سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :15

 

زبي پروين ڏاهري

چنڊ مُرڪي ٿو

رات جي سنت ۾، ڪمري جي دريءَ مان ليئو پائي، نيري آڪاش تي چمڪندڙ چنڊ کي چتائي ڏٺائين. اڻ ڳڻين تارن جي جهرمٽ وچ ۾ روشن ۽ اجري مُک وارو چنڊ سندس سوچ جو محور بنجي ٿو وڃي.

سوچي ٿي: ”چنڊ به ته هن جيان اڪيلو آهي. هيڏي وشال آڪاش مٿي، ۽ گهاءُ رڳو کيس ئي ته ناهن لڳا! چنڊ جو سينو به ته گهائن سان ڀريل پيو نظر اچي. چنڊ جي وجود تي پري کان نظر ايندڙ داغ، کيس چنڊ جا گهاءَ ٿا محسوس ٿين..... پوءِ به چنڊ جي فراخدلي ته ڏسو، اداس ٿيڻ بجاءِ ڪيئن نه مُرڪي مُرڪي سارو جڳ جرڪائي رهيو آهي! پنهنجي چانڊوڪي ورهائي رهيو آهي.... هوءَ پنهنجي اڪيلائيءَ جي ڀيٽ، چنڊ جي اڪيلائيءَ سان ٿي ڪري.... ۽ پنهنجي پاڻ کان پُڇي ٿي ويهي _’ڇا هر اُن هستيءَ جي همسفر، اڪيلائي ٿي پنجندي آهي. جيڪا هستي ڪا نمايان ۽ منفرد حيثيت ماڻي وٺندي آهي! ڪنهن مٿانهين جاءِ تي پنهنجا پير کوڙڻ چاهيندي آهي! جئين هيءُ چنڊ!.... جئين هوءَ پاڻ .... ها اڪيلائپ ڇا اهڙين هستين جي شڪست جو اهڃاڻ آهي؟..... سامهون نظر ايندو چنڊ: سندس ئي سوال جو جواب بنجي ٿو پويس.

’جي چنڊ، نه هجي ها، ڪو عام تارو هجي ها ته ٻين بي شمار ننڍڙن تارن وچ ۾ هڪ عام، بي نانءُ، معمولي تارو ئي هجي ها! چنڊ بنجي جيڪا الڳ چٽي انفرادي حيثيت ماڻي اٿس. سا تارو بنجي نه ماڻي سگهي ها. جيڪر... چنڊجي اڪيلائپ ئي ته هن کي سڀني کان مٿاهين ۽ خاص هستي هئڻ جو اعزاز عطا ڪيو آهي.... چانڊوڪيءَ جي روپ ۾ جيڪا روشني چنڊ کي حاصل آهي، جنهن جي ورکا ڪري هو سموري ڪائنات کي اجالو ارپي ٿو.... ايڏي سندر سهائي سڀ تارا ملي ڪري به پيدا نٿا ڪري سگهن.... اها مهانتا، اها مڃتا يقيناً هن اڪيلي چنڊ جي سوڀ ئي آهي، ان کي شڪست ڀلا ڪيئن ٿو چئي سگهجي....؟ هاڻي اهو سوچي کيس آٿت ٿي ملي ته الڳ سڃاڻپ پائڻ جي جستجوءَ ۾ اگر موٽ ۾ ڪي گهاءَ، ڪجهه ڀوڳنائون پلئه پون ته ان تي دل شڪستون نه ٿيڻ گهرجي... ڪجهه پائڻ لاءِ ڪجهه وڃائڻو ته پوندو ئي آهي. هُن به ته چنڊ جيان منفرد مقام ماڻڻ لاءِ جاکوڙيو هو... هيڏي وشال ڪائنات ۾ هڪ نقطي جيڏي ئي سهي، جاءِ حاصل ڪرڻ چاهي هئي. پنهنجي هُئڻ جو احساس ڏيارڻ لاءِ، پنهنجي ذات جي شناخت لاءِ ئي ته هُن علم جو، قلم جو سهارو ورتو هو، ان ڪري جو سندس اهو خواب، اهو آدرش هو ته کيس ٻئي ڪنهن جي به حوالي سان سڃاڻڻ بجاءِ سندي ئي نالي حوالي سان سڃاتو وڃي. هوءَ پنهنجي سڃاڻپ پاڻ پنجي. هُن ته ان نظريي کي غلط ثابت ڪرڻ ٿي چاهيو ته ”عورت جي پنهنجي ڪابه شناخت ناهي هوندي.“ ....پاڻ مڃائڻ جو آدرش ئي سندس اهو سنگين جرم هو. جنهن جي ڏوهه ۾ مٿس بهتان بازيءَ جو وسڪارو ڪيو ويو! وک وک تي ڪردار ڪشيءَ جون ڪوڙڪيون وڇائي سندس رستا روڪ ڪئي ويئي. مگر هوءَ ته زخمي زخمي پيرن سان به اڳتي ئي وڌندي ويئي. کيس چنڊ جيان منفرد مقام جو ماڻڻو هو! چانڊوڪيءَ جهڙن اجرن آدرشن جي روشنيءَ سان ڪيئي ديپ جلائڻا هئس. ٻاٽ ۾ لاٽ ٻاري هوءَ جاهلن جي وستيءَ ۾ جاڳرتا جو اهڃاڻ بڻجي انائن جي پوڄارين جي اکين ۾ ڪنڊي جيان ڪُرڻ لڳي هئي. نتيجي ۾ گٽر جهڙي گندي سوچ رکندڙن طرفان سندس ڪردار جي پويتر پوتيءَ کي داغدار ڪرڻ لاءِ لفظن جو گند اڇليو ويو، مگر ڇانڊوڪيءَ جي اجري چادر ڀلا ڪڏهن ميري ٿي آهي! هن چنڊ جهڙي ڇوڪريءَ جا جذبا به ته چانڊوڪيءَ جي شيتل شعائن جهڙا اجرا ۽ شفاف هئا!“ ڪوئي چنڊ ڏانهن گند اڇلائيندو ته اهو گند موٽي اچي اڇلڻ واري جي منهن ۾ ئي لڳندو آهي. چنڊ جي پوترتا ۽ سندرتا کي ته ڇهي به ناهي سگهندو! چنڊ جي چانڊاڻ ڀري سونهن ته پنهنجي جاءِ تي قائم رهڻي آهي، سا ته قائم رهندي.... سامهون نظر ايندڙ چنڊ، کيس پنهنجي منزل جو تعين ڪرڻ ۾ سونهون ثابت ٿيو.... هن پختو عزم ڪري ورتو ته هوءَ چنڊ کي پنهنجو رهبر بنائي، شغور جي چيچ پڪڙي، جيون جي ڪنڊن_ڪاون ڀريل زخمي ڪندڙ اُن راهه تي هلندي رهندي، جنهن جي منزل تي سندس ”نانءُ جي سڃاڻپ“  جي تختي لڳل هئي. هر گهاءَ مان نئون اتساهه وٺي جيئڻ جو حوصلو هُن ۾ چانڊوڪيءَ جهڙن اجرن آدرشن پيدا ڪيو هو..... هاڻي هن وٽ اتهاس هو.....

علم هو.... شعور هو.... هاڻي چوطرف روشني ئي روشني هئي.... علم کيس قلم ڏنو ۽ قلم سندس اندر جو آواز بنيو..... قلم جي قنديل مٿان ڏات جون ڏياٽيون ٻري پيس ته هوءَ ديپ مان ديپ ٻاريندي آئي.

لفظن جي چانڊوڪي سندس ذات جي سڄاڻپ بڻجڻ لڳي.... سندس لکڻيون سچ پچ ته آس پاس جي نياڻين جي ٻاٽ ذهنن ۾ لاٽ بنجي جلڻ لڳيون ۽ هوءَ پنهنجي عهد جي ڇوڪرين جو آئيڊيل بنجي ويئي. هُن لاءِ اها سڀ کان وڏي مڃتا هئي ته هوءَ انهن نياڻين جو آئيڊيل بنجي هئي، جن جي وڏن سندس ذات جي نفي ڪندي شديد مخالفت ڪئي. وک وک تي مشڪلاتون پيدا ڪري، سندس حوصلو پست ڪرڻ لاءِ وسان ڪين گهٽايو هو.... انهن ئي رواجن جي رکوالن جون نياڻيون، زندگيءَ جي هر مرحلي، هر مسئلي تي کانئس رهنمائي وٺڻ لڳيون. هن کي پنهنجي احساسن جو ترجمان سمجهي، پنهنجي هر سوچ ساڻس شيئر ڪرڻ لڳيون. سندس خاندان جون ڪيئي ڇوڪريون کانئس متاثر ٿي علم ۽ ادب جي راهه تي هلڻ لڳيون هيون ۽ سندس چنڊ جيان منفرد ۽ مٿاهون مقام ماڻڻ جو سپنو ساڀيان جو روپ ڌاري کيس امر ڪرڻ لڳو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com