،

 

چئي: مصلحت مڙني ڪئي، ند لٿو بهتان،

 

مليو لائق لک پرين سان، اچي ٿيو اڳوان،

 

ملڻ ڪاڻ ملوڪ جي، خوشيءَ هليو خان،

 

اچي هيبت هل هڳاءُ ٿيو، غوغا گوڙ گران،

 

سوسڻيندي شاهه ٿيو، نازڪ دل نگران،

 

تهن وير تهن پڇبو، بانوءَ کؤن بيان،

 

رکي گوش گيان، ڪر پڇائي پروڙ تون.

284-

اڳيان اوڏو باغ هو، سو پريءَ پڇايو،

 

ته ڪهڙو اندر جهڳڙو، سو ڪِين سمجهايو،

 

تان ڊوڙي دائي، تهن اچي ٻهون ٻاڏايو.

 

چئي: ترس نه ڪريو تن ۾، اوهين ڀو نه ڪو ڀانيو،

 

هيءُ سَگهو سردار هن شهر جو، آهي اوهان ڏانهن آيو،

 

ٿو اچي کيڪارڻ خاطر خان جي، تهن کي هن جو آسعيو،

 

تهن دائي ويهي شاهه کي ثابت سڻايو،

 

تڏهن خوشيءَ کِلايو، تهن شڪرانا شروع ڪيا.

285-

سو اچي پُرهه پسي بادشاهه، هيڪر هيبت ۾ پيو،

 

صورت ڏس سلطان جي، پيو عجب ۾ امراء،

 

ته جيڏا ڪرم ڪريم جا، ڪجي واحد واکاڻا،

 

باري بيپروا، سو ڪِين منجهان ڪِين ڪري.

186-

تڏهن اڳيان دلبر يار، اي دل ۾ داناء دور ڪيو:

 

پيرين پئي پاتشاهه کي، خان ڏيان کينڪار،

 

تان بغل ۾ بهرام جهليو، عادل عقلوار،

 

نازڪ نمڻ نه ڇڏيو، سُپتئي سردار،

 

تهن ويهاريو تخت تي، چيو مرڪڻ مڻيادار،

 

جيءُ تون جانب آئيـين، منهنجا محب مٺا منٺار!

 

تو جهڙو ڪامل راجا ڪون ڏٺو ٻيو مون ساري سڀ ڄمار،

 

اچي بيٺا ادب سين خاصا خدمتگار،

 

پڳ چميو پيزار، ٿو ڪامل تان قربان ٿئي.

287-

تن بانو باخبر، آڻي پيرن وڌي پيءُ کي،

 

اڳيون اُن به آڌار ڪري دلاسي دختر،

 

سڻي سا سرهي ٿي نهايت نينگر،

 

وهسي وهسي ويتر، تهن شڪرانا شروع ڪيا.

288-

هاڻي ڪامل، قاضي، مفتي، تهن عالم آڻايا،

 

تن مغنين مولودن سين، راوت ريجهايا،

 

ملا، مولوي ماڳ تهن علماء آيا،

 

ٿيا شاهه شاديءَ جا سعيا، مڙني جي مصلحت سين.

289-

سا سڄيائي رات، هئا وحدت وجدانيء ۾،

 

رين وهاڻي روشن ٿيو، اچي پرهه ڦٽي پرڀات،

 

اها سڀڪهن وائي وات، ته اڄ سمن شادي شاهه جي.

290-

تهن سڄي ساري ڏينهن، وڏا سازن وس ڪيا،

 

دهل، دماما، ڌڪڙ دنبورا، هنئي تال طنبورن تيئن،

 

تار، ستار، پڪار، ڏونڪلي، باجيگر، مور چنگ مرلي جيئن،

 

رنگ رباب رس ريجهه گهڻو، ڪئي جنڪ جنوڪن جيئن،

 

دنبورا دف دست بجارن، چوچا چنگ ايئن،

 

سي ليکي ليکيان ڪيئن، جي سهسين سرمنڊل هئا.

291-

ڍانڍي ناچو منگتا، بيٺا ڀانَ ڀڙن،

 

محنت محابي منگتا، وٺيو ڏان وهن،

 

گهورون پون گهوٽ تان، ڳانجهه ته ڳاڻيٽن،

 

جيئن مند مينهن وسن، تيئن ٿي پاڻيٺن پاليٽ ڪئي.

292-

مبارڪيون محبوب کي اچي ڏنائون،

 

خاص خوشيءَ جون خبرون، جوهر جڙيائون،

 

اتي تخت طلا، مرصع موتي ماڻڪ مڙهيائون،

 

زريون زيور زينتي، پرهڻ پرهيائون،

 

هيري لعل زمرد کي، ساڻن سين ميائون،

 

دلاسي داماد کي ڏيج ڏنائون،

 

ڏيئي آڌر آندائون، خلعت خاني خان پرهي.

293-

شربت شير شراب، وٽون وراهن وتريون،

 

طرحين طعام تيار ٿيا، ڪمي هئي نه ڪباب،

 

تن گونا گون گلاب، ڇڻيا عطر عنبير سين.

294-

سهسين ساٽ ڪرين، سهڄان شاهه کي شهپريون،

 

ميندي تيل ملوڪ کي، ڌوپيو دست ڌرين،

 

لڱن مشڪ ملين، تهن کي قيفن منجهه ڪافور سان.

295-

پرين سندي بادشاهه، اي فائق فرمايو:

 

هاڻي مفصل مجمل کي، سي پڙهي پڄايو،

 

تهن ديرمَ ڪريو ڪا جا، آسائتو آڻيو،

 

سو پرين پَرهايو، عقد پڙهيو عالمين.

296-

تڏهن سرهو ٿيو شاهه بهرام، تهن شڪرانا شروع ڪيا،

 

مليا پرين مُهت ٿيو، اڄ الله اڱڻ پرين آندام،

 

سا خوشيءَ چوي ٿي خبرون، سيئي ساٿ ٿيام،

 

هينئڙي منجهه هئام، جن سين ڳجهه ڳجهاندر ڳالهيون.

297-

سي پرين هئا پرڏيهڙي، ڪهن سين ڪين ڪَهيوم،

 

جان سين اچي محب نه مليا، تانسين ڳجهه ڪهن سين نه ڳرهيوم،

 

سـي ٿي وَرهان وَڌڀاتوم، جي پيم پرين پڄاڻا راتيون.

298-

هاڻي صاحب سڏ سندام سئا، پر سائي سرهي آهيان،

 

تن من تازائي ٿي، دليئون دک لٿام،

 

ويا ورهه ورهن کي، گوندر غم گيام،

 

قادر ڪرم ڪيام، واليءَ واڳون ورايون.

299-

واليءَ واڳون واريون، آيل آسون پنيون،

 

دلاسي دلگير کي، ڏسي ڏنائون،

 

سڀ پوريون ڪيون بادشاهه، من جون مدعائون،

 

جا ٿي عيب واري ڪئي، سي بي گيون گلائون،

 

هاڻي پنيم سکائون، جو گهريم سو گهر آئيو.

300-

جي گهريم سي گهر آئيا، دوس مليم دلجاء،

 

هاڻي والي ورق وراءِ، ٿو دلاسي دلگير کي.

301-

لٿي برهه باهه، ”براهم“ چوي، اڄ آيم هينئڙي ٿڌي هير،

 

طالع وريو، توهه ٿيو، ڏنيم گهر گهر خوشيءَ جي کير،

 

تهن ساجن سرت سڌير، مان سين دهرا دلاسا ڪيا.

302-

جيئن آهن هي محب مليا پاڻ ۾، شال ٻيا ڀِي محب ملن،

 

جيڪي سچي سڪ سڪن، تن کي صاحب تون نه سِڪائيـين.

303-

پر ٻئِي حقيقت، هاڻي سڻو هيڪڙي:

 

هڪ ڪاذب ديو قومي هو، خر گهڻي خصلت،

 

سو مردود هڪ مزنون آهي، نالي زلزلت،

 

سو ڏيو ڏيا ۾ ڏاڍو، هو ٻاران پريت،

 

ڪوئي ليکي ڪونڪو، سو مست متوالي مت،

 

هو مانجهي مور نه مڙڻُو، بهادر بر همت،

 

چئي: جهن آدمزادو آدمي ڪيو آهي ناٺي نت؛

 

سو سورهه ساري ست، چئن لکن سان چڙهيو.

304-

چئي: تهن کي ڀِيڙي هڻندس ڀونء سين، هيڪر پائي ڳراٺي،

 

جا هيم من ۾ شاديءَ جي، سا ويئي هٿان هٿ هاٺي،

 

اڳيان ڏاڍي جي ماٺي، نه صهي ديکيندس سبز کي.

305-

خبر ساري شهر ۾، پچر ائين اچي پيئي،

 

سي ماڻهو متفڪر ٿيا مشڪل مڙيئي،

 

ڪهن وير اچي ويٺا تخت تي، ٻهڳڻ جام ٻيئي،

 

سو نِت گوندر نيئي، هيڪر غم حليم ڪيو.

306-

چئي: ڪهڙو ڏک لڳوء، ڪهڙيءَ ڳريو وڃين ڳال،

 

چئو حقيقت پاهنجي، اي مڙوئي حال احوال،

 

ته اُڀي تهن اموال، پوئتان پئون اسين.

307-

تڏهن چيو تن کي، ديو مڙوئي مذڪور،

 

تڏهن آيو پهس پانڊو منجهه پور، سو مست وانگي مست ٿيو.

308-

ڏس ڏاتيون ڏاتر اوڏڙو، سو سڀ سهکي ڪندو،

 

جيڪو ڪم سندوءِ، سو راڄا معلوم ڪر سڀڪو.

309

چئي: هڪ آهي ديو دوا ۾، احمق اوڏانهن،

 

سو چئين لکين سان چڙهيو، اچي هليو هيڏانهن،

 

سو بدبخت بدڪار بڇڙو وڃي جيڏانهن،

 

تحقيق تيڏانهن، خبر نه اچي خير جي.

310-

تان چئي: من ڪر مردانو، مت ڪين لائق دل کي لوڏئـين،

 

جي قادر ڪريندو ڪرم سين صاحب سمانو،

 

ان ديو کي دردانو، ڪندس فضل ساڻ فتاح جي.

311-

تڏهن چئن ديون جا چار، ورنهه وار دکائيا،

 

ڪروڙيون ٿي ڪوهه قاف مان، اچي وييون ٻهار،

 

بيحد سي بسيار، اڃان پسڻ ۾ پدم هئا.

312-

سي سهڄان پڙهن سلام، ڪيائون مُزرو مير کي،

 

’وعليڪم السلام‘ چئي بيگ اٿيو بهرام،

 

سي مليا مسيا پاڻ ۾، توجهه ساڻ تمام،

 

’ڪهه ڪهڙو اٿئي ڪام، جان معلوم ڪريون مذڪور کي!‘

313-

تڏهن اُتائين اوڏانهن ٿي ته، وڙهو ويرين ساڻ،

 

دعويٰ کڻيو ديو اچي، تهن کي پهچو پاڻ،

 

ماري اچو مدعي کي، هاڃو ڪري هاڻ،

 

تهان پوءِ روح رهاڻ، ڪنداسون ڪا قرب جي.

314-

تڏهن هيڏانهن بڇڪر هن ڪئي، هو ڏانهن معلوم ڪيو هن،

 

اچي سانن سڱ اڙائيا، رونشو ڪيو رُڪن،

 

هٿ ٻه جهيڙو جنگ ڪئي، مَلهن مهاين،

 

لڳي رُڪ ريون ڪيو، جهُڙڪٽ جهميرن،

 

اُڀندين انڳيرن جا، ڌڙ سِر ڌار ڌٻن،

 

سر ڌڙ ڌڪاءُ ڪيو، جيئن ٿا گبر گوڙ گڙن،

 

تن ڪوري ڪُومي ڪيترا، ڪپيا ڪر ماڻين،

 

جيئن وجها ان سنگ گجادم ديو، گجو گهاو هڻن،

 

تن کي ماري مات ڪيو، رڻ کٽيو راوَن،

 

جن کي سائين سوڀون ڏنيون، سي مُنهن اچي مرڪن،

 

اهڙن اهڃاڻن، لک ڪروڙين لوڌيا.

315-

لک ڪروڙين لوڌيا، سي ڏاڍي ڏو ڏڪار،

 

شال قادر ڪهن تان مَ ڪري، گيرب جا گفتار،

 

جيئن ڪري، نيئن ٿئي، ڏس انهي جا اسرار،

 

تن کي ڀيڙا ٿي رسيا، مانجهي مَل متار،

 

تن ظالم زلزلت جهليو، هٿ پڄي هيڪار،

 

ات هئي بانو حسن، شاهه بهرام سين عاقل عقلدار،

 

تهن ڪمند ڪاذب کي وجهي، واريو قدمين تيڏيءَ وار،

 

آيو ساهه اڳيون سردار، حاضر ديو حضور ۾.

316-

تڏهن سو دلاورن بڇي هو ماريو مير،

 

سڀ گوندر لٿا غم گيا، گهر گهر کليو ٻين کير،

 

آگي جي احسان سين، ٿيا سرها منجهه سرير،

 

تڏهن شاهه موڪلايو شاهه کان، سالڪ سڌ سڌير،

 

ته ملڪ بيگانو مالڪ ري، وڃي تهن توڙ ڪريان تدبير،

 

تڏهن تخت سڀ تيار ڪيا، ويتر گهڻا وير،

 

هي به راهه وٺي روانا ٿيا، دولهه دنياگير،

 

تهن سندو تخت امير، اُپاڙيو آڪاس ڏانهن.

317-

اُپاڙيو آڪاس ڏانهن، هي به شاهه چڙهيو سر تخت،

 

سوين سوکڙيون ڪيتريون، اڃان ديون ڪئي ڏيوت،

 

شاهه موڪلايو شاهه کان، ڪري ماڳ چڱي مصلحت،

 

ٻيا وري وڃو سڀ وطن تي، آءٌ سورهه نيان نوبت،

 

جهن جو سِر مُهرو ديو سفيد، تهن جي روح رسي راحت،

 

ٻيا سڀ اُبيٺا ادب سين، خاڪ چمي خدمت،

 

ته شال ملندين پاهنجي ملڪ کي آڳي جي عظمت،

 

قادر جي قـــــدرت، مـــــن مرادون پُنيون.

318-

مـــــن مـــــرادون پنيون، آســـــون الاهـــــا،

 

اچي مليس ڪرم ڪريم جا، ٿيو سرهو ساهه،

 

وهسي وهسيو وير پڙهي، در صاحب شڪرانا،

 

پُنا فارس شهر ۾، آندائونس سز ملا،

 

تهن لائق ورهه لنگهائيا انهن طريقا،

 

هڪ آڳي اولادي ڪيا، پاهنجي قادر قدرتا،

 

ڪمي هيس ئي ڪانه ڪا، سندي مال متاع،

 

مٺو زبانا، پڙهو ڪلمون مير محمد تي.

 

لا اِلٰھ اِلاالله محمد رسول الله


 

(1)  خسائرا = خساري وارا.

(1)  اصل ائين.

(1)  اصل: ديواريون.

(1)  هن بيت جي روايت ۾ نقص آهي.

(1)  اصل هيءُ بيت بگڙيل صورت ۾ قلمبند ٿيل هو.

(2)  اصل: ورڪا ڪري.

*  اصل نسخي ۾ پني ڦاٽل هئڻ سبب چار بيت کن هن جاءِ تي رهجي ويا.

*  اصل ۾ ائين.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org