سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: مشهور سنڌي قصا

باب:

صفحو:19 

ليليٰ مجنون*

چيل عرض محمد چانڊيو**

 

1-

سارهه ڪريان سبحان جي، جو صاحب رب ستار،

 

جنهن پيدا ڪيو پاڻ ڌڻيءَ، آڙين جو آڌار،

 

واهر وسيلو واهرو، محمد ماهه مدار،

 

لڳا آسري اُن جي، هيڻا لک هزار،

 

چارئي يار رسول جا، سڳورا سردار،

 

حرمت حسن مير حسين جي، مڱي هي منٺار،

 

حضرت پير هلي اچي، ڏاڻ ڏئي ڏاتار،

 

ڪج مدد هن مسڪين جي، سائين لڳ ستار،

 

پائي آيس پانهنجا، تو در عيب هزار،

 

عيبن هاڻو آهيان، ميٽج سي مختار،

 

من ۾ محبت جا رکين، باڪا در بهار،

 

اچي سونهون ٿي سردار، اڻ سونهين جو اڳ ۾.

2-

اڻ سونهين جي اڳ ۾، اچي سونهون شاهه ٿيو،

 

اچي تنهن کي عشق جو، ڪو جو پهه پيو،

 

قصو ’قيس‘ قريب جو، شروع شعر ٿيو،

 

جو مڪي منجهه پيو، ٿو حڪم هلائي پنهنجو.

3-

حڪم هلائي پنهنجو، ڪامل قيس ڪمال،

 

سوين نِسن پيا نَر کون، سورهه صورت سال،

 

سوين بنگلا باغ ۾، خان بنايا خيال،

 

ويهي جت وريام سو ڪري عدل عدال،

 

سوين انصاريءَ جي اڳيان، اچي هيڻا ڪن ٿا حال،

 

ڏئـي عزت عاجزن کي، گهڻو رکي خيال،

 

سوين سورهه کان اچي، مُهرون گهُورن مال،

 

ڪٽڪ تنهن سان ڪيترا، ناهي خرچ خيال،

 

سوين هاٿي در حمير جي، لکين لَڙڪن لعل،

 

ڪيو قرب ڪنگال، هيڻن ڏئـي هٿڙا.

4-

هيڻن ڏيئي هٿڙا، ڪيو قياس ڪبير،

 

شاهه اَڏائِي شهر ۾، مسجد ماهه منير،

 

ملان تنهن مسيت ۾، رکيو طلب پڙهن تفسير،

 

هو پڙهندو شاهه پريت مون، ادب ساڻ اُڪير،

 

هڪ ڏينهن حجري ۾، پڙهي آيت جان اڪسير،

 

”وَنَحن اَقربُ اِلَيهِ“ سرهو ٿيس سرير،

 

عامل پڇي استاد کان، نازڪ هيءَ نذير:

 

’هن آيت جي اڪسير، سگهي ميل مراد مون‘.

5-

تڏهن مرشد ڪيو مريد کي، اهو اشارو:

 

’ملندو توکي مير! ڪو، مطلب موچارو،

 

نازڪ پسندين ننڊ ۾، پنهنجي پسارو،

 

ڏيندو ڏيکارو، نازڪ تولي ننڊ ۾.‘

6-

سڻي خبر خوش ٿيو، سرهو ٿيو سلطان،

 

جانب آيو جاءِ تي، پنهنجي محل مڪان،

 

رکي سُڌ سپاهه جي، جلد گهڻي ڀي جوان،

 

پوءِ مير مسڪينن ڏي مڪا، نام خدا جي نان،

 

ڪَل لهـي ڪُل حال جي، رکي ڌرم ڌيان،

 

پوءِ کڻي خُنچا آئيا، لائق کائڻ خان،

 

کِڙي خوشبوءِ کاڌي جي، ڪل پيئِي ٿـي ڪان،

 

کائي ستو سيج تي، سک وٺي سلطان،

 

چو قبلي چراغ ٿيا، روشن جاءِ روان،

 

پهرِي بيٺيون پلٽڻيون، جُنبِي جُنگ جوان،

 

اچي ڏَنهن آسمان، ٿي آفت ڪل انسان تي.

7-

اچي آفت سڀ انسان تي، جا واحد کي وَٺي،

 

پر صاحب ڏئي نه سِر تي، جا سگهـي ته ساهه سهي،

 

انصاريءَ تي اوچتي، آئي قضا ٻي ته ڪهي،

 

سـينڌو نه هئو سُور جو، ٿيندس سينڌا سور سهي،

 

لکيو لوح قلم ۾، ويڙو انگ وهي،

 

مقرر ٿيو محفوظ تي، ميٽين مَس نه وَهِي،

 

صبح ٿيو ته سهي، اتي رات وهامي ڏينهن ٿيو.

8-

رات وهامي ڏينهن ٿيو، اٿيو ڪامل ڪَر ساهي،

 

نَرَ جا ڏٺِي ننڊ ۾، نازڪ سا ناهي،

 

ستي ڏٺائين سيج تي، سا خالي کٽ آهي،

 

ڪري دانهون ڪِري پيو، سڄڻ سو ناهي،

 

عقل ڇڏيو امير کي، ٿو لعل لٽا لاهي،

 

پيو ڪُوڪن ۾ ڪاهي، اڄ مجني ڪاڻ ماتام ٿيو.

9-

مجني ڪاڻ ماتام ٿيو، ٿيس نيڻنِ ننڊ حرام،

 

ڪنهن سا ڪڇي ڪينڪي، نڪي ورندي ڏي وريام،

 

’ليليٰ‘ وائِي وات ۾، ڪامل ٿيو ته ڪلام،

 

کٽ تان ڪِري پٽ پيو، ڪيو اکڙين رت روئام،

 

دانَهه بنان دوست جي، نڪي طلبي طعام،

 

ڏسي خيال گهڻو ئي خام، ماڻس کي ماتام ٿيو.

10-

مادر هنيان مُنهن تي، دَست ٻڌي ٻانهون،

 

درد پسي دلدار جو، پيون داين ۾ دانهون،

 

ڪامل نڪتي ڪوٽ مان، روهه وٺي رانهون،

 

چڙهيا گهوٽ گهوڙن تي، ويا ڪاڏنهن ڪيڏانهون،

 

ٻُڌيون عالم آگاهيون، ٿيو ڪڄاڙو قيس کي!

11-

سُڌ سڻي سلطان جي، پيو شهر اندر شغلو،

 

ڪهڙو شور شهر تي، رات انهيءَ رولو،

 

حال پسي حيران ٿيا، ٿيو مشڪل مرحلو،

 

روئـي راوت رت ڀريو، چواڪن سان چولو،

 

هي ڀايائون ڀولو، ڪو ٿيڙو مرض ملوڪ کي.

12-

تَڏ مرض ڪاڻ ملوڪ جي، آيا حڪيمن هزار،

 

ڏين سُتيون سلطان کي، جيڪي برهه اڳيون بيڪار،

 

سوين برهه بيڪار ڪيا، سرڪش جي سردار،

 

سوين اڪابر اياڻا ڪيا، اڪابر عقلدار،

 

ويڌن نه سمجهن ويرِ جي، ته ڪا ٿيس الستي تار،

 

ڪي چون جن پيس جامي منجهه، ڪي منترچون مار،

 

ڪي چون ديوَ دٻايو، ڪي پَرين ڏَسين پار،

 

ڪي مٿا هنيو موٽيو وڃن، ڪي بَهُت اچن بسيار،

 

ڇا عاقل ٿيندو عشق سان، مَٽ سپاهي سردار،

 

جَڏ انت نه پين آزار، تَڏ سڀئي ويڄ وري ويا.

13-

اتي ماڻهن چيو ماءُ کي: تون پڇينس پياري،

 

ته سُڌ سموري حال جي، وٺ سڄڻ کؤن ساري،

 

تڏهن پانهه پڇيو پُٽ کان، ويهي ويچاري،

 

مس سچي مجني ڪئي، زورن سان زاري،

 

سڀ حقيقت حال جي، تنهن پرتئون پچاري،

 

ته سُتـي ڏٺيم سيج تي، نينگر جا ناري،

 

ڏي موڪل موچاري، ته وڃي درسن پسان دوست جو.

14-

تڏ مصر سندي ملڪ جا، هئا ويٺا تِت وزير،

 

تن مرڪي مجني کي ڏنو، نازڪ هيءُ نظير:

 

ته منصف مصر ملڪ جو، قاضي قمر ڪبير،

 

نازڪ نياڻي تنهن جي ڏسي، وهسن گهڻا وير،

 

پر سَتيءَ جا سڀني پريـن، صاحب رکيا سير،

 

ليليٰ نالو نار جو، آهي سَرس پَرين کؤن سير،

 

حور ان آڳس حيران ٿيون، ڏسي عين سندس اڪسير،

 

ڪبڪ ڪبوتر ڪونجڙي، مٺالب شڪر کؤن شِير،

 

سُگهڙ سَرو قد سانولي، وتي تکا ڀريون تير،

 

سو ڏٺم ماهه مصر ۾، نه ڪيم ڦير فقير،

 

اهو ٻڌي حال حمير، سورهيه اُٿي سنڀريو.

15-

سورهيه سنڀري نڪتو، ٻڌي خان خبر،

 

پڇي پانڌيءَ کان گهڻو، حال وڃي هرهر:

 

صدقو ڪندس ساهه کي، هت وڃي هيڪر،

 

کڻي گام گوهر، دانهه نڪتو در کون.

16-

اُت ڏيڻ مَت ملوڪ کي، آيا مڙي مير،

 

سڀ اڪابر آئيا، ورنَهه سڀ وزير:

 

ميڙ آندي سـي مجنا! ٻي واهر ناهي وِير،

 

تَرڪ ڏئين ٿو تخت کي، ويندا مُلڪ ڦٽي سڀ مير!

 

تون صاحب ٿيءُ سڌير، ته عالم آرامي هجي.

17-

مجني ڏني منهن تي، هيءَ ورندي ورائـي:

 

در حق جنهن جي دوست ٿو، قادر ڪرائي،

 

اوهين جلدي وڃو جاءِ تي، هيءَ ورندي ورائي،

 

ڪڏهن ٽڪندس ڪينڪي، توڙي ڪير حيلا هلائي،

 

صدقو ڪندس ساهه کي، هت گهوري گهمائي،

 

پاند ڳچيءَ پائي، وڃي دارون وٺندس دوست کان.

18-

چئي: قيس! رهين ٿو ڪينڪي، ته سڻ سائينءَ لڳ سوال،

 

اسين خدمت هلون تو خان جي، ڪري ڪٽڪ ڪمال،

 

تابُ رکي تهمت گهڻي، وجهون مصر منجهه مقال،

 

وٺي سڱ سلامي ڪيو، آهي ملڪ مهال،

 

مڃ الله لڳ احوال، ڪامل قيس قريب تون!

19-

اچي سنگت صاحب جي، گهرن ماڙ مدت،(1)

 

سدا ساٿ ساڻي هجي، شال ڪري شفقت،

 

اهڙو زور ظالم تي، ڪجي تاب رکي تهمت،

 

اصل عاشق جي هلـي، آزي ماهه منت،

 

اچي حامي ٿي حضرت، ٿيو روانو راهه سان.

20-

اتي پانِهه ڏٺو پٽ کي، ويندو جڏ وري،

 

مجني ڪاڻ ماتام ۾، ٿيڙي چِت چري،

 

ڪري دانهون درد مؤن، اڳيؤن وير وري،

 

سور تنهنجي ۾ سپرين! وينديس ماڳ مري،

 

ناهي واههَ ولهيءَ جي، تو ري داد دري،

 

تو ريءَ ماءُ مري، ويندي سورن ۾ هت سپرين!

21-

چئي: واهه ته واحد جي هجي، ٻيو آهي ڪير انسان،

 

آءٌ ڪڏهن ٽڪندس ڪينڪي، ٿئين ڇو پريشان؟

 

دوست بنان هن ديس ۾، هينئڙو ٿيم حيران،

 

متان محبن ري مري وڃان، ساهه نئي سبحان،

 

”ڪل نفس ذائقته الموت تون ڪامل ڏس قرآن،

 

مادر! مڃ فرمان، ڪج ڪا دعا درويش کي.

22-

چئي: ابا! اونداهو، اڄ اکين کي آئيو،

 

ڪونه پويئي ٿو قياس ڪو، هِن رُليءَ جو رايو،

 

آيل ڇڏيو اوندهه ۾، ٿو راس ڪرين رايو،

 

چولو چاڪن جو کڻي، تو پُٽ مونکي پايو،

 

مونکي سورن سڪايو، متان مهڻن منجهه مري وڃان.

23-

چئي: مادر مٺڙي! ماٺ ڪر، ڇڏ طلب اها تات،

 

توڙي پاڻ هڻين پَٽ سان، ته به هڪ نه رهندس رات،

 

ڪن پيم ڪا اوچتي، لنو لطيفي لات،

 

درسن بنان دوست جي، ٻي وائي ناهيم وات،

 

ڏاتر ڏيندم ڏات، مادر! مَ پئو مامري.

24-

چئي: زلزلو ۾ ڪوٽ ڀانيان، جاين منجهه جوانَ!

 

کٽون کائڻ ٿيون اچن، اهي ماڙيون مهل مڪانَ،

 

وجهيو وڇوڙو ٿو وڃين، جيئري اڄ جوانَ!

 

سگهو شل سلطانَ! جانب جيئري تون اچين.

25-

چئي: جيئري اچڻ جي نه ٿئي، کڻ آيل! تون آرو،

 

مُئو سهسائج مجنون، وينگس ويچارو،

 

دليئون ڪج دعا تون، شل پسان پيارو،

 

پـيرين پئِي پيءُ ماءُ کان، ڪيائين توڪل تنوارو،

 

ڪري مُنهن مصر ڏي، ڪيو عاشق اُمارو،

 

هاڻ مجنون موچارو، پيو پلٽجي پنڌ ۾.

26-

مون جي مڃيون مجنا! هيون سوين سُکائون،

 

پوريون پُنيون ڪينڪي، اڃان آسون سي نه آيون،

 

مون هوندي هتائون، اڄ پرين! پٺيرو ٿئين.

27-

سُڌ تنهين کي سور جي، وٽئون جن وڃن،

 

آنڊا هن ايذاءَ کان، وِههَ وانگي وڍجن،

 

جيرا ٽُڪر اندر مون، آنڊن اَڌ اچن،

 

نيڻن ننڊ حرام ٿي، سمهي ساءُ نه ڪن،

 

عرض محمد چئي، ان سور جي، ڪل آهي ڪِن ڪِن،

 

ماريو مسڪينن کي، لڏيو لوءِ وڃن،

 

پوءِ پڄاڻئون پرينِ، گوندر ٿي ته گذاريان.

28-

تڪڙو هليو تَوَ مان، جاڏي سانگ سبيل،

 

بنا اور عجيب جي، قال نه ڪا ٻي قيل،

 

رضا جا رحمٰن جي، رکي اکين سڀ اصيل،

 

اچي واهر ٿي وسيل، ميٽ مدايون منهنجون!

29-

ميٽ مدايون منهنجون، مالڪ تون مختار!

 

عيبن منجهه آهيان، تون باري بخشڻهار،

 

فضل جو ڦيرو گهُران، تنهنجو ڀي ته تبار،

 

هڪ ڏونگر واٽون ڏکيون، ٻيا وَلين ور هزار،

 

تڪڙو وڃي تَوَ مون، رکيو جيءَ اندر ۾ جار،

 

ٻيا تکا پاهڻ تن جا، ڪپينِ پير قهار،

 

نازڪ ڇُٽڪيا نار، دهشت کؤن دانهون ڪري.

30-

دهشت کؤن دانهون ڪري، جهجهو جَرُ هاري،

 

ڇنا پير ڇِپن، سي وڍيا ويچاري،

 

دانهون ڪيون دوست لئي، ٻَرٻَر ٻاڪاري،

 

ڪيو منهن مصر ڏي، نازڪ نهاري،

 

من مون تنهن محبوب کي، هڪ ويل نه وساري،

 

عاشق اُڃ نه بک ڪا، ميـس ڇڏيائين ماري،

 

کَڻـي وِکڙيون واڌاري، عاشق امالڪ اوڏهين.

31-

اتي پانهه کي به پنڌ ۾، پهرين رات پئي،

 

ڪا دانههَ پنهنجي دل ۾، ڳجهي ڳالهه ڪئي،

 

وسئون ڳالهه وئي، سڪ وٺي سوگهو ڪيو.

32-

پر سڪ انهيءَ سياڻا ڪيا، مَٽـي متوالا،

 

ڇا پانَهه ڄاڻي پنڌ مون، ڪيڏا ڪشالا،

 

اِنشاءَ الله تعاليٰ، وجهندين سائين! صاب تون.

33-

صاحب وجهندين صاب تون، ڪري سائين ستاري،

 

ڪرم بنان ڪريم جي، ٻي واهه نه ويچاري،

 

هڪ پيرين اگهاڙي پنڌڙو، ٻي واٽن تي واري،

 

روههَ ته رهڙيس پيرڙا، رت جام وهي جاري،

 

وَسنهُن ويجهي ڪانڪا، بَر گهڻا باري،

 

پنجين رات به پنڌ ۾، غازيءَ گذاري،

 

هِنيڙي هيڪاري، دوستن لاءِ دانهون ڪيون.

34-

دوستن لاءِ دانهون ڪيو، وکڙيون  وڌائـي،

 

تڪڙو وڃي تَوَ مون، هڪ لحظو نه لائي،

 

ايندي ڏٺائين آدمي، وَهندي ورائي،

 

صورتوند سڏي انهي سان، ڳوڙهو ڳالهائي:

 

ميان! مونکي مصر جي، ڏَس چارو چِتائي،

 

پڪو ڏَس پرينءَ جو، ڏنس سورهه سمجهائي،

 

سو مجنون مَنُ لائي، رڙهي هليو تنهن رند سان.

35-

رند وٺيو ريهان ڪري، دانهون درد فراق،

 

اندر نه آهي آرام ڪو، مجني کي مشتاق،

 

دانهون ڪري درد مون، چُرنس پيا چاڪ،

 

دردن اچي دل ۾، اڏيس پئي اوطاق،

 

پوءِ ماري ٿي مذاق، متان ملڻ ري مري وڃان.

36-

جي مران ته مانُ لهان، جي موٽان تان ميار،

 

ڪڏهن لهندين ڪينڪي، دل تون دوستدار،

 

جيئري جانب يار، اکڙين اور عرب ڏي.

37-

پرين! وٺي وڃ پاڻ سان، ڪُوڪان سڻي ڪَن،

 

عضوا اُلڙيا پنڌ ۾، ناهي طاقت تن،

 

پِنبڻين سان ڪيو پنڌڙو، هي اکيون ٿيون اچن،

 

اهي سورهه ڪيئن سنگن، جن ناهي سانگو سِر جو.

38-

سانگو لاهيو سر جو، سورهه ساهه پساسُ،

 

مارڻ لڳو پاڻ کي، مَر مِرون کائِن ماس،

 

ڀَڄي چڙهيو ڀِٽ تي، وٺڻ اهو واس،

 

عاشق هو ته اُداس، پر وڻَ ڏٺائين ويجهڙا.

39-

وڻ ڏسي وهسيو گهڻو، ته ڪاهي لهان ڪر،

 

پسي مير مصر کي، نيڻ اُگهيا نينگر،

 

چڱو لکيو جن کي، ڪيئن مَندو پسن پر،

 

هيئري کي هرهر، داور دلاسا ڏئي.

40-

ڏيئي دلاسو دل کي، ويجهو ٿيو وَهي،

 

درد سڀو دلدار کان، ويو لحظي منجهه لهي،

 

ڏکن پٺيءَ سُکڙا، ايندا ساهه سهي،

 

ويڙس سور وَهي، سِير ڏسي سرهو ٿيو.

41-

سرهو سِرن ۾ ٿيو، روح پُنس رايو،

 

مصر ۾ محبت گهڻي، راز گڻو رايو،

 

قرب گهڻو ڏين قيس کي، سورهه ڪيو سعيو،

 

جو هُنن پڇو هِن کان، سو سورهه سمجهايو،

 

ميان! مونکي مِهت جي، بازو بتايو،

 

پوءِ هڪ هلي آيو، مجنون وٺي مهت ڏي.

42-

بيهي اڳيون بيت جي، مرڪيو ته مزمان،

 

اڄ مون تي مالڪ ٿيو، موليٰ مهربان،

 

ويا سور سرير مون، اڄ ٿيو احسان،

 

مُرڪي هليو مِهت ڏي، کلي لنگهيو خان،

 

جُنبي اُت جوان، سورهه سلامي ٿيو.

43-

قاضيءَ پڇيو قيس کان، اهو بات بيان:

 

ڪير آهين، ڪاڏنهن اچين، آهين ڪير جوان؟

 

ڏَس نالو پانهنجو، ڪر اسان تي احسان،

 

ڪر ذڪر تون ذات جو، پنهنجي محل مڪان،

 

ڏورانهون ڏسجين جوان، ڪهڙي آئين ڪم سان؟

44-

چئي: مجنون نالو منهنجو، پڇي رکيو پيءُ ماءُ،

 

آءٌ انصاري آهيان، مڪي شهر منجهاءُ،

 

ڪري پنڌ پهوڙ جو، آيس هن هنڌاءُ،

 

تنهن سار منهنجي سور جي، نه ٿئي سڌ سماءُ،

 

جو پيم پرين جي اوچتي، طلب گهڻيري تاءُ،

 

مِٽَ ڇڏيم ماتام ۾، منهن پِٽيندي ماءُ،

 

هاڻي ڦَرهِي لکِ فقير جي، هاڻي ڪر حياءُ،

 

”اُطلبو العلم ولو ڪان بالسين“ آهي ايءَ آزماءِ،

 

پوءِ ريجهي ويٺو راءُ، عرض ڪري استاد کي.

45-

ميوا ڪڍيا مجني، جي عربئون آندائين،

 

قاضي! مُنج قريب ڏي، سگهو ڪر سائين،

 

قاضي ڪري قطرا، ڏاري ڏٺائين،

 

کائي سڀئي خوش ٿيا، ڪن دم دم دعائين،

 

ڪُڇُ نازڪ نياڻي ڏي، مِهرون مڪائين،

 

ليليٰ کنيا لاڏ مون، سي کِلي کاڌائين،

 

کائيندي ته خمار ۾،ڪل نه ڪيائين،

 

سدا جاليائين سک ۾، ڏک نه ڏٺائين،

 

اتي جادو لڳس جان کي، ڪُوڪان ڪيائين،

 

اهڙو اڳهين ڪينڪي، ساءُ ورتم سائين!

 

سڪان تنهن ساجن کي، جو ڏوري ڏٺائين،

 

سو موليٰ ملائين، جُنبِي جامع ڏي هلي.

46-

اتي قاضي ڏنو قيس کي، سبق سوئي راز:

 

تون وڃي پڙهه ناز مون، ڪري دم دراز،

 

مجني ويهي مِهت ۾، ڪيو الحاني آواز،

 

صادق پٺيءَ سچ جي، پيو بحري ڳولو باز،

 

ڪن پيو ڪامل کي، وڃي عاشق جو آواز،

 

اڄ راڻو راڻِي راز، ڳجهه ڳرهيندا پاڻ ۾.

47-

ٻُڌي دانهن دوست جي، آئي ڪامل به ڪاهي،

 

ڪامڻ مٿئون قيس جي، آئي ڪامل به ڪاهي،

 

تير هنيس تقدير جو، سيني ۾ ساهي،

 

اهو انگ ازل جو، لکيو نه ڪو لاهي،

 

انهيءَ انگ سوين اوجهڙ ڪيا، لحظي ۾ لاهي،

 

اهو ٺاهه ڌڻي ٺاهي، مقرر ڪيو محفوظ تي.

48-

مقرر ٿيو محفوظ تي، سڀ جو ڏوهه ثواب،

 

ريجهِي ويٺا رنگ ۾، هلي وين حجاب،

 

هي ڪنهن جو ناهه حساب، انگ لکجي اڳ ۾ ويو.

49-

انگ به آهي ان جو، لکيل مٿي لوح،

 

ڪهڙو پڇي ڪوهه، جي ميٽـي مٽائـي ڇڏي.

50-

پوءِ ويهي واسينگ سان، جوڳيءَ ڪئي جنگ،

 

مَنڊ پڙهي محبت سندا، تنهن ۾ ڪيائين تنگ،

 

سِر ڏنائين سوز ۾، نوائي ته نسنگ،

 

جوڳي جوڳڻ پاڻ ۾، ريجهي گهُريا رنگ،

 

اتي جوڳي کٽي جنگ، ويهي تنهن واسينگ کان.

51-

مهر پڇي ماهه کان، ڳجهي ويهي ڳالهه،

 

ورندي ڏنيس وير سا، هلي حال في الحال،

 

پِيڙا ماهه مقال، سورن جي سر حال ۾.

52-

ڪامِڻ پڇيو قيس کان: سڻ پرين پيارا!

 

سُتي پئي هيس سيج تي، سک وٺيو سارا،

 

سپني ۾ تو سپرين، ڏنم ڏُوران ڏيکارا،

 

تنهن ڏينهن پڄاڻا ڏک ۾، ٿي ڪيم گذارا،

 

سڪ مقابل سپرين! ٿيا مطلب موچارا،

 

ويڙا سور سرير مان، ٿيا پري پسارا،

 

اڄ ور ڏنم وارا، ويڙا سور سَنڌا ڪري.

53-

تڏه مجني چيو مُنڌ کي: سڻ حال حقيقت،

 

هوس مالڪ پنهنجي ملڪ جو، حاڪم سان هيبت،

 

ٿي حڪم هلايم پانهنجو، عزم رکيو عظمت،

 

سُتو پيو هوس سيج تي، وٺيو سُک صحت،

 

سُتي ڏٺم سوجهرو، اچي تاب رکيو تهمت،

 

ريجهي انهيءَ رات ۾ ڪيئي مون سان ڪا محبت،

 

جاڳي انهيءَ جاءِ تي، ڪيم دانهون سان دهشت،

 

پوءِ سنڀري نڪتس سيگهه ۾، ڪاهيم سين قسمت،

 

سـيڻ ڇڏيم هُت سِڪندا، مادر روئندي رت،

 

ڪيم پنڌ پهاڙ جو، جتي پٿر وڏا پربت،

 

گهڻيون بلائون بفرَ ۾، ديوَ وڏي دهشت،

 

صاحب! رکيم سڃ ۾، ڪري ماڙ مدت،

 

آيس اڳون تنهنجي، رکي رازق جي رغبت،

 

ڇڏ شوخي، ڪج شفقت، کڻي نيڻ نهار تون.

54-

ٻُڌي حال حمير جو، ٿيس اندر گهڻو ارمان،

 

صدقو ڪنديس ساهه کي، قيس! توتان قربان،

 

هينئڙو ٿئي حيران، جي پرين! دم پري ٿئين.

55-

تڏ ڪامل، ڪامڻ جي اڳيئون، ويهي رت رنو:

 

سِر توکي مون سوز ۾، ڏسِ ڏوري ڏيهه ڏنو،

 

دوستي تنهن درويش جي، متان ڇوڙي نينهن ڇنو،

 

ڪوجهو آءٌ ڪِنو، ته به ڏوري پيڙس در تي.

56-

اُت ليليٰ کؤن به لڇندي، پيا ڳوڙها ڳل ڳڙي،

 

تنهن جي عاجزي، ”عرض محمد“ چئي، ٻَڌي ڌم ڌڙي:

 

متان سڄڻ! تنهنجي سوز ۾، وڃي ساهه سڙي،

 

ٿيا مطلب پورا من جا، اڄ پوري ڳالهه پَڙي،

 

وسان جيءَ جڙي، ڪڏهن وسري ڪينڪي.

57-

تڏهن مجني ڏنو منڌ کي، ويهي اهڙو اشارو،

 

ته دور گهڻو دنيا سندو، لذت ڏي لارو،

 

متان من مان مجنون، وڃئي وسري ويچارو،

 

سِرَ تي کڻج سنڀري، اهو بيڪس جو بارو،

 

متان لوءِ مِٺو لارو، ڏسي ڀيرُ ڀڄي وڃين!

58-

جي ڀڄان تان ڀلجي وڃان، اَوجهَڙ آن ته امير،

 

ڪَش نه لڳن تو قيس ري، کاڄ کنڊون ۽ کير،

 

نه ته پاڻ مارينديس پانهنجو، هرهر چئِي ته حمير،

 

سانگو لاهيم سر جو، مان سنڀري گهڙيس سير،

 

جيڪي مهڻا ڏين مير، سي ڀائر ڀانيان ڀيڻ مون.

59-

سڄڻ سَرتا پاڻ ۾، ڪري قولَ قرار،

 

جيوي دم جهان ۾، شل ياڪِي ٿين يار،

 

سارهه ڪر سبحان جي، سهجؤنِ سي سردار:

 

شل واصل هجون وصال کي، وِٿ مَ پوي وار،

 

اکيون اکين سامهون، ٻي محبن ناهه ميار،

 

سورهه سڃاتو سچ کي، ڪوڙ ڪڍيو ڪلتار،

 

سولي ڪر ستار! ڪل عاجز جي اڪسير تون.

60-

عاجز جي اڪسير تون، ڪج مدد ماڙ مِلي،

 

سدا سا ساڻي هجي، تنهنجي نگاهه نِلي،

 

ڪپڙا چڱا قيس کي، ڏي خاصا کاڄ کِلي،

 

هرهر حال هلي، سُڌ لهي سلطان جي.

61-

سُڌ لهي سلطان جي، ٿئي دانَهه دم نه پري،

 

اچي ويئي، ”عرض محمد“ چئي، هيٺئون عشق اَري،

 

عشق هن عليل جو، ڏسو ڌيان ڌري،

 

لڳو جنهن کي لونءَ ۾، سو محبن ريءَ مري،

 

ڏس ڪامل! قياس ڪري، ليليٰ تير لڳي رهيو.

62-

پر دلبر جي ديدار ري، ساعت ڀانئن سال،

 

هڪٻئي ڪاڻ حيران ٿيا، پيا خاصـي منجه خيال،

 

انهيءَ چار مهينا چال، عاقل هئا آرام ۾.

63-

گڏبا هئا گوشي پرين، هئا ويهي قول ڪندا،

 

هئڙن اورَ اکين جي، ڀانئن غير گندا،

 

دست هنيو داناءَ کي، ڪري خان خندا،

 

اهي قاضيءَ ساڻ ڪندا، ڪي دوس بيٺا هئا در تي.

64-

ڪي دوس بيٺا هئا در تي، سي قاضي چور چون،

 

حضرت! هيئن نه گهرجي، جو هرهر هٿ هڻن،

 

ليليٰ مجنون مِهت ۾، چوريءَ پيا چهڪن،

 

اسان گهڻو ارمان ٿيو، ڏسي حال هنن،

 

دانَهه! چيوسـي دل ۾، وجهون مجني ماهه مرن،

 

پر قاضي گهري قيس کي، پيارو کان به پُٽن،

 

ادب جي استاد جو، رُليا ڪين رکن،

 

سي ڌاريا نا ڌرجن، دانَهه دوس درس ۾.

65-

سچي ڳالهه سچن جي، سالڪ سمجهن سچ،

 

ڪوڙِي ڳالهه ڪَچن جي، ڪوڙا ڀانئن ڪڇ،

 

مجني ٻَريو مچ، کڻي خونين خلل وڌائيو.

66-

مئا کر خراب  ٿِي، رُليا سڀ رقيب،

 

مئا شال شقيب، جي وجهن وڇوڙو وچ ۾.

67-

جي وجهن وڇوڙو وچ ۾، سي موليٰ! سڀ مرن،

 

ٿيو ڪارو منهن ڪتن جو، جي کريا کار وجهن،

 

شرڪت تن شيطان جي، رکي رغبت رقيبن،

 

وجهن وڇوڙو وچ ۾، ڪوڙهيا قياس نه ڪن،

 

سي حشر ڏينهن هَڄن، ٿيندا يار يزيد جا.

68-

پر تيتر مارج ڪينڪي، رازق رقيبن،

 

اسان پرين پاڻ ۾، صلحت شال ڏسن،

 

هتان پوءِ مرن، سڙي انهي سور ۾.

69-

پر شرم پيارو سڀ کي، آهي نازڪ پيارو ننگ،

 

ماڻهن چيس منهن تي، چڙهي روءِ هلي هي رنگ،

 

ٻڌي ڳالهه ٻڏي ويو، زور ٿيس ڀي زنگ،

 

ڏک هنيس پئي ڏنگ، اتي قاضي قمر قهار ٿيو.

70-

قاضي قمر قهار ٿيو، ڪلهي کنيائين ڪام،

 

قاضي ڪاوڙ کؤن چئي، مجني اها مام:

 

ادب نه ڪيئي استاد جو، هي هيا حرام،

 

قاضيءَ هِئين ڪست مون، ڪڙڪو ڪيو ڪام،

 

مجني لڳي مغز ۾، ڪيا رت رغام،

 

ڪل پيس ٻي ڪا مَ، ٿي ماندو ڪِريو مهت ۾.

71-

قاضي ڪوٺيءَ پنهنجي، ويو وهلو ڀي وري،

 

مران پنهنجي مرم ۾، ومڙو مانُ مري،

 

ڪنهن سان ڪڇي ڪينڪي، ويو ڳڻتين منجهه ڳري،

 

خبر هيءَ کري، وڃي ڪيائين زال سان.

72-

چئي: ليليٰ لڇڻ ڇڏيا، ٿي چري بيٺي چَٽ،

 

مجني سان مُرڪي گهڻو، ٿي نانگي اڄ نپت،

 

سو ٻڌي منڌ مُرٽ، منهن موڙي مونن هنيو.

73-

تڏهن مرم ماڻس کي ٿيو، ويڙي جوش جلي،

 

ته ههڙي ڳالهه حرم ۾، ڪڏهن ڪانه هلي،

 

تنهن ظاهر زالن سان ڪئي، پنهنجي سيڻن ساڻ سلي،

 

ڪئي معلوم منڌ مِٽن سان، تنهن جهوري ڪين جهلي،

 

هاڻي ڳائين در ڳَلِي، مصر منجهه مقال ٿي.

74-

عاشق هئا اُڪير ۾، هُيڙن سڪ سچي،

 

پختا ٿيا پرهيز ۾، رحمر ساڻ رچي،

 

هئڙن اورَ اکين جي، نه ڪو ڪوڙ ڪَچِي،

 

سا پڌري ڳالهه پري ويئي، ويا ڌمچر ڌُم مچي،

 

انهيءَ ڳالهه اچي، شهر ۾ شعلو ڪيو.

75-

مجنون اٿيو مِهت مان، ٿيس ساهه سڌير،

 

هڻي ڌڪن هلاڪ ڪيو، هو ڦٽيل تن فقير،

 

عضوا ساهي اٿيو، لڳو واجهائڻ وير،

 

لِڪڻ ڇِپڻ ڇا لڄ ڪندي، ٿيو ظاهر ڳالهه ذڪير،

 

سوين عاشق اهڙيون سختيون لنگهن سير،

 

پوءِ مرڪي ويٺو مير، مهڙ مسجد جي مجنون.

76-

قاضيءَ ڪڍي ڪن تي، ڏنو اهو اهڃاڻ،

 

چئي: منڌ! مڱيندو تنهنجو، سڳو سوٽ سڄاڻ،

 

ڪهڙو منهن ماڻهن ۾ کڻي، نينگر سو ته نياڻ،

 

ڪهڙو جيئڻ جڳ ۾، هاڻ پنهنجو ماريون پاڻ،

 

تون ڪامل قرب سڃاڻ، ماڻهو ڏيندا مهڻا.

77-

اتي ليليٰ کي ڀي لِڪ ۾، مادر ڏني مت:

 

ڪهڙي ڏٺئي قيس ۾، انهيءَ لوٺئـي منجهه لذت؟

 

ڇو پنهنجي ڇڏيئِي پَت، کَري ٿيئن خراب تون.

 

78- کَري ٿيئن خراب تون، ڄاڻي واڻي ڄٽ،

 

ائين چوندي چنبـي ٻوٿ ۾، وڃي چَڀڪو ڪيس چٽ،

 

صورت ليٽِي سيج تان، پانهه ڪري پٽ،

 

مَدي اها تون مَٽ، نه ته ٿيندءِ ڪارو منهن قيام ۾.

79-

چئي: ڙي ڪارومنهن ڪتن جو، جن مون ڏانهن دل مَٽي،

 

پوندي شال پِٽين تي، تن چغلن تي ته چَٽِي،

 

منهنجو سر مٽي، سدا ٿِي انعام انهي کي.

80-

چئي: ليليٰ لڄ لڏي ويئي، ڏين ويهندي وراڻو،

 

شعور تنهنجو شهر ۾، وکر وڪاڻو،

 

اسان تخم ڏسي تسليٰ ڪئي، ته صالح سماڻو،

 

ٿيئن جيئري جهوراڻو، ٻنڌڻن منجه ٻڏي مرين ها.

81-

چئي: مرن ڇو نه مندا، جن مارايو محبوب،

 

صحبت وڻيم ساهه کي، ڏيئي قيس قروب،

 

ساههَ خوشي اٿم خوب، مونکي تنهن محبوب جي،

82-

چئي: مرين محبوب ڪاڻ، لنگهي بيٺيئن لاج،

 

سوٽ تو ڪاڻ سامانَ ڪيا، ڪارڻ تنهنجي ڪاج،

 

سي سرسلا سامان ٿيا، سرتن سڀني ساج،

 

کائين کٿابين کي، جيڪي حقي چَونِي هاج،

 

تڪبر پائي تاج، پوندءِ ڪم قهار سان.

83-

چئي: هرهر هُڏيون ڇو ڏين، لَکَ ڏيکارين تاءَ،

 

الستي ارواح کي، آيو ساجن منجهون ساءُ،

 

جيڪو منڌ! مڱيندو مون ڏَسين، سوڀائي ڀانيان ڀاءُ،

 

معلوم ڳجهه مالڪ کي، ٻين ناهه سماءُ،

 

مجنون مون ڪاڻ مهت ۾، ٿو روئـي ويٺو راءُ،

 

ڇو مهڻا ڏين ماءُ! دل لڳِي دانهون ڪري.

84-

چئي: دانهون ڪندينءَ دربار ۾، جاتي هُل حشر،

 

پاڻهي ٿيندو پڌرو، ڪُل جو ڪوڙُ مڪر،

 

جن وَرَ وساريا پنهنجا، ڏاڍو تن ڏمر،

 

آڌار اُمت جو ٿيندو، محمد منجهه محشر،

 

تن تي ڏمر تنهن جو، ڏاڍو ڪوپ قهر،

 

هت دنيا کليل در، گهڻو ڏسيو گهوران ڏئين.

85-

چئي: حق جو هادي هڪڙو، اٿم ڏاتر ڏسڻهار،

 

منهنجي مدائيءَ جو، آهي آگي وٽ اظهار،

 

نڪو حق نڪاح جو، نڪو هئم حقدار،

 

هڻين ڪارا ڪوڙَ ٿي، ناحق هيءُ نروار،

 

ٻيا به لکين عيب بنديءَ جا، ڍڪيا حضرت هزارين هزار،

 

ڏين هرهر طعنا هُن جا، جو اکڙين جي آڌار،

 

مون جيئري دم جهان مون، ياڪِي ٿيو ته يار،

 

ائين چئي آسري هلي، رکي جامعه جار،

 

هوءَ دلبر جا ديدار، ڪري ويٺي ڪنڊ ۾.

86-

اتي مجني پڇي منڌ کان، ڳڻي ڳالهه ڳجهي،

 

ڏنس جوان جواب جي، سالڪ ڳالهه سچي،

 

پوءِ ويٺو راءُ ريجهي، ڪرڻ اورَ اکين جي.

87-

ڪئي اورَ اکين جي، ٻهڳڻ يار ٻنهي:

 

قيس! مونکي قلوب ۾، وڌءِ ڳوڙها ته ڳنهي،

 

تنهنجي عهد انهي، ٿيس ٻانهي ٻول، ”ٻروچ“ چئي.

88-

ريجهي ويٺا رنگ ۾، لاهي شڪ شُبو،

 

ماڻهن جي ته مقال تي، ڪهڙو قياس ڪبو،

 

چڱي طرح طَبو، ڪارڻ ڪيائين قيس جي.

89-

ڪارڻ ڪيون قيس کي، چـيٺي؟ ٻي ڦٽ فراق،

 

جي قاضيءَ وڌا هئا قيس کي، ماري جي مشتاق،

 

دارون ڪري درد جو، چيٺيائين ٿي چاڪ،

 

پوءِ طلب کوليائون طاق، ڪن نوان نظارا نعمتون.

90-

اتي مادر مِٽياڻين کي، ڏني ڊوڙي دانَهه دانهه:

 

ته سمجهايو هن سيڻ کي، من وٺي سرتين جي صلاح،

 

سي آيون جڙي ”عرض محمد“ چئي، وٺي راڻيون راهه،

 

ماڻهو طرف مڪائين ماهه، وٺي هيڏي آڻيو حور کي.

91.

تڏهن آئي حور حرم ۾، پيڻي داين تي دهشت،

 

ليليٰ تن سان لاغرض ٿي، ڪئي کيڪر

۽ خوشڪت،(1)

 

وڳِي تند تنوار ٿـي، هلي سا حرڪت،

 

ڦُڦيءَ ڪيس ڦِڪَت، تنهِين ترت طعنو ڏنو.

92-

چئي: طعنا ڏئين تنهن جا، ناهي جوڙ جنهين،

 

تحقيق آهي ٻي تنهن جي، هيءَ واريل وَرَ وَني،

 

پوءِ ڪتا ماه کيني، ڪڍ چَٻِي ڳالهه چپن مون.

93-

تڏهن ماميءَ چيو منڌ کي: مڃ آمر۽ آزي،

 

اهو قرب ڪمينن جو، ٿي بيهودن بازي،

 

ليليٰ! تنهنجي لَڇڻ ۾، هو راڄ سڀو راضي،

 

ڪر ڪارو نه قاضي، ڌر ڌرم ڌيءَ ڌيان تون.

94-

چئي: مامي! ڪر تون ماٺ، اڳي ڦڦيءَ چوريم ڦٽُ،

 

ڪپيان وات ڪِنيءَ جو، وجهي ڪَپُ ڪَرٽُ،

 

نه مان کائڻ اوڏي کٽ، وڃي پٿر پيس پريت سان.

95-

چئي: ڙي سوٽ سهيلي، منهنجي حرم ڌياڻي حور!

 

پٿر پراون سان پَوين، ڪهڙي ڪاڻ ضرور،

 

سک ڇڏي تو سيڄ تي، وڃي سُڃي وڻجيا سور،

 

ڪر عرض مڃي منظور، شل ٿين گهر سهاڳڻ سوٽ جي.

96-

چئي: سوٽ سياڻي سمجهه ڪر، چؤچڱيان ڳالهه ڳڻـي،

 

ويڻ وڍي تنهنجو گهڻو، ٿو هرهر ڌَڪ هَڻـي،

 

اها مصلحت مونکي مورهين، ڪَرَ وهه ڪِين وڻي،

 

نه ٿي دانهه دل کڻـي، آرو انهيءَ دوست تان.

97-

تڏهن ماساتن مڙي چيو: آهن هڪجيڏيون هزار،

 

تن سڀني منجهؤن سُور جا، اچي باري پيئي بار!

 

لڳي ويٺينءَ لُچَ سان، ڪري ڀيڻ ڀتار،

 

راڄ سڀوئي رنج ٿيو، تنهنجا پؤڻا ڏسي پار،

 

اڄ اَٿِي مُنڌ ميار، ٿي نانگِي نڪتينءَ ننگ مؤن،

98-

چئي: سمجهه رکو، سڙي مرو، منهنجو وارث وير،

 

اهڙا عشق اوهين ڪريو، منهنجو پردو رکي پير،

 

راڄ رنج ٿئي ڇا ڪري، شل دوست مَ ٿئي دلگير،

 

لُچ لانگوٽيو ڇو چئو، ٿئي شهر مڪي جو مير،

 

فراقن ڪيو فقير، اڄ عشق هڻي اهڙو ڪيو.

99-

تڏهن چاچيءَ چيس چُمي مٿو، بيهي دست بندي:

 

ڌري ڌرم ڌيان ڪر، ڏس ميري ڳالهه مندي،

 

اها ڳاهي ڳالهه گندِي، ڪڏهن چڱي ٿئي ڪينڪي.

100-

چئي: ڙي! گندن ڳالهه گندي، اچي سچن ڳالهه صفا،

 

ڪي ته ڏٺو اٿم قيس ۾، جو ڏيان جيءَ جفا،

 

ملندم نيٺ نفعا، هلي عشق اڱڻ ۾ آئيو.

101-

تڏهن ڏاڏيءَ ڏڪائي ڪنن کي، ڏئي ڌڏڪو ڌوڏٻڌِي:

 

اَڇو سر اچي ٿيو، اسان اهڙي ٻولي ڪانه ٻُڌِي،

 

پاؤ پرڏيهيءَ سان هڻي، وئينءَ منديءَ منجهه وڌي،

 

ڇڏ ڌرم ڌيان مَ ڌيءُ! ٿيءُ سياڻي، سمجهه تون.

102-

چئي: ڏاڏي! ڏڪين ڦڙڪين ڇو گهڻو، اڇو سِر اَٿِي،

 

مون تي واحد ڏنهن وحي اچي، لکي ڳالهه لٿي،

 

جي ايڏو زور آڻِي، ته ميٽي اچ محفوظ تون.

103-

اتي مادر ڏِسيون منهن ڏي، ڳوڙها پئي ڳاڙي،

 

جگر تنهن جو جوش ۾، فڪر وڌو ڦاڙي،

 

سورن سِرُ ساڙي، هنيڙو وڌو هن جو.

104-

سرتيون صف ٻڌي ڪري، اُٿيون منجهه ادب،

 

ڏيڻ مت ملوڪ کي، لالُن چوريا لَبَ:

 

مصلحت مڃ اسان جي، شل رحمت ٿيئي رب،

 

ڪڙم سڄو ڪارو ڪرين، چئون سائڻ! تنهن سبب،

 

ڏيئي زور ضرب، ڪڍي ڇڏ تون قيس کي.

105-

چي: ڙي! قيس بنا ٻي ڪانڪا، ڀيڻي ڀانيان ڀيڻ!

 

سرتيون! ريءَ سڄڻ جي، ويم سڀئي وسري سيڻ،

 

توڙي ويهـين ڏيو ويڻ، ته به بيوس ڳالهه بيان ٿي.

106-

چئي: ڙي! سولي ڳالهه صفاٿَئي، جي هجي سيني سچائي،

 

ڇا کؤن ڇني ڇو وجهين، هيءَ جيئري جدائي،

 

ميڙ نه موٽاءِ، منڌ ٿي، نه ڪو چوند ئي چکائي،

 

سُڃَ ڪرين ٿي سيج کي، هن ٻانهن جي ٻائي،

 

پَرُ ته پنهنجو نه ٿئي، ريءَ مِٽَن مائي!

 

منجهه سکن سدائي، شل رکجي هت رانديون ڪيون.

107-

چئي: آتڻ ويهي اديون! هيءَ مُنجهي منڌ مري،

 

سوا قيس قريب جي، هڪ ساعت ڪين سَري،

 

سک سڃاڻن ڪينڪي، جيڪي عشق آري،

 

ڇو هرهر چئي، هلاڪ ٿيو، مان ويٺيس قسم ڪري،

 

سيڻ وڃي سڀڪا وري، پنهنجي واري ور وَري،

 

ٿي نااميد نَسي هليون، ڪري گهور گهري،

 

پانَهه پير ڀَري، هلي ڪاهي ڪامڻ قيس ڏي.

108-

تڏهن قيس ڏنيس ڪا ڳجهه ۾، مام اڳيؤن مُرڪِي،

 

ڪيئن پاڻ ڇڏائي پنهنجو، ڪل ڪهڙيءَ ڪُرڪِي،

 

سرس پينئي سبيل مون، سڪ منجهون سُرڪِي،

 

ٿي جهوري دل جهُرڪِي، پر ٿي حقي ڳالهه سچي سڀا.

109-

سچا عاشق الله جا، سچي سڪ جَنِي،

 

سدا سانگو سر جو، سور ڪين ڪَني،

 

گهڻي مٿي مهر تَنِي، چوڻ کان چانڊيو چئي.

110-

اتي مِٽياڻين مڙي، وڃي ڳالهه قاضي سان ڪئي:

 

ته ليليٰ لنگهِي لڄ کؤن، اڄ پَري ڳالهه پئي،

 

اسان هرهر ڳالهه هِجي ڪري، چڱيءَ طرح چئي،

 

سا مندي لڳي منڌ کي، وري مجني وير وئي،

 

اوهين سورهه سڀئي، ڳڻپ ڪريو ڳالهه جي.

111-

ڳڻپ ڪيائون ڳالهه جي، جهوري جهَٽ پَٽـي،

 

مجني کؤن ڪنهن مام ۾، اسان ڇڄِي جند ڇُٽـي،

 

وهه وجهون وريام کي، ڪريس گهاءُ گهُٽـي،

 

ماريندو تنهن مير کي، پهرن ٻن پٽـي،

 

ويڄ کؤن وٺي اچي، رکيائون ڪڻهي مجهه ڪُٽـي،

 

اڳيون ليليٰ حال لُٽـي، قاضيءَ ڪيو ڪونج سان.

112-

قاضيءَ چيو ڪونج کي، مُونن منهن هڻي:

 

رنڌيون طعام طلب جو، ڏيونئي کاڄ کڻي،

 

ڏي مجني پنهنجي محب کي، ڪري گهُور گهڻي،

 

پوءِ ڄاڻي ڏيهه ڌڻي، سچي سڪ سبيل ٿي.

113-

تڏهن ليلي چيو لحاظ مؤن، مٿي نينگر نيڻ ڪري:

 

اها ڳالهه اکين ڌريان، جيڪا ڪيئي قياس ڪري،

 

سگهو ڏئينم سبيل تون، رنڌيان تازو طعام ڪري،

 

تڏهن نَو پاءَ نسوري وِهه جا، ڏنا قاضيءَ ڪوڙ ڪري،

 

پوءِ الله آس ڪري، کڻي دانَهه چاڙهيو ديگ کي.

114-

تڏهن ڪاٺيون ڪڻهي کي ڏئي ڪريم راڻيءَ راض رڌا،

 

ڏنائين باهه برهه جي، اچي ساعت منجهه سڌا،

 

پوءِ وڌائي وِير وڌا، ڪري چانور ٿڌا ٿانءَ ۾.

115-

ڪري چانور ٿڌا ٿانءَ ۾، ڪيائين مادر ساڻ مقال:

 

اچ مادر وٺي محبوب کي، ڪوٺي قيس ڪمال،

 

سو منڌ وڃي معلوم ڪيا، هتي هيءَ احوال،

 

اڄ قاضيءَ قرباني ڪئي، صاحب ٻُڌس سوال،

 

رکي کٿابي خيال، آيا مڙي ملان جي گهر ۾.

116

در لنگهي گهر آئيا، تن آيو اعتباري،

 

ٿيا سُري سوڙها ٿانو کي، چُري چوڌاري،

 

آين واس وِهاٽ جو، ٿين جگر گهري جاري،

 

ڪـي ڪري ڪِيهه ڪِري پيا، ڪي نڪتانڪاري،

 

ڪي ڪاهي نڪتا ڪوٽ مان، زور ڪري زاري،

 

مجني بنان مير جي، ڪونهي وِهه جو واپاري،

 

کائڻ منجهه خوشيءَ کان چيائين: پانههَ پياري،

 

ههڙو هزاري، مون طعام نه کاڌو تو بنان.

117-

تڏهن طعام مٿئون ڀي تڪڙا، ويهي گوڏا کوڙيا گهوٽ،

 

ويو لُٽي لحظي ۾، کڻي چنچل چوٽ،

 

اتي مير ڏني جاموٽ، سو هڪ نه بچايائين هوڏ کان.

118-

پوءِ مجني اڳيون منڌ کي، ڏاهي ڏس ڏنو:

 

جي هجي هيڏي آڻ تون، قيس کائي منڌ مُنو،

 

ٿورو هئو ٿانوَ ۾، ڪين پورو قُوتُ پُنو،

 

چئي: پرين نه آهي پوئتي، مون ڪڍي ڪُل ڏنو،

 

پوءِ ڪڍي مُنڌ ڪُنو، کڻي دانَهه ڀڳو در تي.

119-

اتي پانَهه پرين پاڻ ۾، ويا طرف مَسيت،

 

ٿي بيشڪ ويٺا بيت ۾، راول چڱيءَ ريت،

 

شل هجون هميش هِتُ، وِٿَ مَ پوي وارَ جي.

120-

ائين اوريندي پاڻ ۾، لنگهين رات رنگن،

 

شل هجون هيڪاندا هت، ٿا سائينءَ سوال گهرن،

 

دشمن لِڪا در تي، لِيا لک هڻن،

 

مجنون مئو ڪينڪي، ڏسي خَر گهڻو کامن،

 

قاضي وٽ قيس جي، وِڌي ڏاههَ ڏُکين،

 

”سائين! ويٺا خوش کلن، مجنون مريئي ڪينڪي.“

121-

پروههِ ته وڙهندو ڪينڪي، جي صاحب ساڻ هجي،

 

سوين دشمن دغائن جا، ڪيون منتر مَنڊ مُنجي،

 

جي رب جو حڪم هجي، ته ڪڏهن وڙهندا ڪينڪي.

122-

تڏهن قاضي ڪارو ٿي ويو، اُودو ۾ ارمان،

 

اچي پيو اوچتو، جنجل ڀي ته جوان،

 

اچي قاضيءَ مِٽَ ڪٺا ٿيا، حيرت ۾ حيران،

 

ويٺا ڳڻپ ڳڻين ڳالهه جي، جنبيو جنگ جوان،

 

لِڪي ڀڄ لغور کان، جيئن ڪل پوي هن ڪان،

 

ٿي صلاح پڪي سلطان، هاڻي سعيو سنڀرڻ جو ٿيو.

123-

هلڻ هارا سپرين، وڃڻ وايون ڪن،

 

ڪل ته هئڙي ڪانڪا، اهڙي عاشقن،

 

ته جي لڏيڳن لاڏاڻا ڪيون، ڏاڍا ڏک ڏين،

 

جدا جالين ڪيئن سي، هيڪاند هير هُون،

 

اهي ٻيلي سانگا ٻَن، جو جيئري جدائي ٿئي.

124-

انهيءَ رات اُٿي وڃي، سُگهڙ گهر سُتي،

 

رضا جا رحمٰن جي، اچي مِئـين خيال کُتي،

 

پوءِ گهائـي ننڊ گهُٽـي، ننڊ نهوڙيو نار کي.

125-

اُٿي کي اڌ رات، قاضيءَ ڪرها پلاڻيا،

 

هل هل هت هونگار ٿي، چوريءَ چپ چپات،

 

صورت ليٽي سيڄ تان، روشن ڇڏيو رات،

 

قاضي قهري ذات، تنهن گهُٽي گهوڙي تي وڌي.

126-

تنهن گهٽـي گهوڙي تي وڌي، اَٿِي بيوس ڳالهه بيان،

 

تنهن وات وٺي سوگهو ڪيو، ظالم زور زبان،

 

تنهن سبب سوگهي رهي، ڪوڪ ڪيائين ڪان،

 

ساهه سڄڻ لئي پوئتي، نِن جنازو جوان،

 

تڪڙا وڃن تَوَ مان، وٺيو راهه روان،

 

جيڪي هِيئن ٿين حيران، سي صاحب سگهڙا ميل تون.

127-

پر قادر ڪرين ڪين ها، دل رتي رولو،

 

وڇڙين جو ته وچئون ڪڍو، ڀِت ڀڃي ڀولو،

 

وڇڙيا وري ميل تون، ڪڍ عرض سڻي اولو،

 

پوءِ ڳُڻن پٺيءَ ڳولو، سالڪ سڀاڻي ٿيو.

128-

ڪنهن معلم مجني سان ڪئي، اچي عاجز اٿاري،

 

ته قاضي ڪالهه لڏي ويو، هتئون هونگاري،

 

اُلٽيا پار ’عراق‘ جي، وطن وساري،

 

ڪري ڪاهه ’قدوس‘ تي، ويا توڏا تنواري،

 

دانهون ڪيائين درد مؤن، ٻُڌندي ٻاجهاري،

 

ليليٰ ڪاڻ لُڇي گهڻو، ساجن کي ساري،

 

ساجن ريءَ شهر ۾، گهائل ڪيئن گهاري،

 

ڪنهن نه جهليو قيس کي، ويندي ويچاري،

 

رند وٺيون رڙهندو وڃي، ًُرندو ۾ چاري،

 

پيالو ٻڌي پيٽ سان، پيو وکڙيون واڌاري،

 

کڻي خاڪ رندن تون، لائي منهن کي موچاري،

 

هئي! مجني کي ماري، قاضي ڪالهه ڪُهي ويو.

129-

پر ڪٺل وڃي ڪُڏندو، گورن ڀَريون گام:

 

ڪڏهن موٽان ڪينڪي، هڻي هليو هام،

 

اکيون ٻوٽي ارڏيو وڃي، ساڻي ٿين سام،

 

وڃي سورهه ڪيا سلام، پهچي پنجين پَهر ۾.

130-

اتي قاضيءَ ڏٺو قيس کي، ايندو راهه روان،

 

قاضي ڏسي قيس کي، ٿيو پشيمان:

 

ته ڀڳس جنهن جي ڀَوَ کان، اچي جلدي رسيو جوان،

 

تڏهن قاضيءَ ڪيو قهر مؤن، هي بيهي بات بيان:

 

اچ موٽي جهل مجنونءَ کي، رکي ڌيءُ ڌيان،

 

نه ته مرندو هن مهل ۾، اڄ ٿيندو زور زبان،

 

سَرڙي بيٺو سيگهه ۾، کنو ڪڍي خان،

 

پوءِ اهو گهڻو ارمان، منڌَ وڏو معلوم ٿيو.

131-

ليليٰ لفظ ٻڌي اهو، ٿي هاڻي مري هت،

 

ڪيئن ڪريان، ڪاڏي وڃان، اڳيؤن باهه، پؤيون ڀت،

 

پرور منهنجي پت، پوري ڪج پرينءَ سان.

132-

ائين چئي، اُسري هلي، راهه وٺي راڻي،

 

ڪيههَ ڪندي، وسندي وڃي، نيڻئون نماڻي:

 

موٽي وڃ تون مجنا! هينئر پرين هاڻي،

 

ائين چوندي اکين مون، پرٽيس ٿي پاڻي،

 

ائين چوندي اکين مؤن، پَرٽيس ٿي پاڻي،

 

ريها ڪري رڻ ۾، ڏسي حال گهڻو کاڻي،

 

هئي هئي ڪيو هٿڙا هڻي، ٿي عاشق اياڻي،

 

هيءَ ماندي مُلياڻي، مجنا! پرين موٽ تون.

133-

چئي: مران ته مانُ لهان، جي موٽان تان ميار،

 

پرين ڇڏي پرديس ۾، ڪيئن ياڪِي ٿيان يار،

 

هاڻي ڏسندس انهيءَ ڏيهه کي، شال هلي هيڪار،

 

اکيون اکين سامهون، ڪيان دلبر تون ديدار،

 

پوءِ شڪرانا هزار، جي گڏ مري غازي ٿيون.

134-

چئي: مدعي مارنِي مون اڳيون، هلي ڌڪ هڻي،

 

تنهن کؤن اڳ ۾ مار مونکي، اچي کنيو خان کڻي،

 

اها مون واهه وڻي، جيئن سور نه ڏسان سپرين!

135-

چئي: صدقو ڪيان ساهه کي، تون جيئن چوين جاني!

 

تو ڏني تسليٰ هئي، هئا ڦٽ سڀئي فاني،

 

هرهر هلي تون چوين، ڪر زاري زباني،

 

ٿيندو هينئڙو حيراني، پر سگها وَرجو سُپرين!

136-

چئي: مجنا مير! مصر تون، وڃ وارث وِير وري،

 

سگهي اينداسـي سپرين! سڄڻ سانگ چَري،

 

پوءِ معلوم ناهه مَري، ڪِي جانب جيئري ئي ملون!

137-

چئي: مجنون موٽي ڪينڪي، اُڀو اُتي آهي،

 

سانگ چري تون سپرين! اچي ڪَر لهج ڪاهي،

 

تنهنجي سڪ گهڻي ڀي ساهه ۾، اندر پرين آهي،

 

هي ننگ ٻين ناهي، اٿئي قاضيءَ جهڙا ڪيترا.

138-

چئي: مجنا! موٽ مصر ڏي، هت بر گهڻو بالا،

 

پاڻي ناهه پٽن تي، نڪو ميوو متوالا!

 

اَن سوا ڀي اُڃ ۾، ڪيئن ڪڍندين ڪشالا،

 

پوءِ انشاء الله تعاليٰ، مَن مصر منجهه ملون اچي.

139-

چئي: اَن اوڏو ناهيان، نڪي پيئندس پاڻي،

 

روزو روز ازل تائين، مون هينئر رکيو هاڻي،

 

پوءِ سدا هجي ساڻي، فضل يار فقير تي.

140-

اتي موڪل گهري محبوب کان، بيهي رت رني،

 

اڃان آس اندر جي، هُن پوري ڪين پُني،

 

وجهي وڇوڙي وچ ۾، ڊگهي ڏور ڏني،

 

هاڻي ڇاکون نينهن ڇِني، پرين پٺيرو ٿيو.

141-

بيوس وڃي بند ۾، رنج منجهان روئندي،

 

بنان قيس قريب جي، ڪاهل ڪيئن ڪندي،

 

قاضيءَ جي قهر کؤن، وڃي ڪامڻ ٿي ڪنبندي،

 

هاڻي مجني ريءَ مرندي، ڪين جوش مون جيئري بچي.

142-

جوشن منجهؤن جي بچي، جن گهائي ورتس گهَٽَ،

 

ڳوڙها لڙڪيو ڳلنِ تان، پلٽيا پُون پَٽَ،

 

انهي سورن جهلي سَٽَ، جانب جيئري جي اچين.

143-

اتي پسيو پٺيرا سپرين، مجنون مُنهن پِٽي،

 

وڇوڙي وڌس وجود ۾، اندر گهاءَ گهٽي،

 

کڻي خزانو خان جو، هلي ليليٰ اڄ لُٽي،

 

هائي ڇُٽئي ڪين ڇٽي، پختي ڳالهه پڄي رهي.

144-

پر مُئو نه آهي مجنون، نڪي جانب ريءَ جيئي،

 

سرس پيالو سور جو، ڀريو پُر پيئي،

 

ڪيئن پاسي پـير ٿئي، اُهي رند ڏسيو ريهان ڪري.

145-

ريهان رڙيون وات ۾، ڪامل ڪيو ڪلام،

 

اکين اوهيرا ڪيا، وهائي رت رغام،

 

هئڙس اور اکين جي، نڪو هونِ حرام،

 

مجني ڪاڻ ماتام، اڄ رات وهاي ڏينهن ٿيو.

146-

اُڀو انهيءَ پار ڏي، پيو نرمل نهاري،

 

من مون تنهن محبوب کي، هڪ پل نه وساري،

 

ريهان ڪيو رڃ ۾، هئي هَنجهون هاري،

 

دل وڏيون دانهون ڪيون، پر وس نه ويچاري،

 

ٻي ڀي رات ٻهون گهڻو، تنهن کي تنواري،

 

گهايل هت گهاري، قيس لکيو جيئن ڪرم ۾.

147-

جيڪي سانگ ويا ٿم سڄڻا، سي ايندا شال عجيب،

 

شل دارون ڏيندا دل کي، چڱيءَ طرح طبيب،

 

هاڻي هلي آءُ حبيب! تنهنجيءَ سڪ سوگهو ڪيو.

148-

اچ ڪاهي تون اورتي، اڱڻ پرين آڌار،

 

ناهه مناسب مون ڪنان، توکي ياڪِي ٿيڻ يار،

 

ويئي بيهاري بر ۾، سڪ ڏيئي سردار،

 

هاڻي ماندي کي منٺار، هفتو هڪ لنگهي ويو.

149-

اڄ اکين آب وهائيو، ڪري نيڻن مون نـيرو،

 

صحبت ساهه سڪايو، جان جگر جيرو،

 

دانهن سڻي دلگير جي، اچ سانول سگهيرو،

 

بيٺو آهيان بر ۾، تنهنجو پرين! وٺيون پيرو،

 

هتي دوست وڌي ديرو، مونکي مهينو ٿيو.

150-

پَسيون انهيءَ پار ڏي، روح ڏئي ريلو،

 

موت ۽ ملاقات جو، وقت نه آهي ويلو،

 

ڪڏهن گڏ گذارن ڏينهڙا، ڪڏهن مس ٿئي ميلو،

 

ڳالهه انهيءَ ”عرض محمد“ چئي، ڀاڱي پيو ڀيلو،

 

هتي عاجز اڪيلو، جالڻ جيءُ جنجال ۾.

151-

اڄ پهريون ماهه پُري ويو، ٻيو چنڊ چون،

 

آسر لڳو آهيان، اڃان ڪين اچن،

 

ڪڏهن مُڙن ڪينڪي، سچي سڪ سچن،

 

پکِي گهڻا پَٽ تي، پيا اتي اُڃ مرن،

 

ڏينهن نپي باهه ٿئي، ڪئي لال لُڪن،

 

جهولي سنديءَ جهَڪَ ۾، پيا ساوا وڻ سُڪن،

 

چوٿين ماهه چون، ويئي صورت ڦري سلطان جي.

152-

سُڪس رت رڳن مون، عاشق ٿيو اُداس،

 

هاڻي مجني سندو ماس، سُڪي ماهه سڀو ويو.

153-

ڪري ڪاڻ قريب جي، پِٽي پار پيو:

 

شل سکيا وڃن سپرين، ٿوري منجهه ٿيو،

 

جو بيهاري ته برن، ڏاڍا ڏک ڏيو،

 

پنجين ماهه پيو، اهڙيون عاجزيون ڪري.

154-

قسمت قيدالماءُ، قابو ڪيئي قيد ۾،

 

جالڻ جدا جان ۾، ٿيو گهڙي گهارڻ گهاءُ،

 

عاجز جو اچي پرين! تون ساجن! لهه سماءُ،

 

ديسون مِٺو پرديس جو، وَه جو وڻيئي واءُ،

 

هاڻي هلي هن هنڌاءُ، ڪا ڪل لهو ڪمزور جي.

155-

وڌو وڇوڙو وچ ۾، قسمت ڪري ڪيئن،

 

عاجز سان ”عرض محمد“ چئي، هڏ نه گهرجي هيئن،

 

هاڻي ڪاڏي وڃان ڪيئن تنهنجيءَ سڪ وٺي سوگهو ڪيو.

156-

ڇهين مهيني ڇوهه مان، ڪري وير وڏا واڪا،

 

ڪُوڪان ڪيان ڪيتريون، من ڪَن پويئي ڪاڪا،

 

سڻي سڄڻ سا ڪا، سانگ چَري سگهڙا اچو.

157-

سڄڻ! وئين سانگ تي، مونکي بَر ۾ بيهاري،

 

سڄڻ! ڇڏي هن سور ۾، وڃي ويٺين وساري،

 

مالڪ ري محبوب جي، ٿو جيڪي جياري،

 

ڏيو روز نئين سڪ ساهه کي، ٿو ڳڻتين ۾ ڳاري،

 

شل ڏاتر ڏيکاري، جيئري منهن محبوب جو.

158-

ستين مهيني سڪ مؤن، اهڙي ڪڍي آهه،

 

ادب منجهه اُڀو پرين! روز نهاريان راهه،

 

اَن ته آسائُو آهيان، ڪڏهن مونکي ملين ماهه،

 

وَرُ وسارج ڪينڪي، ڪر ولهڻ جي ڪا واهه،

 

اڄ پرين آڻ الله! ته لهي اُڃ اکين جي.

159-

اٺين مهيني آئيو، سارنگ سُوڌ هَلـي،

 

ڪڪر ڪاهِي ڪڪريون، ڪري بار بُلـي،

 

وڌائين ريج رَلـي، جو سانوڻ مينهن سدا وسي.

160-

اڄ سارنگ به سهڻي ڪئي، وري وسڻ واري،

 

رخصت مليس رب ڏانهن، ڪئي صاحب ستاري،

 

امر ساڻ ”عرض محمد“ چئي، ٿيا جل گهڻا جاري،

 

وڄون وسڻ آئيون، چوڏس چوڌاري،

 

ڪي مڪي مبارڪ تي هليون، ڪي مديني هليون هزاري،

 

ڪي ملهي هليون ملتان تي، ڪي بغداد مٿون باري،

 

ڪن اڇي تي امداد ڪيو، ڪن لمي لغاري،

 

ڪي چلي هليون چين تي، ڪي قابل قنڌاري،

 

ڪن رستو ورتو روس جو، ڪي مٿي ملباري،

 

ڪي نڪري ناڙيءَ تي هليون، ڪي ڪاڇي ڪوهياري،

 

ڪي ڪاهي هليون ڪيچ تي، ڪي دِليءَ دهڪاري،

 

ڪي اُلٽيون استنبول تي، ڪي گجن گرناري،

 

ڪي موٽي هليون ملير تي، ڪن عرب اختياري،

 

ڪن کِنيو خراسان تي، ڪن پورب پڇاڙي،

 

ڪي آيون عمرڪوٽ تي، ڪي گنگا گرناري،

 

ڪن رخ جهليو روم جو، ڪي لس ويون لُواري،

 

ڪن پَٽڻ ۽ پتلاڌ جي، سڌ رکي ساري،

 

ڪي يمن ۽ يونان تي، ڪئي سِري ستاري،

 

ڪي آيون ڀي ايران تي، ڪن بربر بهاري،

 

سائين سدائين ڪندو، هيءَ سنڌڙي سڪاري،

 

ٿيا چوسا چوڌاري، اڄ گاهن جا گلزار ٿيا.

161-

نوين مهيني نڪتو، سهجئون ڀي سردار،

 

پاڻي جام پَٽن تي، تِتِ گهڻان تَلهار،

 

بوءِ کلي خوشبوءِ ٿي، ٿيا گاهن جا گلزار،

 

وڻ ٽڻ سڀئي واسيا، ٿي ٿرن ۾ ٿڌڪار،

 

دوڙي دانهه ديس تي، آيا هلي مال هزار،

 

پر اڃان اچن ڪينڪي، موٽي منهنجا يار،

 

جيڪس ويڙس وسري، دل مٿئون دلدار،

 

پر اڃان آس اندر ۾، من اٿم منٺار،

 

موٽي هن مسڪين جي، سڄڻ لهندا سار،

 

مانديءَ کي منٺار، ڇاکون هت ڇڏي وئين.

162-

ڏهين مهيني ڏک مون، ڪري داد بنان دانهون،

 

ادب منجهه اُڀو پرين! روز ڏسان راهون،

 

جار اٿم ڀي جن جو، شل ايندا اوڏاهون،

 

اچڻ سان امداد جون، ڏيندا ٻانهيءَ کي ٻانهون،

 

سڻ دلبر تون دانهون، هت مران ٿو هيڪلو.

163-

يارهين مهيني يار! تون، ڪين وساري ويهه،

 

ڪيئن لالڻ لاٿو دل تون، سڄڻ! تو ساڻيهه،

 

مولي ملڪ رسائيو، ٿيو ڏاڍو سکيو ڏيهه،

 

اچي پرين! اڱڻ پيهه، مون کان ماندائي لهي.

164-

ٻارهين ماهه منير کي، وليون وَرَ وجهن،

 

گوشا گولاڙي ڪيا، ڪڍيا نيش نِڌن،

 

وڻ ويڙهين ور وڌا، اُت ڪڪر ڪڪو ران ڪن،

 

ڪوڪڙ مٿون قيس جي، ڪيو ڳاڱيون ڳر ڳَڙن،

 

تيرهين مهيني مير تي، ڪئي ڇانوَ ڇُڳن،

 

مرون مجني ڏي گهڻا، اچي اوتارا ڪن،

 

لڪن لرزن ڪينڪي، نڪا حرڪت هت هلن،

 

ڪڏهن ايذائن ڪينڪي، جي سچي سام پون،

 

هيڻا هن جي زور تي، پيا وڏا زور وٺن،

 

چوڏهين ماهه چون، ملي امانت مير کي.

165-

بيٺي اتي بر ۾، پُنس پندرهن ماهه،

 

وحدانيت وڃي پيو، سندي رباني راهه،

 

’وَنَحن‘ واحد سين ٿيو، ڏنس عل الله،

 

هاڻي سورهين سندي ماهه، پاڻ وساريائين پانهنجو.

166-

هت قصو هاڻي ڇڏيان، جو محبت پيئي من،

 

دوست هئو ڀي دل جو، تنهن ڪامل چيو ڪن،

 

جي چڱا ٿا به چون، ته مختصر ڳالهه مزو رکي.

167-

نه ته وڌائڻ جي ته وڏي هئي، مونکي آس اڃان،

 

پر مرضي تنهن منٺار جي، ڀائي! ڪين ڀڃان،

 

وري وير وڃان، قصي مٿان قيس جي.

168-

سترهين ڳالهه سهي ڪري، ارڙهين پائين ايڪ،

 

اڻويهين ان ڳالهه ۾، ويهين ڪونهي ويڪ،

 

ايڪيهين ته اُڀو ڪري، نظر بيٺو نيڪ،

 

هاڻي ساجن سندو سيڪ، ڪامل کي ڪم آئيو.

169-

ٻاويهون ته ٻڌي رهو، ٽيويهون ٽڪيو،

 

چوويهون چڱي  چال ۾، پنجويهون به پيو،

 

ڇويهون لنگهيو ڇوهه مان، ستاويهون سڌيو،

 

اٺاويهون ته الله سان، وڃي واصل هت ٿيو،

 

هاڻي وهي سور ويو، وڃي حاصل ٿيو حضور ۾.

170-

اوڻٽيهين منجهه اتي وڃي، پهتو منجهه پريت،

 

ٽيهون ڪريو ڳالهه کي، راول انهيءَ ريت،

 

ايڪٽيهين ته اچي رهي، ٿي پوري ڳالهه پريت،

 

منير نه ٿيندو مِيت، ٿيندو ميلو قيس قيام ۾.

171-

پر مجني بيٺي بر ۾، ماهه ٻٽيهه ٻُجهن،

 

نڪي ويٺو انهيءَ وچ ۾، نڪي پاسي پير چون،

 

نڪو آدم آيس اوڏڙو، نڪا ڪُوڪ ٻڌائين ڪن،

 

نڪو طعام ڏٺو تنهن وچ ۾، نڪو چکيو آبُ چپن،

 

هاڻي اهڙي اُهڃاڻن، مجني مطلب ماڻيو.

172-

هاڻي ليليٰ لال ڪنوار جو، ڪيان بات بيان،

 

پرين بنان پرديس ۾، هئي گهڻو حيران،

 

آيس بيهاري بر ۾، مجنون مهربان،

 

جدائيءَ جي ته جيئڻ کون، ساهه نئي سبحان،

 

هئي هئي منهنجي حال کي، ٿيان قيس مٿون قربان،

 

ٿِي پِٽـي پريشان، ڪپڙا ڦاڙي قيس ري.

173-

ڪپڙا ڦاڙي قيس ري، ويتر ڇِنـي وارَ،

 

ننگ ننگاوت ناهه ڪا، مٿي مُحب ميار،

 

ڪُوڪان ڪري ڪيتريون، ري سنگت سردار،

 

هئي هئي هينڙي تي هڻي، گهڻا هٿ هزار،

 

داغ ڇڏي اڻڄاڻ مٿي، نپٽ چري تروارَ،

 

اَڙين جا آڌارَ، سائين! ميل سگها پرين.

174-

سائين! ميل سگها پرين، والي! واهر ورُ،

 

فضل ڪري فقير تي، دانهينءَ ورتو درُ،

 

قاضي وار ڪريم! تون، لاهي ڏُرت ڏمُر،

 

وڃي مِلان محبوب کي، جو بيٺو وسائي بَرُ،

 

گهايل اها گهرُ، زهر لڳس زاريون ڪري.

175-

اتي قاضي ڪوٺيو ڪيترا، پيو سڏي سيکاري:

 

ته چريءَ کي چئو وڃي، ڌيري ڌُتاري،

 

ته ماڻهو مصر ملڪ جا، آيا هيڏي هونگاري،

 

قاضيءَ ڏنا ڪيترا، تن سنيها ساري،

 

قيس مُڪا آهن ڪيترا، تن سنيها ساري،

 

خان کٿابين کي، ات ويٺو سبق سيکاري،

 

چئي خوش گهڻو گهاري، ٿو مصر ويٺو مجنون.

176-

تڏهن وڃي ڏنا وچ تي، نياپا نروارَ،

 

تن پتا پورا ڏنا، پورا پسي پارَ،

 

سي ڪامل ٻڌا ڪنن سين، رکي جيءُ اندر ۾ جارَ،

 

چئي: ملون مانَ مصر ۾، ڪريون شڪرانا هزار،

 

جو مصر ويٺو مجنون، ٻُڌم پاڙهي ٻارَ،

 

ويڙا سور سرير مؤن، لٿا بيڪس بارَ،

 

جو وسئون وڃي ويجهو ٿيو، ويهي ۾ وڻڪارَ،

 

جي ڏينهن ڏنيم ڏاتار، ته پسنديس ماهه مصر ۾.

177-

ٻڌي مير مصر ۾، وهلي ڪين وري،

 

اڍائي ورهه اتي رهي، پائـي خبر کري،

 

پر دم نه خوش هئي دوست ري، پئي ڳڻتين منجهه ڳري،

 

هوند وڃي منڌ مري، جي ڪل پويس ها ڪوڙَ جي.

178-

تڏهن ليليٰ ليلايو، گهڻا سڏايو سوال ڪري،

 

وجهه رايو رازق! روح ۾، قاضي ڪرم ڪري،

 

جيئن مِلان پنهنجي ملڪ تي، وهلو اڄ وري،

 

ٻڌي حال حمير جو، هاڻي ساعت ڪين سري،

 

رازق! رحم ڪري، سُڻ وينتيون وڏا ڌڻي.

179-

اُت ريهان ڪندي روز هئي، صاحب کي سڏيُون،

 

قاضيءَ قصد ڪيو، اُٿي لوءِ پنهنجيءَ لڏيون،

 

واري واڳ وطن تي، ڇوڙي اڄ ڇڏيون،

 

ڪاهي مال مصر ڏي، هلي گام انهيءَ گڏيون،

 

واحد اڄ وڏيون، مَهرون ڪيون مشتاق تي.

180-

اڄ ڪري ڪاهه قدوس مان، مصر موٽيا ميرَ،

 

رخصت وٺي راڄ کان، ڦريا اڄ فقيرَ،

 

قاضيءَ وچ تي ڪيترا، ويلا پيڙا ويرَ،

 

اچي سَٽـي سڻاوا ٿيا، لنگهي نديون نيرَ،

 

ليليٰ کي تنهن لال جي، هئي اندر گهڻي اُڪيرَ،

 

سرهي ٿيس سريرَ، صحيح سلامت آئيا.

181-

ليليٰ لٿي اُٺ تون، لعل اُتون لَڙڪِي،

 

ڪري مُنهن مسيت ڏي، ڪاهي سو ڪڙڪِي،

 

ته ناهي محب مسيت ۾، ٿنڀ ڏسيو ٿڙڪِي،

 

پوءِ باهه لڳي ڀڙڪِي، ڏسي جوش جلي ويئي.

182-

سَٽان سيرن ۾ گهڻيون ڏنيون، گهوران ڏسي گهير،

 

پَهه ڪندي پُڇندي وتي، پانهه ڏسندي پير،

 

هينئر ڏسان هت ڪونه ٿي، ڪٿ ويهي لاتائين وير،

 

مون سڀ نهاريا سير، هت ڪامل ڏسان ڪونه ٿي.

183-

پر سُنهن وجهيو سڏ ڪري، پڇي ڏاتر نالي ڏَس:

 

ڪنهن مصر ڏٺو مجنون، بر ۾ ڪنهين سان گَس،

 

ڪين اصل آيو ڪين هو، ڪئي خَرن مون سان کَس،

 

ڏيو ڏس پرينءَ جا، ڪي رازق نالي رَس،

 

هاڻي ولهيءَ نه آهن وَسَ، پر ٻڌان حال حمير جو.

184-

ڏنس جوان جواب، آئي هڪ حياءُ،

 

چئي: وينتيون وڏيون ڪرين، ڏيانء سائڻ! آءٌ سماءُ،

 

اوهان پُٺي ايڏانهن تي، روئندو آيو راهه،

 

پوءِ موٽيو ڪين مصر ڏي، نه ڪو سُڌ سماءُ،

 

يا ديس ويو داءُ، يا مِرُن کاڌو مجنون.

185-

چئي: وطن ويندو ڪينڪي، هيءَ ولهي وساري،

 

جان تحقيق تنهنجي ڳالهه جان، مرن وڌو ماري،

 

ڪل ته پوي ٿي ڪانه ڪا، ڪٿي غازي گذاري،

 

جي سُڌ پوي سلطان جي، ته هت گهايل ڪيئن گهاري،

 

هن مانديءَ کي ماري، سورن هت سوگهو ڪيو.

186-

سورن هت سوگهي ڪئي، نڪو مليس پار پتو:

 

جيڪو ڏسي مونکي ڏاهه ڏئي، اوهين ووڙيندا ته وتو،

 

هُو هُت رنگ رتو، هيءَ ٿي هِت حيلا ڪري.

187-

تڏهن گهايل ويٺي گهر ۾، روز ڪري ريهان،

 

ڪوڪان ڪري ڪيتريون، وات منجهون ويهان،

 

راتيان ۽ ڏيهان، نه اٿس آرام اکين کي.

188-

قادر! ميلج قيس مون، صاحب رب ستار!

 

وڇڙيا وري ميل تون، آڙين جا آڌار!

 

ڪري سونهان آڻج سيگهه ۾، جن پتا نڪي پار،

 

ڪري صبر ويٺس سڪ ۾، تنهن جي وٺي تارَ،

 

موٽائي منٺارَ، صاحب! سگهڙا آڻ تون.

189-

سور وٺي سوگهي ڪئي، بيوس ٿي باندي،

 

ڪُوڪان ڪري ڪيتريون، مجني ريءَ ماندي،

 

ڪڍي پار پرينءَ لئي، وار نه هڪ واندي،

 

چئبو جو چاندي، سو مِٽ نه ٿيندو مورهين.

190-

پاڳِي ڪارڻ پيٽ جي، ڪئي ڪاٺين پُٺيءَ ڪاهه،

 

ڪج سبب صاحب سيگهه ۾، اچي اڄ الله!

 

گڏهه چڙهيو گِڙڪيو وڃي، رڙهڪيو وٺيو راهه،

 

وسئون لنگهي واهه، وڃي سَٺو سڻائو ٿيو.

191-

وڃي پِيڙو جهوڪ جهنگل جي، جت بُنڊ گهڻابسيار.

 

وتي جاچيندو جُوءِ ۾، ته بيٺا سڀ بيڪار،

 

اچي قضا بيٺي قيس تي، مٿون محڪم يار،

 

هينئر وڍيان هن بُنڊ کي، کڻي باري ٻڌان بار،

 

ڪهاڙا هنيائينس قهر مان، هُت ڪري هونگار،

 

مجني کي منٺار، خنجر هت کڻي ڏنو.

192-

لڳو خنجر خان کي، عاشق ڪڍي آهِ،

 

لڳو ڪهاڙو قيس کي، دانَهه ڪئي دانهَ،

 

ڪهڙي ڪارڻ گاهه، مونکي ٿو تون مارئين.

193-

تڏهن دهشت دائـي تي پيئي، مٿون خيال کري،

 

آٻو آواز اوچتو، ته ڪا ويجهي وَسئون وري،

 

ڏَڪي بيٺو ڏور ٿي، ڏيئي ٽِپ ٽَري،

 

جان آدم انهيءَ جاءِ مؤن، يا دانهه ديُو دري،

 

ڪل لهڻ ڪاهي هليو، وهلو وير وري،

 

تون جالين جن پري، ڪي آدم آن انسان تون؟

194-

چئي: ڙي ڏڪي بيٺين ڏور ڇو، آهيان آءٌ انسان،

 

هٿؤن حبيبن جي، هت قهري لڳو ڪان،

 

ويا بيهاري بَرَ ۾، هت ڪري حيران،

 

آيا هُو ته اڃان نه، پرين جي پرديس ويا.

195-

اتي پاڳي پوءِ وري، مير سڃاتو مجنون:

 

توکي ماري مجنا! سي ويڙا وطن وري،

 

تو پاڻ جلايو جن لئي، بيهي مير مَري،

 

سا ناري ٻين نرن تي، هُت ٿيڙي چُور چَري،

 

وڃ تون وطن وري، ڇو پاڻ جلائين پانهنجو.

196-

چئي: دايا دشمن دوس جا، پِٽيا پُٽَ پليت،

 

گهاءُ وڌ.ي گهاٽا اچي، هينئر هت هلي ته،

 

هاڻي سورن ڳالهه سلي ته، معلوم ڪر نامون اڳيان.

197-

اسان دانهه دل جو، ڪيو سودو مير مَٽـي،

 

هن جي دل هتي رهي، منهنجي ويـر وٽـي،

 

سا هيڏانهن ڪيئن هٽـي، دل تنهنجي داناءَ جي.

198-

چئي: معافي ڪر تون مجنا! اِهي اڳرايون امير!

 

هڪ گهاءَ وڌم گهاٽا. اچي، توکي ويتر وڏا وير!

 

پَر هئا چوندا هُت حمير، ته ليليٰ چري لوء ۾.

199-

چئي: ڪامڻ ڪيا ڪيترا، هيڻا هن لئي حال،

 

هاڻي هن فقير جا، سُڻ سائينءَ لڳ سوال،

 

ليليٰ کي هُت لِڪ ۾، وڃي ههڙا ڪجانء حال،

 

جو مجني بيٺي بر ۾، سُڪـي لنگهن سال،

 

توکي بيڪس ڇڏڻ بر ۾، لائق هو نا لال،

 

تو دانَهه لاٿِي دل تؤن، منهنجي ماهه! مقال،

 

ڪل ته لڌيوَ ڪانڪا، موٽي ڪاهي مال،

 

وڃ دايا! درس دلال، اسان ڀانيو آهن اوڏهين.

200-

چئي: مصر موٽي مجنا! هل وري حالي،

 

مون سان گڏيو مير! تون، وهٽ چڙهيو والي،

 

هِت خان بيٺو خالي، مُنجين ناحق نياپا نار ڏي.

201-

چئي: اکين سان اوڏهين هلان، موٽي تن مِٺن،

 

پر طاقت نا تِر جيتري، ادا! ۾ عضون،

 

سُڪِي سي ساڻا ٿيا، ناهي رت رڳن،

 

چُرن پُرن ڪينڪي، واريان ڪين ورن،

 

هتئون ڪين هلن، پاڻ جهلي سي پانهنجو.

202-

چئي: سُڻيم سمجهيم سڀڪا، پر ڏي نازڪ نشاني،

 

ته درست اڳيون داناءُ جي، نيئي جلد رکان جاني!

 

ڪر اهڙي احساني، ته ويسهه ڳالهه وڏو ٿئي.

203-

تڏهن پيالو ڇوڙي پيٽ تان، وتو ڪامل وٽان قيس:

 

سوين ڏج سلام تون، دايا! هن درويش،

 

پانڌي! ڏَسج پرينءَ کي، هي روئي سڀئي ريش،

 

اتي خوش لڳائي خويش، مونکي هت ويهاري هيڪلو.

204-

پاڳو موٽيو پوئتي، بانڪو بار ڀري،

 

موٽي مصر آئيو، پهتو پنڌ ڪري،

 

ڪاٺيون لاهيائين ڪوٽ کون، پري ڌار ڌري،

 

لاکيڻو هليو ليليٰ ڏي، ڏيڻ پَتا پير ڀري،

 

پوءِ سالڪ سڏ ڪري، ڏئي نياپو نار کي.

205-

سڏ سڻي سيگهه ۾، آئي دانَهه نڪري در:

 

ادا! ڪهڙي ڪم سان، پاڳا! آئين پر؟

 

تڏهن دانهه ڏنس در تي، موٽي خان خبر:

 

ته مجني مونکي موڪليو، هيئن چئي هرهر،

 

ته ليليٰ کي چئج لِڪ ۾، تون وڃي ڪري ور،

 

جت ڇڏي ويو جُوءِ ۾، آهي بيٺو انهيءَ برم

 

پيالو ڇوڙي پيٽ تان، ڏنو نشاني نينگر،

 

هڏ نه گهرجي هيئن ها، ڪرڻ ڏوهه ڏمر،

 

ويو موٽي ماڳ تي، ڪانه لڌيو ڪا ڪر،

 

ويٺس جهنگ وٺي هت جهَرَ، اڄ سورن ۾ سوگهو رهي.

206-

چئي: پرين پاڻ نه آئيو، مُنجي پَتا پيالا،

 

ڪل هَئڙم ڪانڪا، ڪي ڪڍي ڪشالا،

 

مون به وس ڪري ووڙيو گهڻو، چو قبلا چالا،

 

انشاء الله تعاليٰ، من هاڻي هت وصال ٿئي.

207-

چئي: هلڻ جهڙو هُو نه هئو، هو منڌ گهڻو ماندو،

 

ساهه وڃي سيني رهيو، ڪجهه ڇاتيءَ ۾ ڇاندو،

 

هوند هِت وٺي آندو، پر ڏاڍو هُت هلاڪ هو.

208-

ٻڌي حال حمير جو، دانهن ڪري دَهلِي،

 

آندا آب اکين ۾، ڳاٽ ڀري ڳَهلِي،

 

پيالو ڀڃي پَٽ تي، ويرِ وري وَهلي،

 

ڪري هوءَ هاءِ گهر هَلِي، ٻائيءَ ٻانهيءَ کي چيو.

209-

جيئن ڇڏيو مون جِت، هو اُڀو اُت آهي،

 

اُٿي اُٺ پلاڻ تون، ته ڪَر نه لهون ڪاهي،

 

مُئِي پِنڊي موٽي پيو، اڄ ساهه اَدي! آهي،

 

پسندينءَ شال پرينءَ کي، الحمد اجهو آهي،

 

هاڻي وِههُ ويهڻ آهي، ٻڌي حال حمير جو.

210-

اُٿي اُٺ پلاڻ تون، بندي بختاور،

 

سگهي نڪري سيگهه ۾، دانَهه نڪري در،

 

اچي چڙهي اُٺ تي، نياز منجهون نينگر،

 

تون موڙي منهن مهار جو، ڪامل اوڏانهن ڪر،

 

اڄ ثابت ٿيون سر، موڙي منهن مهمير جو.

211-

تڏهن ستيءَ کنيو سيگهه ۾، اُٺ کي آياڻِي،

 

سندي قيس قرب ۾، وڃي وڪاڻي،

 

پنڌ ڪري پهتيون وڃي، جنهن پَٽ نڪو پاڻي،

 

ڏسي بائُٺَ بَر جي، روڄ ڪيو راڻي،

 

وڃي سي ويجهيون ٿيون، سورهيه کي ساڻي،

 

سالڪ سڃاڻي، ماڳ اهو معلوم ڪيو.

212-

اُتي لهي اُٺ کان، ڳولي جانب جاءِ،

 

ته ولين ويڙهيو ويرِ کي، اُڀو اتي آهه،

 

پسي حال حمير جو، هئي هئي پرين! چاءِ،

 

ڇو چِيسُ هن جهان ۾، حيف حياتيءَ آهه،

 

صدقو توتون سپرين! هي گهايل مري گهاءِ،

 

منجهه جوش نه آهي جاءِ، ٿي ڏوراپَٽيون ڏارون ڪري.

213-

اتي مُحبَ سڃاتا مجني، اڄ پرين آيا،

 

ڪري فضل فقير تي، واحد ورايا،

 

تنهن لب آهن لفظ تي، مس مس موٽايا،

 

ليليٰ جي لايا، وڌا جوش ولين تي.

214-

مجني اڳيون منڌ کي، ڪيا عرض هي اظهار،

 

مون تي ولين وَس وڏا ڪيا، ڪوڙين قرب هزار،

 

ڇَنو ڪيائون ڇانورو، ٿرن منجهه ٿڌڪار،

 

تن تي ڪاوڙ ڪرين ڪوهه تون، ڏاريون ڀڃين ڏار،

 

اڳ سڄڻ لڌيئي ناسار، هاڻي حال ڏسي هئي هئي ڪرين.

215-

تڏهن ليليٰ لفظ ٻڌي اهو، نَسي بيٺي نادان،

 

چئي: ڪَل ته هيڙم ڪانڪا، ڪئي دغائي دوسان،

 

آءٌ سڄڻ تنهنجي سور ۾، ٿيس پِٽِـي پريشان،

 

اڄ صاحب ستاري ڪئي، هيس گهڻي حيران،

 

وئِي سُڪي تنهنجي سوز ۾، جانب تو ريءَ جان،

 

بيوس هيس بيبان، ڇو طعنا ڏئين تڪڙا!

216-

چئي: سانگ چَري ساڻيهه ڏي، ٿِيئي ڏينهن هزار،

 

وچ انهيءَ واهر ڪري، وهه سگهي لڌيئي سار،

 

جو وئينءَ بيهاري بر ۾، ڪري قول قرار،

 

هيڪر هلي هن جاءِ کي، جاچين ها رکي جار،

 

هيڪر هلي حرف هي، لاهين ها منڌ! ميار،

 

اهي باري کڻندا بار، ناهي ڪم ڪَچن جو.

217-

چئي: سڄڻ! سڻ ته سچي ڪيان، بيهي اڳيون بات،

 

هرگز اچان هيڏاهون ها، ڪر وِههُ منهنجي وات،

 

پر ڊوهين مون سان ڊوهه ڪيو، کتي کرن ذات،

 

چي مصر ويٺو مجنون، ٿو رحم گذاري رات،

 

مان تڏهن ويڙس تڪڙي، ته پسان پرين پرڀات،

 

وڃي اتي اونداهو ڏٺم، ووءِ ووءِ ڪيم وات،

 

هيم تنهنجي گهڻي تات، پر ڪل پيم ڪانڪا.

218-

پوءِ ولين منجهون ويرِ کي، ڪڍي ڪيائين ظهور،

 

اچي پلٽيو اوچتو، نازڪ مٿون نُور،

 

ٿي سنئون بنڊ سڪي ويو، چاڪن منجهون چُور،

 

اتي ڪامل موت قبول ڪيو، پسي پهريون پور،

 

حاصل ٿيس حضور، کڻي ساٿ سِڌاڻيو.

219-

منڌ اڳئي محبوب ڪاڻ، ڪو اٽڪيل هوس ارواح،

 

لٿس اُڃ اکين جي، پسي وحدت وارو واءُ،

 

پيرن ڏانهن پرينءَ جي، سورهه ڏنو ساهه،

 

وٺي رباني راهه، وڃي حاصل ٿيا حضور ۾.

220-

سچا عاشق الله جا، ويا گوهر گذاري،

 

سچي سڪ اکين جي، آندي پوري تن پاري،

 

مجني ڪل مشتاق کان، لڌي وکڙي واڌاري.

 

توڪل وارن جا توهه سان، ٿو قادر ڪم ڪاري،

 

اهڙو عشق اندر ۾، ڪو ڌُڻي سڄڻ ڌاري،

 

ڏسي توڪل ڪئين تاري، لحظا لک لنگهائيا.

221-

جانب جمعي رات ٿيو، هيءُ قصو ڪل ڪمال،

 

ڇنڇر رات چون رمضان جو، چنڊ بيهي برحال،

 

تيرهن سا تمام ٿيا، آٺون آهي سال،

 

صاحب ٻُڌو سوال، فضل ساڻ فقير جو.

222-

قصو ڪيم ’ڪمال خان‘ جي ڳوٺ پورو ڳائي،

 

جنهن نالو معلوم ملڪ ۾، ڇڏيو واليءَ وڌائي،

 

”عرض محمد“ اسم پنهنجو، ٿو شاعر سڏائي،

 

ڪري لائق لڏائي، قادر ڪلمي سان هنئون.

 

لااِلٰھ  اِلاالله محمد رسول الله

 

*  هيءَ روايت اتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمدخان ”آصف“ کان ملي.

**  عرض محمد پٽ محمد خان چانڊيو، ڳوٺ ڪمال خان تعلقي قنبر، ضلعي دادوءَ جو رهاڪو هو. عربي ۽ فارسيءَ جي ڄاڻ هيس. درگاه حامدالله حضوري جي مريد هو. هيءُ قصو سندس چوڻ موجب پهرين رمضان سنه 1308هه کان هڪ رات اڳ، جمعي جي رات جوڙي راس ڪيو. اندازاً ٽيهه سال اڳ وڏيءَ ڄمار ۾ وفات ڪيائين. سندس گهڻو ڪلام سگهڙ محمد نواز جوڻيجي (تعلقو ميرو خان، ضلعو لاڙڪاڻي) کي ياد آهي.

(1)  مدت = مدد.

(1)  خوش، خير عافيت.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org