1- |
ساراهيان سچو ڌڻي، ساراهيان سبحان، |
|
قادر جي قدرت جي، ڪمي آهي ڪان، |
|
اول جوڙيئين آدم کي، ڪري بندي باب
بيان، |
|
خاوند خاصو خلقيو، عزت ڏئي اِنسان، |
|
واحد وڌايو تنهن مان، جوڙيو جڳ جهان، |
|
ڪئين صاحب سلوڪت جا، ڪئين مورک مت
نادان، |
|
’ڪل نفس ذائفه الموت‘، ڪيو فائق هي
فرمان، |
|
وهيو سور سڀڪنهن تي، بندي، ڀوت،
حيوان، |
|
ماريو ڳڻتيءَ موت جي، آدم کي ارمان؛ |
|
”محمد“ رهيو ماٺ ۾، ٿيو صبر جو سلطان، |
|
وري ڪرم آندو قسمت ۾، شامل ٿيو شيطان، |
|
جاڳيس جلوو جيءَ ۾ مٽجي ٿيو مستان، |
|
بکي ٿيو بادشاهه، دور وڏي دهمان، |
|
ويو وسري اجل جو، بندي باب بيان، |
|
سير سڏائي سڀڪو، پاءُ نه سڏائي پاڻ، |
|
پوءِ انهيءَ گند گمان، ميان موت
وساريو. |
2- |
ميان موت وساريو، خان مثل خواب، |
|
جڏهن وڃين جهان مان، نيڪيءَ ساڻ نواب، |
|
پوءِ سڏائج پاڻ کي، ادا! تون ارباب، |
|
پورا ڪنهين نه ڪيا، ڪاتب هت ڪتاب، |
|
ويا وساري ويسلا، ٿي هيڻا هيٺ حساب، |
|
کاڄ خوراڪون ماکيون، آهن قيما قُوت
ڪباب، |
|
ڇانون منجهه ڇٽڪاريو، عطر آب گلاب، |
|
”محمد“ هن مهراڻ ڪيا، سوين غرق غراب، |
|
ڪٿي بادشاهي بهمڻ جي، ڪٿي رستم سندو
تاب، |
|
ڪٿي سلطاني سڪندر جي، ڪٿي سورهيائي
سهراب، |
|
ماري موت تنين کي، ڪيو خان خراب، |
|
پوءِ بنگلا جنين باب، واريءَ وڇاڻا تن
ٿيا. |
3- |
واريءَ وڇاڻا تن ٿيا، هئي وهندڙ واٽ
سندن، |
|
ميان! ڪنهن کي موت کون، مليو ڪين امن، |
|
هرگز هلندو ڪينڪي، توسان توڙ تمن، |
|
ويا وساري ويسلا، جاڙ ڪري جوپن، |
|
ست لک سالار، سرهيءَ سيج بندن، |
|
مکيو تيل ڦليل جو، واس عطر وارن، |
|
ويا خالي خان هٿن، ورئي وارث ٻيا ٿيا. |
4- |
ورئي وارث ٻيا ٿيا، ويا ورهين ويچارا، |
|
خان نه رکندءِ خبرون، جي تو هئا پسند
پيارا، |
|
ويا ڪري پتيون پاڻ ۾ اهي مهري متارا، |
|
رهندءِ وڃي راڄ ۾، نيڪيءَ نظارا، |
|
هتي دُنگ وڏا دارا، ويا مري ڪل مقام
۾. |
5- |
ڪُهنيون ڏٺيم قبرون، ميان! منجهه
مقام، |
|
ڪڇن نڪي پڇن سي، سڏئي ڏين نه سلام، |
|
وين ذات زبون ٿي، نيڪي سارو نام، |
|
سڌ نه پوي سلطان جي، نڪي غم غلام، |
|
هئي صورت سهڻي جن جي، سي کائي ڪيا خاڪ
کلام، |
|
جي هئا عالم منجهه امام، ڌرتيءَ داخل
سي ٿيا، |
6- |
ڌرتيءَ داخل سي ٿيا، هتي لک هزار، |
|
مورک انهي ڳالهه جو، توکي ناهي
اعتبار، |
|
قصو ڪريان ٿو هڪڙو، سڻ گوش ڏيئي
گفتار: |
|
ڪنهن واري ڪامل هو، نيڪ نبي نروار، |
|
’عيسيٰ‘ نام انهيءَ جو، هو عالم ۾
اظهار، |
|
قدرتي تنهن ڪامل کي، تخت مليو ٿي
تيار، |
|
زماني ۾ زور هو، ڪامل سرِ ڪفار. |
|
حضرت هڪڙي ڏينهن جو، چڙهيو شوق شڪار، |
|
ڪاهيو ڀر درياءَ جي، آيو راهه وٺي
رفتار، |
|
سمند سونهاري ڇرڪ ڀريو، هڏ ڏسي هيڪار، |
|
چڙِي چابڪ واريو، سمند تي سردار: |
|
’ڪهڙو ڏٺئي ڏينهن جو، هن واٽ ويندي
ويچار؟ |
|
مالڪ سمجهيو ڳالهه کي، دانَهه ڪري
ديدار، |
|
هڏ ڏٺائين هڪڙو، ڪو ڌڙ سوا پيو ڌار، |
|
پوءِ چوريو تنهن چوڌار، مٿو آهي ڪنهن
ماڻهوءَ جو. |
7- |
مٿو آهي ڪنهن ماڻهوءَ جو، رلندڙ مٿي
راهه، |
|
نڪي غم غلام جو، نڪي صورت ثاني شاهه، |
|
مٽي مڙيئي هڪڙي، آئي نبي نيڪ نگاهه، |
|
سوين سوراخون سرِ ۾، جيون جوڙي جاءِ، |
|
ڪِيئن کائي هڏ کي، طرحين تُن ڪيا، |
|
نڪ نشانيون ضعيف ٿيون، اکين جوت
جهَڪا، |
|
گوش گسي نابود ٿيا، جو سڻندڙ بات صفا، |
|
موتيءَ مثل ڏند هئا، جي ورسي وات ويا. |
|
وار وَسِيهر سڀئي، ڇني واءُ ڇڏيا، |
|
لب لالايون گهٽ ڪيون، ساڙي رنگ سياءِ، |
|
ڌڻ ڌڪيندي ڌوڙ ۾، پيو ڦيري هڏ فنا، |
|
پو عبرت ۾ عيسيٰ، حضرت ڏسي هڏي کي. |
8- |
حضرت ڏسي هڏي کي، خاطر رکيو خيال، |
|
جيڪس جيئري جڳ ۾، ٿيو بندي هٿ بطال، |
|
ڪندڙ نيڪ نياز هو، يا ظالم زور زوال، |
|
هو ڏيوالو ڏيهه ۾، يا وڏي وياءَ عيال، |
|
سُڃو سر هو هڪڙو، يا ماڳ گهڻي سين
مال، |
|
رلندو راهه مسافر هو، يا عزت وڏي
اقبال، |
|
پوءِ هڏي ڏسي حال، لهي وير ويهي رهيو. |
9- |
لهي وير ويهي رهيو، خيال رکي خاطر، |
|
مونکي هن مذڪور جي، ڪل نه آهي قادر! |
|
هڏ ڏٺو هوم هڪڙو، سڃو آدم سر، |
|
مرد اميري جو آهي، نام ڪهڙي نادر، |
|
سٺو ڪين زمين سو، پنهنجي پيٽ قبر، |
|
جيڪس هن جهان ۾، بندي ڪيا بانور، |
|
مارايو ”محمد خان“ چوي، توڙ تنين کي
تڪبر، |
|
پوءِ پڇان خاص خبر، سسيءَ انهيءَ ساهه
پوي. |
10- |
وحي واحد موڪليو، جُودون جبرائيل، |
|
آيو اُڏامي عرش تون، تاري جيئن تعجيل: |
|
’مونکي توڏانهن موڪليو، آهي رب جليل، |
|
سڻاءِ مونکي ڳالهڙي، سندي دل دليل، |
|
پوءِ وري ٿيان وڪيل، وڃي صاحب سُڌ
سڻايان‘. |
11- |
’ڀلي ڀلي آئين، وحي واحد جا، |
|
هڏ ڏٺو مون هڪڙو، هي رلندڙ مٿي راهه، |
|
تعجب ٿيڙم تنهن جو، اوسيڙو ارواح، |
|
ڪهڙي ڳالهڙين ڪاوڙيو، باري بيپرواهه؟ |
|
پوءِ سِسيءَ پوي ساهه، پڇان حقيقت هڏي
کان.‘ |
12- |
ويو اُڏامي واءَ جيئن، عرش مٿي اسرار، |
|
وڃي سڻايو واحد کي، عيسيٰ جو اظهار: |
|
’رلندي مٿي راهه آهي، سِسو منجهه
سنسار، |
|
ڏسي عيسيٰ ان کي، ويٺو منجهه ويچار، |
|
پوءِ دل اٿس درڪار، هڏي حال پڇڻ جي.‘ |
13- |
’ترس نه ساعت هڪڙي، کڻ پانڌي! پروان، |
|
منهنجو ڏي محبوب کي، وڃي ثابت سامانو، |
|
موڪل توکي مير ملي، حڪم حقانو، |
|
چئو ظاهر زبانو، سسي توسان سُڌ ڪري.‘ |
14- |
بيهو ڀر سسيءَ جي، پڇي سِر سجان: |
|
’ڪير اصل جي آهين، ڪهڙي جنس جوان، |
|
ڪهڙا ڪم ڪمايا تو جيئري منجهه جهان، |
|
هئين صاحب سلوڪت جو، يا مورک مت
نادان، |
|
هئين ملا مسيت جو، يا تخت ڌڻي سلطان، |
|
ڪر ڪيپراٽي بيان، اصل ڪنهن جي آهيين؟‘ |
15- |
اُلٽـي آب اکين مان، نيڻين وهايئين
نار، |
|
پِيو ساهه سسيءَ ۾، حڪم سين هيڪار. |
|
’ڪهڙا ڪامل ٿو پڇين، وڌ مون کان
ويچار، |
|
قصو ڪريان هڪڙو، سُڻ گوش ڏئي گفتار، |
|
ڀاڳ وڏي هئس بادشاهه، ۽ ملڪ ڌڻي
مختار، |
|
مشرق مغرب وچ ۾، نالو مون نروار، |
|
آندم ڪڏهن ڪو نه ڪو، ڪنهن آدم تي
اختيار، |
|
ديس سندو دستار، هئس مالڪ پنهنجي ملڪ
جو. |
16- |
هئس مالڪ پنهنجي ملڪ جو، عالم منجهه
اخوان، |
|
نبي! نام منهنجو هو، ’جمجما سلطان‘، |
|
ڪئين ته مون وٽ ڪيترا، هئا صوبائي
سلطان، |
|
بادشاهه بلخ، بخارا، ڪل زمين ڪستان، |
|
پڇم، پورب، پارڪر، موهن ۽ ملتان، |
|
حڪم ساري سنڌ تي، دهڪو منجهه دهمان، |
|
پوءِ اهڙي سان طولان، هئس مالڪ پنهنجي
ملڪ جو.‘ |
17- |
عيسيٰ پڇي اُن کان، پارس اهڙي پر: |
|
’ڏي مونکي ڏيهه جي، تون پنهنجي خان!
خبر، |
|
گهڻا توسين گڏ هئا، گهوڙا ۽ لشڪر، |
|
هاڻي ظاهر زبانون ڪر، وير! وڏائي
پنهنجي.‘ |
18- |
’پهريون بيان منهنجو، تون ڪامل ڪجئين
ڪن، |
|
ڪئين ته مون وٽ ڪيترا، مجلس منجهه
ويهن، |
|
جيڏا جوڙ جوان هئا، ۽ صورت ثاني سن، |
|
گلم غاليچا ريشمي، ۽ پٿر پٽ پون، |
|
عطر عود عنبير جا، مشڪي مينهن وسن، |
|
سرندا ساز سرود هئا، ۽ شرنايون شرطن، |
|
ويٺي ڪچهرين وچ ۾، مونکي سوين سج لهن، |
|
پوءِ اهڙي شان شهن، هئس مالڪ پنهنجي
ملڪ جو. |
19- |
ٻيو بيان منهنجو، سالڪ سُڻ سلطان! |
|
ڪئين مون وٽ ڪيترا، گهوڙا ۽ گهمسان، |
|
چڙهيو چئني طرفن تي، ڪُڏايم ڪهڪان، |
|
ڪو نه اُڏي ٿي آئيو، صوبو يا سلطان، |
|
مڃائي ”محمد خان“ چوي، ٿم فرقون منجهه
فرمان، |
|
اهڙيءَ پر پهلوان، هئس مالڪ پنهنجي
ملڪ جو. |
20- |
ٽيو بيان منهنجو، سالڪ! سُڻ سجان، |
|
ڪيئن ته مون وٽ ڪيترا، جنگي هئا جوان، |
|
سورهن لک سولجر هئا، پندرهن لک پٺاڻ، |
|
چوويهه لک چينائي هئا، يارهن لک
يونان، |
|
پنجويهه لک پيادا هئا، نو لک هيٺ
نريان، |
|
ٻارهن لک ٻروچ هئا، وڏا سي اخوان، |
|
ڪري سڻايان ڪيترا، آءٌ ساراهي سبحان، |
|
مور ملڪ کان گهڻا هئا، اڳ منهنجا
انسان، |
|
پوءِ شاهه اهڙي سين شان، هئس مالڪ
پنهنجي ملڪ جو. |
21- |
چوٿون بيان منهنجو، عيسيٰ! سڻ اظهار، |
|
ست ويهون سوڍين جون، جي ناز ڀريون
نار، |
|
رهن راڻيون روءِ برابر، ڪريو ڪونج
قطار، |
|
چوڏس سونهن چنڊ کي، جيئن تارا ٻڌيو
تار، |
|
ڪن تواضع قرب منجهان، جيئن گولين
منجهه گفتار، |
|
پوءِ اهڙي سين اختيار، هئس مالڪ
پنهنجي ملڪ جو. |
22- |
صاحب! منهنجي ڳالهه جو، پنجون هيءُ
بيان، |
|
چوڏهن سو چوڪيدار هئا، در مٿي دربان، |
|
پنج لک پيش پڙهيل هئا، ۽ دفتر تي
ديوان، |
|
ست لک سپاهي هئا، زنگي زور جوان، |
|
وڄي نوبت نادري، ۽ نغارا نيشان، |
|
ڏڪيا ڏونگر ڏيهه تي، جتي منزل ڪيم
ميدان، |
|
ڪاري واري ڪٽڪ کان، عرش چڙهي آسمان، |
|
پوءِ اهڙي پار پهلوان، هئس مالڪ
پنهنجي ملڪ جو. |
23- |
ڇهون بيان منهنجو، سالڪ! سڻ سردار، |
|
ست سو هئا ڪتن جا، جي ڪارڻ شوق شڪار، |
|
بحري باز لغڙ هئا، ۽ مرغ پکي پرمار، |
|
ڪن تماشا ترمچون، چرغ ڏيئي چوڌار، |
|
ويا مڙيوئي ’محمدخان‘ چوي، گهورپسيو
ٿي گهيوار، |
|
ڪا نه جهلي ٿي جانور، منهنجي تاب پسي
تلوار، |
|
پوءِ دانهه هنن ديدار، هئس مالڪ
پنهنجي ملڪ جو. |
24- |
ستون بيان منهنجو، عيسيٰ! ڪج ويساهه، |
|
بيحد رکيم بورچي، جي رڌين ٻوڙ پلاه، |
|
هر ڪنهن وقت سبيل هئي، ماني ڪنهن نه
مناه، |
|
ويا پُر پينار ٿيا، دعا ڪندا درگاهه، |
|
پوءِ هئس خلق سندو خير خواهه، مالڪ
پنهنجي ملڪ جو.‘ |
25- |
’هئين مالڪ پنهنجي ملڪ جو، عالم منجهه
امير، |
|
آيو ازل اوچتو، ويري وڏو وير، |
|
جميعت آيئي جان کي، جان ويندئي ساهه
سرير، |
|
ويو اُڏامي واءَ جيئن، يا توڙ تکي
تقصير، |
|
ٻريا ٻارڻ توتي، يا کل خوشيءَ سان
کير، |
|
پوءِ موت سندءِ هي مير! ڏي حقيقت هن
حال جي؟‘ |
26- |
’ڪري خيال خوشيءِ جو، چڙهيس شوق شڪار، |
|
سوين گڏ گهوڙا هئا، ٻيا هاٿين تي
هسوار، |
|
تازي ڪتا ڪيترا، خاصا خونخوار، |
|
بحري باز لغڙ هئا، پر مرغ پکي پرمار، |
|
ڪن تماشا ترمچون، چرغ ڏيئي چوڌار، |
|
ڪيهر ٻيلائي ڪيترا هئا، چيتا شينهن
چوڌار، |
|
سانجهيءَ وقت قرار، منزل اچي مير ڪيم. |
27- |
منزل اچيو مير! ٿي طرحين گهرايم طعام، |
|
ٻوڙ پلاءَ پڪوان هئا، ۽ تازا ترت
تمام، |
|
پيتم شاهه شراب پئي، جنس مٺا تت جام، |
|
ويهي وڄايائون ويجهڙا، تانسين تمام، |
|
سمهيو سيج پلنگ تي، عيسيٰ! ڪيم آرام، |
|
پوءِ ستي کِٽ کلام، پيو سامهون سور
مٿي ۾. |
28- |
پيو سامهون سور مٿي ۾، جنهن بيحد ڪيو
بيزار، |
|
ڦٽو سک سرير جو، سيج مٿي سردار، |
|
ويهڻ ويتر وڌ ٿيا، ستي سور هيڪار، |
|
لڳي باهه بدن کي، چڻنگ هئين چوڌار، |
|
ظاهر بت ضعيف ٿيو، نيڻين وهايان نار، |
|
ڪاهي آيس ڪڙم ۾، درد وڏي درڪار، |
|
پوءِ وسريا شوق شڪار، موٽي آيس ماڳ
تي. |
29- |
موٽي آيس ماڳ تي، سڏايم سپاهه، |
|
جي وير ويهندا هئا مون وٽ، دلاور
داناهه، |
|
ڪارڻ وڌِ وڄاءِ جي، کڻندڙ رات به
راهه، |
|
بابت طبي تاءُ، ڏيندڙ روز ڏهاڻ هئس. |
30- |
ڏيندڙ روز ڏهاڻ هئس، تن کي مير مدام، |
|
چڱا ڪپڙا قيمتي، ۽ خلعت خاص انعام، |
|
رکيو زور ذهن تي، ۽ مٿي طب تمام، |
|
ڦڪي فرق نه ڪري، اثر سور اندام، |
|
پوءِ ويران وير وريام! وڌندڙ سور سرير
۾. |
31- |
وڌندڙ سور سرير ۾، جانِ ڦِٽي جميعت، |
|
ويچارن وڏيون ڪيون، هزارين حڪمت، |
|
هليو نه ڏس ڏاهن جو، جڏهن ڪَڻ کُٽا
قسمت، |
|
لکيو منجهه لکت، ڪنهن کان اکر نه
اُڪلي. |
32- |
ڪنهن کان اکر نه اُڪلي، وڏا ڪيائون
وس، |
|
توڙئون نه پئي طبع تي، ڏاهن سندو ڏس، |
|
مالڪ لکي مس، ڪنهن کان اکر نه اُڪلي. |
33- |
ڪنهن کان اکر نه اُڪلي، لکيو قلم
قهارم |
|
آيو اجل جنهن مٿي، تنهن دم ٿيندو
تيار، |
|
ڪهڙي لڳت ڪانڌ کي، پئي لائين منجهه
پڇار، |
|
قادر اسان جي ڪانڌ جي، ڪر جهجهي ڄام
ڄمار! |
|
صاحب رب ستار، سڻج سوال بندي جا. |
34- |
سڻج سوال بندي جا، آهين رب اعليٰ، |
|
تو وٽ ڪنهين ڳالهه جي، ڪمي نه آهي ڪا، |
|
هادي! اسان جي حال تي، تون رحم ڪجان
ڪو راء، |
|
ويو آهي سڪي ساه، ويندي ور هٿن مان. |
35- |
ويندي ور هٿن مان، پيو آهي مُنجهي من، |
|
بعد منهنجي ڀر ۾، سوڍيون سڀ ويهن، |
|
کڻيو هٿ خدا ڏي، دلئون دعا گُهرن، |
|
ور ڏيو ايئن چون، اسين مُيون مڙيئي
گهوريون. |
36- |
مُيون مڙيئي گهوريون، تڳون جنهن جي
تات، |
|
لَک لٽايون ڪينڪي، خزانا خيرات، |
|
پيو قبول ڪو نه ڪو، ذرو ظاهر ذات، |
|
ڏسندي ملڪ الموت کي، ساهه لڳي سڪرات، |
|
وائي نه وري وات، ڪا لڳي مُهر زبان
کي. |
37- |
لڳي مُهر زبان کي، ٿي هيڻائي هڏن، |
|
منهن مان مادر کير پيو، چُري منجهه
چپن، |
|
چاٻي مثل چيچڙي جيئن، ڪانجهيءَ تيل
ڪڍن، |
|
پيو ولوڙو بت ۾، جيئن مَٽِي مانڌاڻن، |
|
ڪندي قصو موت جو، ٿا ڪامل! هڏ ڪنبن، |
|
هڻي ويو هٿن، ڦِري ڦوڪارو نه وريو. |
38- |
ڦري ڦوڪارو نه وريو، باقي رهيو بُت، |
|
رات رکيائون هڪڙي، ڪري امانت اُت، |
|
سڀئي سرهيون سڃ ٿيون، والي! انهيءَ
وقت، |
|
وڄيا ڊڍ ويڙهي ۾، تاج ڪري پيو تخت، |
|
ڪم نه آيم ڪجهه اُتي، مال مڏي ملڪيت، |
|
ڪامل هليو ڪينڪي، ڀيڙو ساڻم بخت، |
|
ڏيئي تڙ ترت، کڻي رکيائون کٽ تي. |
39- |
کڻي رکيائون کٽ تي، سهجئون ڏيئي
سينگار، |
|
مشڪ مليائون مڙهه کي، عطر عود انبار، |
|
تنهان پوءِ کڻي هليا، لاهي مرد ميار، |
|
بينسر بولو ڪيوٽيون، ڇنئون ڪن ڪپار، |
|
پيو روڄ راڻين ۾، ڇنئون هيرا هار، |
|
سڀ ٽوڙيائون ”ٽالپر“ چئي، چوئا چندن
هار، |
|
دانهه! هن ديدار، سي مئي پڄاڻان مون
ڏٺا. |
40- |
مئي پڄاڻان مون ڏٺا، ڄاتم ائين ڄام! |
|
کڻي رکيائون کٽ تي، منهنجو مڙهه مقام، |
|
ڌرتيءَ داخل تَن ڪري، ڏيئي ڏڪ تمام، |
|
پلٽي وڌائون مُنهن تي، واري تت وريام، |
|
ڀائي ڀيڙو ڪو نه ٿيو، گڏجي ساڻ غلام، |
|
مئي پڄاڻا ”محمد خان“ چئي، ڇنئون سڱ
سندام، |
|
واويلا سڀ سلام، تڏهن عيسيٰ! پليم
آسرو. |
41- |
عيسيٰ! پليم آسرو، وارث ڪن نه ور، |
|
جهڙو آيس هيڪلو، واٽ وٺي ٻيهر، |
|
ڪاهي آيس ڪرم ۾، هادي رات حشر، |
|
ٻرندڙ شان شمع هئا، تجلا شمس و قمر، |
|
واءَ هڻايم وڃڻيون، جام ڇٽاريم جو، |
|
تن مان آيم ڪانڪا، نبي! هيڪ نظر، |
|
ڀِتن آڻي ڀيڙ ڪئي، چوطرفي چوڌر، |
|
جهڙو آيس هيڪلو، پسان سڃ سفر، |
|
اچي اوچتو ٿيو، ڪڙڪو منجهه قبر، |
|
هاڻ ڳهلا! ڇڏ ڳهر، اک اُپٽ، اُٿ آدمي. |
42- |
آٿيس منجهان تاءَ جي، نيڻين ڪيم
نِهار، |
|
ويٺا منهنجي ڀر ۾، سورهيه ٻه سردار، |
|
پهرين پڇيائون مون کان، نام وٺي
نروار، |
|
مهندان تنين مون ڏنيون، ورنديون ساڻ
ويچار، |
|
مٽَجي ملهه بيٺا سي، وڙهڻ لاءِ
وينجهار، |
|
آءٌ پهرئين سين پورو ٿيس، هَنيئون هٿ
هزار، |
|
دانهون ۽ ڪوڪون ڪيم، سڏ وڏا سردار، |
|
ڪم نه آيم ڪجهه اتي، ياري يارو يار، |
|
عيسيٰ! انهيءَ وقت کان، رکي رکڻهار، |
|
محڪم ڏيئي مار، ڀورا بُت ڪري ڇڏيئون‘. |
43- |
’جني توکي ماريو، سي ڪهڙي شان شڪل، |
|
ڪو نه ويڙهايئي تن سان، افلاطون! عقل، |
|
ڪهڙيءَ ڳالهه ڪاوڙيا، اچي ڪيائون خلل، |
|
اٿي اڳيان انهن جي، ڪيئي وات ولهل، |
|
پوءِ مٽجي بيٺا مل، مارڻ خاطر تو
مٿي‘. |
44- |
’مارڻ خاطر مون مٿي، تاب ڪيائون تاءُ، |
|
وسهين ته چپ سُڪي ويا، عيسيٰ! ان
اڳياءُ، |
|
ويٺو پن پناهه، تون عيسيٰ! انهي وقت
کون‘. |
45- |
عيسيٰ! پڇي ان کان، پارس اهڙي پچار، |
|
’ڪير اُهي هئا آدمي، ڪهڙي ڪيائون ڪار، |
|
جي پڇئين ٿو پار، سي چِٽا چئو تون
آدمي!‘ |
46- |
چِٽا چوندس توسين، صاحب! سڀ سخن، |
|
مڻيادار ”محمدخان“ چئي، صورت هئي
سندن، |
|
دهشت مئل ديون جي، وات وڏا واڳن، |
|
تکا ننهن ترار کان، چِيٽا زور چنبن، |
|
اکين اُلرون ان جون، سورهيه نه گهُور
سهن، |
|
واتئون واسينگن جي، باهيون ٿيون ڀڙڪن، |
|
ڪَنان ڪوٽ ڪرن، پهرين پرلاءَ پَٽ مٿي. |
47- |
وري پڇيو ورنهه، سالڪ سخن سسي کان: |
|
’جود برابر جوان هوئين، دولتوند
داناء، |
|
ڪهڙي ريت رعيت سين، سالڪ سک ڪياءِ، |
|
ڀڃي رضائون راڄ جون، مِٺي ڪيئي مايا، |
|
قياس نه آندءِ ڪنهن مٿي، تو آڏا پيش
پيا، |
|
ڊپ وڌوئي داءُ، ڪيئي ٿي پيٽ پُورائي
پنهنجي؟‘ |
48- |
’عيسيٰ! آدمين تي، مون وڏا سک ڪيا، |
|
ڏهون ڀاڱو ڏيهه تي، رسم ٻڌم رعايا، |
|
ڪين کپايم ڪنهن جو، زياده پاڻي پاء، |
|
شرع شريعت حق جو، نبي! ڪيم نياء، |
|
جيئري هر ڪنهن جاءِ، ڪين ايذايم
آدمي‘. |
49- |
’ڪين ايذايئي آدمي، جيئري منجهه جهان، |
|
ملڪ موڪليا توڏي، خبر خاطر خان، |
|
تن اچي ٻڌو تو مٿي، جوش وڏو جولان، |
|
ڏي سبب بات بيان، توکي ملڪن ڇو ٿي
ماريو؟‘ |
50- |
’بات پڇيائون مون کان، پهرين هيءَ
پچار، |
|
’من ربڪ ومانبيڪ و مادينڪ‘ اهوئي
اظهار، |
|
گهوٽ! ڪيئون گفتار، پهرين پڇاڻو مون
کان. |
51- |
پهرين پڇيائون مون کان، اُت وري
عيسيٰ! |
|
بخت نه مون ڀيڙو ٿيو، هادي! تت
همراهه، |
|
نڀاڳي توڙ تائين، مونکي گند ڪيو
گمراهه، |
|
ويم واتئون نڪري، اول ڳالهه اها، |
|
نٿو سڃاڻان نبيءَ کي، آهي ڪير الله، |
|
آهيان پنهنجي ملڪ جي اءٌ بادشاهه، |
|
سڻندي اها ڳالهڙي، اٿيا منجهان
اُٺاءَ، |
|
هنيئون گرز غضب جا، ڪهل نه ڪيائون ڪا، |
|
ڌڙ وڌائون دوزخ ۾، سِسي مٿي راهه، |
|
ڪاٽيندي هن قافلي کي، نَو سو ورهيه
ٿيا، |
|
ٿيءُ پشت پناهه، حضرت! منهنجي حال جو. |
52- |
حضرت منهنجي حال جي، ڪر پارس!
پوئواري، |
|
سورن جي مون مٿي وري وئي واري، |
|
ڇڏائي مونکي ڇيهن کان، ڪر صاحب!
سرداري، |
|
مون مڃي ساري، ڪامل قدرت تنهنجي‘. |
53- |
’قدرت مڃ تون قادر جي، جو صاحب رب
ستار، |
|
خاوند توکي خلقيو، آهي صاحب سندي
سنسار، |
|
پڙهه توبهه، ڪر ويساهه، مٿي جوڙ جبار، |
|
رکي آپ امن ۾، ڏک ڪنان ڏاتار، |
|
آڻ ايمان مون مٿي، آهيان نيڪ نبي
نروار، |
|
آهيان آءٌ الله جو، خاص بندو درٻار، |
|
گهران باب تنهنجي ۾، سوال ڪنان سردار، |
|
توتان ڏک ڏوهار، مالڪ کڻي معاف ڪري.‘ |
54- |
سسيءَ آندو سيگهه ۾، عيسيٰ تي ايمان، |
|
قدرت مڃيائين قادر جي، رب آهي رحمان: |
|
’نيڪ نبي تون آهين، خاص برابر خان، |
|
’لاالٰھ الالله عيسيٰ روح الله‘،
چيائين ساڻ زبان، |
|
پيو ساهه سسيءَ ۾، ٿيو امر سين انسان، |
|
اٿي ويٺو آدمي، سو جمجما جوان، |
|
ڏني مبارڪ خير جي، جمجما سلطان: |
|
’مليئي ڀاڱو خبر جو، ٿئين جيئرو منجهه
جهان، |
|
نه ته محشر روز مڪان، هئي جهنم جاءِ
تنهنجي. |
55- |
روز حشر تائين هئي، جهنم تنهنجي جاءِ، |
|
توڙي تقصيرن توکي، ڪيو غفلت ۾ گمراهه، |
|
چاڙهي چوٽيءَ تائين، جيئن ملهه دسي
داناءُ، |
|
ڏٺئي سڀ اکين سين، نرت ساڻ نياءُ، |
|
هن روءِ مٿي راهه، ڪئين سوين خان کپي
ويا‘. |
56- |
ڪئين سوين خان کپي ويا، حاذق هت هزار، |
|
توبهه تسبيح پيو پڙهج، ڪنبج ڀر قهار، |
|
ڪي ڏهاڙا قدرت سين، بخشيا بخشڻهار، |
|
دانهه پنهنجي دل ۾، ياد ڪندو هو يار، |
|
نيٺ فنا ڪيائين تنهن کي، ٻول مٿي
ٻيهار، |
|
جنت جاءِ جمجما کي، ڏان ڏني ڏاتار، |
|
جو کو ناهه جهان کي، جنهن جو محمد آهه
مختار، |
|
ڪلمي ساڻ قرار، عالم ڪل آجو ٿيو. |
|
لا اِلٰھ الاالله محمد رسول الله. |