سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :1

سرتيون فيبروري 2005ع

گلبدن جاويد

 

سوچ ويچار

سرتيون: جيڪڏهن اسين گهرائيءَ سان پنهنجي سماج جو جائزو وٺنداسين ته هڪ پاسي اڄ جي عورت آزاد فضا ۾ ساهه کڻندي نظر اچي رهي آهي. اسڪولن، ڪاليجن توڙي يونيورسٽين ۾ نياڻين جي وڏي انگ جي موجودگي ڏسي سرهائي ٿئي ٿي. ٻيو ته ڇوڪرن جي ڀيٽ ۾ ڇوڪريون وڌيڪ محنتي، ذميوار، بردبار، سنجيده ۽ مائٽن جو پيسو سجايو ڪن ٿيو. ڪي ڪي نياڻيون ته صبح جو يونيورسٽيءَ ۾ پڙهن ٿيون ۽ شام جو پارٽ ٽائيم نوڪري ڪري يا ٽيوشن پڙهائي پنهنجو خرچ پاڻ ڪڍن ٿيون. اها ئي ذميواري هڪ سجاڳ سماج جي علامت آهي. اهڙيءَ طرح زندگيءَ جي هر شعبي ۾ عورتن جي نمائندگي ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿي ته هاڻي عورت ڪنهن به لحاظ کان مرد کان پٺتي ناهي. خوشقسمتيءَ سان اسان جي سماج جي پڙهيل ڳڙهيل مردن جو وڏو انگ عورت جي پٺڀرائي ڪري ٿو ۽ کين سماج ۾ پنهنجو پاڻ مڃرائڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو ۽ موٽ ۾ عورت به پنهنجا فرض ڏاڍا سهڻائپ سان نڀائي پار پوي ٿي. جيئن ته عورت کان سواءِ ڪائنات به مڪمل ناهي، تيئن عورت زندگيءَ جي هر موڙ تي، هر محاذ تي پنهنجي هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي ۽ مڃتا ماڻي آهي. پر ٻئي پاسي آهي عورتون، جيڪي پڙهيل ڳڙهيل نه آهن. شاهه سائين جي هن بيت وانگر:

جيسين هئي جيئري، ورچي نه ويٺي !

سو اُهي عورتون به معاشي قلت سبب گهرن ۾، سبڻ، ڀرڻ جو ڪم ڪن ٿيون ۽ ان مان ڪمايل ناڻو پنهنجي ٻچن جي تعليم تي خرچ ڪن ٿيون، ٻهراڙيءَ توڙي ڪچين آبادين ۾ رهندڙ عورتون ٻنين ۾، کُورن تي ڪم ڪن ٿيون. روڊن تي پٿر ڪٽي پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ گذران ڪن ٿيون ته ڪي وري ڀر پاسي ۾، سرنديءَ وارن گهرن ۾ ڪم ڪري پنهنجي گهر جو گاڏو هلائين ٿيون. ائين عورت جي پورهئي سان سماج مان ڪنهن حد تائين بک ۽ بدحاليءَ جو خاتمو ٿي ٿو. پر جيئن ته اسان جو سماج هڪ مرداڻو سماج آهي، تنهنڪري عورت کي سندس خدمتن يا پورهئي جي مڃتا نٿو ڏئي. بلڪ سندس پورهئي کي ليکي ۾ ئي نٿو آڻي، جيڪا عورت سان ڏاڍائي چئبي، پر شايد ان واه واه جي عورت وٽ ڪا اهميت به ناهي. ڇو ته هوءَ جيئي مري ٿي، پنهنجي ڪٽنب کي خوش رکڻ لاءِ، ڪٽنب جي خوشي سندس خوشي آهي. ”مان“ ته هن وٽ آهي ئي ڪانه، پر اڄڪلهه جي حالتن سبب نه صرف هوءَ پاڻ کي غير محفوظ سمجهي ٿي، پر سندس ٻار به محفوظ نه آهن. چوندا آهن، هر شيءِ کرڻ جي مند هوندي آهي، پر انسان کرڻ جي مند ناهي هوندي. سو اسان وٽ سماج ۾، ڏينهون ڏينهن جيڪا ويڳاڻپ وڌي رهي آهي، خبر ناهي ته اها اڃا عورت کي ڪيترو ڇيهو رسائيندي. هڪ ته اسين اڃا ”ڪارو ڪاري“ جي ڪڌي ڪرت کي ٻنجو ڏيئي نه سگهينا آهيون. بي روزگاريءَ جو خاتمو ڪري نه سگهيا آهيون. بي جوڙ شادين، بدي جي شادين جهڙين رسمن مان نڪرندڙ اگرن نتيجن تي ڪنٽرول ڪري ناهيون سگهينا. پر انهن سڀني اذيتن جو تعلق سڌو سنئون عورت جي پنهنجي ذات سان آهي. پر هي هانءُ ڏاريندڙ هاڃا ۽ سانحا هر عورت جي روح کي زخمي ڪري کيس پوري زندگي رت روئڻ تي مجبور ڪن ٿا. جيئن شاهه سائين فرمايو آهي:

هئڙا هاڃا ٿين، بري هن ڀنڀور ۾!

اهي هاڃا آهن سندس ٻارن جو اغوا ٿيڻ، انهن جي بي حرمتي ڪري، انهن کي قتل ڪرڻ! اڄڪلهه اهڙن واقعن جو انگ ڳڻپ کان مٿي آهي. فقط گذريل هفتي ۾ ئي ڪيترا اهڙا سانحا ٿيا آهن. ويجهڙائيءَ ۾ چئن سالن جي ٻارڙي رفاقت ۽ ستن سالن جي ٻارڙيءَ پلوشه جي روئداد پڙهي دل خون جا ڳوڙها ٿي ڳاڙي. باڊهه شهر جو ننڍڙو رفاقت نئون نئون اسڪول وڃڻ شروع ٿيو هو ۽ اها ٻار جي فطرت هوندي آهي ته هن کي جيڪڏهن اسڪول ۾ مزو اچي ويو ته پوءِ ڀائيندو ته جلدي صبح ٿئي ته اسڪول وڃان. سو رفاقت به ان ڏينهن اسڪول وڃڻ لاءِ ننڊ مان سوير جاڳيو. ماڻس سندس پتڪڙن هٿن ۾ پيسا ڏئي. مانڊڻيءَ تان پاپا گهرائڻ لاءِ چيو. هو جيئن ئي ٻاهر نڪتو ته انساني روپ ۾ گور گهمندڙ شيطانن جي ور چڙهي ويو ۽ پنهنجي ماءُ کي جيئري ئي ماري ويو.

اهڙيءَ طرح ڪراچيءَ ۾، پلوشه کي جڏهن ماڻس منجهند جو تنور تان مانيون خريد ڪري اچڻ لاءِ چيو ته تنور واري کيس پنهنجي حوس جو نشانو بنايو. ثبوت مٽائڻ لاءِ کيس زندگيءَ کان محروم ڪري چڏيو. هن سڄي پس منظر بيان ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته عورت کي ٻين ڏانهن واجهائڻ بدران پنهنجو پاڻ تي ڀاڙڻ گهرجي. جڏهن ٻيو سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿي، ته باقي پنهنجي ۽ پنهنجن ٻچن جي نگهباني ڇو نٿي ڪري سگهي. انڪري منهنجي دنيا جهان جي نگهباني ڇو نٿي ڪري سگهي، انڪري منهنجي دنيا جهان جي مائرن کي التجا آهي ته پنهنجن ٻارن کي پاڻ تحفظ ڏين. اسڪول، مدرسي، ٽيوشن سينٽر، دڪان يا اوڙي پاڙي ۾ اڪيلو نه موڪلين، جيڪڏهن گهر ۾ ٻي ڪابه پهر نه هجي ته پاڻ پنهنجي ٻارن سان گڏ وڃن. مائرون سوچينديون آهن ته اسين ٻارن جي پٺيان نڪرنداسين ته ماڻهون ڇا چوندا، پر ڪڏهن اوهان اهو سوچيو آهي ته اوهان جي ٻار سان، الله نه ڪري ، ڪجهه غلط ٿئي ته ان جو ازالو ڪير ڪندو؟ انڪري پنهنجي اندر مان ”ماڻهو ڇا چوندا“ جو خوف ڪڍي پنهنجي ٻچڙن جي پاڻ رکوالي ڪريو. جيڪڏهن پاڻ اڏول آهيو ته پوءِ دنيا جي ڪابه طاقت اوهان کي ڇيهو رسائي نٿي سگهي.

سرتيون! فيبروري 2005ع جو شمارو اوهان جي هٿن ۾ آهي . پرچو ڪيئن آهي ان لاءِ پنهنجي قيمتي مشورن سان نوازينديون، هميشه جيان. اوهان جي تنقيدن ۽ صلاحن جي آجيان ڪئي ويندي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com