سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :18

 

حميره وڳڻ                                                      ڊائريءَ جو ورق

محبت

محبت هڪ خوبصورت ۽ مقدس جذبي جو نالو آهي، پر حقيقت هيءَ آهي ته الاهي گهٽ ماڻهو ان جذبي کان آشنا آهن. محبت اها ناهي ته توهان ڪنهن کي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويؤ ۽ ناڪاميءَ کان پوءِ ان کي سڄي زماني ۾ ذليل ۽ رسوا ڪيو. بلڪ محبت ته هي آهي ته توهان ناڪاميءَ کان پوءِ به ان سان خلوص ۽ چاهت سان پيش اچو. يقيناً هيءُ هڪ مشڪل ڪم آهي، پر انهن ماڻهن لاءِ نه جيڪي سٺي سيرت، بلند ڪردار ۽ اعليٰ اخلاق جا مالڪ هوندا آهن، اهي ماڻهو وڏا خوش نصيب هوندا آهن، جيڪي محبت جي بازي کٽي ويندا آهن پر اڪثر نتيجو ناڪاميءَ جي صورت ۾ نڪرندو آهي.

آڪاش، جبل ۽ سمنڊ

جڏهن آڪاش جبلن سان ٽڪرائي واپس موٽندو آهي، ته پهاڙ پنهنجي سچائيءَ تي يقين ڏياريندا آهن. آڪاش جڏهن دل جي درد کي ٻاهر ڪڍندو آهي، ته سڄو سمنڊ آڪاش جي ڏک ۽ درد کي سميٽي وٺندو آهي، جڏهن جبل پنهنجي ڏک جو اظهار ڪندو آهي ته آڪاش ان کي پنھنجي سيني ۾ لڪائي ڇڏيندو آهي ۽ روئي چوندو آهي ته مون کان ڪڏهن جدا نه ٿجانءِ. سمنڊ پنهنجي ڇولين سان آڪاش ۽ جبلن کي مدهوش ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ڪاش! سمنڊ، جبل ۽ آڪاش جي دوستي ائين ئي قائم رهي.

 ***

 

سائرا غلام مصطفيٰ وڳڻ

دوست ڪير آهي؟ دوست ڪنهن کي چئبو آهي؟

دوستي هڪ رشتو آهي، نالو آهي، تعلق آهي، پر اها پڻ حقيقت آهي ته ان رشتي جي گهرائي ۽ اوچائي جون حدون ڪير به مقرر ڪري ماپي نه سگهيو آهي، بس هر ڪنهن ان کي سمجهڻ، سمجهائڻ ۽ سلجهائڻ جي هڪ ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. هونئن به، انسان ڀلي ٻين ڪيترن ئي شين کان سواءِ گذارو ڪري ئي وڃي، پر پنهنجي چوڌاري رهندڙ انسان کان سواءِ رهي نه ٿو سگهي. پر پهرئين اهو ته طئي ٿئي ته دوست چئبو ڪنهن کي آهي؟ دوست اهو آهي، جيڪو ان ويل اوهان وٽ اچي وڃي ٿو. جڏهن سڄي دنيا توهان کي ڇڏي ڏي.

جبران جو فلسفو هي آهي:

”توهان جو دوست اوهان جي ضرورتن جي پورائيءَ جو نالو آهي ته ڇا پوءِ دوست اهو آهي، جيڪو گهمڻ ۾ گڏ هجي کائڻ پيئڻ ۾، اٿڻ ويهڻ ۾ ساڻ هجي ۽ ائين اوهان جو دوست سڏائي.

لطيف سائين ٻڌائي ٿو:

”دوست سڏائي سڀ ڪو جان زباني

آهي آساني ڪم پوي ته ڪل پوي،

حضرت علي رضه اسان کي هيئن سمجهائي ٿو:

”اوهان جا ٽي دوست آهن، اوهان جو دوست، اوهان جي دوست جو دوست، اوهان جي دشمن جو دشمن، ۽ اوهان جا ٽي دشمن آهن. اوهان جو دشمن، اوهان جي دوست جو دشمن ۽ اوهان جي دشمن جو دوست.“

دوست جون وصفون ٿي چڪيون. هاڻي ڏسون ته دوستي ڇا کي ٿو چئجي؟ دوستي ٻن هڪ جيڏن جي وچ ۾ بنا غرض واري ڏيتي ليتيءَ جونالو آهي.

حضرت سليمان رضه فرمائي ٿو:

”ايمانداري واري موٽ ئي سچي دوستيءَ جي نشاني هوندي آهي.“ ڇوته

”دوستي روحن جي شادي آهي.“

تڏهن ته خليل جبران چئي ويو:

”دوستيءَ جو سواءِ روح جي گهاٽي سٻنڌ وڌائڻ جي، ٻيو ڪو به غرض نه هجڻ گهرجي.

پنهنجي دوست کي اهو ڪجهه ڏيو، جيڪو اوهان وٽ سڀ کان بهتر ۽ اعليٰ هجي، نه صرف اهو ۽ ايترو پر....هو جيڪر اوهان جي لهندڙ وير کي ڏسڻ چاهي ٿو ته توهان کيس پنهني چڙهندڙ وير جو به نظارو ڪرايو. الائي ڪٿي مون هيئن به پڙهيو آهي:

”اسان هميشه ۽ هر هنڌ اهو ته پڙهيو آهي ته دشمن کي معاف ڪري ڇڏڻ گهرجي، پر ڪٿي ائين نه پڙهيو اهي ته دوست کي معاف ڪجي.“

دوستي دل جي چوڻ تي ڪئي وڃي يا دماغ جي؟

پر ڳالهه ته اها به آهي ته دوستي ڪئي ويندي آهي يا ٿي ويندي آهي؟

ڪنهن چيو آهي:

”هر طعام ’خاني ۾ مون کي هڪ دوست گڏجي ويندو آهي. ڪنهن ٻئي چيو: دوست ٺاهيان نه ويندا آهن، دوست لڀجي ويندا آهن.“

وفا پليءَ چيو آهي ته:

”وقت وارن جا وار سهنا، پر دوستن جو سلوڪ ماري ٿو.“

۽ امداد حسينيءَ چيو آهي:

”دشمن کي به آزمائي ڏسان،

دوستن کي ته آزمايو آ،“

شاعر وليم بلئڪ ٻڌائي ٿو:

”تنهنجي دوستي منهنجي دل کي ڌڪ رسائي ڏکايو آهي، منهنجو دشمن ٿي، دوستيءَ جي خاطر. وري هڪ پيار جي ڳولا لاءِ هڪ ڀيرو وري وڃائڻ ۽ وري گهاءِ سهڻ لاءِ.“

دوستي تنهنجو ڇا هي نانءُ؟

زندگيءَ جو ساهه يا ڪو گهرو گهاءُ

ڌرتيءَ جو جهولو يا هير جو ڪو جهوٽو

چنڊ جي چانڊوڪي يا تکي سج جو تاءُ

دوستي تنهنجو ڇا هي نانءُ؟

دوستي تون ڇا آهين؟

مرڪ آهين، سُرڪ آهين، يا ڪا جهڻڪ آهين؟

واٽ آهين، ماڳ آهين، يا ڪا رڃ آهين؟

ٽهڪ آهين، لڙڪ آهين، سوال آهين، جواب آهين؟

دوستي تون آخر ڇا آهين؟ دوستي تون ڪٿي آهين؟؟

۽ ائين مان ڳوليندي رهان ٿي، دوست کي، دوستي کي، يا شايد پنهنجو پاڻ کي!

مان دوست / دوستي کي ائين ٿي سمجهان.

اوهان ڪجهه مختلف سمجهندا هوندؤ

***

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com