ڇپائيندڙ پاران
سنڌي ادبي بورڊ آڏو
سنڌ جي هاڪاري عالم ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
سال 1955ع ۾ سنڌي لوڪ ادب کي سهيڙي منظرعام تي آڻڻ
جي هڪ جامع رٿا پيش ڪئي ۽ لوڪ ادب جي نثر ۽ نظم جي
صنفن کي چاليهن جلدن ۾ ترتيب ڏيڻ جو منصوبو جوڙيو.
بورڊ اِها رٿا سال 1956ع ۾ منظور ڪئي ۽ سال 1957ع
کان ڊاڪٽر صاحب تعلقي وار ڪارڪنن جي مقرري عمل ۾
آڻي،
پنهنجي
ڪارآمد راءِ ۽ گرانقدر رهبريءَ هيٺ
نهايت ئي عرق ريزيءَ سان ”لوڪ ادب“ تي
باقاعده ۽ باضابطا ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.
جنهن ڏَس ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
پاڻ به سموري سنڌ جا سير ۽ سفر ڪيا ۽ لوڪ ادب جو
سمورو ذخيرو جيڪو سنڌ جو صدري خزانو آهي، تنهن جي
ڳولا ڦولا ڪري، انهن کي سهيڙي ۽ هر هڪ صنف جو
تعارف ۽ تعريف، هيئت ۽ سٽاءُ، پيش منظر ۽ پس منظر
لکي، ان صنف جي فني ۽ ارتقائي اهميت کي اجاگر ڪيو
آهي. ڊاڪٽر صاحب جي اهڙي مطالعي، مشاهدي ۽ ڄاڻ کي
پارکن خوب ساراهيو ويو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ جي عشقيه داستانن
کانسواءِ ٻاهرين قصن کي ”مشهور سنڌي قصا“ جي حوالي
سان ٻاهريان قصا ۽ عشقيه داستان جي نالي سان
سهيڙيو، جيڪو لوڪ ادب سلسلي جو چوٽيهون ڪتاب آهي؛
جنهن تي ڊاڪٽر صاحب تحقيقي مقدمو لکيو آهي ۽ ڪتاب
۾ پاڻ سڄي سنڌ جا اَڻانگا سفر ڪرڻ دوران ٻُڌل
روايتون ۽ سنڌ جي سگھڙ شاعرن جا بيت سهيڙي سنڌ جي
اَملهه خزاني کي منظرعام تي آندو آهي.
موجوده وقت ۾ بورڊ جي مانواري چيئرمين عزتمآب
مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي خاص دلچسپيءَ
تحت اداري طرفان نون ڪتابن جي اشاعت سان گڏوگڏ
پڙهندڙن طرفان گُھر ٿيندڙ ريپرنٽ ڪتاب به شايع ٿي
رهيا آهن. بورڊ طرفان لوڪ ادب سلسلي ۾ شايع ٿيل
ڪتابن جي پڙهندڙن طرفان مسلسل گُهر ٿيندي رهي ٿي.
اهڙي گُهرج کي نظر ۾ رکندي لوڪ ادب سلسلي جو هيءُ
چوٽيهون ڪتاب شايع ڪري منظرعام تي آندو ويو آهي.
سنڌي ادبي بورڊ طرفان
هِن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1964ع ۾ شايع ڪيو ويو ۽
هيءُ
ٻيو ڇاپو آءٌ بورڊ جي مانواري چيئرمين جناب مخدوم
سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي سرڪردگيءَ ۾ بورڊ
طرفان شايع ڪري سرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان.
توقع
آهي
ته،
اسان جي هيءَ ڪاوش
ادبي حلقن سان گڏوگڏ مانائتن
پڙهندڙن،
سگھڙن
۽ پارکن وٽ مانُ
ماڻيندي.
23- شوال
المڪرم 1443هه
سيد سڪندر علي شاهه
25- مئي
2022ع
سيڪريٽري
مهاڳ
سنڌ جي ’لوڪ ادب‘ کي سهيڙڻ لاءِ هڪ تفصيلي تجويز،
سنه 1955ع ۾، ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي سامهون رکي وئي،
جا 1956ع جي آخر ڌاري بورڊ بحال ڪئي، ۽ ان جي عملي
نگراني ۽ تڪميل بنده جي حوالي ڪئي.
ان تجويز مطابق، جنوري 1957ع کان لوڪ ادب سهيڙڻ جو
ڪم شروع ڪيو ويو؛ انهيءَ سلسلي ۾ تعلقيوار ڪارڪن
مقرر ڪيا ويا ته ڏنل هدايتن موجب، ٻهراڙيءَ مان
مواد گڏ ڪري موڪلين. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾، ’سنڌي لغت
آفيس‘ سان گڏ لوڪ ادب جي مرڪزي آفيس قائم ڪئي وئي،
۽ ڪارڪن مقرر ڪيا ويا، ته مقامي طور گڏ ڪيل، توڙي
ٻاهران آيل مواد کي هدايتن موجب ورڇي ورهائي، ڀيٽي
صاف ڪري ڇپائڻ لائق بنائين.
پهريان ٻه سال، 1957ع ۽ 1958ع، لوڪ ادب جي مواد
سهيڙڻ ۾ صرف ٿيا. انهيءَ عرصي ۾ تعلقيوار ڪارڪنن،
ڳوٺن مان گهربل ڳالهيون هٿ ڪيون؛ مرڪزي آفيس جي
عملي ڇپيل ڪتابي ذخيري مان ضروري مواد اُتاريو؛ ۽
بنده ڪوشش ڪري سنڌ جي هر ڀاڱي جو گشت ڪري، سڄاڻ
سگهڙن سان ڪچهريون ڪيون؛ ۽ عام سنڌي ادب جي
هرپهلوءَ کي سمجهڻ ۽ ان جي خاص ذخيري کي قلمبند
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انهي سعيي ۽ همت، بلڪ جذبي ۽
محبت سان قدري ايترو مواد گڏ ٿيو، ۽ ٿي رهيو آهي،
جو ان جي آڌار تي عام سنڌي ادب جي هر ڀاڱي بابت،
نموني طور هڪ ڪتاب مرتب ڪري سگهجي. ڪتابن جي تاليف
۽ ڇپائي جو سلسلو ٽئين سال 1959ع کان شروع ٿيو ۽
جاري آهي.
هت ٻه ڳالهيون واضح ڪرڻ ضروري آهن:
پهريون ته هن تجويز موجب، سنڌي ٻوليءَ جي عام ادب
جون اهي جملي جنسون، جيڪي هن وقت تائين ٻهراڙيءَ
جي عوام ۾ مقبول ۽ مروج آهن، تن کي ’لوڪ ادب‘ جو
ذخيرو تسليم ڪيو ويو آهي. انهيءَ ذخيري ۾ سنڌي ادب
جون معياري جنسون پڻ شامل آهن، مثلاً: مداحون،
مولود، ٽيهه اکريون، ڪافيون وغيره؛ مگر جيئن ته
اهي هن وقت تائين ٻهراڙيءَ ۾ عام مقبول ۽ مشهور
آهن، انهيءَ ڪري انهن کي پڻ ’لوڪ ادب‘ جي دائري ۾
شمار ڪيو ويو آهي. انهيءَ لحاظ سان، هن تجويز هيٺ
گڏ ڪيل ’لوڪ ادب‘ کي بعينه ’فوڪ لور‘
(Folklore)
جي مغربي مفهوم سان تعبير ڪرڻ صحيح نه ٿيندو. اسان
جي ملڪ ۾ شهري زندگي اڃا ايتري وسعت يا خاص نوعيت
اختيار نه ڪئي آهي، جو اها خواص جي زندگي ۽ تمدن
جو، يا ’معياري ادب‘ جو سرچشمو بنجي. سڌي زندگيءَ
جو مرڪزي دائرو اڃا تائين ڳوٺ آهي ۽ انهيءَ ڪري
سنڌي ادب جو وڏو ذخيرو اهو ئي آهي، جو عوام جي
زندگيءَ جو آئينو آهي. انهيءَ ڪري هن مرحلي تي
سنڌي ٻوليءَ جي ’لوڪ ادب‘ ۽ ’معياري ادب‘ جي وچ ۾
حد فاصل قائم ڪري نٿي سگهجي.
ٻيو ته هن تجويز ذريعي ’لوڪ ادب‘ جو سمورو مواد گڏ
نه ٿي سگهيو آهي؛ ان کي سهيڙڻ لاءِ وڏي وقت ۽ ڪافي
ذريعن جي ضرورت آهي. لوڪ ادب جو سڄو ذخيرو سربستو
گڏ ڪرڻ ڄڻ آٿاهه سمنڊ سوجهي مڙني موتين ۽ ماڻڪن کي
ميڙڻ جي برابر ٿيندو، جو ناممڪن آهي. البته جو
ڪجهه گڏ ٿي سگهيو آهي، سو لوڪ ادب جي هر جنس بابت
مثالي مواد آهي. انهيءَ لحاظ سان هن تجويز هيٺ
تاليف ڪيل ڪتاب اميد ته آئينده ڪوششن لاءِ نمايان
نشان ۽ نيڪ فال ثابت ٿيندا.
’لوڪ ادب تجويز‘ جي تحريڪ جيتوڻيڪ بنده جي طرفان
ٿي، مگر ان جي عملي سربراهي توڙي تڪميل ۾ گهڻن ئي
مخلصن جون ڪوششون شامل آهن. اول ته ’سنڌي ادبي
بورڊ‘ جي ميمبرن کي جس جڳائي، جن هن تجويز کي سنه
1956ع ۾ منظور ڪيو. ان بعد گهربل مواد گڏ ڪرڻ، صاف
ڪرڻ، ترتيب ڏيڻ، ابتدائي مُسودا توڙي پريس ڪاپيون
تيار ڪرڻ، ۽ آخر ۾ ڪتابن ڇپائڻ ۾ ڪيترائي ساٿي
ٻانهن ٻيلي ٿيا آهن. هن تجويز کي ڪامياب بنائڻ ۾
تعلقيوار ڪارڪنن، مرڪزي آفيس جي باهمت فردن، سنڌ
جي سڄاڻ سگهڙن، توڙي انهن مڙني دوستن جو حصو آهي،
جن بنده لاءِ سگهڙن کي ڳولي هٿ ڪرڻ ۽ ساڻن ڪچهرين
ڪرڻ ۾ پنهنجي هڙان وڙان مدد ڪئي.
’لوڪ ادب تجويز‘ هيٺ، مشهور سنڌي قصن ۽ عشقيه
داستانن بابت ست ڪتاب مرتب ڪري شايع ڪرڻا آهن، جن
مان هيءُ ستون ڪتاب آهي، جو انهن ٻاهرين قصن سان
تعلق رکي ٿو، جن کي سنڌ جي سگهڙن ۽ شاعرن عام طرح
ڳايو آهي.
مجموعي طور سان هيءُ ’لوڪ ادب‘ سلسلي جو چوٽيهون
ڪتاب آهي. ان جو بنيادي مواد جولاءِ 1958ع تائين
گڏ ٿيو؛ سڄي مواد کي چڪاسي، مختلف روايتن کي ڀيٽي،
ترتيب ڏيئي، ڊسمبر 1960ع ۾ ڪتاب جو مسوده تيار ڪيو
ويو؛ ۽ مئي 1962ع ۾ مسوده جي آخرين تصحيح ڪري پريس
ڪاپي شايع ٿيڻ لاءِ ڏني ويئي.
مرڪزي آفيس جي ٻين ڪارڪنن سان گڏ خاص طرح محترم
ممتاز مرزا ۽ محترم محمد يوسف شيخ هن ڪتاب جي مواد
کي اتاري، يڪجاءِ ڪرڻ، ڀيٽڻ ۽ دوباره صاف ڪري لکڻ
۾ تحسين جوڳو ڪم ڪيو، ۽ محترم شيخ محمد اسمعيل ان
سڄي ڪم جي نگراني ڪئي، ۽ مُسوده تيار ڪرڻ ۾ مدد
ڪئي. ڪتاب جي آخري سٽاء، ترتيب ۽ تاليف لاءِ بنده
خود ذميوار آهي.
سنڌ
يونيورسٽي،
خادم العلم
حيدرآباد سنڌ
ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ
20- مئي 1963ع
مقدمه
سنڌي قصن ۽ داستانن جي سلسلي جو هيءُ آخري ڪتاب
آهي، جنهن ۾ خصوصاً اهي قصا ۽ داستان شامل آهن، جن
جي سٽاء ۾ ٻاهريون ماحول سمايل آهي. اهي صدين کان
وٺي سنڌ ۾ عام مروج ۽ مقبول آهن ۽ انهيءَ لحاظ سان
اهي بالڪل اجنبي يا ٻاهريان نه آهن. انهن مان گهڻا
جيتوڻيڪ سنڌ کان ٻاهر اسريا، مگر انهن جي سنڌي
روايت تي سنڌ جي راوين ۽ شاعرن جي گهڙ- ڀڃ ۽ سنڌي
ٻوليءَ جي بيان جو غلاف چڙهيل آهي. سنڌ جي مورخن،
عالمن، شاعرن، راوين ۽ سگهڙن، گذريل سون سالن جي
وڏي عرصي ۾ انهن کي بيان ڪندي ڳائيندي ’پنهنجو‘
ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن مان اڪثر سنڌي ادب يا لوڪ ادب
جو جز بنجي چڪا آهن. انهن داستانن مان ڪي اهڙا
آهن، جي پوري سٽاء سميت اول سنڌ کان ٻاهر اسريا ۽
مشهور ٿيا ۽ پوءِ سنڌ ۾ رائج ٿيا؛ جيئن ته ’يوسف
زليخا‘ ۽ ’ليليٰ مجنون‘؛ ڪن جون ڪي روايتون سنڌ
کان ٻاهر اسريون ۽ ڪي سنڌ ۾ سرجيون جيئن ته ’شاهه
بهرام‘ ۽ ’سيف الملوڪ‘؛ ڪن جو فقط پس منظر ٻاهريون
آهي پر انهن جي سٽاء ۽ ساخت غالباً سنڌ جي سگهڙن
ذريعي ٿي جيئن ته ’خداد وست‘؛ ۽ ڪن جا ڪي مکيه
ڪردار ٻاهران آيا پر واقعا سنڌ جي سر زمين ۾ ٿيا،
۽ انهيءَ ڪري اهي داستان سنڌ ۾ ئي اسريا ۽ ڳايا
ويا جيئن ته ’مل محمود ۽ مهرنگار‘.
هن جلد ۾ شامل ڏهن قصن ۽ داستانن مان، معنوي لحاظ
سان محض ’قصا‘ فقط ٽي آهن: ’جمجما سلطان‘ جنهن جو
مضمون عبرت ۽ نصيحت آهي؛ ’حضرت سليمان ۽ بيبي
بلقيس‘ جنهن جو مرڪزي مضمون حضرت سليمان جي نبوت ۽
عظمت آهي؛ ۽ ’سڪندر بادشاهه‘، جو يوناني بادشاهه
سڪندراعظم بابت ڳالهين سان وابسته آهي. باقي ست
ئي، مرڪزي نقطه نظر کان، عشق ۽ محبت جا داستان
آهن.
سنڌي ۾ قصن جوڙڻ جو سلسلو:
برعظيم پاڪ-هند جي علاقائي ٻولين ۾، سنڌي ۾ قصه-
گوئي ۽ قصه- خواني جو رواج ڪافي آڳاٽو آهي. هندي ۾
قطبن جڏهن ’پدماوت‘ جوڙيو ته سنڌي ۾ سگهڙن ’دودو
چنيسر‘ ڳائڻ شروع ڪيو. سنڌي ٻوليءَ ۾ بيان جي وسعت
سومرن جي دور کان پيدا ٿي ۽ انهيءَ دور کان وٺي
مقامي واقعن ۽ افسانن جون پچارون شروع ٿيون، جي
سمن جي دور ۾ پيشه ور ڀانن ۽ چارڻن، منگتن ۽
مڱڻهارن جي ذهن ۽ ذوق سببان قصن ۽ داستانن طور
ڳائجڻ لڳيون.
سمن جي دور کان وٺي سنڌ وارن جي فارسيءَ سان
آشنائي شروع ٿي. دهلي جي سلطانن توڙي ملتان ۽
گجرات جي پاڙيسري صوبن جي حڪمرانن سان سنڌ جي سمن
ڄامن جا سياسي تعلقات پيدا ٿيا؛ ملتان ۽ اُچ جي
بزرگن ۽ عالمن سان سنڌ جي بزرگن، عالمن توڙي عوام
جا ناتا وڌيا؛ ۽ سنڌ اندر اهل علم فارسي جي ادبي
شاهڪارن سان روشناس ٿيا. سمن جي دور جي آخر (ڏهين
صدي هجري جي شروع) تائين، نظامي، امير خسرو ۽ جامي
جي شهرت سان گڏ ’ليليٰ مجنون‘، ’سڪندر نامي‘ ۽
’يوسف زليخا‘ جهڙن داستانن جو ذڪر پڻ علمي حلقن ۽
درسگاهن ذريعي سنڌ ۾ رائج ٿيو. ڏهين صدي هجري ۾
ارغونن ۽ ترخانن جي دور (927- 1000هه) ۾ سنڌ اندر
فارسي تعليم جو سلسلو جاري ٿيو، ۽ عربيءَ سان گڏ
فارسي جو علمي ۽ ادبي سرمايو سنڌ جي علمي حلقن جي
رس رهاڻ جو هڪ مکيه باب بنيو. فارسيءَ جي منظوم
قصن سنڌ جي ساعرن کي پڻ فارسي نظم ۾ قصن جوڙڻ تي
آماده ڪيو. ڏهين صدي هجري جي خاتمي کان اڳ، ۽
غالباً مرزا محمد باقي ترخان جي حڪومت جي آخري
سالن ۾، ابوالقاسم سلطان جي هم مجلس ۽ نوازيل شاعر
اِدراڪي بيگلاري سنڌ جي مقامي قصي ’ليلا چنيسر‘ کي
’چنيسرنامي‘ جي عنوان سان فارسيءَ ۾ منظوم ڪيو.
’چنيسر نامو‘ انهن اوائلي مقامي قصن مان آهي، جي
برعظيم ’پاڪ- هند‘ ۾ فارسيءَ ۾ منظوم ڪيا ويا.
سواءِ امير خسرو ۽ ٻين شاعرن جي، جيڪي دهليءَ جي
شاهي درٻار سان وابسته هئا، ڏهين صدي هجري ۽ ان
کان اڳ، ٻين اهڙن صوبائي شاعرن جا نالا ڳوليا
ملندا جن مقامي افسانا فارسيءَ ۾ منظوم ڪيا هجن.
مقامي طور سنڌ ۾ فن قصه- خواني جو ايترو چرچو هو،
جو اڪبر بادشاهه پنهنجي درٻار ۾ مرزا جاني بيگ کان
’مارئي جي قصي‘ بابت پڇيو. البت يارهين صدي هجري ۾
قصن جوڙڻ جو سلسلو سڄي برعظيم جي مختلف صوبن ۾
قدري عام ٿيو ۽ سنڌ جي شاعرن پڻ ان ۾ سبقت ڪئي.
غالباً ’چنيسر نامي‘ کان متاثر ٿي، مير محمد معصوم
ڏهين صدي جي آخر کان يارهين صدي جي شروع واري عرصي
۾ فارسيءَ ۾ افسانا منظوم ڪيا، جن مان هڪ ’سسئي
پنهون‘ (’حسن و ناز‘) بابت هو. اهڙيءَ طرح مير
طاهر محمد نسياني ’ليلان چنيسر‘ نثر ۾ جوڙيو ۽ پڻ
پنهنجي تاريخ ۾ ’بديع الجمال‘ جي قصي جي مقامي
روايت قلمبند ڪئي. ’تاريخ طاهري‘ واري اها روايت
خالص سنڌ جي مقامي روايت آهي، جا ’سيف الملوڪ ۽
بديع الجمال‘ جي عام مشهور قصي کان بالڪل الڳ آهي.
ان مان ظاهر آهي ته سنڌ ۾ اهو قصو تاريخ طاهري جي
تصنيف (1027هه) کان گهڻو گهڻو اڳ رائج هو؛ ايتري
قدر جو سنڌ وارن ان کي پنهنجو بنائي ڇڏيو.
جيئن ته عوامي سنڌي شاعري جو سرمايو سڄو سربستو
لکت ۾ محفوظ نه رهيو آهي، انهيءَ ڪري چئي نٿو
سگهجي ته سنڌ اندر مقامي شاعرن ڪڏهن کان وٺي
انهيءَ قسم جا قصا ۽ داستان سنڌيءَ ۾ منظوم ڪرڻ
شروع ڪيا. البت 12 صدي هجري (18 صدي عيسوي) کان
وٺي قدري اهو سرمايو اسان کي لکت ۾ ملي ٿو، جنهن
مان معلوم ٿئي ٿو ته ’تاريخ طاهري‘ جي تصنيف کان
هڪ سو ورهيه کن پوءِ سنه 1136هه ۾ فاضل شاهه
’ليليٰ مجنون‘ سنڌيءَ ۾ منظوم ڪيو. اهو ميان
نورمحمد ڪلهوڙي جو بالڪل اوائلي دور هو. ان کان
پوءِ ڇَتي کٽيءَ غالباً ميان نور محمد جي دور
حڪومت ۾ ئي ’بانڪو بهرام‘ جوڙيو. ان بعد ميان
نورمحمد جي آخري يا ميان غلام شاهه جي اوائلي دور
۾ شيخ ابراهيم ’لَس‘ واري ’قصو شاهه بهرام گور ۽
حسن بانو جو‘ ۽ ٻيا قصا جوڙيا، ۽ بهار ٻَپڙ ۽ جمال
نالي شاعرن جدا جدا ”سيف الملوڪ“ جو قصو منظوم
ڪيو. انهيءَ ساڳئي عرصي ۾ محمد ملوڪ نالي شاعر
’يوسف زليخا‘ سنه 1189هه ۾ لکيو، ۽ پڻ ٻين شاعرن
’يوسف زليخا‘ توڙي ’جمجما سلطان‘ انهيءَ 12 صدي
واري دور ۾ لکيا. اهي جملي قصا هن سلسلي جا نسبتاً
آڳاٽا آثار آهن، جي اسان تائين لکت ۾ سلامت پهتا
آهن. ان مان ظاهر آهي ته ڪم از ڪم 12 صدي هجري جي
پهرئين اڌ کان وٺي سنڌيءَ ۾ منظوم قصن جي مقبوليت
عام ٿي ۽ اهو سلسلو اڄ تائين جاري رهيو آهي.
تيرهين صدي هجري (19- صدي عيسوي) ۾ سنڌي منظوم قصن
جي عام مقبوليت جا نشان وڌيڪ پڌرا ۽ پيرائتا موجود
آهن. ٽالپورن جي اوائلي دور ۾، خليفي عبدالله
نظاماڻي سنه 1208هه ۾ ’ليليٰ مجنون‘ منظوم ڪيو. ۽
عبدالرحمٰن نالي ڀُڄ (ڪڇ) جي هڪ شاعر ”اربعا ڏينهن
تاريخ 5- جمادي الآخر سنه 1226هه“ تي ’جمجمه جو
قصو‘ جوڙيو. ٽالپورن جي دور جي پڄاڻي وقت پڻ سنڌي
قصن جو ذوق ايتري قدر عام هو، جو سنڌ تي قبضي ڪرڻ
(1843ع) بعد پهرين ڇهن سالن اندر انگريز مصنفن ان
کان متاثر ٿي، سنڌي قصن جي اشاعت ڏانهن توجهه ڪيو.
مثلاً، ڪئپٽن اسٽَيڪ پنهنجي ’سنڌي گرامر‘ ۾، جو
سنه 1849ع ۾ ڇپيو، ’راءِ ڏياچ‘ جي قصي جا بيت مثال
طور قلمبند ڪيا؛ ٽُرمپ سنه 1858ع ۾ فاضل شاهه جو
’ليليٰ مجنون‘ ڇاپايو، ۽ گولڊ سمِڊ سنه 1863ع ۾
’سسئي پنهون‘ جو متن انگريزي ترجمي سميت شايع ڪيو.
ان بعد تعليم کاتي جي توجهه سان سنڌي منظوم قصا
سرڪاري خرچ تي ڇپجڻ لڳا. ساڳئي وقت خانگي طور ڪتب
فروشن پڻ ڇا پخانن جي سهولت سببان انهن قصن جي
اشاعت جو سلسلو شروع ڪيو ۽ 19- صدي جي خاتمي کان
اڳ ڪافي منظوم سنڌي قصا بمبئي، لاهور ۽ ڪراچي مان
ڇپيا، ۽ ان بعد سنڌ جي ڇاپخانن خصوصاً ڪراچي،
شڪارپور، سکر ۽ لاڙڪاڻي مان شايع ٿيا. هن وقت اڪثر
اهي اڳيان ڇاپا ۽ ڪي نيون روايتون، خصوصاً
حيدرآباد جا ڪتب فروش ڇپائي رهيا آهن. هيٺ اسان هر
هڪ قصي جي ٽاڻن اهڃاڻن کي ورجائيندي انهن جي ڪن
آڳاٽن ڇاپن جا حوالا ڏينداسون.
قصن ڳائڻ جو رواج:
لوڪ ادب سلسلي جي ستاويهين ڪتاب ”ڳاهن سان
ڳالهيون“ جي مقدمي ۾ اسان سنڌ ۾ فن قصه- خواني جي
اوسر ۽ ارتقاء تي قدري روشني وڌي آهي، ۽ ان کي ٽن
دورن ۾ ورهايو آهي. هن جلد ۾ شامل قصن جي ڳائجڻ جو
تعلق ٽئين دور سان آهي، جنهن ۾ سنڌي فن قصه- خواني
عروج کي پهتو ۽ سنڌ جا هنرمند ۽ ظريف ڀان ۽ چارڻ،
ڀٽ ۽ مڱڻهار ۽ ٻيا سڄاڻ سگهڙ انهن ڊگهن قصن کي
سازن جي وڄت ۽ ڪافين جي جوڙ سان ڀرين مجلسن ۾ ڳائڻ
لڳا. انهن پيش ور قصه خوانن کان سواءِ، اندازاً
ڪلهوڙن جي دور کان وٺي، سنڌ جي مختلف ڀاڱن ۾ ’بيت
ڏيندڙ‘ سگهڙ ساماڻا، جن وري ”نڙ“ جي لئي تي ’عام
ڊگهن سنڌي بيتن‘ ۾ ڪن قصن کي ڳائڻ جو سلسلو شروع
ڪيو. هن جلد ۾ شامل ڏهن قصن ۽ داستانن مان ڇهه
اهڙا آهن، جن کي هنرمند قصه- خوانن توڙي بيت ڏيندڙ
سگهڙن ڪافي عرصي کان وٺي پئي ڳايو آهي. بانڪي شاهه
بهرام، سيف الملوڪ، خدا دوست، مل محمود ۽ مهرنگار
کي هنرمند قصه- خوانن ڳايو آهي جن مان ’بانڪو شاهه
بهرام‘ سڀ کان زياده مقبول رهيو آهي. ’جمجما
سلطان‘، ’شاهه بهرام‘، سڀ کان زياده مقبول رهيو
آهي. ’جمجما سلطان‘، ’شاهه بهرام‘، ’مجني‘ ۽
’سيفل‘
کي ’بيت ڏيندڙ‘ ملوڪن ’نڙ- بيت‘ جي ڪچهرين ۾ ذوق
شوق سان پئي ڳايو آهي.
هن پوئين دور جي هنرمند قصه- خوانن ’بانڪي شاهه
بهرام‘ جي ٻن روايتن کي ڳايو آهي، جي خصوصاً ٺٽي ۽
حيدرآباد وارن ڀاڱن ۾ عام مروج آهن: هڪ ڇتي کٽيءَ
جو جوڙيل قصو (ص ص 227- 272) جو گهڻي قدر مقبول
رهيو آهي، ۽ ٻيو ’بانڪو بهرام ۽ حسن گل راڻي‘ واري
روايت (ص ص 303- 315) جا خاص طرح ٺٽي ضلعي جي
اترئين اراضي ۾ رائج آهي. اسان سنه 1955ع ۾ نصرپور
جي سگهڙ مڱڻهار علڻ فقير کي ’بانڪي شاهه بهرام‘ جو
قصو ڳائيندي ٻڌو ۽ بروقت ڪي فني ٽاڻا ۽ خاص فقرا
قلمبند ڪيا، انهيءَ لاءِ ته سنڌي فن قصه- خواني جو
عملي خاڪو قدري ذهن نشين ٿي سگهي. هيٺ انهيءَ
ڪچهري جا ڪي خاص اهڃاڻ ڏجن ٿا، انهيءَ لاءِ ته هن
موجوده دور ۾، باوجود ذوق جي ڪمي ۽ عام مجلسن جي
ڍرائي جي، سنڌ جي هن آڳاٽي فن جو قدري اندازو ٿي
سگهي.
’اسين ڪچهريءَ لاءِ ٺهي ويٺاسون ته علڻ فقير (عمر
اٽڪل 58 سال) به دهل ساڻ ڪري اچي سلام واريو. فقير
تڏي تي مجلس کي سامهون ٿي ويٺو. سڀ هڪ ڪَنا ٿيا ته
علڻ فقير اڪيلي سر دهل جي وڄت تي بانڪي شاهه بهرام
جو قصو کنيو. ’آسا‘ جي راڳنيءَ سان شروعات ڪيائين،
۽ مجلس کي مچائڻ لاءِ اول ڪافي چيائين. ڪافي پوري
ٿيڻ تي، قصو ساراهه سان هن طرح شروع ڪيائين ته:
”اي سائين! حڪم الله جو، حڪم الله جي رسول جو دائم
قائم:
دنيا جون ڳالهيون، دنيا جا طبقا.....“
ان بعد ’اي صاحب!‘ جي سڏ سان قصي جو پير کنيائين،
۽ ڳالهه جي هر نئين موقعي ۽ واقعي جو بيان حاضرينن
کي ”اي صاحب!“ يا ”اي سائين!“ جي خطاب سان ٿي
ڪيائين. پنهنجي بيان ۾ ماضي جو ڪو به جملو ڪو نه
ٿي آندائين ۽ ڳالهه جا سڀ واقعا مضارع يا حال ۾
بيان پئي ڪيائين، ڄڻ ته هر واقعو هوبهو هن وقت ٿئي
پيو. موثر لفظن ۽ آواز جي لهه- چڙهه سان ڪاوڙ،
پريشاني، حيرت، هراس ۽ خوشي جي موقعن کي ڊرامائي
انداز ۾ ٿي ادا ڪيائين. شاهه بهرام جي ساٿين ۽
سولي بخت کي جسون پئي ڏنائين ۽ سندس مخالفن ۽
مقابلي ڪندڙ ديون وغيره کي نهايت ظريفانه انداز ۾
ٿي ٽوڪيائين، جنهن تي ڪچهريءَ ۾ گاهي بگاهي کل جا
ٽاڪوڙا پئجي ٿي ويا ۽ ڳالهه جي ڳورائي ۽ ڊيگهه
محسوس ئي ڪا نه ٿي ٿِي. نثر ۾ ڳالهه جي ٿوري بيان
کان پوءِ ’ڳاهه‘ طور قصي جو بيت ٿي ڳايائين، پر
حاضرينن سان) ڪن خاص فقرن ذريعي ۽ خاص لهجي ۾، ۽
خاص انداز سان ڳالهه جي موقعي جي نزاڪت ڏانهن هن
طرح ڌيان ٿي ڇڪايائين ته:
”اي سهڻا! ڪهڙو لقاء ٿو ٿئي سو ته ٻڌجانء!“
يا
”هرڻ ڏسي، شاهه بهرام ٿو پويانس گهوڙو لائي:
پر ڪيئن ٿو هرڻ پويان گهوڙو لائي، سو ته سڻجو!“
ائين چِتائي، دهل تي خاص ”ڳالهه جي وڄت“ جو تڪڙو
هٿ هڻي ’ڳالهه‘ واري نوع ۾ بيت ٿي ڳايائين، جنهن
سان دهل جي ”ڳاهه واري وڄت“ شامل ٿي رهي. بيت جي
پوري ٿيڻ تي تار چُڪائي، وري ”اي صاحب!“ يا ”اي
سائين!“ جي خطاب سان نثر ۾ ڳالهه جو بيان شروع ٿي
ڪيائين، جنهن ۾ پنهنجي طرفان عجب قسم جا حريفانه ۽
ظريفانه نڪتا ٿي ڳنڍيائين. اهڙن موقعن تي جڏهن
سورهيه شاهه بهرام، ڪو ڪشالو ڪاٽي ڪاميابيءَ سان
پار ٿي پيو ته هيءُ فقرو هڪ خاص انداز ۾ ادا ٿي
ڪيائين ته:
”اي صاحب! ڪِلڪِليو بادليو شهزادو پنهون
ڪان سُجان ٿيو ويٺو آهي!“
يا وري شاهه بهرام کي هن طرح جس ٿي ڏنائين ته:
”هن کي ته شابس هجي، پر هن جي بابي کي به رنگ
هُونِ.“ ڳالهه ڳائيندي هر اڌ ڪلاڪ يا ذرا گهٽ وقفي
بعد ڪافي ٿي چيائين ۽ تار چُڪائي پنجن منٽن کن
لاءِ ساهي ٿي کنيائين، جنهن ۾ ٻڌندڙن کي واه واه
چوڻ، ڳالهه بابت پنهنجن خيالن ظاهر ڪرڻ جو موقعو
ٿي مليو، ۽ انهيءَ ويساهين سببان وري هر ڪنهن جو
اڳتي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ چاهه ٿي وڌيو. علڻ فقير ڪچهري
جو رخ ڏسي وري دهل تي سوار ٿِي ٿي ويٺو ۽ دهل تي
’تياريءَ جي وڄت‘ جو هڪ خاص هٿ ٿي هنيائين، جنهن
تي سڀني جو توجهه ڏانهس ٿي ٿيو. پنهنجي نثر واري
بيان ۾ پڻ هر جملي يا هڪ ٻن جملن بعد دهل تي هڪ
خاص قسم جو هلڪو هٿ ٿي هنيائين ۽ وري ’ڳاهه‘ واري
موقعي تي وڄت جو تڪڙو هٿ هڻي بيت ٿي ڳايائين.
ڳالهه هلندي سندس اڪثر تڪيو ڪلام ته:
”مڙئي گم ٿين، پر اهو گل بَهاريل هجي.“
پنهنجي نثر واري بيان کي چپي چپي تي سهڻن جملن ۽
دلچسپ فقرن سان پئي سينگاريائين، جن مان ڪي ٿورا
فقرا جي اسان ڳالهه هلندي تڪڙو تڪڙو قلمبند ڪيا،
سي هيٺ ڏجن ٿا:
- الاهي اسرار لڳو پيو آهي، رات مان ڏينهن لڳو پيو
آهي.
- جمعي جمعي تي گل اندام پري ديدار ڏيکاريندي هئي.
- اي صاحب! رب راضي ته جڳ راضي.
-چيائين ته: اسان منڊي ماڪوڙي به ڪانه لتاڙي آهي.
- دانهن بنان دوا نه ٿئي.
-فقير چيو، الله سُئو.
- اهي خدا کان مون ويرُون پئي پنيون.
- وٺو ته اِيهـين ڪريون، پوءِ به جاڳي شهباز!
- وٺو ته گڏ هجون، پوءِ قاضي ڄاڻي قيام ڄاڻي!
- جيڪي ٻول ڪن، سي ڏسن.
- ڇا منهنجي ڪاٺي! ڇا منهنجي هاٺي! ڇا تنهنجي
ڪاوڙ!
- جيئري جو جهان، مئي جو مقام.
-جيڪو ويندو چين، سو ايندو ڪين.
-ڪوسو رت هڻندو ڪنهن هاڃي ۾.
-پَريُون ويون پنهنجي نشـي.
-اِلاچي جي وگهار سان، ڦودني جي داڳ سان، ترڪڻو
گِراهه!
-هيڏانهن ڪارو کَهو، هيڏانهن ڀڳو ٽوڙو!
- اي صاحب! ڳالهيون سگهيون ٿين، ڏينهن ميعاد تي
نبرن.
غالباً جون يا جولاءِ جو مهينو هو، ۽ اٽڪل ڏينهن
جا ٻه وڳا هئا جو فقير قصو ڳائڻ شروع ڪيو. هڪ سخت
ڪاڙهو، ٻي هوا بند ۽ هر ڪو پگهر ۾ شل؛ پر فقير
پنهنجي هنر ۽ فن سان ڳالهه جي اها ته لئي بيهاري
جو ٽي- چار ڪلاڪ ڄڻ منٽن ۾ گذري ويا. واه علڻ فقير
واه!- پيريءَ ۾ به پوريون ڪري ڇڏيائين! کيس ڳالهه
ڳائيندو ٻڌي، قدري اندازو ٿيو ته اڄ کان چاليهه-
پنجاهه سال اڳ، جڏهن سنڌ ۾ ڪچهرين جا مانڊاڻ متل
هئا، تڏهن پيشه ور ڀانن ۽ ڀٽن، چارڻن ۽ مڱڻهارن، ۽
ٻين سڄاڻ سگهڙن ڳالهيون ڳائيندي ڪهڙا نه رس لاتا
هوندا!‘
قصن بابت اشارا ۽ اهڃاڻ:
1. جمجما سلطان. هي قصو سنڌ ۾ آڳاٽي وقت کان رائج
آهي. لکيت ۾ منظوم قصو غالباً اول ٻارهين صدي
هجريءَ ۾ ڪنهن بزرگ ’الف اشباع‘ واري قافيي سان
جوڙيو، جنهن جو قلمي نسخو برطانوي متحف (برٽش
ميوزيم) ۾ محفوظ آهي. شاعر قصي جي شروعات ’ساراهه‘
سان هن طرح ڪئي آهي ته:
ساراهجي سو ڌڻي، جو سڀن ساراهه
اپائي ۽ کپائي، لهي سڀن پساء
صفت جي سبحان جي آهين ڌي“ ڌُراء
ڪارساز (ڪمن جو) صانح ارض و سماء
هي قصو غالباً اوائلي جوڙيل آهي. ان بعد ٽالپورن
جي دور ۾، ڀُڄ شهر (ڪڇ) جي شاعر عبدالرحمٰن نالي
’جمجمه سلطان‘ جو قصو ”اربعا ڏينهن تاريخ 5- جمادي
الآخر 1216هه“ تي جوڙي راس ڪيو، جو سنه 1305هه ۾
’مطبع فتح الڪريم‘ بمبئي مان هڪ مجموعي جي صورت ۾
ڇپيو. هيءُ نظم هم قافيي مصراعن وارن ڊگهن بندن ۾
چيل آهي، جن مان هر هڪ بند جو قافيو نرالو آهي،
ٻولي توڙي اسلوب بيان جي لحاظ سان هي منظوم قصو
قابل قدر آهي. شاعر قصي جي شروعات هن طرح ڪئي آهي:
ڪر هو حمد حڪيم کي، سائين ساراهيو
واکاڻيو واحد کي، هيڪاهيڪ ٿيو
نڪو شريڪ تنهن سين آهي ڪو ڀيڙو
نڪو وزير تنهن سين آهي هيڪاندو
وحدهُ لاشريڪ له پاڪ ئي پاڪ ٿيو
نڪين ڄڻي پاڻ سو، نڪين ڪنهن ڄائو
’لم يلد ولم يولد‘ مُنزه مولو
پاڪ پرور پاتشاه سائين سٻاجهو- الخ
ڪيپراٽيءَ جو حضرت عيسيٰ کي جواب:
ناء منهنجو پڌرو جمجمه سلطان
پڻ ’جمجم‘ چون هڏي کي منجهه عربي لسان
پر هڏو مٿي جو، ڪاٻي جي اهڄاڻ
مالڪ هوس مصر جو سڀ ڌرتي جو ديوان
مثل هوس ڌنار جي، ٻڪريون سڀ جهان
چلندا هوا چئين ڪنڊين منهنجا امر فرمان
شام سڄو ئي منهنجي حڪم ۾ حيران
روم، بخارا، بلخ پڻ مڃين منهنجي آڻ- الخ
نوَ سو ڪتن جا هوا جي شڪار ڏونه چڙهن
ڏهه سو باز هوا سونا گهنگهرا جن- الخ
اڳتي شڪار تي وڃڻ ۽ سور جي سامائجڻ جو ذڪر ته:
”جان سمهان تان سور مران، وهان تان واڪا.“ قصي جي
پڄاڻي هن طرح ته:
جڏهن هي قصو ٿئو تمت تماما
تڏ هجرت کي حبيب جي، جو خاصو خليل خدا
هزار پورو ٻه سو سورهن ورهه گذرئا
هو مهينو جمادالآخر جو ليکي شمارا
ڏينهن اربع جو هئو پنجئي تاريخا
ٿئو جمجم سلطان جو تڏهن قصو طيارا
الاهي عبدالرحمٰن کي مرهين تون موليٰ
جو ساڪن شهر ڀڄ ۾ ڪري گذرانا
ساڻ سڀني مومنين، جي ڪلمون چُونِ مُها
قصي جون مٿيون ٻئي روايتون اسان کي هن جلد مرتب
ڪرڻ وقت دستيات ٿي نه سگهيون، مگر انهن کان سواءِ
پڻ سڄيون ساريون ست ٻيون روايتون مليون، جي متن ۾
شامل آهن. اهي ست ئي عوامي شاعرن جون چيل آهن،
جنهن مان سنڌ ۾ هن قصي جي عام مقبوليت جو اندازو
ٿي سگهي ٿو. هن قصي کي خاص طرح ’نڙ- بيت‘ جي
ڪچهرين ۾ بيت ڏيندڙ سگهڙن پئي ڳايو آهي ۽ اڃا
تائين پيا ڳائين. انهن عوامي روايتن کان سواءِ حمل
فقير جو جوڙيل جمجما سلطان ’ڪليات حمل‘ ۾ شايع ٿي
چڪو آهي.
هن موجوده دور جي عوامي شاعرن پڻ بيتن ۾ هي قصو
جوڙيو آهي ۽ قصي جي مقبوليت عام آهي.
’جمجمه‘ عربي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي مٿي جي
کوپڙي، ۽ ’جمجمه سلطان‘ جي فارسي (اضافي ترڪيب) ۾
معنيٰ ٿيندي ’سلطان يا بادشاهه جي کوپڙي.‘ قصي جي
روايت موجب حضرت عيسيٰ اها کوپري ڏٺي جنهن سان
سندس گفتگو ٿي. انهيءَ ڪري هن قصي جو سڌو سنئون
نالو ٿيندو ”قصو جمجمه جو.“ بمبئي مان ڇپيل قصي تي
پڻ اهو ئي عنوان ڏنل آهي. البت سنڌ جي عوام توڙي
سگهڙن وٽ اهو قصو ’جمجما سلطان‘ جي نالي سان
مشهور ٿي ويو آهي ۽ انهي لحاظ سان متن ۾ پڻ انهيءَ
عام مقبول عنوان سان رکيو ويو آهي.
2. يوسف زليخا: قرآن شريف (سوره ’يوسف‘) ۾ حضرت
يوسف جي ذڪر ۾ هن قصي جو پس منظر جامع لفظن ۾ بيان
ٿيل آهي، ۽ انهيءَ ڪري هيءُ قصو اسلامي دنيا ۾
ڪافي مقبول رهيو آهي؛ خصوصاً اوائلي فارسي شاعري ۾
فردوسي جي منظوم ’يوسف زليخا‘، شيخ عبدالله انصاري
جي نثر ۾ جوڙيل قصي، ۽ آخر ۾ ’جامي‘ جي منظوم
شاهڪار ذريعي هي قصو افساني طور ملڪان ملڪ مشهور
ٿيو. سنڌي ۾ هي قصو اول قرآن شريف جي مثالي روايت
جي ترجمي سان عام مروج ٿيو. محمد ملوڪ (وفات
1180هه) پهريون معلوم مصنف آهي، جنهن قرآن شريف جي
مثالي روايت جي ترجمي سان هي قصو سنڌي ۾ جوڙيو، جو
ناقص صورت ۾ ”انڊيا آفيس لئبرري“ (لنڊن) ۾ موجود
آهي. غالباً ان بعد، احمد نالي ساعر پڻ ان ساڳئي
مثالي روايت جي بنياد تي ’الف اشباع‘ واري قافيي
سان ’يوسف زليخا‘ منظوم ڪيو:
الاهي احمد چئي، آهيان عاصي اپارا
ڏڏ ڏهاري نڪڻين، عاجز اسارا
انهيءَ ساڳئي عرصي ۾ ٻئي هڪ شاعر جو جوڙيل ’يوسف
زليخا‘ پڻ احمد واري جوڙيل قصي سان گڏ ”انڊيا آفيس
لئبرري“ ۾ محفوظ آهي. اهو ٻيو قصو ساراهه سان هن
طرح شروع ٿئي ٿو:
شروع ڪريان ٿو قصي کي سان نالي ذات خدا
جو سائين سٻاجهو سڀين پَريـين، سميع سلطانا
۽ هيٺين مصراعن تي ختم ٿئي ٿو:
اذن آگا تون ڪريـين رُشد رحمانا!
ته ڪهان ڪلمون حضرت نبي ڪريم تي سچي شوق منجها.
’يوسف زليخا‘ جون اهي روايتون، هن جلد مرتب ڪرڻ
وقت دستياب نه ٿي سگهيون؛ پر انهن آڳاٽين روايتن
مان ظاهر آهي ته سنڌي ۾ هي قصو ڪم از ڪم 12- صدي
هجري کان وٺي لکيت ۾ رائج ٿيو.
|