سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :9

 

نسرين هاشمي

منهنجي امڙ

’امان‘، ’امڙ‘، ’آئي‘، ’جيجل‘ ۽ ’ماءُ‘ هڪ ئي ڪردار جا انيڪ نالا آهن. اُهي لفظ اُچارڻ ۾ مٺا ڪردار جا انيڪ نالا آهن. اُهي لفظ اوچارڻ ۾ مٺا آهن، ان رشتي ۾ ميٺاج پڻ آهي، ڇوته ماءُ جو ڪردار به اهڙو ئي مٺڙو آهي، هونئن ته هر ماءُ پنهنجن ٻچن لاءِ ڇپر ڇانو هوندي آهي، پر ڪن مائرن جا ڪردار اولاد لاءِ رهنما هوندا آهن ۽ جيڪي سماج ۾ هڪ مثالي حيثيت رکندا آهن، اڄ مان توهان کي پنهنجي امڙ جو تعارف ڪرائي رهي آهيان.  جيڪا مشهور شخصيت ته ڪانه هئي، پر پنهنجن رشتن ۽ واسطن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئي.

امان جو جنم سن1935ع ۾ ڳوٺ ڦَڪا (جيڪو خدا آباد کان چار بنج ڪلو ميٽر جي فاصلي تي آهي) ۾ ٿيو. امان جو پيءُ (نانا) هڪ غريب ۽ يتيم ٻار ٿي پليو هو. پر پنهنجي محنت ۽ لڳن سان پڙهي لکي، ڳوٺ ۾ ماستر ٿيو. امان جي پيدائش کان پوءِ نانا به سُکين ستابن ماڻهن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. امان ٽئين نمبر تي هئي. ٻه وڏيون ڀينرون نانا جي اسڪول ۾ ٽي درجا پڙهي گهر ۾ ويهي رهيون، ڇو ته ان دور ۾، عورتن کي تعليم ڏيارڻ جو لاڙو گهٽ هو. پر امان کي ننڍپڻ کان پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. سندس شوق کي ڏسي نانا به کيس نه روڪيندو هو. پر جڏهن ٽن درجن کان مٿي پڙهڻ جو وقت آيو، ته امان کي روڪيو ويو، جو اڳي گهڻي ڀاڱي گڏيل ڪٽنبن جو رواج هو، ان ڪري ماما ۽ چاچا ٻارن تي فيصلي مڙهڻ جو حق رکندا هئا. سو نانا ته امان کي پڙهڻ کان ڪونه روڪيو، پر امان جي مامن ۽ چاچن، اعتراض ڪيو ته ڇوڪريءَ کي هاڻي اسڪول کان روڪي ڇڏيو. پر امان کي جيڪو پڙهائيءَ لاءِ جنون هو، تنهن کيس ويهڻ نه ڏنو ۽ اسڪول ويندي رهي. نانو امان کي پنهجي اسڪول پاڻ وٽ ويهاري پڙهائيندو هو. پر ڳوٺ ۾ پنج درجن تائين اسڪول هو، تنهن ڪري امان به گهر ۾ ويهي رهي ۽ گهر ۾ ديني تعليم ناني کان ورتائين. انهيءَ دوران ڏهه سال گذري ويا. امان گهريلو هنرن ۾ ڀڙ ٿي ويئي. کيس هر هنر ايندو هو، جهڙوڪ رليون، اڳٺ اُڻڻ، سوئيٽر ٺاهڻ، هرمچو، آر وغيره ۽ ديني تعليم ۾ به هر ڪتاب پڙهندي هئي. ليڪن سندس دلي خواهش هئي ته هوءَ وڌيڪ تعليم پرائي، ناني سائينءَ کي هميشه تنگ ڪندي رهندي هئي ته مون کي وڌيڪ تعليم ڏياريو. انهيءَ دوران امان جو مڱڻو پنهنجي پڦيءَ جي پٽ سان ٿي ويو هو ۽ نانو به اولاد جي خواهش ڏسي اچي دادو شهر ۾ رهيو، جتي کيس اسڪول جو هيڊ ماستر ڪري رکيو ويو، جيڪو انهيءَ دور ۾ وڏو درجو هو. امان ڏهن سالن کان پوءِ وري اسڪول ۾ داخلا ورتي. امان جي خوشيءَ جي انتها نه هئي. پر اسان جي خاندان وارن ناني سان تعلقات ختم ڪري ڇڏيا. ڇوته هو نياڻيءَ کي تعليم ڏياري رهيو هو. تنهن ڪري ساڻس اڇوتن وارو سلوڪ ڪيو ويو. پر نانا پنهنجي روشن خياليءَ جي ڪري انهن ڳالهين جي پرواهه نه ڪئي. پر امان جو هڪڙو مامو، جيڪو ساڻن گڏ رهندو هو، تنهن کي اها ڳالهه خراب لڳي، اهو امان کي تالو ڏيئي ڇڏيندو هو. پر امان روئي رڙي اسڪول ويند ي هئي. ائين تعليم جو سلسلو جاري رکيائين. انهيءَ دوران سڀني رشتن جي ناراضگي سبب نانا جي ڀيڻ، جنهن جي پٽ سان امان جو مڱڻو ٿيل هو، تنهن پڻ اهو رشتو ٽوڙي ڇڏيو ۽ پنهنجي پٽ جي شادي ٻئي هنڌ ڪرائي ڇڏي. نانا خاموش رهيو، ڇو جو پنهنجي ٻچن جي خوشيءَ جو وڌيڪ احترام ڪندو هو ۽ انهن تي ڀروسو پڻ. امان به ان جي ڀروسي ۽ مانَ کي ڪڏهن نه ٽوڙيو. تعليم دوران هميشه برقعي ۾ رهي ۽ ديني ۽ مذهبي تعليم به جاري رکي ۽ پنج وقت نماز ۽ روزي جي پابندي ڪندي هئي. امان پنهنجي تعليم مڪمل ڪئي ته کيس نوڪريءَ جي آڇ ٿي. جيڪا، نانا جي اجازت سان پڻ شروع ڪيائين. انهيءَ وچ ۾ امان جو مڱيندو جنهن شادي ڪري ڇڏي هئي، پر شادي جو نباهه نه ٿي سگهيو، ڇو ته شادي امان جي پڦيءَ زوريءَ پٽ جي ڪارائي هئي. ٻيو ته هوءَ اڻ پڙهيل عورت هئي، جيڪا ڪجهه وقت کان پوءِ رُسي وڃي مائٽن وٽ ويهي رهي. انهيءَ ڪري بابا، ڏاڏي کي راضي ڪيو ته امان جو سڱ وٺي، ڇو جو انهن جو مڱڻو به پهرئين ٿيل هو. ڏاڏي ته اهو فيصلو پنهنجي ضد ۽ هوڏ ۾ ڪيو هو، پر بابا جي مجبور ڪرڻ تي ڀاءَ وٽ آئي، پوءِ نانا به ڀيڻ کي معاف ڪري پنهنجي ڌيءُ جو رشتو ڏنو. ائين امان بابا سان شادي ڪري اچي ڳوٺ پڪا چنا ۾ رهي جيڪو سيوهڻ جي ڀرسان هڪڙو ننڍڙو ڳوٺ آهي. اتي اچي امان پنهنجي گهر ۾ نياڻين لاءِ هڪ اسڪول کوليو. پهرين ته اتي به ماڻهن مخالفت ڪئي، پر امان جي تعليم ۽ تربيبت جيڪا هوءَ نياڻين کي ڏسيندي هئي، انهيءَ ماڻهن کي مجبور ڪري ڇڏيو، امان تي اعتبار ڪرڻ تي، ڳوٺ ۾ گهر هئڻ جي باوجود امان گهر کي ايترو ته سينگاري ۽ صاف سٿرو رکندي هئي، جو ڳوٺ جون عورتون به امان جي ساراهه ڪرڻ تي مجبور ٿي وينديون هيون. بابا به سيوهڻ شهر ۾ استاد هو، پر امان بابا کي مجبور ڪيو ته هو پنهنجي پهرين زال کي به وٺي اچي، جيڪا شادي جي ڇهين مهيني ڪاوڙجي مائٽن ۾ ويهي رهي هئي، جنهن کي اتي پُٽ پڻ ڄائو، جيڪو هاڻي اچي پنجن سالن جو ٿيو هو، پوءِ بابا وڃي پنهنجي زال کي وٺي آيو، جيڪا امان جي سڳي ماروٽ پڻ هئي، پوءِ ٻئي پهاڄون گڏ رهڻ لڳيون هيون رشتو ته هو، پر پهاڄ جو رشتو تمام ڏکيو آهي، پر امان ان کي نڀايو. هوءَ جيڪڏهن ڪجهه به چئي ويندي هئي ته امان خوشيءَ سان برداشت ڪري ويندي هئي. ڇوته هُن جي تعليم نه هئڻ ڪري اُنهيءَ کي زندگي گذارڻ جو سليقو نه ٿي آيو، پر امان هميشه هن کي پنهنجي سڳيءَ ڀيڻ جو درجو ڏنو، اهڙي ڪردار کي ڏسي اسان جي ڳوٺ وارا مائٽ به امان کان متاثر ٿيڻ لڳا، جو اسان جي ڳوٺ ۾ اندر ويڙهو هو، جنهن ۾ پنجويهه ٽيهه گهر هئا، جن امان جي اچڻ کان پوءِ اسان سان واسطو ختم ڪري ڇڏيو هو، اهي ئي مٽ مائٽ امان جي عزت ڪرڻ لڳا هئا ۽ کيس آپا آپا ڪري ڪوٺڻ لڳا ۽ پنهنجو نياڻيون خوشيءَ سان امان وٽ ڇڏيائون، جن کي امان تعليم سان گڏوگڏ هنر ۽ ديني تعليم، نماز، روزي جي پڻ سکيا ڏني. امان هميشه اسان کي سادو پر صاف سٿرو ضرور رکندي هئي. ٻن گهرن هلائڻ ڪري بابا کي گهر جي خرچ ۾ پڻ ساٿ ڏيندي هئي. اسان ٻارن کي هڪجهڙو ڪپڙو پارائيندي هئي ۽ ماسيءَ جي ٻارن جي لاءِ به پاڻ ڪپڙا وٺي سبي ڀري ڏيندي هئي. گهر جي خرچ ۾ پورائي ڪرڻ لاءِ پاڙي وارن جا ڪپڙا سبي ۽ ڀري ڏيڻ ۾ عار محسوس نه ڪندي هئي. پر امان ان تي ڪڏهن به وڏائي نه ڪئي. اهڙيءَ هلت جي ڪري اسان جي خاندان جون عورتون ۽ مرد هن جي تمام گهڻي عزت ڪرڻ لڳا ۽ کيس هر فيصلي ۾ عزت احترام ڏيڻ لڳا. بابا اسان جو پنهنجو خاندان جو ڏنگو ماڻهو ليکيو ويندو هو، پر انهيءَ کي به پنهنجي ماٺيڻي طبيعت ڪري پنهنجي عزت ۽ احترام ڪرڻ تي مجبور ڪري چڏيائين. امان جي 1966-67ع ۾ حيدرآباد    ٽريننگ ڪاليج ۾ بي.ٽي. سي جي ٽريننگ لڳي ته اتي اچي رهياسين. بابا انهيءَ دوران بي. اي ۾ داخلا ورتي. تنهن ڪري اسان حيدرآباد ۾ اچي گهر مسواڙ تي وٺي رهياسين. بابا ماسيءَ کي ڳوٺ واري گهر رهايو. باقي منهنجو وڏو ڀاءُ جيڪو اسان سان گڏ رهڻ لاءِ امان وٺي آئي هئي، انهيءَ جي تعليم ۽ تربيت جو امان پورو خيال رکندي هئي. پي. ٽي. سي دوران امان سان گڏ آپا افروز مغل به ٽريننگ ڪري رهي هئي، جيڪا پڻ دادو شهر جي هئي، پوءِ امان ٽريننگ ختم ڪري اچي دادو شهر ۾ شمس محلي جي اسڪول جو بنياد وڌو، جنهن ۾ آپا افروز امان سان ٻانهن ٻيلي ٿي. انهيءَ اسڪول ۾ نياڻين کي امان تعليم ڏني ۽اسان دادوءَ شهر ۾ شفٽ ٿياسين. ماسي به اسان وٽ رهڻ لڳي. امان ماسيءَ جي اولاد جون شاديون به پاڻ ڪرايون. انهيءَ ڪردار جي ڪري امان کي ماسي جا ٻار به محبت ۽ عزت ڏيندا هئا. اما جڏهن به ڳوٺ ويندي هئي ته جيڪي امان جون شاگردياڻيون اهي آپا آپا ڪري امان جي پيرن تي جهڪنديون هيون، هاڻي اولاد واريون ٿيو هيون. امان به کين شفقت ۽ محبت ڏيندي هئي. امان شفيق اهڙي هوندي هئي جو پنهنجن پراون سان سٺو هلڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. هوءَ اهو چاهيندي هئي ته سندس مان ڪنهن کي به ڏک يا تڪليف نه رسي ڪوبه مٽ ۽ مائٽ پاڙي واري ڪنهن به ڪم لاءِ وٽس لنگهي ايندو هو ته کيس خالي نه موٽائيندي هئي. سڄي زندگي صوم صلوات جي پابندي ڪيائين ۽ پردي ۾ رهي. ڪڏهن ڪنهن آفيسر يا ڪلارڪ جي سامهون نه آئي. ڪاليج دوران به کيس پردي واري ڪري چوندا هئا.

بابا سان ته ايتري قدر محبت هوندي هئس جو بابا جي ٿوري به تڪليف برداشت نه ڪري سگهندي هئي. هميشه چوندي هئي ته الله ڪري مان ور جي هٿن ۾ سرهي ٿيان. اها دعا شايد خدا به قبول ڪري چڏي هئي. امان 1997ع ۾ ڄامشوري ۾ وفات ڪئي. اسان لاءِ ته ڇپر ڇانو هئي پر بابا اڄ تائين کيس ياد ڪري ڳوڙها ڳاڙيندو آهي. کيس 8 سال ٿيا آهن، پر جڏهن اسان گهر ۾ سندس ڪابه ڳالهه ڪڍندا آهيون ته اکين مان ڳوڙها تري ايندا آهن. اسان جي به تربيت اهڙي ڪيائين، اسان به اڄ معاشري ۾ عزت واري زندگي گذاري رهيا آهيون، منهنجو هڪڙو ڀاءُ ڊاڪٽر آهي، ٻيو ميڊيڪل ۾ ليڪچرار آهي. اسان ٻئي ڀينرون گهريلو زندگي گذاري رهيا آهيون، پر پنهنجي ٻچن جي تربيت سٺي ڪري رهيا آهيون، اهو انهيءَ ڪري جو امان اسان اولاد جي سٺي تربيت ڪئي. تڏهن چوندا آهن ته معاشري ۾ هڪ سٺي ماءُ نعمت آهي.

 

***

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com