سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :8

 

فيض هڪ دؤر جي علامت

عرفانه ملاح

”اب ليليٰ کو اقرار محبوبي نهين

ان دنون بدنام هي هر ايک ديواني کا نام“

ڪنهن ليليٰ کي اقرار محبوبي هجي يا نه هجي، پر اڄ اسان، عاشقان فيض، فيض سان پنهنجي محبوبيت جو اظهار نه ڪرڻ کي ڪفر سمجهون ٿا. اڄ کان تقريباً ويهه سال پهرين 19 نومبر، اڻويهه سو چوراسي جي هڪ اونداهي رات ٽيليويزن تان نائين وڳي وراين خبرن ۾ سڀني اهم خبرن ٻڌائڻ کان پوءِ نيوز ڪاسٽر فيض جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌائي ته سڀني اهل قلم ۽ اهل علم ماڻهن تي اها رات ڄڻ قيامت وانگر گذري! هڪ ته اهو ضياءَ مارشلا جي عروج جو زمانو هو، گڏوگڏ جمهوري قوتون يعني ايم. آر.ڊي جي تحريڪ به ناڪام ٿي چڪي هئي. ان وقت فيض جي وڇوڙي انساني ڀلائيءَ لاءِ جدوجهد ڪندڙ قوتن کي ڄڻ ته لوڏي وڌو. ان اونداهي دور ۾ سنڌ جي هر واهڻ ۽ وسنديءَ ۾ وائسز گروپ پاران ڳايل:

بول ڪ لب آزاد هين تيري!

هر خاص ۽ عام ماڻهوءَ جو ترانو ٿي چڪو هو. ڪکاين هوٽلن ۽ شهر جي چوڪن تي جڏهن هن جوشيلي گروپ جو جذباتي آواز گونجبو هو ته

بول ڪه لب آزاد هين تيري

بول ڪه سچ زندهه هي اب تک

تڏهن اتي ويٺل ماڻهن ۾ ڄڻ ته نئون روح فوڪجي ويندو هو ۽ هٿين خالي ۽ پيرين اگهاڙيون عورتون توڙي مرد اتي موجود پرماري ٽولي کي بُجا ڏيئي پنهنجي حقارت ۽ مزاحمت جو اظهار ڪندا هئا ۽ هوٽلن تي اهڙا گانا هلائڻ بذات خود هڪ بغاوت جي نشاني هئي. هيڻن ۽ هٿين خالي ماڻهن جي هيءَ مزاحمت بلڪل ائين ئي هئي، جيئن فلسطيني ٻار نفرت مان اسرائيلي ٽينڪن کي پٿر هڻن ٿا! بجن ڏيڻ سان يا پٿر اڇلائڻ سان يقيناً ڪابه تبديلي ڪانه ايندي. اهي بُجا ڏيندڙ مظلوم عورتون ۽ پٿر اڇلائيندڙ معصو ٻار علامت آهن مظلومن ۽ محڪومن جي. هڪ اهڙي جدوجهد جي، جنهن ۾ بي هٿيار هيڻن جي جذبن جو سچ ڏاڍي جي ڏاڍ کي للڪاري ٿو ۽ اها للڪار ڪنهن نه ڪنهن تبديليءَ لاءِ واٽ ضرور سُواٽ ڪري ٿي ۽ اڄ جڏهن اهي بُجا ڏيندڙ عورتون هڪ ٻيو نسل پيدا ڪري چڪيون آهن، فيض کان پوءِ واري دور جو هڪ پورو نسل جوان ٿي چڪو آهي. ان بدنصيب نسل جي اکين ۾ ته ڪنهن ناڪام جدوجهد جو خواب به نه آهي. اهڙو نسل جنهن جو آڌر ڀاءُ Age of revolution is overnow  (انقلاب جو دور ختم ٿيو) واري ڪوڙي سلوگن سان ٿئي ٿو ۽ جنهن جو شعور سرد جنگ کان پوءِ واري دور ۾ پختو ٿئي ٿو. هي نسل فيض کي سمجهڻ جي سگهه به رکي ٿو. الاءِ نه؟ پر ان تي ته پوءِ ڳالهائينداسين.

سڀ کان پهرين ان نسل تي ٿا ڳالهيون، جنهن فيض کي طوطي وانگر رٽي ڇڏيو آهي. هنن جو شعور مارشلا دور ۾ پختو ٿيو ، هنن بجا ڏيندڙ عورتن جي نفرتن جي ڄڀين سان پنهجي جدوجهد لاءِ نيون شمعون ٻاريون هيون. هنن کي يقين ڏياريو ويو هو ته اهي ڄڀيون هن سسٽم کي آخرڪار ساڙي رک ڪندا پر ان ويساهه جي پختي ٿيڻ کان پهريان ئي اهو سسٽم جنهن ۾ نجات جو واعدو ۽ جنهن لاءِ سڄي دنيا جي پورهيت دوست، اديبن، دونشورن ۽ صحافين گڏجي جدوجهد ڪئي. تنهن سرشتي کي ناڪام ڪيو ويو.

ڪوڙي پروپيگنڊا ۽ مڪروهه ٺڳيءَ جي زور تي انساني قوت ۾ آسرو رکندڙ قوتون ناڪام ڪيون ويون. جنهن جي نتيجي ۾ راتو واهه سڀني سُرخن جا رنگ اڏامي ويا. اهي بي رنگ سرخا دراصل اهي Opportunist  (موقعي پرست) انقلابي هئا. جن صرف فيشن طور اهي تنظيمون جوائن ڪيون هيون. انهن مان گهڻا ته شاگرد تنظيمن ۾ صرف انهيءَ ڪري شامل ٿيا هئا، ته جيئن اتي موجود شهري، اپر ڪلاس ڇوڪرين سان دوستي ڪري سگهن. اهڙي ئي لڏي لاءِ اسان جو هڪ دوست چوندو آهي ته:

”هي اهي ماڻهو آهن، جن کي اگر ووڊڪا ساڄي پاسي کان ملندي ته ساڄي ڌر جا ٿي ويندا ۽ جيڪڏهن کاٻي پاسي کان ايندي ته کاٻي ڌر جا ٿي ويندا آهن.“

۽ اڄ ڪلهه هن مفت ووڊڪا پياڪ نسل ئي اسان جي ترقي پسند شاعرن کي طوطي وانگر رَٽي ڇڏيو آهي. جيئن فيض سڄي زندگي سرڪار خلاف لکيو، پر بقول شيخ اياز ته ”فيض بيوروڪريٽن جو پسنديده شاعر آهي.“ جيڪا فيض سان نا انصافي آهي، تيئن ئي هي ڪوڙا انقلابي اگر فيض کي Monopolized  ڪن ٿا ته اهي پڻ فيض جي نظريي ۽ جدوجهد کي مسخ ڪرڻ ٿيندو.

۽ فيض کان پوءِ وارو نسل انهن موقعي پرستن جي رهنمائيءَ ۾ ئي جوان ٿيو آهي. تڏهن ئي اڄ نه اسان وٽ منزل آهي نه ئي منزل جي جستجو آهي. تاريخي شعور کان ونجهيل هيءُ نسل Individual freedom يعني شخصي آزاديءَ ۽ چڱائيءَ ۽ اجتماعي آزاديءَ کي ٻن الڳ خانن ۾ رکي پرکي ٿو. مطلب ته هو فرد ۽ سماج کي ٻه مختلف حقيقتون سمجهن ٿا، تنهن ڪري ئي اڄ هڪ وڏو خال آهي.

شايد تڏهن انساني ڀلائي ۽ جدوجهد صرف انساني حقن جي نعري تائين محدود ٿي وئي آهي. بک، بدحالي، جهالت يا جاگيرداري هڪ ٻئي کان الڳ نه آهن جو اسين انهن کي الڳ خانن ۾ رکي پيا سُڌار جي ڳالهه ڪريون. شايد سُڌار پسند ماڻهن لاءِ ئي فيض چيو آهي ته:

يه جو محبوب بنا هي تيري تنهائي ڪا

يه تو مهمان هي گهڙي ڀر ڪا چلا جائي گا

اُس سي ڪب تيري هيبت ڪا صداوا هوگا

 پر آخر انقلابيت، سُڌايت ۾ ڇو Transforms  ٿي وئي؟ ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته هاڻي اُهي محرڪ نه رهيا آهن، جيڪي انقلاب لاءِ اتساهين ته پوءِ اچو ڏسون ته فيض واري نسل وٽ ڪهڙا محرڪ هئا!

فيض جنهن دور ۾ اک کولي، اهو ٻن عظيم جنگين وارو زمانو هو. سڄي دنيا ۾ آزاديءَ لاءِ تحريڪون عروج تي هيون. انگريز سامراج جي تڏا ويڙهه شروع ٿي چڪي هُئي. آڪٽوبر انقلاب سڄي دنيا جي پورهيت طبقي کي هڪ نئين راهه ڏيکاري هئي، پر اهو دور ئي يورپ ۽ فاشزم جي ڦهلاءَ جو زمانو به هو. ۽ اسپين ۾ فاشزم جي خلاف سڄي دنيا جا انسان دوست فرد گڏجي وڙهي رهيا هئا. تنهنڪري ئي فيض جي نسل کي سماج جي سائنسي بنيادن تي جوڙجڪ جا محرڪ مليا. فيض جي ان فلسفي يا فڪر سان شناسائي به اڻويهه سو چوٽيهن ۾ بيگم خورشيد جهان سان شناسائيءَ سان گڏ ٿي. انهيءَ ڪري ئي فيض محسوس ڪيو ته پنهنجي ذات کي دنيا کان الڳ ڪري رکڻ ممڪن ئي نه آهي، هڪ فرد جي ذات پنهنجي سڀني ڪيفيتن، محبتن، نفرتن، خوشين توڙي غمين جي باوجود تمام محدود ۽ حقير شيءِ آهي. ان جي وسعت جو پيمانو ته باقي دنيا جي فردن سان ذهني ۽ جذباتي رشتا ئي آهن. خاص طرح سان انساني برادريءَ جي گڏيل ڏک ۽ درد جا رشتا. اهوئي سبب آهي جو غم دوران ۽ غم جانان هڪ ئي تجربي جا ٻه پهلو آهن.

اهوئي فڪر آهي جو فيض ڪڏهن به Pessimist  نه ٿو ٿئي. فيض جي دل ۽ دنيا هڪ آهي. دل هارڻ مطلب ته دنيا جي هار! اها سماج ڏانهن ذميواري (responsibility)  ئي آهي، جيڪا ان نسل جي دانشور کي زنده رکندي پئي آهي.

هڪ لمحي اگر ناانصافيءَ تي مايوس ٿي چئي ٿو ته:

هم جو تاريڪ راهون ۾ ماري گئي

ته يڪدم ٻئي لمحي پاڻ سنڀالندي واپس وري چئي ٿو:

قتل گاهون سي چن ڪر هماري علم

اور نکلين گي عشاق ڪي قافلي يا

دل نا اميد تو نهين، ناڪام هي تو هي،

لمبي هي غم شام مگر شام هي تو هي!

پر افسوس اسين ناڪام ٿيڻ کان پهرين ئي نا اميد آهيون! اهو ئي فرق آهي ان نسل ۾ ۽ اسان جي نسل ۾. ڏٺو وڃي ته اڄ به دنيا ۾ اها بک، بدحالي آهي. عالمي منظر نامي تي اڄ به فلسطين ۽ عراق ۾ هزارين ماڻهو مري رهيا آهن، پر اڄ فيض اقبال احمد يا ايڊورڊ سعيد جهڙا ”گنهگار“ نه آهن جيڪي هيڻن جو حوصلو وڌائين:

نه رها جنون رخ وفا، يه رسن يه دار کرو گي ڪيا

جنهين جرم  عشق په ناز تها وه گنهگار چلي گئي

هاڻي ته نه جرم عشق تي ناز ڪرڻ وارا عاشق رهيا آهن، نه ئي تند کي تلوارن سان ٽڪرائڻ وارا دانشور ۽ شاعر رهيا آهن.

*****

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com