سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: مشهور سنڌي قصا

باب:

صفحو:17 

روايت (1)*

راوي روايت ڪري ٿو، ته ”ارمن“ نالي ملڪ جو بادشاهه عدل ۽ سخاوت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. ان کي هڪڙي ڌيءَ هئي، جنهن جي سونهن اڳيان پريون.. حيران هيون. هوءَ جهڙي هئي صورت ۾ ملوڪ، تهڙي عقل ۾ اڳري. سندس اصل نالو ”سميران“ هو، پر ”مهين بايو“ چوندا هئس، جو ادب ۽ هنر ۾ هوشيار هئي؛ ۽ ”شيرين“ جي نالي سان ان ڪري مشهور هئي جو سندس گفار سٺي ۽ دل وڻندڙ هئي. هوءَ پنهنجي پيءُ ”ارمن بادشاهه“ جي مرڻ کان پوءِ سخت تي ويٺي. انهيءَ زماني ۾ ايران جو بادشاهه ”خسرو پرويز“ هو، جو پڻ عدل انصاف، علم ۽ هنر ۾ يگانو هو. سندس صورت ۽ سيرت جي هاڪ مُلڪان مُلڪ هئي. هڪڙي ڏينهن خسرو بادشاهه ڪچهريءَ ۾ ويٺو هو، ته چوبدار اچي عرض ڪيو: جيئندا قبلا! ٻاهر هڪڙو سوداگر سائين جن جي ملاقات لاءِ منتظر بيٺو آهي. بادشاهه عرض ٻڌي، هن کي اندر درٻار ۾ آڻڻ جو حڪم ڏنو. سوداگر شاهي آداب بجا آندا. بادشاهه هن کي ڪرسيءَ تي ويهڻ جو اشارو ڪيو. پوءِ سوداگر سوکڙيون ۽ سوغاتون تخت جي اڳيان رکيون؛ انهن سوکڙين ۾ هڪ تصوير به هئي. جا بادشاهه کڻي ڏٺي، ۽ يڪدم مٿس موهت ٿي پيو. سوداگر کان پڇيائين ته: دوست هيءَ تصوير ڪهڙي دل آرام جي آهي؟ تڏهن سوداگر عرض ڪيو ته: هيءَ شهزادي شيرين جي تصوير آهي، جا ارمن ملڪ جي راڻي آهي. خسرو بادشاهه کي ته شيرين جي تصوير ڏسڻ سان ئي عشق جو تير لڳي ويو هو، سو بيقرار ئي هاءِ هاءِ ڪرڻ لڳو. کائڻ پيئڻ وِهه ئي آيس. آخر پنهنجي وزير ’شاپور‘ کي گهرائي، ان کي چيائين ته: ڪنهن به حيلي شهزادي شيرين کي منهنجي شاديءَ جو پيغام ڏي وزير کي پنهنجي بادشاهه جي حالت ڏسي ڏاڍو ارمان ٿيو، سو انهيءَ مهل ئي هن کان اجازت وٺي سوداگر جو لباس ڍڪي خسرو جي تصوير کڻي شيرين جي شهر ڏانهن روانو ٿيو.

هلندي هلندي ڪن ڏينهن پڄاڻا، نيٺ شاپور وزير، شيرين جي شهر ارمن ۾ آيو ۽ ڏس پتو وٺي هن جي محلات ۾ آيو. شهزاديءَ جي ٻانهيءَ هن کان پڇيو ته: تون ڪير آهين، ۽ هتي ڪهڙي ڪم سان آيو آهين؟ تڏهن وزير جواب ڏنو ته: منهنجو نالو شاپور سوداگر آهي، وطن ايران اٿم...... گهڻن ملڪن جا سير ڪندو، اوهان جي شهزاديءَ جي هاڪ ٻڌندو، ان جي ديدار لاءِ ڪَهي آيو آهيان. اهو ٻڌي ٻانهيءَ چيس ته: چڱو، هينئر مهمانسراءِ ۾ وڃي آرام ڪر، سڀاڻي اچي حاضر ٿجئين ته توکي شهزادي شيرين سان ملائجي. شاپور اهو ٻڌي تمام خوش ٿيو، ۽ اچي مهمانسراءِ ۾ آرامي ٿيو. ٻئي ڏينهن انجام موجب شهزاديءَ جي محلات وٽ آيو. ٻانهيءَ هن کي ڏسي شهزاديءَ کي عرض ڪيو ته: هڪڙو سوداگر اوهان جي هاڪ ٻڌي ڏورانهين ڏيهه کان ڪَهي ديدار لاءِ هتي آيو آهي. شهزاديءَ حڪم ڏنو ته: هن کي حاضر ڪيو وڃي. پوءِ هن اندر اچي شاهاڻا آداب بجا آندا. شهزاديءَ پردي اندران هن کي ڪرسيءَ تي ويهڻ جو اشارو ڪيو پوءِ شاپور ڪي سوکڙيون هن جي اڳيان نذراني طور رکيون، پر خسرو جي تصوير، جا پاڻ سان گڏ آندي هئائين، سا اهڙيءَ طرح اٽڪل سان شهزاديءَ جي اڳيان ڪڍي، وري پاڻ وٽ رکيائين؛ جو شهزاديءَ ان جي جهلڪ ڏسي ورتي. تڏهن هن پڇيس ته: اي سوداگر اها ڪهڙي چيز آهي، جا پاڻ وٽ واپس پيو رکين؟ سوداگر ادب سان جواب ڏنو: شهزادي! اها هڪ عجيب سوغات ۽ پرائي امانت آهي. شهزاديءَ ان امانت جي ڏسڻ جي شوق کان هٿ ڊگهيريو. وزير به اها تصوير ڪڍي کڻي شهزاديءَ کي ڏني، جا تصوير ۾ هڪ سهڻي جوان کي ڏسي حيران ٿي ويئي، ۽ پڇيائينس: اي سوداگر! تصوير وارو هيءُ بهادر ڪير آهي؟ هن ٻڌايس ته: هيءَ تصوير ايران جي بادشاهه خسرو پرويز جي آهي، جنهن جا ڪئين ڏيهه ڏني آهن. شهزاديءَ شيرين کي خسرو جي تصوير ڏسندي ئي عشق جي نينهن گهمائي ڇڏيو. هوءَ بيقرار ٿي سوداگر گار خسرو جو وڌيڪ احوال پڇڻ لڳي. جڏهن شاپور وزير ڏٺو نه شهزادي شيرين به بادشاهه خسرو جي عشق ۾ گرفتار ٿي وئي آهي، تڏهن پاڻ ظاهر ڪري سمورو احوال ڏنائين، ۽ خسرو جي بيقراريءَ جو به حال ٻڌايائين. شهزادي شيرين هيڪاري بيقرار ٿي شاپور وزير کي چيو ته:

وڃايو حال هن تصوير هئي مي،

وڌائين عشق جو زنجير هئي هڻي،

سگهو شاپور! خسرو سان ملائج،

نه ڪر بيقائدو دلگر هئي هئي.

ائين چئي، ساٿين ۽ سهيلين کي شاپور وزير سن گڏجي، سخرو پرويز وٽ هلڻ لاءِ تيار ڪيائين.

هوڏانهن بادشاهه خسرو پرويز به شهزادي شيرين جي يادگيري ۽ فراق ۾ رات ڏينهن بيقرار رهڻ لڳو. هڪڙي ڏينهن صبح جو قاصد اچي خبر ڏنيس ته شاپور وزير، شهزادي شيرين سميت اچي شهر جي ٻاهران منزل ڪئي آهي. بادشاهه اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ ڏاڍي ڌام ڌوم سان هنن کي شهر ۾ آندائين. ٻئي عاشق معشوق هڪٻئي سان ملي تمام خوش ٿيا. بادشاهه پنهنجي وزير شاپور کي انعام اڪرام ڏيئي خوش ڪيو. آخر هنن جي شاديءَ جو سانباهو ٿيڻ لڳو. سڄي بادشاهيءَ ۾ ناچ گانا ۽ تماشا ٿيڻ لڳا. اهڙيءَ طرح گهڻي خوشيءَ مان خسرو بادشاهه جي شهزاديءَ سان شادي ٿي گذري ۽ پوءِ ٻئي ڄڻا خوش گذارڻ لاڳا.

ايران کان ڇهه ميل پري، ”ڪوڪن“ جبل تي شهزاديءَ شيرين جو مال چرندو هو. اتان ڏهاڙي شيرين جي لاءِ مينهن جو کير ڏُڀجي ايندو هو. جبل جو رستو تمام اڻانگو هو، تنهنڪري کير ڪڏهن به مهل سِر نه پهچندو هو. انهيءَ تڪليف ڪري بادشاهه کي چيائين ته: هن محلات کان ڪوڪن جبل تائين هڪ سرنگهه کوٽائي وڃي، جتان منهنجي لاءِ سهوليت سان کير اچي سگهندو. بادشاهه ان جي تعميل لاءِ شاپور وزير کي چيو، جنهن ”فرهاد“ نالي سنگتراش کي بادشاهه جي اڳيان آڻي عرض ڪيو ته: جيئندا قبلا! هي ماڻهو ان قسم جو ڪم ڪري سگهندو. بادشاهه هن کي پنهنجي محلات کان ڪوڪن جبل تائين تمام جلد چشمي تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو. فرهاد جلد ئي ان ڪم کي لڳي ويو ۽ ڪن ڏينهن پڄاڻا ڪم راس ڪري جڏهن انعام اڪرام وٺڻ لاءِ محلات ۾ آيو، تڏهن اوچتو شيرين جي منهن تان پردو پاسي ٿي ويو. هو ان جي سهڻي صورت ڏسڻ سان مٿس موهت ٿي پيو. بادشاهه ۽ شيرين تيار ٿيل چشمو ڏسي، فرهاد جي ڪم کان گهڻو خوش ٿيا. پوءِ شيرين شاپور وزير کي چيو ته: فرهاد کي سندس ڪم جو دل گهريو انعام ڏيئي روانو ڪر. تڏهن فرهاد چيو ته: شهزادي! مونکي انعام ۾ ٻيو ڪجهه به نه گهرجي، فقط پنهنجي منهن تان نقاب لاهي، سهڻيءَ صورت جو ديدار ڪراءِ. هن جي واتان اهڙي گُهر ٻڌي شيرين ڪاوڙجي کيس محلات مان تڙائي ڪڍي ڇڏيو.

شيرين جي عشق جو ماريل فرهاد، هن جي فراق ۾ حال کان بيحال ٿي شهر گهمندو رهيو. رات ڏينهن شيرين جو نالو زبان تي هئس. فرهاد جي عشق جي خبر نيٺ وڃي بادشاهه تائين پهتي. جنهن هن کي پنهنجيءَ درٻار ۾ گهرايو. فرهاد درٻار ۾ پهچي بادشاهه کان پڇيو ته: سائين، اوهان ياد ڪيو اٿم يا شيرين؟ اهڙيءَ گستاخيءَ تان بادشاهه ڏاڍو ڪاوڙيو. تڏهن فرهاد چيو ته:

ڪين ڊيڄار مونکي تون شاها!

سگهو مار هن جنجل کان شاها!

بادشاهه هن جو اهو حال ڏسي ڏاڍو حيران ٿيو، ۽ سڀني وزيرن ۽ اميرن کان صلاح پڇيائين. تڏهن انهن مان هڪڙي چيو ته: جهان پناهه! عاشق سچار کي مارڻ لائق ته آهي، مگر هڪڙي صلاح آهي ته ’بي ستون جبل‘ تي مسافرن کي ڏاڍي تڪليف ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته اتان لنگهڻ لاءِ ڪوبه رستو ٺهيل نه آهي. تنهنڪري هاڻي هن کي حڪم ڏيو ته جيڪڏهن تون جبل ٽڪـي رستو ٺاهي ڏين ته پوءِ اسين شيرين توکي بيشڪ ڏينداسين. اها ڳالهه بادشاهه ۽ ٻين کي پسند آئي، پوءِ هن فرهاد کي اها ڳالهه ٻڌائي. تڏهن فرهاد خوش ٿي بادشاهه کي چيو ته: جنهن مالڪ مهربان خاڪ کي هيتري طاقت ڏني آهي، ان جي مهربانيءَ سان اهو مشڪل ڪم ضرور پورو ڪندس. ائين چئي، جبل جو گس ورتائين.

قصو ڪوتاهه، فرماد عشق جي جذبي ۾ وڃي جبل ٽاڪڻ لڳو. هن ويچاري عاشق وٽ، سواءِ هڪڙي تيشـي جي ٻيو ڪو اوزار ڪو نه هو؛ فقط پٿر جو هڪڙو تيشو هو، جنهن سان جبل ٽُڪيندي باقي وڃي به چار پٿر ڇڏيائين. انهن جي ٽُڪجڻ کان پوءِ رستو ٺهي وڃي ها ۽ بادشاهه کي انجام موجب شيرين جي ٻانهن فرهاد کي ڏيڻي پوي ها. اتي بادشاهه ڏاڍو دلگير ٿيو ته هاڻي شايد لڄ هٿن مان وڃي. ان وقت هڪڙي مڪار ۽ ظالم، بادشاهه کي صلاح ڏني ته: اي جهان پناهه! هاڻي هيئن ڪرڻ کپي، جو هڪڙي زال ڪارو لباس ڪري فرهاد جي اڳيان وڃي، ۽ اتي مٿي ۾ مٽي سهي چوي ته ’هاءِ! شيرين هن جهان مان وفات ڪري وئي آهي‘ پوءِ اها دانهن ٻڌي، فرهاد يڪدم پاڻ کي ماري ڇڏيندو. هن ظالم جي صلاح سڀني کي پسند آئي.

پوءِ بادشاهه هڪڙيءَ زال کي ماتمي لباس ڍڪائي، فرهاد ڏي موڪليو. هن ويئي جبل ٽاڪيو ته اتي اچي مٿي ۾ ڌوڙ وجهي چوڻ لڳي:

فلڪ تو ڇو ڪئي اڄ بيوفائي،

ڪئي خسرو کان شيرين اڄ جدائي،

ڇڏي دنيا وئين دلدار هئي هئي!

بنا تو ٿيو جيئن دشوار هئي هئي!

اهو آواز ٻڌا فرهاد ان زال کان پڇيو ته: اي عورت تون ڪير آهين، توسان ڪهڙو ظلم ٿيو آهي، جو اهڙا دردناڪ آواز ٿي ڪرين ۽ تو هي ماتمي ڪپڙا ڇو ڍڪيا آهن؟ هن عورت تمام ڏکاري نموني ۾ وراڻي ڏني: اي فرهاد! توکي خبر نه آهي ته شهزادي شيرين هن دنيا مان رضا ڪئي آهي. سڄي ملڪ ۾ ماتم مچي ويو آهي، صد حيف آهي توکي، جو عاشق ئي ڪري ان واقعي جي خبر نه رکي اٿئي! ائين چئي ڍونگ ڪري زمين تي ڪِري پئي. اها خبر ٻڌڻ شرط فرهاد آهون زاريون ڪري روئڻ لڳو. آخر تيشو، جو هٿ ۾ هئس، سو پاڻ کي هڻي ماري وڌائين. شيرين جڏهن اها ڳالهه ٻڌي تڏهن هار سينگار ڦٽا ڪري، ٻه ٻانهيون پاڻ سان وٺي انهيءَ جميل تي آئي، جتي فرهاد جو لاش پيو هو. شيرين پنهنجي سچي عاشق فرهاد جي قرباني ڏسي آهون ۽ دانهون ڪرڻ لڳي. تڏهن ٻانهيءَ عرض ڪيو ته: سائڻ! هن جهان مان آخر سڀني کي هلڻو آهي. تنهنڪري فرهاد جي مرڻ تي ايترو غم ته ڪر، ۽ صبر شڪر ڪري هلي محلات ۾ ويهه. اهڙيءَ طرح شيرين کي سندس سهيلين گهڻو ئي سمجهايو، پر محب جو لاش هنج ۾ کڻي، اهڙي درد مان دانهن ڪيائين، جو پساهه پورا ٿي ويس، ۽ وڃي پنهنجي عاشق سان ملي.

خسرو بادشاهه کي جڏهن ان واقعي جي خبر پيئي، تڏهن ڏاڍو حيران ٿيو. پوءِ ٻنهي جا لاشا شاهي قبرستان ۾ گڏ دفن ڪرائي ڇڏيائين.

 

روايت (2) *

 

ڪنهن زماني ۾، ايران جي هڪڙي بادشاهه کي ”شيرين“ نالي تمام سهڻي شهزادي هئي. سندس سونهن سوڀيا جي هاڪ مُلڪان مُلڪ هئي. شهزادي جنهن محلات ۾ رهندي هئي، اُتي نر پکيءَ کي به مجال نه هئي جو رڳو محلات جي مٿان اُڏامي سگهي. ساڳئي ملڪ ۾ ”فرهاد“ نالي هڪڙو شخص رهندو هو، جو سنگتراشيءَ ۽ عمارت سازيءَ جي ڪم ۾ نهايت ماهر هو. ڪاريگريءَ ۾ سندس ثاني ان ملڪ ۾ ڪونه هو. هڪ دفعي، بادشاهه کي پنهنجي محلات جي مرمت ڪرائڻي هئي، ان ڪري وزير کي ڪنهن سٺي ڪاريگر آڻڻ جو حڪم ڏنائين. وزير کي ته سڄي ملڪ ۾ سُجهندو ئي فرهاد هو، تنهن هن کي وٺي آڻي بادشاهه جي اڳيان حاضر ڪيو. بادشاهه فرهاد جي ڪاريگريءَ جي تعريف ٻڌي تمام خوش ٿيو، ۽ هن کي محلات جي مرمت جو حڪم ڏنائين.

فرهاد تمام هوشياريءَ سان پنهنجو ٻيو سڀ ڪم پورو ڪيو، باقي محلات کي رنگ روپ ڪرڻو هو. هڪڙي ڏينهن فرهاد محلات جي هڪ ڪمري ۾ ديوار تي چٽ گل پئي ڪڍيا، ته شهزادي شيرين به وهنجي سهنجي اتفاق سان اچي انهيءَ ڪمري جي ڀر ۾، پيل هند وري ۾ ويهي لڏڻ لڳي، فرهاد جو سامهون ويٺو هو، تنهن جي نظر وڃي شهزاديءَ تي پيئي. هن اڄ تائين شيرين جي سونهن جي فقط هاڪ ٻڌي هئي، سو پنهنجي اکين سان هن کي ڏسندي ئي مٿس عاشق ئي پيو. دل تي عشق جو اهڙو اثر ٿيس، جو ديوار تي چٽن گلن بدران ”شيرين“ جي نالي جي ويهي مشق پچائڻ لڳو. اوچتو شيرين جي نگاهه وڃي ديوار تي پيئي. هن ڇرڪ ڀري سامهون نهاريو، ۽ ديوار تي پنهنجو نالو فرهاد هٿان لکيل ڏسي، حيران ٿي ويئي. ڪجهه دير کان پوءِ انهيءَ خيال سان ته منهنجو نالو ديوار تي ڇو لکيو ويو آهي. پوءِ هوءَ اتان هندوري مان اٿي، انهيءَ ڪمري ۾ ويئي. هن اها خبر ڪنهن به بني بشر سان ڪانه ڪئي.

فرهاد، شيرين جي سهڻي صورت ڏسڻ کان پوءِ، هوش حواس وڃائي، ديوار تي شيرين جو نالو لکي، ويندو رهيو. کائڻ پيئڻ وِهه ٿي آيس. رات ڏينهن شيرين جي فراق ۾ روئندو رهيو. آخر جڏهن شهر ۾ سک نه آيس، تڏهن گهر ٻار ڇڏي، شهر جي ٻاهران جهنگ ۾، هڪڙي وڻ هيٺ ويهي رهيو. جڏهنن ڳچ ڏينهن گذري ويا، ۽ بادشاهه ڏٺو ته فرهاد پنهنجو انعام وٺڻ نه آيو آهي، تڏهن هن وزير کي حڪم ڪيو ته فرهاد کي مون وٽ پيش ڪر، جيئن هو پنهنجو انعام وٺي وڃي. وزير، فرهاد جي ڏاڍي ڳولا ڪئي، پر هو هٿ نه آيو. آخر ڪنهن ماڻهوءَ جي ڏَس تي، جهنگ مان ڳولي ڦولي، آڻي بادشاهه جي اڳيان حاضر ڪيائونس.

بادشاهه، وزير، توڙي ٻيا ماڻهو فرهاد جي ابتر حالت ڏسي حيران ٿي ويا، ته هن کي ڇا ٿيو جوڳري بنهه ڪنڊا ئي ويو آهي. ڀلا، هنن کي ڪهڙي ڪل، ته هيءُ ڪو عشق جو گهايل آهي! نيٺ بادشاهه، فرهاد جي ڪم ۽ ڪاريگريءَ جي تعريف ڪري، کيس چيو ته: انعام ۾ گهُر جيڪي گهرڻو ائيئي! تڏهن فرهاد خيال ڪيو ته شيرين کان سواءِ هن دنيا ۾ رهڻ اجايو آهي، پوءِ ڇو نه بادشاهه کان سڱ جي گهر ڪريان؛ پوءِ جي مارائي ڇڏيائين ته پاڻ چڱو. اهو خيال ڪري هٿ ٻڌي، بادشاهه کي عرض ڪيائين: جيئندا قبلا! اوهان جي مهربانيءَ سان مال ملڪيت جي ڪمي ڪاته اٿم، باقي جي انعام ڏيڻو اَٿو، ته مونکي شيرين جي ٻانهن کڻي ڏيو؛ جنهن کي هڪ ڀيرو ڏسڻ سان هيءُ حال ٿيو اٿم. بادشاهه هن جي واتان اها ڳالهه ٻڌي، ڪاوڙ ۾ باهه ٿي ويو. هيڪر خيال آيس ته فرهاد کي مارائي ڇڏيان، پر پوءِ خواريءَ جي ڊپ کان ته متان ماڻهو مونکي ظالم سڏين، تنهنڪري پنهنجي وزير سان صلاح ڪيائين. وزير، بادشاهه کي صلاح ڏني ته: جيئندا قبلا! فرهاد جي گهُر تمام ناجائز آهي، ان ڪري اهڙي ڪا اٽڪل ڪجي، جيئن نانگ به مري ۽ لٺ به نه ڀڄي. هاڻي هيءَ اٽڪل آهي ته فرهاد کي شرط ڏجي ته هن ملڪ جي چوڌاري جيڪو جبل آهي، ان کي ٽُڪي، وچان اهڙو رستو ٺاهي، جو، جيڪو قافلو ڇهين مهيني پهچندو آهي، سو انهيءَ رستي تان هڪ هفتي ۾ پهچي وڃي، ته پوءِ کيس شيرين جو سڱ ڏيون. انهيءَ طرح فرهاد کان نڪي رستو ٺهندو، ۽ نه وري شهزاديءَ جو سڱ ئي ڏيڻو پوندو، يا ته وري فرهاد نااميد ٿي پاڻ کي ماري ڇڏيندو.

وزير جي اها صلاح بادشاهه کي ڏاڍي پسند آئي. نيٺ فرهاد کي چيائون ته: اسين توکي شيرين جو سڱ هن شرط تي ڏينداسون، ته فلاڻو جبل ٽُڪي، ان مان قافلي جي لنگهڻ لاءِ ڪشادو رستو تيار ڪري ڏي. فرهاد شرط قبول ڪري، اتان سڌو لوهار وٽ آيو، ۽ چيائينس ته: مونکي جبل ٽڪڻ لاءِ سٺي لوهه مان اوزار ٺاهي ڏي. لوهار هن کي ٻئي ڏينهن تي اوزار ٺاهي ڏيڻ جو واعدو ڪيو. ڪن ماڻهن اها ڳالهه وڃي وزير سان ڪئي، سو ڀڄندو انهيءَ لوهار وٽ آيو ۽ کيس چيائين ته: فرهاد کي اهڙي خراب لوهه مان تيشي ٺاهي ڏجئين، جيئن هو جبل ٽڪي نه سگهي، جي تکو اوزار ٺاهي ڏينديس ته جڻ ٻچو پيڙائي ڇڏيندوسانءِ. ٻئي ڏينهن فرهاد لوهار وٽ آيو، جنهن وزير جي حڪم موجب کيس ٺهيل تيشي ڏني، جا کڻي هن سڌو جبل ڏانهن رخ رکيو. اڃان اڳڀرو هليو ته خيال آيس ته ’جبل ڪٿان ٽڪيان؟ جي پنهنجي مرضيءَ سان ٽڪيندس ته متان بادشاهه چوي ته مون توکي انهيءَ هنڌان رستي ٺاهڻ لاءِ ڪونه چيو هو. تنهنڪري ڇو نه بادشاهه کان پڇي، پوءِ وڃي رستو ٺاهيان،‘ اِهو خيال ڪري سڌو بادشاهه وٽ آيو ۽ هٿ ٻڌي چيائين ته: سائين! ٻڌايو ته رستو ڪهڙي هنڌان ٺاهيان؟ بادشاهه ته اڳيئي هن مان بيزار هو، تنهن هٿ سان اشارو ڪري، چيس ته: هِن هنڌان وڃي رستو ٺاهه.

فرهاد محبوب سان ملڻ جي شوق ۾ کڻي جبل ڏانهن رخ رکيو، ۽ اتي پهچڻ شرط بسم الله ڪري، انهيءَ تيشي سان بيهي جبل ٽڪڻ لڳو. خدا جي قدرت جو هن جي ڌڪن سان جبل مان اهڙيون ڇپون ڪرڻ لڳيون، جي هوند هزار ڌڪن سان به نه ڪِرن. اهڙيءَ طرح هو ويو جبل مان رستو ٺاهيندو. نيٺ اها ڳالهه وڃي شيرين جي ڪن تي پيئي، سا حيران ٿي ويئي ۽ محلات تان چڙهي فرهاد کي ڏسڻ لڳي. آخر هن جو سچو عشق ڏسي، شيرين جي دل ۾ به فرهاد جي محبت گهر ڪري ويئي. هو به توڪل جو ترهو ٻڌي، جبل ٽڪيندو رهيو. نه کاڌو نه پيتو، جي ڪنهن وقت اُڃ بک جو خيال ٿيندو هوس، ته شيرين جو نالو ورد ڪندو هو. اها خبر آهستي آهستي سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويئي، ۽ ماڻهو هزارن جي تعداد ۾ کيس ڏسڻ لاءِ ايندا رهيا.

آخر ٻن چئن مهينن بعد فرهاد رستي جو ٽيون حصو ٺاهي ويو. اتي ماڻهن اچي بادشاهه کي ٻڌايو ته: سائين! فرهاد سڄو رستو ٺاهي ويو آهي، باقي ٿورو حصو وڃي بچيو آهي، سو به مهيني کن ۾ ٺاهي ويندو. بادشاهه اها ڳالهه ٻڌي، وزير ڏانهن نهاريو. وزير به حيران ٿي ويو ته ’هاڻي ڇا ٿيندو!‘ آخر وزير گهوڙي تي چڙهي اچي ڏٺو ته برابر! رستو باقي تمام ٿورو وڃي رهيو آهي. وزير سوچيو جيڪڏهن فرهاد جي اها سچائي قائم رهي، ته اجهو ٿو شيرين سان شادي ڪري؛ جنهن جو ساڻس بادشاهه انجام ڪيو آهي. انهيءَ خيال ايندي مٺيون ڀيڙي وٺي پوئتي ڀڳو، ۽ وڃي بادشاهه کي سموري ڳالهه کان آگاهه ڪيائين، ۽ چيائين ته: سائين! هاڻي فرهاد کي مارائڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به چارو ڪونهي. هاڻي اهڙو ڪو ماڻهو موڪلجي، جو هن کي ختم ڪري ڇڏي. بادشاهه جي هائوڪار ڪرڻ تي وزير ڪي ماڻهو مقرر ڪيا، پر انهن جواب ڏنو ته: هن سچي عاشق کي ماري ان جو ناحق خون پنهنجي سر تي ڪين کڻنداسين. انهيءَ ڳالهه کي هفتو گذري ويو، تيسين فرهاد باقي وڃي ٻه ميل کن رستو ڇڏيو. جيئن جيئن هو جبل ٽُڪيندو ويو، تيئن تيئن وزير ۽ بادشاهه پريشان ٿيندا ويا. نيٺ هڪڙي ڏينهن، بادشاهه وزير کي چيو ته: فرهاد ڪنهن به حالت ۾ رستو ٺاهي ويندو، ۽ انجام موجب کيس شيرين ڏيڻي پوندي. تنهنڪري جي ٽن ڏينهن اندر فرهاد کي نٿو مارائين ته توکي مارايو ويندو؛ ڇو ته تنهنجيءَ صلاح سان ئي اهڙو انجام ڪيو ويو هو. هاڻي وزير کي اچي سر سان لڳي، سو ڳڻيون کائيندو پنهنجي محلات ۾ موٽي آيو.

هوڏانهن وري ”شيرين“، جا، ڏينهن ڏينهن پيئي فرهاد جي سڪ ۾ جهڄندي هئي، تنهن هڪ ڏينهن ڪنهن نوڪرياڻيءَ کي جهجهو انعام ڏيئي چيو ته: فرهاد وٽ وڃي، کيس منهنجا سلام ڏي ۽ دلاسو ڏينس ته متان دل هاري اٿئي. همت ڪري جبل ٽُڪي، پنهنجو واعدو پورو ڪر. آءٌ تنهنجي آهيان ۽ تنهنجي ئي رهنديس. نوڪرياڻي رات جو محلات مان نڪري، فرهاد وٽ آئي، ۽ کيس شيرين جا سلام ۽ نياپو ڏنائين. هو ويچارو ته نالو ئي شيرين جو وٺي پيو لڳندو هو، تنهن کي جو شيرين جا سلام مليا، سو بهار بهار ٿي ويو، ڄڻ ته نئين طاقت ملي ويس. هونءَ جو فقط ڏينهن جو ڪم ڪندو هو، سو هاڻي رات ڏينهن ڪري ڪم ڪرڻ لڳو. ٻه چار ڏينهن سانده ڪم ڪيائين ته جبل باقي وڃي ڪو ميل کن بچيو. جيڪي ماڻهو روزانو هن کي ڏسڻ ايندا هئا، تن وري وڃي بادشاهه کي ٻڌايو ته: سائين، جبل باقي وڃي ميل کن بچيو آهي، ۽ فرهاد هاڻي رات جو به پيو ڪم ڪري،- شايد هفتي کن ۾ سڄو رستو تيار ڪري ڇڏي. اتي بادشاهه وري وزير کي گهرائي چيو ته: هاڻي مهلت ختم ٿي، باقي ميل کن رستو آهي، تنهنڪري فرهاد جو جلد خاتمو ٿيڻ گهرجي. وزير عرض ڪيو ته: قبلا! مونکي هڪڙي اٽڪل سُجهي آئي آهي، اُها هيءَ آهي ته ڪنهن ڌوتيءَ جي معرفت فرهاد کي شيرين جي مرڻ جي خبر موڪلجي. آءٌ ڀانيان ٿو ته جنهن وقت فرهاد اها ڳالهه ٻڌندو، تنهن وقت کڻي پساهه ڏيندو. بادشاهه کي اها تجويز وڻي، تنهن وقت کڻي پساهه ڏيندو. بادشاهه کي اها تجويز وڻي، تنهن هڪڙيءَ ڌوتيءَ کي هزار رپيا انعام ڏيئي، فرهاد ڏانهن وڃڻ جو حڪم ڏنو.

شيرين کي جڏهن اها خبر پئي ته بادشاهه منهنجي مرڻ جي ڪوڙي خبر فرهاد ڏانهن ٿو موڪلي، تڏهن پاڻ انهيءَ ڌوتيءَ کي گهرائي، تمام گهڻو انعام ڏيئي چيائينس ته: مائي، فرهاد بيگناهه به آهي، ۽ ويچارو سچو عاشق آهي، تنهنڪري تون هن کي بادشاهه وارو نياپو نه ڏجئين. پر ڌوتيءَ بادشاهه جي ڊپ کان انڪار ڪيو ۽ چيائينس ته: شهزادي جيڪڏهن بادشاهه کي اها خبر پيئي ته هو منهنجو جڻ ٻچو پيڙائي ڇڏيندو. تنهنڪري مون کان اهو ڪم ڪو نه پڄندو. شيرين ويچاريءَ گهڻي ئي منٿون ڪيس، پر ڌوتيءَ ساهه جي ڊپ کان انڪار ڪيو ۽ اها سموري خبر وڃي بادشاهه کي ٻڌايائين. ڌوتيءَ جي وڃڻ کان پوءِ شيرين دل ۾ خيال ڪيو ته ’ڇو نه بادشاهه جي نياپي کان اڳ، فرهاد کي ڪنهن طرح انهيءَ ڳالهه کان واقف ڪري ڇڏجي. سو، بادشاهه کي چوائي موڪليائين ته: مونکي هاٿيءَ جي سواريءَ جو ڏاڍو شوق آهي، تنهنڪري اڄ اڌ رات کان پوءِ، شهر ۾ پڙهو گهمارائي ڇڏيو ته ڪو به ماڻهو پنهنجي گهر کان ٻاهر نه نڪري، ۽ ٻاهرين چونڪن تي پهرو بيهاريو وڃي ته جيئن ڪو به ٻاهريون ماڻهو اندر نه اچي. بادشاهه کي اها ڳالهه ته ڏاڍي ڏکي لڳي، پر هو انڪار ڪري نه سگهيو. لاچار ٿي، ڪوٽوال کي حڪم ڏنائين، جنهن پڙهو گهمارائي ۽ چونڪن تي پهرو بيهاري، بادشاهه کي اطلاع ڏنو. قصو ڪوتاهه، اڌ رات جو خاص هاٿي سينگاري، شهزاديءَ لاءِ آندو ويو. هوءَ به پنهنجي هڪڙيءَ سهيليءَ سميت هاٿيءَ تي سوار ٿي، شهر جي سير تي نڪتي. اُبتو سبتو چڪر ڏيئي، شهر کان ٻاهرينءَ چونڪيءَ ڏانهن رخ رکيائين، جيڪا فرهاد واري پاسي هئي. چونڪيءَ کان پرڀرو بيهي، سهيليءَ کي ناڻي جي ڳوٿري ڏيئي، پهريدار ڏانهن روانو ڪيائين، ۽ چيائينس ته: چوڪيدار کي وڃي ٻڌاءِ ته شهزاديءَ کي جهنگل گهمڻ جو شوق ٿيو آهي، تنهنڪري تون هٽي پاسي ٿيءُ. چوڪيدار انعام جي لالچ ۾ شهزاديءَ کي شهر کان ٻاهر وڃڻ جي موڪل ڏني. شهر مان نڪرندي ئي شرين سڌو فرهاد ڏي رخ رکيو. اتي پهچي، ڏٺائين ته فرهاد جبل ٽُڪڻ ۾ مشغول آهي. فرهاد پنهنجي موج ۾ ڪم کي لڳو پيو هو. تنهنڪري شيرين جي اچڻ جي به سڌ ڪا نه پيس. جڏهن شيرين سڏ ڪيس، تڏهن ڪنڌ ورائي هن کان پڇيائين ته: تون ڪير آهين؟ ۽ هن وقت جبل ۾ ڇو آئي آهين؟ تنهن تي شيرين جواب ڏنس ته: آءٌ اهائي شيرين آهيان، جنهن جي لاءِ تون هيڏيون تڪليفون پيو ڪرين. پوءِ ته ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ڪم کي ڇڏي، ويهي ساڻس قرب ونڊڻ لڳو. رهاڻ ڪندي ڪندي، شيرين هن کي دلداري ڏني ته: انجام موجب آءٌ توسان شادي ڪنديس. ڳچ وقت رهاڻ ڪري، پرهه ڦٽيءَ مهل شهزادي هن کان موڪلائي، وري هاٿيءَ تي سوار ٿي اچي محلات ۾ پهتي. ٿوريءَ دير کان پوءِ، شهزاديءَ اوچتو گوڏن تي هٿ هڻي چيو ته: الا! جنهن ڪم لاءِ ويس، اُهو ته مون فرهاد کي ٻڌايو ئي ڪو نه، ته هوشيار ٿج، جو سڀاڻي ڌوتي هيئن اچي چوندي. ائين اونڌو ڪنڌ ڪري، پلنگ تي پئجي رهي.

ٻئي ڏينهن، ڌوتي ڪارا ڪپڙا پائي، ڇَتا ڇوڙي، فرهاد ڏانهن رواني ٿي. جڏهن فرهاد جي ويجهو آئي، تڏهن چوڻ لڳي ته: افسوس! رات شهزادي شيرين مري ويئي، آءٌ اها خبر ٻڌائڻ پئي وڃان. ڌوتيءَ جي واتان اهي لفظ ٻڌي، فرهاد جو ساهه سڪي ويو. آخر هن کي سڏي پڇڻ لڳو. تڏهن هن وراڻيس ته: رات شيرين ويچاريءَ کي الائي ڇا ٿي ويو، جو هوءَ اوچتو مري ويئي. بس، هن اڃا ايترو چيو ئي مس ته فرهاد جو بدن ڍرڪڻ لڳو، ۽ ائين چئي ساهه ڏنائين ته: ”هاءِ! شيرين کان پوءِ جيئڻ ڪهڙو؟“ ڌوتي هن کي مئل ڇڏي، ڊوڙي وڃي بادشاهه کي اطلاع ڏنو. بادشاهه اها ڳالهه ٻڌي، ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ وزير کي چيائين ته: فرهاد به گهڻو ئي ڪم ڪيو هو، باقي ميل کن جبل آهي، اُهو پاڻ ئي کوٽائي رستو ٺهرائي ڇڏينداسون. پر هاڻي هن جي لاش کي سُرهو ڪرڻ گهرجي. سو ڇا ڪيائون جو ڪفن ٺاهي، هڪڙي کٽ کڻي فرهاد جي لاش تي آيا. اها خبر جڏهن شهر ۾ پيئي ته فرهاد مري ويو آهي ۽ بادشاهه خود ان جي دفن ڪفن لاءِ ويو آهي، سو هزارين ماڻهو گڏ ٿي ان طرف روانا ٿيا. آخر فرهاد کي غسل ڏياري، ڪفن ڍڪائي، کٽ تي کني، شهر ڏي موٽيا. اڃا لاش کڻي ٿورو پنڌ ڪيائون ته قدرت سان اهي ڇپون، جي فرهاد کوٽي پاسي ڪري ڇڏيڳن هيون، سي پاڻهي اچي کوٽيل هنڌن تي ڪريون ۽ کوٽيل رستو ڍڪجي ويو. اهو حال ڏسي بادشاهه حيران ٿي ويو ۽ چيائين ته: هي ڇا، جنهن مقصد لاءِ اسان هي ڪم ڪيو، سوبه پورو ڪونه ٿيو!

شرين کي جڏهن فرهاد جي مرڻ جي خبر پيئي، تڏهن محلات جي ڏاڪڻ تي چڙهي، پنهنجي عاشق جو لاش ڏسڻ لڳي. کيس پڪ ئي نه ٿئي ته ڪو فرهاد مري ويو هوندو. هن کي اهائي خاطري هئي ته آءٌ رات وٺانئس ٿي آئي آهيان، فرهاد اهڙو چريو به ڪينهي، جو جهٽ اعتبار ڪري ويهندو، نيٺ ڪجهه وقت بعد، بادشاهه لاش کڻائي، غار کان ٻاهر ئي مس نڪتو، ته جبل جهڙو هو تهڙو ٿي ويو، ۽ کوٽيل رستي جو ڪو به نشان ڏسجڻ ۾ نه آيو. شيرين جڏهن ڏٺو ته فرهاد جو لاش کٽ تي کنيو پيا اچن، تڏهن مٿو ڦري ويس ۽ ڏاڪڻ تان ڌُو اچي هيٺ ڪيائين ۽ اتي جو اتي پساهه پورا ٿي ويس.

بادشاهه اڃا اتي ئي فرهاد کي جبل وٽ دفن ڪرائي واپس موٽيو، ته اطلاع مليس ته ’شيرين مري ويئي.‘ هو اها خبر ٻڌي، چرين وانگر ڊوڙندو محلات ۾ آيو، ۽ شيرين جي لاش جي ڀرسان ويهي چوڻ لڳو ته: شيرين! مونکي اها خبر ڪانه هئي ته تون به فرهاد سان محبت ٿي ڪرين؛ جي اها خبر هجيم ها، ته ائين هرگز نه ڪريان ها. قصو ڪوتاهه، شيرين جي لاش کي به سينگاري ٺاهي، بادشاهي مقام ۾ دفن ڪيائون. ٻئي ڏينهن صبح جو ڏٺائون ته فرهاد جي هڪ قبر بدران ٻه قبرون بيٺيون آهن. ماڻهن وڃي بادشاهه کي ٻڌايو. هو پاڻ اهو لقاءُ ڏسي، شيرين جي قبر ڏسڻ لاءِ مقام ۾ آيو. اُتي شرين جي قبر نه ڏسي حيران ٿي ويو، ۽ پڪ ٿيس ته اها ٻي قبر ضرور شيرين جي هوندي. وري به پڪ ڪرڻ لاءِ قبر کوٽي ڏسن ته شيرين جو لاش آهي ئي ڪونه. ان تي وري فرهاد جي قبر کوٽڻ جو حڪم ٿيو. ڇا ڏسن ته ٻئي عاشق معشوق پاڻ ۾ ڀاڪر پايو ستا پيا آهن. بادشاهه ٻنهي کي جدا ڪرائڻ جي گهڻي ئي ڪوشش ڪئي، مگر وريو ڪي به ڪين. اتي وزير چيس ته: سائين! هنن کي اتي ئي رهڻ ڏيو، هي سچا عاشق آهن، تنهنڪري کين جدا نه ڪيو وڃي. ان تي بادشاهه کي خيال ٿيو ته جي هيءَ قبر قائم هوندي، ته ماڻهو ٻڌائيندا ته هتي فرهاد نالي هڪ رازو ۽ ٻي شيرين نالي شهزادي دفن ٿيل آهن، ته اها منهنجي بيعزتي آهي، انهيءَ ڪري ڇو نه ٻئي لاشا نديءَ ۾ لوڙهائي، قبرون ڊهرائي ڇڏجن. اهو خيال ڪري، ٻئي ڏينهن اهي ٻئي عاشق معشوق، هڪ وڏي پيتيءَ ۾ بند ڪري، نديءَ ۾ لوڙهائي ڇڏيائين. بادشاهه انهيءَ ڪم کان واندو ٿي، اڃا درٻار ۾ اچي ويٺو ئي مس ته هڪڙيءَ ماڻهوءَ اچي اطلاع ڏنو ته: سائين! رات منهنجي زال مونکي ماني ٽڪي کارائي، کٽ تي ستي، صبح جو اٿي ڏسان ته ڌڙ ماڻهن جهڙو ۽ سِسي گڏهه جهڙي ٿي پيئي اٿس. هاڻي ٻڌايو ته آءٌ ڇا ڪريان؟ بادشاهه ۽ وزير اچي ڏسن ته برابر ڌڙ ماڻهوءَ جهڙو ۽ سِسي گڏهه جهڙي. نيٺ سڃاتائون ته اها ساڳي ڌوتي هئي، جنهن فرهاد کي ماريو هو. پوءِ بادشاهه جي حڪم سان اُن ماڻهوءَ پنهنجي زال کي پنهنجي هٿن سان ماري، دفن ڪري ڇڏيو.


*  هيءَ روايت ڇپيل ڪتاپڙي ”شيرين فرهاد“، مطبوع سنڌ پريس شڪارپور، سنه 1934 تان ورتل آهي؛ جو منشي وطڻ مل پٽ منگهارام بديچنداڻي، اصل ويٺل سيوهڻ پوءِ حيدرآباد سنڌ، اردو مان ترجمو ڪيو ۽ ميشرس پوڪرداس ڇپايو. منشي وطڻ مل پنهنجا چيل شعر قصي جي شروع، آخر توڙي وچ ۾ شامل ڪيا آهن، جن مان ڪي مثال خاطر هت شامل ڪيا ويا آهن.

*  هيءَ روايت وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان محمد بچل کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org