59- |
اچي چيائين ماءُ کي، ته رخصت ڏئينم
رضا، |
|
آءٌ سو مصر ڀيٽيان، جِت قمر جي قضا، |
|
صلح جا شرع سين، ماڙهو ڪن مزا، |
|
تِن کي طريقت سين، ساري ڏينِ سزا، |
|
هِنيون حقيقت گڏئو، غازي ڪري غَزا، |
|
مشاهدو معرفت سين، جانڪِبتان جزا. |
60- |
تان چـي: پِرين! وڃ مَ پرڏيهڙي، موٽي
چيس ماءُ، |
|
ويٺو آنءُ وطن ۾، جتي توکي سک سَواءُ. |
61- |
تان چـي: اصل آءٌ نه هتي جو، وطن هي
نه مامَ، |
|
سوئِــــي ساڻيهه مُهجو، ساڄــــن
جــــت سندامَ. |
62- |
تان چـي: محب مُهجا مجنا! وطن تو جو
هيءُ، |
|
پِرين! پراهون مَ ٿيءُ، جانڪيتان ٿو
جِيءُ. |
63- |
خوشيون ڪر کُٿاب ۾، کلئو کُٿابين
ساڻَ، |
|
اَٺئي پهر اُستادسين، رِيجهئو ڪر
رهاڻَ.(3) |
64- |
حوض، حويليون، حجرا، اڇا آڏائيان، |
|
ڪارڻ تو ترتيب سين، چڱا چٽائيان. |
65 |
ملان مڙئو مجني کي، اچئو متيون ڏين، |
|
احسن اخلاق تنهنجا ويٺا واکاڻين.(4) |
66- |
تان چي: ميان! منع مونکي، آئين ڪام
ڪرهو، |
|
جِه مهجي جيءَ ۾، اچي ڏوهه ٻرئو. |
67- |
وساري وطن کي وري نه وِهندوس، |
|
”حُب الوطن من الا ايمان“ ڪُوڙو تان
نه ڪندوس.(5) |
68- |
تڏهه جر هاري جال گهڻو، روئي ماءُ
ورياس، |
|
ماڙهو مڪي شهر جا، ڪاروُن ڪن ڪيڻاس. |
69- |
ڪه جو وارئو نه وري، ٿيو سٽاڻو شاهه، |
|
کڻي حَمال هلئو، رڙهي مٿي سو راهه، |
|
ڪاسو ڪَچ ڪپور جو، کنيائين کـيداه، |
|
”ڪلُ نوم علي المحب حرام“ ڪيائين
ڳالهاءُ، |
|
ڏوري ڏونگر لڪيون، چڙهيو چوٽين تان، |
|
جهوتـــــون ڏي جهريـــــن ۾،
ورائـــــي وراڪـــــا،
|
|
تکو وڃي تڪڙو، رائـي رڻ منجها، |
|
وهي ويساهه نه کڻي، ڏکويو ڏجها(2)، |
|
آنگهن مٿان اُتري، ٿئس انگ آڇا.(3) |
70- |
ڏوري ڏونگر لَڪيون، سپريان جي ساءِ، |
|
آڻيو آب اکين ۾ ويچارو واجهاءِ، |
|
لوچئو لوهَ پرين ري سور سٽاڻا کاءِ(4)، |
|
مصر جي مارڳ جي، مونکي سائين ڏيين
ساڃاءِ، |
|
وينتيون واحد ڌڻي! ڪريان ٿو ڪِيڻاءِ، |
|
الله! عاشقن کي، تون ميان محب ملاءِ. |
71- |
ريهُون ڪيو رُڃن ۾، رويو جر هاري، |
|
ڏکيا ڏينهه پريز ري، گهنگهر ٿو گهاري، |
|
ڇِنا پير ڇپرين، وڍجي ويچاري، |
|
دانهون ڪئو درد سين، ٻَرٻَر ٻاڪري، |
|
منجها من محبوب کي، وير نه وساري، |
|
نڪا اُڃ نه بُک ڪا، مـيس ڇڏيائين
ماري، |
|
ويهو وڃي وير تهين، اَلله آساري(5)، |
|
مان مڙان کي سڄڻـين، آءٌ گوندر گذاري. |
72- |
سُڪي چم هڏن اُتي، ڪارو ڪَڙهِي ٿئوس، |
|
من ۾ محبوبن جو، ويتر وَهه پئوس، |
|
جَر هاري جال گهڻو، ڏاڍو ڏک لڳوس، |
|
ڏوريندي منجهه ڏونگرين، ماڙهُو ڪو
مڙئوس، |
|
مصر جي مارڳ جو، تِهين ڏَس ڏنوس، |
|
پَسي وَڻ واڳئو، وَهي سُور وئوس. |
73- |
سَرهو ٿئو سرير ۾، وئس ڏک وَهِي، |
|
مصر آئيو مجنون، ڪوڏان قيس ڪَهِي. |
74- |
ڪَهِي قيس آئيو، مصر محبتي، |
|
وِهسئو واڙيءَ ڦل جيئن، ٿيس روءِ
رَتِي، |
|
سرهـــــو ٿيو ســـــريـــــر ۾،
جـــــاتيـــــرو جَتِي، |
|
ڳالهاري ڳوٺـين کي هليو حالتي(2)، |
75- |
ڪِها قصر قاضين، اُڀو گهڙي گهاٽَ، |
|
ميان! مونکي مِهت جي، ڪو ڏيکاري واٽَ، |
|
اوڏو ٿي استاد کي، جان آءٌ ڪريان
جاٽَ، |
|
پرين جي پسڻ جي، آهيم اُڃ اُساٽ، |
|
اوري اکڙين سِين، مان پرايانَ ماٽ(3). |
76- |
تان چي: آهه آڳانجهي گهڻي، ڪامصرين
مروت(4)، |
|
کلي تن کيڪارئو، هلئو ڏينس هٿ. |
77- |
چي: هوءِ ملان مهتيون، هوءِ قَصر
قاضين، |
|
هُڳا جت هُل ٿئي، اوءِ پرڏيهي پڙهن. |
78- |
قاضي ڏينَ ڪپڙا، ٻيا کارائِن کـڻ، |
|
ويٺا پڙهن پِـــــرت سين، نـــــت
نِمايو نيڻ.
|
79- |
جلد سونـيري سهڻا مصحف موچار، |
|
رڱاڻئل رحل ڪمانگري، غلاف گُلذار(2). |
80- |
دَواتون درست ڪئو، وجهن قلمن قَطَ، |
|
لايو ’لام‘ ’الف‘ سين، ٿا خوب لکن
خَط، |
|
فرض واجب سنتون، سکئا شريعت. |
81- |
طريقت جو تن ۾، اچي ورئو واءُ، |
|
علم ڌاران اُنين منجهه ٻِئي ڪانه ڪاءَ(3). |
82- |
حقيقت هِنيـين ۾، ڪيائون معرفت مَن، |
|
آهينِ نيه نماز سين، روزا سڀ رکن، |
|
بيزار ڪنا بدعت جي، مَٺي مور نه ڪن، |
|
مورنئون مِٺا گهڻو، سونهن سڏ سڀن(4) |
|
حافظ هزارين گهڻا ٿا قاضيءَ ڀر ڪنبن، |
|
هڏ گهڻئي هارئا، محبت پائي من، |
|
پڙهي پوڙها سي ٿي، چڱيءَ راه رن(5). |
83- |
پوڙها پڙهي سي ٿئا، رسئا راه رحمت
(6)، |
|
ٿيءُ محرم مجنا! تون پڻ تِنين جيءَ
سَت(7). |
84- |
هوء حويليون، هوء حجرا، هوءِ منارا
مَسيت، |
|
ڪُرنش ڪج قاضيءَ کي، سڃاڻي سو ڏيت(8). |
85- |
تڏه مرڪي پـيئو مهت ۾، سرهو شاهه ٿئو(9)، |
|
گهر پڇي قاضيءَ جا، حجري هلي آئيو. |
86- |
منجهان حب هلي ڪري، ڏنائين سلام، |
|
قاضيءَ چيو قيس کي: وعليڪم السلام. |
87- |
هٿ ٻنڌي حضور ۾، اُڀو ادب ڪري، |
|
قاضي گهڻي قرب سين، ته کي ڳالاري، |
|
غربت ساڻ غريب کي کلئو کيڪاري، |
|
آءُ تون اوڏو اُسري، پرڏيهي پير ڀري. |
88- |
آهين شرط سنت جا، سُڄن چوکا چار، |
|
قاضيءَ چيو قيس کي: اسان سـي آڇارَ. |
89- |
ڪير آهيـين ڪٿي رهين، ڪڄاڙو نالوء، |
|
آءٌ ٿو پڇان ڳوٺيا! ڪـيسينءَ قصد
ڪيوءِ؟ |
90- |
تان چي: گهاريان مڪي شهر ۾، هـيسينءَ
قصد هوم، |
|
آءٌ انصاري آهيان، قيس نام سندوم. |
91- |
تڏهه ميوا ڪڍئا مجني، عربان جي
آندائين، |
|
سُنة قاضيءَ سامُهان، چڱي چِت
رکيائين. |
92- |
قاضيءَ ڪري ڪَترا، وڍي وراهِيا، |
|
ماڙهو مُلان مِهت ۾، کائي سي خوش ٿيا.
|
93- |
ڪي پرزا پاند ۾ رکيائين سـي ليليٰ
لاءِ، |
|
کٿابئا! کڻي وڃو، جان سـي خوشيان
کاءِ. |
94- |
تڏه کِيندي خماري، چرئو ٿئس چِت، |
|
ٻائي ٻاتاڙي ٿئي، نيڻ ٽمائي نت.(2) |
95- |
چي: هن مٺائيءَ ميوو، ڪڏهين نه کاڌوم، |
|
ساهو ٿئو سرير ۾، جان چکڻ سو چکئوم، |
|
سڪان ته ساجن کي، آڻي جھ ڏنوم، |
|
سٻاجهو ٻاجهه ڪري، تِه سين ميڙيندوم. |
96- |
تڏهن قاضي چيو قيس کي، چي: مَنان لاهه
مرم، |
|
مصر آئين مجنا! تون ڪهڙو وٺي ڪم؟ |
|
تان چي: ڦرهِي لک فقير جي، قاضي ڪر
ڪرم، |
|
”اطلب العلم ولو ڪان نالصين“ آهيم
اِيءُ عزم، |
|
سبق ڏنائين شاهه کي، تِت ”نون
وَالقلم“، |
|
وڃي پڙهه پرت سين، درست جهلي تون دم، |
|
محرم آهين مجنا! ڀانئج ڪو مَ ڀرم. |
97- |
تڏه سڻي سبق سَرهو ٿئو، ناهه ڪو نياز، |
|
محبت منجهان مجني، ڪئو ٿي الحانِي
آواز، |
|
سڻي سُرود شاهه جو، پکي ڪن نه پرواز، |
|
ڪَنين پئو ڪامڻي جـي، ته عاشق جو
آواز،
|
|
ويچاري واڍوڙئـي، جه کي مَن مجاز. |
98- |
ڪو کٿابي آئيو آهي سو عربي، |
|
پڙهيو پڙهي پرت سين، ڪري نِڀائي نيبي،(2) |
|
ته سين ڪري ٻي ڪانه، پرينءَ پَئون
ڪِبي. |
99- |
محبت ڪري مجني، ليليٰ لوهُ لڳو،(3) |
|
ٻنهين کي ٻَهون ٿئو ويچارن وِروه. |
100- |
ڳِجهه ڳَرهين پاڻ ۾، انت نه آڇارين، |
|
هي هيڪڙا ٻئن کي سڏائين سارين(4)، |
|
کڻئو هٿ خــــدا ڏانه، دائم دعـــــا
ڪريــــن.
|
101- |
الله! اولا لاهيـن، تون ميان محبتين، |
|
جي جِنين جا سيڪڙو، سي ميڙيـين کي
تِن. |
102- |
الله اولا لاهييــــن، جــــان
ســــچاڻئــــون ســــچ، |
|
اورئي سين ڪي اجهامي، جو من ۾ ٻرئو
مچ.(2) |
103- |
ليليٰ لڇي لُونء ۾، پريان لاءِ پيئي، |
|
محبتي وٽ مجني، ويٺي جان هئي. |
104- |
گوشي پرين گڏئا، ٻئو ڪونه هئو، |
|
محبتي کي مجني، تڏهن ته چو، |
|
چي: مون سهڻـي ۾ سپرين! توسين سير
ڪيو. |
105- |
تونهين رهين روح ۾، نت توڏانه ئي نيڻ، |
|
سڀئي وئم وسري، جيڪين سڳا ۽ سيڻ. |
106- |
نيڻين ننڊ وِهُ ٿي، نڪا اُڃ نه بک، |
|
ٻئا سڀئي گهوريان، ساجن تو ري سک. |
107- |
ڪَرَ موڙي قيس، ڏنو هي جواب: |
|
من تو جي مامري، آءٌ ڪُسي ٿئو ڪباب، |
|
پرين پرچي پاڻ ۾، لاٿائون هور حجاب، |
|
مَندي ناهينِ من ۾، سڃاتائون ثواب. |
108- |
اکيون اکين سامهيون، ڏينه سڄوئي رات، |
|
ويٺا ووڙين پاڻ ۾، ڇڏي ٻي تات. |
109- |
ڪري وڇاڻ وِهسئا، منجهه موچاري ماڳ، |
|
اچي ويهه تون سپرين، ساجن سين سهاڳ، |
|
ڪامل ڏهاڻي قيس کي، چڱا ڪاري چاڳ، |
|
ڦوٽا، ڦُل، سوپاريون، سندي لونگن ٽاڳ،(3) |
|
رَنڌي کين خوشيءَ سين، سهسين ڀَتين
ساڳ. |
110- |
نوري نرمل ڪپڙا، اڇا اوڇائـي، |
|
آگر، چندن، چُئو، ڪيوڙو، لالن لائي. |
111- |
گهورئو پاڻ پرينءَ تان ڪري قرباني، |
|
ذات زبوني آهيان نالي نماڻي. |
112- |
ائين چيو عاشق کي، وِهسي وير وتار: |
|
پيرن هيٺ پرينءَ جي، آءٌ وڇايان وار. |
113- |
ڪاڙهـي گهڻيءَ ڪارسين، کنڊُون پايو
منجهه کير، |
|
پياري پرينءَ کي، اچئو ساڻ اُڪير. |
114- |
ڪري خذمت خوشيءَ سين، پيئي پريان يار، |
|
ايئن اوريائون پاڻ ۾، چوکا مهينا چار. |
115- |
تڏهه پاٻوهيندي پاڻ ۾، ليليٰ لاڏ ڪئو، |
|
محبتي کي مجني، تنهن کلي هٿ هنيو. |
116- |
ڪِنين ڏٺو ڏُجهڻين، اُڀا اچي اوچتا
اُت، |
|
اچي چيائون قاضيءَ کي، ڪري چاوت چِت. |
117- |
چي: دُرد ديوانو ڌاريون، پرڏيهي
پڙهـي، |
|
سو تو جِي ڌيءَ سين، کلئو هٿ هڻي. |
118- |
تڏه قاضيءَ گهڻو ڪَرپئو، اِن ڏکويو
ڏنجهه، |
|
جي ٻئا ويٺا ٻهر پڙهن، مجنون گهاري
منجهه. |
119- |
مَٺي مُوراهين من ۾، ان کي ڪا هئي، |
|
منجهه افواهه عام جي، پڌري ٿي پيئي. |
120- |
ههڙي مهنجي حرم منجهه، ڪڏهين ڪنه نه
ڪئي، |
|
’نامعقول نااهل‘، پَسي اٿئو ايئن چئي، |
|
ماري وڌائين مجنون، ڪامُن ساڻ ڪَهي. |
121- |
اُٿي ديوانا! دُور ٿي، هاڻي هت مَ
ويهه، |
|
ادب نه ڪيئي استاد جو، تو ۾ مڪر
مـيهه. |
122- |
تان چي:
قاضي! ڪامون ڪيئن هڻين؟ ميان! پسي
مريض، |
|
هن منهنجي حال جي توکي ناهه تميز. |
123- |
هن منهنجي حال جي، تون پڇي ڪر پرک، |
|
اصل عاشقن پٺئان، چغل چاري لک، |
|
مَٺِي ناهه من ۾، اُو جُوٺا مارين جک. |
124- |
هِنيون هڪلي هنڌ ڪر، قاضيءَ ڪوهه ٿئو؟ |
|
هيڏو ڏمر ڏيلَ ۾، ڪڄاڙي کي ڪئو؟ |
|
صحيح لوڙيو لکيو، لکئان ڇٽي نه ڪو، |
|
”لاتحرڪ ذرة اِلا بِاذن الله“ لکئو
تان ڏٺو. |
125- |
تڏه قاضي ليليٰ ڪوٺَئي، اُڀو چئس
ايئن: |
|
ديواني! سين ڌارئين، تو هٿ هنيو ڪيئن؟ |
|
سُڀان ٿينديـن شرمندي، سندي محشرت
ڏينهن. |
126- |
قاضي ليليٰ ڪوٺـي، اُڀو ڪري بيان: |
|
جت حاضر ڪبو حضور ۾ سڀ جهان، |
|
اَگهٽ ٿيندين عملين، جتي منڊبو ميزان، |
|
ووڙيو جنين نه وَرَن سين، سي پُونديون
پشيمان. |
127- |
تان چي: سڻ ٻاٻا! سچي ڪريان، جان تون
پڇين مون، |
|
من رَتو سين مجني، جڏه ”ڪُن فَيڪون.“ |
128- |
لکئو انگ ازل ۾، پارڻ سو پئوم، |
|
جو آهه خواهش خدا جي، تان نه
مـيٽيندوم. |
129- |
تڏه لڇيو چئي ليليٰ کي: کاڻِي ڏسجين
کريل، |
|
ڪهڙو آه ڪم تو جو، اِن چُرٽـي سين
چريل؟ |
130- |
تان چي: ابا! ڪو انصاف ڪر، ٻاٻا ٻول
مَ ايئن، |
|
محبتي کي مجني، تون چريو چئين ڪيئن؟ |
|
جو عاقل اکرين پُورو، مِٺو جهڙو
مينهن، |
|
ڀرئــــا آهين بيکَ لئي، نيڻن
ســـــدا نينهن،
|
|
پيئم جي پرينءَ ري، سي ڏُجارا ڏينهن، |
|
قلب منهنجو قيس ري، چڙهيو مٿي چِيئن. |
131- |
محبتي سين مجني، وڏي جاڙ ڪَيئي، |
|
هن اسان جي حال جي، خبر تان نه پِيئي. |
132- |
ري گناهه غريب ڏانه، ڪئو جن گمان، |
|
ويڇون ٿئو وير تَهين، سندو تنه ايمان.(2) |
133- |
تڏه موٽي ماڻس کي چيو، قاضيءَ ڪَپَ
ڪري، |
|
چي: ليليٰ لکڻ ڇڏئا، واريان تان نه
وري. |
134- |
تون ڌتاري ڌيءَ کي، پير ڀري پَليـينس، |
|
منهنجو چيو نه ڪري، هلي تون هَڪلـينس، |
|
منهنجا ڀيڻج ڀائٽيا، سي تون
آڇاريـينس، |
|
جئن چرئـي مٿان چِت کڻي، ور تِهين
واريينس. |
135- |
پَر پنهنجيءَ ۾ تڏه، متيون ڏئيس ايئن
ماءُ، |
|
چئي: ليليٰ! مَ ڇڏ لڄ تون، ڪر لياقت
ڪا، |
|
ڪهڙي منهن قاضيءَ سين، اُڀي ڪرين
ڳالهاءَ؟
|
|
ريساجي روح ۾، مون تي تپئو ڪري تاءَ،(4) |
|
دزد ديوانو ڌاريو، چريو لاهه چِتاءَ، |
|
ماڙهو ڏينداءِ ميهڻا، سڳا سيڻ سِيا، |
|
پر ڪرينِ ٿا قاضيءَ جو، سڀئي روح ريا. |
136- |
تان چي: ”محب منهنجو مجنون، بُڇيان سو
بيزار، |
|
ري گناهه غريب سين، ڪئو کٿابين کار، |
|
چارين جو چيو ڪري، قاضي ٿئو قهار، |
|
ڪُٽيائين ڪامُن سين، آکڙين جو آڌار، |
|
تِنهان پوءِ پرائيو، جيءَ منهنجي جار، |
|
اندر آٽن آڱرا، ڪَڻمِ ناهه قرار.“ |
137- |
تان چي: ڪِهان قيس آيو، کاڻو مُئو
کريل، |
|
ڇورو ڇنـين ڪپڙين، ليڪو ڏسندهين ڏَل، |
|
ٽـيرُ ٽڪريءَ هيرئون، نڪو ليڪو نه
لَل، |
|
چرٻي مٿان چِت کڻي، هاري! هٺ هڪل. |
138- |
مسافر سين مِٽي، ڇوري ڇِني ڇڏ، |
|
مڇڻ لوڪ لَک ٿئي، ڪرمَ وڏي سڏ، |
|
سڳا سوٽ سندا جي، مَن تِن سين گڏ. |
139- |
تان چي: مادر! مون پِرين ڏي، ولهي
وائي مَ وار، |
|
عاقل گهڻي ادب سين، پئي م مَٺيءَ پار، |
|
ويٺو پڙهي پرت سين، محبتي موچار، |
|
طعنا ڏيئي تنه جا، وڌئي مون جيءَ
جنجار، |
|
محبتيءَ سين مجني، اتم لڳمِ آر، |
|
سڳا سوٽ سڀئي، مونکي مَ آڇار، |
|
جنه جو لڳم ميهڻو، آءٌ پيئي تنه جي
پار، |
|
ڪم نه اچن قيس ري، هندورا ۽ هار |
|
سڀئي ويم وسري، ساجن ري سينگار. |
140- |
ڪنين منهنجي قيس ري، وجهه مَ ٻئو ويڻ، |
|
رنڌيان طعام طلب جو، خوب پچايان کـيڻ، |
|
کِيندو جو خوشيءَ سين، سو منهنجو سيڻ. |
141- |
تڏهن ساڍا نوءَ سير سُندريءَ تُراري
توري، |
|
وڍي رکيائين وِهه جا، ڪاتيءَ سين
ڪوري، |
|
دارو پايو ديڳ ۾، سو اوري ۽ گهوري. |
142- |
ڪاڙهي گهڻيءَ ڪار سين، رنڌي راس
ڪيائين، |
|
’ڪوٺي آءُ قرابتي تون‘ ماڻس کي
چيائين. |
143- |
تڏه کلي کٿابي آئيا، وِهسن لاءِ
ويهان، |
|
پَسي وَنَڪ وهه جي، هٽڪئن هِنيان، |
|
سڱ سڀڪنهن ساهه سين، مري ڪير ميان! |
144- |
ڪِنين مَنيون کُڏيون، ڪي ڀڄي ٿئا
بيزار،
|
|
ڪندو ڪونه قيس ري، سندو وهه واپار. |
145- |
تڏه آيو مرڪي مجنون، جا سيڻـين سڏ
ڪئوس، |
|
تڏه سرهو ٿئو سرير ۾، وَهي سور وئوس. |
146- |
هٿ وڌائين وهه ۾، گوڏا کوڙي گهوٽ، |
|
کائي وئو خوشيءَ سين، چنچل ڏيئي چوٽ. |
147- |
مٺو ماکيان ئي گهڻو، کائيو کِلئو
چوءِ، |
|
سو پڻ ڏئينم سپرين، جيڪِين ٻئو هوء. |
148- |
ٿورو هئو ٿانءَ ۾، هَڏ مَ ڀڳيم هِڪ، |
|
خاطر ههڙي کيڻ جي، آءٌ سدا مران سڪ. |
149- |
تڏه ڪامل چيو قيس کي: ساجن تو سندوم، |
|
توهي سندو ميهڻو، ور ڀلي ڪري لڌوم، |
|
ڇني سياڪا سڳايُون، توسين روح رتوم، |
|
انگ اڳهين لکئو، سو پارڻ پوءِ پئوم، |
|
پورو ڪئو پاتساهه، قادر ڪم سندوم، |
|
هنيـين حُب جنه جي، محب سو مڙئوم. |
150- |
تڏه پرين پرچئو پاڻ ۾، ويٺا دور پڙهن، |
|
پسئو صلح سڄڻـين، سي کَرَ ٿا کامن، |
|
قيس جا قاضيءَ سين، وڃيو ڪُرنِش ڪن، |
|
چئي: حضرت! هيئن نه گهرجي، هٽڪئو هٿ
هڻن. |
151- |
تڏه قاضيءَ سو ويڻ سڻي، وهم پئو وري، |
|
اڄ مون سين ڳالهڙي، ڪئي کٿابين کري. |
152- |
تڏه قاضي قرب ڪوٺائيو، اُڀو چئي ايئن، |
|
محموداڻي مجني سين، هاڻي ڪريان ڪيئن؟ |
153- |
تڏه قرب چيو قاضيءَ کي، چي: ويٺو ڪيم
وماس، |
|
مصر ڇڏي مجنون هل، جان وڃو واس. |
154- |
خبر اِن کرئل کي، هڏ نه ڪرهو ڪامَ، |
|
ٿيندو بيزار بک جي، ترت ريءَ طعامَ، |
|
ويندو رهندو ورچي، منجهان مصر شام، |
|
ويندا سي ايمان سين ڪلمون جن ڪلامَ.(2) |
155- |
تڏهن سنڀوڙا ”سيد“ چوئي، ٿا پَر ۾
پلاڻين، |
|
مصر ڇڏي مجنون، ٿا اهڙا گهاٽ گهڙين، |
|
سٽون سڀ سنڀايو، ڪئو درست ڌرين، |
|
ثمر ڀتا سَر ڪئو، پاڻي پاڪ ڀرين، |
|
اُٺن مٿي آڻئو، سي پخالون پائين، |
|
ڳويون، مينهون، ٻڪريون، سَرڪِيون
سنڀائين. |
156- |
ليليٰ کي لاڏاڻي جي، جڏه سڌ پيئي، |
|
وِرچي واريءَ مُٺ جيئن، ويچاري ويئي. |
157- |
جر هاري جال گهڻو، پسئو کٿابين کـيرَ، |
|
سرها سڀئي سنرا، ڇورُون ڪن ڇُڳـير، |
|
کڻئو منڌيون مَٽ، اُڀا ڏينِ اُلير، |
|
ڪارُون ڪري ڪريم در، ويچاري تنه وير، |
|
تنين ڦوڙائو مَ ڏي، جنين هيڪاندي هير، |
|
اٿي هلي هوت ڏي، پَر ۾ ڀري پير. |
158- |
ڳجهه ڳِرهيائين پرينءَ سين، اچي ساڻ
اُڪير، |
|
نيڻئون نار ڪري، نِڪون لائيو نِير، |
|
ته اسان پَرَڀُون پُوريو، اي محب
مهنجا مير، |
|
هلڻ جي هِنبين ۾، تون ڪا ڪر تدبير. |
159- |
اي سڻيندي ڳالهڙي، چَرئــــي ور
وڻـــــو چِــــتُ،
|
|
جر هاري جال گهڻو، نين ٽمائي نِت.(2) |
160- |
پرين هلئا پرڏيهڙي، هاڻي ڪريان ڪيئن، |
|
سانگ مَ ڇڄي سڄڻين، اُڀو چئي ايئن. |
161- |
سُپـيريان جي سور جو، نڪو ويڄ نه
ويرُ، |
|
مَن اندر مچ ٻري، نيڻين ٽمي نير، |
|
جي ڦوڙايو سڄڻين، ته هنيئڙو ٿيو فقير. |
162- |
تڏهِ جمعي بعد ئي جُنبئا، اُٿي پار
عراق، |
|
طنبو طنابون تڪئا، پوش کنيائون پاڪ. |
163- |
هونگاري هلئا، سي ڪرها قطاري، |
|
ڪاهيائون قدوس ڏانه، واڳَ ڇڏيائون
واري، |
|
ويچاري وير تِهين، رويو جر هاري، |
|
”فاضل“ چئي، فراق ۾، گهايلَ ٿي گهاري، |
|
اتر بيهو ان پار ڏي نظر نهاري،(3) |
|
آسرِ ڀَري آهيان، آءٌ الله آساري، |
|
مانَ مِڙان کي سڄڻين، آءٌ گوندر گذري. |
164- |
تــــڏه چريي کڻــــي چمڙو، ڀيڙي
ٻــــڌو ٻيٽُ،
|
|
پيرين ڪري پنڌڙو، محبت جي مـيٺُ. |
165- |
کڻي حمال هلئو، ڪڇ ۾ ڪري ڪاسو، |
|
ڦوڙائـي فراق جو اندر جيءَ جاسو، |
|
ڪنه نه ڏنو قيس کي، دوستن دلاسو، |
|
رويو چوءِ رڃِ ۾، هُو کٿابي خاصو، |
|
قادر ڏئين مَ ڪِن کي، پرينءَ ري پاسو. |
166- |
موليٰ مون مَ منجهائيين، ڪنا واٽ
تِهين، |
|
سانگ مهنجا سپرين، وئا جُوءِ جِهين. |
167- |
تڏه پسي سڳر ساٿ جو، سرهو ٿئو شاهه، |
|
ليليٰ ڏٺو لال کي، ايندو اندرين راهه. |
168- |
اونُــــــون ڏئي عقــــــاب جيئن،
اچــــــي اُماڻــــــو، |
|
قاضي پسي قيس کي، روح ۾ ريساڻو، |
|
منڊيائين مجني سين، رڻ ۾ راماڻو، |
|
چئي: موٽي مصر وڃ تون، پاهون ڏئي
پاڻو. |
169- |
پاڻي ناه، پنڌ گهڻو، اڳيان رڻ رائو ۽
رڃ، |
|
مري رهندين مجنا! تون اُساٽجي اُڃ.(3) |
170- |
تان چي: مران ته مانُ لهان، جي موٽان
ته ميهڻو، |
|
جتي ويندا سپرين، صحي سو ڏيهه مون
ڏسڻو.(4) |
171- |
جِت صحي سڄڻ ويهندا، ڏسان سو ڏيھُ، |
|
مان نه موٽان مورهين، ڏسندو صحي سيھُ.(5) |
172- |
تان چي: موٽي وڃ تون مجنا! وَهم واري
جهل، |
|
هٺ هڪلي هنڌ ڪري، پاڻ پروڙي پل، |
|
ڏک مَ وجهه ڏيل کي، جان پئين پار خلل. |
173- |
تان چي: ڏک نه ساريان ڏيل جا، جي هئا
سيني ساڻ،(7) |
|
اکيون اکين سامهيون، راتو ڏينهن اِيءَ
رهاڻ، |
|
ميان! محبوبن سين، مونکي قاضي وجهه مَ
ڪاڻ، |
|
مر مران مارڳ ۾، آءٌ هڏ نه موٽان هاڻ. |
174- |
تـــڏه قاضي چيو ليلـــيٰ کـــي،
ڏمرجـــي ڏَند، |
|
چئي: ايندو پس اُڇل سين، روڏو مٿي
رَند، |
|
اچئو اُن سين آکڙي، جـــي بالا قـــد
بلند، |
|
ڪُهي وجهندا قيس کي، ڪاتيون هڻي ڪُند، |
|
سڻج هِنيين ڪنن سين، مت مهنجي مُنڌ! |
|
نا ته ڇڏ موٽائي مجنون، ڪنه فڪر ساڻ
فند. |
175- |
جيلاهه آيس مت، وڃئو ٿي واريس، |
|
ته هوت مهنجو هيڪلو، مڇڻ ڪو ماريس. |
176- |
چئي: محب مهنجا مجنا! مصر ونءُ موٽي، |
|
هوت توجـي هٿ ۾، مون چَڳن سين چوٽي، |
|
ڦوڙائي فراق جي، لالن آءٌ ٿي لوٺي، |
|
رجهـي تان نه رهو، پئو ٻئن سين
ٻوٽي؟(4) |
|
آءٌ توجِي آهيان، کري جي کوٽي. |
177- |
ٿي موٽائيين مجنا، جيلاهه لڳيم ڪان، |
|
تکا ٿو تير هڻي، قاضي ساڻ ڪمان. |
178- |
تان چي: موٽان ته لڳي مهڻو، جي پاهُون
پير ڏيان، |
|
اُڀو آهيان اِنهين، جانسينءَ ٿو جيان. |
179- |
تان چي: اُڀين مجنا! اتهين، محب ڪارڻ
مون، |
|
اسين ’قُدوسان‘ ڪاهي ڪري سگها
اينداسون. |
180- |
تان چي: جان ايندا، تان اُسهو، الٰهي
تُهار، |
|
ڦري هن فقير جي، سگهي لهجا سار. |
181- |
سگها موٽو سپرين، وڃو تان ورجاه، |
|
وٺئو وڃو پاڻ سين، هنيون، حُب ۽ ساهه، |
|
حال مهنجو ههڙو، آئين پسو ٿا پِرياه! |
182- |
پيرين پئي پرين کي، جڏه نِڱي نار، |
|
ويچاريءَ جـــو وِپَـــري، پئو
جـــيءُ جنجـــار. |
183- |
اُتر بيهو اُن پار ڏونه، سا نظر
نهاري،(2) |
|
جو ڦوڙائو سڄڻين، تِنه رويو جَر هاري. |
184- |
اُرندي اَنـــرُو ٿئو، جيئن سو ڪوئي
واءُ،(3) |
|
ڦوڙائيندي سڄڻين، تَن پُڻ تهڙو ساءُ. |
185- |
رويو پَرني رب کي، ڪِئو ڪنڌ ڦـيرُون، |
|
هُيون جي هوتن سين، هئي ڀڳيون
هـيرُون.
|
186- |
تڏه پسئو پُٺيرا سپرين، قيس ڪَرَ
موڙي، |
|
پاتائين اُن پار منجهه، اکيون اُکوڙي، |
|
نيڻين سندا نار وئا، ڇڏيائين ڇوڙي، |
|
اُڀو روءِ رنجاڻيو، وڍئو وڇوڙي.(5) |
187- |
عاشق اُڀـي اتهين، پيئي پهرين رات، |
|
اُڀو ڪَنـبي ڪانڊارجي، وائي نه ڪري
وات، |
|
هاڃي هنيون هڻي ڪري، سيڻن نئو ساٿ، |
|
سي قادر ايندا ڪڏهين؟ تَن ۾ جنه جي
تات. |
188- |
ٻِيجيءَ ماهه ٻَهون پَرين، سُورين ڏنس
سَلَ، |
|
لڙئو پون لطيف جا، ڳوڙها مٿي ڳَلَ، |
|
هِنيين حُب حبيب جي، اندر ٿئي اُڇَل. |
189- |
اکيون اوهيرا ڪري، ٽيجيءَ ماهه ٽِمن، |
|
اچي اوهيرا ڪئو، هاگامون هَنجُن، |
|
ڦاٽئو ڦٽ فراق جا، لائيو جهُڙ جهِڄن، |
|
راه جـــنِـــي جـــي راتـــيـــون،
الله! اوءِ اچـــن، |
|
سانگهـيڙا سُور ڪئو، چوٿينءَ ماهه
چُرن، |
|
هنيين ۾ هوتــــن جـــــا، ورهــــه
وَڍَ وجهــــن، |
|
مَن انــــدر مــــچ ٻري، لائــــو
دُونهــــن دکــــن،(2)
|
|
سي پرين وئا پرڏيهڙي، جي تَن ۾ طَبو
ڪن. |
190- |
پنجينءَ ماهه پلٽئا، نِڪُون لائي نيڻ، |
|
وئا ويچاري وسري، کِل، خوشيون ۽ کـڻِ، |
|
چارئي پهر چِت ۾، اُڀو ساري سيڻَ. |
191- |
اچي سور سرير ۾، ڇهينءَ ڇلڪئا، |
|
دوست دائم دل ۾، ڏيئي ڏک ويا، |
|
ورهنئون وڏا ڀائيان، پَلَڪ جي پئا، |
|
مجهان ئي مَن محبوب مون، وير نه
وسرئا، |
|
ڏينه مهنجا ڏک کي، جهجها جار ٿئا. |
192- |
ستينءَ ماهه سڪي وئو، منجهان رت رڳن، |
|
وئا اُساٽي انگڙا، لُڙڪ تان نه لڙن، |
|
اَٺينءَ عاشق سديون اکيون اُڃ مرن، |
|
نوئين نرمل نه پِئـي، پاڻي ري پرين، |
|
ڦاٽئو لڱ فقير جا، ڏهينءَ ماهه ڏرن، |
|
ڪارهين ڪِئا قيس تي مانڊاڻا مينهن، |
|
ٻارهينءَ ماهه ٻَهون پَرين، اچئو
وِڏُرَ وسن، |
|
تيرهينءَ ماهه تين سين، گوڙيون ڪئو
گجن، |
|
چوڏهينءَ ماهه چمڪئو، وڄڙيون ور وجهن، |
|
پَنرهين ماهه پلٽئو، پاڻي منجهه پٽن |
|
لڳي واءُ واڪا ڪئو، سورهينءَ ماهه
سانگن، |
|
سترهينءَ ماهه سَره، سوئر، شينهن،
ريهون ڪئورڙن، |
|
جُهڙن جهوري ڇڏئا، ڪانهي طاقت تِن،(2) |
|
ارڙهينءَ ماهه اوڀڙ اڀرئا، سبز ڪئو
سونهن، |
|
اوڻهينءَ ماهه عاشق جو، پئو نظر مٿي
تِن، |
|
گَڊَ، گينڊا، گورخر، گَلا ڪئو ئي
گهمن، |
|
وڌي گاهه وڏو ٿئو، ٿا چڱيءَ ڀَت چرن، |
|
پاڻي پاڪ پٽن ۾، ڪئو تماشو تَرن. |
|
مينه وَسي واسي ڪئا، سڄڻ تان نه اچن،(3) |
|
گهڻا لايائون ڏينهڙا، پسو پرڏيهيڙن، |
|
اَوَسَرَ جي وڇوڙڻا، سـي اُٺي مانَ
ملن، |
|
موليٰ! محب ميڙئين، ميان محبتين،(4) |
193- |
آسر لڳي اُن جي، ڏُکيءَ ڏينهن ويا(5)، |
|
ٿي وَس وڏاندري، مولـي مينه ڪِئا، |
|
ساڻهه ۾ سک ٿئو، موٽو پرڏيهيا! |
194- |
موٽــــي اچــــو مـــــون پريــــن!
سُهايــــو ساڻيهه،(6) |
|
جتي لائِيان ڏينهڙا، گهورئو سو
پرڏيهه.(7) |
195- |
واٽون ولڙين ڇانئيون، ڀونر ڀِرڪا ڪن(8)، |
|
مندون موٽي آئيون، سڄڻ مانَ اچن، |
|
وساريان نه وسرن، سدائين چِت چُرن، |
|
اچڻ آڏُون ٻڌيون، سي وچان پَئي کَرن،(9) |
|
لاٿو ڏرت ڏيهه تان، وسي وڄڙين، |
|
اُپو واٽ نهاريان سندي سپرين، |
|
ڪر نه لڌي ڪڏهين مهنجي محبوبن، |
|
پرين جي پرڏيهه منجهه، سي ڪوهه ڄاڻان
ڪيئن ڪن! |
|
جُڪس وئس وسري، آءٌ منان محبوبن. |
196- |
تڏه ٿئو نماڻو نِڪــڻي، ڪانهي اميد
ڪا، |
|
ڇـــــڏي مراد مقصود جـــــي، تعلق
تِنه جهـــــا، |
|
مجني تي مهر جو، واحد وارئو ئي واءُ، |
|
وئس درد دماغ جو، موٽي ماخوليا. |
197- |
من ۾ محبوبن سين، ٿيس ويهينءَ ماهه
وصال، |
|
سوا الله صفت جو، ناهس خواب خيال، |
|
ڪنان رياضت روح ۾، اچي پئو احوال، |
|
سيني کي صاف ڪري، حاصل ڪيائين حال(2)، |
|
”وَفي اَنفسڪم اَفلانبصرون“ اتي قيل
نه قال. |
198- |
ايڪهينءَ ماهه عاشق کي، وئو وسري پاڻ، |
|
مخفي ٿئو محبوب سين، ٻايَهين ماهه
ٻهڄاڻ، |
|
تَزڪيه جو تَن ۾، تِريهين ماهه ڪري
ٽاڻ، |
|
اُڀي رهئو اُتهين، فرتو ٿي نيشاڻ.(3)
|
199- |
اُڀو رهي اوراهون، چارئي چويهينءَ
ماهه،(4) |
|
پنجيهين ٿئو پاڻهين پنجهون پاتشاهه،(5) |
|
ڇيهين ماه چئين ڏسين جي، رَسي ڇڏيائين
راهه، (6) |
|
ستايهين اَتم ڪئو، سو عالم منجهه
الله. |
|
وڃي وحدت ۾ پئو، اُوڻٽيهين ماه
اُهاءُ، |
|
ڪنا عشق عارف ٿئو، پُنو پهرو ماه. |
200- |
تڏه ابتدا آراڙ جيءَ، وراڪئو وِلين، |
|
آنٽا ڏِهو عاشق کي، ڪيو جوپ جهلن. |
201- |
عشق پيچ اُٺايون، ڦانگين مٿي
ئـــــــي ڦــــــل، |
|
کيلوڙين کِچيون، ڪئا مٿس گولاڙن گُل.(2) |
202- |
سڱرين سندا سهرا، هَس کر جا هار،
(3) |
|
چڱا ڪئا چادرين، سي ڀَليءَ ڀَت بهار.(4) |
203- |
ولهڙين وراڪئو، کيلو جئين اُت کنيو، |
|
ائين اُڀي عاشق کي، ٻِئو ماه ڀُتو. |
204- |
مٿي شاه سِرَ اُن منجهه، پار نه
پَکيڙن، |
|
ٻوليون ڪئو ٻاجهاريون، چڱي لات لون، |
|
اچي اوطاقون ڪيون، تنهين ماڳ مِروئن، |
|
محبتي ڏانه مجني، ترسي تان نه ترسن.(5) |
205- |
چِيچا، چٻؤن، چمڙا، چَنون گهڻا چڪور، |
|
ڪبوتر ۽ قُمريون، ٻاٻيڙَن ٻَرٻور،(6) |
|
ڪارايل ڪر کڻيو، ڪن مِيائو مور، |
|
واسينگ وتن ويڙههَ ۾، نانگ نماڻا نور. |
206- |
ليلها، تِتر، لاورا، ۽ سُرخ سي سُر
کليون، |
|
ڪانگ ڪٻرون قيس تي، بُچڪ بربليون.(7) |
|
هرڻ چيٽا هيڪ ٿِئو، هيڪاندا هلن، |
|
ڪئي بگهڙن ڀائپي، ڦري سي ڦڙهن، |
207- |
اُونِي نيه اُت گهڻـي، سَها ۽ سِيار، |
|
ڪن ڪُرڍون پاڻ ۾، مِڙئو مجني دار. |
209- |
سَرهه، سانورَ، سينهن گهڻا، رڇ، راڱا
۽ روجهه، |
|
اولياءَ جي اوصاف ۾، ساڱاهه ٿين
سوجهه. |
210- |
ڪونه ماري ڪِنه کي، نَڪين آزارين، |
|
محبت سندي مجني، گڏ ٿِئو گذارين. |
211- |
اکين ٿي اُلِي لڳي، جُثو ٿيو جهُنو، |
|
ايئن اُڀـي عاشق کي، ٽيو ماهه پُنو. |
212- |
سچي سڪ سيڻن جي، اندر ڪئو اُها، |
|
ويندا سي ايمان سين، جي ڪلمون چون
مها.(2) |
203- |
تڏه ليلي ڀُوڻي لڇندي، پوتِي اندر
پُور، |
|
پرين ري پرڏيهه ۾، ٿِئي منڌ ملُور، |
|
سگهي ساعت نه هيڪڙي، چارئي پهر چُتور، |
|
ڀُوڻـي ويچاري واڳئي، سدائين سين سور، |
|
سـيڻ ڇَڏيائين سُڃ ۾، ماري تنه مامور. |
204- |
اَٺو پهر اَڻ نِمري، گهڻو روئي سين
رنج، |
|
هيڪلو واريائين هوت کي، ان ڏکوئِي
ڏنج. |
205- |
جر هاري جال گهڻو، نت ٽِمائي نيڻ، |
|
اَن کاڌي اُٿئو وڃي، کامئو مٺا کيڻ، |
|
رويو چوءِ ريهُون ڪِيو ويچاري هي ويڻ: |
|
قادر! ڪڍ ڪِيائين تون، سائين! منهنجا
سـڻ. |
216- |
محب مهنجو مجنون، تون واحد واري آڻ، |
|
جان آءٌ قيس قريب سين، ڪريان روح
رهاڻ. |
207- |
تڏه قاضي چئي: کٿابيا! ليليٰ ڪئي
اُڪير، |
|
وڃي ڏُرندي ڏيل ۾، جيئن ڦوڙائو فقير، |
|
سُڪي ڀوڻـي سندري، دوستن ري دلگير، |
|
ڪري ڳالهيون قيس جون، اَئين ڌنـي ڏِهو
ڌير. |
218- |
تڏه ليليٰ کي لِوَ ڏهو، اچئو ڌُتارين، |
|
وٽس ويهو ڳالهيون، سنديون قيس ڪرين. |
209- |
چئي: اڄ پڻ اوٺي آئيو، منجهان مصر
شامَ، |
|
قيس جا قاضيءَ کي، ٿي ڏنائين سلامَ، |
|
ته سکي سلامت سو گهڻو، تاهـيس ڪا
ملامَ.(2) |
220- |
خوش خبرون کٿاب جُون، ٻيون ڏنائين هي، |
|
چئي: مصر ويٺو مجنون پاڙهي کٿابي. |
221- |
تڏه سرهي ٿي سرير ۾، وِهسئي وير وتار، |
|
کڻي هٿ خدا ڏانه، ويچاري تِنه وار، |
|
چئي: قادر! قاضي وارئين، تون سٻاجها
ستار، |
|
جان مِڙان آءٌ محبوب سين، پسان پِرين
پار. |
222- |
تڏه بَڊي بحرين جَر ناه، جهر اَيٿ
اُڀرئو، |
|
موٽڻ سندو من ۾، قاضيءَ قصد ڪئو، |
|
ڦوڙائو فراق جو، وچان وهي وئو. |
223- |
مٿي مصر موٽيا، پُرئا پير ڀري، |
|
صحي سلامت آئيا، ڌَڻ ڄَڻ مال ڪري، |
|
جي جِنين جا سيڪڙو، سي لڳا تِن ڳَري. |
224- |
موٽي مصر آئيو، قاضي قرب ساڻ، |
|
مصر جي ماڙهوئن تي، وڏي ٿِي وَراڻ، |
|
سڀئي سرها سندا، ريجهئو ڪن رهاڻ، |
|
اَچئو پڇي قيس لئي، ڪَرَ ليليٰ منجهه
لاڏاڻ، |
|
هينئڙو هوت حبيب سين، ٻڌس ڪنه ٻَڌاڻ، |
|
هلئو نهاري حجرا، سَٽون ڏهو سڄاڻ، |
|
’محب منهنجو مجنون، هت نه ڏسجي هاڻ‘، |
|
پئي ويچاري وِيري، پرين لئي پاڻ، |
|
آهون ڪئو آٽـي گهڻو، ڪاجا آهِس ڪاڻ: |
|
ساڄن ڇڏئو سڃ ۾، محبتي مهراڻ، |
|
ڪوه ڄاڻان ڪيڏانه وئو، جانيئڙو جواڻ،(2) |
|
ايئن چيو عاشق لئي، پئي پَڇاڙي پاڻ. |
225- |
پاڻ پڇاڙي پِرينءَ لئي، کڻيو مٿان
کَٽ: |
|
ساڄـــــــن ڇڏئم سُـــــڃ ۾، وڏيءَ
ڪِنه وَرَٽَ، |
|
جُڪس عاشق مون اُڃَ مَري، ڪ لڳي پَٽ.(4) |
226- |
تڏه وهم ويچاري وکري، ويٺي ڪارڻ وير، |
|
مسافر مصر مَنجهه، ڦرئو پڇي سا فقير. |
227- |
ڪِنه ڪو ڏٺو مجنون، اِهڙين اُهڃاڻـي، |
|
حليم گهڻي حيا وارو نيڻين نماڻي،(5) |
|
فهيم گهڻي فڪر سين، ويٺي سٿ سڃاڻي.(6) |
228- |
فهيم گهڻي فڪر سين، ويهي سڃاڻي سَٿ، |
|
آڌورا پورا ڪري، عاقل گهڻا اَرٿ. |
229- |
ماڙهُو وِئي وٽ تنه، کلي ٿين خوشحال، |
|
نئڙائِي نَمَت جو آه قيس ڪمال، |
|
ڪونه ٿيندو ڪڏهين، ڪنان محب ملال، |
|
روئي تنه جي رهاڻ کي، هي وڃايم حال، |
|
مونکي موليٰ ميڙئين، تون ڀلا ڪريين
ڀال. |
230- |
کڻي اُو ڇني ڇڏئو، مون ساڄن منجهه
سُڃَ،(7) |
|
محب مهنجو مجنون، جُڪسُ مارئو اُڃَ. |
231- |
خبر سندي سڄڻين، جي ڪا مونکي پوءِ، |
|
ته پيرين ڪري پنڌڙو، آءٌ وڃان لالن
لوءِ. |
232- |
تڏه ’بڊو‘ پُڄي آئيو، ’آسو‘ آس ڪري، |
|
اُٿي گڏهه پلاڻئو، اِي ڀاڳئي بٺاري، |
|
ڪيو ڪهاڙو ڪنڌ تي، ڪوڏان ڪاٺياري، |
|
سَٽي وئو سڃ ۾، الله آساري، |
|
اڄُ مونکي فُوت ڪين، مان ڏاتر ڏهاري، |
|
تان حطب ڏٺائين هيڪڙو، سُڪو سو ساري، |
|
رڙهي رسئو رنــــک کــــي، وليـــــون
ويڇاري، |
|
ڏٺوڪِئو ٺُڪائيو، نَمِئو نِهاري، |
|
ديواني جي درد جي، وِڌ نه ويچاري. |
233- |
کڻي ڪهاڙو ٺوڪئو، جان هلي هنيائين،(2) |
|
منجهه محبتي مجني کي، سوڌو سٽيائين. |
234- |
ڪپي ڪهاڙي ڏنو، عاشق کي عذاب، |
|
منجهان دل درد جي، جوان ڪئو جواب: |
|
چئي: ميان! مونلي ماري، ڪُهي ڪيئي
ڪباب. |
235- |
تڏه بَٺاري ڀو ٿئو، سُڪِي سو وئو، |
|
آئيو آواز اوچتو، اي ڪوڪٽ ڏسجي ڪو. |
236- |
ڏَهڪجي ڏُور ٿئو، سار ڇڏيائين سُڌ، |
|
اُڀو پُڇـي اُتهين، ويچارو سائيءَ
وِڌُ. |
237- |
ڪر تون عارف آهيين، ڪر آدمي اَبَدُوت، |
|
ڪر تون جن شاهه پري، ڪر تون آهين
ڀُوت؟ |
238- |
تان چئي: جن نه ڀوت شاهه پري، آهيان
آءٌ انسان، |
|
هٿان حبيبن جي، ڪارو لڳم ڪان،(3) |
|
اُڀِي رهيس اِتهين، نِرتو ٿي نيشان، |
|
وجهي وئم وپري سو هي هي ڪري حيران، |
|
آسر لڳو آهيان، چان موٽي اچن مانَ. |
239- |
تان چئي: جِنين ڪارڻ توڪئو، حال
پنهنجو هيئن، |
|
لڪُون لڳيون ڪوسيون، ۽ ٻئا ڏک گذاري
ڏينهن، |
|
۽ چوماسي جا چار مهينا، مٿي وسائي
مِينهن، |
|
اُو پرين پاڻ نه آئيا، طلب ڪري تو
سيئن، |
|
ڪو نه مُڪائون ڪڏهين، توڏانه نياپو
نينهن، |
|
ڪارڻ تنين ڪڄاڙي کي، چڙهئو آهين
چِيئن. |
240- |
تان چئي: ڏهه مهينا ڏيل ۾، ڪانه هُئي
ڪاڻ، |
|
پلپل پِرين پاس مون، هت پڻ اچن هاڻ، |
|
ڪَن سُهڻـي ۾ سُپرين، مون سين روح
رهاڻ، |
|
اچئو اُڪير سين، پِرين پڇن ئي پاڻ. |
241- |
تان چئي: ڪر تون گهُريءَ گهرايو، ڪر
مئـن پَسِي مال، |
|
ڪڄاڙي کي تو ڪئو، هي پنهنجو حال؟ |
242- |
تان چئي: مال مٿانِ گهوريان، پر
گهريءَ گهرايوس، |
|
حب حقيقت تِنه جي، گوندر آءٌ گڏيوسِ،(2) |
|
هِنياريءَ ميٺُ ڏيئي، گوندر جن
هنيوسِ، |
|
جي جيارينِ ته جيان، تِنين وس ٿئوس. |
243- |
تان چئي: ڪير هئا، ڪيڏانه ويا، ڪهڙي
هئا ذات؟ |
|
جِنين ڪارڻ تو پئي اچي رڻ ۾ رات. |
244- |
تان چئي: ويا جي وِهاء منجهه، وانڍين
مٿي واسَ،(3) |
|
آهين تڏوڻا تن ۾، روح جن سين راس.(4) |
245- |
تِن ري تَتُوريا تن ۾، ٿيم سُور سَهس، |
|
گهڻو سٻاجها سپرين، مونکي ڇڏيائون
مَس، |
|
آسر لڳو اُن جـي، آءٌ گهاريان مٿي گس. |
246- |
تان چئي: مون نه سڃاتوءِ مجنا! وئين
اُساٽـي انگ، |
|
ڪوه وِڌئِي جار جثي کي، ڀورا هيڏو
ڀنگُ،(2) |
|
مُوراهين کي مِهريـين، آهه ساهه سين
سنگ، |
|
آوءَ نار ٻينِ نَرن سين رچئو ڪري رنگ. |
247- |
تان چئي: ميان! مون پرينءَ ڏي، مَ ڪر
اِي گمان، |
|
سَتيءَ جو سڀني پرئين، سائين رکيو
شان، |
|
آهس آرُ الله ڏُونه ۽ اسان ڏانه
ايمان. |
248- |
هَڏِ نه ڪو هِنيين ۾، ٻئو پهه
پُوندوس، |
|
داغ منهنجو دل اُتي، هميشاه هوندوسِ.(5) |
249- |
اسان نِئو وَه وترو، سـي سُپريان
سـيڻ،(6) |
|
آسر لڳي ان جـي، نِت اُڪير ئي نـيڻ.(7) |
250- |
جِبهين چڪور چنڊسين، تِيهين ساهه
سيڻانَ،(8) |
|
ويها جان ماٺ ڪئو، وساريو ويڻان، |
|
تان واريءَ جيئن ورچي، هِنيون ڪَر
ڪيڻان. |
251- |
تان چئي: جنين ڪارڻ جهنگ ۾، جهيڻو
ٿئين جهُري، |
|
اُوءَ موٽي مصر آئيا، چوماسو چَري، |
|
دوسان سندي دائري، وهلو هَل وري، |
|
ليليٰ تو ري مجنا! مَڇَڻ رهـي مَري. |
252- |
تان چئي: تاريءَ تڳان جن جي، مَرن سي
مَ ميان! |
|
مندو ڪنين مَ سُڻيان، جانسينءَ ٿو
جيان. |
253- |
تاري تڳان جن جي، ميان سي مَ مَرم، |
|
الله! اُنين پِرين جا، سڀئي ڪاڄ سَرن، |
|
جڪس هلي هوت حضور ۾، آءٌ گهاريان
گهرن،(2) |
|
پر سُڪي لِڱَ ساڻا ٿئا، واريان تان نه
وَرنِ. |
254- |
ميان! موٽي وڃ تون، گڏهه ڀري اي
گاههَ، |
|
ڪاسو جهل ڪِرايو، تون اي بٺارا ڀاءَ! |
|
منهنجو ڪِج محبوب سين، تون عرض لڳ
الله. |
255- |
نيئي ڏج نيشاني، تون هي ڪامو کي قريب، |
|
ڇوڪَرَ نه لڌي ڪڏهين، هن گولي جي
غريب، |
|
آسر لڳو آهيان، تون هلي اچ حبيب! |
|
هن منهنجي حال جو، تون طبو ڪر طبيب. |
256- |
تڏه ڪاسو وٺي قيس کان، پُري پنڌ
ڪِيائين، |
|
موٽي مصر آئيو، گڏهه اچي گهر ٻنڌائين، |
|
جيڏانه: قصر قاضبـين، سوئي ماڳ
مڻيائين، |
|
دست هڻي در تي، اچي ليليٰ سڏ ڪيائين. |
257- |
تڏه سڻي سڏ سَرهي ٿي، چِت ۾ ايهين
چوءِ: |
|
ته ماڙهو وٽان مجني، هي ڪو الله آئيو
هوءِ. |
258- |
اُٿي گهڻي اُڪير سين، اُڀي ادب ڪري، |
|
ميان آڇار مون، جا توءِ ڳال ڳَري.(3) |
259- |
چئي: محموداڻي مجني مونکي هلائيو، |
|
پيرين ڪري پنڌڙو، آءٌ توڏانه ٿي آئيو. |
260- |
ڪاسو ڪنان قيس، مون آندو اُهڦاڻِي، |
|
توڏانه هوت هَلائيو، سو جهل تون
سڃاڻِي. |
261- |
تان چئي: پرين پاڻ نه آئيو، ڪاسي
ڪريان ڪوهه، |
|
پاڻان ڏک ڏئي ڏيل ۾، ڪوه وِهايان
وروهه. |
262- |
منجهان سڪ سيد چئي، ڪاسو کنيائين، |
|
پسي پيالو پرينءَ جو، رتو رنائين، |
|
درد ڪري دَستن اُتي، سو ڀـيري ڀڳائين، |
|
چئي: پرين پاڻ نه آئيو، جي ڪاسو
مڪائين، |
|
ٿار ڀري موتين جو، سو ڀاڳيـي ڏنائين، |
|
جهل پنهنجو پورهئو، ۽ ڪاروُن ڪيائين، |
|
ڪوٺي آءُ قيس کي، تون ڦِري هتائين. |
263- |
تان چئي: محموداڻي مجنون، اچڻ تان نه
جِهو، |
|
سڙي تو جِي سڪ ۾، ڪارو ڪَڙهِي ٿئو. |
264- |
پر ڪانه پسجي قيس ڏانه، توکي سچِي
سِڪ، |
|
محبتي مجني جي، توسين لڳي نِيه نائڪَ، |
|
نا ته سنجهي مِڙين سپرين، هوند لوڪان
ڪري لِڪَ، |
|
پر مائٽن جا مصر منجهه، تو سيباڻا
سُک، |
|
تيلانه ئي ڪرين قيس تي، تون ڏوراپا ۽
ڏکَ. |
265- |
تان چئي: درد آءٌ دوستن ري، ٻئو ڪريان
مٿي ڪَن، |
|
آر منهنجي اڳهين، اوءِ کانڌيرا سي
کمن، |
|
کامي پئو خَمار منجهه، هِنيون کي
هوتن، |
|
هي هي وڃايو حال مون، لُڇي لئي پِرين، |
|
منجهان مَن محبوب مون، وير م ڪا وسرن، |
|
ته ڪاري منه قيام ڏينه، آءٌ اُٿيان
منجهه عاصين. |
266- |
اُڀو اوڀالا ڏئين، تون ڪاٺيارا ڪئيـن؟ |
|
خبر سندي سڄڻين، جيڪا مونکي ڏئـين، |
|
ته اکڙيون پير ڪري، ساڄن سئـين. |
267- |
تان چئي: سگهي رس ساجن کي، ڪامل تون
ڪاهي، |
|
سُڪو آهي سڃ ۾، لاڳاپا ئي لاهي، |
|
جتي تو ڇڏئو، اُڀو اُتهين سو آهي. |
268- |
تڏه ٻائِي چئـي بانهيءَ کي: اٿي اُٺ
پلاڻ، |
|
دائي منهنجي دوست ڏانه، هلجا وڃــــو
هاڻ، |
|
محبتي کي مجني، وڃي پهچون پاڻ. |
269- |
تڏه اٿي اُٺ پلاڻئو، بغدي بختاور، |
|
ڪاهي نِڱيُون ڪرهو، ڪِنه پنهنجيءَ
پَر. |
270- |
اَڙيون هئي اُٺ کي، ڪاهيائون سين ڪام، |
|
سڄي رات سڃ ۾، گگو ويو ٿي گام. |
271- |
رات وهاڻِي رڻ ۾، اچي ماڳ تهِين، |
|
ويئي اڦباري عاشق کي، مٿي جُوءِ
جِهبن. |
272- |
ماڳ سڃاتو مُنڌ سو، سَتيءَ ساڻ سرتِ، |
|
تان پـير پاساهُون ناهي ٿئو، اُڀو آهه
اُت. |
273- |
اوڏو اکڙين سين، جڏهِ ڏٺائين، |
|
تڏه پفسي حال حبيب جو، رتو رنائين،(2) |
|
دانهون ڪري درد سين، هنجون هاريائين، |
|
هي هي ڪئو هٿڙا، کامئو کنيائين، |
|
اوراڻيون عاشق تان اچي ڪيائين، |
|
’آءٌ مٿـــان ئــــي گهوري‘، ايهيـــن
چيائيـــن. |
274- |
حيف منهنجي حال کي، جا بُڇي آءٌ
بيڪار، |
|
جي مون ڪر نه لڌي ڪڏهين، ساڄن توجِي
سار. |
275- |
اِي چئي اوڏي ٿي، نيڻ ٽِمائي نارَ، |
|
وجهي هٿ وَلين کي، کوسِئو منجهان
کارَ، |
|
ٽــــاريون ڇـنِي ٿُڙئون ٿــــــي،
ڏور وجهــــي ڏار
(4) |
276- |
تان مهندا مرڪي مجني، عاشق چيو
اَتورِ، |
|
ولين وڏي ڪئي، مون سين وندر وورَ، |
|
ڏينهان ڇانوَ ڇٽ جيئن، ۽ راتيان ڦُلن
ڦور. |
277- |
اِيءَ سُڻيندي ڳالهڙي، ليليٰ لَڄاڻِي، |
|
ٿِي نماڻي نڪڻي ڪامل ڪوماڻي، |
|
مجني ڏٺي سنڌ جا، عاشق آماڻي. |
278- |
صورت سندي سڄڻين، ويس وهم وڻي، |
|
ساهه پِريان تان صدقو، ڪئو خاص کڻي، |
|
ڪري آهه اُٽِلِئو، پئو سو ڇُهلَ
ڇَڻِي. |
279- |
ڪِري پيو پٽ ۾، عاشق ڪري آهه، |
|
وئو ويچاري نڪري، اکين نِئو ارواح، |
|
رحمت تنهن تي رحيم ڪري، آپر گهڻي
الله. |
280- |
”انالله واِنا اِليھ راجعون“ خبر
اِيءَ کَري، |
|
پيراندِي پرين جـي، رهي مُنڌَ مَري. |
281- |
سچا عاشق سچ سـين، لڏي وئا لوءِ، |
|
پِرين ٿئو پاڻ ۾، ميڙو مُوا پوءِ، |
|
اهڙا عاشق هونِ جي، ڪر تِنين سين
توههَ، |
|
ته صورت سندي سڄڻـين ڏٺـي ڪونهي ڏوهه. |
282- |
هون سَمانا، سيد چئي، جي پڙهي ياد
ڪَرينِ،(2) |
|
موليٰ مرهـي تِن کي، جي ڏيئي ڪن
سُڻينِ. |
283- |
فاتحه پڙهئو پاڻ ۾، صلح سُهد ڪِجا، |
|
ڪَچائي کي ڪرم جو، پردو پوش ڏِجاه. |
284- |
ماهه مبارڪ رمضان جي، سَتاويهين ساري. |
|
قَدر رات قصو پُنو، ڏينھ اڱاري. |
285- |
ڪارهنِ سو ڇَٽيه وره هو هجرة سن، |
|
عِرفانَ جي عشق جو، ”فاضل“ جوڙئو فن، |
|
ويندا سي ايمان سين، ڪلمون جـي ڪَهنِ. |
|
لا اِلٰھ اِلاالله محمد رسول الله |